جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا ليجو...
جوشِي هَٽِي جائيجو، لڳنيئا لِک لائيجو،
[اڱڻ ۾ عطر ڇٽڪاريان، ساڙهيءَ تي سرهاڻ لڳايان]
ايئا لڳانياهه رو جوش ڀليرو-
[اُهو لکن سٺو ٿئي ٿو]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...
مڻهار هَٽ جائيجو چُوڙلا مولائيجو،
[مڃارڪي دڪان تي وڃجو ۽ چُوڙَ وٺي اچجو]
ايئان ري چُوڙلان رو ڏنت چوکيرو-
[اهڙي چُوڙَ جا سُٺي عاج جي ٺهيل هجي]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...
گانڌِي هَٽ جائيجو، ساڙونڙا لي آئيجو،
[واڻئي جي دڪان تي وڃجو ۽ ريشمي چُني وٺي اچجو]
ايئان رِي ساڙونڙا رِي ڪور سونِي رِي-
[جنهن ريشمي چُني جي ڪنار سونِي هُجي]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...
سونِي هَٽي جائيجو، گڙڻا مولائيجو،
[سوناري جي دڪان تي وڃجو، هار وٺي اچجو]
اُوئيَ ري گڙڻيءَ رو گهاٽ ڀليرو-
[جنهن هار جي گهڙت سُٺي هجي]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...
9- لانئن جا ڳيچ:
[32][32]
مَرُوَل
وراڻي: مَروَلَ ڪيئن اچي، مَروَلَ جون واٽون
ڀُڻِي نهاريان،
جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.
ٻيا ته ساوَن اُٺن تي، سڄڻ ڪاڇيءَ ڪنواٽ-
جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.
ڪاڇيءَ هَڻ مَ ڪامَ، ڪاڇي آهي ڪاهِلو-
جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.
سونيءَ ڇڪ ڇَلو، سُونهي سڄڻ جي هٿ ۾-
جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.
تسبيح جهاپَٽ جا، سُنهي سڄڻ جي هٿ ڙي-
جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.
لُونگي عُمدِي پَٽ جي، سُونهي سڄڻ جي سر ڙي-
جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.
10- سيج جا ڳيچ:
[33][33]
اوجاڳو
وراڻي: سَکِي مورِي جِي رِي! آنکَلڙي ڪِيئن
راتِي؟
[اي منهنجي سکي! تنهنجي اک ڇو لعل آهي]
اوجاڳو اَنت گهڻو، سکِي مورِي جِي ري!
[تمام گهڻو اوجاڳو آهي، اي منهنجي سکي!]
سَيان موڙي جِي ري! اي وَر سانهليو،
اي منهنجي سَکي! هي گوٽ تننو وڙ آهي]
هِينئڙي ۾ هام گهڻي- سَکِي مورِي جِي
ري...
[هنيئين ۾ گهڻي اُڪنڊ آهي- اي منهنجي
سکي!]
سَيان مورِي جِي ري! اوتارا مَنگاڙان،
[اي منهنجي سکي! مون گهوٽ کي گهرايو آهي]
اوتارا گورل واڙيئي- سکي مورِي جِي ري...
[گهوٽ گهوريءَ جو، اي منهنجي سکي!]
سَيان موري جي رِي! ڏانتڻيان منگاڙان،
[اي منهنجي سَکِي! مون ڏندڻ گهرايا آهن]
سڏانتڻيان گورل گڏ ڏور سان- سَکِي موري جي
ري...
[ڏندڻ گوريءَ سان گڏ ڏينداسون- اي منهنجي
سَکِي]
سَکِي موري جي رِي! جِميڻيا مَنگاڙان،
[اي منهنجي سَکِي! طعام گهرايا آهن]
جِيمِڻيا گورل گڏ جِيمسان- سکي موري جي
ري...
