باب ٻارهون
شاديءَ جا عام ڳيچ
هن باب ۾ شاديءَ جا عام ڳيچ شامل آهن، جي ٽن قسمن
جا آهن: هڪڙا اُهي جيڪي پرڻيل زالون چونديون آهن،
ٻيا اُهي جيڪي فقط ننڍيون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون
ڳائينديون آهن، ڳيچن جو ٽيو قسم ”ڦوٽاڻا“ آهن.
پرڻيل زالن جي ڳيچن مان لَوَهَر، ڏوبڙ راڻي،
ناگرويل ۽ ڪيوڙو مشهور آهن. لوهر ڳيچ ۾ ڪنوار
پنهنجي ماءُ کي چوي ٿي ته: مون کي ”ڍٽ“ ۾ پرڻائجو،
ڇو ته اتي جا ماڻهو ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سکيا ۽
سٺا آهن، باقي ٻين شهرن ۾ خرابيون آهن، جيئن ته:
مِنان اِيئيَ سِينڌاڻي ري ڏِسَ متان ڏيئي ماءِ!
سِنڌاڻي را ڪاڙا ماڻهو ڀُونڏا هِي، ماءِ!
لَوهَر رَمڻ ٻاڙميڙ جاسان.
* * *
مِنان ڍاٽ رين سائين باجهرين ڀَلين، هو ماءِ!
ڍاٽ رين سائين باجهرين ڀَلين، هو ماٰ!
لَوَهَر رَمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
ڪنواريتن جي دلي تمنا اها هوندي آهي ته ڪنوار ڪنهن
سکئي ۽ چڱي گهر ۾ پرڻيل هجي، مٿيون ڳيچ انهيءَ
جذبي جي ترجمان ڪري ٿو.
”ڏوبڙ راڻي“ ڳيچ ۾ وطن جي مِينهن، ڀِٽن، پيرُن
وغيره کي ساري ڪنوار ڳوڙها ڳاري ٿي. هوءَ اباڻي
وطن جي پار ڏانهن ڪارا ڪڪر ۽ کنوڻيون ۽ پکي ايندي
ويندي ڏسي اهو خيال ٿي ڪري ته شايد پکين هٿان ماءُ
مون ڏي سوکڙي موڪلي آهي، پر خالي پکي ڏسي بروقت
چٺي لکائي پنهنجي مائٽن ڏانهن موڪلي ٿي ته: آءٌ
هتي اُداس آهيان، مون کي وٺي وڃو. هيءَ ڳيچ پرڻيل
زالون توڙي ڪنواريون ڇوڪريون چونديون آهن. مثلاً:
جِهرمر برسي مِيهه، برسي ڀريو ڏاڏاڻي رو ڏيس،
اڄ اُتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي...
* * *
”ناگرويل“ ۽ ”ڪيوڙو“ ڳيچ پرڻيل زالون ۽ مڱڻهار
چوندا آهن، هنن ڳيچن ۾ خاص طرح چوڙن جو ذڪر هوندو
آهي، جي سهاڳ جي نشاني سمجهيا ويندا آهن. چوڙن جي
سونهن ۽ ڪيوڙي جي خوشبوء جي بيان سبب ه يءَ ڳيچ
تمام گهڻو مقبول آهن ۽ شاديءَ ۾ زالون هر وقت
ڳائينديون آهن. اهي ڳيچ هن قسم جا آهن:
وائرو ڍڙ تي باڀل ائان ڪهيو،
مِنان چنڊن چُوڙلي رو ڪوڏ- ناگرويلڙي.
* * *
ايئي سمي ري نينگري، نَو نَو نخريدار-
تِکا تاڻي گهونگٽيا، ٻُڙ ٻُڙ ڏي جواب-
هاءِ سڳنڌي ڪيوڙو.
عام ڳيچن ۾ ٻيا اهي ڳيچ به اچي وڃن ٿا، جيڪي فقط
ننڍڙيون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون شآديءَ جي موقعن تي
چونديون آهن؛ جن ۾ ڪلالڻ، لِيلو پُوٺيو، مروئو،
نيٻُو جهَر، جهُولتو ماڏريو، چِروڪلين، جهالريو،
هوائيڙو ۽ راهوڙو ريلان مشهور آهن.
شاديءَ جي ڪاٺ ۾ پرڻيل زالن کان سواءِ ننڍين ۽
ڪنوارين ڇوڪرين جي پڻ گهڻي دلچسپي هوندي آهي. اهي
به خوشيءَ ۽ رونشي خاطر مٿي بيان ڪيل ڳيچ چونديون
آهن. انهن ڳيچن ۾ گهڻو ڪري گهوٽ ۽ ڪنوار جي
ساراهه، سندن سامان جي تعريف، اُڪير ۽ قرب جو بيان
هوندو آهي. جيئن ته ”ڪلالڻ“ ۾ گهوٽ ۽ ان جي مائٽن
جي آجيان، گهوٽ جي ساراهه ۽ گهوٽ کي ڪنوار جي لاءِ
نج سون ٺهيل ڳهڻ آڻڻ جي هدايت ڪيل آهي، جيئن:
چِيڪاسَر ري چِيڪڻي مِٽي، چُلها چِتراڙان چار،
موري ڪلالڻ ري ڪارڻيئي رنگائي ليو رومال.
* * *
چاندڙيو چڙهيو ڊولا! گڍ گرنار،
هان جي اوڀَمرجي.
