[9][9]
مَرُوئو
وراڻي: جهيڏر! مَرُوئي رو اڌِيڪار،
[اي ٻيلڻ! نازبو جي گهرج آهي]
رسيلا ڍولا! مَرُوئو لي گهرِي آئو.
[اي ڍولا! نازبو وٺي گهر اچ]
مَرِوئو مانجهي اِٿ نه اُٿ، ڙي ڀوڙي!
[مَروئو منهنجي آسپاس نه آهي، اي ڀوري]
مَروئو مانجي آمراڻي ري واڙيئي-
[نازبو عمر ڪوٽ جي واڙين ۾ آهي]
رسيلا ڍولا! مَروئو لي گهري آئو...
[اي ڍولا! نازبو وٺي گهر اچ]
جوڌاڻي سين ٻيج نگايو، آآراڻي با لڳايو-
[جوڌپور کان ٻج گهرايو ۽ عمرڪوٽ ۾ باغ
لڳايو]
رسيلا ڍولا! مروئو لي گهري آئو...
[اي ڍولا! نازبو وٺي گهر اچ]
ڪيهِي سَپوتِي مَرُوئو روپيو، ڪيهيَ چوڙالِي مَروئو سينچو؟
[ڪهڙي سپوٽيءَ نازبو هنيو ۽ ڪنهن نازبو کي
پاڻي ڏنو]
رَسيلا ڍولا! مَروئو لي گهَرِي
آئو...
[اي ڍولا! نازبُو وٺي گهر اچ]
ساسُو سپوتي مَروئو روپيو، نِڻَند چوڙالِي مَروئو سينچيو-
[سَس نازبو لڳايو ۽ نِڻان اُن کي پاڻي
ڏنو]
رَسيلا ڍولا! مَروئو لي گهَرِي
آئو...
[اي ڍولا! نازبُو وٺي گهر اچ]
مَروُئي رِي جَڙ اُنَڙي پاتاڙ ۾، جهيڏر،-
[نازبُو جي پاڙ پاتال ۾ آهي اِي ٻيلَڻ!]
ٻارهن ڪوس مَروئو مهڪ رهيو-
[ٻارهن ڪوهن تائين نازبو جي خوشبوء آهي]
رَسيلا ڍولا! مَروئو لي گهَرِي آئو...
[اي ڍولا! نازبُو وٺي گهر اچ]
[10][10]
مَرُوئو
وراڻي: مَرُوئو مانرو آمراڻيَ ريَ واڙِيئي،
[نازبو منهنجو امر ڪوٽ جي واڙين ۾]
مَروُئو مانرو ڏاڏاڻي ريَ سير يئي،
[نازبُو منهنجو ڏاڏاڻي ڏيهه جي گهٽين ۾]
ڪيهِي ٻائي رو وايوڙو؟ ڪيهِي ٻائِي رو
سِينچيوڙو؟
[ڪهڙي ٻائيءَ جو پوکيل، ۽ ڪهڙي ٻائِي جو
پاڻي ڏنل آهي]
مانهنجِي جهِيڻولِي جهڏَل! مرُوئي رِي
مُهڪار.
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبُو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مَرُوئو ٽوڙي بِيريَ ري وريڙيَ ٻَڙان، ٻيهينل ريَ چُوڙليَ
[نازبو پٽي ڀاءَ جي پٽڪي ۾ ٻڌان ۽ ڀيڻ جي
چُوڙ ۾ وجهان]
مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏَل! مَرُوئي رِي
مُهنڪار...
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبُو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مَرُوئو مانرو گوڍيَ، ڏاڙيَ ڊانکرو، پاني، ڦُولي ڦُوٽڙو-
[منهنجو نازبو تُڙ ۽ ٽارين ۾ گهاتو، پنن ۽
گُلن سان گهڻو پيو لڳي]
منهنجي جهيڻولي جهيڏل! مَرُوئي ري
مُهنڪار...
[منهنجي پياري ساهيڙ! نازبُو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مَرُوئو مانرو موڀي وِيري ري گاسيڙي، ٻيهينل ٻائي ري چوٽلڙي-
[نازبو منهنجو وڏي ڀاءَ جي گاشي ۾، ۽ ڀيڻ
جي چوٽيءَ ۾ وجهان]
مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل مروئي رِي
مُهنڪار....
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مرُوئو مانرو ٻيهينل ٻائِي ريَ ڇاتلڙي، ڀيڻوئي جِي رِي رِهاڻ-
[نازبو منهنجو ڀيڻ جي ڇاتيءَ تي، ۽ ڀيڻوئي
جي مجلس ۾ آهي]
مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي
مُهنڪار....
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مرُوئو مانروسوپاري جهڙو سو گٺو، ڦرٽان جهڙو ڦُٽڙو-
[نازبو منهنجو سوپاريءَ جهڙو وڻندڙ ۽ ڦوٽن
جهڙو سهڻو آهي]
مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي
مُهنڪار....
