سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :18

5. مراد پڄڻ جا ڳيچ

[88]

وراڻي: شاديون مراديون اسان جون پير پڄايون،
عيوض انهيءَ جي ڏينديس سڀني سُکائون.

 

نالي ڌڻيءَ جي اسان ڳوٺ پنهنجي،
غريبن کي خوش ٿي کارايون پياريون-
شاديون مراديون اسان جون پير پڄايون.

 

هجن سڀ سرها سڄي ڳوٺ وارا،
ملي ڀائر پاڻ ۾ گڏجي گذاريون-
شاديون مراديون اسان جون پير پڄايون.

 

ڪري پوري پرور، هر ڪنهن جي هر هر،
جيئن مونکي موليٰ مرادون ڏيکاريون-
شاديون مراديون اسان جون پير پڄايون.

 

[89][1]

وراڻي: آسون پُنڙيون سڀ اسان جون، ڪريون ياد الله،
       آءٌ گهورڙي، سٻاجها هن وير.

 

لاڏي کي جا لکڙي، آسون پُنڙيون سڀ اسان جون-
       آءٌ گهورڙي، سٻاجها هن وير.

لاڏو لاڏي ننڍڙا، آسون پُنڙيو سڀ اسان جون
               آءٌ گهورڙي، سٻاجها هن وير.

 

ويهندم نِمن ڇانوَ، آسون پنڙيون سڀ اسان جون-
              آءٌ گهورڙي، سٻاجها هن وير.

 

[90]

وراڻي: مون پِنيو ربّ ڳنان، اميد پُنيم لاڏي جي ماءُ!
                 مون تان مورڙو ڏٺو.

 

لاڏي جي سرهي سيج مٿان، لڌم موتين جهڙو،
لاڏي جي ڇپر کٽ مٿان، ڏٺم، موتين جهوڙو-
                    مون تان مورڙو ڏٺو…

 

لاڏل هليم ساهرين، تنهنجي جهجڙي ڄمار،
تولئي سس سونگو سون ڀري-
                    مون تان مورڙو ڏٺو…

 

واهر ٿيندس واٽ تي، اتر وار پير،
جنهن ۾ اميد جهجهڙي، ڪندو ڪل جي ڀلي-
                    مون تان مورڙو ڏٺو…

 

[91] [2]

وراڻي: هل گهوٽ پٽن پيءُ، الله پنهنجي پڄائي.
وڌيئي پيڙهي، ٿين پٽن پيءُ، احسان اٿئي الاهي،
سرتيون! شڪرانا شاهه سئون، اسان جي التجائي-
هل گهوٽ پٽن پيءُ، الله پنهنجي پڄائي.

 

آسون پيرن پڄايون،ڀ لي ڪئي ڀلائي-
هل گهوٽ پٽن پيءُ، الله پنهنجي پڄائي.
آسون پيرن پڄايون، ڀلي ڪئي ڀلائي-
هل گهوٽ پٽن پيءُ، الله پنهنجي پڄائي.

 

هڪلي هل ڦنڊر کي، ڪئي سيّد سڻائي-
هل گهوٽ پٽن پيءُ، الله پنهنجي پڄائي.

 

[92]

وراڻي: منهنجي الله ڪئي آس پوري، منهنجي موليٰ ڪئي اميد پوري.

 

پُٽ پڻ ڏنا پرور،
مون تي موليٰ ڪئي مهر،
مونکي کير به ڏنائين کٿوري-
منهنجي الله ڪئي آس پوري.

 

مونکي ننهرون نبيءَ ڏنيون،
منهنجون آسون سڀ پُنيون،
مونکي موليٰ ڏنو آهي مال حضوري-
منهنجي الله ڪئي آس پوري.

 

[93] [3]

وراڻي: نچ ڙي ناچوئڙا! منهنجي قادر آس پڄائي،
کل ڙي پَکيئڙا! منهنجي الله آس پڄائي.

 

سُهڻي بينسر ٺهرائي، جيڪا موليٰ مونکي ملائي-
نچ ڙي ناچوئڙا! منهنجي ربّ آس پڄائي.

 

چڱي دهري گهرائي، جنهن ۾ جنسار الاهي-
نچ ڙي ناچوئڙا! منهنجي موليٰ آس پڄائي.

 

خاصي ٻانهين جوڙائي، جيڪا قادر مونکي ملائي-
نچ ڙي ناچوئڙا! منهنجي قادر آس پڄائي.

 

[94]

وراڻي: اميد پُنڙيئي، هيءَ ويل گهرڙيئي،
سچڙي صاحب ڳنان، آءٌ گهوري وڃان،
توکي سڀڪي سريو، لاڏي جي اما!
سُرها ڇنا، ڳاڙها ونا، آءٌ گهوري وڃان.

 

ڀائر گهرايئي ڙي لاڏي جي اما!
اميد پُنڙيئي، هي وير گهڙيئي، سچڙي صاحب ڳنان.

 

نياڻيون گهرايئي، ڙي لاڏي جي اما!
اميد پُنڙيئي، هي وير گهڙيئي، سچڙي صاحب ڳنان.

 

زيور گهڙائي، ڙي لاڏي جي اما!
اميد پُنڙيئي، هي وير گهڙيئي، سچڙي صاحب ڳنان.

 

 

[95]

وراڻي: هيءَ وير گهرڙيم الا! مرادون پُنڙيم الا،
صاحب ڏنا لاڏا بنا! ماءُ تو لئي جهجهڙي اميد ڏسي،

 

اسان آسون پُنيون – هيءَ وير گهرڙيم، الا!
توتي رک سول جي – هيءَ وير گهرڙيم، الا!

 

لاڏو لاڏي ننڍڙا – هيءَ وير گهرڙيم، الا!
ويٺو سونهين سٿ ۾ - هيءَ وير گهرڙيم، الا!

 

[96][4]

وراڻي: ادي! آءٌ خوش ٿي آهيان، اميدون ٿي ڏسان،
الله منهنجون پڄايون، ٿي ميندڙي لايان.

 

بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
الله منهنجون پڄايون، ٿي ميندڙي لايان.

 

دهري لاڏل جي لاڙئون آڻايان-
الله منهنجون پڄايون، ٿي ميندڙي لايان.

 

ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان-
الله منهنجون پڄايون، ٿي ميندڙي لايان.

 

[97]

وراڻي: صدقي صدقي وڃان، گهوري گهوري وڃان،
         من مرادان ميڏيان پُنيان!

 

نڪ لاڏيءَ دي نٿڙي سونهندي، نٿ لائي هي شمعان-
گهوري گهوري وڃان، هِن مرادان ساڏيان پُنيان.

 

ڳچي لاڏيءَ دي دهري سونهندي، دهري لائي هي شمعان.
صدقي صدقي وڃان، من مرادان ميڏيان پُنيان.

 

پير لاڏيءَ دير ڇير هي سونهندي، ڇير لائي هي شمعان-
گهوري گهوري وڃان، هِن مرادان ساڏيان پُنيان.

 

ڪن لاڏيءَ دي جهومڪ سونهندي، جهومڪ لائي هي شمعان-
صدقي صدقي وڃان، من مرادان ميڏيان پُنيان.

 

[98] [5]

وراڻي: من ديان مرادان ميڏيان الله پڃايان،
دل ديان مرادان ميڏيان مرشد پڄايان.

 

الله دي در تي، مين منڙيان سُکاوان-
من ديان مرادان ميڏيان الله پڄايان.

 

محّمد دي در تي، مين منڙيان سُکاوان-
دل ديان مرادان ميڏيان الله پڄايان.

 

مرشد دي در تي، مين منڙيان سُکاوان-
من ديان مرادان ميڏيان الله پڄايان.

 

[99]

وراڻي: پهرين مراد منهنجي الله پڄائي آهه،
حضرت ميران، ڪل جي آس پڄائي آهه.

 

سر ادل جي پنج رنگ چيرا، ڪلنگيءَ جوڙ بنايو آهه-
            پهرين مراد منهنجي الله پڄائي آهه.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو آهه-
            پهرين مراد منهنجي الله پڄائي آهه.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو آهه-
            پهرين مراد منهنجي الله پڄائي آهه.

 

[100]

وراڻي: صدقي موليٰ دي نام تؤن وڃان، گهوري ربّ دي نام تؤن وڃان،
     هڪ جا پُنِي هي، ٻي ڀي پُڄسي، ٽيجهي اميد هِم اڃان.

 

سر اَبل دي پَٽ دا مولهيا، سهري دا رنگ ڀِنان-

صدقي موليٰ دي نام تؤن وڃان، گهوري ربّ دي نام تؤن وڃان.

 

اکيان ابل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل دا رنگ ڀِنان-

صدقي موليٰ دي نام تؤن وڃان، گهوري ربّ دي نام تؤن وڃان.

 

ڏند ابل دي ماڻڪ موتي، سرخي دا رنگ ڀِنان-

صدقي موليٰ دي نام تؤن وڃان، گهوري ربّ دي نام تؤن وڃان.

 

[101] [6]

وراڻي:   هڪ پڄائي ٿئي، ٻي ڀي پڄائيندين!


لک اميدون اڃا، ڙي راڻل! مايد پايو اچان.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لايس شمعان-
                   ڙي راڻل! اميد پايو اچان.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي لايس شمعان-
                   ڙي راڻل! اميد پايو اچان.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني لايس شمعان-
                   ڙي راڻل! اميد پايو اچان.

 

[102]

وراڻي: منهنجي الله پڄائي، ٻيون پڄائين دو اڃان،
      جيڪي اميدون آهن اندر ۾، سي پوريون ڪجان.

 

بينسر جوڙائج نهري،

لک لائق مرشد جا، ادي! ٿي احسان مڃان-
منهنجي موليٰ پڄائي، ٻيون پڄائيندو اڃان.

 

ميندي ڀريل هٿ پنهل جا،

سي سهڻا هٿ ڏسي ٿي خوش ٿيان-
منهنجي الله پڄائي، ٻيون پڄائيندو اڃان.

 

سيج ادل جي مان شوق سان وڇايان،

ڪيئن نه سرتيون! خوش ٿيان-
منهنجي موليٰ پڄائي، ٻيون پڄائيندو اڃان.

 

[103] [7]

وراڻي: هي مراد اساڏِي الله پڄائي، ڏوجهي پڄسي اڃا،

 

ٺري ڙي سهڻل! تيڏي هي اما.
لُڏڻ لاڏِي ڪون بينسر سُهندي،
بولي جوڙ بنايا، مين ملان-
  هي مراد اساڏِي الله پڄائي.

 

لُڏڻ لاڏِي ڪون پنڙي سُهندي،
جهالر هي رنگ لايا، مين کلان-
   هي مراد اساڏِي الله پڄائي.

