5. رنگ هڻڻ جا ڳيچ
[52][52]
وراڻي: اربيلا بنا! رنگ لايان بنا، تنهنجي شاديءَ، شهزادا بنا!
تنهنجي ساهرين سيج وڇايان بنا –
اربيلا بنا، رنگ لايان بنا.
توکي سنهڙي ڪنوار ملايان بنا –
اربيلا بنا، رنگ لايان بنا –
تنهنجا سڀ ڀائر گهرايان بنا –
اربيلا بنا، رنگ لايان بنا.
[53][53]
وراڻي: جوڙي دٻليءَ ۾ پايو، هي رنگ لايو.
هي رنگ لايو، منهنجي ادل کي لايو –
جوڙي دٻليءَ ۾ پايو، هي رنگ لايو.
هي رنگ لايو، منهنجي لاڏل کي لايو-
جوڙي دٻليءَ ۾ پايو، هي رنگ لايو.
هي رنگ لايو، سهڻي گهوٽل کي لايو-
جوڙي دٻليءَ ۾ پايو، هي رنگ لايو.
[54][54]
وراڻي: ريت چڱيءَ رنگ لايو، ڀيڄ ڀنيءَ رنگ لايو،
منهنجي سوڍل کي ڪجو ساٺ سجايا،
منهنجي لاڏل کي ڪجو سوڻ سوايا.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، موتين جوڙ بنايو-
منهنجي لاڏل کي ڪجو ساٺ سجايا…
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
منهنجي لاڏل کي ڪجو ساٺ سجايا…
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجي لاڏل کي ڪجو ساٺ سجايا…
[55][55]
وراڻي: ڀيڄ ڀنيءَ رات ڏاڍو راڻل رنگ لايو،
حورن هنڌڙو وڇايو، لايو ٿيس سجايو.
چڱن نياڻين آهي مَنَهڙو مچايو، ٿيو ڪاڄ سوايو-
ڀيڄ ڀنيءَ رات ڏاڍو راڻل رنگ لايو.
چڱن ڀائرن اهي ڇنڙو وسايو، ٿيو ڪاڄ سوايو-
ڀيڄ ڀنيءَ رات ڏاڍو راڻل رنگ لايو.
چڱن ڄاڃين آهي گهوٽ گهمايو، ٿيو ڪاڄ سوايو-
ڀيڄ ڀنيءَ رات ڏاڍو راڻل رنگ لايو.
[56][56]
وراڻي: منهنجا راڻل ڙي، منهنجا سوڍل ڙي! اهو رنگ لڳئي.
ڀايڙو آيو، ادل آيو، مينگهه ملهاريو-
منهنجا راڻل ڙي، منهنجا سوڍل ڙي! اهو رنگ لڳئي.
تو آئي ٿيا سرها ڪاڄ تو ته سڀئي
گڏيا راڄ-
منهنجا راڻل ڙي، منهنجا سوڍل ڙي! اهو رنگ لڳئي.
[57][57]
وراڻي: مَهريءَ چڙهي مان ڀي آيس ڙي، رنگ شاديءَ وارو لايس ڙي.
ادل منهنجو بنگلن وارو، موڙن جوڙ بنايس ڙي-
رنگ شاديءَ وارو لايس
ڙي.
ادل منهنجو بنگلن وارو، موڙن جوڙ بنايس ڙي-
رنگ شاديءَ وارو لايس
ڙي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايس ڙي-
رنگ شاديءَ وارو لايس
ڙي.
[58][58]
وراڻي: چِٽِي ڳوري دا بنا! صاحبزادي دا بنا!
تيڪون سدا ملهاري
رنگ لڳا.
تيڏي پٽڪي ڪون لانوان مين بدلي،
چٽي ڳوري دا بَنا، صاحبزادي
دا بَنا.
تيڏي جامي ڪون ه لانوان مين بدلي،
چٽي ڳوري دا بَنا،
صاحبزادي دا بَنا.
تيڏي چولي ڪونه لاوان مين بدلي،
چٽي ڳوري دا بَنا،
صاحبزادي دا بَنا.
[59][59]
وراڻي: وَسن مينهن، شال ٿيوَن جُهڙ بدلا، موليٰ جا ملڪ وسايا،
ميڏي جوڙل ڪونه الله رنگ لايا.
چُڻ چُڻ ڪَليان، مين سيج ڀريسان،
ليٽ ميدا شهزادا، الله رنگ لايا…
مين آڻايا تيڪُون، چنڊ دِي چاندني وچ،
او ٻال مشعالان آيا، الله رنگ لايا…
مين آڻايا تيڪونه، پيرين پيادي،
او چڙهه تيلي تي آيا، الله رنگ لايا…
مين آڻايا تيڪون، هڪ هِڪوڻا،
او نال ڀراوندي آيا، الله رنگ لايا…
6. ڇَني يا مَنَهن جا ڳيڇ
[60][60]
وراڻي: تنهنجي ڇَني ۾ ڇمڪار، لاڏا! پنيون اٿئي مرادون.
چڱي بينسر جوڙائج، منهنجا مور لاڏا!