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مرُوئو مانروڪيهيَ ڀيڻئي ري اوتاري؟ ڪيهي ڀيڻئي ريَ رِهاڻ؟-
[نازبو منهنجو ڪهڙي ڀيڻوئي جي اوطاق ۾، ۽
ڪهڙي ڀيڻوئي جي مجلس ۾ آهي]
مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي
مُهنڪار....
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
مرُوئو مانروڪيهيَ بيري ري گاسيڙي؟ ڪيهي بيري ريَ رِهاڻ؟-
[نازبو منهنجو ڪهڙي ڀاءُ جي گاشي ۾، ۽
ڪهڙي ڀاءَ جي رهاڻ ۾ آهي؟]
مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي
مُهنڪار....
[منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب
خوشبوءِ آهي]
[11][11]
نيٻُو جهر
وراڻي: نيٻُوجهر لِيو.
[نيم جو ٻُور وٺو]
ساسُو واهِيو اَڪڙو، مَين تو واهِي آمڻ ٻُور ڙي،
[سس اَڪ پوکيو ۽ مون ٻير جو وڻ پوکيو]
ساسُو رو آڪڙو ٻَڙِي گيو، مانريَ تولاگا
آمڻ ٻُور ڙي-
[سَس جو آڪ سڙي ويو ۽ منهنجي وڻ ۾ ٻير ٿيا
آهن]
نيٻُوجهر لِيو.
[نيم جو ٻُور وٺو]
ساسُو رڌي رَٻَڙِي، مَين تو رڌي مِٺڙي کِير ڙي،
[سَس رَٻ رڌي ۽ مون مِٺي کيرڻي رڌي]
ساسُوريَ رَٻڙِي ڍُڙي گئي، مانري تو
جِيمِي وڏيرا بيرَڙي-
[سس جي رٻ هارجي وئي، منهنجا ته وڏا ڀاءُ
کائين ويٺا]
نيٻُوجهر لِيو.
[نيم جو ٻُور وٺو]
ساسُو ڌاري کوٻيَ، مَين نو ڌارِي ڀُورڪي مينس ڙي،
[سس هڪڙي بيڪار ڍڳي ڌاري ۽ مون ڀُوري
مينهن ڌاري]
ساسُورَيَ لوئڙي ٻَڙي گئي، مِين تو اوڍي
مَٽڪو ماريو ڙي-
[سس جي لوئي سڙي وئي ۽ مون سالرو اوڍي ڦير
پاتي]
نيٻُوجهر لِيو.
[نيم جو ٻُور وٺو]
ساسو نان کاڌي ڪاڙي ناگ، مِنان تو کاڌي ڪاڙِي وِڇوُن ڙي،
[سَس کي ڪاري نانگ کاڌو، مونکي فقط ڪاري
وڇونءَ ڏنگيو]
ساسُو ڪري روڪَ رَيان، مِنان تو آيو
هيرڙِي هاسو ڙي-
[سس گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳي ۽ مون کي آهستي
کل اچي وئي]
نيٻُوجهر لِيو.
[نيم جو ٻُور وٺو]
ساسُو سُونگيَ سُونڪڻِي، هُون تو پيئان سِيل ٻيڙي ڙي،
[سَس ناس سُڻڪي ٿي ۽ آءٌ سيل جي ٻيڙي
پيئان ٿي]
ساسُورِي سُونڪڻِي ڍوڙِي گئِي، مَين ٿو
پيئي مَٽڪو ماريو ڙي-
[سَس جي ناس هارجي وئي، ۽ مون خوشيءَ مان
جهمر هنئي]
نيٻُوجهر لِيو.
[نيم جو ٻُور وٺو]
[12][12]
جهُولِتو ماڏريو
وراڻي: ٻارهَي رِيَ پَڪِين بِيرا ٻاجهرڪين، تيرِ هئان مهَنان رِي جُوئار،
[ٻارهين مهني ڀاءَ جي ٻاجهر پڪي آهي ۽ تيرهين مهني
جي جوئار]
جهُولتو ماڏريو...
[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]
ڳيهوئان روپڪو بيرا لوليو، اوتان گهيِ سين مکيو ٿي کان،
[ڪڻڪ جو لولوڀاءُ پڪو آهي، جو آءٌ گيهه سان مکي ٿي
کان]
چُونيَ روپڪو ساسُو ٻاٽيڙو، سوتان تيل سين مکيو ٿي
کان
[سس چُوني جو لولو پچايو، جو تيل مکي ٿي کائي]
جهُولتو ماڏريو...
[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]
جائي متان ڪَهِياڙي مانهنجي ٻانڌوَ نان، ٻانڌوَ آسِي اَج رات-
[متان وڃي چئو منهنجي ڀاءُ کي، جو اُهو ٻڌي اَڄ
رات ايندو]
جهُولتو ماڏريو...
[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]
جائي متان ڪَهِياڙي مانهنجي جيجل نان، جيجيل روسِي ساري رات-
[وڃي متان چئو منهنجي ماءُ کي، اَمڙ ٻڌي سڄي رات
روئندي]
جهُولتو ماڏريو...
