سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :2

ام للانسان ماتمنيٰ ™ فللّہ الاخرة والاولي

 

 

مـقـــدمـــــہ

        ”ڳيچ“ جي لفظي معنيٰ آهي، اهو ڪي جو ڳايو وڃي، ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي اهو ڳائڻ، جو شادي يا خوشيءَ جي موقعي تي اڪثر ڪري عورتون ڳائين. لاڙ ۾ ڳيچن کي ’ڳيو‘ چون ۽ ٻين ڪن ڀاڱن، خصوصاً شهرن ۾ ان کي ”سهرو“ چون. ’ڳيچ‘ ۽ ’ڳيو‘ خالص سنڌي الفاظ آهن. سنڌ اندر سرائڪيءَ ۾ ڳيچن کي ’ڳاوڻ‘ چون. سنڌي توڙي سرائڪي ۾ جوڙيل ڳيچ عام رائج آهن. ٿرپارڪر واري اراضي ۾ سنڌي ڳيچن سان گڏ، ٿري محاورن ۾ رچيل ڳيچ مقامي طور عام مروج آهن.

ڳيچن جي قدامت

        ڳيچ، عورتن جا مخصوص لوڪ گيت آهن، جي سنڌ جي هر ڪنڊڪڙڇ، هر وسينءَ ۽ واهڻ، هر ڳوٺ ۽ شهر ۾، هر خوشي ۽ شاديءَ جي موقعي تي ڳايا وڃن ٿا. چئي نٿو سگهجي ته ڳيچ شروع ۾ ڪنهن جوڙيا يا ڪڏهن کان رائج ٿيا، پر انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڳيچ ڪنهن آڳاٽي سمي ۾ اُسريا ۽ غالباً ڳيچ انسان – ذات جي ابتدائي شاعريءَ جا اُهڃاڻ آهن. اثرائتن لفظن ۾ جذبات ۽ احساسات جي ترجماڻي ڄڻ شاعري آهي، ۽ ڳيچن ۾ پڻ دلي جذبات ۽ خالص احساسات سادن مگر نهايت پيارن لفظن ۾ ادا ٿيل آهن. غالباً آدمزاد انسان سڀ کان اول شاعري ڪنهن وڏي خوشي يا غم جي موقعي تي ڪئي هوندي: مثلاً جڏهن پٽ ڄمڻ يا پرڻائڻ جي موقعي تي باغ بهار ٿيو هوندو يا ڪنهن پياري عزيز يا ساٿي جي مرڻي تي رنو هوندو، ۽ انهن موقعن کان متاثر ٿي، پنهنجا جذبات اثرائتن لفظن ۾ ٻين جي آڏو ظاهر ڪيا هوندائين. مرد جي ڀيٽ ۾ عورت زياده حساس آهي، ۽ ماءُ جي اولاد لاءِ محبت پڻ ازلي آهي، انهيءَ لحاظ سان غالباً پٽ جي شادي يا ڪاميابيءَ تي ماءُ جو ”ڳيچ“، ۽ موت ويلي ماءُ جو ”پار“ يا ”اوسارو“ انسان – ذات جي ابتدائي شاعريءَ جا ڪُهنا يادگار آهن.

        سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳيچن جي عام مقبوليت ۽ شهرت ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رائج ڳيچن جا ڪيئي قسم ۽ گونا گون مضمون انهيءَ طرف اشارو ڪن ٿا ته ڳائڻ جي هيءَ صنف سنڌ ۾ ڪافي آڳاٽي وقت کان اُسريل آهي.

        آڳاٽن قبيلن ۾ شادي جي مڙني رسمن ۾ ساٺن ۽ سوڻن کي وڏي اهميت حاصل آهي. ساٺ ۽ سوڻ، انسان جي وهمن ۽ ويچارن، حيلن ۽ حڪمت عملين جا آڳاٽا يادگار آهن، ۽ انهيءَ ڪري ڳيچن جي صنف ۾ ’ساٺ ڳيا‘ غالباً ڪافي آڳاٽي وقت جا آهن. سنڌ ۾ رائج ڳيچن ۾ ’ساٺ ڳيچن‘ جو ڪافي وڏو ذخيرو ملي ٿو، جنهن جو اڳتي ذڪر ايندو. ان مان پڻ اهو اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڳيچن جو سلسلو ڪافي آڳاٽي وقت کان رائج آهي. ساٺ ڳين ۾ آڳاٽي ٻولي ۽ تلميحون استعمال ٿيل آهن ۽ ننڍيون موزون مصراعون ڪم آندل آهن. مثلاً لانئين جي هيٺين ’ساٺ ڳين‘ جي سٽاءُ توڙي ٻولي ڪافي آڳاٽي معلوم ٿئي ٿي، ۽ غالباً اهي ’ساٺ ڳيا‘ سمن جي دور جا آهن، ڇاڪاڻ ته سمن جي دور جي ’ڳاهن‘ لانءَ مصراعن ۾ ’ٻاٻل‘ جو لفظ استعمال ٿيل ملي ٿو:

هيءَ پهرين لانءَ، چنڊ ٻائولي
ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار، گهمندي نُوري
گهمندي نوري اڇڙي چوڙي
ماڻڪ پيڙا ماڻ، اسان جيءُ تو ڄائو
ونو پرڻي رات، موڙن سين ڳُتو
سرهي سيج ڙي الا، اسان جو لاڏو چڙهيو.
                                 —

ليلڙي لانوان، سنگ به سوئڙو
ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار ٽڙ ڪپهه وار
هيءُ وڻ ڪيئن رُتو
رُتس ٻيلهڙي پرڻي، رات موڙس جُتو.
                                —

 

نکيٽي يا موڪلاڻي وقت، ماءُ جا جذبات هيٺئين ڳيچ ۾ عجب انداز ۾ ظاهر ڪيل آهن ۽ ڳيچ جي ٻولي ۽ سٽاءُ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڳيچ پڻ آڳاٽو آهي:

تر پوکيم لس به لسا، سَماڪِيءَ ڌاري
ڇُڙيا بُونبَ وڃن، مٺڙا مائٽ ملن
اچوڙي ڀينر موڪلايون، ڌيءَ جا ڇڙيا بونب وڃن.

 

هيٺين ڳيچ ۾ نکيٽي ويل، ڇوڪريءَ جي ماءُ طرفان گهوٽ کي پارت ڪيل آهي:

هرڙي هرڙي هلائينس ڍوليا!
وڏڙي راڄ ۾ رهائينس ڍوليا!
سونو ڇٽ سر تِي رکائينس ڍوليا!
پيرين پنڌ مَ ڪرائينس ڍوليا!‘
رتڙي ڊاک چٻائينس ڍوليا!
اڇڙي کنڊ ڦَڪائينس ڍوليا!