* * *
هان جي ڪلالڻ هو، او جهولڻ ڪلالڻ هو،
راسيلان را ڏيرا ڏيسان باگان ۾،
ان داتا! مين سين گهڙي هيڪ ڌيمان بولو.
* * *
”ليلوو پُوٺيو“ ڳيچ ۾ ”انگر کي“ جي تعريف آهي. هن
ڳيچ ۾ ننڍڙيون ڇوڪريون پنهنجي نئين انگر کي جي
ساراهه ڪن ٿيون، جو هنن شادي جي موقعي تي پاتو
آهي، مثلاً:
مانري جيجل سيڙايو لِيلوپُوٺيو،
مانرو ٻاٻوجي لِي لِي آيا ڙي،
مگريئي موريڙا تاڏَهُوڪين ڙي،
لِيلوپُوٺيو...
”مَرُوئو“ ڳيچ ۾ نازبو جي ساراهه آهي، ڇوڪريون
گهوٽ کي چون ٿيون ته: نازبو وٺي اچ، پر هتي نازبو
ڪونه ٿئي، رڳو منهنجي ملڪ عمرڪوٽ جي باغن ۾ ٿئي
ٿو، تنهنڪري اُتان وٺي اچ. جيئن:
مروئو مان جي اِٿ نه اُٿ، ڙِي ڀوڙِي!
مروئو مان جي آمراڻِي ري واڙيئي-
راسِيلا ڍولا! مروئو لِي گهَرِي آئو....
* * *
مروئو مانرو آمراڻي رِيَ واڙيئي،
مروئو مانرو ڏاڏاڻي ريَ سِيريئي،
ڪيهي ٻائِي رو وايوڙو، ڪيهي ٻائي رو سِينيوڙو؟
مانهنجي جهِيڻولِي جِيڏَل! مروئي ري مُهَنڪار.
”نيٻوجهر“ جي معنيٰ ”نِم“ جو وڻ آهي. جيئن ته
ٿرپارڪر وارياسو علائقو آهي، تنهنڪري اُتي نم جي
وڻ جو گهڻو مانُ آهي. اونهاري ۾ نم جي ٿڌيءَ ڇانوَ
جي آسائش هرڪو چاهيندو، تنهنڪري هن ڳيچ ۾ نم کي
خاص طرح سان ڳايو ويندو آهي. اهو ڳيچ هن طرح آهي:
ساسُو واهِيو آڪڙو، مين تو واهِي آمڻ ٻُور ڙي،
ساسُو رو آڪڙو ٻڙي گيو، مانري تو لاگا آمڻ ٻور-
نيٻُوجهَر ليو...
”جهُولتو ماڏريو“ جي معني! آهي: ”ماڏريو“ (ڳهه)
لٽڪي پيو؛ جو ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هڪ ڳهه آهي. هن ڳيچ
۾ ڀيڻ جو پنهنجي ڀاءُ سان قرب جو اظهار ٿيل آهي،
جيئن ته:
ڳِيهوئان رو پَڪو بيرا لوليو، اوتان گهِي سين مکيو
ٿي کان،
چُوني رو پَڪوساسُو باٽيڙو، سو تان تيل سين مکيو
ٿي کان،
جهُولتون ماڏريو...
”چڙوڪِلِين“ جي معنيٰ جهرڪيون. هن ڳيچ ۾ جهرڪين جو
ذڪر اچي ٿو، جي نئين پرڻيل ڪنوار جي گهر ۾ اچي
ويهن ٿيون؛ ڪنوار انهن کي اباڻي ديس مان آيل سمجهي
کانئن پڇي ٿي ته ماءُ منهنجي لاءِ ڪهڙي سوکڙي ڏني
آهي؟ پر پوءِ نا اميد ٿي مائٽن کي ساري ماءُ کي خط
ٿي لکي ته جلدي ڀاءُ کي موڪل ته مون کي هتان وٺي
وڃي. اهي ڳيچ هن قسم جا آهن:
سِمَهلي آئي ڪنڌان ۾ ڪوٿرين،
مانهنجي جيجل ميلهي ڀيٽ،
واڙو ڀَرين چڙوڪلِين، ڦُڙ ڦُڙ اُڏيو جائين.
* * *
هيڪ نه اُڏي چِڙو ڪلِي، جي روپهيريو پردي-
واڙو ڀَرِين چِڙو ڪلِين، ڦُڙ ڦُڙ اُڏيو جائين.
”جهالريو“ ڳيچ ۾ ڀاءُ جو ذڪر خصوصيت سان اچي ٿو.
نئين پرڻيل ڪنوار جي گهر جڏهن پهريون ڀيرو ڀاءُ
اچي ٿو، تڏهن هوءَ نهايت خوش ٿئي ٿي. سرتين کان
پڇي ٿي ته: اديون! اڄ ڪنهن جو ڀاءُ اڱڻ آيو آهي جو
هتي جي جُوءِ ساوا ويس پهريا آهن، کوهه کنڊ سان
ڀرجي ويا اهن ۽ کوهه تان پاڻي ڀريندڙ ڇوڪريون
شرمائجي ويون آهن! هيءُ ڳيچ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي پريت جو
سهڻو مثال آهي، جيئن ته:
ڪيهو وِيرو آيو سِيمَڙئين؟
اوتان سِيم ڪيو سِنگار-
ملوڪ جهالريو...