تنهنجي ڇني ۾ ڇمڪار، لاڏا! پنيون اٿئي مرادون.
چڱي دهري جوڙائج، منهنجا مور
لاڏا! ا
تنهنجي ڇني ۾ ڇمڪار، لاڏا، پنيون اٿئي مرادون.
چڱي ٻانهين جوڙائج، منهنجا مور
لاڏا!
تنهنجي ڇني ۾ ڇمڪار، لاڏا! پنيون اٿئي مرادون.
[61][61]
وراڻي: ڏيهه اسان جي آءُ، لاڏلا! اڱڻ اسان جي آءُ، لاڏلا!
پَکو تنهنجو مان
هيري سان جڙايا، لاڏلا!
چڱي بينسر گهڙائي آءُ، لاڏلا! اڱڻ اسان جي آءُ، لاڏلا!
پکو تنهنجو مان هيري سان
جڙايان، لاڏلا!
چڱي ٻانهين گهڙائي آءُ، لاڏلا! اڱڻ اسان جي آءُ، لاڏلا!
پکو تنهنجو مان هيري سان
جڙايان، لاڏلا!
چڱا پازيب گهڙائي آءُ، لاڏلا! اڱڻ اسان جي آءُ، لاڏلا!
پکو تنهنجو مان هيري سان
جڙايان، لاڏلا!
[62][62]
وراڻي: لاڏو چئي ٿو پيءُ کي، منهنجي ڄاڃين دير نه لايو،
جنهن جو منهن موتين سان ڇانيو، لاڏو
مرڪي مَنهن ۾ آيو.
لاڏو چئي ٿو ڀيڻ کي، منهنجي ڳانن دير نه لايو،
ماهِيڙو کير پياريو-
جنهن جو منهن موتين سان ڇانيو،
ڍوليو مَرڪي منهن ۾ آيو…
لاڏو چئي ٿو ماءُ کي، منهنجي سهرن دير نه لايو،
اڇڙي کنڊ ڦڪايو-
جنهن جو منهن موتين سان ڇانيو،
سهڻل مَرڪي منهن ۾ آيو…
لاڏو چئي ٿو ڃاڄين کي، منهنجي مينديءَ دير نه
لايو، کهنبڙو ويس ڍڪايو-
جنهن جو منهن موتين سان ڇانيو، سڄڻ
مَرڪي منهن ۾ آيو…
[63]
[63]
وراڻي: اوهين ننگڙو سڃاڻو، عربي وسيلو، عربي وسيلو،
شافع اُمت جا! اوهين حق سين هلايو،
ڀلي پير آيو.
دهل اَدل جا ڇني ۾ آيا، مايون نياڻيون! اوهين
ننگڙو سڃاڻو.
ڄاڃي اَدل جا ڇني ۾ آيا، مامون نياڻيون! اوهين
ننگڙو سڃاڻو.
ڀائر اَدل جا ڇني ۾ آيا، مايون نياڻيون! اوهين
ننگڙو سڃاڻو.
[64][64]
وراڻي: ڀائن سان ٿي آءُ، شل جيئين لاڏا! ڀائن سان ٿي آءُ!
ڀائر سونهن تنهنجي مَنَهن ۾، هيءَ ويل گُهرڙي
ماءُ-
آءُ نه ٺريس اڄوڪي ڏينهن تان، شل ويلان ڏيندءِ
ماءُ.
چاچن سان ٿي آءُ، شل جيئين لاڏا! چاچن سان ٿي
آءُ!
چاچا سونهن تنهنجي مَنَهن ۾، هيءَ ويل گُهرڙي
ماءُ-
آءٌ ته ٺريس اڄوڪي ڏينهن تان، شل نفل پڙهائيندءِ
ڀاءُ.
مامن سان ٿي آءُ، شل جيئين لاڏا! مامن سان ٿي آءُ!
ماما سونهن تنهنجي مَنَهن ۾، هيءَ ويل گُهرڙي
ماءُ-
آءٌ ته ڍريس اڄوڪي ڏينهن تان، شل ويلان ڏيندءَ
ماءُ.
[65][65]
وراڻي: مَنَهَن مين جو جهليسان، خطڙا لکيسان،
لهه وڃ نه سُهڻا! مَنَهن مين جو جهليسان.
بينسر مين جو گهڙائي، چِٽ ڇو نه چڙهائيسان؟
لهه وڃ نه سهڻا! مَنهَهَن مين جو جهليسان.
جُهمر مين جو گهڙائي، چِٽ ڇو نه چڙهائيسان؟
لهه وڃ نه سهڻا! مَنَهن مين جو جهليسان.
جهالر مين جو گهڙائي، چٽ ڇو نه چڙهائيسان؟
لهه وڃ نه سهڻا!ٰ مَنَهن مين جو جهليسان.
[66][66]
وراڻي: وسين ٿو وڻڪار، ٿيندي ڇني ۾ ڇٽڪار،
اَلا او اَلا! هادي الا الله.
ٻن دريائن وچ ۾ تِتر جي تنوار-
اَلا او الا! هادي الا الله.
اَلا اَوَسَر لاهين ٿين مينگهه ملهار-
اَلا او الا! هادي الا الله.