 

ڳيچن جي سٽاء

        ڳيچن جي سٽاء نهايت سادي آهي. ڳيچ جي شروعات ”ٿلهه“ سان ٿئي ٿي، جو هڪ يا ٻن سٽن جو آهي، ۽ ان جي پويان مصراعون آهن، پر معنوي لحاظ سان جيڪي آهي سو ’ٿلهه‘ ئي آهي، ڇاڪاڻ ته مصراعون محض ڳائڻ جي سلسلي کي وڌائڻ خاطر ڄڻ ‘ٿلهه‘ جي ڀرتي آهن، جن ۾ ’ڳهن‘ جي نالن جي تبديل يا ڪن ٿورن لفظن جي مٽ سٽ سو آهي، باقي سڀني مصراعن جو قالب ساڳيو آهي. ڳيچن ۾ وزن، قافيو يا مسلسل خيال ناپيد آهي، محض محبت جا جذبات ۽ دلي تمنائون ئي اندروني مضمون جون ڳنڍيندڙ ڪڙيون آهن. ڳيچ جو قالب ڪافي لچڪيدار آهي، ۽ ڄڻ ته محض هڪ خاڪو آهي، جنهن ۾ خالن ڀرڻ لاءِ ڪافي گنجائش آهي. ڳيچن جو انهيءَ سادي سٽاء وارو بنيادي خاڪو، غالباً سنڌي ’وائي‘ جي اُسرڻ لاءِ اهم سرچشمو بنيو. ڳيچن جي اها سادي سٽاءُ ئي هر عورت کي ڳيچن سکڻ ۽ ڳائڻ تي آماده ڪري ٿي. اصلي ۽ آڳاٽا ڳيچ نهايت ئي عام فهم ۽ ساديءَ سٽاءُ وارا آهن. انهن ۾ جذبات ۽ احساسات جي موزونيت آهي، مگر الفاظ عروضي وزن جي قيد کان آزاد آهن. انهن اصلي ڳيچن ۾ تُڪبندي کي پڻ دخل ڪونهي: اهي محض تمنائن ۽ دعائن تي مشتمل جملا آهن. البته پوءِ جي شاعرن ۽ سگهڙن جي عمداً ۽ ارادتاً جوڙيل ڳيچن ۾رسمي شاعريءَ جو عڪس نظر اچي ٿو.

ڳيچن ڳائڻ جو نمونو

        شادي واري رات کان ڪافي ڏينهن اڳ، ۽ گهڻو ڪري ’ٻُڪيءَ‘ جي رسم (جڏهانڪر شادي جو ڏينهن مقرر ٿيندو)، کان وٺي هر رات گهوٽ جي گهر ڳيچ ڳائبا آهن. ڪن ڳوٺن ۽ قبيلن ۾ گهوٽ- ماءُ ڳيچن جو سَڏُ هُلائيندي ۽ اوڙي پاڙي واريون مايون ڳيچن ڳائڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ اينديون. چئن کان وٺي ڏهن تائين اهي مايون، جن جي نڙي سٺي ۽ آواز مٿي هوندو، سي گولائي ۾ گڏجي ويهنديون ۽ اول ڳيچ جو ٿلهه چونديون ۽ پوءِ مصراعون کڻنديون. ’ميندي‘ ۽ ’ڳاني‘ وقت بيهي ڳيچ چونديون ۽ ڄڃ ڪري هلڻ وقت پياديون يا سواريءَ سان ڳيچ ڳائينديون وينديون. جڏهن ڪنوار جي گهر جي دروازي تي پهچنديون ته وڏي ۽ مؤثر آواز ۾ موقعي جا ڳاچ چونديون.

        ڪي وڏ گهراڻا ۽ سَرندي قبيلا، ڳيچن ڳائڻ لاءِ خاص مشهور مايون (اڪثر مڱڻهاريون، شيدياڻيون ۽ ٻيون) سڏائين، جي اچي شاديءَ جا ڳيچ ڳائين.

        ڳيچن ڳائڻ لاءِ خاص ننڍڙي ’ڍولڪ‘ هوندي آهي. ڪن جاين تي ’ٿالهي‘ وڄائينِ، ڳيچ، سنڌ جي عام رائج سڀني سُرن ۾ آلاپي، پر لوڙائو، ڪونسيو ۽ سارنگ عام مقبول آهن. ڄائو مايون جڏهن مٺي آواز ۽ دلپذير لئي سان ڳيچ ڳائينديون آهن، تڏهن واهه جو رَس لڳندو آهي.

ڳيچن جا قسم

        سنڌ ۾ رائج ڳيچ، ٻن مکيه ڀاڱن ۾ وراهي سگهجن ٿا: هڪ اهي جي اولاد يا عزيز جي ولادت کان وٺي شاديءَ تائين هر خوشيءَ جي موقعي بابت چيل آهن، ۽ ٻيا اهي جي ڌڻي تعاليٰ، نبي سڳوري ۽ ولين ۽ مرشدن جي ساراهه ۽ تعريف ۾ چيل آهن. مگر جيئن ته سڀني ڳيچن جي پويان محرڪ جذبو خوشي ۽ خوشيءَ جي تمنا آهي، انهيءَ ڪري هر قسم جا ڳيچ هر خوشيءَ جي موقعي تي ڳايا وڃن ٿا. البت ساراهه ۽ تعريف جا ڳيچ، خاص طرح ڪنهن ولي ۽ بزرگ جي درگاهه تي يا مُرشد جي اچڻ وقت ڳايا ويندا آهن. ان موقعي تي ’شاديءَ جا عام ڳيچ‘ پڻ ڳايا ويندا آهن، مگر شاديءَ جي ساٺن سوڻن ۽ مخصوص موقعن جا ڳيچ ڪين ڳائبا آهن. اهڙيءَ طرح صفت ۽ ساراهه جا ڳيچ پڻ شادي ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳائبا آهن، مگر شاديءَ جي ڪن مخصوص موقعن ۽ سوڻن ساٺن وقت، انهن ئي خاص موقعن جا خاص ڳيچ ڳايا ويندا آهن.

