سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :14

8. لانئن جا ڳيچ

[91]

وراڻي: انبن تُوتٿن جون ٿڌيون ڇانوان،
                        سهڻل لهندم لانوان.

 

بينسر سهڻل جي لاڙئون آڻايان، تنهن تي مينا رکايان-
انبن توتن جون ٿڌيون ڇانوان، سهڻل لهندم لانوان.

 

جهالر سهڻل جي لاڙئون آڻايان، تنهن تي جواهر رکايان-
انبن توتن جون ٿڌيون ڇانوان، سهڻل لهندم لانوان.

 

دهري سهڻل جي لاڙئون آڻايان، تنهن تي موتي رکايان-
انبن توتن جون ٿڌيون ڇانوان، سهڻل لهندم لانوان.

 

[92] [1]

وراڻي: ساجهر سويل ادل کي پرڻايو، پر سگهو ڪنوار ملايو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل تن ۾ عجب رنگ لايو-
                    ساجهر سويل ادل کي پرڻايو.

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين تن ۾ عجب رنگ لايو-
                    ساجهر سويل ادل کي پرڻايو.

 

هٿ لاڏل جا ميندي رتڙا، ڇلڙن تن ۾ عجب رنگ لايو-
                    ساجهر سويل ادل کي پرڻايو.

 

[93]

وراڻي: ادل منهنجي لانئون لڌيون اڄ رات، پرهه ڦٽي پرڀات.
              اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-

ڪجل هي رنگ لاءِ، ادل منهنجي لانئون لڌيون اڄ رات.

 

ڏند پڙهيل جا ماڻڪ موتي مسيءَ جوڙ بناءِ-

سرخي هي رنگ لاءِ، ادل منهنجي لانئون لڌيون اڄ رات.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بناءِ-

لاليءَ هي رنگ لاءِ، ادل منهنجي لانئون لڌيون اڄ رات.

 

[94]

وراڻي: منهن برابر موڙ، اچي ٿو راڄن سان،
ادل لانءَ لڌي، پنهنجي وَنيءَ سان.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل عجب رنگ لايو-
       ادل لانءَ لڌي، پنهنجي وَنيءَ سان…

 

ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ عجب رنگ لايو-
       ادل لانءَ لڌي، پنهنجي وَنيءَ سان…

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن عجب رنگ لايو-
       ادل لانءَ لڌي، پنهنجي وَنيءَ سان…

 

 

[95]

وراڻي: اسر جي ويلي لانئون ٿو لهي،
فجر جي ويلي نفل ٿو پڙهي.

 

پار درياهون وينڊو ٿو گهڙجي، منهنجو مٺل مومل وٺي آيو-
فجر جي ويلي نفل ٿو پڙهي، اسر جي ويلي لانئون ٿو لهي.

 

پار درياهون دُهري ٿي گهڙجي، منهنجو سهڻل وَنُل وٺي آيو-
فجر جي ويلي نفل ٿو پڙهي، اسر جي ويلي لانئون ٿو لهي.

 

پار درياهون جهالر ٿي گهڙجي، منهنجو ادل شادي ڪري آيو-
فجر جي ويلي نفل ٿو پڙهي، اسر جي ويلي لانئون ٿو لهي.

 

[96]

وراڻي: لانئون لهندو، سيج تي آيو، سو ته سهڻو اسر ويل،
          ماءُ ٺري آهي ڙي لال! لانئون لهندو، سيج تي آيو.

 

بينسر ته گهڙائي ڏي، تون مور لاڏا!
لاڏل لڏندو، سيج تي آيو، سو ته سهڻو اسر ويل-
               لانئون لهندو، سيج تي آيو.

 

دهري ته گهڙائي ڏي، تون مور لاڏا!
ڳانو ٻڌندو سيج تي آيو، سو ته سهڻو اسر ويل-
               لانئون لهندو، سيج تي آيو.

 

سونا ڪنگڻ گهڙائي ڏي، تون مور لاڏا!
ادل کلندو، سيج تي آيو، سو ته سهڻو اسر ويل-
               لانئون لهندو، سيج تي آيو.

 

[97]

وراڻي: تنهنجي بنگلي اڳيان بيٺي ڳايان، سهڻا لال!
لانئون لهندو سيج تي اچ، موڙ ٻڌندو سيج تي اچ.

 

تنهنجي پرڻي جي ويلي، ماءُ ٺري منهنجا لال!
              موڙ ٻڌندو سيج تي اچ…

 

تنهنجي پرڻي جي ويلي، ڀيڻ ٺري منهنجا لال!
              موڙ ٻڌندو سيج تي اچ…

 

تنهنجي پرڻي جي ويلي، پيءُ ٺريو منهنجا لال!
              موڙ ٻڌندو سيج تي اچ…

 

[98] [2]

وراڻي؛ اديون! لاڏل کي، لاوان ڏياريو،
هن وقت هاڻي، مومل سان ملايو.

 

پهراڻ لاڏل جو، قيمت هزارين،
لاڏل لونگي سان، انهيءَ لوڏ آيو-
             اديون! لاڏل کي.

سٿڻ مور سهڻي، قيمت هزاري،
پانچا زريءَ سان، انهيءَ ويل آيو-
             اديون! لاڏل کي.

