سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :8

باب ٽيون

ڄاڃين جي آڌر ڀاءُ کان شاديءَ جي خوشي تائين ڳيچ

        هن باب ۾ (1) ڄاڃين جي آڌر ڀاءُ، (2) ميندي، (3) ڳانو ٻَڌڻ، (4) ڄڃ، (5) ڪنواريتن ۾ اچڻ ۽ (6) شاديءَ جي خوشيءَ جا ڳيچ شامل آهن.

        شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جيڪي ڄاڃي گهوٽيتن وٽ ايندا آهن، انهن جي آڌر ڀاءُ طور ڳيچ آهن، جي انهيءَ موقعي تي زالون چونديون آهن. انهن ڳيچن ۾ ڄاڃين جي شان مان جو بيان ۽ انهن جي ساراهه هوندي آهي. مثلاً:

مهر ڀريا مهمان، اديون! الله آندا، ربّ آهن ملايا.

ڇاڪريان قربان، اڄ ڀائر ٿي آيا مهمان.

چنڊ! چانڊوڪي ڪر، ڀائر اڱڻ آيا.

        شاديءَ جي رات کان هڪڙي رات اڳ گهوٽ کي ميندي لائيندا آهن. مينديءَ پهرين هٿن کي ۽ پوءِ پيرن کي لائين. جي گهوٽ ڪرڙوڍ هجي ته ان جي ڏاڙهيءَ کي به ميندي لائيندا آهن. گهڻو ڪري گهوٽ جون ڀينرون ۽ سهاڳڻيون، گهوٽ کي ميندي لائينديون آهن ۽ اها رسم ادا ڪرڻ وقت هن قسم جا ’ساٺ جا ڳيا‘ چونديون رهنديون آهن:

ميندڙي مامن اندي، سهرو ڪاڪن آندو،

رکي ادل گهوٽ کي، ٻاروچو ٻانڌڻو ڏي.

مينديءَ رتڙا گل، ميندڙي لائڻ ڏي،

ســـهـــڻا بـــنرا ڙي! ميندڙي لائڻ ڏي.

        ڪنوار کي پڻ مينديءَ لائڻ جا ’ساٺ جا ڳيا‘ آهن، جي هي آهن:

ميندي ڏيڻ آيون، ست ئي سهاڳڻيون،

ميندڙي سائي ڍولئي جي،

خوب کهنبڙو لڳو، لاڳ مينديءَ جو لڳو،

هٿين پيرين رنگ جهلي.

سجني گهرايو ساٺ تي، لعل ميندي رنگ جهلي،

لـــعـــل مــــيـــندي پــــيرڙا رڱـــي، هـــٿــڙا چِــــــٽائي.

        مينديءَ لائڻ جي انهيءَ موقعي تي زالون مينديءَ جا ڳاچ ڳائينديون آهن، جن ۾ ملير جي ميندي، مينديءَ پسائڻ لاءِ سوني ٿالهي ۽ گهوٽ کي مينديءَ لائڻ جو ذڪر هوندو آهي، مثلاً:

ميندڙي ملڪ ملير جي، جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ.

سونڙي ڏاٽي ميندي لڻايو ڙي!

سوني ٿالهي آڻايو، جنهن ۾ مندي پُسايو.

عطر مشڪ سان ميندي ملايو، هٿين پيرين گهوٽ کي لايو.

        مينديءَ کان پوءِ گهوٽ کي ڳاني ٻڌڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. سِجاتي يا پشم جي ڏوري کي لاک جو ڳاڙهو رنگ ڏيئي، ان ۾ سرهاڻ مُوڙي ۽ لوهي ڇلڙا سوڻ طور ٻڌي ڳانو ٺاهيندا آهن. بعضي ڏوري سان گڏ ڳاڙهي سٽ جو ٽؤنر به ٻڌن. اهو ڳانو گهوٽ کي ساڄيءَ ٻانهن ۾ ٻڌندا آهن. زالون انهيءَ موقعي تي ڳاني جا ڳيچ ڳائينديون آهن. جيئن:

ڪر ٻانهن اوري، ادل! ٻڌانءِ ڳانو.

اديون! منهنجو ناري جو نواب، منهنجو سنڌڙي جو صاحب،
                 حاڪم  ڙي! ٻانهن ورائي ٻڌ ڳانو.

اديون! منهنجو ناري جو نواب، منهنجو سنڌڙي جو صاحب،

حاڪم ڙي! ٻانهن ورائي ٻڌ ڳانو.

اچي سرتيون سهاڳڻيون، بني کي ڏورو ٻڌو،

ڏورو سڄو سون جو، اچي سرتيون ڏورو ٻڌو.

        ڪن هنڌن گهوٽ کي به وناهه ۾ ويهاريندا آهن. شاديءَ جي رات کان هڪ رات اڳي گهوٽ کي تيلاڙي جو ساٺ ڪري، کيس ڪاتي، تسبيح ۽ ڏندڻ هٿ ۾ ڏيئي، ڪنهن محفوظ هنڌ تي ويهاري ڇڏيندا آهن، جيئن مٿس ڌارئي ماڻهوءَ جي نظر نه پوي. گهوٽ سان هڪ ويجهو عزيز ”اَنهير“ يا ”آهنَر“ طور گڏ هوندو آهي ۽ کيس اڪيلو نه ڇڏيندو آهي. انهيءَ حالت ۾ گهر مان ٻاهر نڪرڻ وقت کيس منهن تي موڙ ٻڌندا آهن. انهيءَ رسم کي ’ڏِک ويهارڻ‘ به چوندا آهن. گهوٽ کي وناهه ۾ ويهارڻ وقت زالون هن قسم جو ”ساٺ جو ڳيو“ چونديون آهن:

ڏِک چڙهه ونا! تنهنجو سينگار موتين هار،

اديون! منهنجو لاڏو، ڏيک چڙهي گهر آيو.

        شاديءَ جي تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ، گهوٽيتا ڃڄ ڪري ڪنواريتن ڏانهن هلندا آهن. پرانهون پنڌ هجڻ جي حالت ۾ ڄڃ، وهٽن يا گاڏين تي چڙهي ڪنواريتن ۾ پهچندي آهي، پر ويجهڙي پنڌ جي حالت ۾ ڄڃ پنڌ هلندي آهي، فقط گهوٽ کي گهوڙي تي چاڙهي هلندا آهن. ڄڃ جي سنبت ۽ رواني ٿيڻ کان ڪنواريتن تائين پهچڻ واري عرصي ۾ زالون انهيءَ موقعي جا ڳيچ چونديون آهن. مثلاً:

اُٿي ڪر سعيو، ساهرين هلڻ جو.

لاڏل هليو اٿم ساهرن سامهون، پَٽَ جا ويس ڪري.

اَدل ڄاڃي پنڌ ۾، آهن الا جي ڪهڙي هنڌ ۾،
ڪر ڪڪر تون موتين ڇانوَ، ادل ڄاڃي پنڌ ۾.

مَيَڙا مَهري، لاڏو وَرَ ڏيو ٿو واري.

ڄڃ چڙهي آ ڪجاوي، آ لٿي هي پتڻ تي،

جيوي ميڏي اما، جيوي ميڏا ابا.

آئي ڙي ابل ڄڃ ڪوٽ برابر آئي،

آئي ڙي سوڍل ڄڃ شهر برابر آئي.

        ڄڃ جي ڪنواريتن ۾ پهچڻ تي، ڪنواريتن جون زالون به گهوٽ جي مرحبا ۽ خوشيءَ جا ڳيچ ڳائينديون آهن. مثلاً:

مان ته ڏورئون ڏٺو هو، ادل چڙهي ڃڄ سان آيو،

لاڏو ته ڀلي مَهري وارو، لاڏو وڏي ڄڃ سان آيو.

کنڊ ڄاڃين کي کير کارايو، گهوٽ اڱڻ تي آيو.

ڌڌڪو دهلن جو، شور شرناين جو،

ٻڌو هلي سڀ راڄ، ادل اڱڻ تي آيو.

مَهريءَ چڙهي آءُ، مهريءَ واڳون پَٽ جون.

جڏهن ڄڃ ڪنواريتن ۾ پهچي ڇني ڀيڙي ٿيندي آهي، تڏهن شاديءَ جي رات گهوٽيتن جون زالون شاديءَ جي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائينديون آهن، جن ۾ گهوٽ کي دعائن، گهوٽ ۽ ڪنوار جي ساراهه ۽ اميد پوري ٿيڻ تي شڪراني جو اظهار هوندو آهي. مثلاً:

انهي ته زماني ۾ گلن جي بهاري آهي،

گلن جي بهاري آهي، ڏاڍي جنساري آهي.

سيڻن جي ڪوٽ جو، هلي ڪڙو لاهيو.

پائي هار راڻل، وني ماڻين شل! جيوين گهوٽ لاڏا!

لاڏل ماءُ شال ٺرين! الله وڌائي هي، موليٰ وڌائي هي.

هن باب ۾ انهن سڀني عنوانن تي ڪي به چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.

1. آڌر ڀاءُ جا ڳيچ

[1]  [1]

وراڻي: هت ٿا اچن خان، منهنجا مور لاڏا.
سرهي سيج بَني جي، ٻاهر مان وڇايان-
ڳاڙهي کٽ سهڻل جي، ٻاهر مان وڇايان-
        هت ٿا سمهن خان، منهنجا مور لاڏا.

سهڻو پلنگ جڙيل جو، ٻاهر مان وڇايان-
       هت ٿا ويهن خان، منهنجا مور لاڏا.

 

[2]

وراڻي: مَنَ! ماندو نه ٿيءُ، اجهي ڄاڃي آيا،
اجهي مارو آيا، جيڏل ڪاڻ آيا.

 

حيدرآباد جهڙي شهر مان، لاريون مان گهرايون-
   من! ماندو نه ٿيءُ، اجهي ڃاڄي آيا.