        هن ڪتاب جي ٻارهن بابن مان، ’صفت ۽ ساراهه جا ڳيچ‘، باب اٺين (1) هيٺ ڏنل آهن. باقي يارهن ئي بابن هيٺ ڏنل ڳيچ، اولاد جي ڄمڻ جي اُميد کان وٺي شاديءَ تائين مختلف موقعن تي خوشين ۽ تمنائن بابت آهن. انهن مان هڪڙا ڳيچ پٽ ڄمڻ جي آس اُميد کان وٺي سندس ڄمڻ، ڇٺي، پرهڻ ويهڻ، طهرجڻ ۽ وڏي ٿيڻ بابت آهن، جي پهرئين باب (2) هيٺ ڏنا ويا آهن . مگر ڳيچن جو وڏي ۾ وڏو تعداد ’پرڻي يا شادي‘ سان تعلق رکي ٿو. هڪڙا شاديءَ جي خوشيءَ جا عام ڳيچ آهن (باب ستون ۽ باب ٻارهون) ۽ ٻيا ڳيچ شاديءَ جي مختلف مرحلن بابت چيل آهن: يعني ته، شاديءَ جي آس اُميد کان وٺي ويندي شاديءَ ٿيڻ ۽ پرڻجي ڪنوار گهر وٺي اچڻ تائين، مرڻي موقعن ۽ مرحلن سان تعلق رکن ٿا، جن کي سلسليوار باب ٻئي کان وٺي باب ڇهين تائين مرتب ڪيو ويو آهي. باب نائين ۽ ڏهين هيٺ ڏنل ڳيچ پڻ شاديءَ جي انهن مختلف مرحلن بابت چيل آهن، ۽ ساڳيءَ طرح باب ٻارهين هيٺ ڏنل خاص ٿر جا ڳيچ پڻ شاديءَ جا جدا جدا موقعن بابت چيل آهن.

        خاص شاديءَ واري موقعي جي ڳيچن کي ٻن ڀاڱن ۾ وراهي سگهجي ٿو: هڪ گهوٽيتن جا ڳيچ ۽ ٻيا ڪنواريتن جا. هن ڪتاب ۾ شامل مواد ۾ شاديءَ بابت اڪثر گهوٽيتن جا ڳيچ شامل آهن، جن بابت هر هڪ باب جي شروع ۾ تفصيلي سمجهاڻي ڏنل آهي. ’ڪنواريتن جي مخصوص ڳيچن‘ بابت ڪافي تحقيق جي ضرورت آهي،ڇاڪاڻ ته اڪثر قبيلن ۽ راڄن ۾ ڪنواريتن جي طرف وارا، ڳيچ ڪين ڳائين، ڇو ته قديم رواج موجب نياڻي پرڻائي ڏيڻ جو موقعو سندن واسطي خوشي يا آڏ وڏائي جو موقعو نه آهي. ڪن ڀاڱن ۾ ڪنواريتي ڌر وارا پڻ ساڳيا شاديءَ جا عام ڳيچ ڳائين. البت ڪن خاص قبيلن ۾ ڪنواريتن جي طرف وارا مخصوص ڳيچ ڳائين، جن کي ’ڳيچ“ جي بدران ’ڪامڻ‘ سڏين. لفظ ’ڪامڻ‘ جي اصل معنيٰ منڊ يا جادو آهي ۽ اِهو لفظ شاديءَ جي ڪنهن قديم رسم جو يادگار آهي، جڏهن ڇوڪري پرڻائي ڏيڻ وارا منڊ ۽ منتر، جادو ۽ سحر ذريعي گهوٽ کي سڳي ۾ آڻڻ يا ڪنوار کي مطيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. انهيءَ رسم جي يادگار ڪن ’وسريل‘ ڪامڻن جا هيٺيان ٻول آهن، جن ۾ ڪامڻ لڳڻ يا منڊ لڳڻ جي معنيٰ سمايل آهي:

ڪامڻ زوران زور لڳي
ڪامڻ ٻول ٻولان لڳي
تيل ڦليل وانگر لڳي
چوئي چندن وانگر لڳي
رتي ميندي وانگر لڳي.

 

 

        هن وقت ’ڪامڻ‘، سحر ۽ جادو خاطر ڪين ٿا ڳايا وڃن، اهي محض ڪنواريتن جي طرف جا ڳيچ آهن، جي ڪنوار کي ميندي لائڻ وقت،لائنُن واريءَ رات جي سوڻن ساٺن وقت، ۽ ان بعد ڪنوار کي ڪپڙن ۽ ڳهن پارائڻ وقت ڳائين، ۽ جن ۾ گهوٽ ۽ سس صهري کي ڪنوارُن جون پارتون سپارتون هونديون آهن.

        ساڳيءَ طرح گهوٽيتن طرفان پڻ مايون شاديءَ جا ڪي ساٺ ۽ سوڻ ڪنديون آهن ۽ انهن موقعن جا ”ساٺ ڳيا“ ڳائينديون آهن. جدا جدا ڀاڱن ۽ قبيلن ۾ مختلف ساٺن سوڻن جو رواج آهي، جن جي مناسبت سان ساٺ ڳيا ڳايا وڃن ٿا. هن ڪتاب جي ڪن بابن جي مهاڳ ۾ هيٺين ’ساٺ ڳين‘ جي قدري سمجهاڻي ڏني وئي آهي:

باب ٻيو (ص ص 39-43): چانورن ڇڙڻ جو ساٺ ڳيو، مهري ۽ مانڌاڻي جو ساٺ ڳيو، جند ٻُڪيءَ جو ساٺ
 ڳيو، ڇني اڏجڻ جو ساٺ ڳيو، اکيي ٻڌڻ جو ساٺ ڳيو، ۽ سانجهي ڳيو.

باب ٽيون (ص ص 108-112): ميندي لائڻ جو ساٺ ڳيو، ۽ ڏِک ويهرڻ جو ساٺ ڳيو.

باب چوٿون (ص ص 202-209): چِڪيي جو ساٺ ڳيو، ۽ تيلاڙي جو ساٺ ڳيو.

باب پنجون (ص ص 207-271): ڏانوڻ ڏانئڻ جو ساٺ ڳيو، رانءِ جهانءِ جو ساٺ ڳيو، لانئن جو ساٺ ڳيو، ٿنب چٽڻ جو ساٺ ڳيو، تر مئڻ جو ساٺ ڳيو، ڊامڻ لٺڙين يا اٽين جو ساٺ ڳيو، وڃڻي جو ساٺ ڳيو، ڦل چونڊڻ جو ساٺ ڳيو ۽ کير پيارڻ جو ساٺ ڳيو.

شادي توڙي عام خوشيءَ جي موقعن  تي صفت ۽ ساراهه جا ڳيچ پڻ ڳائبا آهن، جن جو مضمون مولودن وارو هوندو آهي. هن مجموعي ۾ شامل ڳيچن مان ڪي انهي قسم جا سهڻا مواد آهن.(1)

ڳيچن جا مکيه مضمون

        ڪنوار لاءِ ڳهه، گهوٽ جي ميندي، گهوٽ ۽ ڪنوار جا ڪپڙا ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ساراهه، ڳيچن جا مکيه مضمون آهن.