اُتر کان ٿو آگمي، ٿيندي بوند بهار-
اَلا او اَلا! هادي الا الله.
7. گهوٽ جي ساراهه جا ڳيچ
[67][67]
وراڻي: ابل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري،
سون جا سودا ڪري، هيري موتي جا ٻيڙا ڀري.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
اَبل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري.
ڏند اَدل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
ابل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري.
سيج اَدل جي ساهرين سونهندي، لاوَن جوڙ بنايو-
اَبل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري.
[68][68]
وراڻي: سنهڙا سهڻا! تون ماءُ گهر آءُ،
ساري منهنجو ساهه، تون ماءُ گهر
آءُ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
سنهڙا سهڻا! تون ماءُ گهر آءُ.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
سنهڙا سهڻا! تون ماءُ گهر آءُ
هٿ ادل جا سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بناءِ-
سنهڙا سهڻا! تون ماءُ گهر آءُ.
[69][69]
وراڻي: تيڏا نَڪ ته ڪُنڍيءَ تلوار لاڏا!
ڏاڍي ديري وچ لائي ني پار لاڏا!
پار جو ويندا پيا هئين، ڏاچي ڳِڌي آنوين،
هووي ڏاگهي سميت لاڏا…
پار جو ويندا پيا هئين، ڳئون ڳڌي آنوين،
هو وي گابين سميت لاڏا…
پار جو يندا پيا هئين، مينهن ڳڌي آنوين،
هووي پاڏين سميت لاڏا…
[70][70]
وراڻي: ڳُڻان ڳاوَن اَٽي پيسَن، ڳاوَن تيڏيان امان،
مَين صدقي پيئي ويندِيانَ، مَين قربان
وڃان، لاڏي دي امان.
ڄاڃي اَون نکيان وِڇاوَن، ڳاون لاڏي ديان امان،
مين صدقي پئي ويندِيان، لاڏي دي
امان…
سرتيان آون سِهري ڳاون، ڳاون لاڏي ديان امان،
مين صدقي پئي ويندِيان، لاڏي دي
امان…
[71][71]
وراڻي: هزاري لاڏا، گلزاري لاڏا! گل ڏي ميڪون
بينسر لاڏل دي
ميناڪاري-
هزاري لاڏا، گلزاري لاڏا! گل ڏي ميڪون.
هَسِي لاڏل دي ميناڪاري-
هزاري لاڏا، گلزاري لاڏا! گل ڏي ميڪون.
ويندِي لاڏل دي ميناڪاري-
هزاري لاڏا، گلزاري لاڏا! گل ڏي ميڪون.
[72][72]
وراڻي: مين اڱڻ وِچ پَسدي هان، ميڏا ديري والا لاڏلا.
آئون سهيليان ڏيوو مبارڪان، مين ويڙهي وچ وسدي
هان-
مين اڱڻ وچ پسندي هان، ميڏا ديري والا لاڏلا.
وَسدِي وَسدِي مين درد نه پَسدي، مين هر دم پيئي هسدي هان-
مين اڱڻ وچ بسدي هان، ميڏا ديري والا لاڏلا.
وسن مينهڙي ڀرِيجن ٽوڀڙي، مين چِڪڻ پير نه رکندي هان-
مين اڱڻ وچ پسندي هان، ميڏا ديري والا لاڏلا.
ڀيڻان جِيوَن ڀرا ميڏي جيوَن، مين سڪيلڌي سَس دي هان-
مين اڱڻ وچ پسدي هان، ميڏا ديري والا لاڏلا.
[73][73]
وراڻي: گوندر يلِي مالها، شل سدا سونهين بَنرا! ڦلوڪ سهرا،
شل اڏيا وسئِي لاڏا، ڀيڄ پنهل موليٰ محب ملايا.
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا، جهجهو جئين لاڏا!
شل سدا وسين بنرا، ڀيڄ پنهل موليٰ محب ملايا…
هٿ لاڏل دي مينديءَ رتڙي، ڳاني جوڙ بنايا، جهجهو جيئن لاڏا!
شل سدا وسين بنرا، ڀيڄ پنهل موليٰ محب ملايا…
ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سُرخِي جوڙ بنايا، جهجهو جئين لاڏا!
شل سدا وسين بنرا، ڀيڄ پنهل موليٰ محب ملايا…
[74][74]
وراڻي: پٽڪي جي پاند ڪِناري، جئي مند ساري،
آيو منهنجو لالڻ لال هزاري.
بني لائي آڪچهري. ڇٽ اُمت ساري، آيو منهنجو لالڻ لال هزاري.
گهورون گهوريندي سٿ ساريندي، آيو منهنجو لالڻ
لال هزاري.
لائن لهڻ جي آهي تياري، آيو منهنجو لال لالڻ
هزاري.
[75]
[75]
وراڻي: منهنجو مور زميندار، ماڙيءَ منجهه لهندو،
ماڙيءَ منجهه لهندو، ساهرين خط لکندو.