* * *
”هوائيڙو“ (هوائي جهاز) جي ساراهه ۾ شايد هي ڳيچ
انهيءَ ڪري آهي جو هو تمام جلدي رسائي ٿو. هن قسم
جي ڳيچ ۾ هوائي جهاز جو ڪراچيءَ بندر ۽ ڍوري ناري
تي لهڻ، بمبئي مان اُڏامي سنڌ ۾ پهچڻ ۽ جلدي وطن
پهچائڻ جو ذِڪر خاص طرح سان ٿيل آهي، اهو ڳيچ هن
طرح آهي:
هوائيڙا! تون بمبئي سين اُڏيو ڙي، سِنڌاڻي آيو ڙي-
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
”راهُوڙو ريلان“ (ريل مان ويندڙ مسافر) ڳيچ ۾ به
ڀيڻ جي طرفان ڀاءُ لاءِ پريت ۽ اُڪير جو اظهار
هوندو آهي. ڀاءُ جڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ جي گهر اچي ٿو،
تڏهن هوءَ سندس تمام گهڻي عزت ۽ مرحبا ڪندي آهي.
هن قسم جي ڳيچن ۾ ڀيڻ ٻڌائي ٿي ته: منهنجو ڀاءُ
مون کي وٺڻ لاءِ آيو. مون مٿانئس رپيو گهوريو، ۽
ڀيڻوئي مٿانس نوٽ گهوريا. منهنجيءَ سس وري کيس
قسمين قسمين طعام رڌي کارايا، ڀاءُ کوهه تي وارو
ورايو ته ڀيڻ وري پاڻي ڀرڻ لاءِ ساهيڙين کي سڏي
ٿي. آخرڪار ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺي وڃڻ جي موڪل گهري ٿو،
ڀيڻ هار سينگار ڪري نوان ڪپڙا ڍڪي پنهنجي ڀاءُ سان
گڏ مائٽن ڏانهن رواني ٿئي ٿي. اهي ڳيچ هن قسم جا
ٿين:
ٻيهينل گهوريو روپيو روڪڙو، ڀيڻئي گهوريا نوٽ ري-
مانرو راهُوڙو ريلان جائي...
سائي توڏَڙِلي پلاڻي ويرئيئا! ٻيهينل نان تِيڙئو
جائي-
مانرو راهوڙو ريلان جائي...
عام ڳيچن جو ٽيو قسم ”ڦوٽاڻا“ آهن، جي شاديءَ جي
ڪنهن به موقعي تي چرچي گهٻي طور چيا ويندا آهن.
گهوٽيتا توڙي ڪنواريتا خوشيءَ جي انهيءَ موقعي تي
چرچو گهٻو ڪري خوش ٿيندا آهن. انهن ڳيچن ۾ اڪٿر
گهوٽ جي ماءُ (”وهائين“ يا سيڻ) سان چرچو ڪيو
ويندو آهي ته: گهوٽ جي ماءُ کي چور کڻي ويا، گهوٽ
ماءُ ٻنيءَ تي تڪڙي تڪڙي وئي، اُتان موٽندي چار پٽ
ڄايس، لومڙي چوي ٿي ته آءٌ شادي ڪنديس پر گهوٽ
ماءُ سان، وغيره. گهوٽ ماءُ کان سواءِ بعضي گهوٽ
جي ٻين مائٽن جي نالي به ڦوٽاڻا چيا ويندا آهن.
جيئن هڪڙي ڦوٽاڻي ۾ ڏاڏيءَ تي چرچو ڪيل آهي ته:
پاڏِي ڀڳي پئي وڃي، پر گهوٽ ائين سمجهيو ته ڏاڏي
ڀڳي پئي وڃي. اهڙيءَ طرح ڪي ڦوٽاڻا گهوٽ پيءَ ۽
چاچي جي نالي به آهن، جن ۾ مٿن ٺٺول ٿيل آهي. اهي
ڳيچ هن قسم جا آهن:
تانهنجي گورل نان لي گيا چور- پنجر ٻولياري لال!
* * *
وِهاڻ گَئِي تي کيتريئيَ، آئي اُسَ وڌائي-
لامان لاچارن ڏي...
* * *
تِنان ٻولاڙي مانهنجو ڀائي، سانجهه پَڙي ري گهَتسي
ڦاهِي-
سُڻو سڻو وِهائين واڙي هُڙمل!
* * *
لُونڪڙي ڪَهي منان آرڻائو، وِهائين سين مِنان
پرڻائو-
لُر لُر هلي لُونڪڙي...
* * *
پاڏي ڀَڳي جائي، پاڏي ڀَڳي جائي،
ڇورو جاڻي مانهنجي ڏاڏي ڀڳي جائي-
نا ڙي ڇورا! ڏاڏي ڪونهي، پاڏي ڀڳي جائي.
* * *
تِنان ڪي ڪَهِيو، تون ٻولي ٻارهان ٻاپان را-
ٻول وِهائين جي را ٻاپ!
* * *
ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو! وِهاڻ لاري چڙهي گَئِي ڙي.
* * *
هن باب ۾ انهن عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
* * *
1- زالن جا ڳيچ:
[1][1]
لَوهَّرّ
وراڻي: ماءِ ماءِ! لَوَهَر سوڍِي راڻي،
[اي امان! لوهر راند سوڍيون ڪنديون آهن]
ماءِ ماءِ! لَوَهَر ڇي مَٽَ راڻي،
[اي امان! لوهِر راند راڻين جي لاءِ آهي]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان ايئيَ سِنڌاڻي رِيَ ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مونکي سنڌ ملڪ ۾ نه پرڻائج، اي امان!]
