سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :7

[119][119]

وراڻي: جهجهڙو لِکَيس پنهنجي ور جو سهاڳ،
منهنجي جيڏل کي، جهجهڙو لکيو.
جهڙو ئي تون لاڏلو، تهڙوئي سيج سنداءِ-
منهنجي جيڏل کي جهجهڙو لکيو…
لاڏيءَ ٻانهون ڳوريون، لاڏي ڀنڀا وار-
منهنجي لاڏل کي جهجهڙو لکيو…
جهڙوئي تون لاڏلو، تهڙي ئي ڪنوار سنداءِ-
منهنجي جيڏل کي جهجهڙو لکيو…

 

[120][120]

وراڻي: اندر مومل وهاري ڙي الا! جنهن منهنجو راڻل ريجهايو.

 

ڀائڙل! کلي ڳالهاءِ، آهين تون سردار،
آيو منهنجو جهڙ جو بدل ڙي! آيو…
سنڌ جي صاحب کي مان، هندوري ۾ لوڏيان،
آيو منهنجو جهڙ جو بدل ڙي! آيو…
منهنجي لاڏل لاءِ، سيج ٿي وڇايان،
آيو منهنجو سردار ڙي! آيو…

 

[121][121]

وراڻي: سونارو ’احمد پور‘ جو چئي، دودل ونهاريو، دودل رات آيو.

 

بينسر لاڏل جي لاڙئون آڻايان موتين رنگ لايو-
سونار احمد پور جو چئي، دلدل ونهاريو.
دهري لاڏل جي لاڙئون آڻايان، موتين رنگ لايو-
سونارو احمد پور چئي، دودل و نهاريو.
ٻانهين لاڏل جي لاڙئون آڻايان، موتين رنگ لايو-
سونارو احمد پور جو چئي، دودل و نهاريو.

 

[122][122]

وراڻي:ۡ  اَدل جي ڪنوار کي ويهاريو ونواهه ۾،
ويهاريو ونواهه ۾، بنگلي جي ڇانوَ ۾.
هٿ اَدل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
ادل جي ڪنوار کي، ويهاريو ونواهه ۾.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
اَدل جي ڪنوار، کي ويهاريو ونواهه ۾.
سِر اَدل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
اَدل جي ڪنوار کي، ويهاريو وَنواهه ۾.

 

[123][123]

وراڻي: سُوجِيءَ راڻا! هاڻي هل لاڏيءَ لاءِ،
هاڻي هل لاڏيءَ لاءِ، جوڀن موهيو وي.

 

هيءُ خوب خيالي لاڏو، اوتاري ۾ آيو-
سوجيءَ راڻا! هاڻي هل لاڏيءَ لاءِ.

 

هيءُ ڀائن جو ڀاءُ، لهي سايي ۾ آيو-
سوجيءَ راڻا! هاڻي هل لاڏيءَ لاءِ.

 

[123- الف] [1]

وراڻي: ڳاڙها وَنا، سرها ڇنا، آءُ گهوري وڃان،
آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا!

 

توکي سڀڪي سريو سيڻن منجهان، ٺري لاڏل، تنهنجي اما، ڙي موچارا ونا!
لاڏي ڏندڻ چٽيو، ٻائيءَ ڀلا ونا! لاڏو پيءُ پيارو جئيم، ڙي الا!
                 آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا…

تولي سس سنڀايو، ٻائيءَ ڀلا ونا! سونگو سون ڀريو، ڙي الا!
                 آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا…

لاڏو ونهايم ساهرين، ٻائيءَ ڀلا ونا! اُتر وارو پير، ڙي الا!
                 آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا…

لاڏو هليم ساهرين، ٻائيءَ ڀلا ونا! ڪوٺو ڪوڏ منجهان، ڙي الا!
                 آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا…

لاڏي کي جا لکري، ٻائيءَ ڀلا ونا! سنهيءَ سينڌ ڪنوار، ڙي الا!
                 آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا…

 

[123- ب]

وراڻي: محل ۾ ونهاريو، ڀيڄ ڀنيءَ رات، لاڏل شيل ڪري آيو.
لاڏل سهڻي صورت سان، محل ۾ ونهايو، ڀيڄ ڀنيءَ رات.
سڄڻ سونهين سٿ ۾، محل ۾ ونهايو، ڀيڄ ڀنيءَ رات.
لاڏو هليم ساهرين، محل ۾ ونهايو، ڀيڄ ڀنيءَ رات.
اسان آس پُني آهه، محل ۾ ونهايو، ڀيڄ ڀنيءَ رات.

