سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :10

[179] [1]

وراڻي: آءُ لاڏي جي ماءُ، لاڏو پيرڙين آيو،
لاڏل هليم ساهرين، ادل هليم ساهرين،
سرهي سيج وڇائي ڏي، ڳاڙهي کٽ وڇائي ڏي.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
                   آءُ لاڏي جي ماءُ! لاڏو پيرڙين آيو.

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
                   آءُ لاڏي جي ماءُ! لاڏو پيرڙين آيو.

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، مينديءَ جوڙ بنايو-
                   آءُ لاڏي جي ماءُ! لاڏو پيرڙين آيو.

 

[180]

وراڻي: صدقو مان صدقو، ادل اڱڻ آيو، کير مان ورهايان،
کير مان ورهايان، سيج وڇايان، سهڻل اڱڻ آيو.
بينسر تو گهڙائي، بولو مان ڏسيو مانءِ-
              صدقو مان صدقو، ادل اڱڻ آيو.

دهري تو گهڙائي، ڇٽ مان ڏسيو مانءِ
               صدقو مان صدقو، ادل اڱڻ آيو.

ڇلو تو گهڙايو، وينڊو مان ڏسيو مانءِ-
               صدقو مان صدقو، ادل اڱڻ آيو.

 

[171]

وراڻي: ڌڌڪو دهلن جو، شور شرناين جو،
ٻڌو هلي سڀ راڄ! ادل اڱڻ آيو.
ٺاهي موڙ سڀ ٻڌو، لؤنگن جون هجن لامون،
     ٻڌو هلي سڀ راڄ! ادل اڱڻ تي آيو-

ڌڌڪو دهلن جو، شور شرنانين جو.

ٺاهي پاڳ سڀ ٻڌو، گلن جون هجن ٽاريون،
     ٻڌو هلي سڀ راڄ! ادل اڱڻ تي آيو-
        ڌڌڪو دهلن جو، شور شرناين جو.

ٺاهي ڳانا سڀ ٻڌو، ڇلڙن جون هجن قطارون،

ٻڌو هلي سڀ راڄ! ادل اڱڻ تي آيو-

ڌڌڪو دهلن جو، شور شرناين جو.

 

[182] [2]

وراڻي: البيلو بنو آهي، باغ ۾ آيو،
آهي باغ ۾ آيو، خاصا گل ڇٽايو.

 

ادل ساهرين آيو، خاصا پلنگن وڇايو،

 

ڇنن ۾ هلي، ڄاڃي ويهاريو-
البيلو بنو آهي باغ ۾ آيو.

 

محل ۽ ماڙيون، سڀيئي سينگاريو،

 

سڀيئي سينگاريو، خاصا گل پٿاريو-
البيلو بنو آهي باغ ۾ آيو.

 

ادل سيج تي آيو، سهڻي ڪنوار وهاريو،

 

ڪنوار وهاري، مٿان عطر ڇٽايو،
ڪنوار وهاري، مٿان عطر ڇٽايو-
البيلو بنو آهي باغ ۾ آيو.

 

[183]

وراڻي: اجهو شال آيو، مان گلم وڇايان، اجهو شال آيو،
محلي ۾ ويهي مان، ڪهڙا حال ٻڌايان، اجهو شال آيو.
         بينسر ته ادل جي مان پارئون آڻايان،

لا الٰہ الا الله مان وڳو ڪيئن وڻايان.

اجهو شال آيو، مان گلم وڇايان، اجهو شال آيو.
         ٻانهين ته ادل جي مان پارئون آڻايان،

لا الٰہ الا الله مان وڳو ڪيئن وڻايان-

اجهو شال آيو، مان گلم وڇايان، اجهو شال آيو.
         تائيٿ ته ادل جا مان پارئون آڻايان،

لا الٰہ الا الله مان وڳو ڪيئن وڻايان-

اجهو شال آيو، مان گلم وڇايان، اجهو شال آيو.

 

[184] [3]

وراڻي:  هيءُ سائي شال وارو، هيءُ ارباب لاڏو آيو،
هيءُ سائي شال وارو، هيءُ ارباب لاڏو آيو،
          زميندار لاڏو آيو، گهوٽ پَٽ پهرايو.

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
آءُ پاڻ ٺريس جيڏيون! زميندار لاڏو آيو…
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
آءُ پاڻ ٺريس جيڏيون، زميندار لاڏو آيو…
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
آءُ پاڻ ٺريس جيڏيون، زميندار لاڏو آيو…

 

[185]

وراڻي: مهريءَ چڙهي آءُ، مهريءَ واڳون پٽ جون،
            آيو اٿم ڙي! ادل آيو،

موٽر چڙهي آءُ، موٽر بتيون سون جون،
            آيو اٿم ڙي! ادل آيو…

بگي چڙهي آءُ، بگيءَ واڳون پَٽ جون-
           يو اٿم ڙي! ادل آيو…

 

[186] [4]

وراڻي: آيو سو مير مديني ڏانهن آيو، سو گهوٽ ولايت ڏانهن آيو.    بينسر ڇو نه گهڙايو، سا به ونڙي4 کي هلي پايو-

آيو سو مير مديني ڏانهن آيو، سو گهوٽ ولايت ڏانهن آيو.
      پرڻي رات ادل جي، سو ته پِيرن ٿي پهرايو-

آيو سو مير مديني ڏانهن آيو، سو گهوٽ ولايت ڏانهن آيو.
       سوني ساهه ڇو نه گهڙايو، سا هلي وينگس کي پارايو-

آيو سو مير مديني ڏانهن آيو، سو گهوٽ ولايت ڏانهن آيو.

 

[187]

وراڻي: لُونگڙي ڪلهن تي، ريٽو ڪلهن تي،
پهريو ڙي پهريو، ادل ڄڃ سان آيو.

 

الحمد پڙهندو، پڳ کي پيچ ڏيندو-
پهريو ڙي پهريو، ادل ڄڃ سان آيو…

 

لائون جو لهندو، سيج جو چڙهندو-
پهريو ڙي پهريو، ادل ڄڃ سان آيو…

 

[188]

وراڻي: سعيو ٿيڙو سجايو، هوت ڀنڀور ۾ آيو.
لائون ڏيئي لاڏي کي، پکي منجهه پرڻايو-
سعيو ٿيڙو سجايو، هوت ڀنڀور ۾ آيو.

 

هٿين پيرين ميندڙي، عطر لڱن آيو-
سعيو ٿيڙو سجايو، هوت ڀنڀور ۾ آيو.

 

پرڻي رات رسول جي، حورن هنڌ وڇايو-
سعيو ٿيڙو سجايو، هوت ڀنڀور ۾ آيو.

 

[189] [5]

وراڻي: لا الٰہ الا الله، لٿا غم دل جا،
منهنجو ادل آيو، لٿا غم دل جا.

 

رکي مهريءَ تي پير، لٿو آ بازار ۾،
رکي گهوڙي تي پير، لٿو آ بازار ۾-
         لا الٰہ الا الله، لٿا غم دل جا.

 

آيو آهي ڀاڳ سان، آيو پنهنجي راڄ ۾،
ماڻي سهاڳ سان، ڪاهي آيو ڪاڄ ۾-
         لا الٰہ الا الله، لٿا غم دل جا.

