[27]
[1]
وراڻي: هيءَ مهل لاڏل اچڻ جي، آءٌ ساهه ڪريان صدقو،
آءٌ جيءُ ڪريان صدقو، آءٌ سر ڪريان صدقو.
وينڊي ديرمَ لاءِ، سونارل! وينڊي ديرمَ لاءِ-
هيءَ مهل لاڏل اچڻ جي، آءٌ ساهه ڪريان صدقو.
دهريءَ ديرمَ لاءِ، سونارل! دهريءَ ديرمَ لاءِ-
هيءَ مهل لاڏل اچڻ جي، آءٌ ساهه ڪريان صدقو.
ڪٺمال ديرمَ لاءِ، سونارل! ڪٺمال ديرمَ لاءِ-
هيءَ مهل لاڏل اچڻ جي، آءٌ ساهه ڪريان صدقو.
[28]
وراڻي: منهنجي ادل مٿان مهر وسندي اچي،
مهر وسندي اچي، ماءُ ٺرندي اچي.
واڄو وڄندو اچي، ناچو نچندو اچي-
منهنجي ادل مٿان مهر وسندي اچي.
هيٺ ادل جي هرڻا جو مهري، ڪوڏ مجهارئون ڪڏندو اچي،
منهنجي ادل مٿان مهر وسندي اچي.
هيٺ ادل جي ابلق گهوڙو، ناز منجهارئون نچندو اچي-
منهنجي ادل مٿان مهر وسندي اچي.
[29]
وراڻي: هلڻ تنهنجو حاڪماڻو، گهمڻ تنهنجو صاحباڻو،
دل جو پيارو مورڙو ٽلندو اچي، سون ۾ ترندو اچي،
عطر ۾ وهنجندو اچي، تون ته منهنجو ساهه سيباڻو.
عــــاج جـــــــــو چـــــوڙو ڪـــــــــــين پائـــينديــــس،
هو روپي تي تڪرار، هو سوني تي تڪرار-
تون ته منهنجو ساهه سيباڻو…
موتين واريون چِڪون ڪين پائينديس،
هو رُوپين تي تڪرار، هو سونين تي تڪرار-
تون ته منهنجو ساهه سيباڻو…
يا قوتن وارا درڙا ڪين پائينديس،
هو روپن تي تڪرار، هو سونن تي تڪرار-
تون ته منهنجو ساهه سيباڻو…
[30]
[2]
وراڻي: ساري جماعت سان، منهنجو مور ٽلندو اچي.
جماعت ٽيهه روزا رکي، پڙهي پنج وقت نماز-
ساري جماعت سان، منهنجو مور ٽلندو اچي.
ڏاج مليو هو رسول کي، قرآن جو بياض-
ساري جماعت سان، منهنجو مور ٽلندو اچي.
الله ٻيڙا منهنجا اڻئين، سيوهڻ ۾ شهباز-
ساري جماعت سان، منهنجو مور ٽلندو اچي.
[31]
وراڻي: ٽيهه روزا، پنج وقت نماز، جيڏيون! خان پڙهندو اچي،
ساري جماعت ساڻ، ادل گهوٽ کلندو اچي.
سوني بينسر گهڙائي، ادل گهوٽ کلندو اچي-
ساري جماعت ساڻ، ادل گهوٽ کلندو اچي…
سوني دهري گهڙائي، منهنجو مور کلندو اچي-
ساري جماعت ساڻ، ادل گهوٽ کلندو اچي…
سونا ٻيڙا گهڙائي، لاڏو بنو کلندو اچي-
ساري جماعت ساڻ، ادل گهوٽ کلندو اچي…
[32]
[3]
وراڻي: لاڏو دهلن جي دس سين آيو، لاڏو گهوڙن جي گس سين آيو،
لاڏو شرناين جي شان سين آيو، لاڏو الله اڏيو.
لاڏو ڀائرن جي ڀرسين آيو-
لاڏو سيالن جي ٿوري سين آيو، لاڏو الله اڏيو…
هن لاڏي کي، ڳوري ڳل لايو-
اسان جي گهوٽ کي، ڀائرن پرڻايو، لاڏو الله اڏيو…
هن لاڏي جو ڀاڳ سوايو-
قسمت پنهنجن ساڻ ملايو، لاڏو الله اڏيو…
[33]
[4]
وراڻي: تارن جي چانڊاڻ، ڇَٽڙو جُهلايو،
ابل وڏڙي ويلي آيو، ٿڌڙي ويلي آيو.
وڏڙي ويلي آيو، ماءُ سهاڳڻ ڄائو،
وڏڙي ويلي آيو، پيءُ لکي پرڻايو-
تارن جي چانڊاڻ، ڇَٽڙو جُهلايو.
وڏڙي ويلي آيو، پيرن جوڙيو،
وڏڙي ويلي آيو، الله نوازيو-
تارن جي چانڊاڻ، ڇَٽڙو جُهلايو.
وڏڙي ويلي آيو، ساٿ سيّد جو،
وڏڙي ويلي آيو، مڙين ڀَر ملوڪڙو-
تارن جي چانڊاڻ،ڇَٽڙو جُهلايو.
[34]
وراڻي: آيو ته جيجل! آيو، جُهڙ ڀلين ڀائين لايو،
تنهنجي سمنڊ واڳون پٽ جون – رهه باغ ۾ بنا!
