ڪرهيي ڀانڊاري جي ساراهه جا ڳيچ
[99][99]
وراڻي: مرشد جي مِلي ٿي رهاڻ، ڪرهَيل جي جهَلي ٿي رهاڻ،
جيئن پِير! لوڏون ڪندين سنڌ ۾.
دهل گهرايم سهڻا- مور چيندور، جيئي جرار مينڌرو،
جيئن پِير! لوڏون ڪندين سنڌ ۾.
شرنايون گهرايم سهڻيون- مور چيندرو، جيئي جرار مينڌرو،
جيئن پِير! لوڏون ڪندين سنڌ ۾.
ارباڻا گهَرايم سهڻا- مور چيندور، جيئي جرار مينڌرو،
جيئن پِير! لوڏون ڪندين سنڌ ۾.
ڌمال گهُرايم ڦٽري- مور چيندور، جيئي جرار مينڌرو،
جيئن پِير! لوڏون ڪندين سنڌ ۾.
[100]
وراڻي: قربان وڃان منهنجي پير تان، قربان وڃان!
جنين جو ثاني نڪو ٿُل، قربان وڃان!
بيرقون منهنجي پير جون سونهن سماع وچ-
جنين جو ثاني نڪو تُل، قربان وڃان!
مريد منهنجي ڪرهيل جا، اچن وچينءَ ويل-
جنين جو ثاني نڪو تُل، قربان وڃان!
دهل منهنجي پير جا، جي آهن سڀ اُمل-
جنين جو ثاني نڪو تل، قربان وڃان!
دنبا گهيٽا ڪرهيل جا، جي آهن موتين مل-
جنين جو ثاني نڪو تل، قربان وڃان!
[101]
وراڻي: سنڌ تي چڙهيا، ڀيٽي ڀارَ وريا،
روضي مهندان رسول جي، ڪلمون پاڪ پڙهيا.
مريد منهنجي پير جا، سنڌ تي چڙهيا-
روضي مهندان رسول جي، ڪلمون پاڪ پڙهيا.
جهنڊا مننهنجي پير جا، سنڌ تي چڙهيا-
روضي مهندان رسول جي، ڪلمون پاڪ پڙهيا.
دُهل ڀانڊاريءَ جا، سنڌ تي چڙهيا-
روضي مهندان رسول جي، ڪلمون پاڪ پڙهيا.
[102]
وراڻي: گل ٿيا گلزاري، روضي ڏڻي!
وير م لائيو، آن جا ڳاڙها گل.
دهل منهنجي پير جا- گل ٿيا گلزاري،
روضي ڌڻيءَ! وير مَ لائيو...
بيروقون منهنجي پير جون- گل ٿيا گلزاري،
روضي ڌڻي! وير مَ لائيو...
مريد منهنجي پير جا- گل ٿيا گلزاري،
روضي ڌڻي! وير مَ لائيو...
[103]
وراڻي: پيرل تنهنجي در تي آيس عرضياڻي،
عرض ته منهنجو اگهاءِ نِيل ڌڻي!
ڪَرهيل! اڳ سويرو.
دهل گهرايم سهڻا- آيس عرضياڻي،
عرض ته منهنجو اگهاءِ نِيل ڌڻي...
بيرقون گهرايم سهڻيون- آيس عرضياڻي،
عرض ته منهنجو اگهاءِ نِيل ڌڻي...
مٽر گهَڙايم مَلؤڪڙا- آيس عرضياڻي،
عرض ته منهنجو اگهاءِ نِيل ڌڻي...
مريد سڏايل چاهه مان- آيس عرضياڻي،
عرض ته منهنجو اگهاءِ نِيل ڌڻي...
[104]
وراڻي: جاڳيو ٿو مضرڪي، مَرڪي مينگهه ملهار،
جاڳي گل گيلاني، وو پير!
مينهون منهنجي پير جو، چَرن چانڊاڻي وچ-
جاڳي گل گيلاني، وو پير!
پَٿر منهنجي پير جو، سؤنهي سماع وچ-
جاڳي گل گيلاني، وو پير!
[105]
وراڻي: لوڏو ڏي هير جو هندورو، لوڏو ڏي پير جو هندورو.
ڍورو ڪرهيل جو آهي سارو سون جو-
لوڏو ڏي هير جو هندورو، لوڏو ڏي پير جو هندورو.
ملهاريون مرشد جون آهن سڀئي سون جون-
لوڏو ڏي هير جو هندورو، لوڏو ڏي پير جو هندورو.
چانئٺ ڪَرهيل جي در جي آهي سارِي سونَ جي-
لوڏو ڏي هير جو هندورو، لوڏو ڏي پير جو هندورو.
[106]
وراڻي: نماڻيون اکڙيون! آنئين سُتيون ڪوهه ڪريو؟
سُتيون ڪوهه ڪريو، مون نماڻيءَ جو ڀاڳ وريو-
نماڻيون اکڙيون! آنئين سُتيون ڪوهه ڪريو؟
سُتيون ڪوهه ڪريو، مون ولهيءَ کي وارث جاڳائي ڏيو-
نماڻيون اکڙيون! آنئين سُتيون ڪوهه ڪريو؟
چشمن ساڻ چمان، ڪَرهَيل چؤڙ جهليو-
نماڻيون اکڙيون! آنئين سُتيون ڪوهه ڪريو؟
[107]
وراڻي: هلنديس ڪَرهَيل پِير ڏانهن، منهنجا سامهون پُرڙيا پِير،
منهنجا سامهون پُرڙيا پير، آءٌ هلنديس ڪرهيل پِير
تي.
جمعي نِي جاترون جويون، ڇنڇر ني سنبهي ڪري-
منهنجا سامهون پُرڙيا پير، آءٌ هلنديس ڪرهيل پِير
تي.