 

 

9. شاديءَ جي سامان جي ساراهه جا ڳيچ

[124] [2]

وراڻي: واهه ڙي واهه سونارا! هيءُ جا تو گهڙي آهي.
بينسر منهنجي نڪ جي مون ڏي ڀاءُ مڪي آهي،
هيري سان جڙي آ، جوهر سان جڙي آهي-
واهه ڙي واهه سونارا! بينسر تو گهڙي آهي.
دهري منهنجي ڳچيءَ جي، مون ڏي ڀاءُ مڪي آهي،
هيري سان جڙي آهه، جوهر سان جڙي آهي-
واهه ڙي واهه سونارا! دهري تو گهڙي آهي.
ٻانهين منهنجي ٻانهن جي، مون ڏي ڀاءُ مڪي آهي،
هيري سان جڙي آهه، جوهر سان جڙي آهي-
واهه ڙي واهه سونارا! ٻانهين تو جڙي آهي.

 

[125]

وراڻي: سهڻل وني وٺي آيو، لاڏل وني وٺي آيو.

 

مان ته جڙيل کي چيو، مونکي بينسر گهڙائي ڏي، پر سانول بولو گهڙائي آيو-
            منهنجو ادل مورڙو، وهنجي سيج تي آيو…

مان ته ڀائڙل کي چيو، مونکي بولو گهڙائي ڏي، پر سهڻل پوپو وٺي آيو.
            سازين سرودين سهڻو، ڪنوار کٽي آيو…

مان ته ادل کي چيو، مونکي ٻانهين گهڙائي ڏي، پر لاڏل دهري وٺي آيو.
           وڏين دهلين شرنائين، سهڻل وني وٺي آيو…

 

[126] [3]

وراڻي: حاڪمزادا! منهنجو شوق منڊيءَ تي،
پائڻ واري تنهنجي ونڙي سدوري.

 

اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل سدا رنگ لاءِ-
     صاحبزادا! منهنجو شوق منڊيءَ تي.

 

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لاءِ-
      صاحبزادا! منهنجو شوق منڊيءَ تي.

 

هٿ سهڻل جا پَٽَ جا ڳانا، ميندي سدا رنگ لاءِ-
      صاحبزادا! منهنجو شوق منڊيءَ تي.

 

[127]

وراڻي: چندن هار منهنجي سيني جو سينگار،
سوڍل! ڏي ورائي مونکي موتين جو هار.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
لاڏل ڏي ورائي مونکي موتين جو هار…

ڏندن ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
بنرا! ڏي ورائي مونکي وتين جو هار…

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳائي جوڙ بناءِ-
سهڻل! ڏي ورائي مونکي موتين جو هار…

[128]   [4]

وراڻي: پاڻ سردار، پاتو اٿم هار، هار ته لاڏل جو لک جو سونو.

 

وَني ادل کي سهڻي سونهندي،. لانون سدا رنگ لايو-
                    پاڻ سردار، پاتو اٿم هار.

اَکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل هي رنگ لايو-
                    پاڻ سردار، پاتو اٿم هار.

ڏند اَدل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لايو-
                    پاڻ سردار، پاتو اٿم هار.

هيٺ اَدل جي مَيو مهري، جهاٻن جوڙ بنايو-
                    پاڻ سردار، پاتو اٿم هار.

 

[129]

وراڻي: ادل! هار پارايانءِ مان هار گلن جو،
تنهنجو ويس لکن جو، تنهنجو ڳانو به لکن جو.

 

بينسر سهڻل جي مان لاڙئون آڻايان-
سهڻل! هار پارايانءِ مان هار گلن جو.

 

جهالر سهڻل جي مان لاڙئون آڻايان-
سهڻل! هار پارايانءِ مان هار گلن جو.

 

هَسي سهڻل جي مان لاڙئون آڻايان-
سهڻل! هار پارايانءِ مان هار گلن جو.

 

[130]

وراڻي: هيئڙي جو هار هو، سيني جو سينگار هو،

 

نٿ لاهور جي، بولو ڪشمير جو، لهل پنجاب جي، قسم قرآن جو.

ڏيڍ سؤ ڏيئي مون جا دهري گهڙائي-
هينئڙي جو هار هئي، سيني جو سينگار هئي،

 

سَرون لاهور جون، موتي ڪشمير جا، پُتلو پنجاب جو، قسم قرآن جو.