سوني بينسر گهڙائي پيتيءَ منجهه رکندو…
منهنجو مور زميندار، ماڙيءَ منجهه لهندو…
سوني دهري گهرائي پيتيءَ منجهه رکندو-
منهنجو مور زميندار، ماڙي منجهه لهندو…
اچي ٻانهين گهڙائي پيتيءَ منجهه رکندو-
منهنجو مور زميندار، ماڙيءَ منجهه لهندو…
[76][76]
وراڻي: منهنجو آهي اربيلو ادل گهوٽ، ڇلڙي سون ورائي ڏي.
بينسر گهڙايم هڪ، تنهن تي هيري جي ٽِڪ،
منهنجو آهي اربيلو ادل گهوٽ، ڇلڙي سون ورائي ڏي.
دهري گهڙايم هڪ، تنهن جي دڳني تي ٽِڪ،
منهنجو اربيلو ادل گهوٽ، ڇلڙي سون ورائي ڏي.
مُنڊي گهڙايم هڪ، تنهن تي جواهري آهي ٽِڪ،
منهنجو اربيلو ادل گهوٽ، ڇلڙي سون ورائي ڏي.
[77][77]
وراڻي: وڄن ٿالهه گهڙيال، هلي ڏسو راڻل جا،
شاديءَ وارا خيال، هلي ڏسو لاڏل جا،
ڇمڪن ڇيريون، وڄن ٿيون، ڀيريون،
وڄن ٿالهه گهڙيال، هلي ڏسو راڻل جا،
بينسر لاڏل جي لاڙئون گهڙيان،
وڄن ٿالهه گهڙيان هلي ڏسو راڻل جا.
دهري ادل جي لاڙئون گهڙايا،
وڄن ٿالهه گهڙيال، هلي ڏسو راڻل جا.
ٻانهين ادل جي لاڙئون گهڙايا،
وڄن ٿالهه گهڙيال، هلي ڏسو راڻل جا.
[78][78]
وراڻي: جيءَ ڙي جيءُ پيار لاڏا! تنهنجي ماڙيءَ مهندان مور ٽِلي.
سوني بينسر گهڙائي نهري تون لاڙئون آڻج لاڏا!
جيءُ ڙي جيءُ پيارا لاڏا! تنهنجي ماڙيءَ مهندان
مورِ ٽِلي.
سوني دهري گهڙائي نهري تون لاڙئون آڻج لاڏا!
جيءُ ڙي جيءُ پيارا لاڏا! تنهنجي ماڙيءَ مهندان
مورِي ٽِلي.
سوني ٻانهين گهڙائي نِهري تون لاڙئون آنج لاڏا!
جيءُ ڙي جيءُ پيارا لاڏا! تنهنجي ماڙيءَ مهندان
مورِ ٽِلي.
[79][79]
وراڻي: آءُ گلاب جا گل! اچي لهج تون اوري،
سدا لهج اوري، سون ماءُ ويٺي توري.
آءُ مهري ونُل ڏي موڙي، موڙ ٻڌي چڙهه گهوڙي-
آءُ گلاب جا گل! اچي لهج تون اوري.
ساڻ وٺي اچج راڄ، ٿين تنهنجا سرها ڪاڄ-
آءُ گلاب جا گل! اچي لهج تون اوري.
[80][80]
وراڻي: ادل ڪنگڻ گهڙايو ٿو اچي، ديس ڀائرن جو ٿو وسي،
ملڪ مارن جو ٿو وسي، لاڏل ڪنگڻ گهڙايو ٿو اچي.
شان جو رومال، دوشالي جي بزار لايو ٿو اچي-
ادل ڪنگڻ گهڙايو ٿو اچي.
لک جي لونگي، بوڇڻيءَ جي بهار لايو ٿو اچي-
ادل ڪنگڻ گهڙايو ٿو اچي.
ريشم جو وڳو، ملير جي ملهار لايو ٿو اچي-
ادل ڪنگڻ گهڙايو ٿو اچي.
[81][81]
وراڻي: کير ادل! تنهنجي وات ۾، کنڊ ڀائڙل! تنهنجي وات ۾،
گيهه ته تنهنجي
ملاقات ۾.
رومال راڻا!ٰ ڪاٿي وڃايئي؟ اوچتو اوطاق ۾،
اوچتو اوطاق ۾، ٿي ويسلو هڪ وات ۾-
کير ادل! تنهنجي وات ۾.
ٻانهين سيراندي، وهاڻي رکيئي،
اوچتو اوطاق ۾، سهرو هڪ رات ۾،
کير ادل! تنهنجي وات ۾.
[82][82]
وراڻي : مـــنهـــــنجي لاڏل جو ٻول اڳي آهي،
هاڻي هلو ته هلون لاڏل رنگ محلي.
چڱي بينسر گهڙائي، ماءُ ٺري آهي،
منهنجي لاڏل جو ٻول اڳي آهي.
چڱي دهري گهڙائي، ڀيڻ ٺري آهي،
منهنجي لاڏل جو ٻول اڳي آهي.
چڱو هس گهڙائي، امڙ ٺري آهي،
منهنجي لاڏل جو ٻول اڳي آهي.
[83][83]
وراڻي: مــــنهـــنجــا مـــور لاڏا، شهزور لاڏا!
