باب ٻيو
شاديءَ
جي اميد کان شاديءَ جي سامان جي ساراهه تائين ڳيچ
هن باب ۾ (1) شاديءَ جي اميد، (2) گهوٽ کي دعا، (3)
مڱڻي، (4) ٻُڪِي، (5) رنگ لائڻ، (6) ڇَني يا
مَنهن، (7) گهوٽ جي ساراهه، (8) وناهه ۽ (9)
شاديءَ جي سامان جي ساراهه جا ڳيچ شامل آهن. پٽ جي
لائق ٿيڻ تي ان جي پرڻائڻ جي مراد هرهڪ ماءُ توڙي
ان جي ويجهين عزيزياڻين کي ٿيندي آهي. انهيءَ آس
پوري ٿيڻ لاءِ مائرون، ڀينرون ۽ عزيزياڻيون باسون
باسينديون آهن. جڏهن ڪنهن به هنڌ مائٽيءَ جي پڪ
ٿيندي آهي ته ان موقعي تي ڳيچ ڳائينديون آهن. جيئن
ته :
پهرين مراد موليٰ اکين ڏيکاريندو.
—
ڪيان ڪاڄ، ڀلي ڀاڳ، کائي راڄ تنهنجو.
—
هڪڙي اميد الله پڄائي، ٻي به پڄائيندم اڃان،
ٻي به پڄائيندم اڃان، آءٌ لال تي ٿي وڃان.
مائٽيءَ جي پڪ ٿيڻ بعد گهوٽ جي ’پڌري‘ جي مائٽ، زالين مڙسين گڏجي ڄڃ ڪري
مقرر تاريخ جي رات سج لٿي مهل ڪنوار جي گهر ويندا
آهن، جتي کين ڪنواريتا شربت پياريندا آهن. ان
موقعي تي زالون عموماً اهڙا ڳيچ ڳائينديون آهن جن
۾ گهوٽ کي وني ماڻڻ، جواني مائڻ، وڏيءَ ڄمار وارو
ٿيڻ ۽ عيالي اولادي ٿيڻ جون دعائون هونديون آهن،
مثلاً:
منهنجا ملوڪڙا بنا! شال سيج ماڻين،
شال سيج ماڻين، پنهنجي وني آڻين!
—
تنهنجي وڏڙي ڄمار، آهين مور لاڏا!
رب جو اٿئي راضي، ڀلي ٻانهن لوڏ لاڏا!
—
’پڌري‘ جي رسم ادا ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ وري مڱڻي جي
رسم ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ”پوتي وجهڻ“ پڻ چوندا
آهن . مقرر تاريخ تي گهوٽيتن جي طرف جون زالون، سج
لٿي کان اڳ ڄڃ ڪري ڪنواريتن جي گهر وينديون آهن.
اهي گهوٽ طرفان ڪنوار لاءِ وڳو، کير مُنڊي، ۽ موڙو
کڻي وينديون آهن. ڪنوار کي پوتي وجهي سندس نڪ
ٽوپينديون آهن. ڪن هنڌن ڪنوار جو نڪ صبح جو
ٽوپيندا آهن. ان بعد گهوٽيتا ڄڃ ڪري ڪنواريتن ۾
ايندا آهن. ڪنواريتن طرفان گهوٽ کي ’ملير‘ يا
’لونگي‘ ڪلهن ۾ وجهي، کيس ’موڙو‘ ڏيندا آهن. پوءِ
سموريءَ ڄڃ کي کير پيارين. انهيءَ رسم هلندي
ڪنواريتن جون زالون، گهوٽيتن کي رڱ هڻنديون آهن.
انهيءَ سموريءَ رسم جي هلندي زالون انهيءَ موقعي
جا ڳيچ ڳائينديون آهن، جيئن ته:
ٻانڌڻ ٻڌائيندو، سي تان ٽِلائيندو، ٻانارو گهر آيو.
—
کاڏي جي مليرڙي لائي ملهار، لاڏو پاڻ للهنگ.
—
ڪيسر ڀنڙس پاند، لاڏو انهيءَ ويل ڪوڏيو
مڱڻي بعد شاديءَ جو ڏينهن ٻڌبو آهي، جنهن
کي ’ڏينهن ٻڌڻ‘ يا ’ڏينهن چٽو ڪرڻ‘چوندا آهن.