[طعام گوري سان گڏ کائينداسون- اي منهنجي
سَکي]
سَکِي موري جِي رِي! پوڍڻيا پوڍاڙ سان،
[اي منهنجي سَکِي! پٿراڻيون گهرايون آهن]
پوڍڻيا گورل گڏ پوڍسان- سکر موري جي ري...
[پٿراڻيون گوريءَ سان گڏ وڇائينداسون- اي
منهنجي سکي]
11- موڪلاڻيءَ جا ڳيچ:
[34][34]
ڪامڻ
وراڻي: ڪامَڻِيئا را رَسيِئا گسِيئا،
[جادو گرياڻين سان وهيو واپريو آهي]
انگَ لاڏلڙي ڙا لَسِيئا.
[ته گهوٽ جو بدن ئي لسو ٿي ويو آهي]
ساسُو سهِي ڪامڻ جاڻي،
[تنهنجي سَسَ سڀ جادو ڄاڻي]
ساسُو هي ٿانري ڪامڻ جاڻي-
[تنهنجي سس جادو مان چڱيءَ طرح واقف آهي]
ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...
هيڪيَ چوڪيَ جانَ جِيماڙي،
[هوَ هڪڙي ديڳ مان سڄي ڄڃ کارائي]
پانتا ڪرِي اُٺِياڙي-
[ڍؤ ڪرايو اُٿاريو ڇڏي]
ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...
ساڙاتَ هَي ٿانري ڪامڻ جاڻي،
[تنهنجي سالي جي زال به جادو ڄاڻي]
هٿاڙي ۾ سَرسَ رُوپاڙي، ڀاجي ڪري ڇمڪاڙي-
[تريءَ تي سرنهن پوکي، ۽ بروقت ان جي ڀاڄي
رڌي]
ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...
ساڙِي هَي ٿانري سَهِي ڪامڻ جاڻي،
[تنهنجي سالي به سڀ جادو ڄاڻي]
هٿاڙي ۾ ناگ نچاڙي، ڪوتَڪ ڪرِي ڏيکاري-
[هٿ جي تريءَ تي نانگ نچائي تماشو ڪري
ڏيکاري]
ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...
[35][35]
بِيڀان
وراڻي: چُونري تو ماٿيَ سائِي نِيل، او بِيڀان!
[اي چَونري! تو مٿان سائي نيل، او بِيڀان]
اَجِيمَتِ بِيڀان مانَ ڏيراڙان،
[اي بيڀاڻ ذات جي عظمت! توکي عزت ڏياريان]
سَچي سڳوريءَ نان ڏانَ ڏيراڙان.
[توکي بيبي فاطمہ سڳوريءَ کان انعام
ڏياريان]
واڙي تو گهُرجِين گائين- او بيڀان!
[واڙ ۾ ڍڳيون گهرجن- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
کائيئين تو گُرجين وڇڙا- او بيڀان!
[ڍڳين لاءِ گابا به گهرجن- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
ماٽيئان گهرجي کير- او بيڀان!
[ماٽين ۾ کير گهرجي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
ڌَونري تو گهُرجَي مکڱڻ- او بيڀان!
[ڌونري ۾ مکڻ گهرجي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
مانِي تو گهُرجي کير- او بيڀان!
[مانيءَ سان کير کپي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
مَٿي تو سُونهي سچو ساڙُون- او بيڀان!
[مٿي تي سائي ريشمي چُني کپي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
ڪنڌ تو سونهي دُوهرِي- او بيڀان!
ڳچيءَ ۾ دُهري ٿي سُونهي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
نَڪ تو سُونهي نَٿ- او بيڀان!
[نڪ ۾ نٿ ٿي سونهي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
ڪَن تو سُونهن پَنڙيون- او بيڀان!
[ڪنن ۾ پَنڙا ٿا سونهن- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
پَگيَ تو سُونهي ساٽِين- او بيڀان!
[پيرن ۾ ساٽيون ٿيون سونهن- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
ٻانهن تو سُونهي چندن چُوڙلو- او بيڀان!