سکر جهڙي شهر مان، موٽرون مان گهرايون-
    من! ماندو نه ٿيءُ، اجهي ڄاڃي آيا.

 

[3]

وراڻي: مهر ڀريا مهمان، اديون! الله آندا، ربّ آهن ملايا،
کير کنڊ تن کي کارايان، جيڪي آڌيءَ هت آيا.
             بينسر ادل جي لاڙان گهڙايان-

مهر ڀريا مهمان، اديون! الله آندا، ربّ آهن ملايا.
             دهري ادل جي لاڙان گهڙايان-

مهر ڀريا مهمان، اديون! الله آندا، ربّ آهن ملايا.

 

ٻانهين ادل جي لاڙان گهڙايان-

مهر ڀريا مهمان، اديون! الله آندا، ربّ آهن ملايا-

 

[4]  [2]

وراڻي: ڀلي ڀائر آيا لاڏل جي اڱڻ تي،
ڪري ناز نخرا وڄن دهل در تي.

 

چڱو ويندو جوڙائي آءُ مور! صدقي-

 

ڪري ناز نخرا وڄن دهل در تي…

 

چڱا سهرا گهرائي آءُ مور! صدقي-

 

ڪري ناز نخرا وڄن دهل در تي…

 

 

چڱا کهنبا رڱائي آءُ مور! صدقي-

 

ڪري ناز نخرا وڄن دهل در تي…

 

 

[5]

وراڻي: ڀلي ڀائر آيا، اوهين گلم وڇايو،
پنهنجي قرب سان چاڙهي گهوٽ گهمايو.

 

ڄاڃي لاڏل جا گاڏيءَ ۾ آيا،
اچڻا لاڏل جا گاڏيءَ ۾ آيا،
ڀلي ڀائر آيا، اوهين گلم وڇايو.

 

ڀينر لاڏل جون لاريءَ ۾ آيون،
اچڻيون نه وڃڻيون، قسمت آنديون-
ڀلي ڀائر آيا، اوهين گلم وڇايو.

 

مرشد لاڏل جي محفل ۾ آيو،
اچڻو نه وڃڻو، قسمت آندو-
ڀلي ڀائر آيا، اوهين گلم وڇايو.

 

[6]  [3]

وراڻي: ڀلي ڪري آيا ڙي! حورن هنڌ وڇايا،
سوالي محمّد ڄام جا، ڀلي ڪري آيا-
ڄاڃي سهڻل گهوٽ جا، ڀلي ڪري آيا.

 

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايا-
     ڀلي ڪري آيا ڙي! حورن هنڌ وڇايا.

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايا-
    ڀلي ڪري آيا ڙي! حورن هنڌ وڇايا.

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايا-
    ڀلي ڪري آيا ڙي! حورن هنڌ وڇايا.

 

[7]

وراڻي: ڀائر آيا ڀلي، جيءُ جيءُ آيا هلي،
ادل جي ڪاڄ تي، دهل وڄن ٿا، ناچونچن ٿا.

 

بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان، ڀائر آيا ڀلي-
ادل جي ڪاڄ تي دهل وڄن ٿا، ناچو نچن ٿا.
ٻانهين لاڏل جي لاڙئون آڻايان، ڀائر آيا ڀلي-
ادل جي ڪاڄ تي دهل وڄن ٿا، ناچو نچن ٿا.
پنڙا لاڏل جا لاڙئون آڻايان، ڀائر آيا ڀلي-
ادل جي ڪاڄ تي دهل وڄن ٿا، ناچو نچن ٿا.

 

[8]

وراڻي: ڄاڃي سلامي سرور پير جا، اوهين ڀلي ڪري آيا،
      ڀلي ڪري آيا، سر هي سيج وڇايان-


نٿ گهڙائج نهري،  ڄاڃي سلامي سرور پير جا-
     ڀلي ڪري آيا، سرهي سيج وڇايان…

جهالر گهڙائج نهري، ڄاڃي سلامي سرور پير جا-
    ڀلي ڪري آيا، سرهي سيج وڇايان…

بينسر گهڙائج نهري، ڄاڃي سلامي سرور پير جا-
    ڀلي ڪري آيا، سرهي سيج وڇايان…

 

[9] [4]

وراڻي: ڌُوران جي آيا، جيءُ! ڏُوران جي آيا.

هاڻي گلم وڇايم تن لاءِ، الا! ڏوران جي آيا-
ڏوران جي آيا، جيءُ! ڏوران جي آيا.

شل ماروءَ جو ڏيهه وسي، الا! ڏوران جي آيا-
ڏوران جي آيا، جيءُ! ڏوران جي آيا.

اسين سڪياسون ٿي جن لاءِ، الا! ڏوران جي آيا.
ڏوران جي آيا، جيءُ ڏوران جي آيا.

 

[10]

وراڻي: ڄاڃي لاڏل جي لاريءَ ۾ آيا، ڄاڃي لاڏل جا ڪجاون ۾ آيا،
اچڻا نه وڃڻا منهنجا قسمت آندا، علم ڌڻي گلم وڇايان.
بينسر گهڙائج نهري، ڄاڃي لاڏل جا لاريءَ ۾ آيا-
اچڻا نه وڃڻا منهنجا قسمت آندا، علم ڌڻي گلم وڇايان…
دهري گهڙائج نهري، ڄاڃي لاڏل جا لاريءَ ۾ آيا.
اچڻا نه وڃڻا منهنجا قسمت آندا، علم ڌڻي گلم وڇايان…
جهالر گهڙائج نهري، ڄاڃي لاڏل جا لاريءَ ۾ آيا-
اچڻا نه وڃڻا منهنجا قسمت آندا، علم ڌڻي گلم وڇايا…

 

[11]

وراڻي: وڏو شانُ تنهنجو مانُ، آيا خان مهمان،
آيا خان مهمان، راضي توتي رحمان.
بينسر گهڙائي ڏي، رنگڙو رچائي ڏي-
وڏو شان، تنهنجو مان، آيا خان مهمان.
دهري گهڙائي ڏي، رنگڙو رچائي ڏي-
وڏو شان، تنهنجو مان، آيا خان مهمان.
جهالر گهڙائي ڏي، رنگڙو رچائي ڏي-
وڏو شان، تنهنجو مان، آيا خان مهمان.

 

[12] [5]

وراڻي: ٿيڙس ڇانو رسول جي، اسان جو محمّد موچارو،
ڀائر آيا اٿس ڪاڄ ۾، اسان جو سيّد سوڀارو.

 

نٿ ته گهڙائيندم لاڙ مان، جنهن کي لعلن جو جوڙو-
ٿيڙس ڇانو رسول جي، اسان جو محمّد موچارو.
دهري ته گهڙائيندم لاڙ مان، جنهن کي هيرن جو جوڙو-
ٿيڙس ڇانو رسول جي، اسان جو محمّد موچارو.
پازيب گهڙائيندم لاڙ مان، جنهنه کي موتين جو جوڙو-
ٿيڙس ڇانو رسول جي، اسان جو محمّد موچارو.

 

[13]

وراڻي: ڄاڃي آيا منهنجي ادل جا، گُهليو آهه ڏکڻ جو واءُ،
لڳو آهه ڏکڻ جو واءُ، ٺري سهڻل تنهنجي ماءُ.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل هي رنگ لايو-
ڄاڃي آيا منهنجي ادل جا، گهليو آهي ڏکڻ جو واءُ.

 

هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
ڄاڃي آيا منهنجي ادل جا، گهليو آهه ڏکڻ جو آءُ.

 

هٿ سهڻل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني هي رنگ لايو-
ڄاڃي آيا منهنجي ادل جا، گهليو آهي ڏکڻ جو واءُ.

 

[14] [6]

وراڻي: آيا ڙي ادل! تنهنجا ڄاڃي آيا، کير ورهايان ساري رات،
کنڊ ورهايان پرڀات، آيا ڙي سهڻل! تنهنجا ڄاڃي آيا.

 

اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل سدا رنگ لايا-
آيا ڙي ادل! تنهنجا ڄاڃي آيا، کير ورهايان ساري رات.

 

هٿ لاڏل جي سونا ڳانا، مينديءَ سدا رنگ لايا-
آيا ڙي ادل! تنهنجا ڄاڃي آيا، کير ورهايان ساري رات.

 

سيج سهڻل جي ساهرين سونهندي، موڙن سدا رنگ لايا-
آيا ڙي ادل! تنهنجا ڄاڃي آيا، کير ورهايان ساري رات.

 

[15]

وراڻي: چنڊ! چانڊوڪي ڪر، ڀائر اڱڻ آيا،
ڀلي صحبت وارا، مٺيءَ محبت وارا.

 

بينسر ادل جي مان سوني گهڙايان-
چنڊ! چانڊوڪي ڪر، ڀائر اڱڻ آيا،

 

دهري ادل جي موتين سان گهڙايان-
چنڊ! چانڊوڪي ڪر، ڀائر اڱڻ آيا،

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون گهڙايان-
چنڊ! چانڊوڪي ڪر، ڀائر اڱڻ آيا،

 

[16]

وراڻي: مان ڀائرن جي جهليان مهماني، جهليان مهماني،
ڪريان ساهه قرباني، مان لاڏل جي.

 

ڇلڙو لاڏل کي هوندم نشاني،
ٻُندڙو ڀائرن کي هوندم نشاني،
ڪريان ساهه قرباني، مان لاڏل جي…

 

جندڙي جان، مان ڪريان قرباني،
پَنڙو ڀائرن کي هوندم نشاني-
ڪريان ساهه قرباني، مان لاڏل جي…

 

[17] [7]

وراڻي: ڇا ڪريان قربان! اڄ ڀائر آيا ٿي مهمان،
ڀائر آيا مهمان، آهن وڏا قدر دان.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان،
هن اڱڻ تي آيا، ماڻهو وڏيرا خان-
ڇا ڪريان قربان! اڄ ڀائر آيا ٿي مهمان.