تنهنجي نيلڙي واڳون پٽ جون، تنهنجي سنجن جهرمر لايو-
تنهنجي سمنڊ واڳون پٽ جون، رهه باغ ۾ بنا…
تنهنجي سر تي سونا سهرا، جن جي موتين جهرمر لايو-
تنهنجي سمنڊ واڳون پٽ جون، رهه باغ ۾ بنا…
تنهنجي دهلن جا ڌڌڪار، تنهنجي ڄاڃين مَنهَڙو مچايو-
تنهنجي سمنڊ واڳون پٽ جون، رهه باغ ۾ بنا…
[35]
[5]
وراڻي: سهڻو سيّد آيو، نينهڙو نماز سان لايو،
گهوٽ گهمي گهر آيو، قرب قرآن سان لايو
بينسر گهڙائج سهڻي – سهڻو سّد آيو، نينهڙو نماز سان لايو.
دهڙي گهڙائج سهڻي – سهڻو سّد آيو، نينهڙو نماز سان
لايو.
ٻانهين گهڙائج سهڻي – سهڻو سّد آيو، نينهڙو نماز
سان لايو.
[36]
وراڻي: ساٿ ڀري سيّد آيو، موڙ ٻڌي ميندڙي لايو،
گهوٽ گهمي گهر آيو.
بينسر جوڙائج نهري – ساٿ ڀري سيّد آيو،
موڙ ٻڌي ميندڙي لايو، گهوٽ گهمي گهر آيو.
دهري جوڙائج نهري – ساٿ ڀري سيّد آيو،
موڙ ٻڌي ميندڙي لايو، گهوٽ گهمي گهر آيو.
مالها جوڙائج نهري – ساٿ ڀري سيّد آيو،
موڙ ٻڌي ميندڙي لايو، گهوٽ گهمي گهر آيو.
[37]
وراڻي: لاڏ لاڏيءَ لاءِ بنگلي ۾ آيو، جڙيل وَنِيءَ لاءِ ماڙي آيو.
نٿ ته لاڏل جي ڪوڏئون جوڙايان، اسر جي ويلي، پرهه
جي ويلي-
لاڏو لاڏيءَ لاءِ بنگلي ۾
آيو.
دهري جڙيل جي سهجئون ٺهرايان، اسر جي ويلي، پرهه جي ويلي-
لاڏو لاڏيءَ لاءِ بنگلي ۾
آيو.
تائيٿ بني جا قربئون گهڙايان، اسر جي ويلي، پرهه جي ويلي-
لاڏو لاڏيءَ لاءِ بنگلي ۾
آيو.
[38]
[6]
وراڻي: هي ديندار لاڏو، مَر جُهلندو اچي،
پاڻ پڙهيو، عقلدار لاڏو، مَر جُهلندو اچي.
سدا ٺريس ماءُ، ڀلي ٺريس ڀيڻ، مر جهلندو اچي…
الله ڏنيس سوڀ، نبيءَ جي اوٽ، مر جهلندو اچي…
ڀائر اٿس ڀيڙا، سنگتي سڀئي ساٿي، مر جهلندو اچي…
[39]
وراڻي: مور ته آيو، ڍول ته آيو، مور ته رانيو، ڍول تيه رانيو،
مورڙي آئي، سڀ سڻايون.
مور ته آيو، جهولندو، آيو پير پير ۾ پائيندو آيو-
مورڙي آئي، سڀ سڻايون.
مور ته آيو، ورڪندو آيو، جهيڻي جهيڻي جرڪندو آيو-
مورڙي آئي، سڀ سڻايون.
[40]
وراڻي: پِير جا مريد! توکي الله کڻي آندو،
هِتي لام ليليٰ، هُتي ميم مجنون، توکي الله
کڻي آندو.
گهوٽل! گهوڙي چڙهه تون، هوريان هوريان هل تون-
پير جا مريد! توکي الله کڻي
آندو.
لاڏا ونڙي وٺي تون، پنهنجي گهر ور تون-
پير جا مريد! توکي الله کڻي
آندو.
[41]
[7]
وراڻي: لاڏل آيو ڙي! الله ملايو، لوڏي لونگيءَ پاند.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتي جوڙ بنايو-
لاڏل آيو ڙي، الله ملايو.
اکيون لاڏل جن ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
لاڏل آيو ڙي، الله ملايو.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڇلڙن جوڙ بنايو-
لاڏل آيو ڙي، الله ملايو.
[42]
وراڻي: گلن ڦلن جو وزن ورهايو، گهوت ڀلي آيو.
سرتيون! سهرا ڳايو، سيج وڇايو-
گلن ڦلن جو وزن ورهايو، گهوٽ ڀلي آيو.
ڀينرون ! ساٺ سنڀايو، ميندڙي لايو-
گلن ڦلن جو وزن ورهايو، گهوٽ ڀلي آيو.
[43]
وراڻي: سيڻن جي ڪوٽ جو ڪڙو لاهيو، ڀينر! ڪڙو لاهيو،
آهي حاڪمزادو، خبردار لاڏو.
بينسر گهڙايم لک جي، جنهن جي هيرن پاڻ ملهايو-
سيڻن جي ڪوٽ جو ڪڙو لاهيو، ڀينر ڪڙو لاهيو.
