بوند وسي جيڏيون! گهمي منهنجو راڻو.
—
گــــــــــهوٽ چـــــــــــڙهه گـــــــــــهوڙي، لــــــونــــــگيءَ ور
مــــــــوڙي،
لونگي سريون سون جون، قربان ادا! لونگي ٿي سُونهي.
—
منهنجي ادل مٿان مهر وسندي اچي.
گهوٽ کي سرگس ڪرائي مسجد ۾ وٺي ايندا آهن، جتي هو شڪراني جا نفل
پڙهندو آهي. بعضي قرآن شريف جو رڪوع به پڙهندا
اٿس. ان بعد گهوٽ کي وري به سرگس ڪرائي ڪنوار
جي گهر ڏانهن نيندا آهن. ان موقعي تي زالون هن
قسم جا ڳيچ چونديون آهن:
منهنجا پڙهيا پڙهيل! ويهه مسيت ۾.
—
گهوٽ نماز پڙهي وريو، لاڏو قرآن پڙهي وريو.
—
ڪنواريتي گهر جي در وٽ ٿوريءَ دير لاءِ گهوٽ کي منجيءَ تي
ويهاري ڇڏين. انهيءَ وچ ۾ زالون سيج جي ٺاهڻ ۽
وڇائڻ کي لڳي وڃن ۽ انهيءَ موقعي جا ڳيچ چون،
مثلاً:
لاڏو دهـــــــــلن جـــــــــي رس ســــــــين آيـــــــــو،
گلن ڦلن جو وزن ورهايو، گهوٽ ڀلي آيو.
—
بخمل ڪوٽ وارو، سون جي سهري وارو،
سنمک ميرل آيو، ڪميت چڙهي ڀائم آيو.
—
سيج ڪن هنڌن کٽ تي ۽ ڪن هنڌن پٽ تي هنڌ وڇائي ٺاهيندا آهن. سيج
۾ اهو بسترو هوندو آهي جو ڪنوار کي مائٽ ڏاج ۾
ڏيندا آهن ، جنهن ۾ فراسي، ريشمي يا سوٽي
پٿراڻي، چادر، رضائي، وهاڻو وغيره هوندا آهن.
سيج تيار ڪرڻ مهل زالون انهيءَ موقعي جا ڳيچ
ڳائين، مثلاً:
ڦلن ڇانئي پٿراڻي، پٿراڻي ورسين ڀانياڻي.
—
اندر سيج وڇايو، ٻاهرئون کٽ گهرايو.
—
آءٌ ته لاڏل جي نالي تي سيج وڇايان،
راضي ٿيندم الله.
ڦلن ڇانئي پٿراڻي، تنهن تي ويهي مومل راڻي،
ور سهڻي، ور هليو ساهرين.
سيج ٺاهي تيار ڪرڻ بعد سڄو راڄ اچي ڪٺو ٿيندو، پوءِ زالون گهوٽ
کي پهرين کير يا شربت جو گلاس پياري ڏانوڻ
ڏانئڻ جي ساٺ ڪرڻ لاءِ بيهارينديون آهن.
جيستائين ڏانوڻ جو ساٺ پيو ٿيندو آهي،
تيستائين زالون انهيءَ موقعي تي ساٺ جوڳيو
پيون چونديون آهن، جو هيءُ آهي:
ڏانوڻ ڏانيو، اُڀو سائين ونيءَ تائين.
—
سون جي ڏانوڻ ڏانيو، سون جي ڏانوڻ ڏانيو،
سرهي سيج وڇايو، ڀائم ڀلي ڪري آيو.
—
ڏانوڻ ڏانئي سيج وڇائي، تنهن تي ريڌو راڄ،
ادل سهج مڙئي سون جو.
—
چڙهندو گهوڙي گهوٽ، ڪلمون ٿيندس ڪوٽ،
ڏاڏي پوٽين ڏانوڻيون، وار موچاري ڏانوڻيون.
ڏانوڻ ڏانئڻ جي ساٺ ڪرڻ کانپوءِ، ڪن هنڌن تي وري گهوٽ جي ڀيڻ کي
رانءِ جهانءِ جو ساٺ ڪرائين، يعني کارڪ وات ۾
ڏيئي ست ڍڪ پاڻيءَ جا پيارينس ان مهل هيءُ ساٺ
جوڳيو چون:
رانءِ جهانءِ هنجهڙا، تو پڻ ست سمنڊ لنگهڙا،
مون پڻ پُنڙي آس.
گهوٽ جي ڀيڻ سندس پوتيءَ جو پلؤ گهوٽ کي ڪلهن تان ورائي آهستي
آهستي سيج ڏي آڻيندي آهي. زالون انهيءَ موقعي
تي جي ڳيچ چونديون آهن، سي هن قسم جا هوندا
آهن:
پلؤ ڏيئي ڀينڙيءَ آندو، ڀائرن ۾ تون ڀلو،
جهجهو جيئين امت والي، ڏِسن ۾ تون ڏِيو.
—
لونگيءَ پاند کڻي لوڏجانءِ، ڀورل سهڻا!
ٻــــــاهـــــر کـــــڻي ڏســـــجانءِ، نُـــورل سهڻا!
—
سيج تي چرهڻ کان اڳ ڍڪڻي ڀڃڻ جو سوڻ پڻ ڪن، اُهو هن طرح جو
ٽانڊن تي اونڌي رکيل ٺڪر جي ڍڪڻي، گهوٽ هڪڙيءَ
لت سان ڀڃي پوءِ سيج تي چڙهندو آهي. ان وقت
زالون سيج جا ڳيچ ڳائين، جي هن قسم جا آهن:
روپا لڳاس پَٽ ڙي لاڏا!