 

ڏيڍ سؤ ڏيئي مون جا دهري گهڙائي-
هينئڙي جو هار هئي، سيني جو سينگار هئي،

 

لڙهيون لاهور جون، گهنگهرو ڪشمير جا، ڇمڪو پنجاب جو، قسم قرآن جو.

 

[131]  [1]

وراڻي: هار گل تي، سينگار گل تي، مِٺوُ ڏي ته گل ڇو نه پايان؟

 

چڱي بينسر گهڙائي ڏي، هار گل تي-
     اِهو هار گل تي، سينگار گل تي.
چڱي سيج جوڙائي ڏي، هار گل تي-
     اهو هار گل تي، سينگار گل تي.

 

 

[132]

وراڻي: ڀلي لاڏل پائي آيو، اڄ گلن جو هار،
ڀلي سهڻل پائي آيو، اڄ گلن جو هار.

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جو جنسار-

 

ڀلي لاڏل پائي آيو اڄ گلن جو هار.

 

هٿ لاڏل جي ڳاڙها ڳانا مينديءَ جو جنسار-

 

ڀلي لاڏل پائي آيو اڄ گلن جو هار.

 

[133]

وراڻي: ادل! تنهنجي ٻانهن جو تعويذ اڄ جڙي آيو،
اندر وڇايم گلم ۽ گاديون، ايندو راڄ ٿينديون شاديون.

 

ويندو ته گهڙايم لال لعلن سان، سا ته پائينديم ادل جي زال-
ادل! تنهنجي ٻانهن جو تعويذ اڄ جُڙي آيو.
دهري ته گهڙايم لال پتلي سان، سا ته پائينديم ادل جي زال-
ادل! تنهنجي ٻانهن جو تعويذ اڄ جُڙي آيو.
سهرو ته ٺهرايم لال موتين سان، سو ته ٻڌندو ادل پاڻ.
ادل! تنهنجي ٻانهن جو تعويذ اڄ جُڙي آيو.

 

[134] [2]

وراڻي: ويهي ته گهڙائيندو هُت، ميڊين جو جُت،
هاڻي منهنجو سهڻل ايندو هِت.

 

ادل لاڙ جي ويندو، بينسر آڻيندو-
ويهي ته گهڙائيندو هُت، منڊين جو جُت.
ادل لاڙ جي ويندو، دهري آڻيندو-
ويهي ته گهڙائيندو هُت، منڊين جو جُت.
ادل لاڙ جي ويندو، ٻانهين ته آڻيندو-
ويهي ته گهڙائيندو هُت، منڊين جو جُت.

 

[135]

وراڻي:  پرديس ۾ ڙي راڻا، تنهنجي چيچ خالي،
تنهنجي چيچ خالي، منڊي ڇو نه آنديئي؟

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايئي-
تنهنجي چيچ خالي، منڊي ڇو نه آنديئي؟…

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايئي-
تنهنجي چيچ خالي، منڊي ڇو نه آنديئي؟…

 

[136] [3]

وراڻي: منهنجي لاڏل کي منڊي سون جي،
منهنجي جڙيل کي لونگي لوڏ جي.

 

وينڊو گهڙايم سون جو، جنهن تي موتين جي آهي جڙا-
              منهنجي لاڏل کي منڊي سن جي.

دهري گهڙايم سون جي، جنهن تي موتين جي آهي جڙا-
               منهنجي لاڏل کي منڊي سون جي.

ٻانهين گهڙايم سون جي، جنهن تي موتين جي آهي جڙا-
              منهنجي لاڏل کي منڊي سون جي.

 

[137]

وراڻي: ڇلڙو ڪنهن گهڙيو، منهنجي اچڻ آيو پير،
هن ڇلي جو ضامن ڏيسان، ڏيسان حضرت پير.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڇلڙو ڪنهن گهڙيو، منهنجي اچڻ آيو پير.

 

ڏند اَدل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
ڇلڙو ڪنهن گهڙيو، منهنجي اڱڻ آيو پير.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مَهري گاشي جوڙ بنايو-
ڇلڙو ڪنهن گهڙيو، منهنجي اڱڻ آيو پير.

 

[138]

وراڻي: پير ڇمڪو مان ڪيئن ڇمڪايان،
ڪيئن ڇمڪايان، پنهنجو ڀائڙو پرڻايان.

 

خاصي بينسر گهڙايان، سيجڙي وڇايان-
پير ڇمڪو مان ڪيئن ڇمڪايان.

 

خاصي دهري گهڙايان، سيجڙي وڇايان-
پير ڇمڪو مان ڪيئن ڇمڪايان.