 

[99] [3]

وراڻي: لانئون لهي نه ڪر دير، اسين وڃڻ وارا،
اسين وڃڻ وارا، مٺيءَ محبت وارا.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
                  لانئون لهي نه ڪر، دير.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
                  لانئون لهي نه ڪر، دير.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
                 لانئون لهي نه ڪر، دير.

 

سيج ادل جي ساهرين سهندين، لانئن جوڙ بنايو-
                  لانئون لهي نه ڪر، دير.

 

[100]

وراڻي: لانئون لهه جلدي، سج ڄاڻ اُڀريو،
سج ڄاڻ اُڀريو، پنڌڙو پري ٿئي.

 

لاءِ ميندي جلدي، ٻڌ ڳانو جلدي، چڙهه کاري جلدي-
                   سج ڄاڻ اُڀريو، پنڌڙو پري ٿئي.

 

چڙهه گهوڙي جلدي، سرگس ڪراءِ جلدي، نفل پڙهه جلدي-
                   سج ڄاڻ اُڀريو، پنڌڙو پري ٿئي.

 

سيج وڇاءِ جلدي، گهوٽ ويهار جلدي، سوڻ ڪر جلدي-
                   سج ڄاڻ اُڀريو، پنڌڙو پري ٿئي.

 

[101]

وراڻي: لهه لانئون، تنهنجون آسوُن ربّ پڄايون.

بينسر بني جي مان لاڙئون آڻايان، جيڪا ڪنوار کي پارايون-
              لهه لانئون، تنهنجون آسون ربّ پڄايون.

 

دهري لاڏل جي ولائتون آڻايان، سا ته ونيءَ کي پارايون-
              لهه لانئون، تنهنجون آسون ربّ پڄايون.

 

ٻانهين ادل جي سڪ مان چيرايان، سر تيون! ڳيچ خوشيءَ جا ڳايون-
      لهه لانئون، تنهنجون آسون ربّ پڄايون.

 

[102] [4]

وراڻي: آءُ منهنجا گلابي گل! اچي ويهه اوري،
اچي ويهه اوري، لانئون لهي چڙهه گهوڙي.

 

سون ته سڀ توتئون گهوريو-

آءُ منهنجا گلابي گل! اچي ويهه اوري.

 

ڳانو ٻڌي تون چڙهه کاري-

آءُ منهنجا سڪيلڌا گل! اچي ويهه اوري.

 

[103]

وراڻي: لانئون لهي وٺ مور! اڇا گل ڇَٽايان، سرهي سيج وڇايان.

 

بينسر لاڏل جي لاڙئون آڻايان، اڇا گل ڇَٽايان-  
  لانئون لهي وٺ مور! سرهي سيج وڇايان.

 

دهري لاڏل جي لاڙئون آڻايان، اڇا گل ڇَٽايان-  
  لانئون لهي وٺ مور! سرهي سيج وڇايان.

 

پَنِڙا لاڏل جا لاڙئون آڻايان، اڇا گل ڇَٽايان-  
  لانئون لهي وٺ مور! سرهي سيج وڇايان.

 

[104] [5]

وراڻي: سورن واري هڪ گولي، ٻُڌ ٻولي، لهه لانئون مومل سان راڻا!
مائٽن ڏني آ ڏکڻ جي لولي، ٻڌ ٻولي، لهه لانئون مومل سان راڻا!

 

پير اسان جو حضرت ميران، ڪل جي آس پڄاءِ-
              لهه لانئون، سهڻي ميهر سان…

 

اڇو رنگ لايان، گل گلابي پايان-
              لهه لانئون، سهڻي ميهر سان…

 

رانل ٻَڌا ڳانا، هٿن ميندي لايان-
              لهه لانئون، سهڻي ميهر سان…

 

[105]

وراڻي: آيو لانئن تي، ادل گهوٽ آيو،
ادل گهوٽ آيو، راڻو دلبر آيو.

 

بينسر جو رنگ سونهري سهڻو، گهڙائي آيو گهوٽ من مهڻو-
                      آيو لانئن تي، ادل گهوٽ آيو.

 

دهريءَ جو رنگ سونهري سهڻو، گهڙائي آيو گهوٽ من مهڻو-
                      آيو لانئن تي، ادل گهوٽ آيو.

 

ٻانهينءَ جو رنگ سونهري سهڻو، گهڙائي آيو گهوٽ من مهڻو-
                      آيو لانئن تي، ادل گهوٽ آيو.

 

[106]

وراڻي: ادل آيو لانئن تي، ڀال ڀلي جا ڀانيان.
    پتاشا ۽ مصري، اُٺن کي پياريان-

ادل آيو لانئن تي، ڀال ڀلي جي ڀانيان.

 

شربت ۽ کير جون خيراتون هلايان-

ادل آيو لانئن تي، ڀال ڀلي جا ڀانيان.

 

سهڻي ڪنوار، ڀاءُ پنهنجي سان ملايان-

ادل آيو لانئن تي، ڀال ڀلي جا ڀانيان.

 

[107] [6]

وراڻي: اُٿي ڪنوار! ٿيءُ هوشيار، لاڏو آيو اٿئي،
لاڏو آيو اٿئي، وارث آيو اٿئي.

 

بينسر ادل جي مان ولائتون آڻايان-

اُٿي وڏُل! ٿيءُ هوشيار، لاڏو آيو اٿئي.

 

دهري لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-

اُٿي وڏُل! ٿيءُ هوشيار، لاڏو آيو اٿئي.