اچي ويهه ماڙيءَ، منهنجا شير لاڏا!
خاصي بينسر به گهڙائي ڏي، منهنجا مور لاڏا!
اچي ويهه ماڙيءَ، منهنجا شير لاڏا!
خاصي دهري به گهڙائي ڏي، منهنجا مور لاڏا
اچي ويهه ماڙيءَ، منهنجا شير لاڏا!
خاصي ٻانهين به گهڙائي ڏي، منهنجا مور لاڏا!
اچي ويهه ماڙيءَ، منهنجا شير لاڏا!
[84][84]
وراڻي: سهڻل! هوريان هوريان آءُ، دل جا گل کلندا،
گل ڪوٺي تي کلندا، گل ماڙيءَ تي کلندا.
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعالا، ڪجل رنگ لايو-
سهڻل! هوريان هوريان آءُ، دل جا گل کلندا.
هٿ سهڻل جي سونا ڳانا، مينديءَ رنگ لايو-
سهڻل! هوريان هوريان آءُ، دل جا گل کلندا.
سيج سهڻل جي سهارين سونهندي، موڙن رنگ لايو-
سهڻل! هوريان هوريان آءُ، دل جا گل کلندا.
[85][85]
وراڻي: هِن اڱڻ تي گهمين مور لاڏا! منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا!
سوني بينسر گهڙائي، منهنجا مور لاڏا! جيوين مور
لاڏا، شهزور لاڏا!
هن اڱڻ تي گهمين منهنجا مور لاڏا.
سوني هسي گهڙائي، منهنجا مور لاڏا! جيوين مور لاڏا، شهزور لاڏا!
هن اڱڻ تي گهمين منهنجا مور لاڏا
سوني دهر گهڙائي، منهنجا مور لاڏا! جيوين مور لاڏا، شهزور لاڏا!
هن اڱڻ تي گُهمين منهنجا مور لاڏا.
[86][86]
وراڻي: سهڻل ڪندم شڪار، ’ناري‘ جي هن ڀر،
هرڻ ماريندو، ڦاڙهو ماريندو-
شينهن جو شڪار، ناري جي هن ڀر…
ڳيرو ماريندو، تتر ماريندو-
ڪندم شينهن جو شڪار، ناري جي هن ڀر…
[87][87]
وراڻي: آيو ڙي منهنجو ’ناري‘ جو نواب.
بينسر جوڙائج نِهري، آيوڙي منهنجو ناري جو نواب.
دهري جوڙائج نِهري، آيو منهنجو ناري جو نواب.
[88][88]
وراڻي: ادل آهي ارباب، ساري ضلعي جو نواب، محافي ۾ آيو
ڀينر! هٿ کڻو، سرتيون دعا ڪريو، ادل آهي ارباب، محافي ۾ آيو.
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان، ادل آهي ارباب…
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان، ادل آهي ارباب…
ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان، ادل آهي ارباب…
[89][89]
وراڻي: ساري ضلعي جو نواب، ڄڃ ساڻ هلندو،
مومل ماڻي ورندو، جيڏل ساڻ هلندو.
بينسر بني جي، مان لاڙئون آڻايان-
ساري ضلعي جو نواب ڄڃ ساڻ هلندو…
دهري سهڻل جي، مان لاڙئون آڻايان-
ساري ضلعي جو نواب، ڄڃ ساڻ هلندو…
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
لاڏو ضلعي جو نواب، ڄڃ ساڻ هلندو…
[90][90]
وراڻي: وڻ وڻ هيٺ ادل! تنهنجون ماڙيون،
ادل ماڙيءَ وارو، بنگلي وارو.
اَڏيون اٿم، ڀائڙل وڌيو، مرشد مريدن وارو-
وڻ وڻ هيٺ ادل! تنهنجون ماڙيون
سرس سڪ اٿم تو ڏٺي لهندم، ڀائڙل ڀيڻن وارو-
وڻ وڻ هيٺ ادل! تنهنجون ماڙيون.
[91][91]
وراڻي: ادل ماڙين وارو، ڀاءُ بنگلن وارو،
محلي ۾ اعتبار، ادل ماڙين وارو.
نٿ بولي سان، بينسر سونهندي، سونهين سارو سينگار،
سدا ٺهي سون سهاڳ، ادل ماڙين وارو.
عاج جي چوڙي سان ٻانهين سونهندي، سونهين سارو جنسار،
سدا پائي چوڙو بهار، ادل ماڙين وارو.
پازيب ڪڙين سان نورا سونهندا، سونهين چمڪ چندن هار،
سدا هوئي ڇيرن جو ڇمڪار، ادل ماڙين وارو.
[92][92]
وراڻي: تنهنجي اوطاق اُجري، چؤدرو، چوڌاري،
ادل ويهندم کٽ تي، گلن ڦلن گلزار.
مُنهن ادل جي موڙ جي سهڻا، موتين جوڙ بنايو-
تنهنجي اوطاق اُجري، چؤدورو چوڌاري
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
تنهنجي اوطاق اجري، چؤدرو چوڌاري.
هيٺ ادل جي هِرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
تنهنجي اوطاق اجري، چؤدر وچوڌاري.