 

خاصي ٻانهين گهڙايان، سيجڙي وڇايان-
پير ڇمڪو مان ڪيئن ڇمڪايان.

 

[139] [4]

وراڻي: ڇمڪن ڇمڪن نُورا نِهرا، پازيب پيرن ۾ آهن پورا،
ڪڙيون قيمتدار، جيڏيون! گهوٽ کي سوڀ ڏني سردار.

 

اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل سدا رنگ لايو-
                    ڇمڪن ڇمڪن نورا نهرا.

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لايو-
                    ڇمڪن ڇمڪن نورا نهرا.

هٿ سهڻل جي سونا ڳانا، ميندي سدا رنگ لايو-
                    ڇمڪن ڇمڪن نورا نهرا.

 

[140]

وراڻي: بنگلي جي در تي، درزي ويهاري ڏي،
ڀائڙل گهوٽ جي آهه شادي، ڪپڙا سبائي ڏي.

ايندي جو گاڏي چڙهڻو ضرور آهه، پنڌ آ پري جو وڃڻو ضرور آهه-
ادل گهوٽ جي آهه شادي، ڪپڙا سبائي ڏي…

ايندا جو مهري، چڙهڻو ضرور آهه، پنڌ آ پري جو وڃڻو ضرور آهه-
ادل گهوٽ جي آهه شادي، ڪپڙا سبائي ڏي…

ايندا جي ڄاڃي هلڻو ضرور آهه، پنڌ آ پري جو وڃڻو ضرور آهه-
ادل گهوٽ جي آهه شادي، ڪپڙا سبائي ڏي…

 

[141]

وراڻي: سِر جو سالُورو، منهنجو جُڙيل ٿو چوڙي.
اَسر جو تارو اُڀريو، اَدلَ وڌڙم کَٽ، مر ڳالهيون ٿو ڳولهي-

 

پٽ جو ڪپڙو، جنهن تي ڇريل آهن چٽ، ادل ساليون ٿو ڳولهي-
         سر جو سالورو منهنجو جڙيل ٿو چوڙي.

سون جو وينڊو جنهن سان بينسر ناهي مٽ، ادل لعلون ٿو ڳولهي-
         سر جو سالورو منهنجو جڙيل ٿو چوڙي.

 

[142]

وراڻي: اربيلي جا بوڇڻ، ڀِنا ڀِنا، شادي ڙي ادل جي اڃا اڃا.
خاصي بينسر جوڙائج بنا بنا! شادي ڙي ادل جي اڃا اڃا-
               اربيلي جا بوڇڻ ڀنا ڀنا.

خاصي دهري گهڙائج بنا بنا! شادي ڙي جي ادل اڃا اڃا-
               اربيلي جا بوڇن ڀنا ڀنا.

خاصي ٻانهين جوڙائج بنا بنا! شادي ڙي ادل جي اڃا اڃا-
               اربيلي جا بوڇڻ ڀنا ڀنا.

 

[143]

وراڻي: ادل دوشالو چوڙيندو، پنهنجي مومل ماڻيندو،
مومل ماڻيندو ڙي وني پنهنجي آڻيندو.

 

بينسر گهڙائي گهر آڻيندو- ادل دوشالو چوڙيندو.
دهري گهڙائي گهر آڻيندو- ادل دوشالو چوڙيندو.
ٻانهين گهڙائي گهر آڻيندو- ادل دوشالو چوڙيندو.

 

[144]

وراڻي: چولو ستار تي، ادل جو جنسار تي،
پائي منهنجو راڻل، چولو ستار تي.
سر ادل جي سدا رنگ چيرا، مورن جوڙ بنايو-
        چولو ستار تي ادل جو جنسار تي.

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
        چولو ستار تي ادل جو جنسار تي.

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
        چولو ستار تي ادل جو جنسار تي.

 

[145]  [5]

وراڻي: اڇا چولا نوان نوان، شاديءَ بهاري،
        شاديءَ بهاري، عجب تياري.

بينسر لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
اڇا چولا نوان نوان، شاديءَ بهاري.
ٻانهين لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
اڇا چولا نوان نوان، شاديءَ بهاري.
جهالر جڙيل جي مان لاڙئون آڻايان-
اڇا چولا نوان نوان، شاديءَ بهاري.

 

[146]

وراڻي: رومال راڻل کي ڙي ڀينر! مان جوڙي ڏينديس.
بينسر تو گهڙائي، عمر! مان نه پايان،
تنهنجي محلن ۾، مان هڪڙي ڄڻي آهيان-
رومال راڻل کي ڙي ڀينر! مان جوڙي ڏينديس.