آچر نِي پين آڌ ۾، سومر نِي ڀَريئون سلام-
منهنجا سامهون پُرڙيا پير، آءٌ هلنديس ڪرهيل پِير
تي.
[108]
وراڻي: هندورو ڪرهيل جو، وڃي لوڏيان هتڙن سين،
لااِلٰہ اِلااللہ، قرآن ويٺي پڙهان ڪلمي سين.
لااِلٰہ اِلااللہ، ڀلي ڄائو بسم الله،
لااِلٰہ اِلااللہ، ڀلي ڄائو رسول الله-
هندورو ڪرهيل جو وڃي لوڏيان هٿڙن سين...
[109]
وراڻي: پهچ پير سُونهارا! حال مريدن جو هيءَ،
پهچ ڪَرهيل سونهارا! حال غريبن جو هيءُ-
حال غريبن جو هيءُ، اُٿي، واهر وسيلو ٿيءُ.
قُبي مٿي ڪؤنجڙي، بيٺي لامارا ڏي،
پهچ پير سونهارا! حال مريدن جو هيءُ-
حال غريب جو هيءُ، اُٿي واهر وسيلو ٿيءُ...
[110]
وراڻي: ڄاما سائين! ميلو لڳو آهي سومر جو،
ڪَرهيل سائين! ميلو لڳو اٿئي سائِي سومر جو.
ٻانهين گهڙايم سهڻي، پير سڀيئي مصريون،
هلو سائين ڄام ڏاتار تي-
ڪرهيل سائين! ميلو لڳو اٿئي سائِي سومر جو.
دُهل گهڙايم سهڻا، پير سڀيئي مصريون،
هلو سائين ڪرهيل پير تي-
ڪرهيل سائين! ميلو لڳو اٿئي سائي سومر جو.
[111]
وراڻي: لاهه دري هن درگاهه جي، لاهه ڪڙو ڪرهيل جو،
اسين ڪرهيل پِير جي، زيارت ڪنداسين.
اسين ماڻهو لاڙ جا، گوليءَ قسمت آنداسين،
بابُو! ڇوڙ بجليءَ کي، اسين لقمان لهنداسين.
لقمان ٽيشن اوڏڙو، اسين درگاهه لهنداسين،
اسين ماڻهو لاڙ جا، گوليءَ قسمت آنداسين.
وينڊو گهرايم سهڻو- اسين ماڻهو لاڙ جا،
اسين ماڻهو لاڙ جا، گوليءَ قسمت آنداسين.
بُولو گهڙايم سهڻو- اسين ماڻهو لاڙ جا،
اسين ماڻهو لاڙ جا، گوليءَ قسمت آنداسين.
ٻانهين جوڙايم سهڻي- اسين ماڻهو لاڙ جا،
اسين ماڻهو لاڙ جا، گوليءَ قسمت آنداسين.
[112]
وراڻي: پوريون ڪَيڙم پير ڀانڊاريءَ، تنهنجو ساٿ سلامت آيو،
منهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو.
مريد ني تنهنجا ڏي ۾، آ ور جا ڄاما،
شيخ ني تنهنجا ڏس ۾، کونئريجا ڄاما-
پورين ڪيڙم پير ڀانڊاري...
جهڙيون ني جنين جي من ۾، آ ور جا ڄاما-
پوريون ڪيڙم پير ڀانڊاري...
[113]
وراڻي: هي ڪانڊيرڙي لس، هيءُ واسرڙي وس،
آءُ سرهي ٿيو ٿي اچان.
ڪرهيل ڏٺم سُک پار ۾، آءٌ کلندي ڪڏندي اچان-
آءُ سرهي ٿيو ٿي اچان.
پير پاڳاري جي ساراهه جا ڳيچ
[114][114]
وراڻي: پاتي تاج ڪلنگي، تو پاڳارا سوڀارا،
مبارڪ مبارڪ ڏينئي مريد پيارا.
ويٺو شاهه گاديءَ تي، گلزار ٿيڙا،
تنهنجا مرشد ٿيڙا، لايا سجاويا-
مبارڪ مبارڪ ڏينئي مريد پيارا...
اُٺو نُور توتي، ڪري عرشن مان اوهيڙا،
منهنجا پير مرشد، الله آهن وڌايا-
مبارڪ مبارڪ ڏينئي مريد پيارا...
[115][115]
وراڻي: سائين وريو سمنڊ چڙهيو، ڀاڳ وريو من مريدن ٺريو،
اديون! منهنجو پيرل پاڳارو، سائين وريو سمنڊ
چڙهيو.
بينسر گهڙائج نهري- اديون! منهنجو پيرل پاڳارو...
دهري گهڙائج نهري- اديون! منهنجو پيرل پاڳارو...
ٻانهين گهڙائج نهري- اديون! منهنجو پيرل پاڳارو...
[116][116]
وراڻي: موٽي آ ملڪ تي، پير پاڳارا!
تولاءِ سڪن ٿا، ڪئين مريد ويچارا.
ڪوٽ تنهنجي کي ڪنگرن سينگاريو،
ڪوٽ تنهنجي جا ڪنگرا قرارا-
موٽي آ ملڪ تي، پير پاڳارا!...
ڪرسي گهرائي، ڪو محافو ته سينگاريو،
محافي تنهنجي جا سونا منارا-
موٽي آ ملڪ تي، پير پاڳارا...
پيتي گهرائي، ڪو ڪلف ته سينگاريو،
ڪلف تنهنجي جا سونا ڪنارا-
موٽي آ ملڪ تي پير پاڳارا...
[117][117]
وراڻي: پير پاڳارو، مِٺي روضي وارو،
مرشد سائين! تنهنجي روضي رنگ لايو.
تون ته آهين پاڻ امام، توکي ساري سنڌ انعام-
مرشد سائين! تنهنجي روضي رنگ لايو...
تنهنجي ريٽي رنگ لايو، تنهنجي جامي جهڙ لايو-
مرشد سائين! تنهنجي روضي رنگ لايو...