شاديءَ کان عام طرح ستن ڏينهن کان اڳ ’ٻُڪي وجهڻ
جي رسم ٿيندي آهي. ڪن هنڌن اها رسم شاديءَ کان
ايڪيهه، پنڌرهن، ست، پنج يا ٽي ڏينهن اڳ ٿئي.
انهيءَ رسم ۾ گهوٽيتن جون ست سهاڳڻيون گڏجي
’نِنگهه’ جي چوڦير راڳو ڏيئي ننگهه تي ’داءَ‘ جا
ست ليڪا ڪڍنديون آهن. ان بعد ننگهه ۾ پنج پاٽيون
ڪورن چانورن جون، ۽ ست ٻٽا (= جوڙا، يعني 14)
کارڪون وجهي، چِٽيل مُهرين سان چانور ڇڙينديون
وينديون آهن ۽ کارڪون چونڊينديون وينديون آهن. يا
وري گهوٽ جي گهر واري جنڊ ۾ ست سهاڳڻيون، چانورن
جون ست ٻُڪيون وجهي جنڊ کي چار سبتا ۽ ٽي ابتا ڦير
ڏيئي اٿنديون آهن. انهيءَ سموري وقت ۾ اُهي ساٺ جا
ڳيا ۽ ڳيچ ڳائينديون رهنديون آهن. هر هڪ موقعي جي
لاءِ جدا جدا ساٺ جا ڳيا مقرر ٿيل هوندا آهن.
چانورن ڇڙڻ جي ساٺ جو ڳيو هيءُ آهي:
چانور ڇڙيو، هئي هئي جهمڙي،
چوکا ڇڙيو، هئي هئي جهمڙي،
لاڏو ڦلڙن، هئي هئي جهمڙي.
مُهري ۽ مانڌاڻي جو ساٺ جوڳيو:
ڳاڙهي ڦرهي، مُهري چُمي،
ڳاڙهي ڦرهي، مانڌاڻي چُمي.
جنڊ جو ساٺ جوڳيو:
جنڊ ٻُڪي، جنڊ ٻڪي، سا پائي،
جنڊ جُتا، ڪيئن ڀتا،
گهوٽ ڪنوار سهسين سکيا(1).
انهيءَ رسم جي ادائگي وارن ڏينهن ۾ زالون هن قسم جا ڳيچ
ڳائينديون آهن:
ٻُڪي لاڏُلَ جي سهج مان پئي آهه،
منهنجا وڻجارا لاڏلا! شل ماڻيندين مومل.
’ٻُڪي‘ جي رسم ادا ڪندي گهوٽ جون عزيزياڻيون هڪٻئي کي رنگ
هڻنديون آهن. ڪنواريتا پڻ گهوٽيتن کي انهيءَ مهل
رنگ هڻندا آهن، جڏهن گهوٽ جون ڄاڃياڻيون ڪن وار جي
گهر ۾ ڄڃ ڪري گهڙنديون آهن. انهيءَ موقعي تي زالون
هن قسم جا ڳيچ ڳائينديون آهن:
اَلـــبيلا بَــــنا، رنــگ لايـــان بـــنا!
تــــنهنجي شــاديءَ ۾ شهزادا بنا!
شاديءَ جي موقعي تي ڄاڃين لاءِ توڙي ڀَت ۽ ڪاڄ لاءِ
گهوٽيتا ڇنو اڏيندا آهن. زالون ڇني اڏجڻ وقت يا ڄڃ
جي ڇني ۾ اچڻ وقت هن قسم جا ڳيچ ڳائينديون آهن:
تنهنجي ڇني ۾ ڇمڪار، لاڏا! پُنيون اٿئي مرادون.
ڇني اڏجڻ وقت جا ’ساٺ جاڳيا‘ جي سوڻ طور زالون
وري وري ڳائينديون آهن، سي هن طرح جا هوندا آهن:
ڇني ڇٽيهه ٿوڻيون، ٻٽيهه ڏيا ٻرن،
ادل ڙي گلڻ گهوٽ! سالڙيون هنڌ وهاڻا گهرن.
—
پکڙو پيرن اڏڙيو، پکڙي ٻِيلي الله،
پکڙو پيرن اڏڙيو، پکڙي تي مينهن وسي،
نئين سيج لاڏل، گلڻ گهوٽ! چڙهه گهوڙي.
شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، گهوٽ جون
عزيزياڻيون رات جو گهوٽ جي گهر ۾ گڏجي خوشيءَ جا
ڳيچ ڳاينديون آهن، جن ۾ اڪثر گهوٽ جي سُونهن، شان
مان، شاهوڪاري، چڱن لڇڻن وغيره جي ساراهه هوندي
آهي. مثلاً:
الله وڌايو شان ڀائن جو، مرشد رکايو مان ڀائن جو،
—
هلڻ تنهنجو حاڪماڻو، گهمڻ تنهنجو حاڪماڻو.
—
لکي لاڏا! او بنا! سهڻا تنهنجا وار.
—
مور ٽلندو اچي، سون ۾ ترندو اچي.
ڪنوار کي ’وناهه‘ يا ’ونواهه‘ ۾ ويهارڻ لاءِ
گهوٽيتاڻيون ڄڃ ڪري، وناهه جو سامان کڻي ڪنواريتن
ڏانهن وينديون آهن. سامان ۾ مکڻ يا گيهه، سوجي،
مصري، حلوو وغيره هوندو آهي، جو هڪڙي کاري ۾ وجهي
کڻنديون آهن. کاري ۾ پيل انهيءَ سامان کي ’وناهه‘
چوندا آهن. وناهه ۾ ’اکيو‘ به شامل هوندو آهي، جو
ڪنوار کي شاديءَ تائين اکين تي ٻڌبو آهي. اکيي ٻڌڻ
جي رسم وقت ’ساٺ جا ڳيا‘ چونديون رهنديون آهن، سي
هي آهن:
انـــدر ڪــــٽورن ۾ ٻـــار، ونـا!
وٽيءَ ۾ سر کــنڊ، موچارا وناٰ!
جهجهو جيئين لاڏلي! تون اکيون ٻڌڻ ڏي.
—
اکيو اکيو نه ڪريو، اکيي ۾ لال ڪنوار،
سؤ ڏيئي روڪڙو، اچي ڏسو جيڏل ڪنوار.
—
نِيرڙي ٻڌ ٻاٻڙي، چنڊ جُهلندو پيو اچي،
عقلدار لاڏلو، سڀن ملوڪ سانولو،
مون ته لڏڻ ۾ سڃاتو، مون ته لاڏل سيج تي سڃاتو.
ڪنواريتن ۾ وناهه کانپوءِ شاديءَ تائين رسم ٿيندي آهي ته روزانو
سج لٿي مهل ست سهاڳڻيون گڏجي ڪنوار کي ماکي ۽ مکڻ
چٽائي سندس مينڍا کولي پوءِ جنهن ڪوٺيءَ ۾ ڪنوار
وناهه ۾ ويٺل هوندي آهي، ان جي دروازي جي چانئٺ کي
جهلي، هيٺيون سانجهيءَ جوڳيو چونديون آهن:
”سانجهي“، سانجهيءَ ساجهر ڏجي،
ڌيءَ وناهين ويٺي جتي.
جنهن گهر سانجهڙو، سو گهر وسي،
آءُ لڇمڻي! تون ٻهه تتي،
سون دٻلڙو جوٽ ڌرجي.
ماءُ پيءُ سندڙو چيو ڪجي،
سس سهري جي شيوا ڪجي،
ڀيڻ ڀاڻيجيءَ کي جوڙو ڏجي،
ٻهاري سُهاري ڪنڊن ڌرجي،
اکُري مهري نه اورانگهجي،
وَرت وَهندڙي نه اورانگهجي،
تَتَڙو گِيهڙو ڪين تورجي،
پيرسينءَ پينگهڙو ڪين لوڏجي،
سُتڙُ ڪُتڙو نه جاڳائجي،
سانگي صرفي سان هلجي.
”سانجهي ڳيو“ چوڻ کان پوءِ زالون اميد جا پنج يا ست ڳيچ چئي ختم
ڪنديون آهن. ڪن ڪن هنڌن ’سانجهي‘ يا ’سانجهڙيءَ‘
سان گڏ ’سونهون‘ به چون:
پاريڙو جوڀن هيلون ڏي،
سُونهي کهنبن ساڻ ڪنوار،
سُونهي ٻانڌڻن سان ڪنوار،
سونهي تارن ۾ جن چنڊ،
سونهي تارن ڀرڙي رات،
سونهن ريل ويندڙا ڄاڃي،
سونهي ڌيءَ ڪُلهي ٻانهين،
سونهي واهڻ ڪلهي تي ڪانهين،
سونهي پار وهندڙ جي پاڻي،
سونهي مينهن ۾ جيئن سان،
سونهن ڳوين ۾ جيئن ڳوڌو،
سونهي هاري، هرسين جُتڙو.