دهري گهڙايم لک جي، جنهن جي پتلي پاڻ ملهايو-
سيڻن جي ڪوٽ جو ڪڙو لاهيو، ڀينر ڪڙو لاهيو.
وينڊو گهڙايم لک جي، جنهن جي لعلن پاڻ ملهايو-
سيڻن جي ڪوٽ جو ڪڙو لاهيو، ڀينر ڪڙو لاهيو.
[44]
[8]
وراڻي: هڪوار هليو آءُ منهنجي اڱڻ تي،
سردار هليو آءُ منهنجي اڱڻ تي،
منهنجي اڱڻ تي، دل جي ٺرن تي.
اکيون تنهنجون سهڻيون، ڪجل توکي ٺهندو،
گهوري وڃان، مان صدقي وڃان-
سردار! هليو آءُ منهنجي اچڻ تي…
چپ ته تنهنجا سهڻا، سُرخي توکي ٺهندي،
گهوري وڃان، مان صدقي وڃان-
سردار! هليو آءُ منهنجي اڱڻ تي…
هٿڙا سندءِ سهڻا، ميندي توکي لڳندي،
گهوري وڃان، مان صدقي وڃان-
سردار! هليو آءُ منهنجي اڱڻ تي…
[45]
[9]
وراڻي: آءُ منهنجي حاڪم بنا! آءُ منهنجا راڻل بنا!
ماءُ لاڏي جي ويلان واريندي، ويلن رنگ لايو- هجئي ڀاڳ سوايو-
آءُ منهنجا حاڪم بنا! آءُ منهنجا راڻل بنا!
سر لاڏل جي سونا سهرا، سهري رنگ لايو- هجئي ڀاڳ سوايو-
آءُ منهنجا حاڪم بنا! آءُ منهنجا راڻل بنا!
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، مينديءَ رنگ لايو- هجئي ڀاڳ سوايو-
آءُ منهنجا حاڪم بنا! آءُ منهنجا راڻل
بنا!
[46]
وراڻي: آءُ منهنجا دلبند! صدقي، کير ورهائينديس اڄ،
آءُ منهنجا دلبند! صدقي، ويلهون ڏيندس اڄ
پڳ راڻل جي سنهڙي سهڻي، طري لايس ڌڄ،
آءُ منهنجا دلبند! صدقي، ويلهون ڏيندس اڄ…
سٿڻ لاڏل جي نَوَ نَوَ بالا، اڳٺ لايس ڌڄ،
آءُ منهنجا دلبند! صدقي، ويلهون ڏينديس اڄ.
پهراڻ بني جو پَٽَ جو آهي، ڪاجن لاس ڌڄ،
آءُ منهنجا دلبند! صدقي، ويلهون ڏيندس اڄ…
[47]
[10]
وراڻي: آءُ لاڏا علم ڪڪوريا! ڦرندڙ موتين ڇَٽ،
آءُ منهنجا نبي نوازيا! جيئن تارن ۾ چنڊ.
بينسر گهڙائج نهري-
آءُ لاڏا علم ڪڪوريا! ڦرندڙ موتين ڇَٽ.
دهري گهڙائج نهري-
آءُ لاڏا عل ڪڪوريا! ڦرندڙ موتين ڇَٽ.
ٻانهين گهڙائج نهري-
آءُ لاڏا علم ڪڪوريا! ڦرندڙ موتين ڇَٽ.
[48]
وراڻي: ادل! هوريان هوريان آءُ، منهنجي دل جا گُل کُلندا،
گل باغن ۾ کُلندا، گل ماڙين ۾ ٽِڙندا.
سوني بينسر ته گهڙائي آءُ، سا وَنُل کي پاءِ-
منهنجي جا دل گل کلندا، گل ماڙين ۾ ٽِڙندا…
سوني دهري ته گهڙائي آءُ، سا ونل کي پاءِ-
منهنجي دل جا گل کُلندا، گل ماڙين ۾ ٽِڙندا…
سوني ٻانهين ته گهڙائي آءُ، سا ونل کي پاءِ-
منهنجي دل جا گل کلندا، گل ماڙين ۾ ٽِڙندا…
[49]
وراڻي: ڀائن جي تون جوڙ سان آءُ! سوڍن جي تون جوڙ سان آءُ!
جوڙ سو ادل تنهنجي ذات کي، سنباهيو ٿو لاڏو اچي-
ڀائن جي تون جوڙ سان آءُ! سوڍن جي تون جوڙ سان
آءُ!
اٿس جهجهي اميد ماڻس من ۾، رڙهي مهل ميڙ اچي-
ڀائن جي تون جوڙ سان آءُ! سوڍن جي تون جوڙ سان
آءُ!
[50]
[11]
وراڻي: اکيون ڏسڻ سان سِڪڙي لهنديم، کولي ڪرايو ديدار.
عرشئون لٿڙس نُوراني وڳو، ڀائڙو پائي ٿيم تيار-
اکين ڏسڻ سان سهڪڙي لهنديم، کولي ڪرايو ديدار.
عرشئون لٿڙس نُوراني ميندي، ڀائڙو لائي ٿيم تيار-
اکين ڏسڻ سان سڪڙي لهنديم، کولي ڪرايو ديدار.