سِنڌاڻي را ڪاڙا ماڻهگو ڀُونڏاهي ماءِ!
[سنڌ جا ماڻهو ڪارا ۽ خراب آهن، اي امان!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنا ڇاڇراڻيءَ رِيَ ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مونکي ڇاڇري ڏانن نه پرڻائج، اي اَمڙ!]
ڇاڇراڻي را ڪاڙا ڪاڳيا ڀُونڏاهي، ماءِ!
[ڇاڇري جا ڪارا ماڻهو خراب آهن، اي امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
منان اِيئي وَنگاڻي رِيَ ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مون کي ونگيءَ ڏانهن نه پرڻائج، اي
اَمڙ!]
وَنگاڻيَ را بي ڍنگا ماڻهو هيَ ماءِ!
[ونگيءَ جا ماڻهو بيڍنگا آهن، اي امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان سامروٽِي رِيَ ڏِسَ متان ڏِيئي هو ماءِ!
[مون کي سامروٽي پاسي نه پرڻائج، اي امڙ!]
سامِروٽِي را سَمَر کُٽا ماڻهو هي ماءِ!
[سامروٽِي جا ماڻهو کُٽل آهن، اي اَمڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
منان ماروڙا رِي ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مونکي مارواڙ طرف نه پرڻائج، اي امڙ!]
ماروڙا رو اوڍ وِيس بُڇڙو هي ماءِ!
[مارواڙ وارن جي پوشاڪ خراب آهي، اي امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
منان پارڪر رِي ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مون کي پارڪر پاسي نه پرڻائج، اي اَمڙ!]
پارڪر ري ٻولِي چالِي ڀُونڏي هيَ ماءِ!
[پارڪر جي ٻولي خراب آهي، اي امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان ڇوڙَ رِي ڏِسَ مٿان ڏيئي هو ماءِ!
[مون کي ڇوڙ جي طرف نه پرڻائج، اي امڙ!]
ڇوڙَ رِين ڇورين ڀُونڏين، هو ماءِ!
[ڇوڙ جون ڇوڪريون خراب آهن، اي امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان راجوڙيَ رِي ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مون کي رجواڙِي طرف نه پرڻائج، اي امڙ!]
راجوڙيَ رِين ڇورين ڇيلين، هو ماءِ!
[رجواڙي جون ڇوڪريون بيڍنگيون آهن اي
امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان ڀوڄاسِريَ رِيَ ڏِسَ متان ڏيئي هو ماءِ!
[مون کي ڀوڄاسر طرف نه پرڻائج، اي اَمڙ!]
ڀوڄاسر رين ڇورِين باجُوڪڙا هي، ماءِ!
[ڀوڄاسَر جون ڇوڪريون ڀاڄوڪڙ آهن، اي
امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان ڪَڇ رَيَ ڏِسَ متان ڏِيئي هو ماءِ!
[مون کي ڪَڇ طرف نه پرڻائج، اي ماءُ!]
ڪَڇ را ڪارا ڏونگڙ بڀُنڏا هي ماءِ!
[ڪڇ جا ڪارا جبل خراب آهن، اي امڙ!]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
مِنان ڍاٽ رِيَ ڏِسَ ڀَلان ڏيئي هو ماءِ!
[مون کي ڍٽ طرف ڀَلي پرڻائج، اي اَمڙ!]
ڍاٽَ رِين سائين باجهِرين ڀَلِين، هو
ماءِ!
[ڍاٽَ جون سايُون ٻاجهريون سٺيون آهن، اي
امڙ]
لَوَهَر رمڻ ٻاڙمِيڙ جاسان.
[لوهر راند ڪرڻ لاءِ ٻاهڙ ميڙ وينديس]
[2][2]
ڏوبَڙَ راڻي
وراڻي: اڄ اُتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
جهِرمِر بَرسين مِيہ، برسي ڀريو ڏاڏاڻي روڏيس-
[برسات وسي منهنجو ڏاڏاڻو ملڪ ڀري ڇڏيو
آهي]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
ڀريا رَن بَن را ٽوڀا، ڀريو ڀيم تلاءُ-
[رڻ پٽ جا ٽوڀا ڀريا ۽ ڀيم تلاءُ ڀرجي
ويو]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
ڏوبڙ ري پيسَڪ رو ٻَٻَريو ڦُولئي ڇانيو-
[ڏوبڙ جي ويهڻ جو ٻٻر گُلن سان ڇانئجي
ويو]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
ڪَنٺي را ڪُونڀٽيا، مَنجر ڙي موريا-
[ڪنٺي جا ڪُوڀنٽ ۽ مڃر مورجي ويا آهن]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
کارا تان کَٻڙيا، ڍوراڻي ري ڪَپ را-
[ڍوري جي ڪپ جا کٻڙ کارا آهن]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
مِٺا تان پِيلُو مانهنجي ڏاڏاڻي را-
[منهنجي ڏاڏاڻي ملڪ جا پيرون مِٺا آهن]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
تاهجي اوڍڻ را ڀومچيا رنگاڙيا-
[تنهنجي اوڍڻ لاءِ ڀومچا رڱايا آهن]
اڄ اتر ۾ چمڪين بِيجلين، ڏوبڙ راڻي!
[ڏوبڙ راڻي! اڄ اُتر ڏانهن کنوڻيون کنون
ٿيون]
[3][3]
ناگر ويل
وراڻي: انچي مِيڙهِي اوڌري، مَنَهِين نان
لُونٻاڙي کاٽ،
[اوچي ماڙيءَ ۾ کٽ سيج بندن سان سينگاريل
آهي]
ناگر ويلڙي.