[ٻانهن ۾ چندن چُوڙ ٿي سونهي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
ڀڳ تو سُونهي پولڙي- او بيڀان!
[پيرن ۾ پولريون ٿيون سونهن- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
هنج تو سُونهي جهُنڊلو- او بيڀان!
[هنج ۾ ٻار ٿو سُونهي- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
لوڏِي تو اُتاران سڪ- او بيڀان]
[پٽ کي لوڏي سڪ لاهيان- او بيڀان]
اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...
[36][36]
ڏورو
وراڻي: ڏورو ساچي هيم رو!
[ڌاڳو سچي سون جو]
پڳ تان ڄَهَٻڪي پولڙي، گوري! هينئڙي جهٻڪي هار-
[پيرن ۾ ته ڇلو چمڪي ٿو، سهڻِي! سيني تي
هار چمڪي ٿو]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
ماءُ ڀورايو اکڻيون، گورِي! ٻاٻَل ڀورائي ريل-
[ماءُ اُماڻيو اڱَڻ، سُهڻي! بابي اُماڻيو
ڏَهر]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
ساهڙئين ڀورائي سِمڙي، گوري! ويريو ٺيٽا ٺيٽ-
[ساهڙين اُماڻي سِيم، ۽ سُهڻي! ڀاءُ توڙ
تائين هليو]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
ڏونگر چڙهي ڌيءَ جويوڙو، گوري! رهه گيو آباڻو ڏور-
[جبل يا ڀٽ تي چڙهي ڌيءَ ڏٺو ته اباڻو ديس
پري رهجي ويو]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
اونچي کنوڻ کنوڙي، گوري! جهڙ ڦڙ وسن مينهن-
[مٿان کنوڻ مڪي، سهڻي! جهڙ ڦڙ مينهن وسن
ٿا]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
ڀريا رڻ جا ٽوڀيا، گوري! ڀريو اَباڻي رو ڏيس-
[رڻ جا ننڍڙا تلاءُ ڀريا، ۽ اباڻن جو ڏيهه
به ڀرجي ويو]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
چوڏس پونم چانڊڻي، گوري! رمڻ جهڙي رات-
[چوڏهين تاريخ جي چانڊوڪي، سهڻي! کيڏڻ
جهڙي رات]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
پيون ڪُليئي آهين اوڏڙيون، گوري! هڪڙي جيڏي ڏور-
[ٻيون سڀيئي ويجهيون آهن، پر هڪڙي ساهيڙي
پري آهي]
ڏورو ساچي هيم رو...
[ڌاڳو سچي سون جو]
12- سَتاواڙي جا ڳيچ:
[37][37]
ماکي
وراڻي: اُڏ ڙي ٻائِـــي رِي
ماکِـــسي.
[اُڏام، اي ٻائي جي مَک]
ماکي مانهنجي ٻائي ري، چوڙ لئي جائِي ٻيٺي-
[ماکي منهنجي ٻائيءَ جي چوڙن تي وڃي ويٺي]
چوڙليو مانهنجي ٻائي رو ڏهياڻوئي لاگي-
[چوڙو منهنجي ٻائي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي ري مورهِيڙي جائِي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي پٽڪي تي وڃي ويٺي]
مورهِيڙو مانهنجي ٻيهينوئي رو ڏهياڻوئي
لاگي-
[پٽڪو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ڏيئا ٻائي ري گهُونگهٽيئي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڌيءَ جي گهونگهٽ تي وڃي
ويٺي]
گهونگهٽيو مانهنجي ٻائي رو ڏهياڻوئي لاگي-
[گهونگهٽ منهنجي ڌيءَ جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري گاسِيڙي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي گاسئي تي وڃي
ويٺي]
گاسيڙو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي
لاگي-
[گاشيو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري چوٽليئي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي چوٽيءَ تي وڃي
ويٺي]
چوٽليئو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي
لاگي-
[چوٽو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري رهاڻ ۾ جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي مجلس ۾ وڃي ويٺي]
رهاڻ مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻي ئي
لاگي-
[مجلس منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري چُنڙڪي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي چُنيءَ تي وڃي
ويٺي]
چُنڙڪي مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي
لاگي-
[چُني منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري رومالڙي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي رومال تي وڃي
ويٺي]
رومالڙو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي
لاگي-
[رومال منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري وِينٽيڙي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي منڊيءَ تي وڃي
ويٺي]
وينٽي مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي
لاگي-
[منڊي منهنجي ڀيڻوئي جي وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري ڇُگيئي جائي ٻيٺي،
[ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي ڇڳي تي وڃي ويٺي]
ڇُڳيئو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي
لاگي-
[ڇُڳو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو
لڳي]
اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...