عرشئون لٿڙس نُوراني گهوڙو، ڀائڙو چڙهي ٿيم تيار-
اکين ڏسڻ سان سڪڙي لهنديم، کولي ڪرايو ديدار.
[51]
وراڻي: ٿڌي هير ٿَر جي، مٿس بوند بَرَ جي،
ور ته مومل جو، ور ته وينگس جو، مون ڏٺو هو
وينڊو ادل جو مون لاڙئون آڻايو، محافي تؤن لٿو هو-
وَر ته مومل جو، وَر ته وينگس جو، مون ڏٺو هو…
دهري ادل جي مون لاڙئون آڻائي، مهريءَ تؤن لٿو هو-
وَر ته مومل جو، وَر ته وينگس جو، مون ڏٺو هو…
ٻانهين ادل جي مون لاڙئون آڻائي، ڪجائي مؤن لٿو هو-
وَر ته مومل جو، وَر ته وينگس جو، مون ڏٺو هو…
[52]
[12]
وراڻي: ٺري اڄ لاڏل ماءُ، وَنِي گهوٽ ماڻي،
ٺري اڄ جوڙيل ڀيڻ، وَنِي گهوٽ ماڻي
چڙهيو گهوٽ گهوڙي، ويٺو کُپ کوڙي،
پلئو ڀيڻ ڏيندي، وَني گهوٽ ماڻي…
سُونهن جنهن کي ڪپڙا، سنها جنهن جا لَٽڙا،
نڪ اهي انب ڦار، وَنِي گهوٽ ماڻي…
موڙن رنگ لايو، اجهو گهوٽ آيو،
سنهي ٿي ڪجل ڌار، وَنِي گهوٽ ماڻي…
ڪندس ساٺ ساليون، آڻي سونيون ٿالهيون،
ڏانوڻ ڏانيون هزار، وَنِي گهوٽ ماڻي…
[53]
وراڻي: لاڏلا! هورڙي هورڙي هليو آءُ.
ڪنگڻ تنهنجي پِڙي ۾ پايان، ور منهنجا اوٺيڙا!
لاڏلا! هورڙي هورڙي هليو آءُ.
تنهنجا گس لٽيندي ڪپڙا، تنهنجا دز لٽيندي ڪيڙا-
لاڏلا! هورڙي هورڙي هليو آءُ.
4. سيج جا ڳيچ
[54]
وراڻي: سعيو ٿيو تنهنجي سيج جو،
ماءُ ٺريئي، بخت وريئي، سيج مان لاڏلا!
بينسر جوڙائج نهري، ادا! تو لاءِ ماءُ سنباهيو-
سعيو ٿيو تنهنجي سيج جو.
دهري جوڙائج نهري، ادا! تو لاءِ ماءُ سنباهيو-
سعيو ٿيو تنهنجي سيج جو.
ٻانهين جوڙائج عاج، ادا! تو لاءِ ماءُ سنباهيو-
سعيو ٿيو تنهنجي سيج جو.
[55]
[1]
وراڻي: اندر سيج وڇايو، ٻاهرئون کٽ گهرايو،
آءُ منهنجا راڻا، هليو آءُ راڻا!
آءُ منهنجا راڻا، وطن ٿو ساري-
وطن ڪيم سون، هليو آءُ راڻا…
آءُ منهنجي راڻا، ملڪ ٿو ساري-
ملڪ ڪيم سون، هليو آءُ راڻا…
[56]
وراڻي: سونو بازو بند، منهنجا ادل وَنيءَ لئي
آيو،
سيج لاڏل جي اندر وڇايو، منهنجو ادل ونيءَ لاءِ
آيو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجو ادل ونيءَ لئي آيو.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
منهنجو ادل ونيءَ لئي آيو.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
منهنجو ادل ونيءَ لئي آيو.
[57]
[2]
وراڻي: ٻاهر باغ بنايئين، هلي آءُ راڻا!
اندر سيج وڇايئين، هلي آءُ سوڍا!
گهمي وڃ ڙي راڻا! مُلڪ مارن جو.
بينسر لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مارن جو…
دهري لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مارن جو…
ٻانهين لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مارن جو…
[58]
وراڻي: واهرو واري وريا، وڃي چئجانءِ ونيءَ کي
وهنجي وار سڪاءِ،
وڃي چئجانءِ ماڻس کي، سُرهي سيج وڇاءِ.
وينڊو گهڙائي، واهرُو واري وريا-
وڃي چئجانءِ ماڻس کي، سرهي سيج وڇاءِ.
دهري گهڙائي، واهرُو واري وريا-
وڃي چئجانءِ ماڻس کي، سرهي سيج وڇاءِ.
ڪٺمال گهڙائي، واهرُو واري وريا-
وڃي چئجانءِ ماڻس کي، سرهي سيج وڇاءِ.
[59]
[3]
وراڻي: سدا جيئين! سيج وڇائڻ ڏي، پيرن ڏنڙو پنڌ
۾،
سو ڳانڙو ٻڌڻ ڏي،
کلي ويهجانءِ کٽ تي، تون ميندڙي لائڻ ڏي.
بينسر پائڻ ڏي، سدا جيئين! سيج وڇائڻ ڏي،
پيرن ڏنڙو پنڌ ۾، سو ڳانڙو ٻڌڻ ڏي-
کلي ويهجانءِ کٽ تي، تون ميندڙي لائڻ ڏي.