 

دهري تو گهڙائي، عمر! مان نه پايان،
تنهنجن محلن ۾، مان ڏاڍي ماندي آهيان-
رومال راڻل کي ڙي ڀينر! مان جوڙي ڏينديس.

 

ٻانهين تو گهڙائي، عمر! مان نه پايان،
تنهنجن محلن ۾، مان هڪڙي ڄڻي آهيان-
رومال راڻل کي ڙي ڀينر! مان جوڙي ڏينديس.

 

[147]  [6]

وراڻي: رنگ ڀريو رومال لاڏل جو ڇو نه ڀريندي ماءُ،
پَٽ ڀريو رومال ادل جو ڇو نه ڀريندي ماءُ.

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، ڳاني جوڙ بنايو-
ڇو نه ڀريندي ماءُ، رنگ ڀريو رومال.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڇو نه ڀريندي ماءُ، رنگ ڀريو رومال.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
ڇو نه ڀريندي ماءُ، رنگ ڀريو رومال.

 

 

[148]

وراڻي: مونکي ڏي مونکي ڏي پَٽ جو رومال، منهنجي بنري جو آ سينگار.
سکر شهر ۾ درزي هزارين، مون سبايو آهه هڪڙو رومال-
             مونکي ڏي، مونکي ڏي هٿ جو رومال.

حيدرآباد ۾ هنري هزارين، مون ٺهرايو آهه هڪڙو رومال-
             مونکي ڏي، مونکي ڏي هٿ جو رومال.

ميرپور ۾ کهنباٽي هزارين، مون رڱايو آهه هڪڙو رومال-
             مونکي ڏي، مونکي ڏي هٿ جو رومال.

 

[149]

وراڻي: پَٽ جو رومال، مونکي گهگهرو گهرائي ڏي،
انگل ڪيانءِ ٿي، مونکي اَدل پرڻائي ڏي.

 

بينسر گهڙائي ڏي، لاڙئون ته آڻائي ڏي-
پٽ جو رومال، مونکي گهگهرو گهرائي ڏي.

 

دهري گهڙائي ڏي، ولائتون آڻائي ڏي-
پٽ جو رومال، مونکي گهگهرو گهرائي ڏي.

 

ٻانهين گهڙائي ڏي، لاڙئون ته آڻائي ڏي-
پٽ جو رومال، مونکي گهگهرو گهرائي ڏي.

 

[150] [7]

وراڻي: مونکي ڏي، مونکي ڏي ادل جو رومال،
منهنجي اَدل جي کيسي جو رومال.

 

’خانپور‘ شهر ۾ ڪو درزي لاچار،
ڪنهن کان سبايان ادل جي پوشاڪ؟
مونکي ڏي، مونکي ڏي لاڏي جو رومال.

 

’سکر‘ شهر ۾ ڪو درزي لاچار،
ڪنهن کان سبايان ادل جي پوشاڪ؟
مونکي ڏي، مونکي ڏي ادل جو رومال.

 

’حيدرآباد‘ شهر ۾ ڪو درزي لاچار،
ڪنهن کان سبايان ادل جي پوشاڪ؟
مونکي ڏي، مونکي ڏي بنري جو رومال.

 

[151]

وراڻي: وهه واهه ڙي اَدل! مونکي رومال رڱائي ڏي،
رومال رڱائي ڏي، بوڇڻ ڇُرائي ڏي.

 

پيران پير سيّد ساڻي آهي، ڪل جي آس پڄاڻي ڏي-
وهه واهه ڙي سهڻل! مونکي رومال رڱائي ڏي.

 

شاهه ميران اسان جو والي آهي، شافع اُمت سڏائي ڏي-
وهه واهه ڙي سهڻل! مونکي رومال رڱائي ڏي

هر ويلي هيڻن حامي آهي، توڪل توڙي پڄاڻي ڏي-
وهه واهه ڙي سهڻل! مونکي رومال رڱائي ڏي

 

[152] [8]

وراڻي: تنهنجي هٿ جو رومال، ادل! ريل ۾ آڻي ڏي،
انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ منهنجا ايندا ڙي اباڻا.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائي-
تنهنجي هٿ جو رومال، ادل! ريل ۾ آڻي ڏي.

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنائي-
تنهنجي هٿ جو رومال، ادل! ريل ۾ آڻي ڏي.

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنائي-
تنهنجي هٿ جو رومال، ادل! ريل ۾ آڻي ڏي.