 

[190]

وراڻي: اديون! منهنجا اوجاڳيل آيا، آڌيءَ رات اباڻا،
     آڌيءَ رات اباڻا، ڪهڙا ڪنديس ماڻا!

سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
اديون! منهنجا اوجاڳيل آيا، آڌيءَ رات اباڻا.

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
اديون! منهنجا اوجاڳيل آيا، آڌيءَ رات اباڻا.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
اديون! منهنجا اوجاڳيل آيا، آڌيءَءِ رات اباڻا.

 

[191] [6]

وراڻي: ڄاڃي سهڻل جا مَنَهَن ۾ آيا، ڀائن لايو جنسار،
ماڙيءَ کي عطر لڳو، بنل کي چندن لڳو-
آ مل راڻي، وس مل سوڍا سونهن ڀريا سردار!

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ سردارا!
ڄاڃي سهڻل جا منهن ۾ آيا، ڀائن لايو جنسار.

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ سردار!
ڄاڃي سهڻل جا منهن ۾ آيا، ڀئن لايو جنسار.

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بناءِ سردار!
ڄاڃي سهڻل جا منهن ۾ آيا، ڀائن لايو جنسار.

 

 

[192]

وراڻي: بنر اُٿئون هولڙي هولڙي آيا، الله ملايا ميڏا وڏي جِند والا،
      ميدا اصل دُخالِي بنرا، جيوين! وڏي جند والا.

بنا! تيڏي امانوي ڏيندي هان مبارڪ، لاڏلا! ميڪون پلاوين شربت-
بنرا اُٿئون هولڙي هولڙي آيا، الله ملايا ميڏا وڏي جند والا.

 

بنا ! جيوين جڳ جڳ جيوين، کنڊ کير وچ گهوٽ ڪي پيوين-
بنرا اُٿئون هولڙي هولڙي آيا، الله ملايا ميڏا وڏي جند والا.

 

پَريا ٻڍڙا شال ٿيوين بنا! خوش خوش ڏيکي تيڪون امان-
بنرا اُٿئون هولڙي هولڙي آيا! الله ملايا ميڏا وڏي جند والا.

 

[193]

وراڻي: ڀلي ڀائر آيا لاڏل جي اڱڻ تي، ٻاريو ٻاريو اوهين شيشا شمعدان،
                 شيشا شمعدان، لاڏل گهر آيا ڄاڃي مزمان.

سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جا ته ڪمام-
شيشا شمعدان، لاڏل گهر آيا، ڄاڃي مزمان.

 

هٿ لاڏل جي ڳاڙهي ميندي، جنهن ۾ گل گلابي جام-
شيشا شمعدان، لاڏل گهر آيا ڄاڃي مزمان…

 

اکيون لاڏل جون ڪاريون ڪٽوريون، ڪجل لڳڙي ڪام-
شيشا شمعدان، لاڏل گهر آيا ڄاڃي مزمان…

 

[194] [7]

وراڻي: ادل! ويهه نِمن جي ڇانو، اديون ڀينر! مومل ماڻي.
منهنجا نوح نبيءَ جوڙيا، جيئم راڻا! کٽ چڙهي تجلا ڪري.
                 بينسر جوڙائج نهري-

ادل! ويهه نمن جي ڇانو، اديون ڀينر! مومل ماڻي.
                 دهري جوڙائج نهري-

ادل! ويهه نمن جي ڇانو، اديون ڀينر! مومل ماڻي.
                  مالها جوڙائج نهري-

ادل! ويهه نمن جي ڇانو، اديون ڀينر! مومل ماڻي.

 

[195]

وراڻي: لاڏا! ويهه نِمن جي ڇانوَ، ٺريو ماڻس تَن،
منهنجو علم ڪڪوريو، سورج جيئن چمڪي،
گهورون ته گهورئي ماءُ! ڏنڙءِ مُلڪ خدا.

 

بينسر گهڙايم لک جي، لکي ڙي - لاڏا!
لاڏا! ويهه نمن جي ڇانو، ٺريو ماڻس تَن.

 

دهري گهڙايم لک جي، لکي ڙي – لاڏا!
لاڏا! ويهه نمن جي ڇانو، ٺريو ماڻس تن.

 

ٻانهين گهڙايم لک جي، لکي ڙي – لاڏا!
لاڏا! ويهه نمن جي ڇانو، ٺريو ماڻس تن.

 

[196] [8]

وراڻي: منهنجا مور زميندار! ماڙيءَ منجهه هلندو آ،
ماڙيءَ منجهه هلندو آءُ، ساهرن خط لکندو آ.

 

سوني دهري به گهڙائي، پيتيءَ ۾ رکندو آ-
منهنجا مور زميندار! ماڙيءَ منجهه هلندو آ.

 

سونا پڙا ٺهرائي، پيتيءَ منجهه رکندو آ-
منهنجا مور زميندار! ماڙيءَ منجهه هلندو آ.

 

[197] [1]

وراڻي: هت وڇايان گلم ۽ گاديون، آيو سڀ راڄ ٿيون شاديون،
    ادل! توکي سون جو تعويذ، ڀائڙل! توکي ٻانهن جو تعويذ.

بينسر گهڙايم خاصئون خاصي، پائينديس شال سورٺ کي-
    ادل! توکي سون جو تعويذ، ڀائڙل! توکي ٻانهن جو تعويذ.

دهري گهڙايم خاصئون خاصي، پائينديس شال جيڏل کي-
    ادل! توکي سون جو تعويذ، ڀائڙل! توکي ٻانهن جو تعويذ.

جهومر گهڙايم خاصئون خاصو، پائينديس شال جيڏل کي-
    ادل! توکي سون جو تعويذ، ڀائڙل! توکي ٻانهن جو تعويذ.

 

[198]

وراڻي: اڱڻ آندو ٿم اوهان جي، مونکي ابل پرڻائي ڏيو،
ويڙهي آندوٿم اوهان جي، ڙي! مور مومل جو،
اڱڻ آندو ٿم اوهان جي، جوڙ جيڏل جو.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
اڱڻ آندو ٿم اوهان جي، مونکي ابل پرڻائي ڏيو.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
اڱڻ آندو ٿم اوهان جي، مونکي ابل پرڻائي ڏيو.

 

هٿ ادل جا سونا ڳانا، ميندي جوڙ بنايو-
اڱڻ آندو ٿم اوهان جي، مونکي ابل پرڻائي ڏيو.

 

 

شاديءَ جي خوشي جا ڳيچ

[199] [2]

وراڻي:         پنهنجي مٺوءَ کي آءٌ ٿي پرڻايان،

آءٌ ٿي پرڻايان، شاديءَ شغل ڳايان.

سر لاڏل جي موڙ جي سونهندا، موتين جوڙ بنايان-
                پنهنجي مٺوءَ کي آءٌ ٿي پرڻايان.

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايان-
                پنهنجي مٺوءَ کي آءٌ ٿي پرڻايان.

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايان-
                پنهنجي مٺوءَ کي آءٌ ٿي پرڻايان.