تنهنجي خوشبوءِ ملڪ هٻڪاريو، تنهنجي ڳاني رنگ
لايو-
مرشد سائين! تنهنجي روضي رنگ لايو...
[118][118]
وراڻي: سيد! ڪري سينگار، اچين هڪوار،
منهنجا سونيءَ ڪلنگي وارا، او سائين پير پاڳارا!
روضي تنهنجو رنگ آهي، درگاهه تنهنجي دنگ آهي،
نيلون تنهنجون نُور برابر، چنڊن جي چمڪارا-
منهنجا سونيءَ ڪلنگي وارا، او سائين پير پاڳارا...
زيارتي ساري سنڌ جا، اچن قرب منجهان ڪهندا،
حسن تنهنجو هر طرف، جولان ڀريل جهٽڪارا-
منهنجا سونيءَ ڪلنگي وارا، او سائين پير پاڳارا...
جيڪو آيو تو در سوالي، سو مور نه ويو هٿ خالي،
هٿ ۾ تنهنجي خيرخزانا، وسن خير سندءِ چوڌارا-
منهنجا سونيءَ ڪلنگي وارا، او سائين پير پاڳارا...
[119][119]
وراڻي: شهنشاهي گادي آهه، اسان جي پاڳاري جي شادي آهه،
دلبر! آيس تنهنجي در تي، ٻانهن ٻڌڙي ٻانهي آهيان.
هيٺ پير سائين دي مهري سونهندا، جهاٻن چلتو لايو
آهه...
شهنشاهي گادي آهه، اسان جي پاڳاري پير جي شادي
آهه...
هيٺ پنهل دي محافا جو سونهندا، جهاٻن چلتو لايو
آهه-
شهنشاهي گادي آهه، اسان جي پاڳاري پير جي شادي
آهه...
آءُ پاڳارا! پايون اسان جهاتي، ڏيهه ڏسڻ توکي آيو
آهه-
شهنشاهي گادي آهه، اسان جي پاڳاري پير جي شادي
آهه...
روهڙيءَ واري پير جي ساراهه جا ڳيچ
[120][120]
وراڻي: پير ڪلمي سان آيو، گلم وڇايو، علم الاهي، پيرل آيو،
پيرل آيو روهڙيءَ وارو، روضي ڌڻيءَ جو اولاد آيو.
بينسر جوڙائي پير ڪلمي سان آيو-
گلم وڇايو، علم الاهي، پيرل آيو....
دهري وڙائي، پير ڪلي سان آيو-
گلم وڇايو، علم الاهي، پيرل آيو...
ٻانهين جوڙائي پير ڪلمي سان آيو-
گلم وڇايو، علم الاهي، پيرل آيو...
[121][121]
وراڻي: سکر کان ڀانيان سرس الا! نر هنيو نعرو الا!
روهڙيءَ ۾ رنگ رسول جو.
هيڻن جو همراهه آ، اڙين جو آڌار آ!
روهڙيءَ ۾ رنگ رسول جو.
هڙن جو آهي هادي، مڙن جو آهي مهدي!
روهڙيءَ ۾ رنگ رسول جو.
ڏيهه اٿس ڏاني، آهي نرمل نشاني-
روهڙيءَ ۾ رنگ رسول جو.
[122]
وراڻي: کولي دري سوني در واري، سونو وار، الله جو پيار،
کول دري سوني در واري
بينسر گهڙايم نهري، جنهن تي پارڙن جو جنسار-
کول دري سوني در واري، سونو وار، الله جو پيار...
دهري گهڙايم نهري، جنهن تي ٻُڙن جو جنسار-
کول دري سوني در واري، سونو وار، الله جو پيار...
ٻانهين گهڙآيم نهري، جنهن تي موتين جا جنسار-
کول دري سوني در واري، سونو وار، الله جو پيار...
سُوئيءَ واري پير جي ساراهه جا ڳيچ:
[123][123]
وراڻي: ڀلي پير آيو، سرهي سيج وڇايو،
گل ڦل گاديءَ تي، آڻي عطر ڇَٽايو.
بادل برسي هنئي، کنوڻين خماريو،
او! وڄڙين وس ڪيا، آڻي مهر وسايو-
ڀلي پير آيو، سرهي سيج وڇايو...
آيو پير منهنجو، جيڏيون! ڏيو مبارڪ،
سوئيءَ جو سونهارو، جنهن تي رب جو رايو-
ڀلي پير آيو، سرهي سيج وڇايو...
آسون اميدون سڀ الله پڄايون،
ويڙهو اسان جو آهي واليءَ وسايو-
ڀلي پير آيو، سرهي سيج وڇايو...
[124][124]
وراڻي: پيرل اچڻ جو آهي انجام، پير اسان جو سوئيءَ وارو،
مور ٽِلِي ماڙيءَ ۾ آيو، پير اسان جو روضي وارو.
مسجد پير سائينءَ جي ساري اٿم سون جي،
قبن لايو آ ڏاڍو جنسار- پير اسان جو سوئيءَ
وارو...
روضي پير سائينءَ جو سارو اٿم سون جو،
نِيلن لايو آ ڏاڍو جنسار- پير اسان جو سوئيءَ
وارو...
ڪوٽ پير سائينءَ جو، سارو اٿم سون جو،
ڪنگرن لايو آ جنسار- پير اسان جو سوئيءَ وارو...
[125]
وراڻي: نِيلڙيءَ واڳ ورايو، جنهن تي حضرت پير چڙهي آيو.
ڪيچ وڻن ۾ اٿس گهر، مرشد ور!
حضرت پير دليئون در منهنجي آيو- نِيلڙيءَ واڳ
ورايو...
سوئِيءَ شريف ۾ اٿس گهر، مرشد ور!
حضرت پير سِڪئون سڏ منهنجي آيو- نيِلڙيءَ واڳ
ورايو...
مسجد ۾ اٿس گهر، مرشد ور!
حضرت پير دليئون در منهنجي آيو- نِيلڙيءَ واڳ
ورايو...
[126]
وراڻي: آيو پير سُوئيءَ وارو، آيو آ آيو،
سو موليٰ ملايو، سهڻي رنگ لايو.
پير سائين آيو آ، پلنگ ته وڇايو-
سو موليٰ ملايو، سهڻي رنگ لايو...
مرشد سائين آيو، ڳاڙهي کٽ ته وڇايو-
سو موليٰ ملايو، سهڻي رنگ لايو...
عربي سائين آيو، منهنجو الله عرض اگهايو-
سو موليٰ ملايو، سهڻي رنگ لايو...
[127]
وراڻي: سوني دستار سُوئيءَ واري جي سونهي، موڙ آ هزار،
کِليو کٽ ويهندو، ويهي ذڪر پڙهندو،
وچ مسجد قرآن پڙهندو، منهنجو سهڻو سردار.
اچي ويڙهي منهنجي، ويڙهي منهنجي وسندو-
وچ مسجد قرآن پڙهندو، منهنجو سهڻو سردار...
اُميدون پڄائيندو، سو آسون پڄائيندو-
وچ مسجد قرآن پڙهندو، منهنجو سهڻو سردار...
سوني دستار وارو، سڀيئي غم لاهيندو-
وچ مسجد قرآن پڙهندو، منهنجو سهڻو سردار...
[128]
وراڻي: حاضر حضرت پير، الا! شل واهر جو ويلو،
الا! واهر جو ويلو، سو ته پِيرن جو ميلو.
اهو پِير ته سوئيءَ جو، شل مرشد موچارو،
اهو مرشد موچارو، سو ته جيوي سيد سوڀارو،
اول هونديس حضور ۾، منهنجو هاڻ وريو آهي وارو،
حاضر حضرت پير الا! حاضر حضرت پير...
[129]
وراڻي: مهري منهنجي سوئيءَ واري جو آهي زورئون زور ڀلو،
ڏيو مبارڪون مريدن کي، سائين سوڀ کٽي سردار آيو،
مير محمد وريو ڏيهن ڏيو، ڏيو مبارڪون سردار گهر
آيو.
تسبيح سهڻل سهڻي جا ٺهندي، ٻانگِي جوڙ بنايو-
ڏيو مبارڪون، سردار گهر آيو...
سر سهڻل جي پنج رنگ چيرا، پڳ ته جوڙ بنايو-
ڏيو مبارڪون، سردار گهر آيو...
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڏيو مبارڪون، سردار گهر آيو...
[130]
وراڻي: آيو پنهل پاڳارو، مليون مبارڪان هزار،
آيو سُوئيءَ وارو، مليون مبارڪان هزار.
اکيون بني جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
آيو سوئيءَ وارو مليون مبارڪان هزار...
ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
آيو سوئيءَ وارو، مليون مبارڪان هزار...
هٿ بني جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بناءِ-
آيو سوئيءَ وارو، مليون مبارڪان هزار...
[131]
وراڻي: سوئي ته سونهاريءَ دا، شل سردار جيوِي،
پيڙهيءَ والا اساڏا شل پڳدار جيوِي.
اکيان ته ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل لايو جنسار-
سوئي ته سونهاريءَ دا، شل سردار جيوِي...
ڏند ته ادل دِي ماڻڪ موتي، سرخيءَ لايو جنسار-
سوئي ته سونهاريءَ دا، شل سردار جيوي...
هٿ ته ادل دِي سونا ڳانا، مينديءَ لايو جنسار-
سوئي ته سونهاريءَ دا، شل سردار جيوِي...
[132]
وراڻي: لااِلٰہ اِلا الله، روضي ۾ رسول آهه،
حاجين جو حجڙو، مڪي ۾ قبول آهه.
اڱڻ اسان جي حاجن پير آيو،
ويڙهي اسان جي حافظ پير آيو-
لااِلٰہ اِلا الله، روضي ۾ رسول آهه،
مسجد مڪي جي ساروئي سون آهه،
مسجد سُوئي جي سارو ئي سون آهه-
لااِلٰہ اِلا الله، روضي ۾ رسول آهه،
راضي شاهه جي ساراهه جا ڳيچ:
[133][133]
وراڻي: راضي شاهه ڀلي آيو، پير ڀلي آيو،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو، پير ڀلي آيو.
ٻڪر ٿي ڪُهايان، چانور ٿي ڇڙايان،
ماڻڪ موتين سان هليو...
ديڳيون ٿي چاڙهايان، نياڻيون ٿي ڪوٺايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو...
پَٽ ٿي ٻُهاريان، گلم ٿي وڇايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو...
ڳاڙهي کٽ ٿي وڇايان، ميندي ٿي پُسايان-
ماڻڪ موتين ساڻ هليو...
گهوڙا ٿي سجايان، سرگس ٿي ڦيرايان-
ماڻڪ موتين ساڻ هليو...
[134][134]
وراڻي: بنگلو راضي شاهه گهوٽ جو، جنهن کي رازن راس ڪيو،
رازن راس ڪيو، مَلڪن گهورون گهوريون،
مريدن عرض ڪيو.
دُهري گهڙائج سهڻي- مريدن عرض ڪيو،
بنگلو راضي شاهه گهوٽ جو، جنهن کي رازن راس ڪيو...
هَسُ گهڙائج سهڻو- مريدن عرض ڪيو،
بنگلو راضي شاهه گهوٽ جو، جنهن کي رازن راس ڪيو...
ٻانهن رکيو گهڙائج سهڻيون- مريدن عرض ڪيو،
بنگلو راضي شاهه گهوٽ جو، جنهن کي رازن راس ڪيو...
صاحبن جي لوءِ* واري پير جي ساراهه جا ڳيچ
[135][135]
وراڻي: گهوري وڃان اوٺيئڙا! پير ته صاحبن لوءِ جو،
پيرن جو مريدن جو، ڀائن جو سردار هو.
بينسر گهڙائيندو، پڙي ۾ پائيندو، پڙو ته ڀائڙل
گهوٽ جو-
گهوري وڃان اوٺيئڙا! پير ته صاحبن لوءِ جو...
ڪنگڻ گهڙائيندو، پڙي ۾ پائيندو، پڙو ته جُڙيل گهوٽ
جو-
گهوري وڃان اوٺيئڙا! پير ته صاحبن لوءِ جو...
ڪَڙيون گهڙائيندو، پڙي ۾ پائيندو، پڙو ته جُڙيل
گهوٽ جو-
گهوري وڃان اوٺيئڙا! پير ته صاحبن لوءِ جو...
شاهه شادن جي ساراهه جا ڳيچ:
[136][136]
وراڻي: اندر روضي نُور وسي ٿو، ٻاهر مور ٽِلن،
پکڙا شآهه شدن جا آندا اُستادن.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناين-
پکڙا شاهه شادن جا آندا اُستادن...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناين-
پکڙا شاهه شادن جا آندا اُستادن...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بناين-
پکڙا شاهه شادن جا آندا اُستادن...
شاهه گريي جي ساراهه جو ڳيچ:
[137][137]
وراڻي: شاهه گُريا، جهونا گڍلک آڏيو، داتا پير منهنجو،
اديون! داتا پير منهنجو، جيڏيون! داتا پير منهنجو.
پيرن ۾ پير پڌرو، ڀلو ڀاون شاهه-
شاهه گُريا، جهونا گڍ لک آڏيو، داتا پير منهنجو...
پِڙ ٻُهاريم پير جو، لڌم موتين هار-
شاهه گُريا، جهونا گڍ لک آڏيو، داتا پير منهنجو...
پُٽ جهنڊولو هنج ۾، ماٽيءَ ماهو کير-
شاهه گُريا، جهونا گڍ لک آڏيو، داتا پير منهنجو...
حاجن شاهه جي سراهه جا ڳيچ:
[138][138]
وراڻي: حاجن شاهه! اولياءَ الله جا، هوندين شال حضور ۾،
جايون تنهنجون هونديون جنت ۾، نُور نسورو نُور ۾.
منهن مرشد جو نور نُوراني-
بودلا شاهه بادشاهه! هوندين شال حضور ۾...
قبي مرشد جي ملائڪ نِوَندا-
آل رسول جا! هوندين شال حضور ۾...
منهنجي پيرل جي درگاهه پڌري-
ڌڻيءَ جا ڌُئا! هوندين شال حضور ۾...
[139][139]
وراڻي: مون جُتي ته گهڙائي سِيم سان، ڙي لعل!
مون کي مرشد سائين آيو نظر سهڻِي ۾،
مان ته زيارت ڪريان حاجن پِير جي.
اکيون مرشد جون ٻرن مشعلا، ڪجل لايس شمعان،
مون ته جُتي گهڙائي سِيم سان، ڙي لعل-
مان ته زيارت ڪريان حاجن پِير جي...
هيٺ مرشد جي هَرڻا مَهري، گاشِي لايس شمعان،
مون ته جتي گهڙائي سِيم سان، ڙي لعل-
مان ته زيارت ڪريان حاجن پير جي...
ڇٽن شاهه جي سراهه جا ڳيچ:
[140][140]
وراڻي: مجرو ڇٽن شاهه جي رهاڻ کي مجرو،
سُئو بادشاهه مجرو، سُئو داتا مجرو.
مجرو ڀٽئي بادشاهه جي رهاڻ کي مجرو-
سئو بادشاهه مجرو سئو داتا مجرو.
مجرو لال شهباز جي رهاڻ کي مجرو-
سئو بادشاهه مجرو، سئو داتا مجرو.
مجرو سنڌ جي اوليائن کي مجرو-
سئو بادشاهه مجورو، سئو داتا مجرو.
راڻيپور واري پير جي ساراهه جو ڳيچ:
[141][141]
وراڻي: پير پيدا ٿيو راڻيپور وارو،
پکِي وارو پِير اسان جي اڱڻ آيو.
الله آس پڄائي آ، ٿر وارو ايندو-
پَکيڙوئي پِير اسان جي اڱڻ آيو...
منهنجو پير ايندو، اچي غم ڪٽيندو-
ڏيهان ڏرت لهندو اسان جي اڱڻ آيو...
پير جي آئِي ٿينديون سڀ سڻايون-
وينديون اوڻايون، اسان جي اڱڻ آيو...
احمد شاهه خانڳڙهيءَ جي ساراهه جا ڳيچ:
[142]
وراڻي: سهڻي احمد شاهه دي مڃي مئم ٻڪري،
جنهن ويل آيا، اُهين ويل ڏِيسان ٻڪري،
سهڻي محمد شاهه دِي مڃي هئم ٻڪري.
مڃي هئم چُنِي، مراد ميڏي پني،
ٿيوَن پوريان مرادان- سهڻي احمد شاهه دِي...
سهڻا آن لٿِي وڻجاري، لؤنگن دي هٻڪاري،
اُچڙي کجي آ لهه وڻجارا! سهڻي احمد شاهه دي...
چِٽري مسيت مين پڙهدا قرآن، وڏڙي ويلي پڙهندا
قرآن،
سهڻي دا عجب شاه- سهڻي احمد شاهه دي...
[143][143]
وراڻي: لونگن لوڙهيون هيس لامون، ڙي الا!
حاضر پير هڪ هڪل ۾ آيو،
مرشد هڪ هڪ ۾ آيو.
آهيان تنهنجي در جي ٻانهي، ڙي الا،
ٻانهي در جي گولِي، ڙي الا،
حاضر پير هڪ هڪل ۾ آيو...
تنهنجي مَٽي محمد سان ڀريان، ڙي الا!
ڀريو پيئي ڀريان، ڙي الا-
حاضر پير هڪ هڪل ۾ آيو...
تنهنجي روضي زيارت ڪريان، ڙي الا!
ڪريو پيئي ڪريان، ڙي الا-
حاضر پير هڪ هڪل ۾ آيو...
[144][144]
وراڻي: مهري آڻي هُشايو، جنهن تي پير گلڻ شاهه چڙهي آيو.
آيو پير، مريد وسائيندو، احمد شاهه جيلاني،
حضرت پير حقاني- مهري آڻي هُشايو...
پير جي آئي مڙن ملنديون مرادون، اولاد دستگير،
آهي کنڊ کير- مهري آڻي هُشايو...
غرضائتن جا غرض به ٿيندا، سو سائين سُڌير،
پاڳارو پير مهري آڻي هُشايو...
مرشد جي ساراهه جا ڳيچ:
[145][145]
وراڻي: مرشد منهنجون اميدون پڄايون،
اچ ڙي ادي! خوشي ته ملهايون.
هيون جي اميدون، سي ٿيون پوريون،
ڪرم سان قادر سڀ پڄايون-
اچ ڙي ادي! خوشيون ته ملهايون...
پرور جي ڏنا پُٽڙا، سي ٿيا سب سوٺڙا،
اهي سب احسان الله جا ڳايون-
اچ ڙي ادي! خوشي ته ملهايون...
ڏاتر ڏنا جي مون کي، شل ڏئي ٻين کي،
ادي ڙي! ڳايون ڀلي جون ڀلايون-
اچ ڙي ادي! خوشيون ملهايون...
[146][146]
وراڻي: مرشد ڏنهون ٿِي آئي آهيان،
دل جون اميدون ڪري آئي آهيان.
خاصي دهري گهڙائي گهر آئي آهيان،
مرشد ڏنهون ٿي آئي آهيان-
دل جون اميدون ڪري آئي آهيان...
سونا ٻيڙا به گهڙائي گهر آئي آهيان،
مرشد ڏانهون ٿي آئي آهيان-
من جون مرادون باسي آئي آهيان...
[147][147]
وراڻي: مرشد منهنجي گهر آيو، سيد منهنجي در آيو،
سُتي ڏٺو مون خواب، مرشد منهنجي گهر آيو.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان، تنهن تي مِينُ
چڙهايان-
مرشد منهنجي گهر آيو، سيد منهنجي در آيو...
جهالر ادب جي مان لاڙئون آڻايان، تنهن تي مينُ
چڙهايان-
مرشد منهنجي گهر آيو،م سيد منهنجي در آيو...
[148]
وراڻي: گهوٽ مٿان، اسان جو مرشد الله اڏيو،
بينسر گهڙائج نهري، لکِي پير!
امام اسان جو سوجهرو، ڪڪر ڪري چڙهيو-
گهوريون گهوٽ مٿان، اسان جو مرشد الله اڏيو.
دهري گهڙائج نهري، لکِي پير!
امام اسان جو سوجهرو، ڪڪر ڪري چڙهيو-
گهوڙيون گهوٽ مٿان، اسان جو مرشد الله اڏيو.
ٻانهين گهڙائج نهري، لکِي پير!
امام اسدان جو سوجهرو، ڪڪر ڪري چڙهيو-
گهوريون گهوٽ مٿان، اسان جو مرشد الله اڏيو.
[149][149]
وراڻي: مرشد مهر ڪئي آهي اسان تي،
اڄ رات راڻو، آيو اڱڻ اسان جي.
پير اسان جو، پيرن جو پير آ،
صدقي جند جان آهي اسان جي-
مرشد مهر ڪئي آهي اسان تي...
پير اسان جو ولي، ڪندو ڪل جي ڀلي،
مٿانئس ملڪيت قربان آهي اسان جي-
مرشد مهر ڪئي آهي اسان تي...
[150][150]
وراڻي: اديون! منهنجو آيو سيد صورت وارو، ڀينر! منهنجو آيو پيرل ڪلمي جو
ڪوڏيو.
بينسر جوڙائج نهري-
اديون! منهنجو آيو، سيد صورت وارو...
دهري جوڙائج نهري-
اديون! منهنجو آيو، سيد صورت وارو...
ٻانهين جوڙائج نهري-
ادين! منهنجو آيو، سيد صورت وارو...
[151][151]
وراڻي: جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون! لالڻ پير آيو آهه،
لالڻ پير آيو آهه، پار وڃڻ جو سعيو آهه.
لَت رکيم مَهريءَ تي، دم پٽيم شهر ۾-
جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون! لالڻ پير آيو آهه...
لَت رکيل سمنڊ تي، دم پٽيم ميرس ۾-
جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون! لالڻ پِير آيو آهه...
لَت رکيم سرخِي تي، دم پٽيم جهڏي ۾-
جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون! لالڻ پِير آيو آهه...
[152][152]
وراڻي: جيڏيون! منهنجي مرشد کي هلي پيرين پئو،
سجيڏيون! منهنجو بخت وريو، سيد تخت چڙهيو.
بينسر گهڙائج سون جي-
جيڏيون! منهنجي مرشد کي هلي پيرين پئو...
دهري گهڙائج سون جي-
جيڏيون! منهنجي مرشد کي هلي پيرين پئو...
ٻانهين گهڙائج سون جي-
جيڏيون! منهنجي مرشد کي هلي پيرين پئو...
[153][153]
وراڻي: اي جيءُ مرشد آيو اُٺ تي، لانئون ڏيو هلي گهوٽ کي.
پينگهو منهنجي پير جو سڄو سون جو،
مٿس گل گلابي حورن رانيو-
لانئون ڏيو هلي گهوٽ کي...
گادي منهنجي پير جي سڄي سون جي،
مٿس گل گلابي حورن رانيو-
لانئون ڏيو هلي گهوٽ کي...
سيج منهنجي پير جي سڄي سون جي،
مٿس گل گلابي حورن رانيو-
لانئون ڏيو هلي گهوٽ کي...
[154][154]
وراڻي: آهيان ڏانياڻي پنهنجي مرشد جي،
آهيان پانڌياڻي پنهنجي سيد جي،
پنڌ ڪنديس شال شال!
روضو سانول جو ڏورئون ڏٺوسين،
نِيلان سندس لعل لعل-
آهيان پانڌياڻي پنهنجي سيد جي...
مسجد سانول جي ڏورئون ڏٺوسين،
نِيلان سندس لعل لعل-
آهيان پانڌياڻي پنهنجي سيد جي...
کوهه ته مرشد جو ڏورئون ڏٺوسين،
لوٽيون سندس لعل لعل-
آهيان پانڌياڻي پنهنجي سيد جي...
[155][155]
وراڻي: صفت سيد جي ڪريان، پيرين پنڌڙا ڪريان،
وات ي ذڪر ڪريان، لعل هندري ۾ سيد لوڏيان،
لااِلٰہ الاالله، ڀلي آيو بسم الله!
بينسر گهڙايم نهري- صفت سيد جي ڪريان...
دهري گهڙايم نهري- صفت سيد جي ڪريان...
ٻانهين گهڙايم نهري- صفت سيد جي ڪريان...
[156][156]
وراڻي: ماڙيون مرشد جون، ڌورئون ٿيون ڏسجن،
اوري آءُ وطن تي، موڙي آءُ مهارون.
حامي ڀائرن سان، مدد پُٽن سان،
محي الدين ٿيندين، موڙي آءُ مهارون-
ماڙيون مرشد جون ڏورئون ٿيون ڏسجن...
دل جون پُڄائين، آسون اُميدون،
ڀرجهلا ڀلارا! موڙي آءُ مهارون،
ماڙين مرشد جون، ورئون ٿيون ڏسجن...
[157][157]
وراڻي: سِيءَ پاري ۽ سڏ ۾ ساڻي ٿيءُ،
سمرشد! مون سان اچي حامي ٿيءُ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
مرشد! مون سان اچي حامي ٿيءُ...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
مرشد! مون سان اچي حامي ٿي...
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بناءِ-
مرشد! مون سان اچي ساڻي ٿيءُ...
[158][158]
وراڻي: اچي ڪندين مرشد وسيلو-
حضرت پير! پياريندين کير-
اچي ٿيندين واهر، والي تون وسيليو،
اچي ڪندين مدد مرشد وسيلو...
ساهه منهنجي جو ثمر، لاهج ڏمر-
اچي ٿيندين حامي، واهر وسيلو،
اچي ڪندين مدد مرشد وسيلو...
[159][159]
وراڻي: مان ته لَک اميدون الله ۾ ٿي ڀانيان،
نڪري جو در تي، مرشد ڇو نه سڃاڻان!
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
مان ته لک اميدون، الله ۾ ٿي ڀانيان...
دهري ادل جي لارئون آڻايان-
مان ته لک اميدون، الله ۾ ٿي ڀانيان...
ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان-
مان ته لک اميدون، الله ۾ ٿي ڀانيان...
[160][160]
وراڻي: ساهه سيد توکي سدا ٿو ساري، نالي الله جي آءٌ،
نالي الله جي آءُ، لهري وڃ سُڌڙي سماءُ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
ساهه سيد توکي سدا ٿو ساري...
ڏند ادل جو ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
ساهه سيد توکي سدا ٿو ساري...
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، منڊيءَ جوڙ بناءِ-
ساهه سيد توکي سدا ٿو ساري...
[161][161]
وراڻي: الله آڻيئي ڙي پيرل! ڏاڍي ماندي آهيان،
جڏهن مرشد ايندو، شهر سکر جو گهمندو،
لهندي سڪ من جي- الله آڻيئي ڙي پيرل.
سوني بينسر ته گهڙائي، لهه ڪوڇِي جي ڪَڙِ تي-
الله آڻيئي ڙي پيرل! ڏاڍي ماندي آهيان...
سوني هسي ته گهڙائي، لهه ڪوڇِي جي ڪَڙ تي-
الله آڻيئي ڙي پيرل! ڏاڍي ماندي آهيان...
سوني دهري ته گهڙائي، لهه ڪوڇِي جي ڪَڙ تي-
الله آڻيئي ڙي پيرل! ڏاڍي ماندي آهيان...
[162][162]
وراڻي: پيرل لاڙ ڏي ويندو، ٻانهين به آڻيندو،
ڪامل پير قريشي هلي ايندو، الا.
کٽ پَٽ تي وڇايان تنهنجي سيجڙي سدا،
تنهنجون واڳان وطن تي واريندو آلا-
ڪامل پير قريشي هلي ايندو، الا!
پهراڻ لاڏل تنهنجو پَٽ جو الا!
تنهنجون واڳان وطن تي واريندو الا-
ڪامل پير قريشي هلي ايندو، الا!
[163][163]
وراڻي: هن مدعي جي به مٿان، هُن دشمن جي به مٿان،
سيد واري آيو واڳ...
بينسر جوڙائج نهري، پُنڙس ڀيڻس ڪاڄ-
سيد واري آيو واڳ...
دهري جوڙائج نهري، پُنڙس ماڻس ڪاڄ،
سيد واري آيو واڳ...
جهالر جوڙائج نهري، پُنڙس ماڻس ڪاڄ،
سيد واري آيو واڳ...
[164][164]
وراڻي: چوريون چرخي جي ڪا تند ڙي،
مان ته مرشد ڌٺو هن هنڌ ڙي.