 

[153]

وراڻي: ريشم جو رومال مان ڇو نه ڀرينديس،
رنگ ڀريو رومال مان ڇو نه ڀرينديس؟

 

سائو آهي سرهو سارو، واهه جو رومال-
        ريشم جو رومال مان ڇو نه ڀرينديس؟

مون ڏي منهنجي ادل مڪو آهي، محبت وارو رومال-
        ريشم جو رومال مان ڇو نه ڀرينديس؟

عطر جنهن ۾ آهي ڇٽيل، خوشبوءِ وارو رومال-
        ريشم جو رومال مان ڇو نه ڀرينديس؟

 

[154]  [9]

وراڻي: پٽن ماءُ! مونکي جورو ته رڱائي ڏي،
ڀائن ڀيڻ! مونکي جورو ته رڱائي ڏي،
الله ڏيندس ننهرون، مالڪ ڏينديس ننهرون.

 

منهنجي بينسر وو! ’ٻوڙي‘ ۾ گهڙي آهه،
ڀائن کان دل ٺري آهه، پيڪن کان دل ٺري آهه-
پٽن ماءٌ! مونکي جورو ته رڱائي ڏي،
الله ڏينديس ننهرو، مالڪ ڏينديس ننهرون.

 

منهنجي ٻانهين وو! ’ٻوڙي‘ ۾ گهڙي آهه،
ڀائن کان دل ٺري آهه، پيڪن کان دل ٺري آهه-
پٽن ماءُ! مونکي جورو ته رڱائي ڏي،
الله ڏيندس ننهرون، مالڪ ڏيندس ننهرون.

 

[155]

وراڻي: سهڻل! ڏوريو، تو تان گهوريو، ململ ڏيانءِ ته مُکياري،
هِرک ڏيانءِ ته بَهاري، سهڻل! ڏوريو، تو تان گهوريو.

 

مٿي ادل جي پڳ هميشه، موڙن سدا رنگ لايو-
           سهڻل! ڏوريو، توتان گهوريو.

اکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
            سهڻل! ڏوريو، توتان گهوريو.

هٿ اَدل جي سونا ڳانا، مينديءَ رنگ لايو-
             سهڻل! ڏوريو، توتان گهوريو.

 

[156]

وراڻي: ڦلڪاري حسن واري، لاڏا! اڄ گهِن ڏي ميڪون.
             چڱي بينسر جوڙائي آ لاڏا!

ڦلڪاري حسن واري، لاڏا! اڄ گهِن ڏي ميڪون.
             چڱي دهري جوڙائي آ لاڏا!

ڦلڪاري حسن واري، لاڏا! اڄ گهِن ڏي ميڪون.

 

[157] [10]

وراڻي: چادر تي گل چار، ليليٰ، مجنون ٿو ماڻي،
عطر لڳايان، سهڻل! توکي سمجهايان.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايان-
           ويسن تنهنجن کي مان عطر لڳايان.

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايان-
           ويسن تنهنجن کي مان عطر لڳايان.

 

هيٺ راڻل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايان-
           ويسن تنهنجن کي مان عطر لڳايان.

 

[159] [11]

وراڻي: نالو دهريءَ جو ٻڌي، ڄڃ ڪري ٿي شور،
ڄڃ ڪري ٿي شور، دهريءَ جو نالو زور.

 

بينسر بينسر، نازن واري، دهريءَ جو نالو زور-
      نالو بينسر جو ٻڌي، ڄڃ ڪري ٿي شور.

دهري دهري، نازن واري، دهريءَ جو نالو زور-
      نالو دهري جو ٻڌي، ڄڃ ڪري ٿي شور.

وينڊو وينڊو، نازن وارو، دهريءَ جو نالو زور-
       نالو وينڊي جو ٻڌي، ڃڄ ڪري شور.

 

[160]

وراڻي: خوش ٿي خان کٿوري کوڙ ورهائين،

مشڪ ڄاڃين کي ڪيسر ڃاڄين کي، عنبر گهوٽن کي لائين.
مينديءَ جو رنگ ڳاڙهو سهڻو، ڄڃ سڄيءَ کي لائين-
                  خوش ٿي خان کٿوري کوڙ ورهائين.

ڪيسر ئي جو رنگ نيلو پيلو، گهوٽ پنهنجي کي پهرائين-
                  خوش ٿي خان کٿوري کوڙ ورهائين.

