سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :15

12. گهور جا ڳيچ

[163] [1]

وراڻي: سونُ، پڙهيل! تو تان صدقي، گهوري گهمائي ماءُ.
منهن ادل جي موڙ جي سهڻا، موتين جوڙ بنايو-
               سون، پڙهيل! تو تان صدقي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
               سون، پڙهيل! تو تان صدقي.

 

ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
               سون، پڙهيل! تو تان صدقي.

 

[164]

وراڻي: سونُ ادل تئون صدقو ڏيسان، موليٰ ڪرايم شاديان، ڙي.
اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بناوان-
                موليٰ ڪرايم شاديان ڙي…

 

ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناوان-
                موليٰ ڪرايم شاديان ڙي…

 

هٿ ادل جا ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بناوان-
                موليٰ ڪرايم شاديان ڙي…

 

[165]

وراڻي: سون ڪنديس قربان، پنهنجي ڀائن تان،
صدقي وڃي ماءُ، لنگهه منهنجي اڱڻ تان.

 

ادل بينسر گهڙائيندو، پنهنجي ڪنوار کي پارائيندو-
                         سون ڪنديس قربان.

 

ادل ٻانهين گهڙائيندو، پنهنجي ڪنوار کي پارائيندو-
                         سون ڪنديس قربان.

 

ادل پازيب گهڙائيندو، پنهنجي ڪنوار کي پارائيندو-
                         سون ڪنديس قربان.

 

[166] [2]

وراڻي: گهوري ڏي گهوٽ جي امڙ! گهوٽ مٿان تون سونُ،
گهوٽ مٿان تون سونُ، گهٽ وٺنديس ڪونه.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
     گهوري ڏي گهوٽ جي امڙ!

 

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
     گهوري ڏي گهوٽ جي امڙ!

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
     گهوري ڏي گهوٽ جي امڙ!

 

[167]

وراڻي: گهوري ڏي گهوٽ جا ابا! گهوٽ مٿان سونُ،
ڏي ڏاند، ڳئون، مينهن، گهٽ وٺندس ڪونه.

 

گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ! گهوٽ مٿان ئي سون،
ڏي وڳو ڪو ڪپڙن جو، گهٽ وٺدس ڪونه-
                 گهوري ڏي گهوٽ جا ابا!

 

گهوري ڏيو گهوٽ جا ڀائر! گهوٽ مٿان توهين سون،
رپيا هجن روڪڙا، اوڌر ڪنداسون ڪونه-
                 گهوري ڏي گهوٽ جا ابا!

 

[168][3]

وراڻي: جُڙيل گهوٽ! گهوريئين نوٽ، لهي آءُ مهريءَ تان،
       لهي آءُ مهريءَ تان، چڙهه چوڏول ۾.

 

بينسر لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-

گوهر گهوٽ! گهوريئين نوٽ، لهي آءُ مهريءَ تان.

 

دهري لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-

جڙيل گهوٽ! گهوريئين نوٽ، لهي آءُ مهريءَ تان.

 

ٻانهين لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-

جڙيل گهوٽ! گهوريئين نوٽ، لهي آءُ مهريءَ تان.

 

[169]

وراڻي: گهوريندا هليا ويا، ڄاڃي لاڏل جا،
اٿن نوٽ هٿن ۾، ريجو رومال ۾.
ڀائر لاڏل جا ڪوڏئون مون گهرايا-
                گهوريندا هليا ويا.

 

ڄاڃي لاڏل جا ڪوڏئون مون گهرايا-
                گهوريندا هليا ويا.

 

دهلاري لاڏل جا ڪوڏئون مون گهرايا-
                گهوريندا هليا ويا.

 

[170]

وراڻي: رپيا ڏي موليٰ مان گهوريان ادل جي گهور،
گهوريان سانول جي گهور، الله جوڙيس جوڙ.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل هي رنگ لايو-
پيسا ڏي مرشد! مان گهوريان لاڏل جي گهور.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
رپيا ڏي سائين! مان گهوريان راڻل جي گهور.

 

[171] [4]

وراڻي: ڦُلڙن ٿالهه ڀري، گهوريا گهوٽ مٿان،
منهنجي سڄڻن کي، سوڀ ڏني سردار.