 

[200]

وراڻي: آءٌ نوشهه بنري گهوٽ جا، اڄ ڪاڄ ٿي ڳايان،
ڪاڄ ٿي ڳايان، ڀلي جا ڀال پئي ڀايان.
        تنهنجي سِر ڪلنگي تي مينا مڙهايان،

هيرو ۽ موتي مٿس جوهر جڙايان مان-

آءٌ نوشهه بنري گهوٽ جا، اڄ ڪاڄ ٿي ڳايان.
       وهانءَ شاديءَ جو وڳو خوشيءَ مان جوڙايان،

نيلو ۽ پيلو ڪري کهنبو ٻڌايان مان-

آءٌ نوشهه بنري گهوٽ جا، اڄ ڪاڄ ٿي ڳايان.
        ڄاڃي لاڏي گهوٽ جا سرهي ٿي سڏايان مان،

ڀائر ڀنڊ ڀيڙا ڪري سرگس چڙهايان مان-

آءٌ نوشهه بنري گهوٽ جا، اڄ ڪاڄ ٿي ڳايان.

 

[201] [3]

وراڻي: ڳيچ ڳايان ٿي، ادل پرڻايان، دير نه دم هڪڙو به سهان.
دهري گهڙائج نهري، سوني ڀاڄائيءَ کي پايان-

ڳيچ ڳايان ٿي، ادل پرڻايان، دير نه دم هڪڙو به سهان.
دهل وڄايو شرنايون باجا، ڌڪڙ ڌمچر لايان-

ڳيچ ڳايان ٿي، ادل پرڻايان، دير نه دم هڪڙو به سهان.

 

[202]

وراڻي: پير ڇمڪو، مان ڇو نه ڇمڪايان، ڇو نه ڇمڪايان؟
آءٌ ته پنهنجو ادل پرڻايان، ڀاءُ ٿي پرڻايان.
               بينسر گهرايان لاڏا ڳايان-

آءُ ته پنهنجو ادل پرڻايان، ڀاءُ ٿي پرڻايان.
               دهري گهرايان سيج وڇايان-

آءُ ته پنهنجو ادل پرڻايان، ڀاءُ ٿي پرڻايان.
               ٻانهين گهڙايان، مِينُ چڙهايان-

آءُ ته پنهنجو ادل پرڻايان، ڀاءُ ٿي پرڻايان.

 

[203]

وراڻي: منهنجا سهڻل ڀاءُ! ڏي نه ميارون مونکي،
لائون ڏيان توکي، ڳانو ٻڌان توکي،
ميندي لايان توکي، سهڻل ڀاءُ! ڏي نه ميارون مونکي.

 

بينسر گهڙايم ويهي، آءُ پکي ۾ پيهي-
منهنجا سهڻل ڀاءُ! ڏي نه ميارون مونکي.

 

دهري گهڙايم ويهي، آءُ پکي ۾ پيهي-
منهنجا سهڻل ڀاءُ! ڏي نه ميارون مونکي.

 

[204] [4]

وراڻي: تنهنجي وڏڙي ڄمار، آهين مور، لاڏا!
ربّ جو اٿئي راض، ڀلي ٻانهن لوڏ لاڏا!

 

ٺهين ٿو ڄاڃين وچ ۾، سهڻو جيئن مور لاڏا،
           موڙ تنهنجا مرشد آندا، شهروز لاڏا-

تنهنجي وڏڙي ڄمار، آهين مور لاڏا.

پڳ تنهنجي سلامت، وڏڙيءَ ساڻ جماعت،
           گلن جا آهن کوڙ، موتين جهڪور لاڏا-

تــنهــنجي وڏڙي ڄمار، آهين مور لاڏا!

منهن ملوڪ وارا، ڀرون سندءِ جاڙا،
             تنهن تي چلڪن ستارا، اکين ڪڪور لاڏا-

تــنهـــنجي وڏڙي ڄمار، آهين مور لاڏا!

 

[205]

وراڻي: شل بوند وسئي بوڇڻ تي، ادل! بوند وسئي بوڇڻ تي،
سس صهري ڳل لايئي، ابل! سالين چونڊي کنيوئي توکي.
           دهري ابل جي مان لاڙئون گُهرايان-

شل بوند وسئي، بوڇڻ تي، ادل! بوند وسئي بوڇڻ تي.
              ٻانهين ابل جي مان لاڙئون گهڙايان-

شل بوند وسئي بوڇڻ تي، ادل! بوند وسئي بوڇڻ تي.
              ڪڙيو ابل جون مان لاڙئون گهڙايان-

شل بوند وسئي بوڇڻ تي، ادل! بوند وسئي بوڇڻ تي.

 

[206]

وراڻي: انهيءَ ته زماني ۾ گلن جي بهاري آهي،
گلن جي بهاري آهي، ڏاڍي جنساري آهي.
          وينڊو جوڙايم مِينا مڙهايم-

انهيءَ ته زماني ۾ گلن جي بهاري آهي.
          بينسر جوڙايم مِينا مڙهايم-

انهيءَ ته زماني ۾ گلن جي بهاري آهي.
          ڪنگڻ جوڙايم مِينا مڙهايم-

انهيءَ ته زماني ۾ گلن جي بهاري آهي.

 

[207] [5]

وراڻي: هن اڱڻ تي مور، لڳي ويئي بهاري،
لڳي ويئي بهاري، گلن لائي گلزاري.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لائي آهه بهاري-
   هن اڱڻ تي مور، لڳي ويئي بهاري.

ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ لائي آهه بهاري-
   هن اڱڻ تي مور، لڳي ويئي بهاري.

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن لائي آهه بهاري-
   هن اڱڻ تي مور، لڳي ويئي بهاري.

 

[208]

وراڻي: منهن پڙهيل جي موڙ جي سهڻا، موتين لايس جهرمر،

الله ڪـــــئي آ امـــــدادي، آهـــــي شـــادي شــهزادي جي.

لاڏي لاڏيءَ لاءِ وينڊو جو گهڙايو، ڏنس سگهه سائين-
    الله ڪئي آ امدادي، آهي شادي شهزادي جي…

 

لاڏي لاڏيءَ لاءِ بينسر گهڙائي، ڏنيس سگهه سائين-
       الله ڪئي آ امدادي، آهي شادي شهزادي جي…

 

لاڏي لاڏيءَ لاءِ بينسر گهڙائي، ڏنيس سگهه سائين-
       الله ڪئي آ امدادي، آهي شادي شهزادي جي…

 

لاڏي لاڏيءَ لاءِ دهري گهڙائي، ڏنيس سگهه سائين-
       الله ڪئي آ امدادي، آهي شادي شهزادي جي

 

 

[209]  [6]

وراڻي:  سيڻن جي ڪوٽ جو، هلي ڪڙو لاهيو،
هلي ڪڙو لاهيو، حقدار لاڏو آيو.
تو لئي سس سنڀايو، سُونگو سونَ ڀري-
هلي ڪڙو لاهيو، حقدار لاڏو آيو…

 

لاڏي کي جا لِکڙي، سنهيءَ سينڌ ڪنوار-
هلي ڪڙو لاهيو، حقدار لاڏو آيو…
لاڏو هليم ساهرين، کڻي ڪوٺو ڪوڏ منجهان-
هلي ڪڙو لاهيو، حقدار لاڏو آيو…

 

 

[210]

وراڻي: اُٿي جاڳ جيڏل! اُٿي ٻول مٺل!
ڀيڄ ڀنيءَ ور آيو، گهوٽ کلي گهر آيو.
سؤ سٺ مَهرين، نَو لک ڄاڃين-
ڀيڄ ڀنيءَ ور آيو، گهوٽ کلي گهر آيو…
دُهلن دمامن، شرناين مُتن سان-
ڀيڄ ڀنيءَ ور آيو، گهوٽ کلي گهر آيو…
ناز وارن ناچن، ڇيرن ڇمڪن سان-
ڀيڄ ڀنيءَ ور ايو، گهوٽ کلي گهر آيو…

