ڳيچ
متن: جلد ٻيو
باب ستون
شاديءَ جا عام ڳيچ
هن باب ۾ (1) ڳهن، (2) ڪپڙن، (3) سواري، (4) باغن ۽ پوکن، (5)
پکين سان مشابهت وارين وصفن، (6) دل لڳڻ ۽ (7) ٻيا
عام ڳيچ اچي وڃن ٿا. اهي ڳيچ شاديءَ جي اُميد کان
وٺي شاديءَ جي رسم ختم ٿيڻ تائين ڪنهن به وقت ڳائي
سگهجن ٿا.
شاديءَ وقت گهوٽ توڙي ڪنوار جا مائٽ اڪثر ائين چاهيندا آهن ته
شادي تمام ڌام ڌوم سان ٿئي، ڇو ته انهن جي لاءِ
پنهنجي اولاد جي شآديءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوشي
ڪانه هوندي آهي؛ تنهنڪري شآديءَ ۾ هرهڪ شيء اهڙي
مهيا ڪندا اهن جيئن عزيز اقارب، توڙي ڄاڃي ماڃي
ڏسي تعريف ڪن. تنهنڪري شاديءَ ۾ ڪم ايندڙ هرهڪ
شيء، جهڙوڪ ڳَهه، ڪپڙا وغيره اُچار ۽ سٺا ٺهرايا
ويندا آهن ۽ انهن شين جي تعريف ۾ زالون ڳيچ
چونديون آهن.
ڳَهن کان سواءِ شادي ڪهڙي! شاديءَ جي سنبت کان اڳ ڪنوار لاءِ
ڳهه ڳٺا گهڙايا ويندا آهن. ڳهه گهڻو ڪري گهوٽيتا
ڏيندا آهن. ڪنواريتا پڻ ڪنوار کي ڏاج ۾ ٿورو گهڻو
ڇِل پَٽ ڏيندا آهن. جن ۾ نٿ کان سواءِ ٻين ڳهن مان
حيثيت سارو ڏيندا آهن. ڪنواريتا عموماً منڊيون،
چوڙا، واليون وغيره ڏيندا آهن. گهوٽيتن طرفان به
حيثيت سارو ڳهه ٺهرايا ويندا آهن، جن ۾ نٿ،
ٻانهين، دهري، منڊيون، پنڙا، پازيب وغيره ضروري
آهن. شاهوڪار ماڻهو ته سڄي سوني ساهه ٺهرائيندا
آهن. ڳهه جيڪڏهن ميناڪاري هجن ته اُهي وڌيڪ سهڻا
ٿيندا.
ڳهن جي ساراهه ۾ زالون ڳيچ چونديون آهن جي هن قسم جا هوندا آهن.
بينسر گهورائي ڏي مير عمر، ميان خان عمر!
ـــــــــ
قنبر بازار جا ٽوڙها مورچارا،
ڇمڪي جي زور تي، مان پيتو هو شراب.
ـــــــــ
چيچ ادل جي وَر وَر ڇلڙو،
گلابي گل سهڻو، مولي شال ملايو.
ـــــــــ
ڇَم ڇمان جو ڇَلو،م مينا جي منڊي ڏيندو نه ڏيندو؟
ـــــــــ
ڳهن کان پوءِ ڪپڙا ضروري آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار جي لاءِ وڳن
جي تياريءَ ۾ پڻ تمام خبرداريءَ کان ڪم ورتو ويندو
اهي. مشهور، خاص ۽ سهڻا ۽ خاص ڪري ريشم جا ڪپڙا
خريد ڪري وڳا تيار ڪيا ويندا آهن. انهن ڪپڙن جي
ساراهه ۾ زالون ڳيچ چونديون آهن، جي هن قسم جا
آهن:
ـــــــــ
ميڏي چولڙي دا گل نهين لڀدا،
گل نهين لڀدا، سانول ويڙهي وسندا.
ـــــــــ
پئسو خرچ ڪري او راڻا! رومال مان کي ڏي،
رومال کي ڏي، ادل دل کي داغ نه ڏي.
ـــــــــ
رومال گهرايم ڪراچي شهر مان،
تنهنجي دل لڳڻ جي واسطي،
اڙي راڻا! رومال تنهنجي هٿ جو.
ـــــــــ
ڳهن ۽ ڪپڙن کان سواءِ گهوٽ جي سواريءَ واري وهٽ کي پڻ
ڳيچن ۾ ساراهيو ويو آهي. ڄڃ چڙهڻ وقت يا سرگس وقت
گهوٽ جي لاءِ عموماً ڀلو گهوڙو آڻايو ويندو آهي.
ڪن هنڌن خصوصاً ٿرپارڪر ۾ گهوٽ کي اُٺ تي
ويهاريندا آهن. انهيءَ موقعي تي ڪوشش ڪري ڀلو وهٽ
آڻيندا آهن، ان لاءِ زالون جي ڳيچ چونديون آهن، سي
هن قسم جا آهن:
مهريءَ چاڙهي هلي اُٺ جهڪاءِ،
اديون! مان وڃان لال لطيف تي.
اڄوڪي وقت ۾ ڄڃ لاءِ اُٺن ۽ گهوڙن جي بدران موٽرن،
لارين ۽ ريل گاڏيءَ جي سواريءَ جو رواج آهي،
تنهنڪري زالون انهن سوارين وارا به ڳيچ چونديون
آهن، جيئن ته:
تار واري يار! خبر خوب سڻائي،
ته گاڏي ڪُوڪندي آئي.
ـــــــــ
سهڻو گل ڪراچيءَ ۾، لاري گلن واري،
لاري گلن واري، ڀيڻ ڀائرن واري.
ـــــــــ
شاديءَ جي انهيءَ سموري عرصي ۾ زالون جيڪي ڳيچ چونديون
آهن، تن ۾ گهڻا گهوٽ جي ساراهه جا هوندا آهن. گهوٽ
جي سلڇڻائي، علميت ۽ شاهوڪاري جو ذڪر پڻ زالون
ڪنديون آهن. اهڙن ڳيچن ۾ گهوٽ جي باغ ۽ بنگلن
وغيره جي بيحد تعريف ڪئي ويندي آهي، جيئن ته:
باغن هيٺان آهن ماڙيون، ماڙيون آهن چوڪنڊاريون،
سون رُپي جون اٿن چاڙهيون.
ـــــــــ
باغ ادل تنهنجو باري آهي، ملڪ سڄي ۾ ٿي بهاري آهه.
ـــــــــ
پير! تنهنجا پن، سڀ مڙهايم سون سان.
ـــــــــ
پر مٿين ڳيچن کان سواءِ ڪي ڳيچ اهڙا به شاديءَ ۾ زالون
چونديون آهن جن ۾ ائين ظاهر آهي ته گهوٽ جي ٻني
آهي ۽ ڪنوار پنهنجي گهوٽ جي ٻنيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه
همراهي لاءِ وڃي ٿي، جيئن اڪثر ٻهراڙيءَ ۾ رواج
آهي. جيئن ته:
شل جيئري هجان! مان رونبي تي وڃان.
ـــــــــ
سِيٽي مار اُڏاران جهار، ميڏي سرخي لهندي.
ـــــــــ
زالون اڪثر شاديءَ جي ڳيچن ۾ گهوٽ جي خوبصورتي ۽ سهڻائي
جي بيحد تعريف ڪنديون آهن. انهيءَ خوبصورت کي پکين
جي وصفن سان مشابهت ڏينديون آهن. پکين ۾ جيئن ته
مور، مِٺو ۽ ڪُونج وغيره سهڻا پکي ليکيا ويندا
آهن، تنهنڪري زالون به انهن جي تعريف ۾ ڳيچ
چونديون آهن، جيئن ته:
ادل مڏا مور هي، پَکا مين جهَليسان.
ـــــــــ
طوطل جي دل ماڙيءَ تي، اُڏر وڃ طوطل ماڙيءَ تي.
ـــــــــ
چَتُونئڙا! رمزان لائڻ ڏي، دل اڙائڻ ڏي.