 

بينسر ادل جي آئي، نقش مٿانس،
ڦلڙن ٿلهه ڀري، گهوريان گهوٽ مٿان.

 

دهري ادل جي آئي، نقش مٿانس،
ڦلڙن ٿلهه ڀري، گهوريان گهوٽ مٿان.

 

ٻانهين ادل جي آئي، نقش مٿانس،
ڦلڙن ٿلهه ڀري، گهوريان گهوٽ مٿان.

 

[172]

وراڻي: منهنجي ادل مٿان ڀينر! دنيا لُٽيو،
منهنجي لاڏل مٿان جيڏيون! دنيا لُٽيو.

 

ساوا نوٽ هٿن ۾ سئو جا مٽائي،
ڳاڙها نوٽ هٿن ۾ سئو جا مٽائي،
منهنجي ادل مٿان ڀينر! دنيا لُٽيو.

 

[173]

وراڻي: هيءَ ويل گهرڙيس ماءُ، اميد پُڙيس ماءُ،
گهورون گهوريان هن گهوٽ تان، لئي! هيءَ ويل گهرڙيس ماءُ.

 

بينسر سونهندو آءُ، لاڏا! بينسر سونهندو آءُ،
هاڻ بينسر سونهين لاڏيءَ ساهي ۾-
           هيءَ ويل گهرڙيس ماءُ.

 

دهريءَ سونهندو آءُ، لاڏا! دهري سونهندو آءُ،
هاڻ دهري سونهين لاڏيءَ ساهي ۾-
           هيءَ ويل گهرڙيس ماءُ.

 

وينڊي سونهندو آءُ، لاڏا! وينڊي سونهندو آءُ،
هاڻ وينڊو سونهين لاڏيءَ ساهي ۾-
           هيءَ ويل گهرڙيس ماءُ.

 

[174] [5]

وراڻي: جيوين مور بنا! تيڏي نال ڄُلان، صدقي ٿيندي ڄُلان،
صدقي ٿيندي ڄلان، رچ چندن لهوائين، گهوران ڏيندي ڄلان.

 

سوني بينسر گهڙائي ڏي، جيوين مور بنا!
      رچ چندن لهوائين، تيڏي نال ڄلان.

 

سوني دهري گهڙائي ڏي، جيوين مور بنا!
   رچ چندن لهوائين گهوران ڏيندي ڄلان.

 

سوني جهالر گهڙائي ڏي، جيوين مور بنا!
   رچ چندن لهوائين گهوران ڏيندي ڄلان.

 

[175]

وراڻي: ڇٽي لونگ ڦوٽا، سهڻل ٻانهن لوڏي،
ڀيڻ گهوري ٿي گهور، ڀلي ٻانهن لوڏي.

 

سوني دهري گهڙائي، سهڻل ٻانهن لوڏي-
مايڙي گهوري ٿي گهور، ڀلي ٻانهن لوڏي.

 

سوني ٻانهين گهڙائي، سهڻل ٻانهن لوڏي-
ڀينرون گهورين ٿيون گهور، ڀلي ٻانهن لوڏي.

 

سونا جهومڪ گهڙائي، سهڻل ٻانهن لوڏي-
ساليون گهورين ٿيون گهور، ڀلي ٻانهن لوڏي.

 

[176]

وراڻي: گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ! تون پُٽ تئون رومال،
             پٽ تئون رومال، آڻيندو لعل ڪنوار.

 

[6]اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ! تون پٽ تئون رومال.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ! تون پٽ تئون رومال.

 

سر ادل جي پاڳ جا سونهندي موڙن جوڙ بنايو-
گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ! تون پٽ تئون رومال.

 

وَنِي ادل جي سهڻي سونهندي، سالين پلنگ وڇايو-
گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ! تون پٽ تئون رومال.