        1. ڳهه :  ڪنوار جي ڳهن جي وصف ۽ واکاڻ خاص شاديءَ جي ڳيچن جو مکيه مضمون آهي. ٿلهه کانپوءِ ڳيچ جي مصرع جو سانچو ساڳيو هوندو آهي، پر اُن ۾ جدا جدا ڳهن گهڙائڻ جو ذڪر هوندو آهي. نٿ وِينڊو، ڪنوار جو سڀ کان اعليٰ ۽ ضروري ڳهه شمار ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها خاص سهاڳ جي نشاني آهي. ’نٿ‘ کي اڪثر ان جي وڌيڪ سهڻي نالي ’بَينسَر‘ يا ’ڀَينسّر‘ (2)(1) سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڳيچن ۾ يا ته گهوڳٽ کي سهڻن ڳهن گهڙائڻ بابت ترغيب ڏنل هوندي آهي ته هن قسم جا ڳهه گهڙائج: مثلاً، بينسر توڙي دهري سوني، نِهري، سٺي ۽ چمڪدار هجي. گهوٽ جي ماءُ يا ڀيڻ جي زباني ظهار ڪيل هوندو آهي ته فلاڻي ڳهه فلاڻي هنڌان گهَڙايا يا اُڻايا اٿم، يا گهڙائينديس ۽ آڻائينديس، يا ته وري ڳهن جي زيب زينت جي تعريف ٿيل هوندي آهي. اول نٿ يا وينڊي جو ذڪر ايندو ۽ ان بعد ٻئي نمبر ۾ ’دُهري‘ جو، ۽ ان بعد ٻين ڳهن جو. عام طرح مايون ڳيچن ڳائيندي، اڪثر هن طرح آلاپينديون ته ”بينسر گهڙائي جُنِهري“ يا ”دُهري گهرائي جُنِهري“. اهو فقرو غالباً ڪافي آڳاٽو آهي، ايتري قدر جو زبان زد ٿي ان جي اصل صورت بدلجي وئي آهي. دراصل صحيح فقرو آهي: ”بينسر گهڙائج نِهري“ – يعني ته: اي لاڏا! نٿ گهڙائج پر نهري، اُها پوري نه هجي. ڪن ٿورن ڳيچ ڳائيندڙ ماين يا ٻين ٻڌندڙن کي انهيءَ مفهوم جي ڄاڻ آهي.

        ڳيچن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽي وقت کان وٺي، لاڙ جي اراضي ۾ سٺا ڳهه ٺهندا هئا. انهيءَ ڪري اڪثر  ڳيچن ۾ لاڙ مان ڳهڻ گهڙائڻ جي خواهش ظاهر ڪيل آهي. آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي گادي، لاڙ واري اراضيءَ ۾ ئي رهي ۽ ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ ڪاسبين ۽ ڪاريگرن جو جمع ٿيڻ هڪ فطري امر آهي. لاڙ طرف ٺٽو، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، شهدادپور، ٽندوآدم، کڏڙو (تعلقو سنجهورو) هن بلڪل پوئين دور ۾ پڻ ڪاريگر سونارن جا مکيه مرڪز هئا. انهيءَ ڪري سنڌ جي اترئين ڀاڱي ۾ رائج ڳيچن ۾ پڻ لاڙ جي سٺن ڳهن گهرائڻ جي تمنا لازمي هئي، جيئن ته هيٺين مثالن مان ظاهر آهي:

 

 

 

جلد پهريون

بينسر، بولو، ڪڙيون، ٻانهين ’لاڙئون آڻايم‘
                              (اوٻاوڙي جو ڳيچ 199؛ [221])

بينسر، دهري، ٻانهين ’لاڙئون آڻائي ڏي‘
                                  (ميرپورماٿيلو 98: [149])

بينسر، دهري، جهومر ’مان لاڙئون آڻايان‘
                                   (شڪارپور 157: [112])

وينڊو، دهري، ٻانهين ’مون لاڙئون آڻايو‘
                                     (خيرپور 290 : [51])

بينسر، دهري، جهالر ’مان لاڙئون آڻايان‘
                                          (ڪڪڙ 46 : [8])

بينسر، دهري جهومر ’لاڙئون گهڙائي‘
                                         (وارهه 171 : [148])

دهري، وينڊو، ڇير ’گهڙائي آندم لاڙئون‘
                                          (ڪنڊيارو 46 : [7])

 

        بعد ۾ اتر وارا اهي ساڳيا ڳيچ لاڙ ۾ رائج ٿيا ۽ بنا ڦيرڦار جي رسمي طور ڳايا ويا. مثلاً حيدرآباد تعلقي مان مليل ڳيچ (98 : [145]) ۾ آهي ته : بينسر، دهري، ٻانهين ’لاڏل جي مان لڙئون آڻايان‘ حالانڪ حيدرآباد تعلقو لاڙ ۾ شامل آهي، اهڙيءَ طرح ميرپورخاص طرفان مليل ڳيچ ۾ آهي ته: دهري ۽ وينڊو ’لاڙئون آڻايان‘، حالانڪه ميرپورخاص تعلقو لاڙ ۾ شامل آهي. ظهار آهي ته اصل ۾ اهي مصراعون ۽ ڳيچ اُتر طرف جا آهن، ۽ لاڙ ۾ محض رسمي طور ڳايا وڃن ٿا.

        البت ڪن مقامي ڳيچن ۾ خود مقامي شهرن جي ڳهن جي تمنا ظاهر ڪيل آهي. مثلاً بينسر حيدرآباد جي (1: 51)، دهري (ٺٽي) ننگر جي (1: 51)، جهومڪ سکر جو (1: 213)،  دهري ديري شهر جي (1 : 84) ۽ وينڊو ننگر شهر جو (1: 85). مٺي تعلقي مان مليل هڪ ڳيچ ۾ مقامي ڳوٺ ’امراڻي‘ ۽ خود مِٺي شهر جي ڳهن جو ذڪر آيل آهي، جو صحيح جذبات جي ترجماني آهي – مثلاً مانگهه ’آمراڻي‘ جي ۽ لِکُنون مٺيءَ جون (1: 449 [200]). سنڌ کان ٻاهرين شهرن جي ڳهن جي گُهر ڪن ٿورن ڳيچن ۾ آهي. مثلاً: جهومر، دهري ۽ ٽڪلو ملتان جا (1:212 [18]، بينسر، ٻانهين، ۽ ڪٺمال جيسلمير جا (1: 217 [91]). اهي ٻئي ڳيچ سلسليوار روهڙي ۽ اُٻاوڙي تعلقن جا آهن، ۽ انهيءَ ڪري انهن ۾ ملتان ۽ جيسلمير جي پاڙيسري شهرن جي ڳهن جو ذڪر بيجا نه آهي. فقط هڪ ڳيچ ٽنڊي الهيار مان مليو آهي. (1 : 91-92  [130])، جنهن ۾ حقيقت جي بجاءِ ڄڻ شعاري ٿيل آهي ته: ’نٿ لاهور جي، موتي ڪشمير جا، لعل پنجاب جي – قسم قرآن جو: سَرون لاهور جون، موتي ڪشمير جا، پتلو پنجاب جو: لڙهيون لاهور جون، گهنگهرو ڪشمير جا، ڇمڪو پنجاب جو. البت ڪنهن وقت سنڌ ۾، امرتسر جا ٽوڙها مشهور هئا، مگر ڳيچن ۾ انهن جو ذڪر ٿيل ڪونه آهي ۽ ان جي بدلي هن ملڪ جي ٽوڙهن جو نالو کنيل آهي ته : ”قنبر جا ٽوڙها موچارا“ (2: 8 [2]). ڳهن جون ڪي صفتون محض شعاريءَ طور پڻ ڪيل آهن، جيئن ته ’پرت جا پنڙا“ محبت واريون مونڊيون، خير واريون کيروليون، صحت جون سڳيون، چوٽي ڦل چٽ وارا (2: 8 [3])، ڇم ڇمان جو ڇلو ۽ ميناڪاري منڊي (2: 12 [10]).