گهوٽيتن ۾ وري اهو سمورو وقت، ويندي شاديءَ رات تائين، شاديءَ
جي سامان جي ساراهه ۽ شاديءَ جي تياريءَ جا ڳيچ
چونديون آهن. شاديءَ جي سامان ۾ خاص طرح ڳهن،
ڪپڙن، مساڳ، ميندي ۽ سواري جي تعريف جا ڳيچ
ڳائينديون آهن. مثلاً:
واهه ڙي سونارا! دهري جا تو گهڙي آهه.
—
بــنگلـــي جـــي در تي درزي ويهاري ڏي،
ڀائڙل جي آهي شادي، ڪپڙا سبائي ڏي.
—
سچي بلور سان، بجلي ٻارائي ڏيو.
—
هن باب ۾ مٿين سڀني عنوانن بابت ڪي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
لوو وغيره هوندو آهي. حل
1. شاديءَ جي اميد جا ڳيچ
[1][1]
وراڻي: الله! تنهنجي آسري، ڪيم شاديءَ جو سعيو،
موليٰ! سڪين تي، ڪر وهر جو ويلو.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
الله! تنهنجي آسري، ڪيم شاديءَ جو سعيو.
ڏند اَدل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
الله! تنهنجي آسري، ڪيم شاديءَ جو سعيو.
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
الله! تنهنجي آسري، ڪيم شاديءَ جو سعيو.
[2][2]
وراڻي: دهل گهرائي مان ناچونچايان، اَدل جي ويڙهيل ۾ مان ڳيچ ڳايان.
لڏ لاڏيءَ بينسر سونهندي، موتين جوڙ بنايان-
ادل جي ويڙهل ۾ مان ڳيچ ڳايان…
لڏڻ لاڏيءَ جي دهري سونهندي، پوءِ ڪيئن نه خوشيء ملهايا-
ادل جي ويڙهل ۾ مان ڳيچ ڳايان…
[3][3]
وراڻي: اها مٺي مراد مان اکين ڏسان، اها ٻچن جي مراد مان نيڻن ڏسان،
دلاسو دل کي الله ڏيندو، آسرو من کي موليٰ جو
ڏيندو.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو-
واهه واهه! مٺي مراد اکين ڏسان…
ڏند اَدل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
واهه واهه! مٺي مراد اکين ڏسان…
هٿ اَدل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
واهه! مٺي مراد اکين ڏسان…
[4][4]
وراڻي: سردار سچو غم لاهيندو، محبوب مٺو لاهيندو،
تنهنجي شاديءَ ۾ الله راضي هوندو.
تنهنجي بينسر جو مُلهه باري هو-
سردار سچو غم لاهيندو…
تنهنجي ڪنگڻ جو ملهه باري هو-
سردار سچو غم لاهيندو.…
[5][5]
وراڻي: مونکي آهي شوق پٽڙو پرڻايان.
دُهري آيل جي لاڙان آڻايان-
مونکي آهي شوق پٽڙو پرڻايان.
سهڻي سٻاجهي نُنهن آڻايان-
مونکي آهي شوق پٽڙو پرڻايان.
کلندو ڏسان مان، جوان جماڻ-
مونکي آهي شوق پٽڙو پرڻايان.
[6][6]
وراڻي: پهرين مراد موليٰ اکيين ڏيکاريندو،
دليئون دلاسو، الله مونکي ڏيندو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
پهرين مراد موليٰ اکيين ڏيکاريندو.
ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
پهرين مراد موليٰ اکيين ڏيکاريندو.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
پهرين مراد موليٰ اکيين ڏيکاريندو.
[7][7]
وراڻي: آهي خالق خدا، آهي مالڪ اسان جو،
آهي سوال تنهن کي، ڪندو صاب اُميدون؛
ڪندو صاب اُميدون، جن جون باسيم باسون.
دهري لاڏل جي گهڙائي آندم لاڙئون-
آهي خالق خدا، آهي مالڪ اسان جو.