 

باب ڇهون

 

ساهرن ۾ رات ٽڪڻ کان ڄڃ جي گهر موٽڻ ۽ مائٽن لاءِ سڪ تائين ڳيچ

 

        هن باب ۾ (1) ڄڃ جو ڪنواريتن ۾ رات ٽڪڻ، (2) نيکيٽي يا موڪلائي، (3) ڄڃ جي گهر موٽڻ، (4) نئين ڪنوار تي فخر ڪرڻ، (5) مراد پڄڻ ۽ (6) ڪنوار جي مائٽن لاءِ سِڪَ جا ڳيچ شال آهن.

        شاديءَ جي جملي ساٺن سوڻن ۽ رسمن پورين ٿيڻ بعد گهوٽيتا، نيکيٽيءَ جون رسمون ادا ڪري ڪنوار کي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ جي تياري ڪندا. جيڪڏهن ڄڃ پرانهين پنڌ جي هوندي ته ڪن حالتن ۾ هڪڙي رات ڪنواريتن ۾ وڌيڪ رهندي. اها رات پڻ زالون ڳيچ ڳائينديون آهن، جن ۾ رات ترسڻ ۽ ٻئي ڏينهن ڄڃ رواني ٿيڻ جا ڳاچ هوندا آهن. جيئن ته شاديءَ جون رسمون پوريون ٿي وينديون آهن ۽ گهوٽ توڙي گهوٽيتن کي پنهنجي گهر موٽڻ جي تڪڙ هوندي آهي، تنهنڪري انهن ڳيچن ۾ به اهو ئي بيان هوندو آهي، مثلاً:

ريــــل جــــا راڻــــــا! تــــــوکي مـــــــحلي ۾ مومل ملندي،

محلي ۾ مومل م لندي، توکي ساهن ۾ رات پوندي.

علم ڪڪوريا! توکي ساهرين رات پوندي.

اڃا رات پئي آهه، راڻي ڪئي آهه تياري.

سڀاڻي صبح جو ادي! ڪنديس تياري.

        ڄڃ ڳوٺ ساڳئي جي هوندي آهي ته پوءِ نيکيٽيءَ جو پرڀ اتي گهر ۾ ڪندا آهن. رات جو ڪنوار کي وٺي گهوٽ جو ٻئي ڪنهن مائٽ جي گهر ۾ ويهاري رات جو پنج لانئون ۽ پنج سڳڻ ڪري وٺي ساهرين گهر ايندس. گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي ڪنوار جي بوڇڻيءَ جو پلاند گهوٽ جي لونگي، ملير يا اجرڪ سان ڳنڍ ٻڌي نڪرن. ڪنوار جي مائٽڻي گهر مان نڪرڻ مهل سڀني ۾ اوڇنگارن جي ٽاڙهو ٽاڙهه پئجي ويندي آهي. ڀيڻون ڀائر، ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو بلڪ ڌاريون زالون به ڌڌڪو کائي ويهنديون آهن. ساهراڻي ڌُر ڪنوار جي نِيَڻ جا ڳيچ چئي ڪنوار کي آهر ڏئي وٺي اٿي هلنديون آهن. جي پرديس جي شادي هوندي آهي ته به ڪنوار کي پنهنجي ڳوٺ ۾ آڻي اتي گهوٽ جي ڪنهن ويجهي مائٽ جي گهر ۾ ترسائي رات جو نکيٽي ڪئي ويندي آهي. نکيٽي يا موڪلاڻي جا ڳيچ هي آهن:

آءُ جـــــيجــــڙي! لـــــڳ ڳــــري، ڪـــــير چـــئي جيجڙي نه ڄڻي،

ڄڻ ڄڻي، آءُ جيجڙي! لڳ ڳري، ڪير چئي جيجڙي نه ڄڻي.

ته پوکيم لس به لسا، سماڪيءَ ڌاري،

ڇُــــــڙڙيـــــــــا بــــــــــونـــــب وڃـــــن، مِــــٺڙا مائٽ ملن،

اچوڙي ڀينر! موڪلايون، ڌيءَ جا ڇڙيا ڍاٽي وڃن.

هرڙي هرڙي هلائينس ڍوليا!
وڏڙي راڄ ۾ رهائيس ڍوليا!

 

سونو ڇٽ سر تي رکائينس ڍوليا!
پيرين پنڌ مَ ڪرائنيس ڍوليا!