 

[161]

وراڻي: پير سانول جي باغ جو آڻي ڏي مساڳ، الا!
آڻي ڏي مساڳ، الا! مون سهڻل پرڻايو رات، الا!

 

سوني بينسر گهڙائي ڏي، لاڏلا! سوني بينسر گهڙائي ڏي، لاڏلا!
 پير سانول جي باغ جو آڻي ڏي مساڳ، الا!

سوني جهالر گهڙائي ڏي، لاڏلا! سوني جهالر گهڙائي ڏي، لاڏلا!
پير سانول جي باغ جو آڻي ڏي مساڳ، الا!

 

[162] [12]

وراڻي: سهڻا! لالي لبن کي ٿي لايان، ڪجل جوڙ ويٺي ٺاهيان،
                ڪجل جوڙ ويٺي پايان.

مان وڃان ٿي موتين بازار ڏي، گهوٽ جا موٽ ٿي ٺهرايان-
سهڻا! لالي لبن کي ٿي لايان، ڪجل جوڙ ويٺي ٺاهيان.
مان وڃان ٿي سون بازار ڏي، ڪنوار جي دهري ٿي ٺهرايان-
سهڻا! لالي لبن کي ٿي لايان، ڪجل جوڙ ويٺي ٺاهيان.
مان وڃان ٿي ڪپڙي بازار ڏي، گهوٽ جو وڳو ٿي ٺهرايان-
سهڻا! لالي لبن کي ٿي لايان، ڪجل جوڙ ويٺي ٺاهيان.

 

[163]

وراڻي: ميندي عمر ڪوٽ جي، ميندي مديني شهر جي،
سا ته آندم گهوٽ لئي، ميندي ميواتي باغ جي.

 

بينسر گهڙائج نهر، ميندي عمر ڪوٽ جي، ميندي مديني شهر جي.
دهري گهڙائج نهري، ميندي عمرڪوٽ جي، ميندي مديني شهر جي.
ٻانهين گهڙائج نهري، ميندي عمرڪوٽ جي، ميندي مديني شهر جي.

 

[164]

وراڻي: وهه واهه! منهنجي وڃڻي، پيڪن ڏني اٿم ڏاج ۾.
وڃڻيءَ جو ڳاڙهو آهي ڳَن، هڻن ڀايڙا، ٺري منهنجو من-
وهه واهه! منهنجي وڃڻي، پيڪن ڏني ام ڏاج ۾.

 

وڃڻيءَ جي وهه واهه آهي جُهلَ، منهنجا اباڻا، گلاب جا گل-
وهه واهه! منهنجي وڃڻي، پيڪن ڏني اٿم ڏاج ۾.
وڃڻيءَ جون عجب ستارون، الله ملائي مٺا مارو-
وهه واهه! منهنجي وڃڻي، پيڪن ڏني اٿم ڏاج ۾.

 

وڃڻي آهي ڏاج اَباڻي، ساهه ۾ سرتيون! اٿم سياڻي-
وهه واهه منهنجي وڃڻي، پيڪن ڏني اٿم ڏاج ۾.

 

[165] [13]

وراڻي: شيشم جي کٽ ڙي ابل! تنهنجي جاءِ ۾،
جنهن کي عاج جا اولا، سون جون ٻانهون.

 

بينسر گهڙائج نهري، ٿيندو حامي حضرت پير، لا-
       شيشم جي کٽ ڙي ابل! تنهنجي جاءِ ۾.

دهري گهڙائج نهري، ٿيندو حامي حضرت پير، لا-
       شيشم جي کٽ ڙي ابل! تنهنجي جاءِ ۾.

ٻانهين گهڙائج نهري، ٿيندو حامي حضرت پير، لا-
       شيشم جي کٽ ڙي ابل! تنهنجي جاءِ ۾.

 

[166]

وراڻي: کٽ ڳاڙهيءَ تي سونهن سيج بند، سيج بند توکي بابي ڏنا،
مٿس هيري جو جڙاءُ، کٽ ڳاڙهيءَ تي سونهن سيج بند-
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
               کٽ ڳاڙهيءَ تي سونهن سيج بند.

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناءِ-
               کٽ ڳاڙهيءَ تي سونهن سيج بند.

هٿ ادل جا سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بناءِ-
               کٽ ڳاڙهيءَ تي سونهن سيج بند.

 

[167] [14]

وراڻي: سچي بلور سان بجلي ٻارائي ڏيو،
هلو ڇوريون هلو! ماسڙ واري باغ ۾.