هسي پائڻ ڏي، سدا جيئين! سيج وڇائڻ ڏي،
پيرن ڏنڙو پنڌ ۾، سو ڳانڙو ٻڌڻ ڏي-
کلي ويهجانءِ کٽ تي، تون ميندڙي لائڻ ڏي…
دهري پائڻ ڏي، سدا جيئين! سيج وڇائڻ ڏي،
پيرن ڏنڙو پنڌ ۾، سو ڳانڙو ٻڌڻ ڏي-
کلي ويهجانءِ کٽ تي، تون ميندڙي لائڻ ڏي…
[60]
وراڻي: لا اِلٰہ الا الله جي ٿي ٻولي ٻوليان،
اهو وڳو ڪيئن مٽايان؟ اجهي شال آيا!
اجهي شال آيا، سيجڙي وڇايان!
محلن ۾ ويهي ڪهڙا ٻول ٻوليان؟
اجهي شال آيا، سيجڙي وڇايان…
بنگلن ۾ ويهي ڪهڙا ٻول ٻوليان؟
اجهي شال آيا، سيجڙي وڇايان…
ماڙين ۾ ويهي ڪهڙا ٻول ٻوليان؟
اجهي شال آيا، سيجڙي وڇايان…
[61]
وراڻي: اندر وڃ نه ڏکڻ هِير، پَکا مين جُهليسان،
پکا مين جُهليسان، سُرهي سيج وڇيسان.
ڏند ڀائڙي دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايا-
اندر وڃ نه ٿڌي ٿير، پکا مين جُهليسان.
هٿ سهڻي دي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بنايا-
اندر وڃ نه سرهي هير، پکا ۾ جُهليسان.
[62]
[4]
وراڻي: تنهنجي سرهي سيج وڇايان، آءُ بنا! ناهي
ننڊ نيڻن کي اڃان.
تنهنجي ساليءَ سيج وڇائي – آءُ بنا! ناهي ننڊ
نيڻن کي اڃا.
تنهنجي ڄاڃين جهرمر لائي- آءُ بنا! ناهي ننڊ
نيڻن کي اڃان.
[63]
وراڻي: ڀؤنر ڀِرن ٿا، مان ڪڪر ٿي ڀانيان،
اِها سيج ادل جي، مان اندر وڇايان.
ميندي ادل جي مان هٿن کي لايان،
لونگ لڱن تي مان عطر ٿي ڀانيان-
اها سيج ادل جي مان اندر وڇايان…
ڳانا ادل جا مان ٻانهن ۾ ٻڌايان،
لونگ لڱن تي مان عطر ٿي ڀانيان-
اها سيج ادل جي مان اندر وڇايان…
[64]
وراڻي: ابا! الله لايئي ڀاڳ ڀليءَ رات،
کير ورهايان ساري رات، سيج وڇايان پرڀات.
مين رانجهن دي رانجهن ميڏا، محب! ڪرايئي
ملاقات-
ابا! الله لايئي ڀاڳ ڀليءَ رات.
حامي حضرت پير هو وئي، پنجن تنان دي ذات-
ابا! الله لايئي ڀاڳ ڀليءَ رات.
جڳ ديان آسان اميدان پنيان، ڪونه ڇوڙيسين ڪمذات-
ابا! الله لايئي ڀاڳ ڀليءَ رات.
[65]
[5]
وراڻي: اَڇڙيان ويلڙيان ڏيندي آن، اَبل ڪون
پرڻيندي آن،
سرهي سيج وڇيندي آن، لاڏل ڪونه پرڻيندي
آن.
اکيان تيڏيان ٻن مشعالي، ڪجل جوڙ بڻيندي آن-
لالڻ ڪونه پرڻيندي آن…
ڏند ابل تيڏي موتي دي داڻي، سرخي جوڙ بڻيندي آن-
لاڏل ڪونه پرڻيندي آن…
[66]
وراڻي: آءٌ ته لاڏل جي نالي تي سيج وڇايان، راضي
ٿيندم الله!
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايان-
آءٌ ته لاڏل جي نالي تي سيج وڇايان، راضي ٿيندم
اللهٰ!
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايان-
آءٌ ته لاڏل جي نالي تي سيج وڇايان، راضي ٿيندم
اللهٰ!
هيٺ لاڏل جي هرڻو مهري، گاشي جوڙ بنايان-
آءٌ ته لاڏل جي نالي تي سيج وڇايان، راضي ٿيندم
اللهٰ!
[67]
[6]
وراڻي: مين ڦُلان دي سيج وڇائي، ميڏا دلبر وي!
تون نازين نال آوين ميڏا رانجها وي!
ڦُلان دي واڙي وچ، بلبل پئي ٻوليندي هي،
تاڙ مار اُڏارين، آوين ميڏا رانجها وي-
مين ته ڦلان دي سيج وڇائي.
گُلائي دي بازار وچ، بوڇڻ ميڏا اٽڪيا وي،
تون ته نازان دي نال ڇڙاوين، ميڏا سهڻا وي-
مين ته ڦلان دي سيج وڇائي.
ڦلان دي باغ وچ، چولا ميڏا اَڙڳيا وي،
تون ته نخرين دي نال ڇُڙاوين، ميڏا رانجها وي-
مين ته ڦلان دي سيج وڇائي.