 

رتڙي ڊاک چٻائينس ڍوليا!
اڇڙي کنڊ ڦڪائيندس ڍوليا!

 

پٽولو پائي ڙي مائي! توکي موڪل ڏنڙي ماءُ،

توکي موڪل ڏنڙي ماءُ، اما! آءٌ گهوري وڃان.

اُٿي ڙي جيڏل! ڇڏ آباڻو گهر.
اُٿي وڳو پائي وَر جو، وَر سهاڳڻ جيڏل،
ماءُ ڏنئي موڪل، پيءُ چيو پرتئينءَ پنهنجي ربّ کي.

 

نڪتي ڌيءَ گهران، توکي ماءُ ڏني موڪل،
پرتئين ڌيءَ! ربّ کي، توکي ماءُ ڏني موڪل.

 

آيل ماءُ! مٿان دلگير ٿئين، ڌيءَ پرائي وس
                          —

مائٽن ۾ هوندي ڪا گهڙي، ساهرن سڀ ڄمار،
            مارل ماءُ! متان دلگير ٿئين.

لاهي ڪڙو هن ڪوٽ جو اسين مومل نينداسين،
مومل نينداسين، اسين دير نه سگهنداسين.
                          —

 

        جڏهن ڄڃ تيار ٿي گهر موٽڻ واري ٿيندي آهي ته زالون هن قسم جا ڳيچ ڳائينديون آهن:

سڄڻ سونهارا! تنهنجي ڏسڻ لاءِ واٽون نهاريان.

ريل جا راڻا! آءُ سمنڊ سينگاري،

سمنڊ سينگاري، وينگس ماڻي.

اڄ ڏينهن سدورو ٿيندو، سهڻل گهوٽ گهر ايندو.

ڏاڍي دير وڃي کاتئي پار لاڏا!

پار لاڏا، سردار لاڏا!

        جڏهن ڄڃ ڪنوار وٺي خير سان گهر اچي لهندي آهي ته گهر موٽڻ جا مرحبائي ڳيچ ڳائينديون آهن، جي هيءُ آهن:

منهنجو رانجهن ڀلي آيو، ڍولڻ ڀلي آيو.

آءُ ڙي بنا، خان بنا! تنهنجو وارو الله ورايو.

تارن جي چانڊاڻ چٽڙو جُهلايو،

ڙي ابل وڏڙي ويلي آيو، ڙي ٺريس ٿڌڙي ويلي آيو.

        گهوٽ، ڪنوار ڇوڪريون، پوڙهيون زالون ۽ ٻيون عذر واريون عورتون، جي ٻاهر جي وهانءَ تي هلي نه سگهيون هونديون، سي ۽ راڄ واريون ڪنوار کي ڏسڻ، مُوڙو ۽ مبارڪون ڏيڻ لاءِ اينديون آهن. جي ڪنوار پسندي موجب هوندي آهي ته ان تي فخر ڪنديون آهن ۽ هن قسم جا ڳيچ ڳائينديون آهن:

سيڻن منهنجي دل موهي ڙي! الا سيڻن منهنجو من موهيو ڙي الا!

تنهنجي بنگلي ۾ لعل ڪنوار، تنهنجي ماڙيءَ ۾ مومل ڪنوار.

ڪاٿئون آند ئي ڙي ادل! ڪونج وَلر واري،
ڪــــونــــج وَلـــــــر واري مـــــــاءُ پيءُ جي پياري.

صدقي سرور! تو اسان ۾ شادي ڪرائي،

منهنجي لاڏل کي تو ڪونج پرڻائي.

ربّ جو مٿس راض، ڀلي ٻانهن لوڏي

ليليٰ مليس ڪنوار، ڀلي ٻانهن لوڏي.

        راڄ واريون ڪنوار جو منهن ڏسي مبارون ۽ موڙو ڏينديون آهن. ان بعق زالون مراد پڄڻ جا ڳيچ کنديون آهن، جن ۾ ٻين کي به گڏجي ڳائي دعائون ڪنديون آهن ته، انهن جي به الله سائينءَ اهڙيءَ طرح آس پڄائي. اهي ڳيچ هن قسم جا هوندا آهن:

موليٰ لاتو تو ڀائن ڀاڳ، تنهنجي ميندي موڙن جو سهاڳ.