 

لُڏڻ لاڏِي ڪون ٻانهين سُهندي،
دستين جوڙ بنايا، مين جُهلان-
   هي مراد اساڏِي الله پڄائي.

 

[104]

وراڻي: ٽڪر ڪونج چڙهي، وري آئي لهي،
اديون! منهنجو هاڻي هانءُ ٺريو آهه.

 

ادل ويس ڪري، ڀيڻس ٿي ٺري،
پٽڙو لاوان لهي، مائڙي ٿي ٺري-
اديون! منهنجو هاڻي هانءُ ٺريو آهه.

 

سوڍل سرگس چڙهي، بابس ٿو ٺري،
سڄڻ سهرا ٻڌي، مائڙي ٿي ٺري،
اديون! منهنجو هاڻي هانءُ ٺريو آهه.

 

لاڏل سيج چڙهي، راڄ ٿو ٺري،
لاڏي تان گهورون گهوري، ڄڃ ٿي ٺري،
اديون! منهنجو هاڻي هانءُ ٺريو آهه.

 

6. ڪنوار جي مائٽن لاءِ سڪ جا ڳيچ

[105] [1]

وراڻي: منهنجي اورڻ ماءُ! منهنجو لکيو اٿم ڏور،
منهنجي جيجل ماءُ! منهنجو لکيو اٿم ڏور.
           پار ته درياءَ جي تتر تنواري-

منهنجي اورڻ ماءُ! منهنجو لکيو اٿم ڏور.

 

هينئڙو حيران آهي، پلپل پون پور-

منهنجي اورڻ ماءُ! منهنجو لکيو اٿم ڏور.

 

ڏور ڏيهه کان، لکئي دستور سان-

منهنجي اورڻ ماءُ! منهنجو لکيو اٿم ڏور.

 

[106]

وراڻي: ڇٺيءَ رات ڇوريءَ سين، اما! قلم قضا ڪئي،
ڀائر چون ٿا، گذارجان جَتن سان،
مائٽ چون ٿا، اما؟ لکيو هو نُوراني.

 

ساوا وڻ وطن جا، آءٌ نڪريو نهاريان،
ويٺي واجهايان، منهنجا اچن ٿا اباڻا-
ڇٺيءَ رات ڇوريءَ سين، اما! قلم قضا ڪئي.

 

اباڻن تان آهو. کڻان ڪيئن پرانهون،
سڪان ٿي سرتين لئي، ڪريان آهون دانهون-
ڇٺيءَ رات ڇوريءَ سين، اما! قلم قضا ڪئي.

 

موليٰ ڀيڄ مون ڏي، ڪي مُٺيءَ جا اباڻا،
ورونهه ناهي دل کي، سنڌ ٿيا ساڻا-
ڇٽيءَ رات ڇوريءَ سين، اما! قلم قضا ڪئي.

 

[107][2]

وراڻي: قابو آهيان ڪوٽن ۾، جيئن منهنجي قسمت!
قدرت ڪيو ڏکن ۾، ائين منهنجي قسمت!

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-

منهنجو ساهه آهي سرتين ۾، جيئن منهنجي قسمت!

 

دهري سهڻل جي، مان لاڙئون گهرايان-

مونکي موليٰ مولائي مٽن ۾، جيئن منهنجي قسمت!

 

ميندي مِٺل جي مان ولائتون آڻايان-

بوتو آ هت جان آهه وطن ۾، جيئن منهنجي قسمت !

 

سيج سهڻل جي مان عطر سان سينگاريان-

اچي ادي! غم گڏيا خوشين ۾، ائين منهنجي قسمت!

 

[108]

وراڻي: جيجل! منهنجي قسمت، اورڻ! منهنجي قسمت،
            سُرڙو نوايو، لکيو لوح قلم ۾.

ڀائر ڀاٽيا، جيئن اباڻا، تن مان اميد ته لاهيان، لکيو لوح قلم ۾.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

جيجل! منهنجي قسمت، اورڻ! منهنجي قسمت، سرڙو نوايو.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-

جيجل! منهنجي قسمت، اورڻ! منهنجي قسمت، سرڙو نوايو.

 

سيج ادل جي ساهرين سُونهندي، موڙن جوڙ بنايو-

جيجل! منهنجي قسمت، اورڻ! منهنجي قسمت، سرڙو نوايو.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-

جيجل! منهنجي قسمت، اورڻ! منهنجي قسمت، سرڙو نوايو.

 

[109] [3]

وراڻي: ٻڌ تون ٻاروچل! ڪن ڏئي ڪوهيارل!
           اها ليليٰ ماندي، لکئي امر آندي،

مارن ڪاڻ ماندي، پيڪن ڪاڻ ماندي.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻائي-

ٻُڌ تون ٻاروچل، اچ تون ڪوهيارل…

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻائي-

ٻُڌ تون ٻاروچل، اچ تون ڪوهيارل…

 

وينڊو ادل جو مان لاڙئون آڻايو-

ٻُڌ تون ٻاروچل، اچ تون ڪوهيارل…

 

[110]

وراڻي: بَگڙا ڏاند وهن، اباڻا ملن،
خاصا کوهه کڄن، ڀائر ملن،
ڀينر! منهنجي قسمت،

 

پٽ ته ڪيا هُوءِ پيارا ڙي امڙ!
ننهرون ڪيون هُوءِ پياريون ڙي امڙ!
           تنهنجي ڌيئڙي نماڻي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
         اما! پٽ ته ڪيا هُوءِ پيارا ڙي امڙ…

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
        اما! پٽ ته ڪيا هُوءِ پياراڙي امڙ…

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي جوڙ بنايو-
        اما! پٽ ته ڪيا هُوءِ پيارا ڙي امڙ…

[111][4]

وراڻي: سانوڻ جي مند، سائو درياءُ، منهنجي قسمت ڪيئن ٿي ڪري!
    قسمت ڪيئن ٿي ڪري، منهنجي مائٽن جو ملڪ پري.

 

جنهن ٻيڙيءَ ۾ منهنجا مائٽ، تنهن ٻيڙيءَ جو خير-

سانوڻ جي مند، سائو درياءُ، منهنجي قسمت ڪيئن ٿي ڪري!

 

جنهن ٻيڙيءَ ۾ منهنجو چاچو، تنهن ٻيڙيءَ جو خير-

سانوڻ جي مند، سائو درياءُ، منهنجي قسمت ڪيئن ٿي ڪري!

 

جنهن ٻيڙيءَ ۾ منهنجي ماءُ، تنهن ٻيڙيءَ جو خير-

سانوڻ جي مند، سائو درياءُ، منهنجي قسمت ڪيئن ٿي ڪري!

 

[112]

وراڻي: ابي ڏنو هئم ڏور، ڀائو! ڦيرو لهي وڃجو،
ڀانو! ڦيرو لهي وڃجو، ادل ڇا کان رسي ويو!
ڪنجون ڪلفن ۾، بند مان ڪوٽن ۾-

 

ابي ڏنو هئم ڏور، ڀائو! ڦيرو لهي وڃجو،
ڀائو! ڦيرو لهي وڃجو، ادل ڇا کان رسي ويو!
آيا هئا موڪل لئي، مليو هئن جواب-

 

ابي ڏنو هئم ڏور، ڀائو! ڦيرو لهي وڃجو،
ڀائو! ڦيرو لهي وڃجو، ادل ڇا کان رسي ويو!

 

هيءَ نماڻي نڌر، ڪانهي ڪنديءَ ڀر-

ابي ڏنو هئم ڏور، لعل! ڦيرو لهي وڃجو،
ڀائو! ڦيرو لهي وڃجو، ادل ڇا کان رسي ويو!

 

[113]

وراڻي: ادي! چڱي ڪانه ڳڻي، مونکي ڏنون ڌارئي، راڄ ۾،
ڌيءُ نماڻي، ٿيءُ نه ماندي، مندان آيون ملڻ جون.

 

اٺ ڪجاوا ڀرجي آيا، آيا پور پتڻ تي-
ڪونج اڏاڻي، ٿيءُ نه ماندي، مندان آيون ملڻ جون.

 

ساٿ سڄو ئي ڀرجي آيو، آيا پور پتڻ تي-

ڪونج اڏاڻي، ٿيءُ نه ماندي، مندان آيون ملڻ جون-

 

مِٽ مِڙ مرڪي آيا، آيو پور پتڻ تي-

ڪونج اڏاڻي، ٿيءُ نه ماندي، مندان آيون ملڻ جون.

 

[114] [5]

وراڻي: ڌارين ۾ ڏني اٿو دلڙي ڌتاري،
چئجو امڙ کي مان کي نه وساري،
مان کي نه وساري، سدا ساهه ساري.

 

سکر شهر جي ڪا مومل ڏٺيسين،
ڏکن سورن جي ڪل ڪانه لڌيسين-
ڌارين ۾ ڏني اٿو دلڙي ڌتاري،
چئبو امڙ کي مان کي نه وساري.

 

بکر شهر جي ڪا مومل ڏٺيسين،
ڏکن سورن جي ڪل ڪانه لڌيسين-
ڌارين ۾ ڏني اٿو دلڙي ڌتاري،
چئجو امڙ کي مان کي نه وساري.

 

روهڙي شهر جي ڪا مومل ڏٺيسين،
ڏکن سورن جي ڪل ڪانه لڌيسين-
ڌارين ۾ ڏني اٿو دلڙي ڌتاري،
چئجو امڙ کي مان کي نه وساري.

 

[115]

وراڻي: شل ڪونه اڙي پرديسين سان! مون ته عمر گذاري پين سان،
مون ته عمر گذاري ڀائن سان، شل ڪونه اڙي پرديسين سان.

 

مونکي بينسر گهڙائي ڏي پيچن سان-
شل ڪونه اڙي پرديسين سان!

 

مونکي بولو گهڙائي ڏي پيچن سان-
شل ڪونه اڙي پرديسين سان!

 

مونکي هسڙي گهڙائي ڏي پيچن سان-
شل ڪونه اڙي پرديسين سان!

 

مونکي ٻانهين گهڙائي ڏي پيچن سان-
شل ڪونه اڙي پرديسين سان!

 

[116][6]

وراڻي: سڀ پُرين پنهنجين ۾، ڌيءَ ڏني هُيءِ ڌارين ۾،
ڌيءَ ڏني هُيءِ ڌارين ۾، ڀيڻ سٽي هيءِ سورن ۾.

 

دهري گهڙائي ڏي راڻا! ڇو جهليو هُيءِ سياڻا!
سڀ پُرين پنهنجين ۾، ڌيءَ ڏني هيءِ ڌارين ۾.