 

وينڊو ادل جو مان لاڙئون آڻايان،
هن اوطاق تي آيا، جوڌا جوان-
ڇا ڪريان قربان! اڄ ڀائر آيا ٿي مهمان.

 

دُهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان،
هن ويڙهي ۾، شاديءَ جا سامان-
ڇا ڪريان قربان! اڄ ڀائر آيا ٿي مهمان.

 

[18]

وراڻي: انگل ارڏايون، ڀلي ڪريو ڀينر!
ڀائر اسان جا، ڀلي ايا هر هر.
الله اسان کي مبارڪون ڏياريون،
ڀائر چون ٿا ڳڪيچ ڳايو هر هر-
ڳيچ ڳايو هر هر، ڀلي ڳايو ڀينر!
انگل ارڏايون، ڀلي ڪريو ڀينر!
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان،
پائي ڪنوار ڀائڙي جي، اها دهري هر هر-
اها دهري هر هر، ڀلي پايو ڀينر!
انگل ارڏايون، ڀلي ڪريو ڀينر!

2. مينديءَ جا ڳيچ

 

[19] [1]

وراڻي:  سونڙي ڏاٽي ميندي لُڻايو ڙي!
روپي ٿالهه هلي پسايو ڙي.

 

ميندي اول ادل کي لاڙيو ڙي،
سونڙي ڏاٽي ميندي لڻايو ڙي.

 

تنهنجو لايو ٿيم سجايو ڙي،
سونڙي ڏاٽي ميندي لڻايو ڙي.

 

تنهنجو هادي هٿ نه منجهايو ڙي،
سونڙي ڏاٽي ميندي لڻايو ڙي.

 

[20]

وراڻي: آندي سا لال ملوڪ، آندي سا خان ملوڪ،
               مينديءَ جُھڙ لايو.

ميندي لاڏي جي آهي نياڻين سان، ميندي بني جي آهي ڀائرن سان-
آندي سا لال ملوڪ، آندي سا خان ملوڪ.

 

ميندي ادل جي آهي مامن سان، ميندي لاڏل جي آهي چاچن سان-
آندي سا لال ملوڪ، آندي سا خان ملوڪ.

 

ميندي بني جي آهي دهلن سان، ميندي لاڏي جي آهي واڄن سان-
آندي سا لال ملوڪ، آندي سا خان ملوڪ.

 

[21]

وراڻي: آندي لاڏي هيج مان، ميندي لاتس ماءُ،
جهانءِ جهلي رات، لاڏو مور جان ٿو ٽلي.

 

بينسر گهڙائج سهڻي، ميندي درياءَ پار-
آندي لاڏي هيج مان، ميندي لاتس ماءُ.

 

دهري گهڙائج سهڻي، ميندي درياءَ پار-
آندي لاڏي هيج مان، ميندي لاتس ماءُ.

 

ڪڙيو گهڙائج سهڻيون، ميندي درياءَ پار-
آندي لاڏي هيج مان، ميندي لاتس ماءُ.

 

[22]  [2]

وراڻي: ميندي لاڏل جي ٿالهيءَ ۾ پُسايان،
اٿس لعل گلاب، ايندو واڳون ورائي-
چڙهي گهوٽ گهوڙي، جُتي سيم پائي.

 

بينسر ادل جي لاڙان جو آئي-
ميندي لاڏل جي ٿاهيءَ ۾ پسايان.

 

دهري ادل جي لاڙان جو آئي-
ميندي لاڏل جي ٿالهيءَ ۾ پسايان.

 

ٻانهين ادل جي لاڙان جو آئي-
ميندي لاڏل جي، ٿالهيءَ ۾ پسايان.

 

[23]

وراڻي: سوني ٿالهي آڻايو، جنهن ۾ ميندي پسايو،
ڏاڏي پوٽيون سڏايو، پاڙي واريون آڻايايو-

 

بينسر ادل جي لاڙئون آڻايو، بولو ادل جو روهڙيءَ مان گهرايو-
اول وڃي گهوٽل کي لايو، پوءِ وڃي ونل کي لايو…

ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايو، ڪڙيون ادل جون سکر مان گهرايو-
اول وڃي گهوٽل کي لايو، پوءِ وڃي وٺل کي لايو…

 

[24] [3]

وراڻي: لااِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي،
ميندي ٿي ملجي، ڳانو ٿو ٻڌجي.

 

بنگلي جي ڀر تي، ڪا بينسر ٿي گهڙجي-
لااِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي،

 

بنگلي جي ڀر تي، ڪا دهري ٿي گهڙجي-
لااِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي،

 

بنگلي جي ڀر تي، ڪا ٻانهين ٿي گهڙجي-
لااِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي،

 

[25]

وراڻي: شهر جي ڀرتي، سون ڇو نه گهڙجي، لا اِلٰہ الا الله ميندي ٿي ملجي،
رنگ ڇو نه رلجي، عطر ڇو نه ڇٽجي، ڪو ويهي ورد ڪجي الا!
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
              لا اِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي…

هٿ لاڏل جا سنهڙا سهڻا، ميندي رنگ لايو-
              لا اِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي…

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
              لا اِلٰہ الا الله، ميندي ٿي ملجي…

 

[26]

وراڻي: ڀيڻ ميندي ٿي ملي، ڀاءُ ميندي اچي لائي.
       ڄڃ ته ابل جي آئي ريل برابر-

ڀيڻ ميندي ٿي ملي، ڀاءُ ميندي اچي لائي.
       ڄڃ ته ابل جي آئي شهر برابر-

ڀيڻ ميندي ٿي ملي، ڀاءُ ميندي اچي لائي.
       ڄڃ ته ابل جي آئي ڪوٽ برابر-

ڀيڻ ميندي ٿي ملي، ڀاءُ ميندي اچي لائي.

 

[27] [4]

وراڻي: لا اِلٰہ اِلا الله پڙهي لاڏا،
لاءِ هٿن پيرن کي ميندي لاڏا!
هٿن پيرن کي، نُنَهن نيڻن کي.

 

ميندي تنهنجي مليرئون آڻايام-
لا اِلٰہ الا الله پڙهي لاڏا.

 

مديني جي ميندي، عمر ڪوٽ جي-
لا اِلٰہ الا الله پڙهي لاڏا.

 

بندر شهر جي، ميندي گهوٽ جي-
لا اِلٰہ الا الله پڙهي لاڏا.

 

[28]

وراڻي: جُهلي اڄ راڻا! سيج تي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي.
تنهنجا ماما ڪُل گهرايان ٿي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي-
          جُهلي اچ راڻا! سيج تي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي.
تنهنجا چاچا ڪُل گهرايان ٿي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي-
       جُهلي اچ راڻا! سيج تي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي.
تنهنجا ڀائر ڪُل گهرايان ٿي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي-
       جُهلي اچ راڻا! سيج تي، توکي نَو لکي ميندڙي لايان ٿي.

 

[29]

وراڻي: هيءُ جا ميندي هڪ پَنِي، هيءَ جا ميندي هڪ پني،
آئي، لايو ننڍڙي لاڏي کي، جو رنگ ميندڙيءَ لايو.

 

هيءَ جا ميندي ٻه پني، هيءَ جا ميندي ٻه پني،
آئي، لايو سڪيلڌي لاڏي کي، جو رنگ ميندڙيءَ لايو-
هيءَ جا ميندي هڪ پني، هيءَ جا ميندي هڪ پني،

 

هيءَ جا ميندي ٽِه پني، هيءَ جا ميندي ٽِه پني،
آئي، لايو شهزادي لاڏي کي، جو رنگ ميندڙيءَ لايو-
هيءَ جا ميندي هڪ پني، هيءَ جا ميندي هڪ پني.

 

هيءَ جا ميندي چؤ پني، هيءَ جا ميندي چؤ پني،
آئي، لايو صاحبزادي بني کي، جو رنگ ميندڙيءَ لايو-
هيءَ جا ميندي هڪ پني، هيءَ جا ميندي هڪ پني.

 

[30] [5]

وراڻي: ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ،
         آءُ ونـــهــيان لاڏا! مــــيندڙي لاوڻ ڏي-

آءُ ماءُ جا دادلا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ڏي.

 

بينسر گهڙائج نهري، ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ،
            آءُ جڙيا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ٿي-

آءُ ڀائرن جا ڪوڏيا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ڏي-

ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ.

 

دهري گهڙائج نهري، ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ،
            آءُ جڙيا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ٿي-

آءُ ڀائرن جا ڪوڏيا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ڏي-

ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ.

 

هس گهڙائج نهرو، ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ،
            آءُ جڙيا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ٿي-

آءُ ڀائرن جا ڪوڏيا لاڏا! ميندڙي لاوڻ ڏي-

ميندڙي ملڪ ملير جي، الا! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ.

 

[31] [6]

وراڻي: ملير جي ميندي ڀائڙي کي ٿي لايان، سيج وڇايان،
سهاڳ جي ميندي لاڏل کي ٿي لايان، سيج وڇايان.
              بينسر ادل جي لاڙئون گهڙايان-

ملير جي ميندي ڀائڙي کي ٿي لايان، سيج وڇايان.
              دهري لاڏل جي مان لاڙئون گهڙايان-

ملير جي ميندي، ڀائڙي کي ٿي لايان، سيج وڇايان.
              ٻانهين ادل جي مان لاڙئون گهڙايان-

ملير جي ميندي، ڀائڙي کي ٿي لايان، سيج وڇايان.

 

[32]

وراڻي: ميندي شهر بندر جي، هلي منهنجي لاڏي کي لايو،
لاڏو منهنجو سنڌ جو سوداگر، هلي منهنجي لاڏي کي لايو.