[68] [7]
وراڻي: سدا رنگ لايا، جادو لڳايا، سيڻان نال،
لاڏل سيج تي آيا سيڻان نال، ونا سيج تي آيا
سيڻان نال.
سر لاڏل دي سوني سهري، موتين جوڙ بنايا-
سدا رنگ لايا، جادو لڳايا، سيڻان نال.
اکيان بني ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا-
سدا رنگ لايا، جادو لڳايا، سيڻان نال.
هٿ لاڏل دي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بنايا-
سدا رنگ لايا، جادو لڳايا، سيڻان نال.
[69]
وراڻي: مينديءَ موڙن رنگ لايو، سهڻو سيج تي آيو،
ساٺن سوڻن رنگ لايو، سيڻو سيج تي آيو.
هن لُڏڻ کي بينسر سهڻي، موتين جوڙ بنايو-
تنهنجي مينديءَ موڙن رنگ لايو.
هُن لُڏڻ کي وينڊو سهڻو، لعلن جوڙ بنايو-
تنهنجي مينديءَ موڙن رنگ لايو.
هُن لُڏڻ کي دهري سهڻي، پُتلي جوڙ بنايو-
تنهنجي مينديءَ موڙن رنگ لايو.
[70]
[1]
وراڻي: شان ڀريا ادل آءُ ڙي! مان ڀريا پڙهيل
آءُ ڙي!
سيج وڇايان تنهنجي ساهرين.
نٿ ته موتين جڙي آهه، سون لڳو سڀ زري آهه-
شان ڀريا ادل آءُ ڙي! سيج وڇايان تنهنجي
ساهرين.
دهري ته موتين جڙي آهه، سون لڳو سڀ زري آهه-
شان ڀريا ادل آءُ ڙي! سيج وڇايان تنهنجي
ساهرين.
سڳي ته موتين جڙي آهه، سون لڳو سڀ زري آهه-
شان ڀريا ادل آءُ ڙي! سيج وڇايان تنهنجي
ساهرين.
[71]
وراڻي: هليو هل تون راڻ! ناچو نچائيندو،
ناچو نچائيندو، کلي سيج چڙهندو.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
هليو هل تون راڻل! ناچو نچائيندو.
جهالر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
هليو هل تون راڻل! ناچو نچائيندو.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
هليو هل تون راڻل! ناچو نچائيندو.
[72]
وراڻي: تون هلندو آءُ سيج پلنگ تي توکي لانئن
ڏيڻ واري مٺڙي ماءُ،
ادل! جواني ماڻين شال، تون هلندو
آءُ!
سوني بينسر گهڙائي، ادل! جواني ماڻين شال!
تون هلندو آءُ سيج پلنگ تي.
سونو جهومر گهڙائي، ادل! جواني ماڻين شال!
تون هلندو آءُ سيج پلنگ تي.
سوني دهري گهڙائي، ادل! جواني ماڻين شال!
تون هلندو آءُ سيج پلنگ تي.
[73]
[2]
وراڻي: هيءَ تارن ڇانئي رات، ڦُلڙن ڇانئي ڄڃ،
ڦوٽن پاند ڀري، لاڏل سيج چڙهي.
بينسر گهڙايم سهڻي، هيءَ تارن ڇانئي رات، ڦلڙن
ڇانئي ڄڃ-
ڦوٽن پاند ڀري، لاڏل سيج
چڙهي.
دهري گهڙايم سهڻي، هيءَ تارن ڇانئي رات، ڦلڙن
ڇانئي ڄڃ-
ڦوٽن پاند ڀري، لاڏل سيج
چڙهي.
[74]
وراڻي: جهجهو جئين! اُتر جَهلو ڏي ته ڀائر
ڪوٺئين،
مائڙي ٺريئي، بخت وريئي، سيج ماڻ سانولا!
کهنبڙي سائو چند، اديون! سونهين ادل گهوٽ کي-
مائڙي ٺريئي، بخت وريئي، سيج ماڻ سانولا…
لعل ريٽو رانيل، اديون! سونهين ادل گهوٽ کي-
مائڙي ٺريئي، بخت وريئي، سيج ماڻ سانولا…
موڙ ته موتين وارا، اديون! سونهن ادل گهوٽ کي-
مائڙي ٺريئي، بخت وريئي، سيج ماڻ سانولا…
[75]
[3]
وراڻي: باغ ۾ منهنجو راڻل سيج تي آيو، باغان ۾
شل جيوي!
باغان دي ٿڌڙي ڇانوق، رسيلا بنا!
اِٿان اُٿان دي لاڏل! واڄا جي وڄندي،
پورب دي وڄي شرناءِ، رسيلا بنا!
باغ ۾ منهنجو راڻل سيج تي آيو.
اُٺڙان دي ڳل ڳانيان، گهوڙي دي ڳل هار،
آهين البيلو بنو، راڄ رسيلو بنو-
باغ ۾ منهنجو راڻل سيج تي آيو.
ست چوڙيان تيڏيان ساليان، حاڪمزادي تيڏي سس،
آهين البيلو بنو، راڄ رسيلو بنو-
باغ ۾ منهنجو راڻل سيج تي آيو.