[38][38]
مَنڌُورو
وراڻي: سالڪ ڀيڻيويا! کارڪان جي کائُون،
[اي سمجهو ڀيڻيويا! کارڪون جي کائون]
تو مانري منڌورو تو جاگي.
[ته منهنجي وات ۾ ڌپ ٿي ٿئي]
او مانهنجا ولائتي ناٺي! ڪوپَرا مَ لائيجو،
[او منهنجا پرديسي ناٺي! ڏونگهيون نه آڻج]
ڪوپرا جي کائون تو مانرو سڏڙلو تو رهي-
[ڇو ته ڏونگهين کائڻ سان آواز خراب ٿو
ٿئي]
سالڪ ڀيڻيويا...
او منهنجا ڪوڏيلا ناٺي! کجور مَ لائيجو،
[او منهنجا ڪوڏيلا ناٺي، کجور نه آڻج]
کجور کائون تو مانري گرمي تي جاگي]
[کجور کائڻ سان گرمي ٿي ٿئي]
سالڪ ڀيڻيويا...
او مانهنجا ڪوڏيلا ناٺي! اُتر را مِيهُولا وُٺا،
[او منهنجا ناٺي! اُتر جي برسات پيئي آهي]
پاڻي ڀران تو مانرا پڳڙلا تا ڏکين اڱڻيئي
کو کڻائيجو-
[آءٌ پاڻي ڀريان ته پير ٿا ڏکن، اڱڻ ۾
کوهه کڻائج]
سالڪ ڀيڻيويا...
لووڙلي جي اوڍان تو مانرا پاسا تا گهَڙجِين،
[جي اوني لوئي اوڍيان ته پاسن تي کهري لڳي
ٿي]
مانري ڌيئل ٻائي را ساڄا! مانري ڀومِچو
مُلائيجو-
[منهنجي ڌڏيءَ جا ڀتار! منهنجي لاءِ نرم
ڪپڙي جي چُني آڻج]
سالڪ ڀيڻيويا...
هيرڻِيو جي کائون تو مانري مَلو تو جاگي،
[هرڻ جو گوشت کان ته مون کي ملي جي بيماري
ٿي ٿئي]
مانرا سالڪ ناٺِيڙا! ٻاڪَريو مُلائيجو-
[منهنجا سمجهُو ناٺي! تنهنڪري ڇيلو وٺي
اچج]
سالڪ ڀيڻيويا...
پَلئيِيو جي کائون تو مانري گُڙدو ٿو جاڳِي،
[جي آءٌ پَلو کان ته مونکي گُڙدي جو سور
ٿو ٿئي]
اومانري سُکِيائي را صاحِبا! مانري حلوو
مُلائيجو-
[او منهنجي ڌيءَ جا ڀتار! منهنجي لاءِ
حلوو آڻج]
سالڪ ڀيڻيويا...
هِيٺي تي سُوئان، تو مانرا پاسا تا سُجِين-
[هيٺ ٿي سُمهان ته منهنجا پاسا ٿا سُڄن]
او مانهنجا ڪوڏيلا ناٺيڙا! مانري کَٽڙلِي
مُلائيجو،
[اي منهنجا وڻندڙ ناٺي! منهنجي لاءِ کٽ
وٺي اچج]
سالڪ ڀيڻيويا...