 

ٻانهين سڄڻ جي مان ولائتون آڻايان-

اُٿي وڏُل! ٿيءُ هوشيار، لاڏو آيو اٿئي.

 

[108]

وراڻي: سسئيءَ جي سر لاءِ سوداگري ٿي آيو،
اٿي جاڳ، ٿي سجاڳ، پنهل پاڻ آيو.

 

پير اسان جو حضرت ميران، ڪل جي آس بچايو، پنهل پاڻ آيو-
                    سسئيءَ جي سر لاءِ سوداگر ٿي آيو.

 

پير اسان جو سوئيءَ وارو سائين، واليءَ ويڙهوو سايو، پنهل پاڻ آيو-
                    سسئيءَ جي سر لاءِ سوداگر ٿي آيو.

 

[110] [7]

وراڻي: لانئون لهندو لاڏل منهنجو، سيج تي ويهندو سوڍل منهنجو.
            اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

لانئون لهندو لاڏل منهنجو.

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، موتين جوڙ بنايو-
             لانئون لهندو لاڏل منهنجو.

 

هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
             لانئون لهندو لاڏل منهنجو.

 

[111]

وراڻي: آءُ پکي ۾ پيهي، لانئون لَهه تون ويهي،
شان شريعت سان ٿي، ابل بني جي شادي،
الله ڪندئي اولادي، پروردگار پاڪ ڌڻي.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو اٿئي-
              آءُ پکي ۾ پيهي، لانئون لَهه تون ويهي.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو اٿئي-
              آءُ پکي ۾ پيهي، لانئون لَهه تون ويهي.

 

هٿ سوڍل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو اٿئي-
              آءُ پکي ۾ پيهي، لانئون لَهه تون ويهي.

 

[112] [8]

وراڻي: لَههُ ڙي اَدل! لَههُ لِيمَن هيٺ،
ور ڙي پٽن ماءُ! ويهي ڏينس لانئون.

 

ويهي ڏينس لانئون، ڏينهڙو سدورو-
ور ڙي پٽن ماءُ! ويهي ڏينس لانئون.

 

ويهي ڏينس لانئون، پرڀ سڳورو-
ور ڙي پٽن ماءُ! ويهي ڏينس لانئون.

 

ويهي ڏيونس لانئون، نکٽ سدورو-
ور ڙي پٽن ماءُ! ويهي ڏينس لانئون.

 

 

[113]

وراڻي: مُنهَن تي سوُنهن موڙ، دل ساهرن سان،
ادل لهندم لانئون، ڏاڏي پوٽيءَ سان.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مَنهَن تي سوُنهن موڙ، دل ساهرن سان.

 

جهالر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مَنهَن تي سوُنهن موڙ، دل ساهرن سان.

 

دُهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مَنهَن تي سوُنهن موڙ، دل ساهرن سان.

 

[114]

وراڻي: اَسر تارو اُڀريو، ادل وِڌڙم کٽ،
کٽ تي سونا گهنگهرو ڙي! اٿن گُلن جي ڇَٽ،
مان ته ويهي پرڻايان، ادل ڳاڙهي کٽ.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
             اســـــر تـــــارو اڀــــريو ادل وڌڙم کٽ،

مان ته ويهي پرڻايان ادل ڳاڙهي کٽ.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو-
             اســـــر تـــــارو اڀــــريو ادل وڌڙم کٽ،

مان ته ويهي پرڻايان ادل ڳاڙهي کٽ.

هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي جوڙ بنايو-
             اســـــر تـــــارو اڀــــريو ادل وڌڙم کٽ،

مان ته ويهي پرڻايان ادل ڳاڙهي کٽ.

 

[115] [9]

وراڻي: سهڻل منهنجو نيئي محلي وهاريو،
ابل منهنجو نيئي پَکي پرڻايو.

 

دُهري پنهنجي ابل پاڻ گهڙائيندو-
        سهڻل منهنجو نيئي محلي وهاريو.

 

ٻانهين پنهنجي، ابل پاڻ جوڙائيندو-
           ابل منهنجو نيئي پکي پرڻايو.

 

پازيب پنهنجا، ابل پاڻ جوڙائيندو-
          ابل منهنجو نيئي پکي پرڻايو.

 

[116]

وراڻي: منهنجي سهڻل لانئون لڌيون، وينديس گهوري! هيءَ ماءُ صدقي.

 

جي مان ڄاڻان ته منهنجو سهڻل مامن سان ٿو هلي-

منهنجي لاڏل لانئون لڌيون، وينديس گهوري! هيءَ بُوئا صدقي.

 

جي مان ڄاڻان ته منهنجو ادل چاچن سان ٿو اچي-

منهنجي ادل لانئون لڌيون، وينديس گهوري! هيءَ ڀيڻ صدقي.

 

جي مان ڄاڻان ته منهنجو گهوٽل ڀائرن سان ٿوگهمي-

منهنجي سهڻل لانئون لڌيون، وينديس گهوري! هيءَ ماسي صدقي.

 

[117] [10]

وراڻي: لاڏل لانئون لڌيون، آءٌ ڏاڍي خوش ٿي آهيان.

 

سر لاڏي جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
                     لاڏل لانئون لڌيون.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا ڪجل جوڙ بنايو-
                     لاڏل لانئون لڌيون.

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڇلڙن جوڙ بنايو-
                     لاڏل لانئون لڌيون.