[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]
جائي متان ڪَهياڙي مانهنجي جيڏليان نان، جيڏلِين روسِين ساري رات-
[وڃي متان چئو منهنجي سهلين کي، سهليون سڄي رات
روئنديون]
جهُولتو ماڏريو...
[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]
[13][13]
چِڙوُڪِلين
وراڻي: واڙو ڀَرين چَڙُ وڪَلين، ڦُڙ ڦُڙ اُڏيو جائين.
[واڙو ڀريل جهرڪين جو ڦَڙ ڦَڙ ڪريو
اڏاميون وڃن]
سِمَهلي آئِي ڪنڌان ۾ ڪو ٿِڙين، مانهنجي
جِيجل ميلهي ڀيٽ
[سامهون ڳچين ۾ ڳوٿريون وجهي آيون، منهنجي
ماءُ سوکڙي موڪلي آهي]
واڙو ڀَرين چِڙوڪِلين ڦڙ ڦڙ آڏيو جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪين جو ڦڙ ڦڙ ڪريو اُڏاميو
وڃن]
ڀيٽ مَين اُپٽي جوئي، مانهنجي ڏر ڏر آنسو
وهين-
[سوکڙي مون کولي ڏٺي، منهنجي اکين مان ٽم
ٽِم ڳوڙها وهن]
واڙو ڀَريل چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڏيو جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪين جو، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو
وڃن]
جوشيڙو تيڙائي مَين چٺي لکائي، ميلهان
مانهنجي جامِي ڄائي نانُ-
[برهمڻ ڪوٺائي مون خط لکايو جو پنهنجي
ڀاءُ کي موڪليان ٿي]
واڙو ڀَرين چِڙوڪِلين، ڦُڙ پُڙ اُڏيو
جائين...
[واڙو ڀريو جهرڪين جو، ڦڙ ڦُڙ ڪريو
اُڏاميو وڃن]
جيجل مِنان ٻانڌوڙو ميلهي، بيرو تڪڙو آوي
تيڙو انان-
[اي امڙ ڀاءُ کي جلدي موڪلج ته هو مونکي
وٺي وڃي]
واڙو ڀرين چِڙُوڪلين ڦڙ ڦُڙ اُڌيو
جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪين جو، ڦڙ ڦڙ ڪريو اڏاميو
وڃن]
[14][14]
چڙوڪِلين
وراڻي: واڙو ڀَرين چِڙوڪلين، ڦُڙ ڦُڙ اُڏيو جائين، ڙي چڙوڪلين!
[واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦَر ڦَر ڪريو اُڏاميو
وڃن]
هِيڪ نه اُڏِي چِڙوڪلي، جي روپهيريو پرديس، ڙي چڙوڪِلين!
[هڪڙي جهرڪي ڪانه اُڏاڻي، جنهن جو وطن پري
آهي]
واڙو ڀَرين چُڙوڪيلن ڦُڙ ڦڙ اڏيو جائين...
[واڙو ڀَريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اڏاميو
وڃن]
گانيان آڏو گيڏيو، مکڻ ٻڌي پار- ڙي چڙوڪلين!
[ڍڳين اڳيان اُٺ ڪمائتي آهي، مکڻ جي ڀت
ٻڌل آهي]
واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو
جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو
وڃن]
پارچڙهي مَين جويوڙو، موريڙا اُڏتا آوين ڙي چڙوڪلين!
[اڱڻ جي ڀِت تي چڙهي مون ڏٺو، مور
اُڏامندا پيا اچن]
واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو
جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو
وڃن]
موريان ري جويوڙو، موريڙا اُڏتا ڪنڌان ۾ ڪوٿرين،
مانهنجِي مائو مِيلهيَ ڀيٽ- ڙي چڙوڪلين!
[مورن جي ڳچين ۾ ڳوٿريون، منهنجي ماءَ
سوکڙي موڪلي آهي!]
واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو
جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو
وڃن]
ڪوٿرين اُپٽيَ مين جويوڙو،م مِنان ڏَر
ڏَر،
آنسُو آئين- ڙي چڙوڪلين!
[ڳوٿريون کولي مون ڏٺو، مون کي اکين مان
زار زار لڙڪ وهڻ لڳا]
واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو
جائين...
[واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو
وڃن]
[15][15]
جهالريو
وراڻي: کيڙِيئي رِي کِيتر ۾ ٻورئي،
[کيڙيئي جي کيٽ ۾ ٻُور ٿيو آهي]
هُون تان تيهرو، گهڙائيسان هيل-
[آءُ هن سال تنهنجي لاءِ گهڙائيندس]
ملوڪ جهالريو.
ڪيهو وِيرو آيو ٻيهينَل! سِيمَڙِئين؟،
[اديون! هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي چراگاهه ۾]
او! تان سِيم ڪيو سِڻگار-
[جو چراگاهه ئي کڻي سينگار ڪيو آهي]
ملؤڪ جهالريو....
ڪيهو وِيرو آيو ٻيهينَل! ريل ۾؟،
[اديون! هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي ڏهر ۾]
او! تان کوهه ڀريا کنڊ کير-
[جو کوهه ئي کير کنڊ سان ڀرجي ويا آهن]
ملؤڪ جهالريو....