        ڪن ڳيچن ۾ ڪن ڳهن جي خاص وصف بيان ڪيل آهي. مثلاً وينڊو لَک جو، جنهن تي لعلون لڳل، بينسر جنهن تي هيرا لڳل، ۽ دهري پتلي سان (1: 287 [43])، ٻانهين مينا واري ۽ ’مينا ته املهه مهانگي‘ (1: 54 [30])، ڇمڪندڙ ۽ نهرا نورا (1: 95 [139])، بينسر ۽ دهري ٻُڙن واري (1: 280 [230])، بينسر سوا تولو ۽ جهالر سوا تولو (1: 49 [14])، يعني هر هڪ جي تور سوا تولو. سون جو ان وقت جي لحاظ سان شايد اهو وزن ڪافي هو. هڪ ڳيچ ۾ ’سَوَ جي بينسر‘ (1: 48 [12]) جو ذڪر آهي. اُن وقت سون شايد ڪافي سستو هو، جو هڪ سؤ رپئي جي نٿ به ڪا شيءِ هئي. هڪ ڳيچ ۾ عاج جي ٻانهين جو ذڪر آهي: ”بينسر گهڙايم نهري، ٻانهين چيرايم عاج جي“ (1: 369 [60]). اندازاً 1925ع تائين عاج جي چوڙن جو رواج هو، ۽ چيريل چوڙن خريد ڪرڻ جي بدران، چوڙيگر کان نئين ٻانهين چيرائڻ ۾ نالو ۽ شان هو.

        2. ميندي : شاديء جي لاڏن ڪوڙن ۽ ساٺن سوئن ۾ مينديءَ کي خاص اهميت آهي. مينديءَ جو رنگ ڄڻ سهاڳ جو رنگ آهي ۽ ”ميندڙي ملڪ ملير جي، جنهن ۾ جهجهڙو سهاڳ“ (1: 124 [30]). ملير جي مينديءَ کي ڳيچن ۾ گهڻو ڳايو ويو آهي (1)، ۽ شايد اها ملير ڪري واري آهي، جنهن ۾ ڪنهن وقت تمام سٺي ميندي پوکبي هئي. مينديءَ جو ٻوٽو سال ۾ ٻه دفعا لڻبو آهي، ۽ ساڳيو ٻوٽو سالن جا سال ٿو هلي.

جيئن ٻوٽي جي گهڻي عمر تيئن ان ۾ گهڻو رنگ. ”جُوڻ“ جي تاريخي شهر (تعلقو ماتلي) جي کنڊرات لڳ، اتان جي قاضين جي قديم باغ ۾ اسان مينديءَ جو پُڙو ڏٺو، جو قاضين جي لکيل دستاويزن موجب 1157هه جو پوکيل هو. ڳيچن ۾ ’شهر بندر‘ جي مينديءَ کي پڻ ڳايو ويو آهي (2)، ۽ هڪ ڳيچ ۾ بندر جي شهر جو اهڃاڻ هن طرح ڏنل آهي ته : ”بين سر بندر سهر جي، جتي ندي وهي نهروار“(3). ’جوڻ‘ پڻ سنڌونديءَ جي هڪ آڳاٽي وهڪري جي ڪنڌيءَ تي بندر هو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ’شهر بندر‘ مان مراد ’جوڻ‘ جي ميندي هجي. ميهڙ جي ميندي پڻ اڳاٽي وقت کان مشهور آهي، ۽ هن وقت ۾ پڻ سنڌ ۾ ميهڙ تعلقي ۾ ميندي گهڻي پوکجي ٿي(4).  سنڌو ندي جي اڀرندي طرف وارن ڀاڱن ۾ رائج ڳيچن ۾ ”دريا پار“ جي مينديءَ کي ڳايو ويو آهي (5)، ۽ اهو اشارو غالباً ميهڙ جي طرف جي مينديءَ ڏانهن آهي. ڪنهن وقت عمرڪوٽ ۾ پڻ سٺي ميندي ٿيندي، هئي، جنهن جو ذڪر ڪن ڳيچن ۾ موجود آهي (1). سنڌ کان ٻاهر جي شهرن مان جيسلمير (1: 146 [84] ۽ ملتان (1: 126 [34]) جي مينديءَ کي ڳايو ويو آهي. ازانسواءِ دعا ۽ برڪت جي لحاظ کان مينديءَ کي ’مڪي‘ ۽ ’مديني‘ سان پڻ نسبت ڏيئي، ساراهيو ويو آهي(2).

        سٺي ميندي بابت شهرن جي اُهڃاڻ کانسواءِ، مينديءَ جي ٻين وصفن کي پڻ ڳيچن ۾ ڳايو ويو آهي. مثلاً ميندي هڪ – پَني، ٻه – پني، ٽه – پني يا چو – پني (1: 123 [29])؛ ’سونڙي ڏاٽي لُڻايو، روپي ٿالهه پُسايو’ (1: 120 [19])، ميندڙي ”نو لکي“ آهي (1: 223 [28])؛ ڏسڻ ۾ رنگ جهُليو (1: 150 [94]) ۽ ميندي جُهڙ لايو (1: 120 [20]) لاڏي جي ميندي ماءُ ۽ ڀيڻ مَلين (1: 122 [26]) ۽ ڏاڏي پوٽيون لائين (1: 145 [82])؛ مينديءَ ۾ لال گلاب (1: 131 [22]) گلن ۽ عطر سان گڏي ميندي لايو (1: 133 [52]؛ عطر ۽ مشڪ سان ميندي مَلايو (1: 142 [74]).