[39][39]
تِرڇَل
وراڻي: اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ رُوپو، جنهن ري ٽِيلڙي
گهَڙائي.
[اڌ مڻ سون، اڌ مڻ چاندي، جنهن مان ٽِيلڙي
گهڙايم]
ٽيلڙي چهُوڙِي آتن ٻيٺي، تو نِڻندل مُنهن
مروڙيو-
[ٽيلڙي نراڙ تي لڳائي آتڻ ۾ ويٺيس ته نڻاڻ
منهن کي موڙو ڏنو]
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...
ڪانهين نڻندل مُنهن مروڙين! ٽيلڙي مانهنجي ٻاٻِي
جي گهڙائي-
[ڇو نڻانَ منهن کي مواڏين! ٽيلڙي پيءُ
ٺهرائي ڏني]
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...
ٽيلڙي چُهوڙي جَرنان پَڌرائي، اُٿڪي مانري ٽِيلڙي
گَم گئي-
[ٽيلڙي لڳائي تلاءُ تي ويس، اُتي منهجي
ٽيلڙي گم ٿي ويئي]
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...
ساري سنڌ را اوڏ تيڙاڙان، مانري ٽيلڙي سرور ۾
جُوئاڙان-
[سڄي سنڌ جا اوڏ گهرائي تلاءُ ۾ ٽيلڙي جي
ڳولا ڪرايم]
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...
جانهين ڳايا، جانهين سنڀڙيا، اُونئان نان گنگا
روسنان-
[جنهن ڳايو جنهن ٻڌو، انهن کي گنگا جي
سنان جو لاڀ مليو]
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...
[40][40]
وراڻي: کارڪان ليجو، ڪوپرا ليجو، ڏميندو ڏولهاب،
[کارڪون ۽ ڏونگهيون وٺي رکجو ته اسين رهاڻ
تي اچون]
آيوڙا اوهان جي رهاڻين ري ڪوڏي، مانهنجا پرديسي
ڀيڻيويا!
[اسين اوهان جي رهاڻ جون ڪوڏيون آهيون،
اوپرديسي ڀيڻويا]
جاوان ڇان گهَرِي کارڪان ليجو، ڪوپرا
ليجو...
[نه ته موٽي ٿيون وڃون- کارڪون ۽ ڏونگهيون
وٺي رکجو]
آيوڙا اوهان جي کارڪان ري ڪوڏي، مانهنجا هيتارو
ڀيڻيويا!
[اوهان جي کارڪن جي شوق تي آيون آهيون،
اسان جي عزت رکندڙ ڀيڻويا]
جاوان ڇان گهري- کارڪان ليجو، ڪوپرا
ليجو...
آيوڙا اوهان جي سوپاريان ري ڪوڏي، وَنڪڙيان مڇان
وارا ڀيڻيويا!
[اوهان جي سوپارين جي شوق ڪري آيون آهيون،
وٽيل مڇن وارا ڀڻويا]
جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا
ليجو...
آيوڙا اوهان جي واتان ري ڪوڏي، مانهنجا ننڍيا
ڀيڻيويا!
[اوهان جي ڳالهين جي شوق تي آيون آهيون،
اسان جا ننڍڙا ڀيڻويا]
جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا
ليجو...
آيوڙا اوهان جي وَچنان ري ڪوڏي، وچنا وارا
ڀيڻيويا!
[اوهان جي قولن جي شوق سان آيون آهيون،
قولن وارا ڀيڻويا]
جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا
ليجو...
آيوڙا اوهان جي رهاڻيان ري ڪوڏي، مانهنجا سگهڙ
ڀيڻيويا!
[اوهان جي رهاڻ جي شوق تي آيون آهيون،
اسان جا سگهڙ ڀيڻويا]
|