ڪيهو وِيرو آيو ٻيهينَل! کوهه تي-
[اديون! هيءُ ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي کوهه تي؟]
او! تان لاج مَري پاڻهيار-
[آءٌ ته هن وچ واري ٻانهياريءَ جو ڀاءُ
آهيان]
ملؤڪ جهالريو....
ڪاهي ري پاڻهياري! تون لاج مَرين؟
[اي پاڻي ڀرڻ واري! تون ڇو ٿي شرمائين؟]
هُون تان... وچلي ٻاهياڙي رو وِير-
[آءٌ ته هن وچ واري ٻانهياريءَ جو ڀاءُ
آهيان]
ملؤڪ جهالريو....
ڪيهو ويرو آيو ٻِيهينل! جهانپئي؟
[اديون! ڪهڙو ڀاءَ آيو آهي گهر ۾؟]
او! تان رِڻڪي ڀُورِي مَنيس--
[جو ڀُوري مينهن ٿي رڙي]
ملؤڪ جهالريو....
ڪاهي ري ڀُوري مَنس، رڻڪين؟
[اي ڀيڻ! هيءُ ڪهڙو ڀاءُ اڱڻ تي آيو آهي؟]
او! تان ڇنٽيا عنطر گلاب-
[جو اڱڻ تي عطر گلاب ڇٽجي ويا آهن]
ملؤڪ جهالريو....
ڪيهو ويرو آيوٻيهينل! آنگڻيئي؟
[اي ڀيڻ! هيءُ ڪهڙو ڀاءُ اڱڻ تي آيو آهي؟]
اؤ! تان ڇنٽيا عنطر گلاب-
[جو اڱڻ تي عطر گلاب ڇٽجي ويا آهن]
ملؤڪ جهالريو....
چاراڻي رو ڏيسيَ گهوڙِيو،
[هُو سيڻن کي گهوڙو ڏيندو]
او تان ڏيسي گهڻا رنگ پاٺ-
[۽ ٻيا به گهڻيئي سُٺا سامان ڏيندو]
ملؤڪ جهالريو....
[16][16]
هوائڙو
وراڻي: هوائڙا! تِنان لالان لوهارڻ گهڙيو ڙي،
[اي هوائي جهاز! توکي لالن لوهارڻ گهڙيو]
هوائڙا! تِنان ڦُولان سوناري گايو ڙي.
[اي هوائي جهاز! توکي ُلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙا! تون بمبئي سين اُڏيوڙو، سِنڌاڻي آيوڙي-
[اي هوپائي جهاز! تون بمبئي مان اُڏامي سنڌ ۾ آيو
آهين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي-
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙا! تِنا ساري سرشٽي جويو ڙي-
[اي هوائي جهاز!توکي سڄي دنيا جي ماڻهن ڏٺو]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙا! تون ڪراچي ري بندر ئي لٿو ڙي-
[اي هوائي جهاز! تون ڪراچي بندر تي لٿين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙا! تانهجي چرخئي چُڪلڙي پڙي ڙي-
[اي هوائي جهاز! تنهنجي مشين ۾ ڪا خرابي ٿي آهي]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙابِچ ۾ تون ناري ڍورئي لٿو ڙي-
[اي هوائي جهاز! وچ ۾ تون ناري ڍوري لٿو هئين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙ! تين آڀي ڌرتي ۾ گهور مانڏي ڙي-
[اي هوائي جهاز! تو اُڀ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ زبردست
آواز ڪيو]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙا! تون بيجلين چمڪاتو جائين ڙي-
[اي هوائي جهاز! تون بتيون چمڪائيندو پيو وڃين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
هوائيڙا! تون ڇيڪو ڏاڏاڻيَ ڇڄائين ڙي-
[اي هوائي جهاز! تون جلدي وطن پهچائين ٿو]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]
[17]
راهُوڙو ريلان
وراڻي: مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
گهَڙو نه ٻُوڏي، گَگَر نه ٻُوڏيَ، هينڍوڻي
هيلان کائي-
[دلو نٿو ٻُڏي نه دِلي ٿي ٻُڏي، سينهي
پيئي مٿي تان ٿِڙڪي]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
سائِي توڏَڙَلِي پَلاڻي وِيرئيئا! ٻيهينل نان تيڙئو جائي-
[سائي رنگ جي اُٺ پلاڻي، اي ڀاءُ! ڀيڻ کي
ڪوٺڻ وڃ]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
ڪوٽڙي سُوتوڙا جاگو، ڀيڻيئا جي! آيو ڙو
ساڙئِي رو ساٿ-
[سائي رنگ جو اُٺ پلاڻي، اي ڀاءُ! ڀيڻ کي
ڪوٺڻ وڃ]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