 

بينسر جوڙائج نهري، هلي منهنجي سوڍي کي لايو.
ميندي شهر بندر جي، هلي منهنجي لاڏي کي لايو.

 

دهري جوڙائج نهري، هلي منهنجي سوڍي کي لايو-
ميندي شهر بندر جي، هلي منهنجي لاڏي کي لايو.

 

مالها جوڙائج نهري، هلي منهنجي سوڍي کي لايو-
ميندي شهر بندر جي، هلي منهنجي لاڏي کي لايو.

 

[33]

وراڻي: ميندي شهر بندر جي، آءُ ڙي بنا! ڳانو ٻڌي وڃ بنا، لانوان لهي وڃ بنا،
ٿڌڙيون ڇانؤن انبن جون ڙي بنا! خاصيون ڇانؤن ليمن جون ڙي بنا،
آءُ ڙي بنا، ڳانو ٻڌي وڃ بنا، لانوان لهي وڃ بنا!
                   ميندي شهر مديني جي-

آءُ ڙي بنا، ڳانو ٻڌي وڃ بنا، لانوان لهي وڃ بنا!
                   ميندي شهر مڪي جي-

آءُ ڙي بنا، ڳانو ٻڌي وڃ بنا، لانوان لهي وڃ بنا!
                   ميندي ته ملير جي-

آءُ ڙي بنا، ڳانو ٻڌي وڃ بنا، لانوان لهي وڃ بنا!

 

[34]

وراڻي: ادل گهوٽ! تو تي الله راضي آهي،

ميندي ڙي آيئي، ملتان جي.

ميندي ته آيئي ڙي ملير جي، ٻڌ ڳانو هل ساهرين،
مومل تنهنجي محلات ۾، جيڏل تنهنجي محلات ۾-
                ادل گهوٽ! تو تي الله راضي آهي.

ميندي ته شهر بندر جي، ٻڌ سهرو هل ساهرين،
مومل تنهنجي محلات ۾، جيڏل تنهنجي محلات ۾-
                ادل گهوٽ! تو تي الله راضي آهي.

مٺي ميندي ته عمرڪوٽ جي، ٻڌ لنگي هل ساهرين،
مومل تنهنجي محلات ۾، جيڏل تنهنجي محلات ۾-
                ادل گهوٽ! تو تي الله راضي آهي.

 

[35] [7]

وراڻي: هلي لاءِ لاڏا! مديني جي ميندي،
لاڏي بني کي مديني جي ميندي.

 

مديني جي ميندي، مَلڪَن پئي آندي،
عرش کان ڳانا، حورن پئي آندا-
           هلي لاءِ لاڏا! مديني جي ميندي.

عرشئون ڪُرسيئون، اچي ٿي ميندي،
سهرا ساڻس گڏ، مَلڪَن ٿي آندا-
            هلي لاءِ لاڏا! مديني جي ميندي.

هن مينديءَ جو، مُلهه ڪونه آهي،
سڀني سڳورن، پڙهي آهي ميندي-
           هلي لاءِ لاڏا! مديني جي ميندي.

 

 

[36] [8]

وراڻي: منهنجا ڪچهريءَ جا مور! ميندي لاءِ هٿن کي،
منهنجا سورٺ جا سينگار! ميندي لاءِ پيرن کي.
           بينسر ادل جي مان لاڙان گهڙايان-

منهنجا ڪچهريءَ جا مور! ميندي لاءِ هٿن کي.
            دهري ادل جي مان لاڙان گهڙايان-

منهنجي ڪچهريءَ جا مور! ميندي لاءِ هٿن کي.
             ٻانهين ادل جي مان لاڙان گهڙايان-

منهنجي ڪچهريءَ جا مور! ميندي لاءِ هٿ کي.

 

[37]

وراڻي: رنگ رتو اربيلو، مان ٿي پرڻايان،
اُٿي لاءِ لاڏا! ميندڙي هٿن کي.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايا-
               رنگ رتو اربيلو، مان ٿي پرڻايان.

ڪڇ لاڏل جي وَنڙي سونهندي، ونيس جوڙ بنايا-
               رنگ رتو اربيلو، مان ٿي پرڻايان.

هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايا-
               رنگ رتو اربيلو، مان ٿي پرڻايان.

 

[38]

وراڻي: ڀلي لاءِ لاڏا! ميندي لاءِ لاڏا!
سنهڙن پيرن کي، سهڻن هٿن کي.

 

بينسر لاڏل جي لاڙئون جو آئي-
ڀلي لاءِ لاڏا! ميندي لاءِ لاڏا!

 

دهري لاڏل جي لاڙئون جو آئي-
ڀلي لاءِ لاڏا! ميندي لاءِ لاڏا!

 

ٻانهين لاڏل جي لارئون جي آئي-
ڀلي لاءِ لاڏا! ميندي لاءِ لاڏا!

 

[39] [9]

وراڻي: شهزادا ڙي سهڻل! ميندي لاءِ هٿن کي،
ميندي لاءِ هٿن کي، ڦڻي ڏي وارن کي.

 

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
          ميندي لاءِ هٿن کي، ڦڻي ڏي وارن کي

 

ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناءِ-
          ميندي لاءِ هٿن کي، ڦڻي ڏي وارن کي.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بناءِ-
          ميندي لاءِ هٿن کي، ڦڻي ڏي وارن کي

 

[40]

وراڻي: آءُ، لا3 ميندي گهوٽ پيارا! وقت اسر جو آيو آهه،
وقت فجر جو آيو آهه، وقت لانئُن جو آيو آهه.

 

پڳ پُٽڙي کي سهڻي جا ٺهندي، طُره جوڙ بنايو-
آءُ، لاءِ ميندي گهوٽ پيارا! وقت اسر جو آيو آهه.

 

لونگي لاڏل کي سهڻي جو ٺهندي، طره جوڙ بنايو-
آءُ، لاءِ ميندي گهوٽ پيارا! وقت اسر جو آيو آهه.

 

پهراڻ گهوٽل کي سهڻو جو ٺهندو، ٻيڙن جوڙ بنايو-
آءُ، لاءِ ميندي گهوٽ پيارا! وقت اسر جو آيو آهه.

 

[41] [10]

وراڻي: گلن جي گلزاري، اچ سهڻا! گهوٽل هلي تون ميندي لاءِ،
امڙ تنهنجي هنڌ وڇائي، بابو تنهنجو ڪاڄ هلائي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
امڙ تنهنجي هنڌ وڇائي، بابو تنهنجو ڪاڄ هلائي…

 

سيج ادل جي ساهرين سونهندي، لانئن جوڙ بنايو-
امڙ تنهنجي هنڌ وڇائي، بابو تنهنجو ڪاڄ هلائي…

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
امڙ تنهنجي هنڌ وڇائي، بابو تنهنجو ڪاڄ هلائي…

 

[42]

وراڻي: اچي لاءِ لاڏا! اچي لاءِ لاڏا هٿن پيرن کي،
سهڻن هٿن تي، رنگ رتوار بيلا! ويٺي ورهايان

 

ملير کان ميندي، گاڏيءَ ۾ گهرايم،
          هڪ جيڏين ۾ ونڊيم ورهايم،

وٽيون وڌائي، ويٺي ورهايان-

اچي لاءِ لاڏا! اچي لاءِ لاڏا هٿن پيرن کي.

 

عمر ڪوٽ کان ميندي، مهرين تي گهرايم،
          هلي هڪ جيڏن ۾، ورڇي ورهايم،

وٽيون ڀرائي، ويٺي ورهايان-

اچي لاءِ لاڏا! اچي لاءِ لاڏا هٿن پيرن کي.
شاهبندر کان ميندي، گاڏيءَ تي گهرايم،
          اچي هڪ جيڏين ۾ ونڊيم ورهايم،

وٽيون ڀرائي، ويٺي ورهايان-

اچي لاءِ لاڏا! اچي لاءِ لاڏا هٿن پيرن کي.

 

[43] [11]

وراڻي : هلي لاءِ لاڏا! هٿن پيرن کي،
ميندي لاءِ لاڏا! سنهڙن پيرن کي.

 

موڙ ادل جا، مان عرشئون آڻايان،
اُٿ مرشد منهنجا! مان توکؤن ٻڌايان-
     هلي لائي لاڏا! هٿن پيرن کي.

کُهنبو ادل جو، مان عرشئون آڻايان،
اُٿ مرشد منهنجا! مان توکؤن ڍڪايان-
     هلي لائي لاڏا! هٿن پيرن کي.

هار لاڏل جو، مان عرشئون آڻايان،
اُٿ مرشد منهنجا! مان توکؤن پارايان-
     هلي لائي لاڏا! هٿن پيرن کي.

 

[44]

وراڻي: سهڻا ٿالهه ميندي دا، مين چائي کڙي هان،

چائي کڙي هان، ويس وٽائي کڙي هان.

 

اکيان ادل ديان ٻرن مشعلي، ڪجل جوڙ بنائي کڙي هان-
          سهڻا ٿالهه ميندي دا، مين چائي کڙي هان.

 

ڏند ادل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنائي کڙي هان-
           سهڻا ٿالهه ميندي دا، مين چائي کڙي هان.

 

هٿ ادل دي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بنائي کڙي هان-
           سهڻا ٿالهه ميندي دا، مين چائي کڙي هان.

 

[45]

وراڻي: چڙهه جُهمٽيءَ تي، ميندي لاوڻ ڏي.
اسين آياسين ادل! تنهنجي شاديءَ تي،

 

اها ريهه ڪجل جي پائڻ ڏي،
چڙهه جُهمٽيءَ تي، ميندي لاوڻ ڏي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو-
              چڙهه جُهمٽيءَ تي، ميندي لاوڻ ڏي.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
              چڙهه جُهمٽيءَ تي، ميندي لاوڻ ڏي.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
              چڙهه جُهمٽيءَ تي، ميندي لاوڻ ڏي.