[93][93]
وراڻي: الله وڌايو شان ڀائن جو، مرشد بچايو مان ڀائن جو،
ٻانهن جي لوڏي لوڏي، سدا لوڏي منهنجو گهوٽ
سوداگر.
بينسر گهڙي ڏي، ادا ڙي سونارا-
الله وڌايو شان ڀائن جو.
دهري گهڙي ڏي، ادا ڙي سونارا-
الله وڌايو شان ڀائن جو.
ٻانهين گهڙي ڏي، ادا ڙي سونارا-
الله وڌايو شان ڀائن جو.
[94][94]
وراڻي: اٿي گهم لوڏي ٻانهن، ٺري هيانءُ منهنجو-
ڏسان حُسن تنهنجو، ٺري هيانءُ منهنجو،
اٿي گهم لوڏي ٻانهن، ٺري هيانءُ منهنجو.
ڏسئي پيءُ پانهنجو، ٺري هيانءُ منهنجو-
اٿي گهم لوڏي ٻانهن، ٺري هيانءُ منهنجو.
ڏسان وهانءُ تنهنجو، ٺري هيانءُ منهنجو-
اٿي گهم لوڏي ٻانهن، ٺري هيانءُ منهنجو.
[95]
وراڻي: پِپَل چوٽ چڙهيو، ادل شال جُڙيو،
لوڏي شان منهنجا، لوڏي مان منهنجا،
ادل ٻانهن ورائي، لوڏي ٻانهن ورائي.
ماڻيندو لاڏل ماڻيندو، آڻيندو وني ماڻيندو-
پــپل چـــوٽ چڙهيو، ادل شال جڙيو.
ماڻيندو سوڍل ماڻيندو، آڻيندو مومل ماڻيندو.
پپل چوٽ چڙهيو، ادل شان شال جڙيو.
ماڻيندو ادل ماڻيندو، آڻيندو ليلان ماڻيندو-
پـــــپل چـــوٽ چڙهيو، ادل شال جڙيو.
[96]
وراڻي: منهنجا حاڪم زادا! جوڙي ٻانهن وراءِ،
منهنجا صاحبزادا! لوڏي ٻانهن وراءِ.
سهڻي مليئي ڪنوار، ٺاهي ٻانهن وراءِ-
منهنجا حاڪم زادا! جوڙي ٻانهن وراءِ.
شال مومل مليئي، لوڏي ٻانهن وراءِ-
منهنجا خانزادا! جوڙي ٻانهن وراءِ.
ڳاڙهي مليئي ڪنوار، جوڙي ٻانهن وراءِ-
منهنجا صاحبزادا! جوڙي ٻانهن وراءِ.
[97]
وراڻي: ٻانهن ته لوڏي، ادل! آءُ تون مون ڏي،
وني ته ماڻي، ادل! آءُ تون مون ڏي،
مان ڀائن واري، مان پيڪن واري.
بينسر نڪ ۾ پايان ته مهرياڻي (1) سڏائيان-
ٻانهن ته لوڏي، ادل! آءُ تون مون ڏي.
دهري ڳچيءَ ۾ پايان ته مهرياڻي سڏايان-
ٻانهن ته لوڏي، ادل! آءُ تون مون ڏي.
[98][98]
وراڻي: پنهنجي شان سان گهر، آءُ ڙي پڙهيل!
پنهنجي مان سانگ هر، آءُ ڙي پڙهيل!
بينسر لاڏل جي مان لاڙان گهڙايان-
پنهنجي شان سان گهر، آءُ ڙي پڙهيل!
دهري لاڏل جي مان لاڙان گهڙايان-
پنهنجي شان سان گهر، آءُ ڙي پڙهيل!
وينڊو ادل جو مان لاڙان گهڙايان-
پنهنجي شان سان گهر، آءُ ڙي پڙهيل!
[99][99]
وراڻي: ساوا ووڻ ڦٽي ويا گُل ڪڪڙي سان،
منهنجو ادل ايندو، نٽ نخري سان.
مونکي بينسر ته گهڙائي ڏي نخري سان-
منهنجو ادل ايندو نٽ نخري سان.
مونکي دهري ته گهڙائي ڏي نخري سان-
منهنجو ادل ايندو نٽ نخري سان.
مونکي ٻانهين ته گهڙائي ڏي نخري سان-
منهنجو ادل ايندو نٽ نخري سان.
[100][100]
وراڻي: لاڏل ڀلي گهوڙي تي سدا چڙهندو،
سپاهي ساڻ کڻندو، نوڪر واڳ وٺندو.
سوني بينسر گهڙائي ادل پاڻ آڻيندو.
لاڏل ڀلي گهوٽي تي سدا چڙهندو.
سوني دهري گهڙائي ادل پاڻ آڻيندو-
لاڏل ڀلي گهوڙي تي سدا چڙهندو.
سوني جهمر گهڙائي ادل پاڻ آڻيندو-
لاڏل ڀلي گهوڙي تي سدا چڙهندو.
[101][101]
وراڻي: پڙهيل پاڻ زميندار، لاري ٿو گهرائي،
ويهي ڪرسيءَ تي ٿو حڪومت هلائي.
منهن ته ادل جي موڙ جي سهڻا، موتين لائي آ بهار-
پــــڙهـــيل پــــاڻ زمــــيندار، لاري ٿــو
گهرائي،
ڏند ته بني جنا ماڻڪ موتي، سرخيءَ لائي آ بهار-
پــــڙهـــيل پــــاڻ زمــــيندار، لاري ٿــو
گهرائي،
هٿ ته لاڏل جا، مينديءَ رتڙا، ڳانن لائي آ بهار-
پــــڙهـــيل پــــاڻ زمــــيندار، لاري ٿــو
گهرائي،
[102][102]
وراڻي: منهنجا جيئين لاڏل! سوڀ تنهنجي آهي،
سوڀ تنهنجي آهي، ٻئي جي حاجت ناهي.
بينسر ته بني جي مان لاڙئون آڻايان،
منهنجا جيئين لاڏل! سوڀ تنهنجي آهي.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان،
منهنجا جيئين لاڏل! سوڀ تنهنجي آهي.
ٻانهين لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان،
منهنجا جيئين لاڏل! سوڀ تنهنجي آهي
[103][103]
وراڻي: ادل ڀائن وارو، آهي چاچن وارو،
ربّ جو مٿس راض، آهي ڀاڳن وارو-
بينسر گهڙائي جوهري، ادل ڀائن وارو-
ادل ڀائن وارو، آهي چاچن وارو.
دهري گهڙائي جوهري، ادل ڀائن وارو-
ادل ڀائن وارو، آهي چاچن وارو.
ٻانهين گهڙائي جوهري، ادل ڀائن وارو-
ادل ڀائن وارو، آهي چاچن وارو.
[104][104]
وراڻي: جنهن اچي راڄ ريجهايو، لاڏل آيو.
جهڙي مصري کير ۾ چُنڙيءَ وارو ڪيسريوڙي ڀينرون!
جيئيم طومان وارو لاڏو، جنهن اچي راڄ ريجهايو.
جهڙي مصري کير ۾ لونگڙيءَ وارو ڪيسريوڙي ڀينرون!
جيئيم طومان وارو لاڏو، جنهن اچي راڄ
ريجهايو.
[105][105]
وراڻي: ادل مور لاڏا! ربّ راضي مٿئون.
گل گلابي، چمن چوڌاري، ٻاهر ٻاريئي بجليون-
ادل مور لاڏا! ربّ راضي مٿئون.
سرتي سهرا، ڄاڃين ميڙا، چمڪن جيئن وڄليون-
ادل مور لاڏا! ربّ راضي مٿئون.
[106][106]
وراڻي: تنهنجي اڱڻ اڳيئوڻ خوشبوءِ، تنهنجي ڳليءَ
ڳليءَ هٻڪار.
بنرا سهڻا! تون بوڇڻ کڻي ڌار، ڀائر چونئي، بوڇڻ
کڻي ڌار-
تنهنجي اڱڻ اڳيئون خوشبوءِ.
بنرا سهڻا! تون لونگي کڻي ڌار، چاچا چونئي، لونگي کڻي ڌار-
تنهنجي اڱڻ اڳيئون خوشبوءِ.
بنرا سهڻا! تون رومال کڻي ڌار، ماما چونئي، رومال کڻي ڌار-
تنهنجي اڱڻ اڳيئون خوشبوءِ.
[107][107]
وراڻي: تنهنجي حسن جي هاڪ، مور منهنجا ڙي!
سج اُڀريو سويرو، منهنجي اباڻن ڏي.
سر ادل جي پنج رنگ چيرا، پڳ جوڙ بناءِ-
تنهنجي حسن جي هاڪ، مور منهنجا ڙي!
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
تنهنجي حسن جي هاڪ، مور منهنجا ڙي!
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناءِ-
تنهنجي حسن جي هاڪ، مور منهنجا ڙي!
[108][108]
وراڻي: تون ته شهزادا اوري آءُ، بنا بنا! تون ته البيلا اوري آءُ بنا بنا!
چڱي بينسر جوڙائي آءُ، بنا بنا! ناهي ننڊ نيڻن
کي اڃا اڃا!
تون ته شهزادا اوري
آءُ.
چڱي دهري گهڙائي آءُ، بنا بنا! ناهي ننڊ نيڻن کي اڃا اڃا!
تون ته شهزادا اوري
آءُ.
چڱي ٻانهين جوڙائي، آءُ، بنا بنا! ناهي ننڊ نيڻن کي اڃا اڃا!
تون ته شهزادا اوري
آءُ.
[109][109]
وراڻي: ملڪ اسان جي جو ماڻهو آهي، لوڏ سڃاتم، ادل آهي.
منهن پڙهيل جي، موڙ جي سهڻا، موتين جوڙ بنايو
آهي-
ملڪ اسان جي جو ماڻهو آهي، لوڏ سڃاتم،
ادل آهي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو آهي-
ملڪ اسان جي جو ماڻهو آهي، لوڏ سڃاتم،
ادل آهي.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو آهي-
ملڪ اسان جي جو ماڻهو آهي، لوڏ سڃاتم،
ادل آهي.
[110][110]
وراڻي: منهنجا نيهي نهاريو، ٻائي جيڏڙيون!
تنهن ۾ لاڏو ڪير؟ سو سوايو سڄڻين.
جيڪو سونگو سنرو، ٻائي جيڏڙيون!
ساريو سالين ڏي، سور سوايو سڄڻين.
ٻاجهٽ پايو ٻُنڀ تي، ٻائي جيڏڙيون!
ساليون ساٺ ڪنس، سو سوايو سڄڻين.
لاڏو لاڏِي ننڍڙا، ٻائي جيڏڙيون!
کلندي چڙهندم کٽ، سو سوايو سڄڻين.
[111][111]
وراڻي: سؤ لڳيئي سڀ لاءِ، نينهن وَنُل سان لاءِ،
ٻاروچل سائين ڙي! سؤ لڳيئي سڀ لاءِ.
عطر شيشي هٿ ۾ ڄاڃين مٿي هاري-
سهڻل سائين ڙي! سؤ لڳيئي سڀ لاءِ۔
هيرن لعلن جا هٿئون ٿالهه ڀري هاري-
سهڻل سائين ڙي! سؤ لڳيئي سڀ لاءِ.
[112][112]
وراڻي: کڻ نيڻ نازڪ، منهنجا حاڪمزادا!
تنهنجي حسن جي هاڪ، منهنجا صاحبزادا!
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
کڻ نيڻ نازڪ، منهنجا حاڪمزادا.
جهالر ادل جي لاڙئون آڻايان-
کڻ نيڻ نازڪ، منهنجا حاڪمزادا.
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
کڻ نيڻ نازڪ، منهنجا حاڪمزادا.
[113][113]
وراڻي: سهڻا! ريهه ڪجل جي پايو آءُ،
ڀائن کي لڳي لايو آءُ، سوٽن کي پرچايو آءُ.
مامن کي ڳلي لايو آءُ، مامن کان تون موڪلايو
آءُ-
سهڻا ريهه ڪجل جي پايو آءُ.
جيڏن کي ڳلي لايو آءُ، سرتن کي تون پرچايو آءُ-
سهڻا ريهه ڪجل جي پايو آءُ.
[114]
[114]
وراڻي: اڙي لاڏلا! ڪجل جي ڪاني پايو وڃ.
هٿن پيرن کي ميندڙي لائي آ، ڪجل جي ڪاني پايو وڃ-
اڙي لاڏلا! ڪجل جي ڪاني پايو وڃ.
سرمي جي سرائي پائي آ، ڪجل جي ڪاني پايو وڃ-
اڙي لاڏلا! ڪجل جي ڪاني پايو وڃ.
بيٺ ۾ لاڏل ڪاتي ٻڌائي آ، ڪجل جي ڪاني پايو وڃ-
اڙي لاڏلا! ڪجل جي ڪاني پايو وڃ.
[115][115]
وراڻي: لکي لاڏا! اوَ بنا! سهڻا تنهنجا وار،
سهڻا تنهنجا وار، آهن پيچدار، صورت جا سردار!
زُهرو تارو ظاهري نچبو پئي نروار-
لکي لاڏا! او بنا! سهڻا تنهنجا وار.
عرض منهنجو آهي، ڏاڻ ڏيو ڏاتار!
لکي لاڏا! اوَ بنا! سهڻا تنهنجا وار.
جواني ماڻين شال! مليئي لعل ڪنوار-
لکي لاڏا! او بنا! سهڻا تنهنجا وار.
[116][116]
وراڻي: البيلي ادل جا سونا وار، سونا وار تنهنجي وڏڙي ڄمار،
بينسر ته بندر شهر جي جت ندي وهي نروار،
ادل لانوان لڌڙيون، مرشد جي آڌار-
البيلي ادل جا سونا وار.
دهري ديري شهر جي جِت ندي وهي نروار،
ادل لانوان لڌڙيون مرشد جي آڌار-
البيلي ادل جا سونا وار.
وينڊو ننگر شهر جو، جتان ندي وهي نروار،
ادل لانوان لڌڙيون مرشد جي آڌار-
البيلي ادل جا سونا وار.
8. وناهه جا ڳيچ
[117][117]
وراڻي: ماءُ جا مِٺا دادلا! ساهِيون آڻج سون جون،
توکي رانيون راڄ، منهنجا جوريءَ جا وار ونا!
بينسر جوڙائج نهري، ماءُ جا مٺا دادلا!
ساهيون آڻج سون جون.
بولو جوڙائج نهرو، ماءُ جا مٺا دادلا!
ساهيون آڻج سون جون.
دهري جوڙائج نهري، ماءُ جا مٺا دادلا!
ساهيون آڻج سون جون.
[118][118]
وراڻي: رانَيڙو جوڀن هيرون ڏي، مائي سوداگر
ڍوليو آيو.
سونهين لاڏيءَ جي منهن ۾ بينسر رانَيڙو جوڀن
هيلون ڏي.
سونهين وينگس جي منهن ۾ وينڊو- رانَيڙو جوڀن
هيلون ڏي.