هَلونِي جيڏاليا! پاڻي ڙيَ نان هالان، موڀي وِيرئي وارو واڙيو-
[هلوڙي سرتيون! پاڻي تگي هلون، وڏي ڀاءَ
تَڙتي وارو وارايو آهي]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
هَلونِي سَهليان! پاڻي ڙيَ نان هالان، هُون تان وِيرئي تان گهوري جان-
[هلو ڙي سرتيون! پاڻي ڀرڻ هلون، آءٌ
پنهنجي ڀاءُ تان قربان وڃان]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
آڌي رات رو ڪَرهيو ڪُڻڪيو، جِيجل کاڌي
ڇلڪڙي-
[آڌي رات جو اُٺ جي رڙ ٿي، ماءُ اوچتو ڇرڪ
کاڌو]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
سَت رڌائي ساسُو ڀوجنڙا، جيميوڙو جُوائي جي رو ساٿ-
[سس ستن قسمن جا کاڌا رڌايا، جي ناٺي ۽
ساڻس گڏ آيل کائين ٿا]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
گام رو ڍولاري تيڙان ڙان، رَسيَ جوائي جي
رو وير-
[ڳوٺ جو دهلاري گهرايان، ناٺي جو ڀاءُ
راند ڪندو]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
ٻَيهينَل گهوريو رُوپيو روڪڙو، ڀيڻيئي
گهوريا نوٽَ ري-
[ڀيڻ هڪڙو رپيو گهوريو، ڀيڻوئي نوٽ
گهوريا]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
باڀلڙي گاڙيو ميٽ تيل ڙو، نِڻندل را
ڇُٽوڙا ڪيس ري-
[ڀاڄائي ميٽ تيل مَليو، ڇو ته نڻان جا وار
ويڙهيل نه هئا]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
ڏورا ڦُڻِي وَٽَلڙي ۾ سينهڙو، گؤنٿي باڀَل چوٽَلِڙو رِي-
[مٿي ۾ ويرهڻ لاءِ ڌاڳا، ڦڻي ۽ ڪٽوري ۾
سنيهڙو ڀاڄائي مٿي جا وار ڳنڌي]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
سائِي توڏڙلِي جهيڪاڙي ڀيڻيئي جي، جيجل
سنڀاليو ڏيج ري-
[سائِي اُٺ پلاڻي ڀيڻوئي ويهاري، ڇوڪريءَ
جي ما ڏيج تيار ڪيو]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
سيڻل سِيرک رو گاسِيڙو منڏاڙي، ڏيئل ٻائي
ڀَريوڙا نيڻ ري-
[سَوَڙ جو اُٺ تي گاشو تيار ٿيو ته ڇوڪري
لُڙڪن سان اکيون ڀريون]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
ڀيڻيئو جي چَڙهِي چاٽو ڪيا، سارين رهيوڙين
وڙ لان هيٺ ري-
[ڀيڻويو: چڙهي روانو ٿي ويو، ساليون
اُتيئي وڻن هيٺ رهجي ويون]
مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
[منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
3- ڦوٽاڻا
[18][18]
ٻول پَنجر
وراڻي: پَن کَڙوڪِي، پَنجر ٻوليا، ري لال!
[وڻن جي پنن کڙڪو ڪيو ته پکين ٻوليو]
اسان ري وهاڻ مٿي نُور- پنجر ٻوليا، ري
لال!
[اسان جي پنهنجي سيڻ تي چڙهائي آهي- پکين
ٻوليو]
وهائين جِي! اُونگهاڻو هوئي تو جاگ- پنجر
ٻوليا، ري لال!
[اي سيڻ! ستل هجين ته سجاڳ ٿي- پکين
ٻوليو]
تانهنجي گورَل نان لي گياچور- پنجر ٻوليا،
رِي لال!
[تنهنجي زال کي چور کڻي ويا- پکين ٻوليو]
مٿي انڌاري ڙي رات- پنجر ٻوليا، رِي لال!
[مٿان بلڪل اونداهي رات آهي- پکين ٻوليو]
چور جائي ڍڙيا ڍاٽ- پنجر ٻوليا، رِي لال!
[چور وڃي ڍاٽ کي رسيا آهن- پکين ٻوليو]
وِهاڻ ري ڪونڻ چڙهِسِي واهر- پنجر ٻوليا،
ريِ لال!
[سيڻ جي مدد تي ڪير چڙهندو- پکين ٻوليو]
لاڏو پٽيل چڙهسيَ واهر- ڇنجر ٻوليا، رِي
لال!
[لاڏو پٽيل مدد تي چڙهندو- پکين ٻوليو]
وهاڻ رو ڏيڪرو پينڏا ڪُٽي- پنجرٻوليا ري
لال!
[اسان جي سيڻ جو پُٽ ڀينڊا ويٺو ڪُٽي-
پکين ٻوليو]
وِهاڻ رو ڏير! ڌُڪو کڻي ڊوڙ- پنجر ٻوليا،
ري لال!
[اسان جي سيڻ جا ڏير! ڌُڪو کڻي ڊوڙ- پکين
ٻوليو]
وِهاڻ رِي ساسُو روئي جور- ٻوليا، رِي
لال!