اُٿڪي ٻِيريَ جي رو ٻيسڻو، باڀل! وائِرو ڍوڙ-
[اُتي منهنجو ڀاءُ ويهي ٿو ڀاڀي! اٿي وڃڻو
هڻ]
ناگر ويلڙي....
وائِڙو ڍوڙ تي باڀل اِئان ڪَهيو، مِنان چندن چوڙلي
رو ڪوڏ-
[پکو هڻندي ڀاڀي چيو ته مون کي چُوڙن جو
چاهه ٿيو آهي]
ناگر ويلڙي....
چندن چوڙلو مانهني ٻيِينَل رِي سُوني، تِنان سوني
نَوسَرهار-
[چوڙا ته منهنجي ڀيڻ کي سونهن، توکي نَو
سَرو هار ٿو سونهي]
ناگر ويلڙي....
اِٿڪي باڀَل ڪَريو روسَڻو، رُوٺي ٻيهريئيَ جائيَ
رِي-
[اتي زال رُسي پيئي ۽ مائٽن ڏي وڃڻ لڳي]
ناگر ويلڙي....
ديورَ جي منائو مِيلهه سان، باڀَل جي! هَل گهَران
نان-
[ننڍو ڏير سرائڻ لاءِ ويو ته ڀاڀِي! واپس
گهر هل]
ناگر ويلڙي....
اوهان جي ڪَهئيَ نَهِين هلان، ميلهو اوهان جو
وڏِيرو وير-
[تنهنجي چوڻ سان ڪين هلنديس، پنهنجي وڏي
ڀاءُ کي وڃي موڪل]
ناگر ويلڙي....
صاحبو منائُو ميلهيو گورل، پَڇي وَڙَهَل گهَران
نان-
[مڙس سرچائڻ لاءِ ويو ۽ چيائين اي سَجني!
واپس گهر هل]
ناگر ويلڙي....
نَهِين وَڙان گهَران نان، وُوٺي پڇيهريئيَ جائون-
[موٽي گهر ڏي نه هلنديس، رسي مائٽن وڃان
ٿي]
ناگر ويلڙي....
اِٿڪي وڍي ڪرِيهَر ڪانٻَ، سَپُ سَپُ پاسا سُوڙ-
[اِتي مُڙس وڻ مان لڪڻ وڍي هن کي پٺن تي
هنيا]
ناگر ويلڙي....
هين مِين ڇڏي پيهاڻي رِي واٽ، جهلي ساسري ري واٽ-
[هاڻي مون مائٽن جي ڳوٺ جي واٽ ڇڏي، ساهرن
جي واٽ ورتي]
ناگر ويلڙي....
ڪڏهِي نه ڪران صاحٻا! روسڻو، وڙِي مَ وڍِي رِي
ڪانٻ-
[وري ڪڏهن به نه رسنديس ۽ تون وري لڪڻ نه
وڍج]
ناگر ويلڙي....
[4][4]
ڪيوڙو
وراڻي: اوٽي مٿي ٺِڪريَ، پتل گَس گَس جائي،
[اڱڻ تي ٺڪريون، جن تي پتل گسي وڃي ٿو]
هاءِ! سُڳنڌي ڪيوڙو، مانهنجو ڏيوريو
نادان،
[هاءِ! خوشبودار ڪيوڙو، منهنجو ڏير بي
سمجهه آهي]
ها! سڳنڌي ڪيوڙو...
اوٽي مٿي مينگِڻا، ٽو سي هليو جائي،
[اڱڻ ۾ ڦولڙيون ڏسي هُو رسي هليو ويو]
ساسو! تِهانجو ڏيڪرو، مان سين رسي هليو
جائِي-
[اي سس! تنهنجو پٽ مون کان رسي هليو ويو]
ها! سڳنڌي ڪيوڙو...
ايئيَ سميَ را وڪرا نَو نَو نخريدار،
[هن زماني جا ڇوڪرا ڏاڍا نخريلا آهن]
کانگها ٻَڌين تا پوتِيا، چُگان رو اڌيڪار-
[آڏا پٽڪا ٿا ٻڌن ۽ وڏا طُرا رکن ٿا]
ها! سڳنڌي ڪيوڙو...
ايئيَ سَميَ را نيگري نَو نَو نخريدار،
[هن زماني جون ڇوڪريون ڏاڍيون نخري واريون
آهن]
تِکا تاڻي گهُونگهٽيا ٻُڙ بُڙ ڏي جواب-
[وڏا گهونگهٽ ڪڍن ۽ هر ڪنهن کي سامهون
ٿيون ٿين]
ها! سڳنڌي ڪيوڙو...
2- ننڍين ڇوڪرين جا ڳيچ
[5][5]
ڪلالڻ
وراڻي: چيڪا سَرَ رِي چِيڪڻي مِٽي، چُلها چِترڙان
چار
تلاءُ جي چيڪي مٽيءَ مان چِٽنِ سان چار چلهيون
ٺاهيان
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻيئيَ رنگائي ليو رومال.
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
ساسُو رڌسِي سَت ڀوڄَنَ، وٽيو سالِي ري هاٿ-
[سس سترڇي تير ڪئي، ڪٽورو سالي جي هٿ ۾]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
هيڪي چُلهي رڌاڙان کيچڻي، ٻيجي رڌڙان مُونگان ري
ڏاڙ-
[هڪڙيءَ چلهه تي کچڻي رڌايان، ٻيءَ تي مڱن جي دال]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
ٽيجيَ چُلهي رَڌاڙان لاپسِي، چوٿيَ رڌاڙان ڍولا!