[76]
وراڻي: ادل وهنجي سيج تي آيو، ڏاڍو مينديءَ
گلن رنگ لايو،
لايو عجب رنگ لڳايو، ڏاڍو مينديءَ گلن رنگ
لايو.
تيڏي وڇائي، سدا ميڏي گهر آوين لاڏا!
ادل وهنجي سيج تي آيو.
سيج وڇائي، سدا ميڏي گهر آوين لاڏا!
ادل وهنجي سيج تي آيو.
سيج سونهائي، سدا ميڏي گهر آوين لاڏا!
ادل وهنجي سيج تي آيو.
[77]
وراڻي: اچي لٿم مهريءَ تان، موڙي مَيڙي مهار،
اچي ويٺم سيج تي، ڇَنڊي لونگيءَ پاند.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
اچي لٿم مهريءَ تان.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
اچي لٿم مهريءَ تان.
هٿ لاڏي جا مينديءَ رتڙا، ڇلڙن جوڙ بنايو-
اچي لٿم مهريءَ تان.
[78]
[4]
وراڻي: هن اُميدن لاءِ، ماءُ ڄڻيو توکي،
ماءُ ڄڻيو توکي، سيج پلنگن لاءِ.
بينسر بَني جي مان لاڙئون آڻايان،
ماءُ ڄڻيو توکي، گلم غاليچن لاءِ-
هن اُميدن لاءِ، ماءُ ڄڻيو توکي.
دهري ادل جي مان ولائتون آڻايان،
ماءُ ڄڻيو توکي، گلم غاليچن لاءِ-
هن اُميدن لاءِ، ماءُ ڄڻيو توکي.
ٻيڙا لاڏل جا، مان لاڙئون آڻايان،
ماءُ ڄڻيو توکي، گلم غاليچن لاءِ-
هن اُميدن لاءِ، ماءُ ڄڻيو توکي.
[79]
وراڻي: اَدل! لَههُ ڙي رنگ محل ۾، سهڻل!
سونهين ٿو سيج پلنگ تي،
تنهنجو ريٽو ريلو ڏي، تنهنجو جامو جلوو ڏي.
مان ته جوڙو به آڻايان لاڙ مان، لونگيون جوڙي
ساڻ،
هي به تنهنجي ڪاڻ، جيئين لاڏا! هو به تنهنجي
ڪاڻ-
ادل! لهه ڙي رنگ محل ۾.
مان ته سهرو به ٺهرايان لاڙ مان، موتي سهري
ساڻ،
هي به تنهنجي ڪاڻ، جيئين لاڏا! هو به تنهنجي
ڪاڻ-
ادل! لهه ڙي رنگ محل ۾.
مان ته وينڊو ٺهرايان لاڙ مان، لعلون وينڊي
ساڻ،
هي به تنهنجي ڪاڻ، جيئين لاڏا! هو به تنهنجي
ڪاڻ-
ادل! لهه ڙي رنگ محل ۾.
[80]
[5]
وراڻي: ادل آيم سيج تي، مان اچا گل وڇايان،
سوڍل آيم سيج تي، مان عطر ڇٽڪاريان،
سرهي سيج وڇايان.
خاصي دُهري ادل جي، مان لاڙئون آڻايان،
سوڍل آيم سيج تي، مان عطر ڇٽڪاريان،
ادل آيم سيج تي، مان اڇا گل وڇايان،
سرهي سيج وڇايان.
سرهي سيج وڇايان، مان ميندڙي لايان،
ڳيچ خوشيءَ جا ڳايان، ادل کي ميندڙي لاڏيان-
ادل آيم سيج تي، مان اڇا گل وڇايان،
سرهي سيج وڇايان.
خاصو وينڊو ادل جو مان لاڙئون آڻايان،
سوڍل آيم سيج تي، مان عطر ڇٽڪاريان،
ادل آيم سيج تي، مان اڇا گل وڇايان،
سرهي سيج وڇايان.
[81]
[6]
وراڻي: تنهنجي ماڙيءَ اڳيان ويٺي ڳايان ڙي
خان!
موڙ ٻڌندو سيج تي آيو، لانئون لهڻ سيج تي آيو.
توکي ميندڙي رنگ ٿي لايان ڙي خان!
تنهنجي ماڙيءَ اڳيان ويٺي ڳايان ڙي خان!
تنهنجي مالها تي مِين چڙهايان ڙي خان!
تنهنجي ماڙيءَ اڳيان ويٺي ڳايان ڙي خان!
تنهنجون ديڳيون ڇو نه دمايان ڙي خان!
تنهنجي ماڙيءَ اڳيان ويٺي ڳايان ڙي خان!
[82]
[7]
وراڻي: منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا! کلي ويهه
کٽ تي.
اچي ويهه بنگلي، منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا!
بينسر ادل جي لاڙئون گهرايان، مينا ته لائي
بهاري-
منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا! کلي ويهه کٽ تي.
دهري لاڏل جي لاڙئون گهرايان، پُتلي لائي ته
بهاري-
منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا! کلي ويهه کٽ تي.
ڇير لاڏل جي لاڙئون گهرايان، گهنگهرن لائي ته
بهاري-
منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا! کلي ويهه کٽ تي.
[83]
وراڻي: لُڏي آءُ لاڏا! چڙهه سيج تي، مونکي
سهجئون سيج وڇائڻ ڏي.