 

ڪٺمال گهڙائي ڏي راڻا! ڇو جهليو هُيءِ سياڻا!
سڀ پُرين پنهنجين ۾، ڌيءَ ڏني هيءِ ڌارين ۾.

 

ڪنگڻ گهڙائي ڏي راڻا! ڇو جهليو هُيءِ سياڻا!
سڀ پُرين پنهنجين ۾، ڌيءَ ڏني هيءِ ڌارين ۾.

 

[117]

وراڻي: ڇو ڄائي ابي اما کي ڌيءَ؟ جو ڏنائين پرائي ديس ۾.

 

راڻي جي باغ ۾، ٽالهيون پوکيم ٽيهه،

ڏهه ڏنم اله کي، باقي بچيون ويهه-
       ڇو ڄائي ابي امان کي ڌيءَ؟

 

ڌيئڙي ڌڪيل، روئي راتيان ڏينهن،
گونگا ڪُنڊن ۾ وسائي ويٺي مينهن-
        ڇو ڄائي ابي امان کي ڌيءَ؟

 

[118]

وراڻي: آءٌ بيوس آهيان، منهنجو هيڻو ٿيو حال،
امڙ! مونکي ڏنئي ڌارئين راڄ ۾.

بينسر جوڙائج نهري-

آءُ بيوس آهيان، منهنجو هيڻو ٿيو حال.

دهري جوڙائج نهري-

آءُ بيوس آهيان، منهنجو هيڻو ٿيو حال.

ٻانهين جوڙائج نهري-

آءُ بيوس آهيان، منهنجو هيڻو ٿيو حال.

 

[119]

وراڻي: بابي مونکي ڏنو ڌارئين راڄ ۾، جت ڄاڻو نه سڃاڻو،

 

ٻيون مڙيئي پاڻ ۾، آءٌ اڪيلي آهيان،

 

اما مونکي ڏنو ڌارئين راڄ ۾.
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
بابي مونکي ڏنو ڌارئين راڄ ۾.
ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان-
بابي مونکي ڏنو ڌارين راڄ ۾.
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
بابي مونکي ڏنو ڌارئين راڄ ۾.

 

[120]

وراڻي: اوهين ديسي مان پرديسڻ، ڪهڙي ذات سڏايائن؟
ڪهڙو سينو ساهيان؟ پنهنجا اباڻا ڇڏي هت آهيان.

 

 

اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايا-
اوهين ديسي مان پرديسڻ، ڪهڙي ذات سڏايان؟

 

ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايان-
اوهين ديسي مان پرديسڻ، ڪهڙي ذات سڏايان؟

 

هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايان-
اوهين ديسي مان پرديسڻ، ڪهڙي ذات سڏايان؟

 

[121][7]

وراڻي: وس پنهنجي ۾ ناهيان، ڌارين ۾ آهيان،
ڌاريان ڌر مٽ نه ڪنهين جا، روز پئي ٿي روئان،
ڀائو! لهه ڪا سنڀار، ڀيڻ تنهنجي آهيان.

 

ادل خاطر مون وينڊو به جوڙايو، ادل ايندو هڪوار-
وس پنهنجي ۾ ناهيان، ڌارين ۾ آهيان.

 

ادل خاطر مون دهري به جوڙائي، ادل ايندو هروار-
وس پنهنجي ۾ ناهيان، ڌارين ۾ آهيان.

 

ادل خاطر مون ٻانهين به جوڙائي، ادل ايندو وار وار-
وس پنهنجي ۾ ناهيان، ڌارين ۾ آهيان.

 

[122][8]

وراڻي: جنهن ٻول ٻڌا، سڱ ڌارين کي نه ڏيندو،
منهنجو دردن ڀريو حال، منهنجي ادل کي چئجو.

 

سوني بينسر گهڙائي، سڄي مارن کي ڏجو-
منهنجو دردن ڀريو حال، منهنجي ادل کي چئجو.

 

سونا ڪنگڻ گهڙائي، سڀ مارن کي ڏجو-
منهنجو دردن ڀريو حال، منهنجي ادل کي چئجو.

 

سوني دهري گهڙائي، مارن کي ڏجو-
منهنجي دردن ڀريو حال، منهنجي ادل کي چئجو.

 

[123]

وراڻي: ڪيئن ڪريان مان سينگار، مونکي آهي آزار،
جيئري جدائيءَ جو، ونهين ويڙهيچن جو،
        اديون! اٿم آزار، جيئري جدائيءَ جو.

 

سوني بينسر ته گهڙائي، ڪيئن ڪريان مان سينگار؟
          مونکي آهي آزار، جيئري جدائيءَ جو.

خاصي ٻانهين ته گهڙائي، ڪيئن ڪريان مان سينگار؟
          مونکي آهي آزار، جيئري جدائيءَ جو.

 

خاصي دهري ته گهڙائي، ڪيئن ڪريان مان سينگار؟
          مونکي آهي آزار، جيئري جدائيءَ جو.

 

[124][9]

وراڻي: ميڏي سر دا سالر ڀنان ڀنان، مين گهڙي نه ڏيسان مانگوان.

 

لونگي ابل تيڏي، بوڇڻ ميڏا،
مين ملهه هزارين گهِنان-
مين گهڙي نه ڏيسان مانگوان.

 

وني جوابل دي سدا سهاڳڻ، آپ ماڻيسي بنا
مين گهڙي نه ڏيسان مانگوان.

 

[125]

وراڻي: منهنجا ڀائر آهن، نه مان ڇوري آهيان،
منهنجا اباڻا آهن، نه مان صدوري آهيان.

 

مان کي بينسر گهڙائي ڏي، اڄ ڙي ادل!
مان پائي هلان تنهنجي شاديءَ تي-
منهنجا ڀائر آهن، نه مان ڇوري آهيان.

 

مان کي دهري گهڙائي ڏي، اڄ ڙي سهڻل!
مان پائي هلان تنهنجي شاديءَ تي-
منهنجا ڀائر آهن، نه مان ڇوري آهيان.

 

مان کي ٻانهين گهڙائي ڏي، اڄ ڙي راڻا!
مان پائي هلان تنهنجي شاديءَ تي-
منهنجا ڀائر آهن، نه مان ڇوري آهيان.

 

[126][10]

وراڻي: نه ڪا خبر نه ڪا چار، نه ڪا تار آئي،
ڀينر! ڀاڳ منهنجي ۾ لکيل هئي جدائي،
نه ڪو انگ لکيو هو، نه ڪا دل اڙي هئي.

 

بينسر گهڙائي ڏج نهري-
ڀينر! ڀاڳ منهنجي ۾ لکيل هئي جدائي.

 

پنڙا گهڙائي ڏج نهرا-
ڀينر! ڀ اڳ منهنجي ۾ لکيل هئي جدائي.

 

ٻانهين گهڙائي ڏج سون جي-
ڀينر! ڀاڳ منهنجي ۾ لکيل هئي جدائي.

 

[127]

وراڻي: مونکي جيجل ماءُ ڄايو آهه، کڻي ڏکن سورن لاءِ نپايو آهه.
سر لاڏل جي سون سهرا، موتين جوڙ بنايو آهه-
مونکي جيجل ماءُ ڄايو آهه، کڻي ڏکن سورن لاءِ نپايو آهه.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو آهه-
مونکي جيجل ماءُ ڄايو آهه، کڻي ڏکن سورن لاءِ نپايو آهه.

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو آهه-
مونکي جيجل ماءُ ڄايو آهه، کڻي ڏکن سورن لاءِ نپايو آهه.

 

[128][11]

وراڻي: امڙ! نا ڄڻين ها، ڏک نا ڏسان ها!
هجان ها جي پاڙي، منهن پئي ڏسان ها!

 

 

ڌيئون ڌڻ پرائو مائٽ نه مَرڪن، ستا سور جاڳن،
  هجان ها جي پاڙي، امڙ نا ڄڻين ها.

 

ڌيئون ڊڀوريون، گهڙي کن جون مهمان، وٺيو وڃن اَرمان،
  هجان ها جي پاڙي، امڙ نا ڄڻين ها.

 

ڌيئون جن پناري، سک نا سنڀاري، ڇڏيئون اُٿاري،
  هجان ها جي پاڙي، امڙ نا ڄڻين ها.

 

[129]

وراڻي: منهنجي جيجل اما! مان ڇو پئي جيئان؟
منهنجي اورڻ اما! مان ڇو پئي جيئان؟
مان ڇو ئي جيئان، لکيو امر مڃان.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا-

منهنجي جيجل اما! مان ڇو ئي جيئان؟

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي-

منهنجي جيجل اما! مان ڇو پئي جيئان؟

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا-

منهنجي جيجل اما! مان ڇو پئي جيئان؟

 

[130][12]

وراڻي:       ائي اما! ڇو ٿي ڏنيئي اُتي،

جتي منهنجي مٽي نه مائٽي، ساٿي نه جماعتي.

 

بينسر جوڙائج نهري-

ائي اما! ڇو ٿي ڏنيئي اُتي.

 

دهري جوڙائج نهري-

ائي اما! ڇو ٿي ڏنيئي اُتي.

 

ٻانهين جوڙائج نهري-

ائي اما! ڇو ٿي ڏنيئي اُتي.

 

[131]

وراڻي: ڀورل ڀاءُ ڀڃي ويو، ڇا کؤن ڇڏي ويو،
مليو هوس جواب، تڏهن ڀيرو ڀڃي ويو.

 

ڪنجي ڪلفن ۾، لوهي ڪوٽن ۾-
امڙ ڏنو هو ڏور، تڏهن ڀيرو ڀڃي ويو.

 

ڀورل ڀاءُ آيو هو، موڪل لئي آيو هو-
پر مليو هوس جواب، تڏهن ڀيرو ڀڃي ويو.

 

ادل جي آئي ڏک منهنجا ڏور ٿيا-
وٺڻ جو مليو جواب، تڏهن ڀيرو ڀڃي ويو.

 

[132][13]

وراڻي: پرديسي پيارا، وڏي مانَ وارا، وساري هليو وئي،
ڪري دل ديواني، مِٺا ڀاءُ جاني، وساري هليو وئين،
اڄ ڪي سڀاڻي، اسان جي موڪلاڻي،
مِٺا ڀاءُ! جاني وساري هليو وئين.

 

بينسر ته ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
    پرديسي پيارا، وڏي مان وارا.

 

دهري ته ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
    پرديسي پيارا، وڏي مان وارا.

 

ٻانهين ته ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
    پرديسي پيارا، وڏي مان وارا.

[133][14]

وراڻي: آهيان ڌارئين راڄ ۾، ڀيرو ڪجانءِ پيو ڀائو،
بيٺي هيس سامهون، اچي هو گڏيوم ڀائو،
ساري ڏنئين سوکڙيون، جي مڪيون جيجل ماءُ مون.