        3. گهوٽ ۽ ڪنوار جا ڪپڙا : گهوٽ توڙي ڪنوار جي ڪپڙن جي تياريءَ جو ذڪر پڻ ڳيچن جو هڪ لازمي جُز آهي. ڪنوار لاءِ سماٽ قبيلن ۾ گج پيٽي ۽ پيشگير؛ ۽ بلوچ قبيلن ۾ گهگهو يا گج، لاوڻ ۽ سٿڻ شاديءَ جا خاص ڪپڙا آهن. ڪن قبيلن ۾ ڪنوار لاءِ تَسر جو ڪنجرو سبائين. ڳوٺن ۾ گهوٽ لاءِ پڳ، پهراڻ ۽ سٿڻ، ۽ ڪلهن لاءِ اجرڪ يا بوڇڻ، شاديءَ جا خاص وڳا آهن. اڳين رسم موجبم، گهوٽ شاديءَ ويل خاص طرح کهنبي رنگ جا ڪپڙا ڍڪيندو هو: ”ابل! ڪر کهنبو ويس“ ۽ ”ٻڌ کنهنبڙي پاڳ“(3)

گهوٽ لاءِ ’پٽ جي وڳي‘ جي تمنيٰ پڻ گهڻن ئي ڳيچن ۾ ڪيل: آهي ’پَٽڪو تنهنجو پَٽ جو‘ يا ’اطلس، بخمل، بافتا ململ مرڪ سندياء.(1) گهوٽ لاءِ اڳ خاص چانديءَ جي سنڌي جُتي جوڙيندا هئا، حالانڪ .جيسلمير جي جُتي‘ کي پڻ ڳيچن ۾ ڳايو ويو آهي(2). شاديءَ جي وڳي ۾ خوشبوءِ ۽ سرهاڻ جو هجڻ پڻ لازمي آهي : ’عطر شيشي ۽ سر کنڊ ڪاٺي هٿ ۾‘(3). ’پاء ڦوٽن لاڏي جي پڳ ۾‘، ۽ ’لاڏو سرکٿوري لائي‘(4) گهوٽ جي رومال کي پڻ شاديءَ جي وڳي ۾ خاص اهميت آهي(5). گهوٽ جو پنهنجو رومال هجي يا ڀيڻ طرفان کيس ڏنل هجي، پر ”ڀرت ڀريل هجي سمورو، ڪُنڊن هجي سونو جهوڙو رنگ سندس سدا گلابي، جهرمر موتين جي آبي“ (6)

        ڪنوار لاءِ اڳ کَٽين کان خاص ’جورو‘ (سڄو وڳو) رڱائيندا هئا: ”پٽن ماءُ! مونکي جورو رڱائي ڏي“(7)، اهي رڱيل ڪپڙا ۽ پوءِ سهڻي ڀرت سان ڀرائيندا هئا. نَوَن رنگين ڪپڙن جي رواج بعد، ڪنوار لاءِ پڻ نون قسمن جي ڪپڙن کي ترجيح ملڻ لڳي: مثلاً سر سالورو، چڪني جو چولو، ۽ سٿڻ گيگم جي(8). هن وقت نت نئين فيشن جو چلامان آهي.

        4. گهوٽ ۽ ڪنوار جي ساراهه:  گهوٽ ۽ ڪنوار جي تعريف ڳيچن جو لازمي جز آهي. اها ٻن قسمن جي هوندي آهي: گهوٽ يا ڪنوار جي ذاتي سونهن جي ساراهه يا سندن چڱن لڇڻن جي ساراهه.

        ڳيچن ۾ گهوٽ جي ذاتي سونهن کي سندس سهڻن روشن ۽ اندامن، خاص طرح سندس اکين، ڏندن ۽ هٿن جي نالن سان بيان ڪيو ويو آهي: ”اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو، ڏند لاڏل جا موتي جا داڻا، سرخي جوڙ بنايو، هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو“. ڪن ڳيچن ۾ مجموعي تشبيهن سان پڻ گهوٽ جي سونهن بيان ڪيل آهي. مثلاً، ’گلابي گل سهڻو، رابيل گل سهڻو، موتيو گل سهڻو، سورج گل سهڻو‘(1). ذاتي سونهن کانسواءِ، ڪيترن ئي ڳيچن ۾ گهوٽ جي ٻين لياقتن ۽ لڇڻن کي پڻ ڳايو ويو آهي. جيئن ته، ’پڙهيل دادلو، سورهيه دادلو، ۽ ونهيل مور (سکيو ستابو) (2)، مور بنرو، سڪاج بنرو (3)، مور لاڏو (4)، ڪيسريو لاڏو، البيلو لاڏو(5).

        ڪنوار جي خدوخالن، اکين ۽ ڏندن جا نالا کڻڻ سنجيدگيءَ جي خلاف آهي، انهيءَ ڪري ڳيچ ۾ ڪنوار جي تعريف صرف سهڻين تشبيهن ذريعي ادا ڪيل آهي. مثلاً: ’ننڍڙي ڪنوار‘(6)، ’لُڏڻ لاڏي‘ (7)(7)، ’هڪ جيڏي‘(1)، ’نيڪ نمازڻ‘(2)، ’ڪونج ڪنوار‘(3)، ’لاڏي کي لکڙي سنهي سينڌ ڪنوار، سنهڙي ڪنوار، مينديءَ رتڙي ڪنوار‘ (4)

’بينسر واري لال ڪنوار، جنهن جون اکڙيون ميگهه ملار، جنهن جا رتڙا، سي شالور پان‘ (5).

        مجموعي طور سان گهوٽ ڪنوار جي سونهن صلابت، اخلاق ۽ اطلوار، محبت ۽ وفاداري جي وصفن کي چمڪائڻ خاطر، کين سنڌ جي داستانن جي مانجهين ۽ سورمين جي نالن سان ڳيچن ۾ ياد ڪيو ويو آهي. گهوٽ کي هوت پنهون، راڻو، دودو، ڄام جراڙ يا رانجهن سڏيو ويو آهي، ڪنوار کي وري سسئي، مومل، ليليٰ، سورٺ، هير، ليلان ڪوٺيو ويو آهي، جيئن ته هيٺين مثالن مان ظاهر آهي. اهي مڙيئي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کان ساراهه جي لائق آهن.