سنهڙا گل گلاب جا، مونکي تهڙي شال گهرائي ڏي،
لڏي آءُ لاڏا! لانئن تي، مونکي ميندڙي لاوڻ
ڏي-
ميندڙي لاوڻ ڏي، مونکي سهجئون سيج وڇائڻ ڏي.
سنهڙا گل گلاب جا، مونکي تهڙي بوڇڻي ڀرائي ڏي،
لڏي آءُ لاڏا! لانئن تي، مونکي ميندڙي لاوڻ
ڏي-
ميندڙي لاوڻ ڏي، مونکي سهجئون سيج وڇائڻ ڏي.
سنهڙا گل گلاب جا، مونکي تهڙو وڳو سبائي ڏي،
لڏي آءُ لاڏا! لانئن تي، مونکي ميندڙي لاوڻ
ڏي-
ميندڙي لاوڻ تي، مونکي سهجئون سيج وڇائڻ ڏي.
[84]
[8]
وراڻي: سيجڙيءَ سونهين، ماڻين ڳاڙهي وني،
ادل سُهج مڙيئي سون جو.
عُمر وڌيئي، خان غني- ادل! سُهج مڙيئي سون جو.
لانئون لهين، ڀڄ ڀني – ادل! سُهج مڙيئي سون
جو.
موليٰ ميڙي، بنا! تو وني – ادل! سُهج مڙيئي
سون جو.
[85]
وراڻي: پوئين رات لاڏل، سدا سيج ماڻي،
سدا سيج ماڻي، الله توکي آڻي.
بينسر ته گهڙائيندو، لاڏلو پارائيندو،
لاڏلو پارائيندو، مشعلون ٻارائيندو-
پوئينءَ رات لاڏو، سدا سيج ماڻي.
بولو ته گهڙائيندو، لاڏلو پارائيندو،
لاڏلو پارائيندو، مشعلون ٻارائيندو-
پوئينءَ رات لاڏو، سدا سيج ماڻي.
هسي ته گهڙائيندو، لاڏلو پارائيندو،
لاڏلو پارائيندو، مشعلون ٻارائيندو-
پوئينءَ رات لاڏو، سدا سيج ماڻي.
[86]
وراڻي: گادي آهي گلن جي، گلن سهڻن گلن جي،
گُلَ گَلي ۾ ڀلي پايو، ڀائو! شل توهان جو بلي!
سوال سائينءَ کي آهي سدائين، ڪري شان توهان جو
بلي!
گادي آهي گلن جي.
هيڻن جو آهي حامي سائين، ڪري شان توهان جو
بلي!
گادي آهي گلن جي.
[87]
وراڻي: لاڏل سيج تي آيو، سيڻان نال،
ونو سيج تي آيو، سيڻان نال.
سر لاڏل دي سوني سهري، موتين جوڙ بڻايو- سيڻان
نال.
اکيان بني ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بڻايو-
سيڻان نال.
هٿ لاڏل دي مينديءَ رتڙي، ڳاني جوڙ بڻايو-
سيڻان نال.
هيٺ لاڏل دي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بڻايو- سيڻان
نال.
5. ڦل چونڊڻ جو ڳيچ
[88]
وراڻي: ڦل چونڊ ٻچڙي! گل پاءِ ٻچڙي!
بينسر پاءِ سهاڳ جي، ميندي لاءِ سهاڳ جي،
مسي لاءِ مساڳ جي، ڦل چونڊ ٻچڙي!
وينڊو پاءِ سهاڳ جي، وڳو وَرائين ڀاڳ جو،
شاديءَ جي راڳ جو، ڦل چونڊ ٻچڙي!
زيور پاءِ، سوني ساههِ پنهنجي پياري وني لاءِ،
سگهري سڀڪا پائي، ڦل چونڊ ٻچڙي!
6. ڏورڙو ڇوڙڻ جو ڳيچ
[89]
[9]
وراڻي: ڏورڙو وينجهارين وٽيل، لاڏا! ڏورڙو
ڪيئن ڇٽي؟
ڏورڙو ڏاهَين جو وٽيل.
تنهنجو ماسيون ٿيون ڇنڀين، لاڏا! ڏورڙو ڪيئن
ڇُٽي؟
ڏورڙو ڏاهَين جو وٽيل.
تنهنجو سوٽيون ٿيون ڇينڀين، لاڏا! ڏورڙو ڪيئن
ڇُٽي؟
ڏورڙو ڏاهَين جو وٽيل.
تنهنجون ڪاڪيون ٿيون ڇينڀين، لاڏا! ڏورڙو ڪيئن
ڇُٽي؟
ڏورڙو ڏاهَين جو وٽيل.
7. کير پيارڻ جو ڳيچ
[90] [10]
وراڻي: اَبل! کير پيڻ وارا، جُڙي تنهنجي
جواني!
جُڙي تنهنجي جواني، شال وني ماڻين!
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ابل! کير پيڻ وارا، جُڙي تنهنجي جواني!
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ابل! کير پيڻ وارا، جُڙي تنهنجي جواني!
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ابل! کير پيڻ وارا، جُڙي تنهنجي جواني!
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ابل! کير پيڻ وارا، جُڙي تنهنجي جواني!
|