[اسان جي سيڻ جي سَس پئي روئي- پکين
ٻوليو]
[19][19]
وراڻي: وِهاڻ گئي تي کيتريئي، وَڙتي پِپان کائي،
[سيڻ ٻني تي وئي، موٽندي پپُون ٿي کائي]
لامان لاچان ڏي.
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
وِهاڻ گئي تي کيتريئي، آئي اُس وڌائي-
[سيڻ ٻني تي وئي هئي، اوهه وڌائي آئي]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
اوس وڌايو تو ڀَلان وَڌايو، وَڙتي ڇوريا لي آئي-
[اوهه وڌايو ته ڀلي وڌايو، موٽندي کيس چار
پُٽ ڄاوا]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
ڇوريا لائي تو ڀَلان لائي، وِهائين رو وڳ وڌايو-
[پٽ ڄاوا ته ڀلي آئين، وهائين جو ڪٽنب
وڌيو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
ڪَنٺيَ رو جوشيرو تِيڙاڙان، جوشيڙو وَٽا ٽپڻو جوئاڙان-
[ڪنٺي جو برهمڻ گهرايان، برهمڻ کان ٽپڻو
نهاريان]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
جوشيڙو تيڙايو تو ڀلان يڙايو، ڇوريان رونام ڌرايو-
[برهمڻ گهرايو ته ڀلي گهرايو، ڇوڪرن جا
نالا رکايو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
هيڪي رو نام هَرچند، ٻيجو پَرچند-
[هڪڙي جو نالو هرچند، ٻيو پرچند]
ٽيجو چَرچند، ڇوٿِي رو نام ڪَرچند،
[ٽيو چرچند، چوٿين جو نالو ڪَر چند]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
وِهاڻ ڇوري وَڳ وڌايو، ٽِڪيٽ لِيو شهر گُدام-
[سيڻ ڪٽنب وڌايو، ٽڪيٽ گدام شهر جو ورتو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
ٽڪيٽ لِيو تو ڀَلان لِيو، وهاڻ وهِائين سين-
[ٽڪيٽ وٺو ته ڀلي وٺو، سيڻ مڙس کان رسي
وئي]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
ريساجي گئي تو ڀلان گئي، هريو نيٺ مَناڻَ گَيو-
[رُسي ويئي ته ڀلي وئي، هريو نيٺ پرچائڻ
ويو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
تيڙي آيو چيلهار ري تڙيئي، جائي ٻيٺي ري هوٽل-
[اُٺي چيلهار جي ڳوٺ ۾ آيو، وڃي هوٽل تي
ويٺي]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
ڏيو وهاڻ نان گهُونٽ هِيڪ، ڌاتورو، ايڙيو، ٿُوهر ري پاڙ-
[سيڻ کي هڪ ڍُڪ کن ڏيو، ڌاتورو، ايريو يا
ٿوهر جي پاڙ ڏيو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
برهمڻ تِيڙاڙان، سيڻ رو لگن لِکاڙان-
[برهمڻ گهرائي وهاڻ جو مهورت لکايان]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
لَگنيو لکائي، وهاڻ نان پَرڻاڙان-
[مهورت لکائي وهاڻ جي شادي ڪرايان]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
لَگنيو لکايو، تو ڀلان لِکايو، وهاڻ نان تيل چڙاهه-
[لگن لکايو ته ڀلي لکايو، سيڻ کي تيل جي
مالش ڪرايو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
تيل چڙاهو ته ڀَلان چڙاهو،. وهاڻ نان پِير گائو-
[مالش ڪريو ته ڀلي ڪريو، سيڻ جي ڇيئر جو
ڳيچ ڳايو]
لامان لاچان ڏي....
[وڏيون وکون کڻي ٿي]
[20][20]
وراڻي: ڪام ڪڙهيلي وار، سُڻو سُڻو وِهائين واڙي هُڙ مَلَ
[ٻُڌ ٻُڌ وهائين جي زال! ٻُڌ وهائين جي
زال!]
تِنان ٻولاڙي ڪاڙو َريو، سانجهه پَڙي رو
ڏيسي دَريو-
[تو کي ڪارو ماڻهو سڏي ٿو، جو سانجهي توکي
بند ڪري در ڏيندو]
سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!
[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]
تِنان ٻولاڙي ڇورو ڪاڙو، سانجهه پَڙي رو ڏيسي تاڙو-
[توکي ڪارو ڇوڪرو سڏي ٿو، جو سانجهي ٿيڻ
سان در بند ڪري ڪلف ڏيندو]
سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!
[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]
تِنان ٻولاڙي وهائين سِڏو، سانجهه پَڙي رو هڻسِي ٿُڏو-
[توکي واقف سڏي ٿو، جو شام جو توکي ٿڏو
هڻندو]
سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ
مَل!
[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]
تِنان ٻولاڙي ڏريو چيلو، سانجهه پَڙي رو ڏيسِي ٺيلهو-
[توکي چيلو سڏي ٿو، جو شام جو توکي
ڌڪوڏيندو]
سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ
مَل!