 

[211]

وراڻي: اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار؟ ادل گهر شاديون ڀائر مهمان،
جورل گهر شاديون ڄاڃي مهمان، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار؟

 

بينسر ته گهڙائي ڏي لعلئون لال، پائڻ واري ادل ڪنوار،
پائڻ واري ادل ڪنوار، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار-
جوڙيل گهر شاديون ڃاڄي مهمان، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار؟
دهري ته گهڙائي ڏي لعلئون لال، پائڻ واري ادل ڪنوار،
پائڻ واري ادل ڪنوار، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار-
جوڙيل گهر شاديون ڄاڃي مهمان، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار؟
بولو ته گهڙائي ڏي لعلئون لال، پائڻ واري ادل ڪنوار،
پائڻ واري ادل ڪنوار، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار-
جوڙيل گهر شاديون ڄاڃي مهمان، اها ڪنهن ٻاري آ بتي شمعدار؟

 

[212]

وراڻي: آيا مِٽ مومل جا، هوءِٰ ٿا سُجهَن ڏور،
سر ها سيڻ سسئي جا، هوءِ ٿا اچن هاڻ.
             بينسر گهڙائج نهري-

سرها سيڻ سسئي جا، هوءِ ٿا اچن هاڻ…
             دهري گهرائج نهري-

سرها سيڻ سسئي جا، هوءِ ٿا اچن هاڻ…
            وينڊو گهڙائج نهرو-

سرها سيڻ سسئي جا، هوءِ ٿا اچن هاڻ…

 

[213]

وراڻي: الحمد لله، الله ياد آهي، دهل ۽ دماما هرڪو ياد آهي.

 

بينسر ادل جي سوني ٺهرايان، ادل جي ڪنوار کي ٺاهي پارايان-

 

الحمد لله، الله ياد آهي.

ويڙها اسان جا واحد وسايا، ڀائر اسان جي ڀلي اڱڻ آيا-
                         الحمد لله، الله ياد آهي.

ڪٺمال ادل جي سوني ٺهرايان، ادل جي ونڙيءَ کي ٺاهي پارايان-
                        الحمدلله، الله ياد آهي.

 

[214] [7]

وراڻي: چنڊ رات ڙي، منهنجي حافظ جي شادي،
شاديءَ ۾ آهه منهنجو آلَههُ راضي.

 

ميندڙي لاڏل! آيئي ملير جي،
ميندڙي جڙيل! آيئي سردار جي،
تون ته لاءِ ميندي، هل ساهرين-
شاديءَ ۾ آهه منهنجو اَلَههُ راضي.

 

تونت ه موڙ ٻڌي چڙهه گهوڙي،
تون ته ٻڌ ڳانو، چڙهه کارڙي،
تون ته پاءِ سهرا، چڙهه سيج تي-
شاديءَ ۾ آهه منهنجو الَههُ راضي.

 

[215]

وراڻي: شاديون ڪندو خدا، الله راضي بنا!
تنهنجي شاديءَ ۾ آهي ربّ راضي بنا!
چڱا ڀائر گُهرائي آءُ، ربّ راضي بنا-
تنهنجي شاديءَ ۾ آهي الله راضي بنا!
چڱا سؤٽ گهرائي آءُ، ربّ راضي بنا-
تنهنجي شاديءَ ۾ آهي الله راضي بنا!
چڱا ڄاڃي گهرائي آءُ، ربّ راضي بنا-
تنهنجي شاديءَ ۾ آهي الله راضي بنا!

 

[216]

وراڻي: پائي هار راڻل، وني ماڻين شل! جيوين گهوٽ لاڏا!
تنهنجي شاديءَ جا شغل، حوران ڪري آيون هل، منهنجا مور لاڏا!
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، پائي ڪجل آ راڻل-
پائي هار راڻل، وني ماڻين شل! جيوين گهوٽ لاڏا!

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، لائي سرخي آ راڻل-
پائي هار راڻل، وني ماڻين شل! جيوين گهوٽ لاڏا!

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، لائي ميندي آ راڻل-
پائي هار راڻل، وني ماڻين شل! جيوين گهوٽ لاڏا!

 

[217] [8]

وراڻي: سورٺ گهر ۾ آڻيندو، ادل مومل کي وٺي آڻيندو،

 

ڙي ادل! دل کئون دوشالو چوڙيندو.

 

دهري گهڙائي گهر ايندو، او! دهريءَ جوڀن لايو-
          ڙي ادل! دل کئون دوشالو چوڙيندو…

سر ادل جي لونگڙي جا سهڻي، او موتين جوڙ بنايو-
          ڙي ادل! دل کئون دوشالو چوڙيندو…

ڪلهن تي ادل کي، اجرڪ ڀلڙي، پورن جوڙ بنايو-
          ڙي ادل! دل کئون دوشالو چوڙيندو…

 

[218]

وراڻي: لاڏل ماءُ شال ٺرين! الله وڌائي هي، موليٰ وڌائي هي.
سر لاڏل دي سوني سهري، موتين جوڙ بنائي هي-
لاڏل ماءُ شال ٺرين! الله وڌائي هي، موليٰ وڌائي هي.

 

ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنائي هي-
لاڏل ماءُ شال ٺرين! الله وڌائي هي، موليٰ وڌائي هي.

 

اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعلي، ڪجل جوڙ بنائي هي-
لاڏل ماءُ شال ٺرين! الله وڌائي هي، موليٰ وڌائي هي.

 

[219] [9]

وراڻي: پٺاڻ کي واري پوئتي الا! ڇو چڙهيو آ سنڌ تي.
ڪانگا ڪانگا مٺيءَ ٻوليءَ وارا توکي اُڏائي ڪير-
پٺاڻ کي واريو پوئتي الا! ڇو چڙهيو آ سنڌ تي.
مِٺو مِٺو مٺيءَ ٻوليءَ وارا توکي اڏائي ڪير-
پٺاڻ کي واريو پوئتي الا! ڇو چڙهيو آ سنڌ تي.
ڳيرا گهو گهو ٻولڻ وارا توکي اڏائي ڪير-
پٺاڻ کي واريو پوئتي الا! ڇو ڇڙهيو آ سنڌ تي.
کنياتا خبر آڻڻ وارا توکي اائي ڪير-
پٺاڻ کي واريو پوئتي الا! ڇو چڙهيو آ سنڌ تي.

 

[220]

وراڻي: ڳاڙهو گهوڙو گهوٽ جو، راڻل ويس ڪري هلي رات جو،
              سوڍل موڙ ٻڌي، پرينءَ پار وڃي.