کير-
[ٽئين چلهه تي سيرو رڌڏايان، چوٿينءَ چلهه تي
کيرڻي]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
ٺانءَ ڀَري پَريسيا ڍولا! وٽڪِي مين مِينسِين
روکير-
[طعام وڌيو رکيو آهي، ڪٽوري ۾ مينهن جو کير آهي]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
سالو ڀيڻيويو جيمڻ ٻيٺا، ٽيجو ڌيئا ٻائِي رو ڏير-
[سالو ڀيڻويو کائڻ ويٺا، ٽيو ڇوڪريءَ جو ڏير]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
نِڻَند ڀوڄائي جيمڻ ٻيٺين، ٽيجي ڏيئا ٻائي ري
ٻييهَن-
[نڻاڻ ڀاڄائي کائڻ ويٺيون، ٽئين ڇوڪريءَ جي ڀيڻ]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
سُسريَ جُوائي رهاڻ جوڙِي، جُوائي امل گاڙَ-
[صهري ۽ ناٺي رهاڻ ڪئي، ناٺي آفيم ورائي ٿو]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
حُقو مَنگايو نصرپورسين، جِڪيَ رِيَ ٽوپِي
چمڪيدار-
[حقو نصرپور کان گهرايم، جنهن جي ٽوپي چمڪيدار
آهي]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
حُقو ڀَراڙان ڀيڻيوئي ريَ رهاڻ ۾، پيسي ڀيڻوئيَ جي
رو ساٿَ-
[حقو ڀيڻوئي جي رهاڻ لاءِ ٺاهيان، جو اُن سان آيل
ماڻهو پيئندا]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
اَمراڻيَ سين ڍولا ڙي تيڙاڙان، رَمسِي ٻائِي رو
وير-
[عمرڪوٽ مان دهلاري گهرايون، جو ٻائي جو ڀاءُ راند
ڪندو]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
سالار رمسِين رانِڙي، ٻيهنوئِي روپيا گهوڙو-
[سالو راند ڪندو ۽ ڀيڻويو رپيا گهوريندو]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
ڀائِي رمِسي رانتڙِي، ٻيهينل روپيا گهوڙ-
[ڀاءُ راند ڪندو، ڀيڻ رپيا گهوريندي]
موري ڪلالڻ ريَ ڪارڻئي رنگائي ليو رومال...
[منهنجي ڪلالڻ جي لاءِ رومال رڱائي وٺو]
[6][6]
ڪلالڻ
وراڻي: چاندڙيو چڙهيو ڍولا! گَڍ گرنار،
[چنڊ گرنار جي ڪوٽ تي چڙهيو آهي، ڍولا!]
هانجي او ڀمرجي!
[هان اي سڄڻ!]
ڪَرتيون جهُڪ آيون گَڍري ڪُونگري،
[ڪتيون پڻ ڪوٽ جي ڪنگري تائين چڙهي آيون]
چڙهيا ڀَمرجي شينهن ري شڪار،
[محبوب شينهن جي شڪار تي چڙهيو آهي]
هانجي او ڀمرجي!
[هان اي سڄڻ!]
اُٺ هَسوار نِي سوڙهَن اُنٺيا،
[اُٺ هَسوارِ ۽ سورهن اُٺ]
چڙهيا اٺ ڀَمَرجي آڌي رات،
[آڌيءَ رات جو محبوب شڪار تي چڙهيو]
باک ڦُٽي رو مِرگهو ماريو
[باک ڦُٽڻ تي هِرڻ ماريائين]
هانجي او ڀمرجي!
[هان اي سڄڻ!]
مالي ڙِيَ را ٻيٽا چَتَر سُجاڻ،
[اي سڄاڻ مالهيءَ جا پُٽ!]
تاڙي واڙي ۾ ڪِي نِپجي،
[تنهنجي واڙيءَ ۾ ڇا ٿو اُڀڙي]
هيڪ ڏاڙهون، ٻيجي ڊاک،
[هڪ ڏاڙهون ٻي ڊاک]
ٽيجو نپجي چَنپو، مَروئو، ڪيوڙو-
[ٽيو ٿئي ڇنپو، نازبو ۽ ڪيوڙو]
هانجي او بن ماڙي!
[هان اي مالهي جا پُٽ!]
گايان را گواليا! تون چَتَر سُجاڻ،
[اي ڳنوار! تون هوشيار ۽ چتر آهين]
مِنان ڏيکاڙ ڪلالڻ رو محل-
[مون کي ڪلالڻ جو محل ته ڏيکار]
هانجي ري گواليا!
[هان اي ڌراڙ!]
سُتي ڪلالڻ رنگ محل ۾، هتانجي او ڀَمرجي!
[ڪلالڻ رنگ محل ۾ ستل آهي، اي سڄڻ!]
هانجي ري گواليا...
سورج را ڪرڻا ڪلالڻ رو رُوپَڙو،
[سورج جي ڪرڻن جهڙوڪ سندس روپ آهي]
ڏيکي ڪلالڻ رو روپ،
[ڪلالڻ جو حسن ڏسي]
آوتو پَنکي جاڻيَ گِر پڙيا-
[مٿس اُڏامندڙ پکي به ڪريو پون]
هانجي او ڀَمرجي...