وينڊو ادل جو گهڙائي آندم لاڙئون-
آهي خالق خدا، آهي مالڪ اسان جو.
ڇير ادل جي گهڙائي آندم لاڙئون-
آهي خالق خدا، آهي مالڪ اسان جو.
[8][8]
وراڻي: ڪيان ڪاڄ، ڀلي ڀاڳ، کائي راڄ تنهنجو،
کائي راڄ تنهنجو، وڏو ڀاڳ تنهنجو.
بينسر اَبل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڪيان ڪاڄ، ڀلي ڀاڳ، کائي راڄ تنهنجو.
دُهري اَدل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڪيان ڪاڄ، ڀلي ڀاڳ، کائي راڄ تنهنجو.
جهالر اَبل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڪيان ڪاڄ، ڀلي ڀاڳ، کائي راڄ تنهنجو.
[9][9]
وراڻي: کنڊو کير پيارين، مٺا مير موليٰ
پوريون اُميدون ڪندين، مٺا مير مولي!
خاصي بينسر گهڙائي ڏي، مير موليٰ،
اچي ويهه مون وٽ جلويدار موليٰ،
کنڊون کير پيارين، ميٺا مير موليٰ!
خاصي دهري ته گهڙائي ڏي، مير موليٰ!
اچي رهه مون وٽ جلويدار موليٰ-
کنڊون کير پيارين، مٺا مير موليٰ!
خاصي هسي گهڙائي ڏي، مير موليٰ،
اچي رهه مون وٽ جلويدار موليٰ!
کنڊو کير پيارين، مٺا مير موليٰ!
[10][10]
وراڻي: باسيم باسون، ڏينديسن سکائون، اي گهوٽ! باسون باسيم پير تي.
منهن سهڻل! تنهنجي موڙ جي سهڻا، موتين جوڙ بنايو-
اي گهوٽ! باسون باسيم پير تي…
اکيون اَدل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو-
اي گهوٽ! باسون باسيم پير تي…
ڏند لاڏل! تنهنجا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو-
اي گهوٽ! باسون باسيم پير تي…
[11][11]
وراڻي: آءٌ ٺري آهيان، شل اميدون ڏسان،
آءٌ خوش آهيان، اِهي اُميدون ڏسان.
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان، آءٌ عيد ملهايان -
آءٌ اَڏي آهيان، شل اُميدون ڏسان.
دهري ته لاڏل جي لاڙئون آڻايان، آءٌ خوشي ملهايان-
آءٌ اَڏي آهيان، شل اُميدون ڏسان.
[12][12]
وراڻي: سنهڙي سينڌ ڪنوار، محلي مومل آڻ،
لوڏي لاڏ منجهان، لاڏل ٻانهن وراءِ.
بينسر گهڙائيندم سَوَ جي، الا! سهڻا! مهري چڙهيو آءُ-
لوڏي لاڏ منجهان، لاڏل ٻانهن وراءِ…
دهري گهڙائيندم سَوَ جي، الا! سهڻا! گهوڙي چڙهيو آءُ-
لوڏي لاڏ منجهان، لاڏل ٻانهن وراءِ…
ٻانهين گهڙائيندم سَوَ جي، الا! ادل! مهري چڙهيو آءُ-
لوڏي لاڏ منجهان، لاڏل ٻانهن وراءِ…
[13][13]
وراڻي: منهنجو سوڍل، ٻانهن لوڏيندو، مومل ماڻيندو،
مومل ماڻيندو، جيڏل آڻيندو.
چڱي بينسر جوڙائيندو، لاڏو مومل ماڻيندو-
مومل ماڻيندو، جيڏل آڻيندو.
چڱي دهري جوڙائيندو، لاڏو مومل ماڻيندو-
مومل ماڻيندو، جيڏل آڻيندو.
چڱي ٻانهين جوڙائيندو، لاڏو مومل ماڻيندو-
مومل ماڻيندو، جيڏل آڻيندو.
[14][14]
وراڻي: منهنجي اَدل کي شوق شاديءَ جو،
اديون! ڏيو مبارڪ، وني ماڻي ايندو.