 

ڏينهن سدورو ٿيندو، ادل مون اڱڻ ايندو،
منهنجي اڱڻ ايندو، تڏهن غم لهندو،
                    آهيان ڌارئين راڄ ۾.

 

ڏينهن سدورو ٿيندو، ادل کلي کير پيئندو،
منهنجي شهر ايندو، تڏهن ڏک لهندو-
                    آهيان ڌارئين راڄ ۾.

 

[134]

وراڻي: ويٺڙي آهيان سامهڻي، ايندم ڀورل ڀاءُ،
ڇوڙي ته ڏيندم سوکڙي، مڪي جيجل ماءُ.

 

بينسر جوڙائج نهري، ويٺڙي آهيان سامهڻي، ايندم ڀورل ڀاءُ-
                 ڇوڙي ته ڏيندم سوکڙي، مڪي جيجل ماءُ.

 

دهري جوڙائج نهري، ويٺڙي آهيان سامهڻي، ايندم ڀورل ڀاءُ-
                 ڇوڙي ته ڏيندم سوکڙي، مڪي جيجل ماءُ.

 

ٻانهين جوڙائج نهري، ويٺڙي آهيان سامهڻي، ايندم ڀورل ڀاءُ-
                 ڇوڙي ته ڏيندم سوکڙي، مڪي جيجل ماءُ.

 

[135][15]

وراڻي: اديون! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ جو ڪانگ لنوي ٿو،
       منهنجي ساري دل تو ڏانهن، تو ڏانهن منهنجا ڀورل ڀاءُ!

 

اسين ڀينر ڀائر پاڻ ۾، هڪڙي ابي جو اولاد-

اديون! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ جو ڪانگ لنوي ٿو.

 

جنم ڏنم ٿي مهڻٻا، سي تان ڏيندم کير-

اديون! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ جو ڪانگ لنوي ٿو.

 

الله اوسر لاهئين، موليٰ مينهن وسن-

اديون! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ جو ڪانگ لنوي ٿو.

 

ٻن درياهن وچ ۾، تتر ٿو تنواري-

اديون! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ جو ڪانگ لنوي ٿو.

 

[136]

وراڻي: امڙ! بس ته ڪري، ڪانگل ڇا ٿو چئي؟
       منهنجي ڀائرن ڏي ربّ خير ڪري!

 

بينسر ته ادل جي لاڙئون آڻايم، مِينا جو سينگار ڪري-
      منهنجي ڀائرن ڏي الله ڪري خري!

 

دهري ته ادل جي لاڙئون آڻايم، مِينا جو سينگار ڪري-
      منهنجي ڀائرن ڏي الله ڪري خري!

 

[137][16]

وراڻي: ادي! پري ڏاڍي ماندي ٿي آهيان.
ادل خطڙو لکي ڪري ڀيڻن ڏي مُنجي،
بابل خطڙو لکي ڪري ڌين ڏي مُنجي-
ادي! پري ڏاڍي ماندي ٿي آهيان.

 

نکڙي ننڊ پيو آهه هاڻي ڪيئن ڪريان،
گهٽي گهٽي ڪري پنهنجي ڀائن کي ڳوليان-
ادي! پري ڏاي ماندي ٿي آهيان.

 

ونهيل ويو اٿم، وانڍي ڪيئن ٿي ويهان،
ڪُنڍو ڪاپار ۾ جيڏين جو اٿم اڃان-
ادي! پري ڏاڍي ماندي ٿي آهيان.

 

[138]

وراڻي: مٽ ته مئيءَ جا ملير ۾، ڪو دم شال جيئان!
اڱڻ ته اباڻن جي وڃي، ڀائرن سان ملان!

 

بينسر شهر ڀنڀور جي، تون جيڏل جوڙي پاءِ-
مٽ ته مئيءَ جا ملير، ڪو دم شال جيئان!

 

دهري شهر ڀنڀور جي، تون جيڏل جوڙي پاءِ-
مٽ ته مئيءَ جا ملير، ڪو دم شال جيئان!

 

ٻانهين شهر ڀنڀور جي، تون جيڏل جوڙي پاءِ-
مٽ ته مئيءَ جا ملير، ڪو دم شال جيئان!

 

[139][17]

وراڻي: شل هيڪر موت نه ماري! مان خان ڀائرن سان ملان ملان،
شل ٻيهر وڇوڙو نه ماري! مان پنهنجي مٽن سان ملان ملان.

 

بيٺي بيٺي ريل جو ائي، بابو کان ٽڪٽ وٺان وٺان-
                     شل هيڪر موت نه ماري!

 

ريل رليءَ جا لاها چاڙها، شل اولي پئي نه مون هٿان-
                    شل هيڪر موت نه ماري!

 

[140]

وراڻي: ادل مون ڏٺو هو ننڊ مان جاڳائي،
گُهل تون ڏکڻ، لڳ تون ڏکڻ!

 

رهن ڇو نه اباڻا، ويهن ڇو نه اباڻا-
ادل مون ڏٺو هو ننڊ مان جاڳائي.

 

ڪنديس وڏا وس، ڪنديس ميڙ منٿ-
ادل مون ڏٺو هو ننڊ مان جاڳائي.

 

ڪنديس وڏا وس، ڪنديس ميڙ منٿ-
ادل مون ڏٺو هو ننڊ مان جاڳائي.

 

اَسر وندي آهيان، آسرو نه ٿي لاهيان-
ادل مون ڏٺو هو ننڊ مان جاڳائي.

 

[141] [18]

وراڻي: پرديسي پيارا ڀائڙل ناز وارا!
وساري نه ڇڏجو، ساڻم حال ونڊ جو!

 

بينسر لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
           پرديسي پيارا، ادل ناز وارا!

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
         پرديسي پيارا، ڍولڻ ناز وارا!

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايا-
         پرديسي پيارا، ڍولڻ ناز وارا!

 

جهالر جڙيل جي مان لاڙئون آڻايا-
         پرديسي پيارا، ڍولڻ ناز وارا!

 

[142][19]

وراڻي: ڀورل ڀاءُ جي مرضي، وٺڻ ڇو نه آيو، وٺڻ ڇو نه آيو؟

 

ڳاڙهي کٽ بني جي مان اندر وڇايان،
اوچو پلنگ ادل جو مان اندر سجايان-
ڀورل ڀاءُ جي مرضي، وٺڻ ڇو نه آيو؟
اباڻي ۽ ماماڻا ويٺا وساري،
ڀائر ۽ ڀائيٽيا ويٺا وساري-
ڀورل ڀاءُ جي مرضي، وٺڻ ڇو نه آيو؟
جيڏيون ۽ سرتيلن ويٺيون وساري،
ڀيڻون ۽ ڀاڻيجين ويٺيون وساري-
ڀورل ڀاءُ جي مرضي، وٺڻ ڇو نه آيو؟

 

[143]

وراڻي: ڀورل ڀاءُ! مون ديس ڇڏيو، پيس پرديس مامري،
آهيان ڌاري ڌيءَ پرائي، تڏهن ڀائن ڇڏيو وساري.

 

پار دريائون مون ڏي جيجل مُڪو ماڻهو،
اورڻ ماءُ مس مس مُڪو مون ڏي ماڻهو-
ڀورل ڀاءُ! مون ديس ڇڏيو، پيس پرديس مامري.

 

مونکي ڪل ڪانه پئي، ٿيندي جيئري جدائي،
گهوري جدائي، موڪلي ڏيو خبر ڪائي-
ڀورل ڀاءُ! مون ديس ڇڏيو، پرديس مامري

 

پري ڪيو نه ڪا پارت ڏس شرافت،
جيجل ڏني مَتِ پرائي امانت-
ڀورل ڀاءُ! مون ديس ڇڏيو، پيس پرديس مامري.

 

[144][20]

وراڻي: ايندو ريل جو راڻو، مون ڏي موتيءَ جو داڻو،
منهنجي دل ڀائڙل کي، راتو ڏينهن ٿي ساري،
راتو ڏينهن ٿي ساري، روئي روز پڪاري.

 

وينڊو جو جوڙايم، تنهن لئي لعلون به ونڌايم-
ايندو ريل جو راڻو، مون ڏي موتيءَ جو داڻو.

 

دهري جا گهڙايم، تنهن تي موتي به مڙهايم-
ايندو ريل جو ڙاڻو، مون ڏي موتيءَ جو داڻو.

 

سهرو جو ٺهرايم، تنهن تي گل به رکايم-
ايندو ريل جو راڻو، مون ڏي موتيءَ جو داڻو.

 

 

[146]

وراڻي: طوبيٰ وڻ درياءَ جا، ساريان سنجهئون سبحان،
ڏينهن جو ڏاتار آهه، ڀائن سان منهنجو پيار آهه-

 

طوبيٰ وڻ جنّت جا، ساريان سنجهئون سبحان-
مالڪ مختيار آهه، ڀيڻن سان منهنجو پيار آهه-

 

طوبيٰ وڻ خدا جا، ساريان سنجهئون سبحان-
امت جو آڌار آهه، پيڪن سان منهنجو پيار آهه.

 

[147][21]

وراڻي: هڪ جيئري جاڙي ڀاءُ، ٿڃ ڏني آهي ماءُ،
ٿڃ ڏني آهي ماءُ، لهي وڃ سڌ سماءُ.

 

بينسر ادل جي مان لاڙان آڻايان،
هڪ جيئري جاڙي ڀاءُ، ٿڃ ڏني آهي ماءُ-
ٿڃ ڏني آهي ماءُ، لهي وڃ سڌ سماءُ.

 

دهري ادل جي مان لاڙان آڻايان،
هڪ جيئري جاڙي ڀاءُ، ٿڃ ڏني آهي ماءُ-
ٿڃ ڏني آهي ماءُ، لهي وڃ سڌ سماءُ.

 

سهرو ادل جو مان لاڙان آڻايان،
هڪ جيئري جاڙي ڀاءُ، ٿڃ ڏني آهي ماءُ-
ٿڃ ڏني آهي ماءُ، لهي وڃ سڌ سماءُ.

 

[148][22]

وراڻي: دل جا دلبر ڀاءُ! اڱڻ منهنجي آءُ،
       ساري منهنجو ساهه، اڱڻ منهنجي آءُ

 

اکيون ابل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
            دل جا دلبر ڀاءُ! اڱڻ منهن  جي آءُ.

 

ڏند ابل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
         دل جا دلبر ڀاءُ! اڱڻ منهنجي آءُ.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بناءِ-
دل جا دلبر ڀاءُ! اڱڻ منهنجي آءُ.

 

[149]

وراڻي: لکان خطڙو خلاصو، وڃي ڏي امڙ کي،
ڪانهين ڀيڻ پاڙي ۾، ڪنهن سان روح ريجهايان.

 

بينسر گهڙايو آءُ، بولو چُڪايو آءُ،
ڪانهي ڀيڻ پاڙي ۾، ڪنهن سان روح ريجهايان،
ڪنهن سان روح رلايان، ڪنهن کي ڳالهه ٻڌايان-
        لکان خطڙو خلاصو، وڃي ڏي امڙ کي.

 

ڪنگڻ گهڙايو آءُ، ٻُندڙو چُڪايو آءُ،
ڪانهي ڀيڻ پاڙي ۾، ڪنهن سان روح ريجهايان،
ڪنهن سان روح رلايان، ڪنهن کي ڳالهه ٻڌايان-
         لکان خطڙو خلاصو، وڃي ڏي امڙ کي.

 

ٻانهين ٺهرايو آءُ. چُوڙا چُڪايو آءُ،
ڪانهي ڀيڻ پاڙي ۾، ڪنهن سان روح ريجهايان،
ڪنهن سان روح رلايان، ڪنهن کي ڳالهه ٻڌايان-
          لکان خطڙو خلاصو، وڃي ڏي امڙ کي.

 

[150] [23]

وراڻي: ناهي ماءُ ولر ۾، مان ڪنهن سان روح ريجهايان،
ڪنهن سان روح ريجهايان، ويٺي نير وهايان.
             بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-

ناهي ماءُ ولر ۾، مان ڪنهن سان روح ريجهايان.

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-

ناهي ماءُ ولر ۾، مان ڪنهن سان روح ريجهايان.

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-

ناهي ماءُ ولر ۾، مان ڪنهن سان روح ريجهايان.

 

[151]

وراڻي: مٺو! ڪر خبر چار، ڪيئن مُلڪ آهي؟
ڏاڍو زمانو زهير، حال ڪنهن سان ڪجي؟
ابي امڙ سان ڪجي، ڀاءُ ڀيڻ سان ڪجي.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مٺو! ڪر خبر چار، ڪيئن ملڪ آهي؟
ڏاڍو زمانو زهير، حال ڪنهن سان ڪجي.

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مٺو! ڪر خبر چار، ڪيئن ملڪ آهي؟
ڏاڍو زمانو زهير، حال ڪنهن سان ڪجي.

 

وينڊو ادل جو مان لاڙئون آڻايان-
مٺو! ڪر خبر چار، ڪيئن ملڪ آهي؟
ڏاڍو زمانو زهير، حال ڪنهن سان ڪجي.

 

[152][24]

وراڻي: ڇا ڪريان تنهنجي قربن کي، منهنجو وڳر پوئتي آهي،
ڇا ڪريان تنهنجي ماڙين کي، منهنجي جيجل پوئت آهي.

 

بينسر جوڙائج نهري، اديون ڙي!

ڇا ڪريان! آءٌ طعامن کي، منهنجو وطن پوئتي آهي.

 

ٻانهين جوڙائج نهري، اديون ڙي!

منهنجو ويڙهيچن سان تن من، منهنجو جيءُ پوئتي آهي.

 

جهومڪ جوڙائج نهري، اديون ڙي!

ٻيڙو جهلڻ ڪنهن جو ناهي، منهنجو ساهه پوئتي آهي.

 

[153]

وراڻي: ساوا ساوا وڻ، منهنجي اباڻي ملڪ جا،
ڪيئن لکان مان خط پنهنجي ماءُ ڏي؟

 

ماسي ماءُ پرائي، منهنجي ڏکن ڏي نه ڏٺو،
چاچو پيءُ پرائو، جنهن به ڏکن ڏي نه ڏٺو-
    ڪيئن لکان مان خط پنهنجي ماءُ ڏي؟…

 

جيڏيون ڌيون پرايون، جن پاڻ مون نه جهليو،
سرتيون سُگهڙون، جن پنڌ مون نه پليو.
    ڪيئن لکان مان خط پنهنجي ماءُ ڏي؟…

 

ڀائر پيارا پنهنجا، جن هٿين ڏَجهن ۾ ڏنو،
مائٽن مٽن مونکي هٿ کڻي ڇنو-
    ڪيئن لکان مان خط پنهنجي ماءُ ڏي؟…

 

[154][25]

وراڻي: سج اُڀر سوير، منهنجا پيڪا اٿئي ڏُور، اباڻا اٿئي ڏور!
منهنجو ڀيڻون اٿئي ڏور، مونکي وڃڻو ضرور.

 

سوني بينسر ته گهڙائي اباڻا مونکي ڏيندا،

سج اُڀر سوير، منهنجا سانگي اٿئي ڏور-
منهنجون ڀيڻون اٿئي ڏور، مونکي وڃڻو ضرور.

 

سوني هسي ته گهڙائي اباڻا مونکي ڏيندا،

سج اُڀر سوير، منهنجا سانگي اٿئي ڏور-
منهنجون ڀيڻون اٿئي ڏور، مونکي وڃڻو ضرور.

 

سوني دهري ته گهڙائي اباڻا مونکي ڏيندا،

سج اُڀر سوير، منهنجا سانگي اٿئي ڏور-
منهنجون ڀيڻون اٿئي ڏور، مونکي وڃڻو ضرور.

 

[155][26]

وراڻي: مقنَ منجهايل کي، اباڻا! دلاسو ڏيو،
اسين ڀائر ڀينر، مڙي ڪريون ميلو.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
من منجهايل کي، اباڻا! دلاسو ڏيو.

 

جهالر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
من منجهايل کي، اباڻا! دلاسو ڏيو.

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
من منجهايل کي، اباڻا! دلاسو ڏيو.

 

[156]

وراڻي: سڪ سلامن مؤن، امڙ! مون نه لهي ٿي،
ڏٺي ڏينهن ٿيڙا، لنگهي سال ويڙا.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
             سڪ سلامن مؤن.

 

ڏند ادل جا ماڻهڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
             سڪ سلامن مؤن.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
             سڪ سلامن مؤن

[157]

وراڻي: جيجل ماءُ، مان ڏي اچڻي، اورڻ، ماءُ، مان ڏي اچڻي.
  ويهي نه لاٿيم، سڪ اندر جي، سو ڀي اباڻا!

جيجل ماءُ مان ڏي اچڻي.

 

جن ڇڏيو هوم ڏُور، پلپل پوي پور، سوڀي اباڻا!
             جيجل ماءُ مان ڏي اچڻي.

 

قسمت ڪندي ميلو، ڇڏيائون اڪيلو، سو ڀي اباڻا!
            جيجل ماءُ مان ڏي اچڻي.

 

[158][27]

وراڻي: وڃان ملڪ پنهنجي، آهي سڪ سدائي،
ڏٺي ڏينهن گذريا، نه جيجل آهه آئي.

 

ڀينرون ۽ ڀائر ڪندا ياد هوندا،
منهنجي به دل ۾ اها وات وائي-
          وڃان ملڪ پنهنجي.

 

ڏي ڪانڌا! موڪل، موٽاءِ نه خالي،
اڄ ياد امڙي، جيجل آهه آئي-
          وڃان ملڪ پنهنجي.

 

سرتين جي سڪ ڇڏيو ساهه ساڙي،
جني کان نه اڳ، هئي پل جي جدائي-
          وڃان ملڪ پنهنجي.

[159][28]

وراڻي: تنهنجي جدائيءَ جو، امڙ! اٿم آزار،
اٿم آزار، ڳلي ڪيئن پايان هار؟

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
تنهنجي جدائيءَ جو، ڀائڙل! اٿم آزار.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
تنهنجي جدائيءَ جو، امڙ! اٿم آزار.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لايو-
تنهنجي جدائيءَ جو امڙ! اٿم آزار.

 

سيج ادل جي ساهرين سونهندي، لانئن هي رنگ لايو-
تنهنجي جدائيءَ جو امڙ! اٿم آزار.

 

[160]

وراڻي: بنگلي ۾ ويهي، امڙ مون کان رسي ويئي،
وَر ڙي اورڻ ماءُ! ڏاڍا ڏينهن لاتئي.

 

گوڏي ويهي ڀينر، مون کان موڪلائي ويئي،
ور ڙي اورڻ ڀيڻ! ايڏي دير لاتئي-
بنگلي ۾ ويهي، امڙ مون کان رسي ويئي.

 

سٿ ويهي ساهيڙي، مون کان موڪلائي ويئي،
ور ڙي اورڻ ادي! ايڏي دير لاتئي-
بنگلي ۾ ويهي، امڙ مون کان رسي ويئي.

 

ڀيڙا ويهي ڀائر، من مون منجهائي ويا،
ور ڙي سهڻا ادا! ڪڏهن نه پير پاتئي-
بنگلي ۾ ويهي، امڙ مون کان رسي ويئي.

 

[161]

وراڻي: اديون! مونکي موڪل ڪانه ڊهي آهه،
ڀينر! مونکي موڪل ڪانه ملي آهه.

 

اورڻ ڀيڻ! منهنجو پاڙو هو پيڪن سان،
جيجل ماءُ! منهنجو پاڙو هو پنهنجن سان،
پيڪا ته ويا اٿم لڏي، وس کان ڇڏي-
اديون! مونکي موڪل ڪانه ڊهي آهه.

 

پيڪن ۾ هئي شادي مڪو هئائون ماڻهو،
آهيان بيوس، ڪونهي منهنجو وس،
ڪونهي ڏوهه ڏيرن، ڪونهي زور ڀائن تي-
اديون! مونکي موڪل ڪانه ڊهي آهه.

 

آيل ڙي! مونکي پاليئي پرت سان،
پاليئي پرت سان، سانڀيئي سرت سان،
انّ پاڻيءَ آندو هت، موڙهي آهي منهنجي مت-
اديون! مونکي موڪل ڪانه ڊهي آهه.

 

[162][29]

وراڻي: پکي پاڻي پيار، لهي اڃ اکين جي،
لهي اڃ اکين جي، اٿم سڪ پيڪن جي.

 

اباڻا جو ايندا، ڇوري ڪين ڇڏيندا-
پکي پاڻي پيار، ته لهي اڃ اکين جي.

 

ڀائر جو ايندا، نماڻي ڪين ڇڏيندا-
پکي پاڻي پيار، ته لهي اڃ اکين جي.

 

سانگي جو ايندا، وٺي نيٺ ويندا-
پکي پاڻي پيار، ته لهي اڃ اکين جي.

 

[163]

وراڻي: ايندا جو پيڪا، عيدون جو ڏيندا،
ايندا جي پنهنجا ته پاڙون اڏيندا،
منهنجي پيڪن کؤن خط شال اچي!
’ميرپور‘ ۾ ويهي مان بينسر گهڙايان-
ايندا جو پيڪا، عيدون جو ڏيندا.
منهنجي ڀائن کؤن خط شال اچي!
ميرپور ۾ ويهي مان ٻانهين گهڙايان-
ايندا جو پيڪا، عيدون جو ڏيندا.
منهنجي ڀائن کؤن خط سال اچي!
ميرپور ۾ ويهي مان دهري گهڙايان-
ايندا جو پيڪا، عيدون جو ڏيندا.
منهنجي ڀائن کؤن خط شال اچي!

 

[164] [30]

وراڻي:  نڪري روز نهاريان دڳ اباڻن جا
 دڳ اباڻن جا مَنَهن اباڻن جا.

 

سيج سهڻل جي ساهرين سونهندي، موڙن جوڙ بنايو الا،
    نڪري روز نهاريان دڳ اباڻن جا.

 

اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل هي رنگ لايو الا،
    نڪري روز نهاريان دڳ اباڻن جا.

 

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو الا،
    نڪري روز نهاريان دڳ اباڻن جا.

 

هٿ سهڻل دي سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لايو الا،
    نڪري روز نهاريان دڳ اباڻن جا.

 

[165]

وراڻي: دريون ڏيئي دروازا، مان نهاريان پنهنجا اباڻا،
پنهنجن مارن جا بنگلا، مان سڀئي سڃاڻان.
           دهري ادل جي مان لاڙان آڻايان-

دريون ڏيئي دراوازا، مان نهاريان پنهنجا اباڻا.
         
ٻانهين ادل جي مان لاڙان آڻايان-

دريون ڏيئي دروازا، مان نهاريان پنهنجا اباڻا.

 

[166][31]

وراڻي: ڪڪر! ڇانو ڪجانءِ، مارو منهنجا پنڌ ۾،
مارو منهنجا پنڌ ۾ ڏسان ڪهڙي دڳ ۾؟

 

بينسر ادل جي سڄي آهي سوني-

ڪڪر! ڇانو ڪجانءِ، مارو منهنجا پنڌ ۾.

 

دهري ادل جي سڄي آهي سوني-

ڪڪر! ڇانو ڪجانءِ، مارو منهنجا پنڌ ۾.

 

[167]

وراڻي: اديون! ياد ڪلمون، ننڊ ۾ اباڻا،
آيا ياد ننڊ ۾، آيل! ڪي اوراڻا.

 

اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
اديون! ياد ڪلمون، ننڊ ۾ اباڻا.

 

ڏند ته ادل جا موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
اديون! ياد ڪلمون، ننڊ ۾ اباڻا.

هٿ ته ادل جي سونا ڳانا ميندي جوڙ بناءِ-
اديون! ياد ڪلمون، ننڊ ۾ اباڻا.

 

هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بناءِ-
اديون! ياد ڪمون، ننڊ ۾ اباڻا.

 

[168]

وراڻي: الائي ڪڏهن هت ايندا اباڻا، ايندا اباڻا سوڍا سياڻا!
        خدا شل ڪري خير منهنجن مارن ڏي!

 

آءٌ ته اباڻن لاءِ ڪانگڙا اڏايان-

خدا شل ڪري خير، منهنجن مارن ڏي!

 

نهاريو ڏسن تي فالڙيون ٿي پايان-

خدا شل ڪري خير، منهنجن سانگين ڏي!

 

مٺا ڀائر ڀينرون ڳري سان لڳايان-

خدا شل ڪري خير، منهنجي ويڙهيچن ڏي!

 

[169][32]

وراڻي: جيئري ڪن نه جدائي، جيتر جيئرا هوندا، اچڻ منهنجي ايندا،
سڪون منهنجون لاهيندا، جيتر جيئرا هوندا، اڱڻ منهنجي ايندا.

 

خاصي دهري ته گهڙائي مان لاڙئون آڻايان-

جيئري ڪن ته جدائي، جيتر جيئرا هوندا.

 

چڱو ويندوٽو ته گهڙائي مان لاڙئون آڻايان-

جيئري ڪن نه جدائي، جيتر جيئرا هوندا.

 

سهڻيون سڳيون ته ٺهرائي مان لاڙئون آڻايان-

جيئري ڪن نه جدائي، جيتر جيئرا هوندا.

 

[170]

وراڻي: منهنجا وسن اباڻا شال! منهنجا وڌن اباڻا!
پر منهنجو حرف پيڪن ڏي، منهنجي ميار مارن ڏي.

 

خاصي بينسر ته گهڙائي ڏي-
          منهنجا وسن اباڻا.

 

خاصي دهري گهڙائي ڏي-
          منهنجا وسن اباڻا.

 

خاصي ٻانهين ته گهڙائي ڏي-
        منهنجا وسن اباڻا.

 

[171] [33]

وراڻي: ٿورو مڃانءِ ويٺي ٿر تي،
ٿورو به نه لاهه، اباڻا ملاءِ.

 

سون جي تولاءِ مان دهري ته گهڙايان، لڳس پورو لک ڙي،

 

ورائي وڃي رک ڀائو ڀورل!
ٿورو مڃيانءِ ويٺي ٿر تي،
ٿورو به نه لاهه، اباڻا ملاءِ.

 

سون جي تولاءِ مان بينسر ته گهڙايا، لڳس پورو لک ڙي،

 

ورائي وڃي رک ڀائو ڀورل!
ٿورو مڃيانءِ ويٺي ٿر تي،
ٿورو به نه لاهه، اباڻا ملاءِ.

 

سون جي تولاءِ مان ڪٺمال گهڙايا، لڳس پورو لک ڙي،

 

ورائي وڃي رک ڀائو ڀورل!
ٿورو مڃيانءِ ويٺي ٿر تي،
ٿورو به نه لاهه، اباڻا ملاءِ.

 

[172]

وراڻي: گاڏي کنيو ٿي اچي منهنجا اباڻا،
منهنجا اباڻا مان پري کان سڃاڻا.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
گاڏي کنيو ٿي اچي منهنجا اباڻا.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناءِ-
گاڏي کنيو ٿي اچي منهنجا اباڻا.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي جوڙ بناءِ-
گاڏي کنيو ٿي اچي منهنجا اباڻا.

 

[173] [34]

وراڻي: شل اباڻا ڏسان مان اکين سان!
ويهان گڏ پنهنجي ويڙهيچن سان!

 

خاصي دهري ادل جي آهي سونهري سوڀاري،
     سونهين گڏ ٿي ادي! چندن سان…

 

زيور سهڻا سڀ ٺهيا جوڙيل جانب لاءِ،
     ٺهن ٿا سڀ ادل جي حسن سان…

 

ڳاڙهي ميندي کڄي آئي سا ساهرن مان،
    آسون اميدون ٿيون پوريون مِٽن سان…

 

[174]

وراڻي:  منهنجا وسن اباڻا، ڳولي شال لهندا!
منهنجا جيئن اباڻا، ڦيرو شال ڪندا!

 

ڪنگڻ ته گهڙائي مارو مونکي ڏيندا،
هسي ته گهڙائي پيڪا آڻي ڏيندا،
منهنجا وسن اباڻا، ڳولي شال لهندا.

 

پکڙو پيڪن جو اوري اوري اڏجو،
ويڙهو ته پنهنجن جو ويجهو ويجهو اڏجو،
منهنجا وسن اباڻا، ٻولي شال لهندا.

 

[175]

وراڻي: منهنجا وسن اباڻا، شال مون ڏي ايندا!
شال مون ڏي ايندا، منهنجي ويڙهي ويهندا!

 

سوني بينسر ته گهڙائي مارو مونکي ڏيندا،
                منهنجا وسن اباڻا.

 

سوني دهري ته گهڙائي مارو مونکي ڏيندا،
                منهنجا وسن اباڻا.

 

سوني ٻانهين ته گهڙائي مارو مونکي ڏيندا،
                منهنجا وسن اباڻا.

 

[176][35]

وراڻي: مهريءَ چڙهي آءٌ وري، محافي چڙهي لاهه دري،
        اديون! منهنجا ويجها خان اباڻا.

 

پيڪن آهي دلڙي پلي، پر منهنجي ڪانه سري،
        اديون! منهنجا جيئن مائٽ اباڻا.

ڀائرن آهي دلڙي پلي، پر منهنجي ڪانه سري،
          اديون! منهنجا جيئن مائٽ اباڻا.

 

سرتين آهي دلڙي پلي، پر منهنجي ڪانه سري،
         اديون! منهنجا جيئن مائٽ اباڻا.

 

[177][36]

وراڻي: سونجهي مان ڪنهن کي ٻڌايان، وري وري مان ڪنهن کي ٻڌايان؟
ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، مارن بنا اکيون آلڙيون،
ڪين سونهن ڪنن جون والڙيون، مارن بنا اٿم سورانگڙيون.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

ڪين سونهن ڪنن جون والڙيون…

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
        ڪين سونهن ڪنن جون والڙيون…

 

سيج ادل جي ساهرين سونهندي، لانئن جوڙ بنايو-
        ڪين سونهن ڪنن جون والڙيون…

 

[178]

وراڻي: ساهه ڇڏي ڏي تانگهه، ويٺي دم گذاريان،
ويٺي دم گذاريان، پيڪا ڪيئن وساريان!

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ساهه ڇڏي ڏي تانگهه، ويٺي دم گذاريان.

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ساهه ڇڏي ڏي تانگهه، ويٺي دم گذاريان.

 

ڪنگڻ ادل جا مان لاڙئون آڻايان-
ساهه ڇڏي ڏي تانگهه، ويٺي دم گذاريان.

 

[179] [37]

وراڻي: هڪ ويس ٻيو پرديس، مان ڪلهڙي گذاريا،
مان ڪلهڙي گذاريان، پيڪا روز ساريان.

 

امڙ مون ڏانهن عيد مُڪي، ڏاڍن ڏکن جا ٿالهه ڀري-
     هڪ ويس ٻيو پرديس، مان ڪلهڙي گذريان.

 

امڙ مون ڏانهن وڳو مڪو، روئي رت ۾ لعل ڪري-
     هڪ ويس ٻيو پرديس، مان ڪلهڙي گذاريان.

 

ڀائن مون ڏانهن سلام مڪا، بيوس سان ڀال ڪري-
    هڪ ويس ٻيو پرديس، مان ڪهڙي گذاريان-

 

[180]

وراڻي: سچ اُڀر سوير سگهو، مان وينديس اباڻن،
          وينديس اباڻن مٺڙن ماروئڙن.

سوني بينسر گهڙائي، مور مان ڏي ايندو-
سج اڀر سوير سگهو، مان وينديس اباڻن.

 

سونا ڪنگڻ گهڙائي مور مان ڏي ايندو-
سج اڀر سوير سگهو، مان وينديس اباڻن.

 

سونيون ڪڙيون گهڙائي مور مان ڏي ايندو-
سج اڀر سوير سگهو، مان وينديس اباڻن.

 

[181][38]

وراڻي: صدقو وڃان، آيل ڙي! مارو منهنجا مِٽَ،
مارو منهنجا مٽ، جن جي اٿم سڪ.

 

هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن-
صدقو وڃان آيل ڀيڻ! مارو منهنجا مٽ.

 

اباڻن جي آسري، ڪَتي ڪانه ڪيم-
صدقو وڃان آيل ڀيڻ! مارو منهنجا مٽ.

 

جهليان تان جهيڙو ٿئي، رُسان تان نه رهن-
صدقو وڃان آيل ڀيڻ! مارو منهنجا مٽ.

 

بيٺڙي آهيان واٽ تي، جهليو وڻ ٽاري-
صدقو وڃان آيل ڀيڻ! مارو منهنجا مٽ.

 

وڻ وڍي واٽون ڪريان، سيوهڻ هلنداسون-
صدقو وڃان آيل ڀيڻ! مارو منهنجا مٽ.

 

[182]

وراڻي: سار لهو ڪا سنڀال، نياڻيءَ نماڻيءَ جي،
نياڻيءَ نماڻيءَ جي، اياڻيءَ سياڻيءَ جي.

 

رهو خوش سدائين، منهنجا ڀائر چاچا!
رهو خوش سدائين، ڏاڏا ۽ ماما!
               سار لهو ڪا سنڀال.

 

آهيان اوهان جي، ناهيان ٻين جي،
چلهه تي سي دل تي، ائين ڪين جڳائي-
               سار لهو ڪا سنڀال.

 

واجهائي وطن کي، ويا ڏينهن گذري،
آهيان ڌارين ۾، وڃان هت نه مري-
               سار لهو ڪا سنڀال.

 

[183][39]

وراڻي: نياڻيون پرديسڻ، نياڻيون پرڏيهڻ،
سي اباڻا اباڻا، نماڻيون ٿيون ڪن.

 

بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان، سوني جهالر ساڻس جڙايان-
        نياڻيون پرديسڻ، نياڻيون پرڏيهڻ،

سي اباڻا اباڻا، نماڻيون ٿيون ڪن.

 

دهري لاڏل جي لاڙئون آڻايان، سچا موتي مٿس جڙايان-
         نياڻيون پرديسڻ، نياڻيون پرڏيهڻ،

سي اباڻا اباڻا، نماڻيون ٿيون ڪن.

 

جهومر لاڏل جي لاڙئون آڻايان، سوني واڳي مٿس بيهاريان-
         نياڻيون پرديسڻ، نياڻيون پرڏيهڻ،

سي اباڻا اباڻا، نماڻيون ٿيون ڪن.

 

[184]

وراڻي: ابو امڙ ايندا، ڇورو نه ڇڏيندا،
اهي مارو ملاءِ، لهي سڪ اندر جي،
لهي سڪ اندر جي، وڃي مونجهه من جي،
امڙ! پاڻي پيار، لهي اڃ اکين جي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
مونکي مارو ملاءِ، لهي سڪ اندر جي…

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
مونکي مارو ملاءِ، لهي سڪ اندر جي…

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بناءِ-
مونکي مارو ملاءِ، لهي سڪ اندر جي…

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بناءِ-
مونکي مارو ملاءِ، لهي سڪ اندر جي…

 

[185][40]

وراڻي: من ۾ آهيان ماندي، ساهه ٿيو اداسي،
         پيڪن ملڻ جو اٿم دلاسو.

 

سوني بينسر گهڙائي، لڌم خواب خاصو،
            پيڪن ملڻ جو اٿم دلاسو.

من ۾ آهيان ماندي، ساهه ٿيو اداسي.

 

سوني دهري گهڙائي، لڌم خواب خاصو،
            پيڪن ملڻ جو اٿم دلاسو.

من ۾ آهيان ماندي، ساهه ٿيو اداسي.

 

سونو ڪنگڻ گهڙائي، لڌم خواب خاصو،
            پيڪن ملڻ جو اٿم دلاسو.

من ۾ آهيان ماندي، ساهه ٿيو اداسي.

 

[186]

وراڻي: من منجهايل کي مارو! دلاسو ڏيو،
مارو! دلاسو ڏيو، پنهنجو قرب ڪريو.

 

خاصي بينسر گهرائي هن اڱڻ آيا،
دل دکايل کي اباڻا! دلاسو ڏيو-
من منجهايل کي مارو! دلاسو ڏيو.

 

خاصي دهري گهڙائي هن اڱڻ آيا،
دليئون دلاسو الله مونکي ڏيندو-

 

من منجهايل کي مارو! دلاسو ڏيو.
خاصي بولو گهڙائي هن اڱڻ آيا،
دل دکايل کي اباڻا! دلاسو ڏيو-
من منجهايل کي مارو! دلاسو ڏيو.

 

[187][41]

وراڻي: جي مليا مارو لٿو ڀولو، جي مليا سانگي لٿو رولو،
وٺا مينهن، لڳيان موڪان، مارن ملڻ لئي منهنجي دل ماندي

 

بينسر جوڙائي ڏي تون جڙيا بنرا!

مليا مارو لٿو ڀولو.

 

جهالر جوڙائي ڏي تون جڙيا بنرا!

مليا مارو لٿو ڀولو.

 

دهري جوڙائي ڏي تون بنيا بنرا!

مليا مارو لٿو ڀولو.

 

ٻانهين جوڙائي ڏي تون جڙيا بنرا!

مليا مارو لٿو ڀولو.

[188][42]

وراڻي: سهڻل! قرب ڪجان، خط کنيو وڃجانءِ؟
خط کنيو وڃجانءِ، منهنجي مارن کي ڏجانءِ؟
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
                     سهڻل! قرب ڪجانءِ.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
                     سهڻل! قرب ڪجانءِ.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي جوڙ بنايو-
                   سهڻل قرب ڪجانءِ.

 

هيٺ ادل هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
                   سهڻل قرب ڪجانءِ.

 

[189]

وراڻي: ٻڌ وڇڙيل جي ٻولي، ٻولي مارن جي،
مِٺوُ! پڃڙي اندر، ڪهڙا ٻول ٻولين؟

 

چاڪ چڪن ٿا، مٺن مارن لاءِ،
اڄ به آهيان آءٌ تن جي گولي-
مٺو! پڃري اندر، ڪهڙا ٻول ٻولين…

 

پل نه وسرن وطن جا واڙا،
مون لئي مانجهي ڏين وڙولي-
مِٺُو! پڃري اندر، ڪهڙا ٻول ٻولين…

 

منڙي ته منهنجي اڄ مارو ساريا،
ڀني هنجُن سان، چندن جي چولي-
مٺو! پڃڙي اندر، ڪهڙا ٻول ٻولين…

 

[190] [43]

وراڻي: مِٺوُ! ڏي خبرچار مٺڙن مارن جي،
مٺڙن مارن جي، سکين سانگين جي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
مُٺو! ڏي خبر چار مٺڙن مارن جي.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
مِٺُڙا! ڏي خبرچار مٺڙن مارن جي.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
مِٺُو! ڏي خبر چار مٺڙن مارن جي.

 

[191]

وراڻي: چَتون! ڏي خبرچار، پيڪا ڪڏهن ٿيم ڌار؟
                     نيڻ روئن زارو زار،

مٺو! ڏي خبر چار، ڀائر ڪڏهن ٿيم ڌار؟
                   نيڻ روئن زارو زار.

 

اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، پائي ڪجل جي ڌار-
    مٺو! ڏي خبر چار، پيڪا ڪڏهن ٿيم ڌار؟

 

هٿ ته ادل جي سونا ڳانا، لائي سرخيءَ لغار-
    مٺو! ڏي خبر چار، پيڪا ڪڏهن ٿيم ڌار؟

 

هيٺ ته ادل جي هرڻا مهري، ٿي گاشي تي ڪنار-
    مٺو! ڏي خبر چار، پيڪا ڪڏهن ٿيم ڌار؟

 

[192] [44]

وراڻي: مِٺُو! ڏي خبر چار، مارو ڪڏهن ايندا؟
وڇڙيل وطن جي، وَٺي ڪڏهن ويندا؟

 

سدا ساهه منهنجو سانگين کي ٿو ساري،
اٿم اميد اها، وٺي نيٺ ويندا-
مِٺُو! ڏي خبرچار، مارو ڪڏهن ايندا؟

 

مٺو! وڃ تن کي، وٺي اچ اُڏاري،
الله ڪندو شال! اباڻا سي ايندا-
مِٺُو! ڏي خبرچار، مارو ڪڏهن ايندا؟

 

[193]

وراڻي: مِٺُو! ڪر خبرچار، ڪيئن ملڪ آهي؟
ڏاڍو زمانو زهير، ڪنهن سان حال اوريان؟

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مٺو! ڪر خبرچار، ڪيئن ملڪ آهي؟

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مٺو! ڪر خبرچار، ڪيئن ملڪ آهي؟

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مٺو! ڪر خبرچار، ڪيئن ملڪ آهي؟

 

[194][45]

وراڻي: مِٺُوئڙا! ڏس ڏجو، ڪاٿي آ گهر منهنجي اباڻن جو؟
اهي اباڻا خوس وسن ٿا، ڏور رهن ٿا،
نيڻ نماڻا روز رڙن ٿا، راهه تڪن ٿا.

 

اکيون ادل جون ٻين مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
طوطلڙا! ڏس ڏجو، ڪاٿي آ گهر منهنجي اباڻن جو؟

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
مِٺُوئڙا! ڏس ڏجو، ڪاٿي آ گهر منهنجي اباڻن جو.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
چتونئڙا! ڏس ڏجو، ڪاٿي آ گهر منهنجي اباڻن جو.

 

[195]

وراڻي: منهنجا اڏامڪ باز! مارو ڪڏهن ملندا؟
مارو ڪڏهن ملندا، منهنجي اڱڻ ايندا،
منهنجي اڱڻ ايندا، منهنجي ويجهي ويهندا.

 

سوني هَسي ته گهڙائي، ملهه اباڻا ڏيندا-
منهنجا اُڏامڪ باز! مارو ڪڏهن ملندا؟
[196][46]

وراڻي: سهڻي پوءِ باغن ۾ ناز بوءِ به آهي،
     پکي روز اُڏاريان، کڻي آءٌ خطڙو گلابي.
سِڪي ماسي ڳالهائي، توڙِ ڀڻ پيئي ٻُڌي،
پنهنجي امڙ هجي، جنهن جو جيئڙو جلي-
پکي روز اُڏاريان، کڻي آءُ خطڙو گلابي...
ڀلي ڀائر ڳالهائين، سڳا سوٽ پيا سڻن،
پنهنجو پيئڙو هجي، جنهن جو جيئڙو جلي-
پکي روز اُڏاريان، کڻي آءٌ خطڙو گلابي...
سُرهيون سرتيون هجن، جيڏيون جوڙ بيهن،
دل گهري دادي هجي، جنهن جو جيئڙو جلي-
پکي روز ا(اريان، کڻي آءٌ خطڙو گلابي...

 

[197]

وراڻي: وڃ ڪانگ! اُڏامي خطڙو کڻي، وڄ طوطا! اڏامي خطڙو کڻي،
خط ڀائر جو مون کي آهه نشاني، خط مارن جو مونکي آهه نشاني.

بسير جوڙايم سهڻي، وڃ ڪانگ! اُڏامي خطڙو کڻي-
خط ڀائرن جو مون کي آهي نشاني، خط مارن جو مون کي آهه نشاني.

 

دهري جوڙايم سهڻي، وڃ ڪانگ! اُڏامي خطڙوکڻي-

خط لالڻ جو مونکي آهه نشاني، خط مارن جو مون کي آهه نشاني.

 

وينڊو جوڙايم سهڻو، وڃ ڪانگ اُڏامي خطڙو کڻي-

خط  ڀائرن جو مونکي آهي نساني، خط مارن جو مونکي آهه نشاني.

 

[198][47]

وراڻي:   چتون! وڃ اُڏامي، کڻي آءُ خط گلابي،
         جنم توسان ڏينديس، جيتر هونديس جيئري.
        چڱي بينسر راڻل جي مان لاڙئون گهرائي-
        چتون! وڃ اُڏامي، کڻي آءُ خط گلابي.
        چڱي دهري ادل جي مان لاڙئون آڻائي-
        چتون! وڃ اُڏامي، کڻي آءُ خط گلابي.
        چڱي ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻائي-
        چتون! وڃ اُڏامي، کڻي آءُ خط گلابي.

 

[199]
وراڻي:   جر جا پکيئڙا وطن ورايان، آهن اباڻا، جيئن اباڻا!
       ايندم هيڏانهون چئي ڇا ٻڌايان، آهن اباڻا، جيئن اباڻا؟

بينسر لاڏل جي لاڙئون آڻايان-

جر جا پکيئڙا وطن ورايان، آهن اباڻا، جيئن اباڻا!

 

دهري لاڏل جي لاڙئون آڻايان-

جر جا پکيئڙا وطن ورايان، آهن اباڻا، جيئن اباڻا!

 

ٻانهين لاڏل جي لاڙئون آڻايان-

جر جا پکيئڙا وطن ورايان، آهن اباڻا، جيئن اباڻا!

 

[200]

وراڻي:   جر جا پکيئڙا! ٻولي ٻي نه ڄاڻان،
         وريو ڏيهه ڏاڏاڻو، وريو مينهن اباڻو، آءٌ ٿي سڃاڻان.

 

بينسر تان لاڏل جي لاڙئون گهڙايان،

مانگهه ادل جي ’آمراڻي‘ مان ٺهرايا- جر جا پکيڙا!

الولڪ ڀورل جا لاڙئون گهڙايان

لکون تان تنهنجون ’مٺي‘ مان ٺهرايان- جر جا پکيئڙا!

وينڊو تان ننڍڙي جو لاڙئون کهڙيايان،

مڻيا ۽ موتي اتر مان گهريان- جر جا پکيئڙا!

دهري تان پنهل جي ’هالن‘ مان گهڙيان،

لعلون تنهن جون لاڙئون ٺهريان- جر جا پکيڙا!

 

[201]

وراڻي:   وڏي ولر مان ڪونجڙي، ڪو وطن ورائي!
         وطن ورائي، ڪي پيڪا پڇائي.

 

ادل مان ڏي موڪلي ڪا بينسر گهرائي،
پائي وڃان ٿي ديس ڏي ڪي ڀائر ملهائي-
وڏي ولر مان ڪونجهڙي، ڪو وطن ورائي!

 

سهڻل مان ڏي موڪلي ڪا مالها گهڙائي،
پائي وڃان ديس ڏي ڪي مائِٽ ملهائي-
وڏي ولر مان ڪونجڙي، ڪو وطن ورائي!

 

لاڏل مان ڏي موڪلي ڪا هَسي گهڙائي،
پائي وڃان ٿي ديس ڏي ڪي ساهرا ملهائي-
وڏي ولر مان ڪونجڙي ڪو وطن ورائي!

 

[202]

وراڻي:   هتڙئون ڪونجون ويون، ويون ڙي الا،
         ڪونجن وڃي تانگهي تنواريون

پيڪن جي آهيان البيلي، ڙي الا-

ڪونجهن وڃي تانگهي تنواريو.

ڀائن جي آهيان شهزادي، ڙي الا-

ڪونجن وڃي تانگهي تنواريون.

سرتين جي آهيان لاڏلي، ڙي الا-

ڪونجن وڃي تانگهي تنواريو..

 

[203][48]

وراڻي:   هڪ ڪونج، ٻيو پرديس،هيڪل ڪيئن گذاريان؟         هيڪل ڪيئن گذاريان، ڀائن کي ٿي ساريان.

 

جڏهن پيڪا ايندا، مونکي وٺي ويندا.

مونکي وٺي ويندا، لهي ڏک ويندا-

هڪ ڪونج، ٻيو پرديس، هيڪل ڪيئن گذاريان؟

 

منهنجي هيڻي دل کي، ڀينر! ڏيوڪو دلاسو،

اديون! ڏيو دلاسو، ٿئي ڪم خاصو-

هڪ ڪونج، ٻيو پرديس، هيڪل ڪيئن گذاريان؟

 

منهنجي دردي دل کي، جيڏيون! ڏيو ڪو دلاسو،

ڀينر! ڏيو دلاسو، ٿئي ڪم خاصو-

هڪ ڪونج، ٻيو پرديس، هيڪل ڪيئن گذاريان؟

 

[204]

وراڻي:   ڏي ونهيل موڪل، آءٌ اباڻي وڃان،

اباڻي وڃان، پنهنجا مارو وڃي ڏسان.

چڱي بينسر جوڙائي ڏي، آءٌ اباڻي وڃان-

ڏي لاڏل! موڪل، آءٌ اباڻي وڃان.

 

چڱي دهري جوڙائي ڏي، آءٌ اباڻي وڃان-

ڏي لاڏل! موڪل، آءٌ آباڻي وڃان.

 

چڱي ٻانهين جوڙائي ڏي، آءٌ اباڻي وڃان-

ڏي لاڏل! موڪل، آءٌ آباڻي وڃان.

 

چڱي جهالر جوڙائي ڏي، آءٌ اباڻي وڃان-

ڏي گهوٽل! موڪل، آءٌ آباڻي وڃان.

 

[205][49]

وراڻي:   ڪوٽن مان جڙيو جواب، ماڙين مان جڙيو جواب،

موٽي مائٽ وري ويا، الا، موٽي ڀائر وري ويا.

بينسر گهڙائج نهري، ڪوٽن مان، ماڙين مان الا-

مارل کي جڙيو جواب، موٽي مائٽ وري ويا.

جهالر گهڙائج نهري، ڪوٽن مان الا، ماڙين مالا الا-

مارئيءَ کي جڙيو جواب، موٽي مائٽ وري ويا.

دهري گهرائج نهري، ڪوٽن مان الا، ماڙين مان الا-

مارل کي جڙيو جواب، موٽي مائٽ وري ويا.

 

[204]

وراڻي:   پڪيون جام پوکان، لهي ويا لابارا، آيون مندان موٽي، موٽيا نه ٿم اباڻا،

درد سندا دونهان دلائيندي وتان، ونهيل اباڻا ڳوليندي وتان

آيون مندان موٽي، موٽيا نه ٿم اباڻا.

ڳاهجي ڳالهه ويا ۽ کڄي ويا آهن ديرا، عمر اباڻا ڳوليندي وتان-

آيون مندان موٽي، آيا نه ٿم اباڻا...

آيا نوان پاڻي ٿيا ريج ساوا، هڪ پوک پچي وئي، ٻي جي ٿي تياري-

آيون مندان موٽي، آيا نه ٿم اباڻا...


[89] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [90] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[91] ۽ [92] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو.

[93] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [94] وچولي (تعلقي بدين) مان مليو. [95] لاڙ (ٽنڊي باگي) ۽ وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[96] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [97] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[98] ۽ [99] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليا. [100] لاڙ تعلقي بدين) مان مليو.

[101] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [102] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو.

[103] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [104] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو.

[105] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [106] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو.

[107] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [108] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[109] ۽ [110] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليا.

[111] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [113] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[114] ۽ [115] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليا.

[116] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [117] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[121] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[122] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [123] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[124] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو. [125] اُتر تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[126] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [127] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[128] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [129] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[130] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [131] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[132] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو.

[133] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [134] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[135] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو. [136] اتر (تعلقي وارهه) مان مليو.

[137] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [138] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[139] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [140] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو.

[141] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[142] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [143] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[144] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [145] اتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [146] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو.

[147] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [148] اتر (تعلقي شڪارپور) مان مليو.

[148] اتر (تعلقي شڪارپور) مان مليو. [149] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو.

[150] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [151] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[152] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو.  [153] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو.

[154] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[155] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [156] ۽ [157] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليا.

[158] وچولي (تعلقي ڪندياري) مان مليو.

[159] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [160] ۽ [161] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليا.

[162] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [163] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو.

[164] اُتر (تعلقي روهڙي مان مليو. [165] وڇولي (تعلقي ڪنڊياري) مليو.

[166] ۽ [167] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿلي) مان مليا. [168] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[169] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [170] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[171] ۽ [172] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[173] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [174] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [175] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[167] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو.

[177] اتر (تعلقي روهري) مان مليو.

[178] ۽ [179] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليا. [180] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[181] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [182] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[183] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [184] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[185] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [186] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[187 وچولي (تعلقي حيدرآباد مان مليو.

[188] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [189] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو.

[190] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [191] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[192] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [193] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[194] ۽ [195] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليا.

[198] اتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [199] اُتر (تعلقي اٻاوڙو) مان مليو.

[198] اتر (تعلقي وارهه) مان مليا. [199] اتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان مليا. [200] ٿرپارڪر (تعلقي مٺي) مان مليا.

[210] اتر (تعلقي روهڙي) مان مليا. [202] اتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان مليا.

[205] خدخمث (تعلقي حيدرآباد) مان مليخ. [506] اتر (تعلقي لاڙڪاڻي) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org