[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]
تِنان ٻولاڙي مانهنجو ڀائي، سانجهه پَڙي ري گهَتسي ڦاهي-
[توکي سڏي ٿو منهنجو ڀاءُ، جو شام جو ڪنڌ
۾ ڦاهي وجهندئي]
سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ
مَل!
[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]
[21][21]
لُونڪِڙِي
وراڻي: لاني پونڇ واري لونِڙي، ڊگهي پُونڇ واري لُونڪِڙي،
[وڏي وڇ واري لُومڙِي، ڊگهي پڇ واري
لُومڙي]
پاتلِي پيٽ واري لونڪِڙي، بِلي ٻُوٿ واري
لُونڪِڙي،
[سنهي پيٽ واري لُومڙي، ٻِلِيءَ جي ٻُوٿ
واري لومڙي]
لُر لُر هلي لُونڪِڙي.
لُونڪڙي ڪَهِي مِنان آرڻائو، وِهائين سين مِنان پڙڻائو-
[لُومڙي چئي ته مون کي شادي ڪرايو پر
وِهائين سان]
لُر لُر هلي لُونڪِڙي.
لُونڪڙي ڪَهِي مِنان آسُو ڏيو، آسُو ڏيو،
[لُومڙي چوي ته مون کي آسو ڏيو، آسو ڏيو]
وِهائين ريَ ماءُ جهڙيِ مِنان ساسُو ڏيو-
[وِهائين جي ماءُ جهڙي مون کي سس ڏيو]
لُر لُر هلي لُونڪِڙي.
لُونڪڙي ڪَهِي مِنان آسُرو ڏيو،
[لُومڙي چوي ته مون کي آسرو ڏيو]
وِهائين ريَ ٻاپ جهڙيِ مِنان سسُرو ڏيو-
[وِهائين جي پيءُ جهڙو مون کي صهرو ڏيو]
لُر لُر هلي لُونڪِڙي.
لُونڪڙي ڪَهِي مِنان ايٺ ڏيو،
[لُومڙي چوي ته مون کي ايٽ ڏيو]
وِهائين ريَ ٻاپ جهڙيِ مِنان جيٺ ڏيو-
[وِهائين واريءَ جي ڀاءُ جهڙي مون کي ڏير
ڏيو]
لُر لُر هلي لُونڪِڙي.
[22][22]
وراڻي: پاڏِي ڀَڳي جائِي، پاڏِي ڀڳي جائِي،
[پاڏي ڀڳي پڃي، پاڏي ڀڳي وڃي]
ڇورو جاڻي مانهنجي ڏاڏي ڀڳي جائي-
[پر ڇورو ٿو سمجهي ته منهن ڏاڏي ڀڳي وڃي]
ناڙي ڇورا! ڏاڏي ڪونِهي، پاڏي ڀڳي جائي.
[نه ڙي ڇوڪرا! ڏاڏي نه پر پاڏي ڀڳي وڃي]
پاڏو ڀڳو وجائي، پاڏو ڀڳو جائي،
[پاڏو ڀڳو وڃي پاڌو ڀڳو وڃي]
ڇورو جاڻي مانهنجي ڏاڏو ڀڳو جائي-
[پر ڇورو ٿو سمجهي ته منهنجو ڏاڏو ڀڳو
وڃي]
ناڙي ڇورا! ڏاڏو ڪونِهي، پاڏو ڀڳو جائي...
[نه ڙي ڇوڪرا! ڏاڏو نه پر پاڏو ڀڳو وڃي]
گاءِ ڀڳي جائي، گاءِ ڀڳي جائي،
[ڍڳي ڀڳي وڃي ڍڳي ڀڳي وڃي]
ڇورو جاڻي مانهنجي ماءِ ڀڳي جائي...
[ڇوڪري ليکي ته ماءُ ڀڳي وڃي]
نا، ڙي ڇورا! ماءُ ڪونِهي، گاءِ ڀڳي
جائي...
[نه ڙي ڇوڪرا! ماءُ نه پر ڍڳي ڀڳي وڃي]
ڍڳو ڀڳو جائي، ڍڳو ڀڳو جائي،
[ڍڳو ڀڳو وڃي ڍڳو ڀڳو وڃي]
ڇورو جاڻي مانهنجو آبو ڀڳو جائي-
[ڇوڪري ليکي ته منهنجو بابو ڀڳو وڃي]
نا ڙي ڇورا! اَبو ڪونِهي، ڍڳو ڀڳو جائي...
[نه ڙي ڇوڪرا! ابو نه پر ڍڳو ڀڳو وڃي]
گابو ڀڳو جائي، گابو ڀڳو جائي،
[ڍڳو ڀڳو وڃي ڍڳو ڀڳو وڃي]
ڇورو جاڻي مانهنجو بابو ڀڳو جائي...
[ڇوڪري ليکي ته بابو ڀڳو وڃي]
نا، ڙي ڇورا! بابو ڪونِهي، گابو ڀڳي
جائي...