هي اميد منهنجي الله پڄائي، ٻي به پڄائيندم اڃا،
آءٌ گهوٽ گهر وڃان.

اميد پنڙيم، هيءَ ويل گهڙيم، سچڙي صاحب ڳنان.

ٽڪر ڪونج چڙهي ڙي، وري آئي لهي،

اديون! منهنجو هاڻي هانءُ ٺريو آهي.

        جڏهن زالون مرحبا، ڪنوار تي فخر ڪرڻ ۽ مراد پڄڻ جا ڳيچ پورا ڪنديون آهن، تڏهن وري ڪنوار جي بيڪسي ۽ بيوسيءَ ڏانهن خيال ڇڪبو اٿن. آخر ته زالون سڀ زلون آهن، کين پنهنجن پيڪن کان جدائيءَ جا اڌما اچي ويندا آهن ۽ ڪنوار جي همدرديءَ ڪرڻ ڪنوار جي مائٽن لاءِ سڪ جا ڳيچ ڳائڻ شروع ڪنديون آهن. اهي آخرين ڳيچ هوندا آهن، جن کانپوءِ وهانءُ يا ڪاڄ جو خاتمو ليکبو آهي. ان کان پوءِ ٽئي، پنجن يا ستين ڏينهن ڪنوار مائٽن ۾ ستاڙو کائڻ لاءِ ويندي آهي. اهي سِڪ جا ڳيچ هي آهن:

ساوا ساوا وڻ، منهنجي اباڻي ملڪ جا الا!
ڪيئن لکان خط پنهنجي ماءُ ڏي؟

هڪ ڪونج ٻيو پرديس، هيڪل ڪيئن گذاريان؟

هيڪل ڪيئن گذاريان، ڀائن کي سنڀاريان.

امڙ نا ڄڻي ها، ڏک نا ڏسان ها،

هجان ها جي پاڙي، مُنهن پئي ڏسان ها.

ڇٺيءَ رات ڇوريءَ سين، قلم قضا، ڪئي،

ڀـــــــائر چـــــــــــــــون ٿـــــــــا، گذارجان جتن سان،

مــــــــــــائٽ چـــــــون ٿا، اما! لکيو هو نُوراني.

 

        هن باب جي انهن سڀني عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.

 

1. ڪنواريتن ۾ رات ٽڪڻ جا ڳيچ

[1]  [1]

وراڻي: ريل جا راڻل! توکي محلي ۾ مومل ملندي،
محلي ۾ مومل ملندي، توکي ساهرن ۾ رات پوندي.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل هي رنگ لايو-
ريل جا راڻا! توکي محلي ۾ مومل ملندي.

 

چپ ادل جا لعل گلابي، سرخي هي رنگ لايو-
ريل جا راڻا! توکي محلي ۾ مومل ملندي.

 

هيٺ ادل جا هرڻا مهري، گاشي هي رنگ لايو-
ريل جا راڻا! توکي محلي ۾ مومل ملندي.

 

[2]

وراڻي: علم ڪڪوريا، توکي ساهرين رات پوندي.
بينسر پنهنجي پاڻ گهڙائيندو، ملهه ڏيندس موليٰ-
    علم ڪڪوريا، توکي ساهرين رات پوندي.

 

دهري پنهنجي پاڻ گهڙائيندو، ملهه ڏيندس موليٰ-
    علم ڪڪوريا، توکي ساهرين رات پوندي.

 

ٻانهين پنهنجي پاڻ گهڙائيندو، ملهه ڏيندس موليٰ-
    علم ڪڪوريا، توکي ساهرين رات پوندي.

 


 


[163] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [164] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[165] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [166] ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو. [167] وچولي (تعلقي ڪندياري) مان مليو.

[168] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [169] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [170] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[171] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو. [172] اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [173] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار مان مليو.

[174] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [175] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[176] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[1] اُتر (خيرپور ۽ اُٻاوڙي تعلقن) مان مليو. ]2[ اُتر (تعلقي وارهه) مان مليو. [3] وچولي (تعلقي ڪنڊياري.) مان مليو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org