 

[46] [12]

وراڻي: آيو چنڊ جُهلي، لڳو رنگ بنا، توڙي رمز بنا،
                     ميندي ادل! توکي لايان.

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، وو ڪجل جوڙ بنايو-
آيو چنڊ جُهلي، لڳو رنگ بنا، توڙي رمز بنا.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، وو سرخيءَ رنگ بنايو-
آيو چنڊ جُهلي، لڳو رنگ بنا، توڙي رمز بنا.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ سدا رنگ لايو-
آيو چنڊ جُهلي، لڳو رنگ بنا، توڙي رمز بنا.

 

[47]

وراڻي: تنهنجا وار وَرَ وَرَ، ميندي لايانءِ هَر هَر،
ادل! ڪر ٻانهن اوري، مان لايانءِ ميندڙي.

 

هار ادل جو مان لاڙئون آڻايان-
تنهنجا وار ور ور، ميندي لايانءِ هر هر.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايا-
تنهنجا وار ور ور، ميندي لايانءِ هر هر.

 

منڊڙيون ڀائڙي جون، مان پارئون آڻايان-
تنهنجا وار ور ور، ميندي لايانءِ هر هر.

 

[48] [13]

وراڻي: پنهنجي ادل کي، مينديءَ رنگ لايان، گل گلابي لايان،
ڪجل لائي ا بهاري، لاڏل جيوي مند ساري-
لاڏن جيوي مند ساري، ناز نازل کي سڏ سمجهايان.

 

مان کي بينسر ته گهرائي ڏي هزاري، بينسر لاتي آ بهاري-
پنهنجي ادل کي،  مينديءَ رنگ لايان، گل گلابي پايان.

 

مان کي دهري ته گهڙائي ڏي هزاري، دهريءَ لاتي آ بهاري-
پنهنجي ادل کي، مينديءَ رنگ لايان، گل گلابي پايان.

 

مان کي ٻانهين ته گهڙائي ڏي هزاري، ٻانهين لاتي آ بهاري-
پنهنجي ادل کي، مينديءَ رنگ لايان، گل گلابي پايان.

 

[49]

وراڻي: هلي آءُ گهوٽ! ميندي توکي لايان،
ڀائر سڏايان، ميندي توکي لايان.

 

بينسر ادل جي، لاڙئون آڻايان-
هلي آءُ ناري جا نواب! ميندي توکي لايان.

 

دهري ادل جي، لاڙئون آڻايان-
هلي آءُ موري جا محب! ميندي توکي لايان.

 

پنڙا ادل جا، لاڙئون آڻايان-
هلي آءُ سنڌ جا صاحب! ميندي توکي لايان.

 

[50]

وراڻي: شڪر شاديءَ جو، سهرو ٿي ڳايان،
ميندي لاڏل کي، ملي ٿي لايان.

 

سر لاڏل جي، سهرا سونهندا،
شاديءَ سدا رنگ لايان، لاڏل کي ٿي پرڻايان-
شڪر شاديءَ جو، سهرو ٿي ڳايان.

 

اکيون لاڏل جون، ٻرن مشعلا،
ڪجل سدا رنگ لايان، لاڏل کي پرڻايان-
شڪر شاديءَ جو، سهرو ٿي ڳايان.

 

هٿ لاڏل جا، مينديءَ رتڙا،
ڳاني سدا رنگ لايان، لاڏل کي ٿي پرڻايان-
شڪر شاديءَ جو، سهرو ٿي ڳايان.

 

[51] [14]

وراڻي: شهزادو بنرو مان ٿي پرڻايان، مان ٿي پرڻايان، سهرا ٿي ڳايان،
جوڙيل پرڻايان، لاڏا ٿي ڳايان، البيلو بنرو، مان ٿي پرڻايان.
اکيون ته ادل جون، ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايان-                           
                  شهزادو بنرو مان ٿي پرڻايان.

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايان-
                  شهزادو بنرو مان ٿي پرڻايان.

هٿ ادل جا سنهڙا سهڻا، مينديءَ جو رنگ لايان-
                  شهزادو بنرو مان ٿي پرڻايان.

 

[52]

وراڻي: لايان لال ميندي، گلن ساڻ گڏي،
سارو راڄ سڏي، عطر ساڻ گڏي.
     نَڪ لاڏيءَ جي بينسر سونهندي-

لايان لال ميندي، گلن ساڻ گڏي.
      سر لاڏل جي سهرو سونهندو-

لايان لال ميندي، گلن ساڻ گڏي.

 

هٿ ادل جي ميندي سونهندي-

لايان لال ميندي، گلن ساڻ گڏي.

 

[53] [15]

وراڻي: شهزادي بني کي، ميندي لايان ٿي،
اهو مشڪ عطر، لڱين لايان ٿي-
حاڪمزادي بني کي، ميندي لايان ٿي.
       انهيءَ بينسر کي رنگ لايان ٿي-

حاڪمزادي بني کي ميندي لايان ٿي…
       انهيءَ نٿڙيءَ کي رنگ لايان ٿي-

حاڪمزادي بني کي، ميندي لايان ٿي…‎
      انهيءَ دهريءَ کي رنگ لايان ٿي-

حاڪمزادي بني کي، ميندي لايان ٿي…

 

[54]

وراڻي: البيلا بنا! رنگ لايانءِ ٿي، شهزاد بنا! ميندي لايانءِ ٿي.
          تنهنجي شاديءَ ۾، مالڪ راضي ٿي بنا-

البيلا بنا! رنگ لايانءِ ٿي.

تنهنجي ساهرين سيج وڇايان بنا!
                البيلا بنا! رنگ لايانءِ ٿي.

توکي سنهڙي ڪنوار ملايان بنا!
                البيلا بنا! رنگ لايانءِ ٿي.

تنهنجا دوست ڀائر گهرايان بنا!
                البيلا بنا! رنگ لايانءِ ٿي.

 

[55]

وراڻي: لال لايان، راڻل! توکي ميندي، جيوي تنهنجي مڱيندي،
سدا لايان، ادل! توکي ميندي، جيوي تنهنجي مڱيندي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشلا، او! ڪجل جوڙ بنايو-
سدا لايان راڻل! توکي ميندي، جيوي تنهنجي مڱيندي.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
سدا لايان ادل! توکي ميندي، جيوي تنهنجي مڱيندي.

 

[56] [16]

وراڻي: مين کڙي هان ابا! تيڏي ويس تؤن مان ٺري هان،
               ميندي دي ويلي، مين کڙي هان.

 

بابي موڙ ٻَڌءِ، مين کڙي هان-

مين کڙي هان ابا! تيڏي ويس تؤن مان ٺري هان.

 

ڳالي دي ويلي، مين کڙي هان-

مين کڙي هان ابا! تيڏي ويس تؤن مان ٺري هان.

 

[57]

وراڻي: ادل بني کي پڇي بنري کي، حضرت پيرداون لائيندي هان-
حضرت دي مين لال ميندي، پئي لائيندي هان.

 

اکيان ادل ديان ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بڻيندي هان-
حضرت دي مين لال ميندي، پئي لائيندي هان…

 

هٿ ادل دي سوني ڳاني، ميندي هي رنگ لائيندي هان-
حضرت دي مين لال ميندي، پئي لائيندي هان…

 

[58]

وراڻي: ميندي مور لايان، ميندي خان لايان،
پنهنجي لاڏل کي، ميندي ملير جي لايان.

 

مينديءَ رنگ سهڻو، مينديءَ رنگ سهڻو،
         ماءُ کڻي آئي، ڀيڻ کڻي آئي-

ميندي مور لايان، ميندي خان لايان.

 

مينديءَ رنگ ڳاڙهو، مينديءَ رنگ ڳاڙهو،
         جيجل کڻي آئي، ڀيڻ کڻي آئي-

ميندي مور لايان، ميندي خان لايان.

 

مينديءَ رنگ رتڙو، مينديءَ رنگ رتڙو،
          جيجل کڻي آئي، ڀيڻ کڻي آئي-

ميندي مور لايان، ميندي خان لايان.

 

[59]  [17]

وراڻي: اها لال ميندي، ادل! توکي لايان.
ڳانا ٻڌ نه ڪر دير، اسان وڃڻ وارا،
ميندي لاءِ نه ڪر دير، اسان وڃڻ وارا-
      اها لال ميندي، ادل! توکي لايان.

 

اسان وڃڻ وارا، تنهنجي محبت ماريا،
ميندي لاءِ، نه ڪر دير، اسان وڃڻ وارا!
     اها لال ميندي، ادل! توکي لايان.

 

سهرو ٻڌ سر تي، لاءِ نه دير ور تي،
ميندي لاءِ، نه ڪر دير، اسان وڃڻ وارا-
      اها لال ميندي، ادل! توکي لايان.

[60]

وراڻي: ميندي ادل کي، سيج تي لايان،
صاحبزادي، ننڊ پيل کي مان ڪيئن جاڳايان!

 

ٻانهين گهڙايان، سون چاڙهايانَ-
ميندي ادل کي، سيج تي لايان.

 

ڳانا ادل کي، مان سهجئون ٻڌايان-
ميندي ادل کي، سيج تي لايان.

 

موڙ گهوٽل کي، مان سهڻا ٻڌايان-
ميندي ادل کي، سيج تي لايان.

 

[61] [18]

وراڻي: پنهنجي ڀائن کي، مان پاڻ ميندي لايان،
مان پاڻ ميندي لايان، عطر ڇٽايان.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
        پنهنجي ڀائن کي، مان پاڻ ميندي لايان.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ رنگ لايو-
        پنهنجي ڀائن کي، مان پاڻ ميندي لايان.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لايو-
        پنهنجي ڀائن کي، مان پاڻ ميندي لايان.

 

[62]

وراڻي: ميندي توکي لايان، ڦڻي ڏيئي وارن کي،
منهنجا ڪچهريءَ جا مور! ميندي توکي لايان.