[نه ڙي ڇوڪرا! بابو نه پر گابو ڀڳو وڃي]
ڪُوئو ڀڳو جائي، ڪُئو ڀڳو جائي،
[ڪوئو ڀڳو وڦي، ڪئو ڀڳو وڃي]
ڇورو جاڻي مانهنجو ڦُهو ڀڳو جائي-
[ڇوڪري ليکي منهنجو پڦڙ ڀڳو وڃي]
نا ڙي ڇورا! ڦُوئو ڪونهي، ڪُئو ڀڳو
جائي...
[نه ڙي ڇوڪرا! پڦڙ نه پر ڪُئو ڀڳو وڃي]
[23][23]
وراڻي: ڪَچي ڪِريئيَ رِي اِٽِ مڙهاڙان،
[ڪَچي مٽيءَ جي سِر ٺهرايان]
جِي ۾ وهائين جِي رو محل اَڏاڙان،
[جنهن مان گهوٽ جي پيءُ جو محلات ٺهرايان]
مِنين ايڍليا مِنِهين پيڍليا،
[جنهن ۾ هيٺ مٿي جايون ۽ ڏاڪڻيون هجن]
مِنِهين اَنگارا مِنِهين ٺِينهارا،
[جنهن ۾ سڙيل اڱر ۽ مٽيءَ جا ٺڪر هجن]
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]
تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي ٻارهان ٻاپان را-
[توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، ٻارهن
بابن جا پُٽ]
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]
تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي هُڙئي ليلِي را-
[توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، هُڙئي ۽
ليليٰ جا پُٽ]
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]
تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي ڀيل ۽ ڀَنگي را-
[توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، ڀيل ۽
ڀنگي جا پُٽ]
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]
تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي جِجهان جاٽان را-
[توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، گهڻن جا
ٽن جا پُٽ]
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]
تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي سَتان ساميان را-
[توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، سَتن
سامِين جا پُٽ]
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]
[24][24]
وراڻي: ڪاڪَلِيو ٻانڀِڻيو! وهاڻ لارِي چڙهي گَئِي ڙِي،
[چاچو ٻانڀڻيو! سيڻ لاري ۾ چڙهي ڀڄي وئي]
ڪاڪَلِيو ٻِيٺو هِڻڪِي ڙِي- ڪاڪَليِو
ٻانڀڻيو!
[چاچو ويٺو روئي- چاچو ٻانڀڻيو]
ڇورا ٻيٺا جوئِين ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[هن جا پُٽ ويٺا نهارين- چاچو ٻانڀڻيو]
سڄي سِنڌ گهمي ڙِي – ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[سڄي سنڌ رُليو آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
ڪِيري هوٽَل اُتري ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[ڪنهن جي هوٽل تي لٿي آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
ڪِيري هَٽَ واپارلِيان تِي ڙي- ڪاڪَلِيو
ٻانڀڻيو!
[ڪنهن جي هَٽ تي خريداري ڪيائين – چاچو
ٻانڀڻيو]
ڪِيَ جهڙي ڦُٽَري ڙي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[ڪنهن جهڙي سهڻي آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
ڦوٽي جهڙي ڦُٽَري ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[ڦوٽن جهڙي سهڻي هئي- چاچو ٻانڀڻيو]
ڪِي جهڙي چَرَڪِي ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[ڪنهن جهڙي چهري آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
لونگان جهڙي چَرَڪِي ڙي- ڪاڪَلِيو
ٻانڀڻيو!
[لونگن جهڙي چهري هئي – چاچو ٻانڀڻيو]
اوڍاڻِيو مُلايانتي ڙي – ڪاڪَلِيو
ٻانڀڻيو!
[بزار ۾ چُني خريد ڪيائين- چاچو ٻانڀڻيو]
مَٽَڪُو رَمتِي گئي ڙي- ڪاڪَلييو ٻانڀڻيو!
[پوءِ نخرا ڪندي ويئي- چاچو ٻانڀڻيو]
پَڇِي ڪونهِي وڙي ڙي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
[اڃان تائين ڪانه موٽي آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
[25]
جهٻيو
وراڻي: ٽڪي را تان ڏورا منگاڙان، پئسي ري تان تئي،
[ٽڪي جا ڌاڳا گهرايان، پئسي جي تُئي]
مينگهواڙان را گُرڙا، وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي
ڏيئي.
[مينگهواڙن جا گرڙا! وِهاڻ جو جهٻيو سِبي
ڏج]
جهٻئي مٿي چار گل، ٽنئور ٽانڪي ڏيئي.
[جهٻئي تي چار گل ڀَرت جا، مٿان ٽنئور
سِبي ڏج]
مينگهواڙان را گرڙا! وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي
ڏيئي…
جوڳي مڙهي مٿان ڦيرو کاڌو، ميهاري مٿان گَئي.
[جوڳي مڙهي مٿان ڦيرو کائي، ميهاري مٿان وئي]
مينگهواڙان را گرڙا! وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي ڏيئي…
روپيو ڏيسان روڪڙو، آ هتيان را سيڙي اُونهِي،.
[رپيو روڪڙو سڀاڻي ڏينداسون، آ هت وارن جا مفت
سِبي ڏج]
مينگهواڙان را گرڙا! وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي ڏيئي…
|