ـــــــــ
ڪن حالتن مطابق شادي تائين گهوٽ ڪنوار جي پاڻ ۾ ڪنهن
قسم جي به واقفيت نه هوندي آهي، ڇو ته مٽي مائٽي
گهوٽ ڪنوار جا مائٽ پنهنجي ڏٺي ۽ پسنديءَ تي ڪندا
آهن. مگر شاديءَ واري عرصي ۾ زالون تفريح طور اهي
به ڳيچ چونديون آهن جن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي پاڻ ۾ دل
لڳڻ جو اظهار ڪيو ويندو آهي. جيئن ته:
منهنجي دل لڳي آهي چُوڙي واريءَ سان.
منهنج عشق لڳو آهي چولي واريءَ سان.
ـــــــــ
او! هيئڙو لڳو منهنجا راڻا!
توسان دلڙي لڳي منهنجا راڻا!
مٿين ڳيچن کان سواءِ ٻيا عام ڳيچ به آهن، جن ۾ انتظار،
فراق ۽ محبت وغيره جو بيان هوندو آهي. جيئن ته:
منهنجا جڙيا لاڏا! ٻه ٽي ڏينهن ٿيا،
ٻَه ٽي ڏينهن ٿيا، ڏٺي ڏينهن ٿيا.
ـــــــــ
راڻل بني سان مان هلي نٿي ڄاڻان،
هلي نٿي ڄاڻان، ڪنهن سان ڪنديس ماڻا.
ـــــــــ
هن باب ۾ انهن سڀني عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
ڳهن جا ڳيچ
[1]
وراڻي: بينسر گهڙائي ڏي مير عمر، ميان خان عمر!
مونکي جهالر ته گهڙائي ڏي ميان خان عمر!
سر لاڏل جي سهرا سونهندا، موتين جوڙ بناءِ-
بينسر گهڙائي ڏي مير عمر...
سيج ادل جي ساهري سونهندي، گلن جوڙ بناءِ-
بينسر گهڙائي ڏي مير عمر...
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بناءِ-
بينسر گهڙائي ڏي مير عمر...
[2]
وراڻي: قمبر بازار جا ٽورها موچارا،
ڇمڪي جي زور تي مان پيتو هو شراب،
آءُ پاڻ هلنديس نُول بازار،
سون سندو پنڙو تون ڏيار-
ڇمڪي جي زور تي مان پيتو هو شراب،
آءُ پاڻ هلنديس نُول بازار،
سون سندو پنڙو تون ڏيار-
ڇمڪي جي زور تي مان پيتو هو شراب،
[3][3]
وراڻي: ايرنگ ادب جا، ڀلي پايو ڀينر!
قدر ڳارا پنڙا، ڏاڍا سهڻا آهن،
ڏاڍا سڻا آهن، نورا نوڙت وارا.
پريت جا پنڙا ڀلي پايو ڀينر!
محمد واريون مُنڊيون ڏايون سهڻيون آهن،
ڏاڍا سهڻا آهن، ڪڙا قرب وارا.
ويڙهه وصال جو، ڀلي پايو ڀينر!
کير وليون خير واريون ڏاڍيون سهڻيون آهن،
ڏاڍيون سهڻيون آهن، ڪيوٽيون قرارا.
سڳيون صحت جون، ڀلي پايو ڀينر!
ڪپڙا ڪماليت جا ڏاڍا سهڻا آهن،
ڏاڍا سهڻا آهن، چوٽي ڦل چٽ وارا.
گهاگهرو غربت جو، ڀلي پايو ڀينر!
روا راز وارا ڏاڍا سهڻا آهن،
ڏاڍا سهڻا آهن، رومال راحت وارا.
[4][4]
وراڻي: مان وڃان پرديس، منهنجي چيچ خالي، ڇلو ڏي نشاني،
تون دل جا جاني! منهنجي من جا جاني! ڇلو ڏي نشاني.
سر ته بني جي سهرا جو سونهندا، موڙن رنگ لايو-
مان وڃان پرديس منهنجي چيچ خالي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل رنگ لايو-
مان وڃان پرديس منهنجي چيچ خالي.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ رنگ لايو-
مان وڃان پرديس منهنجي چيچ خالي.
[5][5]
وراڻي: پرديس مان ڙي پيارا! ڇلو ڇونه آندئي؟
ڇلو ڇو نه
آندئي، منهنجي چيچ خالي.
بينسر ادل لاءِ لاڙئن آڻايم-
پرديس مان ڙي پيارا! ڇلو ڇو نه
آندئي؟
ٻانهين لاڏل لاءِ لاڙئون آڻايم-
پرديس مان ڙي پيارا! ڇلو ڇو نه
آندئي؟
[6][6]
وراڻي: پرديسي پيارل ڇلو هاڻ آندو،
مِٺي خان مون لاءِ، ڇلو هاڻ آندو.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
پرديسي پيارل ڇلو هاڻ آندو.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
پرديسي پيارل ڇلو هاڻ آندو.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
پرديسي پيارل ڇلو هاڻ آندو.
[7][7]
وراڻي: ڳجهو ٿي ڳالهايان، ڇلو ڇو نه پايان،
ڇلو ڇو نه پايان، هوريان ٿي
ڳالهايان.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڳجهو ٿي ڳالهايان، ڇلو ڇو نه
پايان.
جهالر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڳجهو ٿي ڳالهايان، ڇلو ڇو نه
پايان.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڳجهو ٿي ڳالهايان، ڇلو ڇو نه
پايان.
[8]
وراڻي: ڇلو پاڪ پايان، ڪنهن کي نه ٻڌايان،
سڄڻ ناز وارا!
بيسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڇلو پاڪ پايان، ڪنهن کي نه ٻڌايان.
دُهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان.
ڇلو پاڪ پايان، ڪنهن کي نه ٻڌايان-
والا ادل جا مان لاڙئون آڻايان-
ڇلو پاڪ پايان، ڪنهن کي نه ٻڌايان.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ڇلو پاڪ پايان، ڪنهن کي نه ٻڌايان
[9][9]
وراڻي: چيچ ادل جي ور ور ڇلڙو،
گلابي گل سهڻو، موليٰ آهي ملايو.
اڱڻ اسان جي، ويڙهي اسان جي-
رابيل گل سهڻو، موليٰ آهي ملايو.
پاڙي اسان جي، محلي اسان جي-
سورج گل سهڻو، موليٰ آهي ملايو.
[10][10]
وراڻي: ڇم ڇَمان جو ڇلو، مينا جي منڊي، ڏيندو نه ڏيندو؟
واهواهه جو ڏيندو!
هن پٿاري، ڏيو ٻاري، ڪانگل کي مهر هڻي، ڏيندو نه ڏيندو؟
واهواهه جو ڏيندو!
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو؟
مينا جي منڊي ڏيندو نه ڏيندو؟...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ آهه رنگ لايو-
مينا جي منڊي ڏيندو نه ڏيندو؟...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي سدا رنگ لايو-
مينا جي منڊي ڏيندو نه ڏيندو؟...
سيج ادل جي ساهرين سونهندي، لانئن هي رنگ لايو-
مينا جي منڊي ڏيندو نه ڏيندو؟...
[11]
وراڻي: منهنجو حرف ادل! توڏي آهي، مون کي ڇلڙو ڏي ورائي،
جنهن سوناري منهنجي دُهري ته گهڙي هئي،
سو سونارو ڏيو ته سڏائي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجو حرف ادل! توڏي آهي، مون کي ڇلڙو ڏي ورائي،
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
منهنجو حرف ادل! توڏي آهي، مون کي ڇلڙو ڏي ورائي.
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ سدا رنگ لايو-
منهنجو حرف ادل! توڏي آهي، مون کي ڇلڙو ڏي ورائي.
سيج سهڻل جي ساهرين سونهندي، لانئن جوڙ بنايو-
منهنجو حرف ادل! توڏي آهي، مون کي ڇلڙو ڏي ورائي.
[12][12]
وراڻي: توکي سوني آهي واچ، گهمي آءُ سکر مان،
گهمي آءُ سکر مان، لهي آءُ لاري
مان.
دهري ادل تونهنجي مان لاڙئون
آڻايان-
توکي سوني آهي واچ...