 

[119]

وراڻي: ادل وهنجي سيج تي آيو، لاڏو لانئون ته لهڻ آيو،
لال اسان جو ويڙهو ته وسايو، پيرل اسان جو پاڙو ته وسايو.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
              لاڏو لانئون ته لهڻ آيو…

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
              لاڏو لانئون ته لهڻ آيو…

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
              لاڏو لانئون ته لهڻ آيو…

9. ڪنوار جي منهن ڏسڻ جا ڳيچ

[120]

وراڻي: باغن ۾ وڌم ووڙ، مِٺُو پاڻ آيو،
مِٺُو پاڻ آيو، مومل ساڻ ملايو.
         ارباب ادل منهنجو پاڻ آيو-

باغن ۾ وڌ وؤڙ.

شهزادل گهوٽ منهنجو پاڻ آيو-
                باغن ۾ وڌ وؤڙ.

سڄڻ سهڻو ڪري سينگار آيو-
                باغن ۾ وڌ وؤڙ.

[121] [1]

وراڻي: منهنجي گلابيءَ جي گل کي ايڏي دير نه لايو، مومل ساڻ ملايو،
منهنجي صرافي جي شمع کي ايڏي دير نه لايو، ونل ساڻ ملايو.
         اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

مومل ساڻ ملايو…

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
                        مومل ساڻ ملايو…

هٿ ادل جا ماڻڪ موتي، ڳانن جوڙ بنايو-
                        مومل ساڻ ملايو…

 

[122]

وراڻي: وني ته لاڏل کي ڪڇ ۾ سُونهندي، سونا گل گلابي،
ادل ڪنوار وارو، لاڏل ڀاڳ وارو، سونا گل گلابي.
       اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ لڳو وارو-

وني ته لاڏل کي ڪڇ ۾ سونهندي، سونا گل گلابي.

ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جو لڳو وارو-
وني ته لاڏل کي ڪڇ ۾ سونهندي، سونا گل گلابي.
هيٺ ته ادل جي هرڻا مهري، گاشي جو لڳو وارو-
وني ته لاڏل کي ڪڇ ۾ سونهندي، سونا گل گلابي.

 

[123] [2]

وراڻي: رنگ محلات ۾ آءُ بنا! توکي ڏاڏي پوٽي آهي مِلي مِلي،
ڏاڏي پوٽي آهي ملي ملي، توکي سڳڙي سؤٽ آهي ڊهي ڊهي.
              سوني بينسر گهڙائي ڏي ونا بنا!

رنگ ملات ۾ آءُ بنا!

 

سوني دهري گهڙائي ڏي ونا بنا!

رنگ ملات ۾ آءُ بنا!

 

سوني ٻانهين گهڙائي ڏي ونا بنا!

رنگ ملات ۾ آءُ بنا!

 

[124]

وراڻي: هلو مون سان گڏجي راڻيءَ جي محلات ڏي،
راڻيءَ جي محلات ڏي، ادل جي ڪنوار ڏي.

 

بنسر ادل جي لاڙئون آڻايان-

هلو مون سان گڏجي راڻيءَ جي محلات ڏي.

 

ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان-

هلو مون سان گڏجي راڻيءَ جي محلات ڏي.

 

[125]

وراڻي: اکين ٻَرُ لائيان، نيڻن ننڊ لاهيان، هل ڙي ادل! توکي مومل ملايان.
اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايان-
               اکين پر لائيان، نيڻن ننڊ لاهيان.

 

ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايان-
              اکين ٻر لائيان، نيڻڻ نڊ لاهيان.

 

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايان-
            اکين ٻر لائيان، نيڻن ننڊ لاهيان.

 

[126] [3]

وراڻي: آءُ ڙي راڻل! توکي ليلان ملايان،
ليلان ملايان، سهڻي سيج وڇايان.

 

بينسر گهڙايان، سيج وڇايان-
آءُ ڙي راڻل! توکي ليلان ملايان.

 

دهري گهڙايان، سيج وڇايان-
آءُ ڙي راڻل! توکي ليلان ملايان.

 

ٻانهين گهڙايان، سيج وڇايان-
آءُ ڙي راڻل! توکي ليلان ملايان.

 

[127]

وراڻي: آءُ بَنا! مورَ بَنا! وَنا بَنا!
توکي مومل ملايان، توکي جيڏل ملايان.

 

نڪ لاڏيءَ جي وينڊو سونهندو-
                آءُ بنا! منور بنا! ونا بنا!

ڳچيءَ ته لاڏيءَ جي دهري سونهندي-
                آءُ بنا! منور بنا! ونا بنا!

هٿ لاڏيءَ جي منڊيون سونهنديون-
                آءُ بنا! منور بنا! ونا بنا!

 

[128] [4]

وراڻي: ٻانهي لوڏي لوڏي، لاڏل! آءُ ونيءَ ڏي،
               پنهنجيءَ ونيءَ ڏي.

چڱي بينسر جوڙائي مان لاڙئون آڻايان-
ٻانهن لوڏي لوڏي، لاڏل! آءُ ونيءَ ڏي.

 

چڱي ٻانهين جوڙائي مان لاڙئون آڻايان-
ٻانهن لوڏي لوڏي، لاڏل! آءُ ونيءَ ڏي.

 

چڱي بينسر جوڙائي مان لاڙئون آڻايان-
ٻانهن لوڏي لوڏي، لاڏل! آءُ ونيءَ ڏي.

 

[129]

وراڻي: چتونئڙو درياءَ پار جو، ڄاڃين آڻايون،
ٻولي ٿو وَنل سان، لاڏل ويهاريو.

 

کڻي اکڙيون، نيڙي نهاريو-

ٻولي ٿو مومل سان، لاڏل ويهاريو.

 

سونن سنجن سان، نيري گهمايو-

ٻولي ٿو مومل سان، لاڏل ويهاريو.

 

[130]

وراڻي: چُنڙي وارو، چيرڙي وارو، لوڏ ڳاهيلو ڙي.
سانول ٻائي! ڍوليو پالرُ جهلي، راڻل منڌ سين ٿو کلي.

 

اسان آسون پنيون-

چنڙيءَ وارو، چيرڙي وارو، لوڏ ڳاهيلو ڙي.

 

ٻاجهٽ پايون ٻنڀ تي-

چنڙيءَ وارو، چيرڙي وارو، لوڏ ڳاهيلو ڙي.

 

ڀيڻ ٿي پڇي ڀاءُ کان-

چنڙيءَ وارو، چيرڙي وارو، لوڏ ڳاهيلوڙي.

 

 

 

 

[131]

 

وراڻي: مان پنهنجو جوڙيل ڏٺو، سهرن سان هو سيج تي ويٺو،
مان پنهنجو ادل ڏٺو، ونيءَ ڪول هو ويٺو.
               تارن ڀرڙي رات، گلن ڀرڙيس پاند-

مان پنهنجو جڙيل ڏٺو.

 

چنڊ چانڊوڪي رات، ڦلن ڀريس سيج-
           مان پنهنجو ادل ڏٺو.

 

ڀيڄ ڀنڙي رات، ڦلڙن ڀريس پڳ-
             مان پنهنجو جُڙيل ڏٺو.

 

10. مارڪي جا ڳيچ

[132] [5]

وراڻي: گڏ گوڏي ويهي، ادل مون پرڻايو،
اتان پرڻايون، جتي سندس رايو.

 

بينسر ادل جي مان سوني ٺهرائي-
گڏ گوڏي ويهي، ادل مون پرڻايون.

 

دهري ادل جي مان سوني ٺهرائي-
گڏ گوڏي ويهي، ادل مون پرڻايون.

 

هار ادل جي مان سونو ٺهرائي-
گڏ گوڏي ويهي، ادل مون پرڻايون.


 

[133]

وراڻي: صاحبزادو مامن وارو، اُسُرويلي پيءُ پرڻايو، صبح سويلو ماءُ ڳل لايو.

 

بينسر گهڙائيندو لاڏ مان لاڏو – صاحبزادو مامن وارو.
دهري گهڙائيندو لاڏ مان لاڏو – صاحبزادو مامن وارو.
ٻانهين گهڙائيندو لاڏ مان لاڏو – صاحبزادو مامن وارو.

 

[134][1]

وراڻي: ادل رات پرڻيو راڻي پٺاڻي،
جئي شال جيڏل! سگهڙ سياڻي.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
          ادل رات پرڻيو راڻي پٺاڻي.

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
          ادل رات پرڻيو راڻي پٺاڻي.

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
          ادل رات پرڻيو راڻي پٺاڻي.

 

11. مبارڪن جا ڳيچ

[135]

وراڻي: منهنجي رانجهن جي گهر ڪاڄ،
اديون! مان ڀانيان سهڻل گهر ڪاڄ،
اچو شريڪ! ڏيو مبارڪون.

 

اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل هي رنگ لايو-
                      اچو شريڪ! ڏيو مبارڪون.

 

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
                      اچو شريڪ! ڏيو مبارڪون.

 

سيج سهڻل جي ساهرين سونهندي، موڙن هي رنگ لايو-
                      اچو شريڪ! ڏيو مبارڪون.

 

[136] [2]

وراڻي: سهيليان اربيليان ڙي! ميڪون ڏيوو مبارڪون،
                       مين جوڙيل پرڻائي گهر آئي هان.

 

چُڻٻ چُڻ چنبيلي ديان ڪليان، جوڙيل! ماڻ سهري ديان ڳليان-
           سهيليان اربيليان ڙي! ميڪون ڏيوو مبارڪ.

 

چُڻٻ چُڻ گلاب ديان ڪليان، جوڙيل! ماڻ سهري ديان ڳليان-
           سهيليان اربيليان ڙي! ميڪون ڏيوو مبارڪ.

 

چُڻٻ چُڻ رابيل ديان ڪليان، جوڙيل! ماڻ سهري ديان ڳليان-
           سهيليان اربيليان ڙي! ميڪون ڏيوو مبارڪ.

[137]

وراڻي: آيل ! توکي نَو لک مبارڪون ، تنهنجو وارو ربّ ورايو،
سوڍل ماءُ کي مبارڪون، جنهن جو وارو واليءَ ورايو.

 

چڱي بينسر جوڙائي لاڏل لاڙئون آيو-

سوڍل ماءُ کي مبارڪون، جنهن جو وارو واليءَ وارو…

 

چڱي مالها جوڙائي لاڏل لاڙئون آيو-

سوڍل ماءُ کي مبارڪون، جنهن جو وارو واليءَ وارو…

 

چڱي ٻانهين جوڙائي لاڏل لاڙئون آيو-

سوڍل ماءُ کي مبارڪون، جنهن جو وارو واليءَ وارو…

 

[138]

وراڻي: ڙي مائي سؤ سٺ مبارڪن جا، نو لک مبارڪن جا،
تنهنجو لايو ٿيو سجايو، تنهنجو نالو الله وڌايو.

 

چڱي بينسر جوڙائي ادل آيو، تنهنجو لايو ٿيو سجايو-
        توکي نو لک مبارڪن جا ڙي مائي!

 

چڱي دهري جوڙائي ادل آيو، تنهنجو لايو ٿيو سجايو-
        توکي نو لک مبارڪن جا ڙي مائي!

 

چڱي جهالر جوڙائي ادل آيو، تنهنجو لايو ٿيو سجايو-
        توکي نو لک مبارڪن جا ڙي مائي!

[139] [3]

وراڻي: ڏيو ڏيو نو لک مبارڪون، ڀلي ڏيو سَوَ سٺ مبارڪون،
بنري کي ڏيو، سهڻل کي ڏيو، نو لک مبارڪون .

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، گلن جوڙ بنايو-
           ڏيو ڏيو نو لک مبارڪون.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
           ڏيو ڏيو نو لک مبارڪون.

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
           ڏيو ڏيو نو لک مبارڪون.

 

 

[140]

وراڻي: نوَ لک مبارڪون ڏيو، ڏيو سٺ لک مبارڪون ،
اَدل منهنجو سيج تي آيو، لانئن جو آهي سعيو.

 

وينڊو اَدل جو سدا رنگ سهڻو،

پائي ڪنوار سا ادل جي سدا سهڻي،

اَٿس ڀاڳ ڀڙايو – نوَ لک مبارڪون ڏيو.

 

دهري اَدل جو سدا رنگ سهڻي،

پائي ڪنوار سا ادل جي سدا سهڻي،

اَٿس ڀاڳ ڀڙايو – نوَ لک مبارڪون ڏيو.

 

ڪنوار اَدل جي آهي موچاري

صاحب ڪئي آهه جنهن تي ستاري،

صهري سس کي نمايو – نوَ لک مبارڪون ڏيو.

 

[142] [4]

وراڻي: لاڏل ماءُ جو هينئڙو ٺريو، باغ بهاريو،
                 توکي اول مبارڪ لاڏل ماءُ!

بينسر گهڙائج نهري، لاڏل ماءُ جو هينئڙو ٺريو، باغ بهاريو-
                توکي اول مبارڪ لاڏل ماءُ!

 

دهري گهڙائج نهري، لاڏل ماءُ جو هينئڙو ٺريو، باغ بهاريو-
                توکي اول مبارڪ لاڏل ماءُ

 

مالها گهڙائج نهري، لاڏل ماءُ جو هينئڙو ٺريو، باغ بهاريو-
                توکي اول مبارڪ لاڏل ماءُ

 

[143]

وراڻي: نو لک مبارڪان هو ونئي، مائي! نو لک مبارڪان هو ونئي.
ايڏوُن اوڏوُن نهرين ڌيرين، ٻ يٺيان موتي پوونئي، مائي!
نو لک مبارڪان هوونئي، مائي! لک لک مبارڪان هو ونئي.

 

ايڏون اوڏون پٽ ۽ پوٽي، ٻيٺي موتي پوونئي، مائي!
نو لک مبارڪان هوونئي، مائي! لک لک مبارڪان هو ونئي.

ايڏون اوڏون ڀرا ڀٽيجي، ٻيٺي موتي پوونئي، مائي!
نو لک مبارڪان هوونئي، مائي! لک لک مبارڪان هو ونئي.

 

[144] [5]

وراڻي: نو لک مبارڪون ڏيو، ڙي بابس کي ڏيو،
بابس کي ڏيو، ماڻس کي ڏيو، ڀلي ڀلي ڏيو.

 

سونهن ۾ ادل آهي سرسو سوايو، مائٽن کي اهي ادل پيارو-
                       نو لک مبارڪون ڏيو.

 

الله وڌايو، پيرن جوڙيو، مون تي الله جو اهي ٿورو،
                       نو لک مبارڪون ڏيو.

 

[145]

وراڻي :  ميندڙي هي رنگ لايا، تيڏي بابي ڪون مبارڪ وي بنا!
لايا ٿيئڙم سجايا، تيڏي امڙ ڪونه مبارڪ وي بنا!
                  ميندڙي هي رنگ لايا.

 

دشمن ٿي ڳيا هئي آجايا، تيڏي ماسي ڪونه مبارڪون بنا!
                  ميندڙي هي رنگ لايا.

 

مين لک مرادان پايان، تيڏي اَدل ڪونه مبارڪ وي بنا!
                  ميندڙي هي رنگ لايا.

 

مل سرتين سهرا ڳايا، تيڏي پڦي ڪون مبارڪ وي بنا.
                  ميندڙي هي رنگ لايا.

 

[146]

وراڻي: مبارڪ ڙي مبارڪ، ادي! منهنجي الله پڄائي،

الله پڄائي ڙي، منهنجي موليٰ پڄائي.

 

مبارڪون مونکي ڏياريون، موليٰ، منهنجي خدا آس پڄائي-
   مبارڪ ڙي مبارڪ، ادي! منهنجي الله پڄائي.

 

خوشيون مونکي ڏيکاريون موليٰ، ڀينر! ڳيچ خوشيءَ جا ڳايان-
   مبارڪ ڙي مبارڪ، ادي! منهنجي الله پڄائي.

 

ڏنيون خوشيون مونکي آهن ڏاتر، اها ته الله کي جڳائي وڏائي-
  مبارڪ ڙي مبارڪ، ادي! منهنجي الله پڄائي.

 

[147]

وراڻي: تيڪون شادي مبارڪ ڏيندي آن،
  تيڪون ميندي مبارڪ ڏين آن،

 

آءُ سوڍل چڙهه سيج تي، آءُ بنا! چڙهه سيج تي،
             تيڪون موڙن مبارڪ ڏيندي آن.

 

اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنائيندي آن-
آءُ سوڍا! چڙهه سيج تي، تيون شادي مبارڪ ڏيندي آن.

 

ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنائيندي آن-
آءُ راڻاٰ! چڙهه سيج تي، تيڪون شادي مبارڪ ڏيندي آن.

 

هٿ لاڏل دي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بنايندي  آن-
آءُ سهڻا! چڙهه سيج تي، تيڪون شادي مبارڪ ڏيندي آن.

 

[148] [6]

وراڻي:  گهر جي آڻڻ جي، مومل جي ماڻڻ جي،
   ادل! توکي مبارڪ آهي ملي…

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
               ادل! توکي مبارڪ آهي ملي…

 

ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو-
               ادل! توکي مبارڪ آهي ملي…

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن وڙ بنايو-
               ادل! توکي مبارڪ آهي ملي…

 

[149]

وراڻي: ڪنوار اَدل جي گهرآئي آهه، توکي موليٰ مبارڪ ڏياري آهه.
توکي پنجن تنن پهرايو آهه، اڄ رات ڀلاري آئي آهه-
تنهنجي شاديءَ جي اڄ تياري آهه، ڪنوار ادل جي گهر آئي آهه.

 

[150]

وراڻي: پيارل مبارڪ، جيوين سر سلامت هو وَنِئي، ڪاڄ سريا بنا!
پير اسان جو حضرت ميران، ڪل دي آس پڄايو-
                   پيارل مبارڪ جيوين.

 

سر لاڏل دي سوني سهري، سهرن هي رنگ لايو-
                   پيارل مبارڪ جيوين.

 

علي نبي دي پاکر هووئي، علي سائين ڇٽ جُهلايو-
                   پيارل مبارڪ جيوين.

 

[151] [7]

وراڻي: توکي ملي آهه مبارڪ مانَ جي الا،

مــــانَ جـــي الا، شـــابي شانَ جي الا.

 

خاصي دهري به گهڙائي ڏي شان جي الا-
      توکي ملي آهه مبارڪ مانَ جي الا.

 

خاصا چوٽي ڦل به گهڙائي ڏي شان جا الا-
      توکي ملي آهه مبارڪ مانَ جي الا.

 

[152]

وراڻي: دران مرشد جي ملي ٿئي مبارڪ، دران دلبر جي ملي ٿئي مبارڪ،
توسان حامي حضرت پير، تو سان مدد محي الدين.
لاڏل مائي الله وڌائي، سيڻن سدا رنگ لايو-

دران مرشد جي ملي ٿئي مبارڪ.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
   دران مرشد جي ملي ٿئي مبارڪ.

 

پير اسان جو حضرت ميران، ڪل جي آس پڄايو-
   دران مرشد جي ملي ٿئي مبارڪ.

 

[153] [8]

وراڻي: ادل مور لاڏا! مِليَئي لک مبارڪون،
حوران آيئي، هُل هُلايئي، ڀينر آيئي، ڌڄ لايئي،
ادل مور لاڏا! مليئي سو مبارڪون .

 

ڀائر آوئي، ڀاڪر پاوئي، نياڻيان آوئي، رڄ لاوئي-
ادل مور لاڏا! مليئي سو مبارڪون .

 

[154]

وراڻي: خير مبارڪ ادل! توکي ملي آهه، خير مبارڪ لاڏل توکي ملي آهه.

 

تنهنجو قرب لڳو آهي قرآن سان-
راڄ مبارڪ ادل! توکي ملي آهه.

 

تنهنجو روح ريڌو آهي نماز سان-
خير مبارڪ لاڏل! توکي ملي آهه.

 

تنهنجو نينهن لڳو آهي روزن سان-
راڄ مبارڪ سهڻل! توکي ملي آهه.

 

[155]

وراڻي: ملي آهه مبارڪ لاڏي بني کي، ڊهي آهه مبارڪ لاڏي بني کي،
هٿن پيرن کي حورن ميندي لائي آهه، مٿان مينگهه ملهاري آهه.

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، گلن جوڙ بنايو آهه.
              ملي آهه مبارڪ لاڏي بني کي.

 

اکيون ادل جون ڪجليون ڪاريون، سرمي جوڙ بنايو آهه-
             ملي آهه مبارڪ لاڏي بني کي.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، مينديءَ جوڙ بنايو آهه-
             ملي آهه مبارڪ لاڏي بني کي.

 

[156]

وراڻي: ابا! شاديءَ جي مبارڪ، ابا! ونيءَ جي مبارڪ.

 

الله ڏنا دادلا، ابا! شاديءَ جي مبارڪ.
عطر ٿالهه ڀري، ابا! ويس جي مبارڪ.
پيرن ڏنا سهڻا ابا! ونيءَ جي مبارڪ.

 

[157]

وراڻي: توکي ملي ڙي مبارڪ، اڄ بنرا!
اڄ بنرا جواڻي ماڻين بنرا!

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، زريءَ جوڙ بنايو-
              توکي ملي ڙي مبارڪ، اڄ بنرا!

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
              توکي ملي ڙي مبارڪ، اڄ بنرا!

 

چپ لاڏل جا سنهڙا سهڻا، سرخيءَ جوڙ بنايو-
              توکي ملي ڙي مبارڪ، اڄ بنرا!

 

[158] [9]

وراڻي: خوشيءَ مؤن خاوند توکي ڏياريون ته مبارڪون.
خوش لاڏل تنهنجا ماءُ پي ٿيئڙا، گهورين پيا توتان جِند-
           خوشيءَ مؤن خاوند توکي ڏياريون ته مبارڪون.

 

چئن يارن توسان ڪيڙي چڱائي، هميشه هر هنڌ-
         خوشيءَ مؤن خاوند توکي ڏياريون ته مبارڪون.

 

الله اولادي ڪندئي ڙي بنرا! توکي ڏيندو فرزند-
           خوشيءَ مؤن خاوند توکي ڏياريون ته مبارڪون.

 

[159]

وراڻي: اديون! ڏيو مبارڪ، ڀينر! مبارڪ، لاڏي بني کي،
           لاڏي بني کي، سهڻي بني کي.

وڳو منهنجي حافظ جو سهڻو ڏيو سينگاري-
        اديون! ڏيو مبارڪ، لاڏي بني کي.

 

مهري منهنجي حافظ جو سهڻو ڏيو سينگاري-
        اديون! ڏيو مبارڪ، لاڏي بني کي.

 

سيج منهنجي حافظ جي سهڻي ڏيو سينگاري-
        اديون! ڏيو مبارڪ، لاڏي بني کي.

 

[160] [10]

وراڻي: ڏيو مبارڪ، سهڻل گهر آيو، قرب جا قدم اڱڻ گهمائيندو،
ڏيو مبارڪ، پيارل گهر ايو، پرت جا پير اڱڻ گهمائيندو.

 

بينسر گهڙائيندو، لاڙئون آڻائيندو- ڏيو مبارڪ، سهڻل گهر آيو.
بولو گهڙائيندو، لاڙئون آڻائيندو- ڏيو مبارڪ، سهڻل گهر آيو.
ٻانهين گهڙائيندو، لاڙئون آڻائيندو- ڏيو مبارڪ، سهڻل گهر آيو.

 

[161]

وراڻي: ڇَٽ جُهلي آيو، آيو بني تي، آيو بني تي،
هلي ڏيو مبارڪ، لاڏي بني کي، سهڻي بني کي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
                    ڇَٽ جُهلي آيو، آيو بني تي.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
                    ڇَٽ جُهلي آيو، آيو بني تي.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
                    ڇَٽ جُهلي آيو، آيو بني تي.

 

[162] [11]

وراڻي: الله جوڙيئي لاڏي کي، اوهين راڄ مبارڪون ڏيو،
سڪيلڌي بني کي، اوهين ڀائر مبارڪون ڏيو.

 

ڇنن جو سايو الا، سايي منجهه آهي-

الله جڙيئي لاڏي کي، اوهين راڄ مبارڪون ڏيو.

 

ڀائرن جو سايو الا، سايي منجهه آهي-

الله جڙيئي لاڏي کي، اوهين راڄ مبارڪون ڏيو.

 

نياڻين جو سايو الا، سايي منجهه آهي-

الله جڙيئي لاڏي کي، اوهين راڄ مبارڪون ڏيو.


 


[92] ۽ [93] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليا. [94] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو.

[97] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [98] وچولي (ڪنڊياري ۽ اتر لارڪاڻي تعلقن مان) مليا.

[99] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [100] اُتر (اُٻاوڙي ۽ ميرپورماٿيلي تعلقن) مان مليو.

[101] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [102] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [103] اُتر (تعلقي وارهه مان مليو.

[104] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو [105] ۽ [106] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليا.

[107] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [108] وچولي (تعلقي ڪنڊياري مان مليو. [109]  اُتر تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[110] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [111] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[112] ۽ [113] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [115] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

]115] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو. [116] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[117] اُتر (تعلقي لاڙڪاڻي) مان مليو. [118] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [119] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

120] ۽ [121] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليا. [1222] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[123] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) ۽ اُتر (ميرپور ماٿيلي ۽ روهڙي تعلقن) مان مليو. [124] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [125] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[126] وچولي (تعلقي ڪنڊياري)  مان مليو. [127] اتر (تعلقي وارهه) مان مليو.

[128] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [129] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [130] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو.

[131] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [132] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [133]

[134] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [135] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[136] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [137] ۽ [138] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليا.

[139] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [140] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[142] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [143] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [144] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[145] ۽ [146] وچولي (تعلقي حيدرآباد مان مليا. [147] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو.

[148] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [149] ۽ [150] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليا.

[151] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو [152] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. ]153] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو.

[154] اتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [155] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [156] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو.

[157] وچولي (ڪنڊياري ۽ حيدراباد تعلقن) ۽ اتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [158] اُتر (تعلقي شهدادڪوٽ) مان مليو. [159] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي مان مليو.

[160] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [161] اُتر (ميرپور ماٿيلي) اُٻاوڙي ۽ خيرپور تعلقن) مان مليو.

[162] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org