توکي ڊپ نه ڪو ڊاءُ ڙي لاڏا!
تون ڳالهيون ڪندڙ آءُ ڙي لاڏا!
—
مِڙو اوهين ڏاڏي پوٽيون، شل ٿڌڙي هـــــير لڳي!
ٿــــــــڌڙو واءُ لـــــــــــڳي،. مــــــــٺڙي هــــــــير گُــــــهلي،
منهنجي لاڏل پير پلنگ تي، ٿي ڀينڙي آس ڏسي.
—
ادل! آيو رنگ محل ۾، سهڻل سونهي ٿو سيج پلنگ تي.
—
سيج تي گهوٽ ويٺو ته لانئون ٿينديون شروع، لانئن لهڻ مهل ساٺ جي
ڳيي سان گڏ گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا پاڻ ۾
ٽڪرائيندا آهن. سهاڳڻ زالن ۽ گهوٽ جي مائٽن
کان لانئون ڏياريون وينديون آهن، جي ڪل ست
لانئون ڳڻيون آهن. انهيءَ موقعي تي زالون هن
قسم جا ساٺ جاڳيا چونديون آهن. انهيءَ موقعي
تي زالون هن قسم جا ساٺ جاڳيا چونديون آهن:
(الف) ٿنڀ چٽڻ ۽ (ب) لانئن جا ساٺ جاڳيا. هرهڪ
لانءَ کان اڳ ۾ ٿنڀ چٽڻ جو ساٺ جوڳيو چونديون
آهن، جو هيءُ آهي:
هيءُ پهريون ٿنڀ جو اڏڙيون، من هريو دولت ڀريو،
ونڙي ڏاڏاڻن،
آءُ مٺا! ونڙيءَ وڻ هريو، سرهي سيج ڙي الا،
اسان جو لاڏو چڙهيو
—
ڪن هنڌن وري جدا جدا نمونن سان رائج آهي، مثلاً:
پهريون ٿنڀ جو اڏڙيس، اڏڙيس موڙهي،
ســـــــاري ســــــــــو ته ونــــــڙيءَ جــــي باباڻن،
ور ونـــيءَ جـــي ســهاڳ کي، سي تان سهاڳڙو.
—
ٿنڀ چٽڻ جي ساٺ جي ڳيي چوڻ کانپوءِ، گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا پاڻ ۾
ٻه دفعا آهستي آهستي ٽڪرائبا آهن. انهيءَ وقت
زالون، لانئن وارو ساٺ جوڳيو چونديون رهنديون
آهن:
هيءَ پهرين لانءَ، چنڊ ٻائولي،
ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار، گهمندي نُوري،
گهمندي نوري اڇڙي چوڙي، هي ننڍڙي آ پرڻي.
ماڻڪ پيڙا ماڻ، اسان جيءُ تو ڄائو!
وني پرڻي رات، مور سين ڳتو،
سرهي سيج ڙي الا، اسان جو لاڏو چڙهيو.
هر هڪ لانءَ سان گڏ اهو ساٺ جوڳيو چئبو آهي، ان ۾ فقط لانءَ لفظ
سان گڏ پهرين، ٻي، ٽي وغيره چئبو آهي. ڪن هنڌن
اهو ساٺ جو ڳيچ جدا جدا نمونن سان چوڻ ۾ ايندو
اهي، مثلاً:
(الف) هيءَ پهرين لانءَ، چنڊ ٻائولي،
ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار گهمندي نوري،
گهمندي نوري، اڇڙي چوڙي،
اسان هاڻي ڏٺو سڄڻ سيج چڙهيو،
سيجڙي سا ماڻ ڳاڙها وَنا!
وني پرڻي رات هيءَ ويل چڱي،
ڪوڏ جهڙي ڪنوار، سڌ جهڙو ونو،
—
(ب) سيجڙي پنهنجي پاڻ ماڻيندو،
هيءَ هڪڙي لانءَ سنگ به سوڙو،
ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار لمندو جهوڙو،
سيجڙي سڀ چڱي، ڳاڙهي وني.
—
(ج) ليلڙي لانوان، سنگ به سوئڙو،
بابل ڌيءَ ڪنوار، ٽِڙُ ڪپهه وار،
هي وڻ ڪيئن رُتو؟
رتس ٻيلهڙي پرڻي رات موڙس جُتو.
—
(د) سانگ مسوڙي، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار، لمندي جهوڙي،
اسان هاڻي ڏٺو، بيبس بنو، بنو سيج چڙهندو،
واڙ ڪاهي واڙ هيءَ ڪنهن رُتو،
مان ته پهرڙي ساڻ جي تون ڀانئين،
ٻاٻل پرڻيم رات موڙ سجدو.
—
(هه) هڪڙي لانءَ کنڊ ٻجهوڙي، ڌيءَ ڪنوار گهمندي نُوري،
نوري نوري ڳاڙهي جوڙي، سڄڻ مارُو سيج ته اهائي
آهي.
—
(و) هيءَ پهرين لانءَ چنڊ ٻاهولي، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار گهمندي نوري،
اسان چنڊ ڏٺو نه مڙندو، اسان ونو ڏٺو سيج
چڙهندو،
سيجڙي نر رڱي کائي چڱو، گلڻ گهوٽ پرڻي رات سڀ
سوَلي.
—
(ز) هيءَ پهريئڙي لام، سنگ به جُڙي،
ڀلڙي بابي ڌيءَ گهمندي نوري،
ٻه ڪپڙا ڏجانس، ٻه گهر سندا،
اسان هير ڏٺا، ٻئي مٺا سيج چڙهندا.
سيجڙي ماڻ ڪُلي، ڳاڙهي ونِي،
سڀ سرکن رات ههڙي ونِي.
لانئن کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار سان جي ساٺ ڪيا ويندا آهن تن جو تفصيل هن طرح
آهي.
(الف) تر موائڻ جو ساٺ: گهوٽ ڪنوار جي اڳيان، ترن، لوڻ، جَوَن،
چانورن يا ڪڻڪ سان ڀريل ٿالهه رکي، ان ۾
کارڪون وجهندا آهن. پوءِ ڪنوار ان مان ٻُڪ ڀري
گهوٽ جي ٻُڪن ۾ لاهيندي ۽ گهوٽ ٻُڪ ڀري ڪنوار
جي ٻُڪن ۾ وجهندو. اهو ساٺ ٽي ڀيرا ٿندو آهي
انهيءَ موقعي تي هي ساٺ جا ڳيا چون:
جيترا تر مئيندي، اوترا پٽ ڄڻيندي،
صهرو چوندوڪين ڪڇندي، سس کي نمي پيرين پوندي،
لُوڻا شُپ سلوڻا، لُوڻا هٿ سلوڻا.
—
لوڻا شڀ سلوڻا، لوڻا شڀ سلوڻا،
جيڪي ونڙو ڏي، سا پڻ ونڙي جهلي.
رتا ٻنڌڻا ماڻ، هيءَ آهي ننڍڙي ڪنوار،
ڪوٺي ۾ ويهندي، ست پٽ ڄڻيندي.
—
جيترا تر مئيندي، اوترا سک پسندي،
سي صهري جي نوڙت ڪندي،
وڏي ڏير جا پير مليندي،
ننڍي ڏير جو چيو مڃيندي.
—
جيترا تر مئيندي، تيترا پٽ ڄڻيندي،
سڀن سان کير کلندي، سس چونديس ڪين ڪڇندي،
چيو چايو ڪين لکِيندي.
—
لوڻا سرب سلوڻا، جيڪي ونڙو ڏي،
سو پڻ ونڙي جهلي،
رتا ٻڌڙا ماڻ، تون آهين ننڍڙي ڪنوار،
ڪوٺي ۾ ويهندي سهاڳ ڀاڳ ماڻيندي.
—
(ب) ڊامڻ جي لٺڙين، وڃڻي يا اِٽين جو ساٺ: ڊامڻ گاهه جا چَها
پٽي انهن جي مُوڙي ٻڌي، گهوٽ ۽ ڪنوار جي
پهريائين ساڄي گوڏي ۽ ساڄي ڪلهي کان نراڙ
تائين، پوءِ وري کاٻي ڪلهي ۽ کاٻي گوڏي سان
اهي ڇهنديون آهن. اهڙي طرح ٽي دفعا اهو ساٺ
ڪن. ان موقعي تي هيءُ ساٺ جاڳيا چون:
ڊامڻ لٺڙين ڇايا، سڄڻ مون گهر آيا،
هرڙي ڊاک چٻايا، ڌيري ڌيري مون گهرآيا.
—
ڊامڻ لٺڙين رانيا، مون گهر سڄڻ آيا،
جهيڻي جهيڻي مون گهر آيا.
ڊامڻ لهه لٺڙيون جنهن مُنڌ مرڪن،
ڍولئي ڏنيون ٻه سون جون لِکَڙُون،
سونهي جيڏل هار ۾ لئي! سُرها ونا.
—
ڊامڻ لٺڙيون، جي مُنڌ ڏِنڙيون،
مُنڌ ڏنڙيون، جيتڻ لو!
—
ڊامڻ لٺڙيون، ڊامڻ لٺڙيون،
ڍولئي ڪُٽي ڙي، ڍولئي ڪٽي ڙي،
ڪين ڪڇي سا، ونا! ونڙي.
—
ڊامڻ لٺڙي ڊامان، ڪين ڪڇي ڙي ڄامان،
پاڻ سَرَ ٿي، گڏي ڙي ڄامان.
جتي ڊامڻ جون ڇَڙيون نه ملي سگهنديون آهن، اتي وري ڪي وڃڻي سان
۽ ڪي اِٽين سان ساٺ ڪنديون آهن جو هن طرح ٿئي:
وڃڻيءَ جوڳن پوتيءَ جي ڪنڊ ۾ ويڙهي، پوءِ جيئن
ڊامڻ جي ڇَڙين جو ساٺ مٿي بيان ڪيل آهي، تيئن
ساڳيءَ طرح ڪن. ان کانپوءِ وڃڻي گهوٽ جي هٿ ۾
ڏيئي ڪنوار کي واءُ هڻائينديون آهن، وري ڪنوار
کي وڃڻي هٿ ۾ ڏيئي گهوٽ کي واءُ هڻائين، ائين
ٽي ڀيرا ڪن. ان موقعي تي به ساڳيا ڊامڻ وارا
ساٺ جاڳيا چون، پر جڏهن وڃڻي سان واءُ ڪرائڻ
جو ساٺ ڪن ته پوءِ هيءُ ساٺ جو ڳيو چون:
وڃڻي واءُ ڪجي، ڀوري ٻائي! وڃڻي واءُ ڪجي.
—
هٿين جهلي وڃڻي، وڃڻي واءُ ڪيو،
ونڙي واءُ ڪيو، ونڙيءَ اُرهه لڳو، سو ته
سيباڻو،
هرڙو هارڙو، ڏڄڻ ڏارڙو،
سڄڻ، جيءُ جيءُ آيو.
—
وڃڻيءَ واءُ لڳو، سو تن سيباڻو،
هٿ جهلي وڃڻي، ونيءَ واءُ ڪيو،
وني کي سيباڻو، وڃڻيءَ واءُ لڳو.
ڪٿي وري ڊامڻ جي لٺڙين يا وڃڻي جي بجاءِ اِٽين جو ساٺ ڪن. اهي
اِٽيون ڪنهن ڪاٺيءَ مان بروقت گهڙائي رکن يا
جنڊيءَ چڙهيل ست اِٽيون گڏ ڪن، جي گهڻو ڪري
مانڌاڻيءَ جي نوڙيءَ ۾ ٻڌل هونديون آهن. پوءِ
انهن اِٽين سان ڊامڻ جي ڇڙين وانگي گهوٽ ۽
ڪنوار جي بدن سان ڇهن جو ساٺ ڪن ۽ ان موقعي تي
هيءُ ساٺ جو ڳيو چون:
اِٽيون اِٽيون سڀئي پُنيون، بِيَڙيون به پڄن،
کهنبو کهنبو ڀيڻ ساريو، ڏيج ڏيج گاجرو.
ٽوهالو هريو هريو، سڄڻ سيجڙيءَ چڙهيو،
لُڏڻ موتين مڙهيو.
(ج) منڌي ۽ سونگي جو ساٺ: هنن ٻنهي شين جا ساٺ الڳ ڪن پر منڌي
توڙي سونگي کي، وڃڻي جي ساٺ وانگر ڪپڙي کي ڳنڍ
ڏيئي، ان ۾ ويڙهي بت سان ڇُهائينديون آهن.
منڌيءَ جي ساٺ وقت هي ساٺ جو ڳيو چون:
منڌي ولوڙيون، هئي ئي جهمڙي،
مکڻ ميڙيو، هئي هئي جهمڙي،
لاڏو ڦلڙن ويڙهيو، هئي هئي جهمڙي.
—
سونگيءَ جي ساٺ ڪرڻ مهل هيءَ ساٺ جاڳيا چون:
سونگڙي ساٺ ڪجن، ڀوري ٻائي!
سونگڙي ساٺ ڪجن، سهجان سيڻ ڪجن.
—
ڪوڏ ڪمانگر چِٽيو سُرها ونا!
سونگڙي ساٺ ڪجن، سهجان سيڻ ڪجن.
—
هر هرڙيو ڊوڙي گهرڙيو، سون ڪمانگر چٽڙيو،
سونگي ساٺ ڪجن، وني ٻائي! سونگي ساٺ ڪجن.
—
جس ڪمانگر کي، جنهن سونگڙو چٽڙيو،
سونگي ساٺ ڪجن، وني ٻائي! سونگي ساٺ ڪجن.
—
جس ڪمانگر کي، جنهن سونگڙو چِٽيو،
انگڙو ونگڙو واڍي گهڙيو.
—
سونگي سمانا سونا سڏائي، سونا سڏائي سيا ڪوٺائي،
سيا ڪوٺائي، بنل اڱڻ واهه کڻائي،
اڱــڻ واهه کــــڻائي، اڇــــڙي کنڊ
ڦڪائي،
اڇڙي کنڊ ڦڪائي، ڪچڙي ڊاک چٻائي.
—
(د) ڦل چونڊائڻ ۽ پلؤ ڇنڊڻ جا ساٺ: ٻه ٽي سهاڳڻيون ڪپهه جي
پُوڻيءَ مان ٻُڙا ڇني ڪنوار جي مٿان وارکا
ڪنديون، جي ٻُڙا گهوٽ کي چونڊڻا پوندا آهن.
پوءِ وري ساڳيون سهاڳڻيون گهوٽ جي مٿان ڪپهه
جا ٻُڙا اڇلين جي وري گهوٽ جي ڀيڻ، جا ڀاءُ کي
پلؤ ڏيو ويٺي لانئون ڏياريندي آهي، سا پوتيءَ
جو پلؤ ڇنڊيندي ويندي ۽ پُڙا گهوٽ تان لهندا
ويندا. ان موقعي تي هيءُ ساٺ جا ڳيا چونديون
آهن:
گل چونڊيندي ڦل چونڊيندي، ونيءَ وني نيڻ ٺريا.
—
سئو جو لاڏو آيو، لاڏي جا ڄاڃي به سندان ڙي!
آءٌ ان مهل چونڊينديس ڦلڙا.
—
تو لئي ويهي وهايم راتڙي!
آءٌ پرهه چونڊينديس ڦلڙا.
—
ڦل چونڊيندي وني دي نال وي،
مـــــــيڏا اصــــــل دخــــــالــي لاڏلا!
—
ڦل چونڊي سا ون وِني،
ڪين ڪڇي سا ون وِني.
(هه) ڳنڍ يا ڏورڙو ڇوڙڻ: هن ساٺ ڪرڻ وقت گهوٽ جي لونگي يا اجرڪ
جو پلاند ڪنوار جي بوڇڻيءَ جي ڪنڊ سان ڏاڍو
ڳنڍي، پوءِ گهوٽ کي چونديون ته هڪ هٿ سان اها
به ڳنڍ ڇوڙي ڏيکار. ان موقعي تي جي ساٺ جا ڳيا
چونديون آهن، سي هي آهن:
ڳنڍ کولاڻي ڏي موکاڻي، ڇو ته ڇوڙڻ ڏيانءِ.
—
ڏورڙو وينجهارين وٽيل، لاڏا! ڏورڙو ڪيئن ڇٽي!
ڏورڙو ڏاهين جو وٽيل.
—
ڏورڙي ڏهه ڳنڍيون، لاڏا! ڏورڙو ڪيئن ڇڙي!
—
(و) کير پيارڻ جو ساٺ : مٺو کير جنهن ۾ مصري يا کنڊ پيل هوندي
آهي، ان جو تاسرو وٽو ڀري گهوٽ ۽ ڪنوار جي
جوٽن تي رکنديون. پهرين گهوٽ ان کير مان ڏهه
ئي آڱريون ٻوڙي کير جا ڇنڊا ڪنوار کي هڻندو.
وري ڪنوار جون ڏهه ئي آڱريون ٻوڙي گهوٽ کي
ڇنڊا هڻائينديون آهن. ڪن هنڌن وري ان کير ۾
کيرول منڊي وجهي گهوٽ ۽ ڪنوار کان ڳولا
رائينديون آهن. اهو ساٺ وارو کير، گهوٽ ۽
ڪنوار کي ڍڪ ڪ ڪري پيارين. ڪٿي ته مرڳو ٻارن
کي يا آسائتن کي اهو کير پياري ڇڏين. ان موقعي
تي هي ساٺ جا ڳيا چون:
ڏهه ئي آڱريون کير ۾، ڏيهه ئي پتنگڙيون.
ونڙيءَ اُرهه ئي لڳيون، سي پڻ سيباڻيون.
هَرَڙو هارڙيو، سڄڻ سيج چڙهيو.
—
کيرول کير پيتو، ورڻيءَ ور ڀريو،
چوٽيريءَ چاڳ ڪيو، چَنڙِي سهاڳ ڪيو.
—
ابل کير پيڻ وارا، جُڙي تنهنجي جواني!
جُڙي تنهنجي جواني، شال وني ماڻي!
وَريڙيءِ ور ڪيو، کير وندي کير پيتو،
چُوڙيليءَ چاڳ ڪيو، ڪُندَنَڙيءَ ڪوڏ ڪيو.
—
رات ٻَڌڙا ماڻ، ڌيءَ ننڍڙي ڪنوار،
ڪوٺڙي ويهندا، کير ڀت کِئيندا.
—
سا کِيران سا کِيران، تو جو ننڍڙو گهوٽ،
توکي رتڙو ٻڌو، توکي چڱڙو لکيو.
—
(ز) کارڪ، منڊي يا خالي مٺ کولائڻ جو ساٺ: ڪنوار کي کارڪ يا
منڊي هٿ ۾ ڏيئي، يا خالي مُٺ بند ڪرائي پوءِ
گهوٽ کي چونديون ته هڪ هٿ جي زور سان مٺ کولي
ڏيکار. ان موقعي تي هي ساٺ جا ڳيا چون:
کارڪ ڇڏاڻي، ڏي موکاڻي، ڇو ته ڇڏڻ ڏيانءِ.
—
مُٺ کولاڻي ڏي موکاڻي، ڇو ته کولڻ ڏيانءِ.
—
ساٺن پورن ٿيڻ بعد ڪن هنڌن وري گهوٽ کان ”ڪانو ڪانو، آءٌ ٻائيءَ
جو ٻانهون“ چوائينديون آهن. جيستائين ائين نه
چوندو آهي، تيستائين ڪنوار جو منهن ڏسڻ نه
ڏيندا اٿس.
ڪن هنڌن لانئن جا ساٺ جاڳيا ڪونه چون، رڳو لانئن جا ڳيچ ڳائين، جئن ته:
ادل آيو لانئن ت، ڀال ڀلي جا ڀانيان.
—
لهه لانئون، تنهنجون آسون ربّ پڄايون.
—
اديون! بني کي لائون ڏياريو.
هن وقت مومل سان، هاڻي ملايو.
—
گهوٽ لانئون لڌيون ته کيس ڪنوار جو منهن ڏيکاريندا آهن. ڪن هنڌن
مصحف کولي ڪنوار اڳيان رکن، ڪنوار مصحف ۾
نهاريندي ۽ گهوٽ وري سندس منهن ڏسندو آهي. ڪن
هنڌن ڪنوار جي اڳيان آرسي رکندا آهن، سندس
گونگهٽ مٿڀرو ڪندا آهن، جيئن گهوٽ آرسيءَ ۾
سندس شڪل ڏسي سگهي. شاديءَ جي انهن ساٺن سوڻن
جي پڄاڻي بعد گهوٽ ۽ ڪنوار کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ کين خلاصيءَ جاءِ ۾
ڇڏيندا آهن. زالون انهيءَ موقعي تي پڻ هن قسم
جا ڳيچ ڳائينديون آهن:
اکين ٻَر لائيان، نيڻن ننڊ لاهيان،
هل ڙي ادل! توکي مومل ملايان.
—
وني ته لاڏل ڪڇ ۾ سونهندي، سونا گلابي.
—
رنــــــگ محلات ۾ آءُ بنا بنا!
شيشي محلات ۾ آءُ بنا بنا!
—
گهوٽ ۽ ڪنوار جي مُنهن ڏسڻ سان شاديءَ جون سڀ رسمون پوريون ٿي
وينديون آهن. ان بعد سڀئي زالون گڏجي شاديءَ
جي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائينديون آهن، جنهن کي
مارڪو چونديون آهن. خوشيءَ جي انهيءَ موقعي تي
زالون سانگ پڻ وجهنديون آهن ۽ هيرا به ڏينديون
آهن. مارڪي هلندي گهوٽ جي مائٽياڻين کي سڄو
رات مبارڪون ڏيندو آهي، ان مهل هي ڳيچ ڳائين:
توکي اول مبارڪ لاڏل ماءُ.
—
ڀلي ڏيو مبارڪ منهنجي بني کي،
ڇٽ جهلي آيو منهنجي ادي تي.
—
نو لک مبارڪون ڏيو ڙي! بابس کي ڏيو،
ڀري ڀري ڏيو.
—
مارڪي ۾ مبارڪون پيون ملنديون ته زالون گهور به پيون ڏينديون.
گهور گهڻو ڪري سڀني پرڀن تي ويٺبي آهي، مرد
مردن کان ۽ زالون زالن کان وٺن. زالون گهور
وٺڻ مهل هي ڳيچ چونديون آهن:
ڦُلڙن ٿالهه ڀري، گهوريان گهوٽ مٿان.
—
سوڻ سهڻل! تو تان صدقي، گهوري گهمائي ماءُ.
—
گهورون گهورين ڀائر، گهورون گهورين سيال،
آءٌ گهوري وڃان، ان ڏينهن تان ڀلي گهور وسي.
—
اهڙيءَ طرح مارڪي جي ختم ٿيڻ تي راڄ اٿي کڙو ٿيندو ۽ ڄڃ پنهنجي
گهر ورڻ جي سنبت ڪندي هن باب جي انهن سڀني
عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
1. سرگس جا ڳيچ
[1]
[1]
وراڻي: هنجهه مور گهوڙ پلاڻ، سرخيءَ پاءِ
الياڻ.
منهنجي دلدار لاڏي لاءِ، هنجهه مور گهوڙي
پلاڻ-
سرخيءَ پاءِ الياڻ.
منهنجي ديندار لاڏيءَ لاءِ، هنجهه مور گهوڙي
پلاڻ-
سرخيءَ پاءِ الياڻ.
منهنجي زميندار لاڏي لاءِ، هنجهه مور گهوڙي
پلاڻ-
سرخيءَ پاءِ الياڻ.
[2]
وراڻي: سڀن شالون پَٽ جون، لاڏل کُهنبو ويس،
ابل گهوڙو ڪاهيو، ٻڌڙو ٻير منجهان.
ادل کي لکڙي، سنهڙيءَ سينڌ ڪنوار-
سڀن شالون پَٽ جون، لاڏل کُهنبو ويس.
لاڏل هليم ساهرين، سونگا سون ڀري-
سڀن شالون پَٽ جون، لاڏل کُهنبو ويس.
لاڏل هليم ساهرين، سونگا سون ڀري-
سڀن شالون پَٽ جون، لاڏل کُهنبو ويس.
ساليون سندس سڀريو، سالا سلطان-
[3]
وراڻي: چڙهه تي چندن لايئين، آءُ ته عطر
لايئين!
ڀلي ڏسن ڀينر ڀاءُ کي، آيو اٿو ڍاٽي ڍوليو،
آيو اٿو پائر پير ڀري، چڱيءَ چال ڍوليو مرڪي.
ڀائر گهرايم راڄ جا. چڙهه ته چندن لايئين، آءُ
ته عطر لايئين!
نياڻيون گهرايم راڄ جون – چڙهه ته چندن
لايئين، آءُ ته عطر لايئين!
ڄاڃي گهرايم ڪاڄ جا، چڙهه ته چندن لايئين، آءُ
ته عطر لايئين!
[4]
[2]
وراڻي: چڙهه گهوٽ! گهوڙي، ٻڌ موڙ جوڙي،
آهي ربّ جيڪو اهي جوڙون جوڙي.
خاصي بينسر جوڙائي، ڪنهن جي خوشي ٿي ڳائي،
اهي خالق ٿو خوشيون جوڙي-
چڙهه گهوٽ! گهوڙي، ٻڌ موڙ جوڙي.
چڱي ٻانهين جوڙائي، ٿو ڪنوار کي پارائي،
اها سرتل ٿي چاهئون چوڙي-
چڙهه گهوٽ! گهوڙي، ٻڌ موڙ جوڙي.
[5]
وراڻي: چڙهه گهوٽ! گهوڙي، ٻڌ موڙ جوڙي،
لُونگي ڪر ڪلهي تي، پراڻ پائي،
اَديون! اسر ويل، ڀيڻون! اسُر ويل.
ڪر سُٿڻ سُهڻي، جُتي جوڙ واري،
ويچاري مومل کي لانئون ڏنائون-
اَديون! اسُر ويل، ڀيڻون! اسر ويل…
عطر تريءَ تي، مٿي کي مَلايان،
چڙهه گهوٽ! گهوڙي، پنڌ نه هلايان-
اَديون! اسر ويل ڀيڻون! اسر ويل…
چڙهه گهوٽ! گهوڙي، سونا سنج جوڙي
ٻَڌ موڙ جوڙي، ڏي پيچ کوڙي-
اَديون! اسر ويل، ڀيڻون! اسر ويل…
اَديون! اسر ويل لاڏي بني کي،
زريون زر بفت پهڄ پهرايو-
اَديون! اسر ويل، ڀيڻون! اسر ويل…
[6]
[3]
وراڻي: چڙهه گهوٽ! گهوڙي، نعرا ماريندا،
شڪر خدا دا، پيا هي ڳَويندا.
الله تيڏي شادي ڪيتي،
نبي دا ڇٽ هي مٿائين جُهليندا-
چڙهه گهوٽ! گهوڙي، نعرا ماريندا.
الله تيڪون هي گهوٽ ڪيتا،
مبارڪ تيڪون ڀلين ڄل کليندا-
چڙهه گهوٽ! گهوڙي نعرا ماريندا.
سيّد مٿائين هي سائي ٿيا،
ڪري خير خدا شل ڪُل دا!
چڙهه گهوٽ! گهوڙي نعرا ماريندا.
[7]
وراڻي: چڙهه خان خوشيءَ مان لاڏا! پير رڪيب ۾
پاءِ،
لونگيءَ پاند وراءِ، البيلا لاڏا! ماڻي آ
مومل.
بينسر گهڙايم هيج مان – چڙهه خان خوشيءَ مان
لاڏا!
هس گهڙايم هيج مان – چڙهه خان خوشيءَ مان
لاڏا!
دهري گهڙايم هيج مان – چڙهه خان خوشيءَ مان
لاڏا!
[8]
وراڻي: گهوٽ چڙهيو گهوڙي، لئي! گهوٽ چڙهيو
گهوڙي،
بينسر جوڙائي اَديون! گهوٽ چڙهيو گهوڙي.
ماڻڪ اُڇلايائونس مينهن وسائي-
بينسر جوڙائي اَديون! گهوٽ چڙهيو گهوڙ…
ڄاڃي ڄام پنهل جا، موتين ٿالهه
ڀري-
بينسر جوڙائي اَديون! گهوٽ چڙهيو گهوڙي…
گهوريوس گڏجي ڀائر، ڪري سر مٿي-
بينسر جوڙائي اَديون! گهوٽ چڙهيو گهوڙي…
[9]
[4]
وراڻي: ادل چڙهندو گهوڙي، سوني واڳ ڇوڙي،
پير رڪيب ۾ کوڙي، موڙ مُنهن تي جوڙي.
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان-
ادل چڙهندو گهوڙي، سوني واڳ ڇوڙي.
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
ادل چڙهندو گهوڙي، سوني واڳ ڇوڙي.
ٻانهين ادل جي لاڙئون
آڻايان-
ادل چڙهندو گهوڙي، سوني واڳ ڇوڙي.
[10]
وراڻي: پير سلامت هووي، مرشد سلامت هووي.
لاڏل چڙهندو گهوڙي، جنهن سان پير سلامت هووي-
پير سلامت هووي، مرشد سلامت هووي.
لاڏل چڙهندو مهري، جنهن سان پير سلامت هووي-
پير سلامت هووي، مرشد سلامت هووي.
لاڏل چڙهندو محافي، جنهن سان پير سلامت هووي-
پير سلامت هووي، مرشد سلامت هووي.
[11]
وراڻي: مهريءَ تي چڙهي آءُ، سدا جئين! مهريءَ
تي چڙهي آءُ!
تنهنجري مهريءَ مهارون پَٽ جون، تون نيليءَ تي
چڙهي آءُ!
تنهنجري مهريءَ مهارون پَٽ جون، تون نيليءَ تي
چڙهي آءُ!
سدا جئين! تون مهريءَ تي چڙهي
آءُ!
تنهنجي نيلي سونن سنجن سان، تون مومل ماڻي گهر
آءُ!
سدا جئين! تون مهريءَ تي چڙهي
آءُ!
تنهنجي مومل به وڏي شان واري، تون مومل ماڻي
گهر آءُ!
سدا جئين! مهريءَ تي چڙهي آءُ!
[12]
[5]
وراڻي: چڙهه مهريءَ تي راڻا! توکي هار پايان،
سيني ڳل لايان، توکي هار
پايان-
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
چڙهه مهريءَ تي راڻا! توکي هار پايان،
جهالر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
چڙهه مهريءَ تي راڻا! توکي هار پايان.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
چڙهه مهريءَ تي راڻا! توکي هار پايان،
[13]
وراڻي: اُٿي سنڀر سهڻاٰ! سج ٿو اڀارين،
چڙهيو گهوٽ گهوڙي، پويان سنگت ساري.
بينسر ادل جي مان لاڙئون گهرايان-
اُٿي سنڀر سهڻا! سج ٿو اُڀارين.
ٻانهين بَني جي مان لاڙئون گهرايان-
اُٿي سنڀر سهڻا! سج ٿو اُڀارين.
ڇلڙا ادل جا مان لاڙئون گهرايان-
اُٿي سنڀر سهڻا! سج ٿو اڀارين.
[14] [6]
وراڻي: مشڪ ڇٽيندڙ مين ڄُلان، عطر ڇٽيندڙي مين
ڄلان،
موڙان دي ويلي ڙي ادل، لاوان دي ويلي ڙي ادل.
سر سوڍل دي سوني سهري، موتين لائي هي ڌَمان-
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل ڪيتي هن
شمعان-
مشڪ ڇٽيندڙي مين جلان، عطر ڇٽيندڙي مين ڄلان.
هٿ لاڏل دي ميندي رتڙي، رنگ هِنگِلُو هَمان-
مشڪ ڇٽيندڙي مين ڄلان، عطر ڇٽيندڙي مين ڄلان.
[15]
[7]
وراڻي: سائي شال ڪلهن ۾، گهوڙي چڙهيو گهوٽ
اچي،
منهن ۾ مصحف جا، پڙهندو ورق اچي.
ٻانهون آهي الله جو، امتي آهي رسول جو،
سڀن ۾ موچارو، کِوَندو نُور اچي-
سائي شال ڪلهن ۾، گهوڙي چڙهيو گهوٽ اچي.
دادلو اهي اَمان جو، پيارو هي پيءُ جو-
پنهنجي ونيءَ لاءِ اڪنڊيو پيو اچي-
سائي شال ڪلهن ۾، گهوڙي چڙهيو گهوٽ اچي.
مطلب ٿيندس من جا، کهنبو ٿو ويس ڍڪي،
لاڏل سهرا سِر تي، سَٿ ۾ سُونهندو اچي-
سائي شال ڪلهن ۾، گهوڙي چڙهيو گهوٽ اچي.
[16]
وراڻي: گهوڙي چڙهيو گهوٽ اچي، ماڻڪ اڇليان آءٌ
مينهن جان،
موتين ٿالهه ڀري.
وينڊو گهڙائج سهڻو، ڄاڃي هن ڄام پنهل جا-
گهوڙي چڙهيو گهوٽ اچي.
بولو گهڙائج سهڻو، ڄاڃي هن ڄام پنهل جا-
گهوڙي چڙهيو گهوٽ اچي.
دهري گهڙائج سهڻو، ڄاڃي هن ڄام پنهل جا-
[17]
[8]
وراڻي: ڇيرن جي ڇمڪار سان، دهلن جي ڌڌڪار سان،
ادل مان ڏٺو هو.
چنڊ مان ڏٺو هو، تارن ۾
بيٺو هو-
ڇيرن جي ڇمڪار سان، دهلن جي ڌڌڪار سان.
ادل مان ڏٺو هو، بابس گڏ
بيٺو هو-
ڇيرن جي ڇمڪار سان، دهلن جي ڌڌڪار سان.
جيڏن ۾ چِٽو هو، سرتن سان
بيٺو هو-
ڇيرن جي ڇمڪار سان، دهلن جي ڌڌڪار سان.
[18]
وراڻي: اهو وڻ ڙي اُهو، جو هيلُون ڏي،
جلڦل لاڏا! جوڀن جلوا ڏي.
وينڊو گهڙائي لاڏو، وڻ پير جي ڇانوَ-
اهو وڻ ڙي اُهو، جو هيلُون ڏي.
بولو گهڙائي لاڏو، وڻ پير جي ڇانوَ-
اهو وڻ ڙي اُهو، جو هيلون ڏي.
دهري گهڙائي لاڏو، وڻ پير جي ڇانوَ-
اهو وڻ ڙي اُهو، جو هيلون ڏي.
[19]
[9]
وراڻي: بوند وسي جيڏيون! گهمي منهنجو راڻو،
گهمي منهنجو راڻو، ڀلي ڪري ماڻو.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
بوند وسي جيڏيون! گهمي منهنجو راڻو.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
بوند وسي جيڏيون! گهمي منهنجو راڻو.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
بوند وسي جيڏيون! گهمي منهنجو راڻو.
2. نفل پڙهڻ جا ڳيچ
[20]
وراڻي: مسيت منهنجي پير جي، آهي سڄي سون جي،
مٿس گل گلاب جا، حورن رانئيو گهوٽ کي.
سيّد آيو سيج تي، ڦل چونڊيو هلي جوٽ تي-
مٿس گل گلاب جا، حورن رانئيو گهوٽ کي.
احمد آيو اُٺ تي، لانئون ڏيو هلي گهوٽ کي-
مٿس گل گلاب جا، حورن رانئيو گهوٽ کي.
[21]
وراڻي: ميڏا اَبل مَسِتين ويندا پئي،
جڏهان پڙهندا قرآن سڻندا پئي.
ميڏي پِير دا در هي علي حيدر شاهه،
جنهن دا فيض جڳ ڪون ونڊيندا پئي-
ميڏا ابل مسيتين ويندا پئي.
ميڏي الله دا شان وڌيندا پئي،
اُهيندي نازين نال موهيندا پئي-
ميڏا اَبل مسيتين ويندا پئي.
[22]
[10]
وراڻي: منهنجا پڙهيا! پڙهيل ويهه مسيت ۾،
منهنجا جُڙيا! جُڙيل ويهه مسيت ۾.
لانئون لهندو، آءٌ قربان وچان-
منهنجا جڙيا! جڙيل ويهه مسيت ۾.
چڱي بينسر گهڙائي، آءٌ قربان وڃان-
منهنجا جڙيا! جڙيل ويهه مسيت ۾.
چڱي ساهِه ٺهرائي، آءٌ قربان وڃان-
منهنجا جُڙيا! جُڙيل ويهه مسيت ۾.
[23]
وراڻي: ويهندو وچ مسيت، پڙهندو ياد قرآن،
اسين آهيون مسلمان.
بينسر آڻايان لاڙ مان، جنهن تي مِينا جو مانُ،
ويهندو وچ مسيت، پڙهندو ياد قرآن،
اسين آهيون مسلمان.
دهري آڻايان لاڙ مان، جنهن تي ٻُڙن جو مانُ،
ويهندو وچ مسيت، پڙهندو ياد قرآن،
اسين آهيون مسلمان.
[24]
وراڻي: اوهين سهڻل! وڃي نينهڙو نماز سان لايو،
اوهين گهوٽ! وڃي قرب قرآن سان لايو.
ڀائر گهرائج سهڻا- اوهين سهڻل! وڃي نينهڙو
نماز سان لايو.
ڄاڃي گهرائج سهڻا- اوهين سهڻل! وڃي نينهڙو
نماز سان لايو.
ڀينرون گهرائج سهڻيون- اوهين سهڻل! وڃي نينهڙو
نماز سان لايو.
[25]
[11]
وراڻي: منهنجو ادل ڀل شاديءَ ۾ آيو،
نفل جو پڙهندو صبح سويري،
لانئون به لهندو اسر ويلي.
بينسر گهڙائي ڏي پار دريائون-
منهنجو ادل ڀل شاديءَ ۾ آيو،
نفل جو پڙهندو صبح سويري…
ڪنگڻ گهڙائي ڏي پار دريائون-
منهنجو ادل ڀل شاديءَ ۾ آيو،
نفل جو پڙهندو صبح سويري…
3. ساهرين گهر پهچڻ جا ڳيچ
[26] [12]
وراڻي: اڱڻ ادل جي شمعون جلايان،
ساري سنڀالي ڀينرون گهرايان، نياڻيون آڻايان.
سر ادل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايان-
ساري سنڀالي ڀينرون گهرايان، نياڻيون آڻايان…
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايان-
ساري سنڀالي ڀينرون گهرايان، نياڻيون آڻايان…
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايان-
ساري سنڀالي ڀينرون گهرايان، نياڻيون آڻايان…