بينسر بني جي سوا تولو، هيرو تنهن تي چڙهندو-
اديون! ڏيو مبارڪ، وني ماڻي ايندو…
جهالر بني جي سوا تولو، هيرو تنهن تي چڙهندو-
اديون! ڏيو مبارڪ، وني ماڻي ايندو…
ڪنگڻ بني جو سوا تولو، هيرو تنهن تي چڙهندو-
اديون! ڏيو مبارڪ، وني ماڻي ايندو…
[15][15]
وراڻي: ادل گهوڙيءَ چڙهندو، مومل ماڻي ورندو،
مومل ماڻي ورندو، سهڻو راڄ سڏائي،
سهڻو راڄ سڏائي، رُٺا ڀائر گُهرائي.
بينسر ادل جي مان لاڙئون گهڙايان-
ادل گهوڙي چڙهندو، مومل ماڻي ورندو…
دهري لاڏل جي مان لاڙئون گهڙايان-
ادل گهوڙيءَ چڙهندو، مومل ماڻي ورندو…
وينڊو سهڻل جو مان لاڙئون گهڙايان-
ادل گهوڙيءَ چڙهندو، مومل ماڻي ورندو…
[16][16]
وراڻي: ادل ايندم مان ڪانگ اُڏايان، ادل لهندم لائون، مان ڪيان شڪرانا.
سر ادل جي سونا سهرا، موتين سدا رنگ لايا-
ادل لهندم لائون، مان ڪيان شڪرانا.
اکيون اَدل جون ٻن مشعالا، ڪجل سدا رنگ لايا-
ادل لهندم لائون، مان ڪيان شڪرانا.
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن سدا رنگ لايا-
ادل لهندم لائون، مان ڪيان شڪرانا.
[17][17]
وراڻي: ادل ساهرن ۾، نئون نينهن لائيندو،
دل جا پيچ پائيندو، پڳ جا وَرَ ورائيندو.
بينسر ادل جي، لاڙئون آڻايان-
ادل ساهرن ۾، نئون نينهن لائيندو.
دهري ادل جي، لاڙئون آڻايان-
ادل ساهرن ۾، نئون نينهن لائيندو.
ٻانهين ادل جي، لاڙئون آڻايان-
ادل ساهرن ۾، نئون نينهن لائيندو.
[18][18]
وراڻي: هڪ جيڏي آڻيندو، ادل گهوٽ ٿيندو،
پنهنجي وني ماڻيندو، ڀايڙو گهوٽ ٿيندو،
ادل ويس پائيندو، بابس نوٽ گهوريندو.
سوني بينسر گهڙائي ادل گهوٽ ٿيندو، ڀاڻس نوٽ گهوريندو..
سوني دهري گهڙائي لاڏو گهوٽ ٿيندو، چاچس نوٽ
گهوريندو…
سونيون چوڙيون گهڙائي ادل گهوٽ ٿيندو، مامس نوٽ
گهوريندو…
[19][19]
وراڻي: ڪر شادي، مُنج ماڻهو، مان به شال اچان!
مان به شال اچان، ويڙهي شال وسان!
بينسر حيدرآباد جي مان پايو شال اچان!
ڪر شادي، منج ماڻهو، مان به شال اچان…
دهري ننگر جي مان پايو شال اچان!
ڪر شادي، منج ماڻهو، مان به شال اچان…
[20][20]
وراڻي: رسيلڙا! واهه واهه، مرادان ماڻي بنا! شال سيج ماڻي!
هٿ بني دي ميندي رتڙي، ڳاني سدا رنگ لايا…
اکيان بني ڪجل دي ڪاني، ڪانين سدا رنگ لايا…
سر سوڍل دي سوني سهري، موتين سدا رنگ لايا…
[21][21]
وراڻي: ديري وجهندياس کٽ، ڏسان تنهنجي سس،
ديري وجهندياس کٽ، مومل مونکي ڏس،
ادل تنهنجو ديرو ڳوٺ وڏيرو، لاڏل تنهنجو جايون الله وسايو.
ديري وجهندياس کٽ، ڏسان تنهنجي سس.
2. گهوٽ کي دعائن جا ڳيچ
[22][22]
وراڻي: بنگلو سهڻل تنهنجو بلوري رنگ تي، عجب جهڙي محلات،
وسئي رحمت ربّ جي، ڀلي مٿئون برسات!
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل رنگ لايو، الا!
وسئي رحمت ربّ جي، ڀلي مٿئون برسات!
ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ رنگ لايو، الا!
وسئي رحمت ربّ جي، ڀلي مٿئون برسات!
|