سعيو ٿيڙو سجايو، هوت ڀنڀور ۾ آيو
                                                 (ج-1، 182)

توکي لکيو ڄام، جراڙ، ڌيءَ ٻائي! ڪندينءَ سينگار
                                                (ج-1، 250)

منهنجو رانجهن ڀلي آيو، ڍولڻ ڀلي ڀلي آيو
                                                (ج-1، 363)

ناز ڪندو آءُ راڻل! ويس ڪندو آءُ
                                                (ج-1، 175)

جيڏل ڪري سينگار، توکي ملي آهي مينڌرا
                                                (ج-1، 348)

ليلان ماڻڻ ڀلي، چنيسر اچي
                                                (ج-1، 182)

سورٺ گهر ۾ آڻيندو، ادل مومل کي وٺي آڻيندو
                                                (ج-1، 198)

پنهنجي مومل ماڻي آيو، پنهنجي سورٺ ماڻي آيو
                                                (ج-1، 369)

بينسر گهڙايم خاصئون خاصي؛ پائينديس شال سورٺ کي
                                                (ج-1، 190)

رتڙي راڄ مان، ماڻي آيو مومل
                                                (ج-1، 367)

ليليٰ مليس ڪنوار، ڀلي ٻانهون لوڏي
                                                (ج-1، 374)

ليليٰ اسان جي اهي پاڪ نمازڻ
ليليٰ اسان جي آهي نيڪ نمازڻ
                                                (ج-1، 357)

ادل سدورو ٿيندو، هير تنهن سان هلندي
                                                (ج-1، 345)

سرها سيڻ سسئي جا هو ٿا اچن هاڻ
                                                (ج-1، 196)

        مٿيان چار، شاديءَ جي ڳيچن جا مکيه مضمون آهن. ڪي شاديءَ جا ڳيچ ڪن خاص ساٺن سوڻن بابت آهن. شاديءَ جي مخصوص ڳيچن کانسواءِ، پٽ ڄمڻ جي اميد کان وٺي سندس بالغ ٿيڻ تائين (باب پهريون) ڳيچن جو مکيه مضمون تمنيٰ ۽ دعا آهي. ازانسواءِ برڪت ۽ مراد طور جيڪي ڳيچ ڳايا وڃن ٿا، تن جو مکيه مقصد تعريف ۽ ساراهه آهي ۽ منجهن ڌڻي تعاليٰ ۽ نبي صلعم کانسواءِ اڳين ولين (بادشاهه پير وغيره) توڙي سنڌ جي مقامي بزرگن (لعل شهباز، شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي وغيره) جي مدح ۽ تعريف آهي (1)

 

ڳيچن جي اصلي ماڳ ۽ منتن ۾ مٽ سٽ

        ڪنهن به ڳيچ جو اصلي ماڳ يا متن معلوم ناهي، البت ڪن ڳيچن جي اصلي ماڳ بابت، انهن جي اندروني اهڃاڻ جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته اهي سنڌ جي ڪهڙي خاص ڀاڱي سان واسطو رکن ٿا. ڪن ڳيچن جي اصل متن ۾ تبديل جو پڻ اندروني اهڃاڻ مان قدري پتو پوي ٿو. پوين سؤ کن سالن ۾ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن؛ خصوصاً نون رستن، لارين، موٽرن ۽ ريل ملڪ گڏي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري هڪ ڀاڱي جا ڳيچ آساني سان ٻين ڀاڱن ۾ پڻ رائج ٿي ويا آهن. آمدرفت جي ذريعن کانسواءِ نوان نوٽ ۽ سڪا، بتيون ۽ گولا، بجليون ۽ بلب، نيون شيون ۽ نوان فيشن رائج ٿيا، جن جو اثر ڳوٺاڻن جي ويچارن تي پيو.ڳيچ سندن روز مره جي زندگيءَ جو مشغلو هئا، ۽ انهيءَ ڪري ڳيچن جي متن ۾ پڻ انهن نون اسبابن جا نالا رائج ٿيا. هيٺ ڪن ڳيچن جي اصلي ماڳ ۽ متن ۾ مٽ سٽ جا مثال ڏجن ٿا.

        ماڳ جي مٽ سٽ: هن ڪتاب اندر هر صفحي جي حاشيي ۾ ڳيچن جي مقامي ماڳن جا نالا ڏنا ويا آهن، مگر ڪن ڳيچن جي ٻولي توڙي اندروني اهڃاڻن مان ظاهر آهي ته اهي اصل ڪنهن ٻئي ڀاڱي ۾ اسريا آهن. مثلاً ٽنڊي الهيار مان مليل ڳيچ ”ماءُ لاڏي جي ويلان واريندي، ويلن رنگ لايو“ (1)

جي ٻولي (”ويلان“) مان ظاهر آهي ته اهو ڳيچ اصل ۾ سنڌ جي اترئين ڀاڱي جو آهي. حيدرآباد تعلقي مان مليل هڪ ڳيچ ۾ ڄاڻايل آهي ته ’بينسر، دهري، ٻانهين وغيره لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان‘(2)  حالانڪه حيدرآباد لاڙ ۾ شامل آهي. ساڳيءَ طرح ميرپورخاص مان مليل هڪ ڳيچ جو مضمون آهي ته ’دهري ۽ وينڊو لاڙئون آڻايان‘ حالانڪه ميرپورخاص لاڙ سان لاڳو آهي. ظاهر آهي ته اهي ڳيچ دراصل اتر طرف جا آهن. واره تعلقي مان مليل هڪ ڳيچ (3) ۾ هيٺيان اهڃاڻ ثابت ڪن ٿا ته اصل ۾ اهو ڳيچ سانگهڙ يا سکر طرف جو آهي:

”ناري جي ڄائي، وڃي سانگهڙ ۾ سامائي“
”سکر جو سڱ، آئي سانگهڙ مان ڄڃ“.

 

تعلقي اوٻاوڙي مان مليل هڪ ڳيچ (4) ۾ آهي ته:

 

آيو آ راڻو رنگ ڀري ريل ۾
رنگ ڀري ريل ۾، ڪهي ڪوئيٽا ميل ۾.

 

        رنگ ڀري ريل ۾، ڪهي ڪوئيٽا ميل ۾.

        ظاهر آهي ته اهو ڳيچ اصل ۾ درياء جي الهندي ڀر، يعني ته سکر، لاڙڪاڻي يا دادو ضلعن جو آهي (1) جن مان ’ڪوئيٽا ميل‘ (ريل گاڏي) لنگهي ٿي، ۽ بهرحال اوٻاوڙي طرف جو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پاسي ’ڪوئيٽا ميل‘ جي وڃڻ جو امڪان ئي ڪونهي.

متن ۾ تبديل: اڳ شانائتي سواري لاءِ محافو، ڀلا اُٺ يا گهوڙا هوندا هئا، ۽ ڳيچن ۾ پڻ گهوٽ جي سرگس يا ڄڃ جي سواري لاءِ انهن جو ذڪر آيو، پر نئين دور ۾ ريل گاڏين، موٽرن ۽ لارين جي چلامان سببان، ڳيچن ۾ پڻ انهن جو ذڪر شروع ٿيو. مثلاً هڪ ڳيچ ۾ (2) گهوٽ جي سواري جي تعريف هن طرح ڪئي وئي آهي ته:

بگيءَ رين هٿ ۾، بگيءَ چڙهي آيو
موٽر بتيون سون جون، موٽر چڙهي آيو
ريل تارون سون جون، ريل چڙهي آيو.

 

’بگي‘، ’رين‘، ’موٽر‘، ۽ ’ريل‘ نه صرف سواريءَ جا نوان ذريعا هئا پر انگريزيءَ ٻوليءَ جا نوان الفاظ پڻ هئا، جي ڳوٺاڻي ڳيچ جي متن جو جز بنيا. ٻئي هڪ ڳيچ ۾ تمنيٰ ظاهر ڪيل آهي ته ’سوني سائيڪل، موٽر ۽ لاريءَ تي لاڏو چڙهندو’(3). ڪن ڳيچن جي اصلي متن ۾ اڳين شاهاڻين سوارين جو ذڪر هو، جن سان گڏ نَون سوارين جا نالا پڻ کنيا ويا. مثلاً اصل متن ۾ هو:

        ڄڃ ادل جي جُهولي ڪجوان ۾، پاڻ اچي ٿو سهڻل محافي ۾. انهيءَ ساڳي مصرع سان لاڳو ٻين مصراعن ۾ هن طرح نالن جي مٽ سٽ ڪئي وئي ته:

        ڃڄ ادل جي گهوڙن اٺن تي، پاڻ اچي ٿو لاڏل لاريءَ ۾ ڄڃ ادل جي بگين گاڏين ۾، پاڻ اچي ٿو پڙهيل ’ڪار‘ ۾ (1) اهڙيءَ طرح هيٺين ڳيچن ۾ اصل مضمون توڙي نوان اضافا ٻئي موجود آهن:

مهريءَ چڙهي آءُ، مهريءَ واڳون پٽ جون
موٽر چڙهي آءُ، موٽر بتيون سون جون
(2)
                               —

ڄاڃي لاڏل جا لاريءَ ۾ آيا، ڄاڃي لاڏل جا ڪجاوي ۾ آيا (3)
                               —

پڙهيل هلندم ساهرين سَمنڊ سينگاري،
موٽر سينگاري، مهري سينگاري
(4)

 

اهڙيءَ طرح، ڳيچن ۾ اڳ تمنائون هيون ته ”لاڏل گهوڙي ڇيرڙي! گهوٽ ڀلي گهر آيو“، ”هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو“، يا ”لاڏل جو مهري مون ڪالهه گهرايو“. مگر سواريءَ جي نون ذريعن سببان نيون تمنائون ته ”پڙهيل پاڻ زميندار، لاري ٿو گهرائي“(5)، ”سکر جهڙي شهر مان، موٽرون مان گهرايون“(6)، ”تنهنجي هٿ جو رومال، ادل ريل ۾ آڻي ڏي“(1)، ”تنهنجي موٽر کي رنگ لايان“ (2) وغيره پڻ ڳيچن جي مضمون جو جز بنيون.

        روشنيءَ جي نون ذريعن پڻ گهوٽ جي ڄڃ جي ڌام ڌوم کي نئين اهميت ڏني. مثلاً:

ڪري ڄڃ جام، ٻاري بجليون، مومل ماڻي شل سدا ورندو (3)
                                     —

گل گلابي چمن چوڌاري، ٻاهر ٻاريئي بجليون (4)

اڳ گهوٽ جي لڱن کي مشڪ کٿوري لائڻ جي تمنيٰ ظهار ڪيل هئي، مگر هڪ ته مشڪ ناياب ۽ ٻيو صابڻ سهانگو ۽ ان جي استعمال جو عام چلامان، انهيءَ ڪري ڳيچ جي مشڪ کٿوري واري اصل مصرع سان گڏ ٻي مصرع ’صابڻ‘ جي نالي سان پڻ شامل ڪئي وئي ته:

مشڪ کٿوري ادل گهرائي
جُڙيل گهرائي ته لڱن کي لائي،
صابڻ ٽڪي ادل گهرائي
جڙيل گهرائي ته لڱن کي لائي
(5).

 

واچن ٻڌڻ جو رواج شروع ٿيو ته ڳيچن ۾ پڻ گهوٽ جي شان ۽ سينگار جي سلسلي ۾ واچ جو نالو کنيو ويو:

توکي سوني آهي واچ، گهمي آءُ سکر مان
گهمي آءُ سکر مان، لهي آءُ لاري مان
(6)

 

اڳ ڪلدار روپيا رائج هئا، ۽ انگريزن جي دور ۾ جڏهانڪر نوٽ رائج ٿيا ته ”نوٽن جي هارن“ ۽ ”نوٽن جي گهور“ جو ذڪر ڳيچن ۾ رائج ٿيو:

”ننڍڙي کي پايان ٿي هار نوٽن جا.“

گهوريندا هليا ويا ڄاڃي لاڏن جا
اٿن نوٽ هٿن ۾، ريجو رومال ۾

 

 

ڳيچن جي علمي اهميت

        ”علم الانسان“ جي طالب علمن لاءِ ڳيچن جي مطالعي ۾ ڪافي قيمتي مواد موجود آهي. ڳيچ عوام جي گهرو زندگي، قبائلي رسمن رواجن، شاديءَ جي ساٺن سوڻن، عزيزن جي امنگن ۽ احساسن، ۽ سماجي زندگي جي خوبين ۽ خامين جو آئينو آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي ڳيچن ۾ خصوصاً سنڌين جي ڪن اڳوڻين رسمن رواجن توڙي تاريخي اهڃاڻن جا آثار پوشيده آهن. ٻوليءَ جي لحاظ سان ڳيچ عوام جي زناني گهرو ٻوليءَ جا اهم دستاويز ۽ دفتر آهن، جن جو مطالعو ’لسانيات‘ جي طالب علمن لاءِ ڪافي اهميت رکي ٿو. هيٺ اسان سنڌ جي ڳيچن جي ڪن مخصوص پهلوئن تي قدرتي روشني وجهون ٿا.

گهرو ۽ سماجي زندگي: پٽ ڄمڻ جي آس اميد، ڄمڻ کان وٺي سامائجڻ تائين پٽ جي پرورش، پٽ جي شادي جي سنبت ۽ شادي جي خوشي، سنڌ جي عوام جي گهرو زندگي جو مرڪز محور پئي رهيا آهن. ’علم الانسان‘ جي محققن لاءِ ڪنهن به سماج ۾ ٻار جي ڄمڻ، سامائجڻ ۽ پرڻجڻ وارن مرحلن جو مطالعو هڪ اهم مضمون پئي رهيو آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌ جي ڳيچن ۾ انهيءَ مطالعي لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. خاص طرح شاديءَ جي ريتين رسمن بابت سنڌ جي ڳيچن ۾ تفصيلي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ موجود آهن. سنڌ جا ڳيچ ماءُ پيءُ جي اولاد سان بي انتها محبت جو پتو ڏين ٿا، ۽ گذريل سالن ۽ صدين ۾ سنڌ جي پيار ڀري گهرو زندگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. هنن ڳيچن جو وڏو حصو پٽ جي آس، پرورش ۽ سندس شاديءَ جي خوشيءَ سان وابسته آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ وارن جي گهرو زندگيءَ ