هٿ سهڻل جي سونا ڳانا، ميندي رنگ لايو، الا!
وسئي رحمت ربّ جي، ڀلي مٿئون برسات!
[23][23]
وراڻي: منهنجا جُڙيا جاني، شل ماڻين جواني!
ماڻين جواني، توتي راض رحماني.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجا جڙيا جاني! شل ماڻين جواني…
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
منهنجا جڙيا جاني! شل ماڻين جواني…
هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
منهنجا جڙيا جاني! شل ماڻين جواني…
[24][24]
وراڻي: جند جواني ماڻين، ادل ڀلي آئين،
تنهنجي جواني و خير، تنهنجي سنگت جو خير!
خاصي بينسر گهڙائي هن اڱڻ تي آءُ-
جند جواني ماڻين، ادل! ڀلي آئين.
خاصي دهري گهڙائي هن اڱڻ تي آءُ-
جند جواني ماڻين، ادل! ڀلي آئين.
خاصي ٻانهين گهڙائي هن اڱڻ تي آءُ-
جند جواني ماڻين، ادل! ڀلي آئين.
[25][25]
وراڻي: رهي ماڙين ۾، وسي بنگلن ۾ ساري مُندڙي هوندو.
سوني بينسر گهڙائي پڙهيل نانءُ وڌايو-
رهي ماڙين ۾، وسي بنگلن ۾ ساري مُندڙي هوندو.
سوني دهري گهڙائي پرهيل نانءُ وڌايو-
رهي ماڙين ۾، وسي بنگلن ۾، ساري مُندڙي هوندو.
سونيون ڪڙيون گهڙائي پڙهيل نانءُ وڌايو-
رهي ماڙين ۾، وسي بنگلن ۾، ساري مُندڙي هوندو.
[26][26]
وراڻي: لاڏيون تو سان حامي حضرت پير،
ساڻي ٿيندم، ڪاڄ ۾ روضي وارو پير.
بينسر جوڙائج نهري، بنا! توسان حامي حضرت پير…
دهري جوڙائج نهري، بنا! توسان حامي حضرت پير…
ٻانهين جوڙائج نهري، بنا! تو سان حامي حضرت پير…
[27][27]
وراڻي: بنا! تيڏا الله نگهبان، بَنِي بَنا ميڏا،
جُڳ جُڳ جيوين بنا! بني بنا ميڏا.
بنا! تيڏا الله لايا ڀاڳ، بني بنا ميڏا…
بنا! تيڏي سهري لاتي بهار، بني بنا ميڏا…
بني دي بابي مبارڪان ڏيوان، بني بنا ميڏا…
[28][28]
وراڻي: هو وَئي عمر دراز، شل ماڻين ڳليان!
هو وَئي پير پناهه، شل ماڻين ڳليان!
تيڏي پَٽڪي لانوان مين رابيل ڪليان-
هو وئي عمر دراز، شل ماڻين ڳليان.
تيڏي جامي لانوان مين گلاب ڪليان-
هو وئي عمر دراز، شل ماڻين ڳليان.
تيڏي چولي لا نوان مين ريحان ڪليان-
هو وئي عمر دراز، شل ماڻين ڳليان.
[29][29]
وراڻي: والي اُمت جو اچي موچاري ڪندو،
شافع بنل جو اچي سوڀاري ڪندو.
بينسر جوڙائج نهري، اسان جو مرشد امام آيو-
والي اُمت جو اچي موچاري ڪندو…
دهري جوڙائج نهري، اسان جو مرشد امام آيو-
والي اُمت جو اچي موچاري ڪندو…
ٻانهين جوڙائج نهري، اسان جو مرشد امام آيو-
والي امت جو اچي موچاري ڪندو…
[30][30]
وراڻي: مِينا ته املهه مهانگي، ڙي ادل! توتي وسندو شان شفيع جو،
توتي وسندو شان شفيع جو، تو تي وسندو نور
نبيءَ جو.
بينسر گهڙائيندو، مِينا مڙهائيندو، مينا ته امله
مهانگي، ڙي ادل!
توتي وسندو شان شفيع جو…
ٻانهين گهڙائيندو، مينا مڙهائيندو، مينا ته املهه مهانگي، ڙي ادل!
توتي وسندو شان شفيع جو…
[31][31]
وراڻي: پڙهيل! غم نه ڪر، غم لهي ويندءِ،
غم لهي ويندءِ، وسيلو وارث ٿيندءِ.
بينسر بني جي مان لارئون آڻايان-
ادل! غم نه ڪر، غم لهي ويندءِ…
دهري لاڏل جي مان لارئون آڻايان-
بنا! غم نه ڪر، غم لهي ويندءِ…
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
لاڏا! غم نه ڪر، غم لهي ويندءِ…
[32][32]
وراڻي: اچي ڪندو سولي، پير موليٰ عليٰ
مدد ڀايڙي سان، پير موليٰ علي.
هلندو ميان ۾، ويهندو محلات ۾، ايندو پڙهيل وٽ، پير موليٰ علي-
اچي ڪندو سولي، پير موليٰ علي.
[33][33]
وراڻي: مدد مون سان آهي علي نگهبان جي،
علي نگهبان جي، پياري رسول جي.
بينسر ته ادل جي سڄي اٿم سون جي-
مدد مون سان آهي علي نگهبان جي-
دهري ته ادل جي سڄي اٿم سون جي-
مدد مون سان آهي علي نگهبان جي.
ٻانهين ته ادل جي سڄي اٿم سون جي-
مدد مون سان آهي علي نگهبان جي.
[34][34]
وراڻي: الله جوڙيا! تو سان علي آهي همراهه،
توکي پنجن تنن پهرايو، توسان علي آهي همراهه.
پير اسان جو حضرت ميران، عالم آس پڄائي-
الله جوڙيا! توسان علي آهي همراهه…
پنجن تنن جي پاکر هوئي، يا علي ڇٽ جُهلائي-
الله جوڙيا! توسان علي آهي همراهه…
[35][35]
وراڻي: شاهه علي ٿيو آهي همراهه ادل! هاڻي ڪانه ڪنهن جي پرواهه-
لوڪ سڄو محتاج ته ٿيندءِ، تنهنجي مدد آهي شاهه-
ادل! هاڻي ڪانه ڪنهن جي ڪا پرواهه…
تنهنجي شاديءَ جو هُل هُلي ٿو، هرڪو ڪري ٿو واهه-
ادل! هاڻي ڪانه ڪنهن جي ڪا پرواهه…
[36][36]
وراڻي: تو سان حامي ٿيندو حضرت پير، ادل! دل لوڏي متان دلگير ٿين!
پيرن ۾ پير پڌرو، سيوهڻ ۾ شهباز،
ادل! دل لوڏي متان دلگير ٿين!
آهي الله جو خاص پيارو، سهڻو لال شهباز،
ادل! دل لوڏي متان دلگير ٿين!
توسان حامي ٿيندو حضرت پير،
ادل! دل لوڏي متان دلگير ٿين!
[37][37]
وراڻي: منهنجا ڀائڙا سدورا! الله ڏيندءِ وارا،
الهه ڏيندءِ وارا، جِيئَي چاچا سونهارا.
بينسر گهڙائي ڏي ساري سڄي سون جي،
پائيندي سا ته ادل! تنهنجي وني-
منهنجا ڀائڙا سدورا! الله ڏيندءِ وارا.
[38][38]
وراڻي: منهنجي پَٽَ جهڙي لاڏي کي شل ڪوسو واءُ نه لڳي-
آءُ راڻا، وسين راڻا، ويهه ويڙهي وچ ۾ منجڻ
موچاري،
لڳي گل گلاب جا چوڦير چوڌاري.
ڄاڃي لاڏل جا مان سهجئون گهرايان،
جن جي اچڻ سان لڳي وڃي بهاري-
منهنجي پٽ جهڙي لاڏي کي شل ڪوسو واءُ نه لڳي.
[39][39]
وراڻي: منهنجا مور ڀائر، ڀلي گهمن دنيا، ڀلي گهمن دنيا، آهن سدا سياڻا،
وڌندا رهن شال، منهنجا اباڻا.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان، منهنجا مور لاڏا ڀلي گهمن دنيا-
منهنجا مور ڀائر، ڀلي گهمن دنيا.
بولو ادل جو مان لاڙئون آڻايان، منهنجا خان ڀائر وڏي شان وارا-
منهنجا مور ڀائر، ڀلي گهمن دنيا.
دهري ادل جي مان سوني ٺهرايان، منهنجا مور ڀائڙا، ڀلي گهمن دنيا-
ڀلي گهمن دنيا، ربّ ڏئين مڻيا.
[40][40]
وراڻي: منهنجي ادل مان، شل گهڻا ٿيندا،
شل گهڻا ٿيندا، وڌي ويڙها ٿيندا!
سوني بينسر گهڙائي، پنهنجي اڱڻ آيا-
منهنجي ادل مان شل گهڻا ٿيندا.
سوني دهري گهڙائي، پنهنجي اڱڻ آيا-
منهنجي ادل مان شل گهڻا ٿيندا.
سوني منڊي گهڙائي، پنهنجي اڱڻ آيا-
منهنجي ادل مان شل گهڻا ٿيندا.
[41][41]
وراڻي: باغن منجهه بنگلو، محلي منجهه راڻي،
ابل منهنجا سائين! تون ته حاڪم سڏائين.
اکيون ابل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائين-
ابل منهنجا سائين! تون ته حاڪم سڏائين…
ڏند ابل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنائين-
ابل منهنجا سائين! تون ته حاڪم سڏائين…
هيٺ ابل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنائين-
ابل منهنجا سائين! تون ته حاڪم سڏائين…
[42][42]
وراڻي: لاڏل! توکي ميوا ملندا درٻار مان،
ٻانهي آهيان الله جي، گولي آهيان پير جي.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
لاڏل! توکي ميوا ملندا درٻار مان.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو-
لاڏل! توکي ميوا ملندا درٻار مان.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
لاڏل! توکي ميوا ملندا درٻار مان.
[43][43]
وراڻي: مان ماڻيندا سدا پيا ماڻين، ماڻين طول تي کٽ.
اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل لايس رس-
ماڻ ماڻيندا سدا پيا ماڻين.
ڏند ادل دي ماڻڪ موتي، سرخي لايس رس-
ماڻ ماڻيندا سدا پيا ماڻين.
هيٺ ادل دي هرڻا مهري، گاشي لايس رس-
ماڻ ماڻيندا سدا پيا ماڻين.
3. مڱڻي جا ڳيچ
[44][44]
وراڻي: ٻانڌڻ ٻڌائيندو، سي تان ٽِلائيندو، ٻانڌارو گهر آيو،
اسين اوهان جا مهمان، مينهڙو کير پياريو،
اسين اوهان جا مهمان، هَرڙي ڊاک چٻاڙيو.
بينسر گهڙائيندو، سي تان ٽلائيندو، سونارو گهر آيو-
اسين اوهان جا مهمان، مينهڙو کير پياريو…
دهري گهڙائيندو، سي تان ٽلائيندو، سونارو گهر آيو-
اسين اوهان جا مهمان مينهڙو کير پياريو…
ڪڙيو گهڙائيندو، سي تان ٽلائيندو، سونارو گهر آيو-
اسين اوهان جا مهمان، مينهڙو کير پياريو…
[45][45]
وراڻي: لاڏي جــــي مـــلــيرڙي لائـــــي ملهار، لاڏو للهنگ،
ڪيسر ڀنڙيس پاند، لاڏو اِنهيءَ ويل ڪوڏيو.
سڄڻ سُونهين سٿ ۾- لاڏي جي مليرڙي لائي ملهار،
لاڏو للهنگ.
اَسان آسون پُنيون – لاڏي جي مليرڙي لائي ملهار،
لاڏو للهنگ.
واهر ٿيندس واٽ تي – لاڏي جي مليرڙي لائي ملهار،
لاڏو للهنگ.
|