والا ادل تنهنجا مان لاڙئون آڻايان-
توکي سوني آهي واچ...
ڇٽڙو ادل تنهنجو مان لاڙئون آڻايان-
توکي سوني آهي واچ...
2- ڪپڙن جا ڳيچ
[13]
[13]
وراڻي: اُڻ اُڻ ڪوري! سهاڳڻ چُنڙي.
پُٽ ڄائو، پُٽ ڄائو، ابل هنج ۾
نپايو-
اُڻ اُڻ ڪوري! سهاڳڻ چُنڙي-
ڌيءَ ڄائي، ڌيءَ ڄائي، سڀاڳي هنج
۾ سامائي-
دائِي ڍائِي، دائِي ڍائِي، جنهن
ڪنوار ڇُٽائِي-
اُڻ اُڻ ڪوري! سهاڳڻ چُنڙي.
[14][14]
وراڻي: پائي چِڪني جو چولو، ايڏو دماغ نه ڪر!
ايڏو دماغ نه ڪر، منهنجي حال تي
ڀي هل!
سوني بينسر گهڙائي، منهنجي حال تي
ڀي هل-
پائي چِڪني جو چولو، ايڏو دماغ نه
ڪر!
سوني دهري گهڙائي، منهنجي حال تي
ڀي هل-
پائي چِڪني جو چولو، ايڏو دماغ نه
ڪر!
سونا ڪنگڻ گهڙائي، منهنجي حال تي
ڀي هل-
پائي چِڪني جو چولو، ايڏو دماغ نه
ڪر!
[15][15]
وراڻي: ميڏي چولڙي دا گل نهين لڀندا،
گل نهين لڀندا، سانول ويڙهي
وسندا.
بينسر گهڙايم لاڙئون لاڙ، پائڻ
والي ننڍڙي ڪُنوار-
ميڏي چولڙي دا گل نهين
لڀدا.
دهري ته گهڙايم لاڙئون لاڙ، پائڻ والي ننڍڙي ڪنوار-
ميڏي چولڙي دا گل نهين
لڀدا.
وينڊو گهڙايم لاڙئون لاڙ، پائڻ والي ننڍڙي ڪنوار-
ميڏي چولڙي دا گل نهين
لڀدا.
[16][16]
وراڻي: پئسو خرچ ڪري راڻا! رومال مان کي ڏي،
رومال مان کي ڏي، ادل! دل کي داغ
نه ڏي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ
بناءِ-
پئسو خرچ ڪري سهڻا! رومال مان کي
ڏي.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سُرخي جوڙ بناءِ-
پئسو خرچ ڪري سهڻا! رومال مان کي
ڏي.
هيٺ ادل جي هرڻا جو مهري، گاسي جوڙ بناءِ-
پئسو خرچ ڪري سهڻا! رومال مان کي
ڏي.
[17][17]
وراڻي: ڀائڙا! رومال وٺي آءُ، پنهنجي هٿ جو.
راڻا! ڪيئن وڃايئي بزار ۾؟ بزار ۾
سکر جي شهر ۾،
تنهن جو ناڻو لڳندو لک هزار-
ڀائڙا! رومال وٺي
آءُ.
ڀرت ڀريل هجي سمورو، ڪُنڊن هجي سونو جهوڙو،
قيمت تنهن جي ٿيندي لک هزار-
ڀائڙا! رومال وٺي
آءُ.
رنگ سندس سدا گلابي، جهرمر موتين جي آبي،
تنهن جو تجانءِ خريدار-
ڀائڙا! رومال وٺي
آءُ.
[18][18]
وراڻي: اڙي راڻا! رومال تنهنجي هٿ جو توڇو ڇڏيو بازار ۾؟
رومال گهرايم، ڪراچيءَ شهر مان، تنهنجي دل لڳڻ جي
واسطي-
اڙي راڻا! رومال تنهن جي هٿ جو.
بوڇڻ گهرايم، بمبئي شهر مان، تنهنجي دل لڳڻ جي واسطي-
اڙي راڻا! رومال تنهن جي هٿ جو.
[19][19]
وراڻي: راڻي جو رومال، مان ڪٿي رکان؟
سيج پلنگ تي رکان، ماڙيءَ بنگلي
تي رکان.
سوني بينسر گهڙائي مان ڪٿي رکان؟
راڻي جو رومال، مان ڪٿي رکان؟
سونو جهومر گهڙائي مان مٿي رکان؟
راڻي جو رومال مان ڪٿي رکان؟
[20][20]
وراڻي: لاڙ نه وڃ لالڻ آءُ ميان! لوئي ته آڻج لاڙ جي،
پائين ٻڌم اچڻو ٻاروچو، ولي واريو
وطن تي.
جيڪس جيئن ڪجن، لالڻ آءُ ميان!
هاڻي ڪهيون پارڻ پيون آيو شال
ايندو، ائين ٻڌم اچڻو ٻاروچو......
ڀنڀوري ڀِت مٿان، لالڻ آءُ ميان!
هاڻي پنهل ته ڳاٽ ورايو
آيو شال ايندو، ائين ٻڌم اچڻو
ٻاروچو.....
پپر چوٽ چڙهي، لالڻ آءُ ميان!
هاڻي ڪيڙم هوت هڪل-
آيو شال ايندو، ائين ٻڌم اچڻو
ٻاروچو.....
چانور ٿي چاڙهيان، لالڻ آءُ ميان!
هاڻي ڪيڙم هوت هڪل-
آيو شال ايندو، ائين ٻڌم اچڻو
ٻاروچو.....
ڍنگر ٿي ڍويان، لالڻ آءُ ميان!
هاڻي پوريان ٿي پاڙو پهاڄ جو-
آيو شال ايندو، ائين ٻڌم اچڻو
ٻاروچو.....
پپر تنهنجا پنَ، لالڻ آءُ ميان!
هاڻي سڀ مڙهايم سون سين-
آيو شال ايندو، ائين ٻڌم اچڻو
ٻاروچو.....
3- سواريءَ جا ڳيچ
[21][21]
وراڻي: مهريءَ چاڙهي هلي اُٺ جهڪاء،
اديون! مان وڃان لال لطيف تي.
حاجين سان ٿي هلنديس، حجڙو ڪنديس-
اديون! مان وڃان لال لطيف تي.
ڀائن سان ٿي هلنديس، پنڌڙو ڪنديس-
اديون! مان وڃان لال لطيف تي.
زوارن سان ٿي هلنديس، ساهي نه
پٽينديس-
اديون! مان وڃان لال لطيف تي.
[22][22]
وراڻي: گاڏي هلي ڪري چمڪار، اَلا،
ڏس ريل رُليءَ جا پار، اَلا.
چڱي بينسر جوڙائي آءُ لاڏا!
ڏس ريل رُليءَ جا چالا-
گاڏي هلي ڪري ڇمڪار، اَلا.
چڱي دُهري جوڙائي آءُ لاڏا!
ڏس ريل رُليءَ جا چالا،
گاڏي هلي ڪري ڇمڪار، اَلا.
چڱي ٻانهين جوڙائي آءُ لاڏا!
ڏس ريل رُليءَ جا چالا-
گاڏي هلي ڪري ڇمڪار، اَلا.
4- شهرن جا ڳي
[23]
[23]
وراڻي: ٽن ڪنڊن تي ري هي ٿي، وٿين ڪنڊ نرار،
سکر جو شهر بني اسرار!
موچاري مارڪيٽ گهُم تون گاڏي ۾، خوب کُلي بازار-
سکر جو شهر بني اسرار!
لُڏڻ لاڙيءَ کي بينسر سُونهندي، بولو جوڙي پائي-
سکر جو شهر بني اسرار!
لُڏڻ لاڏيءَ کي دُهري سونهندي، دُڳلي جوڙي پائي-
سکر جو شهر بني اسرار!
[24][22]
وراڻي: سهڻو گل ڪراچيءَ ۾، لاري گلن واري،
لاري گلن واري، ڀيڻ ڀائرن واري.