دهري گهڙائي نهري، منهنجو هينئڙو هيج ڪري-

ڳاڙهو گهوڙو گهوٽ جو، راڻل ويس ڪري هلي رات جو،
              سوڍل موڙ ٻڌي، پرينءَ پار وڃي

وينڊو گهڙائج نهرو، منهنجو هينئڙو هيج ڪري-

ڳاڙهو گهوڙو گهوٽ جو، راڻل ويس ڪري هلي رات جو،
              سوڍل موڙ ٻڌي، پرينءَ پار وڃي

ڄائو ماءُ ڀلي دادلو، جنهن جي ٿي ڇاتي اڄ ٺري-

ڳاڙهو گهوڙو گهوٽ جو، راڻل ويس ڪري هلي رات جو،
              سوڍل موڙ ٻڌي، پرينءَ پار وڃي

[221] [10]

وراڻي: موچارو مهري سينگاري، آڻي در تي بيهاري،
مِٺوُ تنهنجون ٻوليون، ڏاڍيون مٺيون آهن.
      بينسر ته وَنُل لئي لارئون آڻايم،

بولو ته جيڏل لئي پيارئون ٺهرايم-

مِٺُو تنهنجون ٻوليون، ڏاڍيون مٺيون آهن.
        ڪڙيون ته ونل لئي لاڙئون آڻايم،

ٻانهين ته جيڏل لئي پيارئون جوڙايم-

مِٺُو تنهنجون ٻوليون، ڏاڍيون مٺيون آهن.
                    [222]

وراڻي: آڻي مَهري جُهڪايو، چاڙهي گهوٽ گهمايو،
آل علي تجلي سين آيو، نُور نبي حورن رانئيو.
            دهري گهڙائج نهري-

آڻي مهري جُهڪايو، چاڙهي گهوٽ گهمايو.
            وينڊو گهڙائج نهرو-

آڻي مهري جُهڪايو، چاڙهي گهوٽ گهمايو.
            جهالر گهڙائج نهري-

آڻي مهري جُهڪايو، چاڙهي گهوٽ گهمايو.

 

[223]

وراڻي: لاڏوهلندم ساهرين، کهنبڙو ويس ڪري،
کهنبڙو ويس ڪري، جَهجهن جوڙ ڪري.

 

بينسر گهڙائي نهري، لاڏل هلدم ساهرين، کهنبڙو ويس ڪري،
کهنبڙو ويس ڪري، جهجهن جوڙ ڪري.

دهري گهڙائي نهري، لاڏل هلندم ساهرين، کهنبڙو ويس ڪري،
کهنبڙو ويس ڪري، جهجهن جوڙ ڪري.

جهالر گهڙائي نهري، لاڏل هلندم ساهرين، کهنبڙو ويس ڪري،
کهنبڙو ويس ڪري، جهجهن جوڙ ڪري.

 

 

[224]

وراڻي: چوڙيلي چِٽ لايو، ٻانهياري من لايو،
اويل نه ڪر راڻا! دير نه ڪر ڍوليا! ملڪ پرايو.

 

کهنبا گهرائي لاڏل ڪنهن ديس آيو-
چوڙيلي چٽ لايو، ٻانهياري من لايو.

 

 

بينسر جوڙائي لاڏل ڪنهن ديس آيو-
چوڙيلي چٽ لايو، ٻانهياري من لايو.

 

دهري جوڙائي لاڏل ڪنهن ديس آيو-
چوڙيلي چٽ لايو، ٻانهياري من لايو.

 

[225] [11]

وراڻي: ادل مان ڏٺو هو، جيئن لعل جَرَڪي،
محافي ۾ ويٺو، وَرُ هو وَنيءَ جو.

 

لونگي هيس پَٽ جي، لوڏ هيس لک جي،
مهريءَ تي ويٺو وَر هو ونيءَ جو.

 

لڳو واءُ اتر جو، ٿِيس سعيو گهر جو،
گهوڙي تي ويٺو، وَر هو وَنيءَ جو.

 

ٻَڌي سهرو سر تي، آيو ڪنوار جي در تي،
سيج تي ويٺو، وَر هو وَنيءَ جو.


 

باب چوٿون

 

شاديءَ جي رات: گهوٽ جي جاڳي کان ڪنوار جي سينگار تائين ڳيچ

 

هن باب ۾ (1) گهوٽ جو جاڳو، (2) چِڪيو يا تيلاڙو، (3) پِڙو يا ڪوٺو، (4) ٿار، (5) ٽارو ڪپڻ، (6) گهڙي ڀرڻ، (7) گهوٽ کي وهنجارڻ، (8) مينڍو ڇوڙڻ، (9) ڪنوار کي وهنجارڻ، (10) گهوٽ کي ڪپڙا پهرائڻ، (11) پڳ ٻڌائڻ، (12) موڙيا سهرا ٻڌائڻ، (13) هار پائڻ، (14) ڪنوار کي ڪپڙا ڍڪائڻ، ڳهه پارائڻ ۽ سينگار ڪرائڻ جا ڳيچ شامل آهن.

شاديءَ جي رات ڪنواريتن وٽ ڇني ۾ اچڻ کانپوءِ گهوٽ جي ويهارڻ جو سَٺو ڪيو ويندو آهي. زالون ڳيچ ڳائيندي هڪ رلي ۽ ڳاڙهي منجي کڻي اچي ڇني ۾ رکنديون آهن، ڪن هنڌن وري چٽسالي واري رلي وڇائي ان تي گهوٽ کي ويهارين.

عام طرح دستور هوندو آهي ته گهوٽ کي شاديءَ جي رات ننڊ ڪرڻ نه ڏني ويندي آهي، سڄي رات ڇني ۾ کل ڀوڳ ۽ ڳائڻ وڄائڻ پيو هلندو آهي. اڌ رات کانپوءِ زالون، گهوٽ کي مينديءَ مان چيچ ٻوڙائڻ جو سوڻ ڪرڻ لاءِ ميندي ڇني ۾ کڻي اينديون آهن، جي ان وقت ننڊاکڙي گهوٽ کي جاڳائڻ جا ڳيچ چونديون آهن. مثلاً:

ستل سيج تي، ابل ڪيئن جاڳائيان.

جاڳ ته لڳئي ڀاڳ بنرا! الله جوڙيا لاڏا جاڳ وي.

شاديءَ جي رات ڪنواريتي گهر ۾ پِڙو يا ڪوٺو به ڏيکاريو ويندو آهي، جتي راڄ جون نياڻيون، گهوٽيتيون ۽ ڪنواريتيون اچي گڏ ٿينديون آهن. اتي راڄ وڏيري يا ڪا ڏاهي عورت اٿي بيهي پِڙو ڏيکارڻ شروع ڪندي آهي، جنهن ۾ گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن مان جيڪي به ڪنوار کي ڏيب مليل هوندو آهي، سو سئيءَ سڳي سميت هر هڪ ڏيندڙ جي نالي وٺڻ سان ٻڌائيندي ۽ چوڌاري ڦيرائي ڏيکاريندي آهي. ڏاج ۾ ڪپڙا، ڳهه، هنڌ، ٿانو، روڪڙ وغيره کان سواءِ بعضي قرَن شريف به ڏيندا آهن. ڪن هنڌن وري ڏاج جو سامان، تڏن تونرين جو ڪوٺو اڏي ان ۾ اندر رکي، مٿئين پاسي کان کليل ڇڏي، باقي ڪوٺي کي ڏاڳن سان ڏانئي ڇڏيندا آهن. ڪن هنڌن وري گهوٽ ڪنوار جي بستري کي پڙوڳ يا ڪوٺو سڏين، جو پاڙي جي ڪنهن گهر ۾ رکي، پوءِ ڳائي وڄائي کڻي اچي زالن کي ڪنهن گهر ۾ رکي، پوءِ ڳائي وڄائي کڻي اچي زالن کي ڏيکارينديون آهن، انهيءَ موقعي تي زالون هي ڳيچ ڳائين:

ڏانيوڙي ڏانيو، گهر ڏانيو، الله اڏئي جو گهر ڏانيو.

دهلن ساڻ پِڙو، ابا! تو لئي ماءُ سنباهيو.

جهڳمڳ ساڻ پڙو، پڙو ادل گهوٽ جو.

شاديءَ جي رات ڪنوار کي تيلاڙي جو ساٺ ڪيو ويندو آهي. تيلاڙي جو ساٺ گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي کي ڪن، پر گهوٽ کي اهو ساٺ شاديءَ جي رات کان هڪ ٻه راتيون اڳي ڪن. گهوٽ کي تيلاڙي جو ساٺ ڪري کيس ڏندڻ، تسبيح ۽ ڪاتي هٿ ۾ ڏيئي، ڳانو ٻڌائي وناهه ۾ ويهارين ۽ سندس حفاظت لاءِ هڪ ماڻهو، جنهن کي آهنَر يا اَنهير چون، سو ساڻس گڏي ڇڏين جيئن هيڪلو نه رهي.

هن ساٺ ۾ گهوٽ کي منجيءَ تي ويهاري، سهاڳڻيون زالون ۽ عزيزياڻيون اچي ماکي ۽ سرهي تيل مان آڱريون ٻوڙي سندس پڳ تي مکين، ۽ ڪپهه جي پُوڻين مان ٻُڙا پٽي سندس مٿي تي اڇلين، جي گهوٽ چونڊيندو آهي. ان موقعي تي زالون هيءُ ساٺ جا ڳيچ چونديون آهن:

چوٽ مٿي ڦُلَڙا، مر چِڪيو لڳي،

اسان سندي ونڙي، مرچِڪيو لڳي.

ڪنوار کي وري شاديءَ جي رات تيلاڙي جو ساٺ ڪن، جو پڻ مٿي ڄاڻايل نموني سان ساڳيءَ طرح ادا ڪن. انهيءَ موقعي تي زالون ساٺ جا ڳيچ چونديون آهن ، سي هي آهن:

چــوٽــو ڦـلن ڇانيو، مرچڪيو لڳي،

اسان سندي ونڙِيءَ، مرچڪيو لڳي.

ســـونــــي تــــورڻ تـــوريـــو تــــــــيلاڙو،
اما! ڀوري ننڍڙو، جيجان، ڀوري ڇتڙو،

جاءِ جا ڦلڙا، سرهو تيلائو، جاءِ جا گل.

شاديءَ جي رات ڪن هنڌن ٿار گهمايو ويندو آهي. ٽامي جو هڪڙو وڏو ٿالهه کڻي، ان ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيا ٺاهي، ڳائي گيهه سان ٻارين. ان کان سواءِ ٿالهه ۾ مصري، نباتون، ماکي، کارڪون ۽ ٻيون شيون وجهي ڪوٺاريءَ کي کڻائي،  ڳوٺ جا پاڙ گهٽيون گهمي گهر اچن. انهيءَ موقعي تي هي ڳيچ ڳائين:

موتي پايو ٿار ۾، جنهن کي ڪنڊڙيون، او لاڏا!

ڪن هنڌن وري شاديءَ جي رات، گهوٽ کان سائي وڻ مان ٽاري ڪپائڻ جي رسم ادا ڪندا آهن. گهوٽ کي ڇني مان وٺي چار زالون چادر جي چئني پلاندن کي جهلي منٿي اُڀو ڪري هلنديون، ان چادر هيٺان گهوٽ هلندو. پوءِ ڳوٺ جي ٻاهران ڪنهن ڪنڊيءَ جي وڻ يا ٻئي ڪنهن سائي وڻ جي ٽاري، گهوٽ جي هٿان ڪهاڙيءَ جا ڪاتيءَ سان هڪڙي ئي ڌڪ سان وڍراينديون آهن ۽ موٽي اها ٽاري اچي ڪنوار جي در اڳيان کوڙائي ڇڏينديون آهن. زالن ان موقعي تي هن قسم جا ڳيچ ڳائينديون آهن:

ٽلي آءُ ٽاريءَ تي، ملي آءُ مومل وٽ،

ســـــيڻـــن ڏنـــــــڙئــــــي ڇــــــــپر کـــــنـٽ.

گهوڙي ڀرڻ جو رواج به شاديءَ جي رات ۾ مقرر ٿيل آهي. گهڙي ڀرح لاءِ گهڻو ڪري سڀئي زالون ڳائينديون کوهه تي پهچنديون آهن ، جتي کين ڪو مرد ماڻهو گهڙي يا دلي ڀري ڏيندو آهي، جا ڳيچ ڳائي کڻي اينديون آهن. ڪٿي ڪٿي ته ستن کوهن جو پاڻي گهڙيءَ ۾ ڀري کڻن، پوءِ انهيءَ پاڻيءَ سان ٻيو پاڻي ملائي ڪنوار کي وهنجارين. گهڙي ڀرڻ جا ڳيچ هي آهن:

منهنجي الله پڄائي اديون! ڪا گهڙي ڀرڻ هلنديون؟

اها ڀردِي هي، ماءُ ٺردِي هي،

واهه واهه! گهڙولي ڀردي هي.

گــهڙي ڀـــري ادل، مــــومـــل مــاڻي وريو،

الا، گهوٽ ڪنوار جي گهڙي ڀري وريو.

مٿي ڄاڻايل ساٺن سوڻن کانپوءِ، عام طرح وڏي اَسُر مهل گهوٽ جو نڪاح پڙهيو ويندو آهي. بعضي مڱڻي وقت ئي نڪاح پڙهي ڇڏين، اهڙيءَ حالت ۾ فقط شاديءَ جا ساٺ سوڻ ڪن. نڪاح بعد مٺاي ورهائي گهوٽ کي وهنجارڻ جو سعيو ڪن.

ڪنواريتن مان تيل ميٺ کڄي ويندو، گهوٽ کي صندلي يا منجيءَ تي ويهاري وهنجارين. ڪٿي ڪٿي کاري تي ويهاري حجام وهنجاريندو آهي. زالون ان موقعي تي هن قسم جا ڳيچ ڳائين:

تيل تري آيو، ميٽ ملجي آيو،

هن سرهي گهوٽ جو سرهو تيلائو،

سرهو تيلائو، ساٺ برابر ميلائو.

ڪٽورو ميٽ جو ڀريو، ڪٽورو تيل جو ڀريو.

اهو ميٽ تنهنجو تيل، ماءُ ڇو نه مليندي!

جواني ماڻين، تون چڙهه کاري،

تيڏا الله ولائسي واري.

رک کاري تي پير، منهنجا مور لاڏا!

مٿو ڪنهن ڌوتو؟ مٿو گهوٽ ڌوتو.

ڌوئي پڇوئي پَٽ جي پوشاڪ ميرل پَرهِي.

ڪنوار کي به ساٺن سوڻن کانپوءِ وهنجاريو ويندو آهي، جنهن ۾ خاص ڳالهه هيءَ هوندي آهي ته ان جا مينڍا کوليا ويندا آهن، جي ڪنوارپڻي جي نشاني آهي. سينڌ جي شروعات کان وٺي ڪياڙيءَ تائين ڪنن ۽ نراڙ جي مٿان مينڍن جون ڳُتُُن هونديون آهن. انهن جي کولڻ مهل زالون هيءُ ڳيچ ڳائين:

اما ٻائي! کول ٻه مينڍڙا ڳتڙيا،

جـــي تــــوکـــــي آيـــــل ويــــڙهيا.

مينڍن کولڻ کانپوءِ ڪنوار کي پاٽ، ڪونڊي يا ٿالهه ۾ ويهاري تيل ميٺ متي وهنجارين. پاڻي موسم سارو ٿڌو يا ڪوسو رکن، جنهن سان کوهن مان ڀريل گهڙيءَ وارو پاڻي پڻ ملائين ڪنوار جي وهنجڻ کانپوءِ، لڱن وارو ميرو پاڻي ڪنواريتيون سانڍي رکي ڇڏين، جڏهن گهوٽ سرگس ڪري اچي ڪنواريتي در تي ويهندو آهي، تڏهن ان ي پيرن ۾ اهو پاڻي سوڻ خاطر هاري ڇڏين. ڪنوار جي وهنجڻ مهل هي ڳيچ ڳائين:

هرين هرين هلو، وير مَ لايو، آءٌ هلندڙيءَ آس.

پکا ڀائر سهڻا، ڪريو قبول، گوڏو موڙيندي تڙ تي.

مٿو ڌوتائين، پاڻي ته ڀريائين، اڱڻ واهه کڻائي،

جيڏل لاڏيءَ کي، اڇڙي کنڊ ڦڪائي، هرڙٽي ڊاک چٻائي.

ميٺ ملجي آيو، تيل ترندو آيو،

جيڏل لاڏي، مر مٿو ڌوئي!

گهوٽ جي وهنجي ويهڻ کانپوءِ زالون ڳيچ ڳائينديون سندس ڪپڙا، ڇني ۾ کڻي اينديون آهن. وڳي ۾ سٿڻ قميص يا پهراڻ، پڳ، جتي ۽ رومال هوندو آهي. اهو وڳو ڪن هنڌن تي ڪنواريتا پاڻ ڏيندا آهن، ڪٿي وري گهوٽ پنهنجي مرضي موجب ٺهرائيندو آهي. وڳي ڍڪائڻ مهل راڄ کان اجازت ورتي ويندي آهي. انهيءَ موقعي جا ڳيچ هي آهن:

ڪپڙا ڪير ڏي؟ ونيءَ بابو ڏي،

جنهن گهر ناٺي آيو، مر عزت ملي.

ويس بخمل جوڙي ادل! سهرو ته پَنيءَ جوڙيو،

ويس ته ريسمي وجهه، جيءُ ته جيجڙي ڏسئي!

ادل توکي الله پهراوي، پاءِ ولائتي وڳو.

سرائيءَ سان سويئرو، ٻَنگاري ۾ موتين هار،

سالڙين آندو گهوٽ لئي، ڀيڻن آندو ادل لئي.

پڳ ٻڌڻ مهل به ڀائرن کي موڪل وٺي پوءِ پڳ ٻڌائي ويندي آهي. پڳ جو پهريون ور مرشد يا راڄ جو چڱو مڙس ڏيندو آهي. ان موقعي جا ڳيچ هي آهن:

پَٽڪي سريو سونَ جون، قرباني ادل تان پٽڪو ٿو سونهي.

لاڏي کي جا لِکَڙي، لاڏا! ٻڌ کهنبڙي پاڳ.

ڪپڙن پهرڻ ۽ پڳ ٻڌائڻ کانپوءِ گهوٽ کي موڙ يا سهرا ٻڌايا ويندا آهن، جن جي ٻڌڻ جي پڻ راڄ کان موڪل گهربي آهي. موڙ، گلابي ۽ موتئي جي گلن مان ٺاهين. ڪٿي ڪٿي ڪوڏين ۽ موتين جي لڙهين مان به ٺاهين، جنهن جي پٽي مقيس، زري ۽ ڀرت وغيره سان سينگاري ڇڏين. موڙن يا سهرن ٻڌڻ سان مبارڪن جي ڌم لڳي ويندي آهي. موڙ ٻڌي پوءِ مٿان پيٽ ڍڪائيندا آهن، پِٽ ۾ ٻه پوتيون هڪ ڀرت ڀريل بوڇڻي ۽ ٻي هيڊي يا لياري رنگ جي کُهنبي پوتي هوندي آهي. ڪٿي ڪٿي گهوٽ جي ڪپڙن ڍڪڻ بعد ڳاننه ۽ موڙن جي گهور وٺندا آهن . زالون انهيءَ موقعي تي هن قسم جا ڳيچ ڳائينديون آهن:

مِڙوس ڏاڏي پوٽيون، ٿَڌڙي ٿي هير لڳي،

لاڏل ڀائرن وچ ۾، مَرڪيو ٿو موڙ ٻڌي.

سهجئون ٻڌان موڙ، ڪوڏئون ٻڌان موڙ.

سيج تي اچڻ کان اڳ ڪنوار کي ڪپڙن ۽ ڳهن سان سينگاريو ويندو آهي. ڪن هنڌن ته فقط هڪ ڪپڙي  ويڙهي ڪنوار کي سيج تي آڻيندا آهن. ڪنوار جي هرهڪ ڪپڙي ڍڪڻ، زيور پائڻ ۽ هار سينگار ڪرڻ تي ان موقعي جا ڳيچ چيا ويندا آهن، مثلاً:

اٿي بيبي! ڪر سينگار، سردار تنهنجي جهوليءَ جُهلندو.

وجهه سو چُنڙي پاند، جهو ڌوٻيئڙي ڌوتو، کٽيئڙي ڇُريو.

لاهه پراڻو وڳو، ماءُ پيءَ جي پياري، ڪر گهوٽ جو وڳو،

جاڳ جيڏل! پاءِ بينسر بولو.

نٿ پارائي ڳوري ڳل لايو،

ڇپر کٽ تي، گُجر گج پرهايو.

ڪجل توکي اکين ۾ پاتو سونهارو،

ڪجل توکي ٺهي ٿو ڪجل پيارو.

ڇمڪار چُوڙا، هُٻڪار ٻيڙا، او مٺا وي ڍولڻا!

هي دل يکي وَنِي نال وي ڍولڻا!

شاديءَ واري رات، گهوٽ ۽ ڪنوار سان جي ساٺ سوڻ ٿين ٿا، تن کي شاديءَ جا ’پرڀ‘ به چيو ويندو آهي، جي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن سڀني عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.

1. گهوٽ جي جاڳي جا ڳيچ

 

[1] [1]

وراڻي: ننڊ جي ڪانهلي کي ڇَٽَ جي ڇانوَ ڪيو،
            منهنجي بَنري کي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيو.

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
            منهنجي بَنري کي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيو…

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
            منهنجي بَنري کي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيو…

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو-
            منهنجي بَنري کي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيو…

 

[2]

وراڻي: وهه واهه! اهڙي لڳي دل اٿن، مارُو ننڊ نه ڪن،
ٿڌڙا ڏينهن ڏسن، سانگي ننڊ نه ڪن.

 

بينسر ادل جي لاڙئون گهرايان، واهه واهه لاڙئون گُهريان-
وهه واهه! اهڙي لڳي دل اٿن، مارو ننڊ نه ڪن.

دهري لاڏل جي اترئون گُهريان، واهه واهه اترئون گُهريان-
وهه واهه! اهڙي لڳي دل اٿن، مارو ننڊ نه ڪن.

جُهومر ادل جا ٿرکؤن گُهريان، واهه واهه ٿرکؤن گُهريان-
وهه واهه! اهڙي لڳي دل اٿن، مارو ننڊ نه ڪن.

[3]

وراڻي: سيج ستن کي مان ڪيئن جاڳايان!
حاڪمزادا صاحبزادا، ستا ڪيئن جاڳايان.
ميندي سهڻل! توکي سيج تي لايان،
رنگ ادل! توکي کٽ تي لايان-
حاڪمزادا صاهبزادا، سُتا ڪيئن جاڳيان…

ڪنگڻ ادل جا لاڙئون آڻايان،
ڪنگڻ گَهڙايان، لاڏيءَ کي پارايان-
حاڪمزادا صاحبزادا، سُتا ڪيئن جاڳيان…
ڄاڃي گهُريايان، ادل پرڻايان،
سهاڳ جا سڄڻ لاءِ سهرا ڳايان-
حاڪمزادا صاحبزادا، سُتا ڪيئن جاڳيان…

 

[4] [2]

وراڻي: سُتل سيج تي، اَبل ڪيئن جاڳيان؟
پلؤ ڏيئي پرڻايان، لونگي ڏيئي گهر آڻايان.
چڱي بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
پلؤ ڏيئي پرڻايان، لونگي ڏيئي گهر آڻايان…
چڱي دُهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
پلؤ ڏيئي پرڻايان، لونگي ڏيئي گهر آڻايان…
چڱي ڏيئي پرڻايان، لونگي ڏيئي گهر آڻايان…

 

[5]

وراڻي: اُٿ ڙي اُٿ! شاديءَ جي ويلي، نانءَ سهڻا! نيڻن آيئي ننڊ،
حاڪمزادا! نيڻن آيئي ننڊ، محبت جا ڪي چڙهيئي مَنڊ.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-

حاڪمزا! نيڻن آيئي ننڊ، محبت جا ڪي چڙهيئي مَنڊ…

 

ڏند بَني جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بناءِ-

حاڪمزادا نيڻن ايئي نند، محبت جا ڪي چڙهيئي منڊ…

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بناءِ-

حاڪمزادا! نيڻن آيئي نند، محبت جا ڪي چڙهيئي منڊ…

 

[6] [3]

وراڻي: اُٿ جاڳ بَنا، سائينءَ ڏنا! تو جاڳندڙي جَس.
جاڳ ڙي گهوٽل! رات لانئن جي.

 

اندر وڇايان جنڊيءَ کٽ، ٻاهر توتي ڇَٽُ،

جاڳ ڙي پڙهيل! رات نفل جي-

جاڳ ڙي گهوٽل رات لانئن جي…

 

مومل موچاري چاچن مامن واري،

جاڳ ڙي جُريل! رات نفل جي-

جاڳ ڙ گهوٽل! رات لانئن جي…

 

شل هوُ سرها سان! ٻڌ فجر جي ٻانگ،

جاڳ ڙي ادل! رات نفل جي-

جاڳ ڙي گهوٽل! رات لانئن جي…

 

[7]

وراڻي : اُٿ جاڳ بَنا، سائينءَ ڏنا! تو جاڳندڙي جَس.
جاڳ الله جوڙيا لاڏلا! تو جاڳندڙي جَس-
اُٿ جاڳ بَنا، سائينءَ ڏنا! تو جاڳندڙي جس.

 

منهنجا مائٽن جا دادلا! تو جاڳندڙي جس-
اُٿ جاڳ بنا، سائينءَ ڏنا! تو جاڳندڙي جس.

 

نيڻين ننڊ نگوڙي، لاڏلا! تو جاڳندڙي جس.
اُٿ جاڳ بَنا، سائينءَ ڏنا! تو جاڳندڙي جس.

 

[8]

وراڻي: جاڳ ته لڳيئي ڀاڳ بنرا! الله جوڙيا لاڏا! جاڳ وي،
منهنجا مور لاڏا! توتي الله نبي جو راض وي.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
منهنجا مور لاڏا! توتي الله نبي جو راض وي…

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سُرخي جوڙ بناءِ-
منهنجا مور لاڏا! توتي الله نبي جو راض وي…

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رَتڙا، ڳاني جوڙ بناءِ
منهنجا مور لاڏا! توتي الله نبي جو راض وي…

 

[9]

وراڻي: جاڳي جاڳي آهه سُتو، ادل منهنجو ننڊ ۾،
ڇو جو ڳايئي سويل، موتي منهنجي مَنَ جو.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
      ڇو جاڳايئي سويل، موتي منهنجي مَنَ جو…

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو-
      ڇو جاڳايئي سويل، موتي منهنجي مَنَ جو…

هٿ ادل جا مينديءَ رَتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
      ڇو جاڳايئي سويل، موتي منهنجي مَنَ جو…

هيٺ ادل جي هَرڻا مَهري، گاشي جوڙ بنايو-
      ڇو جاڳايئي سويل، موتي منهنجي مَنَ جو…

 

3. پڙي يا ڪوٺي جا ڳيچ

 

[10]  [4]

وراڻي: دهلن ساڻ پِڙو، ابا تو لاءِ ماءُ سنباهيو،
سرهي واٽ مٿان، اسان جي لاڏل پير گهمايو.

 

ڄاڃين ساڻ پڙو، اَبا! تو لا3 ماءُ سنباهيو-
سرهي واٽ مٿان، اسان جي لاڏل پير گهمايو…

 

نياڻين ساڻ پِڙو، اَبا! تو لاءِ ماءُ سنباهيو-
سرهي واٽ مٿان، اسا جي لاڏل پير گهمايو…

 

ديڳين ساڻ پيڙو، اَبا! تو لاءِ ماءُ سنباهيو…
سرهي واٽ مٿان، اسان جي لاڏل پير گهمايو…


 


[ [179] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو [180] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [181] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[182] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [183] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو.

[184] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [185] اتر (تعلقي ميروخان) مان مليو.

[186] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [187] ۽ [188] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليا.

[189] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [190] اُتر (لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ميرس تعلقن) ۽ وچولي (حيدرآباد ۽ ڪنڊياري تعلقن) مان مليو.

[191] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [192] ۽ [193] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[194] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [195]وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[196] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

197] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [198] اُتر (تعلقي وارهه) ۽ وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[199] لاڙ (تعلقي گوني) ۽ اتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مليو. [200] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[201] ۽ [202] وچولي (تلقي ڪنڊياري) مان مليا. [203] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[204] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [205] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [206] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[207] ۽ [208] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليا.

[209] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [210] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو. [211] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[214] اتر (وارهه ۽ ميرپور ماٿيلي تعلقن) ۽ وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [215]وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [216] اُتر (ميرپورماٿيلي ۽ اٻاوڙي تعلقن مان مليو.

[217] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [218]وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[219] رسالي ’نئين زندگي! اپريل 190 تان ورتل [220] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [223] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو.

[222] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [223] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[224] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [225] اُتر (وارهه ۽ اُٻاوڙي تعلقن) مان مليو.

[1] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [2] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [3] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[4] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [5] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[6] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [7] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو.

[8] وچولي (حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار تعلقن) مان مليو. [9] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [10] وچولي (ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد تعلقن ۽ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org