 

ادل جي ونيءَ جو جورو ته ٺهرائي ڏيو، جوري سان گڏ ڳهڻا به گهڙائي ڏيو-
هلو ڇوريون هلو! مامي واري باغ ۾…

مڙيئي مطلب من جا پڄايو، هڪ جيڏين ۾ ڪيم لڄايو-
هلو ڇوريون هلو، ناني واري باغ ۾…

 

[168]

وراڻي: مهري ادل جو، بابي باغن ۾ بيهاريو،
ونڙي لاڏل جي ڀينر! ماڙيءَ ۾ ويهاريو.

 

بينسر گهڙايم سهڻي، مهري ادل جو بابي باغن ۾ بيهاريو.
دهري گهڙايم سهڻي، مهري ادل جو بابي باغن ۾ بيهاريو.
ٻانهين گهڙايم سهڻي، مهري ادل جو بابي باغن ۾ بيهاريو.

 

[129]

وراڻي: سهڻا جو مهري، جنهن ڪُون پَٽ ديان هن واڳان،
ريٽي ابل دي ڪُون زري دا رومال هي،
ميندي ابل ڪونه، ڪل پيران دي پناهه هي،

 

بينسر جوڙائج نهري، جنهن ڪونه ڪل پيران دي پناهه هي-
ميندي ابل ڪونه، ڪل پيران دي پناهه هي…

 

دهري جوڙائج نهري، جنهن ڪونه ڪل پيران دي پناهه هي-
ميندي ابل ڪونه، ڪل پيران دي پناهه هي…

 

ٻانهين جوڙائج نهري، جنهن ڪونه ڪل پيران دي پناهه هي-

ميندي ابل ڪونه، ڪل پيران دي پناهه هي…

 

[170]

وراڻي: هنج مور گهوڙي پلاڻ، سرخي پاءِ اَلياڻ،
منهنجي دلدار لاڏل لاءِ! هنج مور گهوڙي پلاڻ.

 

بينسر گهڙائج سهڻي، هنج مور گهوڙي پلاڻ، سرخي پاءِ الياڻ.
دهري گهرائج سهڻي، هنج مور گهوڙي پلاڻ، سرخي پاءِ الياڻ.
جهالر گهڙائج سهڻي، هنج مور گهوڙي پلاڻ، سرخي پاءِ الياڻ.

 

[171] [15]

وراڻي: مهريءَ مور، ادل اچي لهندو،
پڙهين سا گڏ پڙهندو، چڱن سا گڏ چڙهندو.

 

بينسر پنهنجي پاڻ گهڙائيندو، ملهه ته ڀاڻس ڏيندو-
                  مهريءَ مور، ادل اچي لهندو.

دهري پنهنجي پاڻ گهڙائيندو، ملهه ته ڀاڻس ڏيندو-
                  مهريءَ مور، ادل اچي لهندو.

ٻانهين پنهنجي پاڻ گهڙائيندو، ملهه ته ڀاڻس ڏيندو-
                  مهريءَ مور، ادل اچي لهندو.

 


 


[119]  وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[120]  ۽

[121]  اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليا.

[122]  اُتر (تعلقي ميروخان ۽ وچولي تعلقي ڪندياري) مان مليو.

[123]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو

[123-الف] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[123-ب] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [124] ۽ [125] اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مليا. وناهه جو سامان، جو گهوٽيتن طرفان ڪنواريتن ۾ پهچايو ويندو آهي. ان ۾ اڪثر شيون ”سوجيءَ“ مان ٺهيل هونديون آهن. وناهه کڻي هلڻ وقت زالون هي ڳيچ ڳائينديون هلنديون آهن. سوجيءَ جي نسبت سان هن کي“ سوجيءَ جو ڳيچ چيو ويندو آهي.

[126] اُتر (تعلقي روهڙي ۽ ڪڪڙ) مان مليو. [127] اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مليو.

[128] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [129] اُتر (تعلقي وارهه مان مليو. [130] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[131] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [132] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [133] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو.

[134] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [135] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[136] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [137] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [138] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[139] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [140] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [141] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[145] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [146] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[147]وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [148] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [149] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[150] ۽ [151] اُتر (تعلقي ميرور ماٿيلي) مان مليا.

[153] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [153] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[154] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [155] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو [156] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[157] اُتر  (روهڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ اٻاوڙي تعلقن) مان مليو. [157] اُتر تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[159] ۽ [160] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [161] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[162] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [163] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [164] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو.

[165] اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [166] اُتر (تعلقي روهڙي مان مليو. [167] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو.

[167] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. ]169] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [170] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو.

[171] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org