 

چڱو وينڊو جوڙائي، لاڙئون آڻيان-
منهنجا ڪچهريءَ جا مور! ميندي توکي لايان…

 

چڱا ڀائر گهرائي، لاڙئون آڻيان-
منهنجا ڪچهريءَ جا مور! ميندي توکي لايان…

 

چڱا ڄاڃي گهرائي، لاڙئون آڻيان-
منهنجا ڪچهريءَ جا مور! ميندي توکي لايان…

 

[63] [19]

وراڻي: هل تون مور مومل جا، ميندي توکي لايان،
ميندي توکي لايان، ادل توکي لايان.

 

ميندي ادل جي رنگ رتولو، جنهن ۾ جهجڙو سهاڳ-
هل تون مور مومل جا، ميندي توکي لايان.

 

هيءَ ته ميندي مليرئون آڻايم، ادل! تنهنجو وريو آهي ڀاڳ-
هل تون مور مومل جا، ميندي توکي لايان.

 

ميندي مديني جي مير آهير موڪلي، ٿيندو لاڏل تنهنجو سڪاڄ-
هل تون مور مومل جا، ميندي توکي لايان.

 

[64]

وراڻي: لال بني ڪُون ميندي لاان، مين ڳاوان سهرا سخي شهبازدا،
             سهرا سخي شهباز دا، قلندر لال دا.

سر لاڏل دي سوني سهري، موتي جوڙ بناوان-
لال نبي ڪونه ميندي لاوان، مين ڳاوان سهرا سخي شهباز دا.
      هٿ لاڏل دي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بناوان-

لال بني ڪونه ميندي لاوان، مين ڳاوان سهرا سخي شهباز دا.
      اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعلي، ڪجل جوڙ بناوان-
لال بني ڪونه ميندي لاوان، مين ڳاوان سهرا سخي شهباز دا.

 

[65]

وراڻي: تنهنجو جورو سدورو، ميندي توکي لايان،
تنهنجو لايو سجايو، ميندي توکي لايان،
ميندي توکي لايان، مان ڀائر سڏايان،
ميندي توکي لايان، مان راڄ سڏايان.
بينسر ادل جي، مان لاڙئون آڻايان-
تنهنجو جورو سدورو، ميندي توکي لايان.
دهري سهڻل جي، مان لاڙئون آڻايان-
تنهنجو جورو سدورو، ميندي توکي لايان.
جُهومَر سهڻل جو، مان لاڙئون آڻايان-
تنهنجو جورو سدورو، ميندي توکي لايان.

 

[66]  [20]

وراڻي: ميندي لال گهرايو، هير رانجهن کي لايو.

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو.
   ميندي لال گهرايو، هير رانجهن  کي لايو.

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، ڪجل جوڙ بنايو-
    ميندي لال گهرايو، هير رانجهن کي لايو.

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
     ميندي لال گهرايو، هير رانجهن کي لايو.

 

[67]

وراڻي: ميندي ادل کي لايو ڙي، لايو ٿيس سجايو ڙي.

 

بينسر گهڙائي گهر آيو ڙي-
ميندي ادل کي لايو ڙي.
دهري گهڙائي گهر آيو ڙي-
ميندي ادل کي لايو ڙي.
ٻانهين گهڙائي گهر آيو ڙي-
ميندي ادل کي لايو ڙي.

 

[68]

وراڻي:  سائي ميندي لايو، ڀائڙل گهوٽ کي،
هڪ هٿ سيّد جو، ٻيو سڄو لوڪ کي.

 

ڄڃ ته ادل جي، ’اُچ‘ واري آئي آ، الله آس پڄائي آ-
سائي ميندي لايو، ڀائڙل گهوٽ کي.

ڄاڃي ته ادل جا، سڀ اچي پهتا، الله آس پڄائي آ-
سائي ميندي لايو، ڀائڙل گهوٽ کي.

ڪاڄ لاڏل جو خاصو ٿيڙو، منهنجي سائين آس پڄائي آ-
سائي ميندي لايو، ڀائڙل گهوٽ کي.

 

[69] [21]

وراڻي: سيج وڇايو، گهوٽ کي ميندڙي لايو، گهوٽ پرڻائي گهر اچان،
ميندڙي لايان، مان ته سيج وڇايان، رب رکيو پرڻائي گهر اچان.

 

اهي ماما ته ادل جا، مِڙي مَنَهن آيا-
سيج وڇايو، گهوٽ کي ميندڙي لايو.
اهي ڀائڙا ته ادل جا، مِڙي منهن آيا.
سيج وڇايو، گهوٽ کي ميندڙي لايو.
اهي سنگتي ادل جا، مِڙي منهن آيا
سيج وڇايو، گهوٽ کي ميندڙي لايو.

 

[70]

وراڻي: ميندي لاڏل جي، هلي ليليٰ کي لايو،
اوهين عطر گلاب هلي ليلى کي لايو.

 

رب وارو ورايو، مرشد پاڻ سوڀارو-
ميندي لاڏل جي، هلي ليليٰ کي لايو.

 

ڀائر گهرائي لئي! راڻل جو آيو-
ميندي لاڏل جي، هلي ليليٰ کي لايو.

 

ڀائر گهرائي لئي! راڻل جو آيو-
ميندي لاڏل جي، هلي ليليٰ کي لايو.

 

ڄاڃي گهرائي لئي! سهڻل جو آيو،
ميندي لاڏل جي، هلي ليليٰ کي لايو.

 

[71] [22]

وراڻي: ڀينر! بني کي، هلي ميندي لايو، راڻل کي ته ريجهي، مومل سان ملايو.

اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوتن کي عجب بنايو.

ڀينر! بني کي هلي ميندي لايو.

ڏند ته ابل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوتن کي عجب بنايو.

ڀينر! بني کي، هلي ميندي لايو.

هيٺ ته بنل جي هرڻا جو مهري، گاشي جوتن کي عجب بنايو.

ڀينر! بني کي هلي ميندي لايو.

 

 

[72]

وراڻي: منهنجي لاڏل کي هلي ميندي لايو، منهنجي حاڪم  کي،
منهنجي حاڪم جي شاديءَ جو سعيو، هلي ميندي لايو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل تنهن کي عجب بنايو-
منهنجي لاڏل کي هلي ميندي لايو، منهنجي حاڪم کي.
ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي تنهن کي عجب بنايو-
منهنجي لاڏل کي هلي ميندي لايو، منهنجي حاڪم کي.
هٿ ته ادل جي سونا ڳانا، ميندي تنهن کي عجب بنايو-
منهنجي لاڏل کي هلي ميندي لايو، منهنجي حاڪم کي.

 

[73]

وراڻي: اندر چوڙيليءَ کي، ميندي لايو وي بنا!
          توکي پاڻ ڌڻيءَ پرڻايو.

بينسر گهڙائج نهري-

اندر چوڙيليءَ کي، ميندي لايو ويو بنا!
          دهري گهڙائج نهري-

اندر چوڙيليءَ کي، ميندي لايو وي بنا!
         ڪٺمال گهڙائج نهري-

اندر چوڙيليءَ کي، ميندي لايو وي بنا!

 

[74]

وراڻي: عطر مشڪ سان ميندي ملايو، هٿين پيرين گهوٽ کي لايو،
گلن واري آهي گادي، اها شهزادي جي شادي، الله ڪئي آ امدادي.

 

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

گلن واري آهي گادي، اها شهزادي جي شادي، الله ڪئي آ امدادي…
     ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-

گلن واري آهي گادي، اها شهزادي جي شادي، الله ڪئي آ امدادي…
     هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جو بنايو-

گلن واري آهي گادي، اها شهزادي جي شادي، الله ڪي آ امداد…

 

[75] [23]

وراڻي: گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي، اوهين لال ميندي لائيو،
لال ميندي لايو، هلي گهوٽل کي پرڻايو.

 

گهَڙ سونارا سون وارا! سون جي بينسر سٺي،
سون جي بينسر سٺي، هن ونيءَ کي ڳيچ ڳائي پائيو-
گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي، اوهين لال ميندي لائيو.

 

گهڙ سونارا سون وارا! سون جي دُهري سٺي،
سون جي دهري سٺي، هن ونيءَ کي ڳيچ ڳائي پائيو-
گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي، اوهين لال ميندي لائيو.

 

گهڙ سونارا سون وارا! سون جي ٻانهين سٺي،
سون جي ٻانهين سٺي، هن ونيءَ کي ڳيچ ڳائي پائيو-
گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي اوهين لال ميندي لائيو.

 

[76]

وراڻي: هلي لال لايو لاڏن بني کي مديني جي،

ملڪن ملائي، حورن ڀِڄائي، هلي لال لايو، نبي ڄام جي ميندي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
هلي لال لايو لاڏل بني کي، مديني جي ميندي.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
هلي لال لايو لاڏل بني کي، مديني جي ميندي.
هيٺ ادل جي هرڻا جو مهري، گاشي جوڙ بنايو-
هلي لال لايو لاڏي بني کي، مديني جي ميندي.

 

[77] [24]

وراڻي: ڪيو رِل مِل سَيان سينگارني، لايو بنري ڪون ميندي.
هٿ بنري دي سُهندي هي ميندي، آپ جيوي شل جيويس ميندي،
     ڌمال ٿِيوَن چوڌارني، لايو بنري ڪونه ميندي-

ڪيو رل مل سيان سينگارني…

واهه واهه ٿَئِي پرتوا هي ميندي، رب ڪيتي منظور هي ميندي،
        ٿي آهي باغ و بهارني، لايو بنري ڪونه ميندي-

ڪيورل مل سيان سينگارني…

ميندي دا هي لاڳ سوايا، بنري ميڏي خوش ٿي آلايا،
        شادي دي هي درڪارني، لايو بنري ڪونه ميندي-

ڪيو رل مل سيان سينگارني…

 

[78]

وراڻي: گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي لال، ميندڙي لايو.
سونارو سون وارو، سون جي بينسر جوڙي-
گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي، لال ميندڙي لايو.
سونارو سون وارو، سون جي دهري جوڙي-
گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي، لال ميندڙي لايو.
سونارو سون وارو، سون جو وينڊو جوڙي-
گهوٽ سان گڏ ڪنوار کي، لال ميندڙي لايو.