اُٺي ري ڪلالڻ! کِڙڪِي اُگهاڙ،
[اي ڪلالڻ! تون اُٿ ۽ دري کول]
هانجي او ڪلالڻ...
ڀَمرجي! اُڀا ٿانري ٻارڻيءَ، هڙيءَ ٻول،
[اي محبوب! تون آهستي آهستي ٻول]
پَڙويَ سُتا سُسَرو جِي سانڀڙي،
[ڇو ته ڀر ۾ تنهنجو صهرو ستل آهي]
هانجي او ڍولا!
مَحلان ۾ سُتا صاحٻ جي سانڀڙي،
[محلن ۾ منهنجو ستل محبوب ٻُڌندو]
تانري صاحب جي نان ڏَونار پرڻاءِ،
[تنهنجي محبوب کي ٻه زالون پرڻاءِ]
هِيڪ ڊگهِي ٻِيجي پاتِلي،
[هڪ ڊگهي ٻي سنهي]
هانجي او ڪلالڻ....
ٿوڙو ڪلالڻ پاڻي پيار، هان جي اوڪلالڻ!
[اي ڪلالڻِ! ٿورو پاڻي ته پيار]
مَد ڇڪيئيَ نان هيت گهڻو، هو راجا!
[مون کي تنهنجي لاءِ محبت آهي]
مانري پاڻيءَ ۾ وِس رو گهُونٽ-
[منهنجي پاڻيءَ ۾ زهر وڌل آهي]
هانجي او ڀمرجي!
جيڪو پيئيَ وڙِي نِي جِيئيَ، هو راجا!
[جيڪو پيئي اُهو وري نه اُٿي، او راجا]
تانري پاڻي ۾ وس رو گهُونٽ-
[تنهنجي پاڻيءَ ۾ زهر جو ڍُڪ آهي]
هانجي او ڪلالڻ!
تانرو پَرڻيو ڪيئن پِي رهيو؟ هو راجا!
[تنهنجو مڙس اُهو ڪيئن پيو پئي؟ او راجا]
هانجي او ڪلالڻ!
گهوڙا تانرا ڀَمڙجي! پاڇا ٻانڌَ،
[اي محبوب! پنهنجو گهوڙو پري ٻڌ]
گهوڙا رين لَتان سين ڀَگي آنگڻو-
[گهوڙي جي لتن سان منهنجو اڱڻ ڀڄي ٿو]
هانجي او ڀمرجي!
آنگڻو ڪَلالڻ! ڪاچ رو ڍَڙاڙ،
[اي ڪلالڻ! اڱڻ ڪاڍ جو وجهارائيندس]
ٻيجو ڍڙاڙان رنگ هِنگلُور،
[۽ مٿس ڳاڙهو رنگ چاڙهائينداسون]
اُٺ ڪلالڻ! ڏيو جگاڙ،
[اُٿ ڪلالڻ! ڏيو اٿي ٻار]
هانجي او ڪلالڻ!
ٿانري ڏيويَ مانرو مَن گهڻو، هو راجا!
[تنهنجي ڏيي تي منهنجو من ٻَڌاڻو آهي]
ڏيوي ۾ ڍولا مارو! تيل نه واٽ-
[اي ڍولڻ! ڏيِي ۾ نه تيل آهي نه وٽ]
هانجي او ڀمرجي!
راتَ انڌيريَ، واڻِيا سُمهه گيا،
[رات اونداهي، دوڪاندار سمهي رهيو]
تيل ڪلالڻ! چنبيلي رو نانک،
[تيل چنبيلي جو وجهه، او ڪلالڻ!]
وٽ ريشمي چادر ري، هو راجا-
[۽ ريشمي چادر مان وٽ ٺاهه، اي راجا!]
هانجي او ڪلالڻ!
ڪهي رِي ڪلالڻ! دارون رو مُول،
[چئو تون ڪلالڻ شراب جو مُلهه]
هانجي او ڪلالڻ!
تانري هاٿ رو دارون چاکِسان،
[تنهنجي هٿن سان شراب چکڻ تي دل آهي]
پِياليَ پِياليَ رو مُلهه پچاس-
[پيالي جو ملهه پنجاهه رپيا آهي]
هانجي او ڀمرجي!
شيشي رو ليسان گهوڙو هسڻو-
[سڄي شيشي جي ملهه ۾ تنهنجو گهوڙو وٺنداسون]
هانجي او ڪلالڻ!
ڀَر ڀَر پيالا ڀوجه ڀَمر نان پاو ري،
[پيالا ڀري پنهنجي محبوب کي پيار]
دارُونڙو ڊاکان رو،
[ڊاکن جو شراب وڻندڙ آهي]
اُٺِي ڪلالڻ! ڍوليو ڍڙاڙ-
[اُٿ ڪلالڻ! کٽ وڇاءِ]
هانجي او ڪلالڻ!
تانري ڍوليئي ڀَمر رو مَن گهڻو،
[تنهنجي کٽ تي محبوب جي دل آهي]
اَهڙا ڀَمرجي ٻول مَت ٻول-
[اي دوست! اهڙا ٻول نه ٻول]
هانجي او ڀمرجي!
نارَ پَرائي، رسيليَ رو ڪِي لاگي،
[زال پرائي ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو]
تُون هي ڪلالڻ دوستڙي سَرُوپ-
[اي ڪلالڻ! توسان مون دوستي ڳنڍي آهي]
هانجي او ڪلالڻ!