مان کي بينسر گهڙائي ڏي هن هنڌ ڙي-
چوريو چرخي جي ڪا تند ڙي...
مان کي دهري گهڙائي ڏي هن هنڌ ڙي-
چوريو چرخي جي ڪا تند ڙي...
مان کي ڪنگڻ گهڙائي ڏي هن هنڌ ڙي-
چوريو چرخي جي ڪا تند ڙي...
[165][165]
وراڻي: چاندني! منهنجو ساٿ سلامت آڻجان،
چاندني! منهنجو ٻيڙو اُڪار درياءُ مان.
بينسر گهڙايم سون جي، جنهن کي بُٺولو ته ملاءِ،
سا ته پائينديس ادل ڪنوار کي، منهنجي گهمندي
بيپرواهه،
آءٌ سيد جي، آءٌ مرشد جي-
چاندني! منهنجو ساٿ سلامت آڻجان...
دهري گهڙايم سون جي، جنهن کي اشرفيون ته ملاءِ،
سا ته پائينديس ادل ڪنوار کي، منهنجي گهمندي
بيپرواهه،
آءٌ ته سيد جي، آءٌ ته مرشد جي-
چانديءَ! منهنجو ساٿ سلامت آڻجان...
[166][166]
وراڻي: لونگن لوڙهيون هيس لامون، ڙي الا!
اسين آهيون اوهان جي اوٽ.
ڪرم قريشي! محابي قادر ڪر، تنهنجي آهي اسان کي آڌار-
نُور ڀريا نامدار، مرشد مير مهندا...
اڀرا آهيون تنهنجا اُمتي، دوست مِٺا دلدار-
نُور ڀريا نامدار، مرشد مير مهندار...
مهندان ڏينهن محشر جي، ڍڪائين ڍوليا! گنهگار...
نُور ڀريا نامدار، مرشد مير مهندار...
[167][167]
وراڻي: سون ته سيد توتان صدقي،
سون ته پيرل توتان صدقي.
پکا ته عمر ڪوٽ جا، پکا ته جيسلمير جا-
سون ته سيد توتان صدقي...
الله آس پڄائي آ، ملڻ جي مند آئي آ-
سون ته سيد توتان صدقي...
[168][168]
وراڻي: سام سيد جي وڃي سون ٺهرايو،
جيئِي سرور چوڙڻ وارو آيو.
لک ٿئي ماڻن وارو، پرهه ڦٽيءَ منهنجو پيرل آيو،
ڀيڄ ڀِنيءَ منهنجو ولين آندو.
سام سيد جي وڃي سون ٺهرايو.
[169][169]
وراڻي: پير جو بنگلو موتين سان جڙيو،
شاهه جو بنگلو موتين سان جڙيو.
مٿان اٿس لعلن جون نيلون،
مٿان اٿس سون جون نيلون،
هيٺان اٿس لعلن جون لارون-
پير جو بنگلو موتين سان جڙيو...
[170][170]
وراڻي: ڪريو ڪڪر ڇانوَ، مٿان بنگلي جي،
ڪريو مينگهه ملهار، مٿان محافي جي،
حورون پريون حران، پسڻ ڪاڻ پيرل جي.
بينسر گهڙائج نهري- ڪَريو ڪڪر ڇانو بنگلي تي،
ڪريو مينگهه ملهار، مٿان محافي جي...
دُهري گهڙائج نهري- ڪريو ڪڪڙ ڇانو بنگلي تي،
ڪريو مينگهه ملهار، مٿان محافي جي...
[171][171]
وراڻي: نُور اِلاهي نُور لاِالٰہ اِلاالله!
روضي ۾ رسول الله، اَلا!
مسجد ته مرشد جي نُور اِلاهي نور، اَلا!
لااِلٰہ اِلا الله، روضي ۾ رسول، اَلا!
روضو ته مرشد جي نُور اِلاهي نور، اَلا!
لااِلٰہ اِلا الله، روضي ۾ رسول، اَلا!
قبو ته مرشد جي نُور اِلاهي نور، اَلا!
لااِلٰہ اِلا الله، روضي ۾ رسول، اَلا!
[172][172]
وراڻي: هيرو لعل جواهري، قُبي تي جَڙيل آ،
قبو ته سيد جو هزاري، مون کي وڻيل آ.
پڃرو ته منهنجي پير جو، جنهن تي گُلن جي گلڪاري-
هيرو لعل جواهري، قُبي تي جڙيل آ...
تاج ته منهنجي پير جو، جنهن تي ڇَٽ مينا ڪاري-
هيرو لعل جواهري، قبي تي جڙيل آ...
[173][173]
وراڻي: ادي! آسون اُميدون منهنجون پڄايون پِيرن،
سرتيون! خوش ٿي ٿيان، ڏنا پِني پُٽ ولين.
منهنجون موليٰ مڃتائون مڃيون، ٿي پوري آس،
منهنجا ٻٽيهه نيڻ کِلن- ڏنا پِني پٽ ولين...
ڏنا جنهن سوئي بخشيندو، واپس وڃان لاهي جهنڊ،
اديون! لايو رنگ ڳيچن- ڏنا پِني پٽ ولين...
[174]
وراڻي: لُٽڪو ڳالهڙيان سُهائينديان ميڏي منَ،
آوين تون جاوين بنرا ابا!
مرشد ميڏا آيا اويل سويل،
گهوڙي دا ڌَٻڪا سڻيا نال طِنبيل-
لٽڪو ڳالڙيان سائينديان يڏي مَن...
پِير آيا ميڏا، چڙهيا مٿي هاٿِي،
مدد سيد ٿِيسان محمد شافعي-
لُٽڪو ڳالهڙيان سُهائينديان ميڏي من...
هادي آيا ميڏا، چڙهيا مٿي محافي،
مريدان دا ڪٽڪ هووَس ساٿي-
لُٽڪو ڳالهڙيان سُهائينديان ميڏي من...
|