 

[79]

وراڻي: ميندي لال لڱن کي لايو، مارُن کان موڪلايو،
ڪري ويا ڀؤنرن وارو ڀيرو، ڪري ويا جوڳين وارو ڦيرو.

بينسر گهڙائج نهري-

ميندي لال لڱن کي لايو، مارن کان موڪلايو.
                 هَسي گهڙائج نهري-

ميندي لال لڱڻ کي لايو، مارن کان موڪلايو.
                 ڪٺمال گهڙائج نهري-

ميندي لال لڱن کي لايو، مارن کان موڪلايو.

 

[80]

وراڻي: سهري ميندڙي لاءِ وو بنا! سهري ميندڙي لايو.

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، موتي جوڙ بنايو بنا-
سهري ميندڙي لاءِ وو بنا! سهري ميندڙي لايو.ئ
اکيان لاڏل جي ٻرن مشعلي، ڪجل جوڙ بنايو بنا-
سهري ميندڙي لاءِ وو بنا! سهري ميندڙي لايو.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو بنا.
سهري ميندڙي لاءِ وو بنا! سهري ميندڙي لايو.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو بنا.
سهري ميندڙي لاءِ وو بنا! سهري ميندڙي لايو.

 

[81] [25]

وراڻي: عطر چندن مجني کي لايو، ميرڻ کي لايو،
ميرڻ جي ميندي، ڀينر! اوهين هلي لايو.
سنهڙي جو ڳانو، سرتيون! اوهين ٻڌايو،
گلم وڇايو، اوهين سهڻي سيج وڇايو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
 گلم وڇايو، اوهين سهڻي سيج وڇايو…
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
گلم وڇايو، اوهين سهڻي سيج وڇايو…

 

[82] [26]

وراڻي: هلي ميندي ادل کي ڏاڏي پوٽيون،
ميندي ملير جي هلي ڀينر! ڀِڄايو.

 

بينسر جوڙائج نهري، ساهوڪار جوڙيل کي هلي ميندي لايو-
   ميندي ملير جي هلي ڀينر! ڀڄايو…

ادل کي ڀيڻ ميندي لائي، سرتيون! سهڻل جي هلي خوشي ملهايو-
   ميندي ملير جي هلي ڀينر! ڀڄايو…

ادل جي ڀيڻ سيج وڇائي، ڏاڏي پووٽيون! هلي ڳيچ ڳايو-
    ميندي ملير جي هلي ڀينر! ڀڄايو…

 

[83]

وراڻي: شهزادي بني دي سهري ڳاوو اديون!
تُسان ميندي بني ڪونه لاوو اديون!
        هٿ بني دي، سوني ڳاني-

شهزادي بني دي سهري ڳاوو اديون!
        سر بني دي سوني سهري-

شهزادي بني دي سهري ڳاوو اديون!
        سر بني دي سوني سهري-

 

شهزادي بني دي سهري ڳاوو اديون!
        بيٺ بني دي سوني ڪٽاري-

شهزادي بني دي سهري ڳاوو اديون!

 

[84] [27]

وراڻي: ميندي ماروئڙي کي لايو، ميندي سانگيئڙي کي لايو.
 ميندي ته جيسلمير جي، آندئي ڀورل ڀاءُ-
                  ميندي ماروئڙي کي لايو.

ميندي ته جيسلمير جي، ڀِڄائي جيجل ماءُ-
                   ميندي ماروئڙي کي لايو.

ميندي ته جيسلمير جي لاتي، لاڏل ڀيڻ-
                  ميندي ماروئڙي کي لايو.

 

[85]

وراڻي: مينديءَ رنگ الاهي، توکي جيجل ميندي لائي،
مينديءَ رنگ الاهي، توکي ڀيڻ ميندي لائي.
ابل! توکي بابي پرڻايو، توکي ماءُ پرڻايو-
مينديءَ رنگ الاهي، توکي جيجل ميندي لائي.
ابل! توکڱي ڀائرن پرڻايو، توکي ڀيڻن پرڻايو-
مينديءَ رنگ الاهي، توکي جيجل ميندي لائي.
ابل! توکي ڄاڃين پرڻايو، توکي نياڻين پرڻايو-
مينديءَ رنگ الاهي، توکي جيجل ميندي لائي.

 

[86]

وراڻي: پڳ پيءُ ٻَڏايئي، ميندي ڀيڻن لايئي،
منهنجي مومل جا ملوڪ! ميندي لاتي لالائي،
ميندي لاتي لالائي، ڳانو جو ٻڌايئي،
منهنجي مومل جا ملوڪ! ميندي لاتي لالائي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

 

پڳ پيءُ ٻڌايئي، ميندي ڀيڻن لايئي،
منهنجي مومل جا ملوڪ! ميندي لاتي لالائي.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-

 

پڳ پيءُ ٻڌايئي، ميندي ڀيڻن لايئي،
منهنجي مومل جا ملوڪ! ميندي لاتي لالائي.

 

هيٺ ادل جي هرڻا جو مهري، گاشي جوڙ بنايو-

 

پڳ پيءُ ٻڌايئي، ميندي ڀيڻن لايئي،
منهنجي مومل جا ملوڪ! ميندي لاتي لالائي.

 

[87] [28]

وراڻي: اولي جُهولي رات، لاڏو مور جيئن ٿو ٽلي،
مور جيئن ٿو ٽلي، الا! ميندي لاتس ماءُ.

 

 

ميندي درياءَ پار جي، لاڏي آندي ڪوڏ مان-
اولي جهولي رات، لاڏو مور جيئن ٿو ٽلي.

 

ميندي شهر ملير جي، ڪاڪي آندي ڪوڏ مان-
اولي جهولي رات،  لاڏو مور جيئن ٿو ٽلي.

 

ميندي پاڪ مڪي جي، ڀايڙي آندي ڪوڏ مان-
اولي جهولي رات، لاڏو مور جيئن ٿو ٽلي.

 

 

[88]

وراڻي: ديريدار لاڏل کي، ڀلي ميندي لايو،
شاهوڪار بنري کي، ڀلي ميندي لايو.

 

سونا ٿالهه ڀري هلي ميندڙي ڀڄايو-
شاهوڪار لاڏل کي ڀلي ميندي لايو.

 

چانديءَ ٿالهه ڀري هلي ميندڙي ڀڄايو-
ديريدار بنري کي، ڀلي ميندي لايو.

 

هيرن ٿالهه ڀري هلي ميندڙي ڀڄايو-
ديريدار لاڏل کي، ڀلي ميندي لايو.

 

[89] [29]

وراڻي: هٿ ٻوڙي ٻوڙي لايو، ميندي رنگن واري،
     ماءُ پُٽن واري، ماءُ ڀاڳن واري.

اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
         هٿ ٻوڙي ٻوڙي لايو، ميندي رنگ واري.

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
         هٿ ٻوڙي ٻوڙي لايو، ميندي رنگ واري.

سيجل سهڻل جي ساهرين سونهندي، لانئن هي رنگ لايو،

هٿ ٻوڙي ٻوڙي لايو، ميندي رنگ واري.

 

[90]

وراڻي: ميندي تنهنجي سگهري، شل جيئين لاڏا جيءُ!
شل جيئن لاڏا جيءُ! ميندڙيءَ جهجهڙو رنگ.
اسان آسون پنيون، شل جيئين لاڏا جيءُ!
ميندي تنهنجي سگهڙي، سل جيئين لاڏا جيءُ!
ٻڌي موتين موڙ، لاڏل هليم ساهرين، شل جيئين لاڏا جيءُ!
ميندي تنهنجي سگهري، شل جيئين لاڏا جيءُ!
لاڏل ماءُ مَر مرڪي، شل جيئين لاڏا جيءُ!
ميندي تنهنجي سگهري، شل جيئين لاڏا جيءُ!

 

[91]

وراڻي: مينديءَ جو رنگ لايو، ميندي سان لال ملوڪ،
لاڏيءَ سان گهوٽ ملوڪ، ميندي جو رنگ ڳوڙهو.

 

ميندي ادل جي نياڻين آندي، آندي سا لال سوداگر-
مينديءَ جو رنگ لايو، ميندي سا لال ملوڪ.
ميندي لاڏل جي ڀائرن آندي، آندي سا لال سوداگر-
مينديءَ جو رنگ لايو، ميندي سا لال ملوڪ.
ميندي جوڙيل جي چاچن آندي، آندي سا لال سوداگر-
مينديءَ جور نگ لايو، ميندي سا لال ملوڪ.

 

[92] [30]

وراڻي: ميندي عجب لڳي، گل لايو الا!
تنهنجو بنگلو ڀائن ٺاهيو، الا!

 

تنهنجو گهوڙو ته سازن سينگاريو، الا!
تنهنجو وڳو ته عطر سان آيو، الا!
ميندي عجب لڳي، گل لايو الا.

 

تنهنجو مَنهن ته موتين ڇانيو، الا!
لاڏو آهي ڄاڃين رانيو، الا!
ميندي عجب لڳي، گل لايو الا.

 

تنهنجي سرگس جو ٿيو سعيو، الا!
توکي الله کڻي وڌايو، الا!
ميندي عجب لڳي، گل لايو الا.

 

[93]

وراڻي: ميندي شان واري، ادل مان وارو،
هٿ رڱي آ مور! ميندي شان واري.

 

نڪ لاڏيءَ جي بينسر سونهندي، موتين آهي رنگ لايو-
ميندي شان واري، ادل مان وارو.

هٿ لاڏيءَ جي ميندڙي ڳاڙهي، ٻانهينءَ آهي رنگ لايو-
ميندي شان واري، ادل مان وارو.

ڪن لاڏيءَ جي پنڙا خاصا، ٽِڪن اهي رنگ لايو-
ميندي شان واري، ادل مان وارو.

 

[94] [31]

وراڻي: ميندي جو رنگ جهليو، لاڏل! جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ،
لاڏل! ميندي لاوڻ ڏي، الله نوازيا، پيرن جوڙيا.

 

اسان آسون پُنيون لاڏلا هي، ماڻس پُنڙيا ڪاڄ-
لاڏلا! ميندي لاوڻ ڏي، الله نوازيا، پيرن جوڙيا…

 

واهر ٿيندس واٽ تي لاڏلا هي، اتر وارو  پير-
لاڏلا! ميندي لاوڻ ڏي، الله نوازيا، پيرن جوڙيا…

 

تولئي سس سنباهيو لاڏلا هي، ڪوٺو ڪوڏ منجهان-
لاڏلا! ميندي لاوي ڏڻ، الله نوازيا، پيرن جوڙيا…

 

[95]

وراڻي: هٿ رڱي ڏي ڙي لال! ميندي سوڀ واري،
ميندي سوڀ واري، وَنُل ڀاڳ واري.

 

ڳانا پيءُ ٻَڌايئي، ته ميندي مامن لايئي،
هٿ ڀري ڏي ڙي لال! ميندي سوڀ واري-
ميندي سوڀ واري، وَنُلَ ڀاڳ واري…

 

مامن موڙ ٻڌايئي، ته ميندي ڄاڃين لايئي،
هٿ ڀري ڏي ڙي لال! ميندي سوڀ واري-
ميندي سوڀ واري، وَنُلَ ڀاڳ واري…

 

سهرو سَوٽن ٻڌايئي، ته ميندي ڀائرن لايئي،
هٿ ڀري ڏي ڙي لال! ميندي سوڀ واري-
ميندي سڀ واري، وَنُلَ ڀاڳ واري…

 

[96]

وراڻي: ڏاڍو مينديءَ، ڙي! گلن رنگ لايو هو،
          ادل وهنجي سيج تي آيو هو.

ڏاڍو مينديءَ، ڙي! گلن رنگ لايو هو،
         سانول وهنجي سيج تي آيو هو.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو هو-
ڏاڍو مينديءَ، ڙي! گلن رنگ لايو هو، ادل وهنجي سيج تي آيو هو.

 

ڏند بنري جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو هو-
ڏاڍو مينديءَ، ڙي! گلن رنگ لايو هو، ادل وهنجي سيج تي آيو هو.

 

هيٺ ادل جي هرڻا جو مهري، گاشي جوڙ بنايو هو-
ڏاڍو مينديءَ، ڙي! گلن رنگ لايو هو، ادل وهنجي سيج تي آيو هو.

 

[97] [32]

وراڻي: مديني ۾ حسن حسينڻ، ميندي لائي هٿن کي،
ميندي لائي هٿن کي، ڪنگي ڏي وارن کي.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مديني ۾ حسن حسينڻ، ميندي لائي هٿن کي.

 

دهري ابل جي مان لاڙئون آڻايان-
مديني ۾ حسن حسينڻ، ميندي لائي هٿن کي.

 

ٻانهين لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
مديني ۾ حسن حسينڻ، ميندي لائي هٿن کي.

 

[98]

وراڻي؛ ميندي هٿن کي لايو آءُ، لايو آءُ، هار گلابي پايو آءُ!
 اکيون ادل جون ٻرن مشلا، ڪجل جوڙ بنايو آءُ، بنايو آءُ-
                      ميندي هٿن کي لايو آءُ، لايو آءُ.

هٿ پڙهيل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو آءُ، بنايو آءُ-
                      ميندي هٿن کي لايو آءُ، لايو آءُ.

الله نبيءَ جي ڇانو نبي تي، روضي جور نگ لايو آءُ، لايو آءُ-
                      ميندي هٿن کي لايو آءُ، لايو آءُ.

 

[99] [33]

وراڻي: آءُ ڙي ليلان! ميڏي ادل ميندي لائي هي،
ادل ميندي لائي هي، لائي عجب هنڍائي هي.

 

ڏند ادل دي ماڻڪ موتي، سرخي تي رمز رَلائي هي-
     ادل ميندي لائي هي، لائي عجب هنڍائي هي…

هٿ جوڙيل دي ميندي رتڙي، ڳاني ته رمز لائي هي-
     ادل ميندي لائي هي، لائي عجب هنڍائي هي…

هيٺ ادل دي مهري سُهندا، گاشي ته رمز رلائي هي-
     ادل ميندي لائي هي، لائي عجب هنڍائي هي…

 

[100]

وراڻي: لڳي ميندي ڏاڍو عجب لڳو، پر ڏاڍو عجب لڳو!
منهنجي ڪڪر ڪانهليءِ کي الا! جيءَ ۾ جاءِ ڏجو-
لڳي ميندي ڏاڍو عجب لڳو، پر ڏاڍو عجب لڳو!

 

منهنجي مومل سدوريءَ کي الا! ڳاڙهي کٽ ڏجو-
لڳي ميندي ڏاڍو عجب لڳو، پر ڏاڍو عجب لڳو!

 

منهنجي وڏوَڙيءَ کي الا! مڙيئي مانُ ڏجو-
لڳي ميندي ڏاڍو عجب لڳو، پر ڏاڍو عجب لڳو!

 

[101]

وراڻي: تون ته مومل ويهار محلات ۾، اها ميندي آ ملير جي،
                    لائي هل ساهرين.

 

سوني بينسر ته گهڙائي، اُها پائي هل ساهرين،
اها ميندي سهاڳ جي، لائي هل سهارين-
            تون ته مومل يهار محلات ۾.

سوني دهري ته گهڙائي، اُها پائي هل ساهرين،
اها ميندي آ سهاڳ جي، لائي هل ساهرين-
            تون ته مومل ويهار محلات ۾.

سوني هسي ته گهڙائي، اها پائي هل ساهرين،
اها ميندي آ سهاڳ جي، لائي هل ساهرين-
             تون ته مومل ويهار محلات ۾.

 

[102] [34]

وراڻي: ڀلو ڀينر! هٿن تان مان ڪيئن لاهيان،
ڀلو ڀينر! پيرن تان مان ڪيئن لاهيان؟
ميندي اباڻي پار جي، رنگ اباڻي پار جو.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
           ڀلو ڀينر! هٿن تان مان ڪيئن لاهيان؟

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
          ڀلو ڀينر! هٿن تان مان ڪيئن لاهيان؟

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لايو-
          ڀلو ڀينر! هٿن تان مان ڪيئن لاهيان؟

 

[102- الف]

وراڻي: ميندي مامن آندي مانَ مان، ميندي ڪاڪن آندي ڪوڏ مان.
ميندڙيءَ جو جهڙ لايو، ميندڙي مامن آندي مانَ مان.
ميندڙي ادل گهوٽ کي لايو، ميندڙي مامن آندي مانَ مان.
ميندڙيءَ جو رنگ لايو، ميندڙيء مامن آندي مانَ مان.

 


 


[1] ۽ [2] اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مليا. [3] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[4] ۽ [5] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليا.

[6] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو. [7] وچولي (تعلقي ڪندياري) مان مليو. [8] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[9] ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو. [10] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [11] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو.

[12] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [13] اُتر (روهڙي ۽ خيرپور تعلقن) مان مليو.

[14]  اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [15] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [16] اُتر تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[17] ۽ [18] اُتر (تعلقي ڪنڊياري) مان مليا.

[19] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [20] ۽ [21] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليا.

[22] وچولي (تعلقي ڪنڊِاري) مان مليو. [23] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو.

[24] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) ۽ وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. ]25] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [26]وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو.  

[27] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [28] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [29] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي مان) مان مليو.

[30] لاڙ (تعلقي گوني) مان مليو.

[31] اُتر (تعلقي وارهه) ۽ وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [32] وچولي (حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار تعلقن) ۽ لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو. [33] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[34] ۽ [35] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليا.

[36] کان [38] تائين وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليا.

[39] ۽ [40] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[41] ۽ [42] لاڙ (تعلقي گوني) مان مليا.

[43] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [44] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [45] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[46] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [47] اتر (تعلقي ميروخان مان مليو.

[48] اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مليول [49] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو. [50] اتر (تعلقي شڪارپور) مان مليو.

[51] ۽ [52] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليا.

[53] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [54] اُتر (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [55] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[56] ۽ [57] اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مليا. [58] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو.

[59] ۽ [60] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليا.

[61] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [62] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[63] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [64] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [65] اُتر (تعلقي شڪارپور) مان مليو.

[66] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [67] اُتر (تعلقي خيرپور ميرس) مان مليو. [68] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو.

[69] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [70] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[71] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [72] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[73] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[74] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [75] وچولي (تعلقي حيدراباد) مان مليو.

[76] اُتر (ميرپور ماٿيلي، ڪڪڙ ۽ وارهه تعلقن) مان مليو. [77] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [78] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[79] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [80] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [81] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[82] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [83] وچولي تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[84] ۽ [85] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليا. [86] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[87] ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو. [88] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو.

[89] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [90] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [91] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو.

[92] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [93] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو.

[94] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [95] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [96] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[97] اتر (تعلقي خيرپور ميرس) مان مليو. [98] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو.

[99] اُتر (تعلقي ميرپر ماٿيلي) مان مليو. [100] وچولي (تعلقي حيدرآباد مان مليو. [101] اُتر (روهڙي ۽ ميرپورماٿيلي تعلقن) مان مليو.

[102] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [102- الف] ’نئين زندگي‘ رسالي تان ورتل. [103] اُتر (تعلقي وارهه مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org