لاڏي سونهن واري، ڀيڻ ڀاڄاين
واري،
ڀيڻ ڀاڄاين واري، ماءُ ننهن واري-
سهڻو گل ڪراچيءَ ۾، لاري گلن
واري،
لاڏي سونهن واري، ڀائٽي چاچيءَ
واري،
ڀائٽي چاچيءَ واري، ماءُ ماسي
واري-
سهڻو گل ڪراچيءَ ۾، لاري گلن
واري،
[25][25]
وراڻي: ڪراچي شهر ۾ جلدي جهاز لهندو،
ڏسي جدي جون جايون موٽي شال اچان!
ايندو امڙ اَبو، ڳولي شال لهندو-
ڏسي جدي جون جايون موٽي شال اچان!
ايندا پيڪا پرڏيهي، ڳولي شال
لهندا-
ڏسي جدي جون جايون موٽي شال اچان!
5- باغن ۽ پوکن جا ڳيچ
[26][26]
وراڻي: باغ ادل! تنهنجو باري آهه، ملڪ سڄي ۾ ٿي باهري آهه.
سر لاڏل جي سون جا سهرا، موڙڻ لائي
گلزاري آهي-
ملڪ سڄي ۾ ٿي بهاري آهه.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لائي جنساري آهه-
ملڪ سڄي ۾ ٿي بهاري آهه.
پير لاڏل جا مينديءَ رتڙا، جُتيءَ لائي جنساري آهه-
ملڪ سڄي ۾ ٿي بهاري آهه.
[27][27]
وراڻي: راڻل! مون کي انب ته آڻائي ڏي،
انب جي ذات مِٺي، انب جون انبڙيون
مِٺيون،
انب جي ڇانوَ ٿڌي، ظاهر ٿيا
زيتون!
سِر نبي جي سهرا جو سُونهندا، موڙن جوڙ بناءِ-
راڻل! مون کي انب ته گهرائي ڏي.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
راڻل! مون کي انب ته گهرائي ڏي.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
راڻل! مون کي انب ته آڻائي ڏي.
[28][28]
وراڻي: واهه پپر! تنهنجي ڇانوءَ، تنهنجي لامن ۾ لونگ لُڏن ٿا،
صاحبزادا ڙي بناٰ حاڪمزادا ڙي
بنا!
اَدل گهوٽ! تنهنجي لُنگڙيءَ ۾ لونگ ل(ڏن ٿا-
صاحبزادا ڙي بنا، حاڪمزادا ڙي
بنا!
لاڏل گهوٽ! تنهنجي مُنهن تي موڙ
سونهن ٿا-
صاحبزادا ڙي بنا، حاڪمزادا ڙي
بنا!
اَدل گهوٽ! تنهنجي ڳچيءَ ۾ هار
ٺهن ٿا-
صاحبزادا ڙي بنا، حاڪمزادا ڙي
بنا!
[29][29]
وراڻي: پپر! تنهنجا پَن، سڀ مڙهايم سون سان،
ٿڙ ته تنهنجا چانديءَ سان للڪار
ڪن.
ڇانوءَ ته تنهنجي ٿڌڙي، ويٺا ڄاڃي
آسيس ڪن.
پِپر! تنهنجا پَن، سڀ مڙهايم سون
سان.
گهُلي ته تنهنجي هِيرڙي، ويٺا
ڄاڃي آسيس ڪن-
پِپر! تنهنجا پَن، سڀ مڙهايم سون
سان.
[30][30]
وراڻي: ڇانوَ کٻڙ جي ڙي راڻل! مون کي وڻي آهه،
حب پِيڪن جي ڙي ڍوليا! مون کي وڻي
آهه.
بوند ڀِٽن جي مون لاءِ بڻي آهه،
تانگهه مارن جي ڍوليا! مون کي
گهڻي آهه.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ
بنايو آهه،
ڇانوَ کٻڙ جي ڙي راڻل! مون کي وڻي
آ...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو آهه،
ڇانوَ کٻڙ جي ڙي راڻل! مون کي وڻي آهه.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو آهه-
ڇانوَ کٻڙ جي ڙي راڻل! مون کي وڻي آهه.
[31][31]
وراڻي: باغن هيٺان آهن ماڙيون، ماڙيون آهن چونڊاريون،
سونَ رُپي جون اٿن چاڙهيون.
ڀائر گهرايم شوق مان- باغن هيٺان آهن ماڙيون.
نياڻيون گهرايم شوق مان- باغن هيٺان آهن ماڙيون.
ڄاڃي گهرايم شوق مان- باغن هيٺان آهن ماڙيون.
[32][32]
وراڻي: تنهن ماڙيءَ جو ملهه باري هو، سردار سچو غم لاهيندو،
تنهن بنگلي جو ملهه باري هو، منار م ڏک
لاهيندو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ
بنائيندو-
سردار سچو غم لاهيندو...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنائيندو-
سردار سچو غم لاهيندو...
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنائيندي-
سردار سچو غم لاهيندو...
[33]
وراڻي: هن اڻ تي مور! لڳي ويئي بهاري،
لڳي وئي بهاري، گلن جي گلزاري،
هن ويڙهي ۾ مور! لڳي وئي بهاري.
اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ
بنائي-
هن اڱڻ تي مور! لڳي ويئي بهاري.
ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ
بنائي-
هن اڱڻ تي مور! لڳي ويئي بهاري.
هٿ ته ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ
بنائي-
هن اڱڻ تي مور! لڳي ويئي بهاري.
[34][34]
وراڻي: شل جيئري هجان، مان رونبي تي وڃان!
کارو مانين جو، لوٽو لسيءَ جو، بصر ساڻ کڻان.
فجر جو اُٿي سويل اٽو ملينديس مان-
شل جيئري هجان، مان رونبي تي وڃان!
ماني پنهنجن ڀاتين جي گهڙينديس مان-
شل جيئري هجان، مان رونبي تي وڃان!
کارو ڪَڙَ تي کڻي، ٻنيءَ تي نينديس مان-
شل جيئري هجان، مان رونبي تي وڃان!
[35][35]
وراڻي: توڙي آڀؤن نه بچيئي سٽِي، توڙي لپ نه آوئي چُڪي،
تيڏي ٻاجهري دي رُکِي، مين ته نهين ٻَهندي.
سِيٽي مار اُڏاران جهار، ميڏي سرخي لهندي-
تيڏي ٻاجهري دي رکي، مين ته نهين ٻهندي...
تاڙي مَار اُڏاران جهار، ميڏي ميندي لهندي-
تيڏي ٻاجهري دي رکي، مين ته نهين ٻَهندي...
مَنهَن چڙهه اڏاران جهار، ميڏي صورت کردي-
تيڏي ٻاجهري دي رکي، مين ته نهين ٻهندي...
6- پکين جا ڳيچ
[36][36]
وراڻي: ساري ڏيج سلام، الاالله، ڪتيم ڪين ويٺي ڪانگ اڏاريان.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ساري ڏيج سلام، الا الله.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ رنگ لايو-
ساري ڏيج سلام، الا الله.
[37][37]
وراڻي: مديني ۾ ويهي، ڪجانءِ حال سڀوئي،
قسم ٿئي ڪبوتر! ڪجانءِ حال سڀوئي.
لٽا ليڙ ليڙان، لٽا ليڙ ليڙان-
قسم ٿئي ڪبوتر! ڪجانءِ حال سڀوئي...
ورج شاهه ميران، ورج شاهه ميران!
قسم ٿئي ڪبوتر! ڪجانءِ حال سڀوئي...
[38][38]
وراڻي: ڪر ڪبوتر! بات، آهي مٺي تنهنجي لات،
ڏاڍي مٺي آهي رات، آهي الاالله جي بات.
روضو پاڪ ڏسان شل سهڻو، سهڻي پاڪ رسول جو-
ڪر ڪبوتر! بات، آهي مٺي تنهنجي لات.
ڏيان بهاري ساڻ اکين جي، پنبڻين سان پلٽار-
ڪر ڪبوتر! بات، آهي مٺي تنهنجي لات.
[39]
وراڻي: مٺُو چئي مون کي ٻانهين گهڙائي ڏي،
مور چتونئڙا! کڻي ڇڏ چرچو.
مُنهن پڙهيل جي موڙ جو سهڻا،
موتين جو تنهن تي عجب رنگ لڳو-
موت چتونئڙا! کڻي چڏ چرچو...
نڪ ونيءَ جي ۾ آهي وينڊو سهڻو،
لعلن جو تنهن تي، عجب رنگ لڳو-
مور چتونئڙا! کڻي ڇڏ چرچو...
هٿ لاڏل جي آهي ميندي سهڻي،
ڳانن جو تنهن تي عجب رنگ لڳو-
مور چتونئڙا! کڻي ڇڏ چرچو...
[40][40]
وراڻي: مٺوءُ جي پرن ۾، هيرن سندا آهن هار،
پکيءَ جي پيرن ۾، ڇيرين جي ڇمڪار.
دهري اَدل جي لاڙئون آڻايان-
مِٺوءَ جي پرن ۾، هيري سندا آهن هار.
ٻانهين ادل جي، لاڙئون آڻايان-
مِٺوءَ جي پرن ۾، هيري سندا آهن هار.
ڪڙيون ادل جون، لاڙئون آڻايان-
مِٺوءَ ي پرن ۾، هيري سندا آهن هار.
[41][41]
وراڻي: مِٺو هو قرب وارن جو، الائي ڇو نه آيو؟
وچ جي خبر نا، الاي ڪنن ڇپايو؟
سڪي ٿو ساهه ايندن لئي، الاجي ڇو نه آيا؟
نيلم تنهنجا سوا تولو، ور تن تي جڙايو-
مِٺو هو قرب وارن جو، الاجي ڇو نه آيو؟
الله راضي آهي، ٻئي جي پرواهه ناهي،
منڊي تنهنجي سوا تولو، ٽِڪون تن تي جڙايو-
مِٺو هو قرب وارن جو، الاجي ڇو نه آيو؟
غم ته گوليءَ جا جهٽ پٽ لاهيندو،
وينڊو تنهنجو سوا تولو، لعلون تن تي لڳايو-
مِٺو هو قرب وارن جو، الاجي ڇو نه آيو؟
[42][42]
وراڻي: منهنجو مِٺوئڙو اڱڻ آيو هو، راڄن ٻڌايو هو،
موتي ڏئي مون ته جهالر گهرائي، سؤ لڳو، سٺ لايو
هو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجو مِٺوئڙو اڱڻ آيو هو، راڄن ٻڌايو هو.
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، مينديءَ جوڙ بنايو-
منهنجو مِٺوئڙو اڱڻ آيو هو، راڄن ٻڌايو هو.
سهرو لاڏل جو گل گلابي، موتين جوڙ بنايو-
منهنجو مِٺوئڙو اڱڻ آيو هو، راڄڻ ٻڌايو هو.
[43][43]
وراڻي: وجهه ڏور انبن ۾، مِٺوَ پاڻهي لهندا،
بيشڪ لهندا، دل جو حال ونڊيندا.
بينسر ادل جو لاڙئون آڻايان-
وِجهه ڏور انبن ۾، مِٺوَ پاڻ لهدا.
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
وِجهه ڏور انبن ۾، مِٺوَ پاڻهي لهندا.
ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان-
وجهه ڏور انبن ۾، مِٺوَ پاڻهي لهندا.
[44[44]]
وراڻي: پکي ٿي اُڏامان، وڃان ڪربلا ڏي،
مِٺو ٿي اُڏامان، وڃان ڪربلا ڏي.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان، اميدون اٿم ڪي
اڃان
ڪبوتر ٿي اڏام، وڃان ڪربلا ڏي.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان، آءٌ ڪيئن ڀيرو
ڀڃان؟
پکي ٿي اُڏامان، وڃان ڪربلا ڏي.
[45][45]
وراڻي: مِٺو! منهنجي من جا، دل لڳي توسان،
چتون! منهنجي من جا، لئي لڳي توسان.
اهي قول ڪري وئين مون سان، اهي ٻول ٻڌي وئين مون
سان-
مِٺوُ! منهنجي من جا، دل لڳي توسان.
دِل پَلِي اٿئي پنهنجي، گولي آهيان تنهنجي-
مِٺوُ! منهنجي من جا، دل لڳي توسان.
سک نه اچي ٿو مونکي، ڏسان نٿي توکي-
مِٺوُ! منهنجي من جا، دل لڳي توسان.
[46][46]
وراڻي: طوطل جي دل ماڙيءَ تي، اڏر وڃ طوطل چاڙهيءَ تي.
طوطل خاطر باغ بڻايم، باغ سان گڏ بنگلو بڻايم،
پر طوطل جي دل ماڙيءَ تي.
طوطل خاطر مان بنگلو بڻايم، بنگلي سان گڏ باغ بڻايل-
پر طوطل جي دل ماڙيءَ تي.
طوطل خاطر مان پڃرو بڻايم، پڃري سان گڏ پاڻي رکايم-
پر طوطل جي دل ماڙيءَ تي.
[47][47]
وراڻي: منهنجي حال جو محرم طوطو، منهنجي ڳالهه جو ڳُوڙهو طوطو،
ڀلي موجون ماڻي طوطو...
طوطي لاءِ مون باغ بنايا، ڀلي انب کائي منهنجو طوطو،
ڀلي موجون ماڻي طوطو...
طوطي لاءِ مون هنڌ وڇائيا، ڀل ليٽي پيٽي منهنجو طوطو،
ڀلي موجون ماڻي طوطو...
طوطي لاءِ مون کوهه کڻايا، ڀلي وهنجي سهنجي منهنجو طوطو،
ڀلي موجون ماڻي طوطو...
طوطي لاءِ مون ڀنگ پوکائي، ڀلي جهوٽا کائي منهنجو طوطو،
ڀلي موجون ماڻي طوطو...
طوطي لاءِ مون رستا بڻايا، ڀلي ڊوڙون پائي منهنجو طوطو،
ڀلي موجون ماڻي طوطو...
[48][48]
وراڻي: منهنجا ديسي پرديسي پکي ويا اُڏاري.
اڌ ته درياءَ ۾ ڪو طوطو تنواري-
منهنجا ديسي پرديسي مون کان ويا اُڏاري.
مون کان ويا اُڏاري، سدا ساهه ساري-
منهنجا ديسي پرديسي، پکي ويا اُڏاري.
وچ سير سمونڊ ۾، ميهار پوڪاري-
منهنجا ديسي پرديسي، پکي ويا اُڏاري.
هليا ويا قطاري، تيتر موت نه ماري-
منهنجا ديسي پرديسي، پکي ويا اُڏاري.
[49][49]
وراڻي: چتؤنئڙا! رمزان لائڻ ڏي، دل اڙائڻ ڏي،
دل اڙائڻ ڏي، مَنڙو ڦاسائڻ ڏي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائي-
چَتونئڙا! رمزان لائڻ ڏي، دل اڙائڻ ڏي.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ رنگ لائي-
چَتونئڙارمزان لائڻ ڏي، دل اڙائڻ ڏي.
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لائي-
چَتونئڙارمزان لائڻ ڏي، دل اڙائڻ ڏي.
[50][50]
وراڻي: ناري جي ڪناري، چتون ٿو چونگاري،
ماڻهن ليکي چتن آ بَکارو، پر چتون سنگت کي ٿو
ساري.
بينسر گهڙائج نهري- ناري جي ڪناري، چتون ٿو
چونگاري.
جهالر گهڙائج نهري- ناري جي ڪناري، چتون ٿو
چونگاري.
دهري گهڙائج نهري- ناري جي ڪناري، چتون ٿو
چونگاري.
[51][51]
وراڻي: چتون الاجي ڪهڙي روح جو، حال محرم منهنجي من جو.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
چَتون الاجي ڪهڙي روح جو.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو.
چَتون الاجي ڪهڙي روح جو.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
چَتون الاجي ڪهڙي روح جو.
[52][52]
وراڻي: اديون! مون کي مور اکين سان ٿو ماري،
نيڻ کنيو ٿو نهاري، هر هر ٿو واجهائي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايوڙي-
اديون! مون کي مور، اکين سان ٿو ماري.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سُرخي جوڙ بنايو ڙي-
جيڏيون! مون کي مور اکين سان ٿو ماري.
سر سهڻي جي پنج رنگ چيرو، پڳ جوڙ بنايو ڙي-
ڀينر! مون کي مور اکين سان ٿو ماري.
[53][53]
وراڻي: ڪونج! ڪَهي آءُ لهي، مارُو باغ بهار،
اديون! منهنجو هاڻي هنيون ٺرندو ٺار.
بينسر ادل جي لاڙئون گهڙايان-
ڪونج! ڪَهي آءُ لهي، مارو باغ بهار.
دُهري ادل جي لاڙئون گهڙايان-
ڪونج! ڪَهي آءُ لهي، مارو باغ بهار.
ٻانهين اَدل جي لاڙئون گهڙيان-
ڪونج! ڪَهي آءُ لهي، مارو باغ بهار.
[54][54]
وراڻي: ڪاٿي ڪونج ڪاٿي ٻچا، ڪاٿي لٿي آهه؟
ڪاٿي لٿي آهه، جبل ۾ ٽڪي آهه.
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
ڪاٿي ڪونج ڪاٿي ٻچا، ڪاٿي لٿي آهه.
دُهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
ڪاٿي ڪونج ڪاٿي ٻچا، ڪاٿي لٿي آهه،
ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان-
ڪاٿي ڪونج ڪاٿي ٻڍا، ڪاٿي لٿي آهي.
[55][55]
وراڻي: ادل ميڏا مور هي، پَکا مين جهُليسان،
پکا مين جهُليسان، ٻئي ڪون مون نه ڏيسان،
لمي وڃ نه ميڏا لال! پکان مين جهُليسان.
پَٽَ دا جو چولا، نو لک موتي-
ادل ميڏا مور هي، پکا مين جهُليسان.
پَٽَ دا جو بوڇڻ، نو لک موتي-
ادل ميڏا مور هي، پکا مين جهُليسان.
پَٽَ دا جو رومال، نو لک موتي-
ادل ميڏا مور هي، پکا مين جهُليسان.
6- دل لڳڻ جا ڳيچ
[56][56]
وراڻي: لاڏل! ڇو ٿو وڃين لاڙ، پکو مان جهُليندي سانءِ،
پکو مان جهُليندي سانٰ دل جو حال ونڊيندي سانءِ.
چڱي بينسر جوڙائي مان لاڙئون آڻايان،
لاڏل! ڇو ٿو وڃين لاڙ، پکو مان جهُليندي سانءِ،
پکو مان جهُليندي سانٰ دل جو حال ونڊيندي سانءِ.
چڱي جهالر جوڙائي مان لاڙئون آڻايان-
لاڏل! ڇو ٿو وڃين لاڙ، پکو مان جهُليندي سانءِ،
پکو مان جهُليندي سانٰ دل جو حال ونڊيندي سانءِ.
چڱي دُهري جوڙائي مان لاڙئون آڻايان،
لاڏل! ڇو ٿو وڃين لاڙ، پکو مان جهُليندي سانءِ-
پکو مان جهُليندي سانٰ دل جو حال ونڊيندي سانءِ.
[57][57]
وراڻي: منهنجي دل لڳي آ چُوڙي واريءَ سان،
منهنجو عشق لڳو آ چولي واريءَ سان.
جنهن سوناري منهنجي نٿ ته گهَڙي آ،
اُن تي چٽ رکايم پنهنجي دل سان-
منهنجو نينهن لڳو آ نٿ واريءَ سان.
جنهن سوناري منهنجي ٻانهين ته گهڙي آ،
اُن تي چٽ رکايم پنهنجي دل سان-
منهنجو نينهن لڳو آ ٻانهين واريءَ سان.
[58][58]
وراڻي: منهنجي ساري سموري دل ڀُورڙيءَ ساڻ،
پر لکئي جون لائون ٿيون ڪارڙيءَ سان.
سوني ٻانهين گهڙايم، ڀُورڙيءَ ڪاڻ،
ڪائِي جا چُوڙا گهرايم، ڪارڙيءَ ڪاڻ-
منهنجي ساري سموري دل ڀُورڙيءَ ساڻ.
ڀلو مَهري گهُرام، ڀُورڙيءَ ڪاڻ،
ڀڳل بيل گاڏي آهي ڪارڙيءَ ڪاڻ-
منهنجي ساري سموري دل ڀُورڙيءَ ساڻ.
ريشمي لٽا گهُرايم، ڀُورڙيءَ ڪاڻ،
بافتي جا ڪپڙا گهرايم، ڪارڙيءَ ڪاڻ-
منهنجي ساري سموري دل ڀُورڙيءَ ڪاڻ.
سُڳنداسي آڻايم، ڀُورڙيءَ ڪاڻ،
جوئر، سائون گهرايم ڪارڙيءَ ڪاڻ-
منهنجي ساري سموري دل ڀُورڙي ساڻ.
[59][89]
وراڻي: هينئڙو لڳو منهنجا راڻا! توسان دلڙِ لڳي منهنجا راڻا!،
آءُ ڦِري سِري هِتي، هُتان جو هِتي.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائي-
منهنجا راڻا! دلڙي لڳي، هينئڙو لڳو...
ڏند ته لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنائي-
منهنجا راڻا! دلڙي لڳي، هينئڙو لڳو...
هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گلشي جوڙ بنائي-
منهنجا راڻا! دلڙي لڳي، هينئڙو لڳو...
[60][60]
وراڻي: گلابي گلڙا! دل اوهان سان لڳي،
دل اوهان سان لڳي، پريت اوهان سان لڳي.
سر سهڻل دي سدا رنگ چِيرا، موڙن لايئي شمعا-
گلابي گلڙا! دل اوهان سان لڳي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لايئي شمعيا-
گلابي گلڙا! دل اوهان سان لڳي.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ لايئي شمعا-
گلابي گلڙا! دل اوهان سان لڳي.
[61][61]
وراڻي: دل توسان لڳي آ، دل توسان اڙي آهه،
تنهنجي محمت آندو آهه، تنهنجي سڪ موهيو آهه.
تنهنجي گنجيءَ تي گل- دل توسان لڳي آهه،
دل توسان لڳي آهه، دل توسان اڙي آهه.
تنهنجي رومال تي گل- دل توسان لڳي آهه،
دل توسان لڳي آهه، دل توسان لڳي آهه.
تنهنجي پهراڻ تي گل- دل توسان لڳي آهه،
دل توسان لڳي آهه، دل توسان لڳي آهه.
تنهنجي پڳ تي گل- دل توسان لڳي آهه،
دل توسان لڳي آهه، دل توسان لڳي آهه.
[62][62]
وراڻي: ادل! ڪر نه ارمان، دل ساڳي آهي،
دل ساڳي آهي، پنهنجي وس نه آهي.
بينسر ادل جي، مان لاڙئون آڻايان-
ادل! ڪر نه ارمان، دل ساڳي آهي.
دهري لاڏل جي، مان لاڙئون آڻايا-
ادل! ڪر نه ارمان، دل ساڳي آهي.
وينڊو لاڏل جو، مان لاڙئون آڻايان-
ادل! ڪر نه ارمان، دل ساڳي آهي.
[63][63]
وراڻي: سنهڙا سانورا! تو ۾ منهنجو ساهه،
تو ۾ منهنجو ساهه، توکي آڻيندو الله!
بينسر اَبل جي مان لاڙئون آڻايان-
سنهڙا سانورا! تو ۾ منهنجو ساهه....
دهري اَدل جي مان لاڙئون آڻايان-
سنهڙا سانورا! تو ۾ منهنجو ساهه....
جهالر پڙهيل جي مان لارئون آڻايان-
سنهڙا سانورا! تو ۾ منهنجو ساهه....
[64][64]
وراڻي: وڏي ناز سان کل، کڻ اکڙيون منهنجا دلبر!
جاني! ڪر ڪين جدايون، منهنجا سانول!
پوپو پاتم نَڪ ۾، منهنجو نَڪ ڏکي پيو،
لاهي رکيم پيتيءَ ۾، تان راڻل رسي ويو-
وڏي ناز سان کِل، کڻ اکڙيون منهنجا دلبر!
ٻانهين پاتيم ٻانهن ۾، منهنجي ٻانهن ڏکي پيئي،
لاهي رکيم پيتيءَ ۾، ته سانول رسي ويو-
وڏي نازل سان کِل، کڻ اکڙيون منهنجا دلبر!
[65][65]
وراڻي: ڏسي زماني جو زيب پير جهلي وينداسون،
ڏسي سهڻا! تنهنجو رعب، دل جهلي وينداسون.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڏسي زماني جو زيب، پير جهلي وينداسون،
ڏسي سهڻا! تنهنجو رعب، دل جهلي وينداسون.
ڏند اَدل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
ڏسي زماني جو زيب، پير جهلي وينداسون،
ڏسي سهڻا! تنهنجو رعب، دل جهلي وينداسون.
هٿ اَدل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
ڏسي زماني جو زيب، پير جهلي وينداسون،
ڏسي سهڻا! تنهنجو رعب، دل جهلي وينداسون.
[66][66]
وراڻي: منهنجي من جي محرم کي ڏاڍا ڏينهن لڳا،
سدا گل حاڪم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
راڻي خطڙو موڪليو، مومل ساماڻي،
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
ڦليليءَ جي ڪپ تي، تتر ٻوليون ڪن-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
اوڏا اَڏائينديس جهوپڙا، سامهان ڏئي وئين سور-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
اسان اچڻ سڄڻ ايترو، ماڻهوئڙا نه موڪلين-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
ماڻهن ۾ سوڍل هڪڙو، لُونگين وارا لک-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
چادر چادر نه ڪيون، چادر منجهه گل چار-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
راڻل جي رهاڻ جي، سيني اندر سڪ-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
ڦليليءَ ڦل ڇانئيا، گهونيءَ ڪيو گهارو-
منهنجي من جي محرم کي، ڏاڍا ڏينهن لڳا.
[67][67]
وراڻي: موهيو، تنهنجي نازن موهيو،
نازن موهيو، تنهنجي صورت موهيو،
واٽ ويندن کي، رات ٽِڪندن کي،
نازن موهيو،م تنهنجي محبت موهيو.
جارو، جارو نه چئو، جاري ۾ ڪا هِل، اَلو!
هِل جي ماري نه مران، ماريو تنهنجي دِل-
نازن موهيو، تنهنجي محبت موهيو...
جارو، جارو نه چئو، جاري ۾ ڪا مَک، اَلو!
مَک جي ماري نه مران، ماريو تنهنجي اَک-
نازن موهيو، تنهنجي محبت موهيو....
7- عام ڳيچ:
[68]
وراڻي: منهنجي ادل ملوڪ جا ٺريا اٿم نيڻ،
ٺريا اٿم نيڻ، ڇو ٿيون وجهو ويڻ-
ڀلي ته ڪريان سيڻ، منهنجي ادل ملوڪ جا ٺريا اٿم
نيڻ.
سيوهڻ وڃ تون سهڻا! بينسر نازل ڪاڻ،
نازل پائيندم ناز مؤن- ادل ملوڪ جا ٺريا اٿم
نيڻ...
سيوهڻ وڃ تون سهڻا! دُهري نازل ڪاڻ،
نازل پائيندم ناز مؤن- ادل ملوڪ جا ٺريا اٿم
نيڻ...
سيوهڻ وڃ تون سهڻا! وينڊو نازل ڪاڻ،
نازل پائيندم ناز مؤن- ادل ملوڪ جا ٺريا اٿم
نيڻ...
[69][69]
وراڻي: اهي سک تنهنجا، ساري عمر ڳايان،
جيتر يئري آهيان، تيتر ڳيچ ڳايان.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
اهي سک تنهنجا، ساري عمر ڳايان....
هَستي ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
اهي سک تنهنجا، ساري عمر ڳايان....
دُهري ادل جي مان لاڙئون آڻيان-
اهي سک تنهنجا، ساري عمر ڳايان...
[70][70]
وراڻي: راڻي بني سان، مان هلي نٿي ڄاڻان،
هلي نٿي ڄاڻان، مان ڪنهن سان ڪنديس ماڻان!
بينسر گهڙائي ڏي لک جي ڙي راڻا!
راڻي بني سان، مان هلي نٿي ڄاڻان...
پازيب گهڙائي ڏي، لک جا ڙي راڻا!
سهڻي بني سان، مان هلي نٿي ڄاڻان...
دُهري گهڙائي ڏي، لک جي ڙي راڻا!
سوڍي بني سان، مان هلي نٿي ڄاڻان...
ڪنگڻ گهڙائي ڏي، لک جا ڙي راڻا!
راڻي بني سان، مان هلي نٿي ڄاڻان...
[71][71]
وراڻي: ڇڏيم، دور دنيا جا، پاتم فقيري،
پاتم فقيري، ڏيم اميري.
سونا ڪنگڻ گهڙائي مون ته ڪئي اميري،
هاڻي ڇڏيم دور دنيا جا پاتم فقيري-
پاتم فقيري، ڇڏيم اميري.
سونا ڇلڙا گهڙائي مون ته ڪئي اميري،
هاڻي ڇڏيم دؤر دنيا جا پاتم فقيري-
پاتم فقيري، ڇڏيم اميري.
[72][72]
وراڻي: آءُ ته ڀينر! کيڏڻ ڄُلون درياءُ ڪناري،
کيڏان مَين کيڏان، کيڏي نَهِين ڄاڻان،
کيڏِي سهڻل! تيڏي اَما.
اکيان سهڻل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا-
آءُ ته ڀينر! کيڏڻ ڄُلون درياءُ ڪناري...
ڏند سهڻل دي ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايا-
آءُ ته ڀينر! کيڏڻ ڄُلون درياءُ ڪناري...
هٿ ادل دِي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بنايا-
آءُ ته ڀينر! کيڏڻ ڄُلون درياءُ ڪناري...
[73][73]
وراڻي: تيڏي وڏائي دِي اساڪون پَئُه ڳَئِي ساري خبر،
سهڻا سائين! ايڏا ماڻا نه ڪيتا ڪر.
اَهدا هانِوين گهوڙا ٻهيڙا، آن ڏٺوسي نرِي خچر،
جهوڪ تيڏي تي هِن نرِي خچر-
تيڏي وڏائي دِي اساڪون پَئُه ڳَئِي ساري خبر...
اَهِدا هانِوين ماڙيان بنگلي، آن ڏٺوسي نرِي ڇپر،
جهوڪ تيڏي تي هِن نرِي ڇپر-
تيڏي وڏائي دِي اساڪون پَئُه ڳَئِي ساري خبر...
اَهِدا هانوبن گوشت کوِيسان، آن ڏٺوسي نرِي بصر،
جهوڪ تيڏي تي هنِن نرِي بصر-
تيڏي وڏائي دِي اساڪون پَئُه ڳَئِي ساري خبر...
اَهِدا هانوين طول وهاڻي، آن ڏٺوسي نِري ٽپڙ،
جهوڪ تيڏي تي هِن نِري ٽپڙ-
تيڏي وڏائي دِي اساڪون پَئُه ڳَئِي ساري خبر...
[74][74]
وراڻي: تنهنجو رب رکيو مان، ڪونه ڪر ڪو غم،
ڪونه ڪر ڪو غم، ڪندو قادر ڪرم.
خاصا جهومڪ ٺهرايا اٿئي سون جا، الا!
تنهنجو رب رکيو مان، ڪونه ڪر ڪو غم-
ڪونه ڪر ڪو غم، ڪندو قادر ڪرم.
سونا تائيٿ ٺهريا اٿئي ڏاڍا ڀلا، الا!
تنهنجو رب رکيو مان، ڪونه ڪر ڪو غم-
ڪونه ڪر ڪو غم، ڪندو قادر ڪرم.
چڱا بازوبند ٺهرايا اٿئي سون جا، الا!
تنهنجو رب رکيو مان، ڪونه ڪر ڪو غم-
ڪونه ڪر ڪو غم، ڪندو قادر ڪرم.
[75][75]
وراڻي: عيب ثواب نيڻن سان، سهڻا ڍول! ڍڪيندو آءُ،
ڏوهه گناهه نيڻن سان، سهڻا ڍول! ڍڪيندو آءُ.
بَنرو چڙهندو مَهريءَ تي، ڪندو ناري جا به شڪار،
ماريندو سهڻل هرڻ هزار-
عيب ثواب نيڻن سان، سهڻا ڍول! ڍڪيندو آءُ.
ادل چڙهندو نيليءَ تي، ڪندو ٻيلي جا به شڪار،
ماريندو سهڻل هرڻ هزار-
عيب ثواب نيڻن سان، سهڻا ڍول! ڍڪيندو آءُ.
[76][76]
وراڻي: سُکيا ڙي سوڍل! تنهنجي ديس مان وينديس ادل پرڻائي،
سُکيا ڙي سوڍل! تنهنجي گام مان، وينديس لاڏل
پرڻائي.
وينڊو گهڙايم سهڻو، الا! دَرهيل ديس جا-
سکيا ڙي سوڍل! تنهنجي گم مان وينديس لاڏل پرڻائي.
دهري گهڙايم سهڻي، الا! دَرهيل ديس جا-
سکياڙي راڻل! تنهنجي گام مان وينديس لاڏل پرڻائي.
ٻانهين گهڙايم سهڻي، الا! دَرهيل ديس جا-
سکياڙي راڻل! تنهنجي گام مان وينديس لاڏل پرڻائي.
[77][77]
وراڻي: اسان دِي نيڻان ڪول آوِين.
جنهن سوناري ڪَنون ادا! پوپا جو گهڙيا هِي،
او سونارا! ميڪون ڏس وي، سهڻا لال!
اسان دي نيڻان ڪول آوِين.
گهول گهتان پرديس بيگانا،
هِڪِي شهر آوين وي، سهڻا لال!
ميڏي ديدان دِي نال آوِين.
ماهي! هِڪ وار ميڏي نال ملين ها،
هووِي تيڪون جَس وي، سهڻا لال!
ميڏي اکيان دِي نال آوِين.
[78][78]
وراڻي: منهنجا جُڙيا لاڏا! ٻه ٽي ڏينهن ٿيا،
ٻه ٽي ڏينهن ٿيا، ڏٺي ڏينهن ٿيا.
بَينسر گهڙايم ڪين ٻُڌايم-
منهنجا جُڙيا لاڏا! ٻه ٽي ڏينهن ٿيا.
دُهري گهڙايم ڪين ٻُڌايم-
منهنجا جُڙيا لاڏا! ٻه ٽي ڏينهن ٿيا.
وينڊو گهڙايم، ڪين ٻُڌايم-
منهنجا جُڙيا لاڏا! ٻه ٽي ڏينهن ٿيا.
[79][79]
وراڻي: ڀاءُ ته ڀيڻ کليو کير پيئندا،
اهي ته اڱڻ منهنجي اباڻن جا وسندا.
لُڏڻ لاڏيءَ بينسر سُونهندي، بولي جوڙ بنايو-
ڀاءُ ته ڀيڻ ککيو کير پيئندا...
ڪُڏڻ لاڏيءَ دُهري سونهدي، ڪٺمال جوڙ بنايو-
ڀاءُ ته ڀيڻ کليو کير پيئندا....
لڏڻ لاڏيءَ ٻانهين سونهندي، ڪنگڻ جوڙ بنايو-
ڀاءُ ته ڀيڻ کليو کير پيئندا....
[80][80]
وراڻي: ڪجهه ڄاڻ نازو! نه نه ڪر ماڻ نازو!
ايوين نه آک نازو! ڪجهه سمجهه نازو!
مين ته ڪنگڻ گهڙاوڻ ويندي هان-
تون پاءِ نازو، ڪجهه ڄاڻ نازو، گلابي وَر تيڏا-
تون ڄاڻ نازو! نه ڪر ماڻ نازو!
مين ته بينسر گهڙاوڻ ويندي هان-
تون پاءِ نازو، ڪجهه ڄاڻ نازو، سهڻا شوهر تيڏا-
ايوين آک نازو! ڪجهه سمجهه نازو!
مين ته ٻانهين گهڙاوڻ ويندي هان-
تون پاءِ نازو! ڪجهه ڄاڻ نازو! ٺاهوڪا ڪانڌ تيڏا-
ڪجهه ڄاڻ نازو! نه ڪر ماڻ نازو!
[81][81]
وراڻي: واهه واهه ڏکڻ! تنهنجي هير لڳي آ، هير لڳي آ، دلڙي لڳي آ.
ڪنگڻ گهڙايم سون جا الا! پائڻ وارو آهه ڏينهن
ڪڏهن؟
واهه واهه ڏکڻ! تنهنجي هير لڳي آهه، هير لڳي آهه
دلڌير لڳي آهه.
دُهري گهڙايم سون جي الا! پائڻ وارو آهه ڏينهن
ڪڏهن؟
واهه واهه ڏکڻ! تنهنجي هير لڳي آهه، هير لڳي آهه
دلڌير لڳي آهه.
هَس گهڙايم سون جو الا! پائڻ وارو آهه ڏينهن ڪڏهن؟
واهه واهه ڏکڻ! تنهنجي هير لڳي آهه، هير لڳي آهه
دلڌير لڳي آهه.
نٿ گهڙايم سون جي الا! پائڻ وارو آهه ڏينهن ڪڏهن؟
واهه واهه ڏکڻ! تنهنجي هير لڳي آهه، هير لڳي آهه
دلڌير لڳي آهه.
[82][82]
وراڻي: اما، شُدي ويٺي واٽ نهاري،
ڀينر، شدي ويٺي خطڙو لکائي.
وِڄَي ريل، سکر لاتئي دير-
اما، شُدي ويٺي واٽ نهاري،
ڀينر شدي ويٺا خطڙو لکائي.
لکئي جو آهي هي ڪم سؤٽن جهڙو سڱ،
اما، شدي ويٺا واٽ نهاري،
ڀينر، شدي ويٺي خطڙو لکائي.
چوڌاري ملي مبارڪ، پرين ڪئي پارت-
اما، شدي ويٺي واٽ نهاري،
ڀينر، شدي ويٺا خطڙو لکائي.
[83][83]
وراڻي: ميڏا سڄڻا! ڏينهن جمعي دا هِي،
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بناٰ-
ميڏا سڄڻا!ٰ ڏينهن جمعي دا هِي.
ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناءِ-
ميڏا سڄڻا! ڏينهن جمعي دا هِي.
هٿ لاڏل دي مينديءَ رتڙي، ڳاني جوڙ بناءِ-
ميڏا سڄڻا! ڏينهن جمعي دا هِي.
[84][84]
وراڻي: ڪلهه ڪلهوڪو هو ڏينهن، اَڄ سدورو ٿيندو،
اڄ سدورو ٿيندو، ٿيندو يارن سان ميلو.
سر ادل جي پنج رنگ چيرو، او! پڳ ته جوڙ بنايو-
ڪلهه ڪلهوڪو هو ڏينهن، اڄ سدورو ٿيندو...
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، او! ڪجل جوڙ بنايو-
ڪلهه ڪلهوڪو هو ڏينهن، اڄ سدورو ٿيندو...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، او! سرخيءَ جوڙ بنايو-
ڪلهه ڪلهوڪو هو ڏينهن، اڄ سدورو ٿيندو...
هيٺ اَدل جي هرڻا مهري، او! گاشي جوڙ بنايو-
ڪلهه ڪلهوڪو هو ڏينهن، اڄ سدورو ٿيندو....
[85][85]
وراڻي: ديس اسان جو امير آ، ملڪ اسان جو امير آ،
ماڻهو چون ٿا ڪشمير آ، ديس اسان جو امير آ.
پير اسان جو حضرت ميران، روضي جو جوڙ بنايو-
ديس اسان جو امير آ....
سمنڊ مرشد جي تي پنج سنج سوني، الياڻ آهي رنگ لايو-
ديس اسان جو امير آ....
جماعتي سيد تنهنجا ذڪر ۾ ٿا جهولن، ڪلمون ياد ڏياريو-
ديس اسان جو امير آ....
۽
[2]
اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) سان مليا.
|