ڪانئِي تو تِنان لي چَلان، هو راجا!
[جيئن ته توکي پاڻ سان وڍي هلان]
ڪَمر ۾ ڀَمرجي! ڪٽاري ٻل نانک،
[اي دوست! پنهنجي بيٺ ۾ ڪٽاري ڀل ٻڌ]
نار پَرائي، تانرو ڪيئا لگي-
[مگر پرائي زال ۾ ڪهڙو مطلب؟]
هانجي او ڀمرجي!
ڪِٿ رِي ڪلالڻ! تانري گهَر رو ٻار،
[اي ڪلالڻ تنهنجي گهر جي ٻاري ڪٿي آهي]
او ڪلالڻ! ڪهڙي ٻرگهل راستو نڪري-
[او ڪلالڻ! ڪهڙي هنڌان رستونڪري ٿو]
هانجي او ڪلالڻ!
سورج سامُهون مانري گهر رو ٻار،
[اُڀرندي ڏانهن گهر جي ٻاري آهي]
سِندڙي ريَ مارگيَ رستو نڪري-
[۽ سنڌ طرف ڏانهن رستو نڪري ٿو]
هانجي او ڀمرجي!
اُٺ رِي ڪلالڻ! کِڙڪِي کول،
[اي ڪلالڻ! اُٿ ۽ دري کول]
تانري دروازي متوالا گهُم رهيا-
[تنهنجي دروازي تي متوالا پيا گهمن]
هانجي او ڪلالڻ!
[7][7]
ڪلالڻ
وراڻي: هان جي ڪلالڻ هو! او جهُولڻ ڪلالڻ هو!
[هان جي اي ڪلالڻ! او جهولڻ ڪلالڻ]
راسِيلان را ڏِيرا ڏيسان باگان ۾،
[رسيلن جي منزل ڏينداسون باغن ۾]
اَن داتا! مين سين گهَڙي هِيڪ ڌيمان بولو،
[اَن داتا! مون سان هڪ گهڙي آهستي ڳالهايو]
صاحب بَنا!
سِر پريان ري ساڻولڙي، ساڻولڙي ري سونئي تار-
[محبوب جي سِر تي شال، جنهن ۾ سوني تند لڳل آهي]
اَن داتا! مين سين گهَڙي هِيڪ ڌيمان بولو،
[اَن داتا! مون سان هڪ گهڙي آهستي ڳالهايو]
صاحب بَنا!
هٿ ري پريان چُوڙليا لائي، چُوڙليارو چو کوڏانت-
[محبوب جي هٿن لاءِ چوڙا آڻج، چوڙا سٺي عاج جا
هجن]
اَن داتا! مين سين گهَڙي هِيڪ ڌيمان بولو،
[اَن داتا! مون سان هڪ گهڙي آهستي ڳالهايو]
صاحب بَنا!
نَڪري پريان چُوڙليالائي، چُوڙلياروچو کوڏانت-
[محبوب جي نڪ لاءِ نٿ آڻج، نٿ جو سچو سون هجي]
اَن داتا! مين سين گهَڙي هِيڪ ڌيمان بولو،
[اَن داتا! مون سان هڪ گهڙي آهستي ڳالهايو]
صاحب بَنا!
پڳ ري پريان پائل لائيجي، پائل رو ڇمڪو ڀَليرو-
[محبوب جي پيرن لاءِ چير آڻج، ڇير جو ڇمڪو سٺو
هجي]
اَن داتا! مين سين گهَڙي هِيڪ ڌيمان بولو،
[اَن داتا! مون سان هڪ گهڙي آهستي ڳالهايو]
صاحب بَنا!
[8][8]
لِيلو پُوٺيو
وراڻي: مانري جِيجَلَ سِيڙايو لِيلو پُوٺِيو،
[منهنجي ماءُ مون لاءِ سٺو انگرکو سبايو]
مانرو ٻاٻوجي لِي لِي آيا ڙي،
[منهنجو بابو مون لاءِ وٺي آيو]
مگريئيَ موريڙا تا ڏَهُوڪِين ڙي،
[ننڍڙن دڙن تي مور ٻولين ٿا]
لِيلو پُوٺِيو...
[واهه! سٺو انگر کو]
مانري باڀل سيڙايو لِيلو پُوٺيو،
[منهنجي ڀاڄائي سٺو انگرکو سبايو]
مانرو وِيروجِي لي لي آيا ڙي-
[منهنجو ڀاءُ مون لاءِ کڻي آيو]
لِيلو پُوٺِيو...
مانري ڪاڪَل سِيڙايو لِيلو پُوٺيو،
[منهنجي چاچِي سٺو انگرکو سبايو]
مانرو ڪاڪوجي لي لي آيا ڙي-
[منهنجو چاچو اُهو کڻي آيو]
لِيلو پُوٺِيو...
مانري ٻيهينَل سِيڙايو لِيلو پُوٺيو،
[منهنجي ڀيڻ مون لاءِ سٺو انگرکو سبايو]
مانرو ٻيهنوئِي جِي لي لي آيا ڙي-
[منهنجو ڀيڻويو اُهو کڻي آيو]
لِيلو پُوٺِيو...
مانري مامَل سِيڙايو لِيلو پُوٺيو،
[منهنجي مامِيءَ مون لاءِ سٺو انگرکو سبايو]
مانرو ماموجِي لي لي آيا ڙي-
[منهنجو مامو اُهو کڻي آيو]
لِيلو پُوٺِيو...
|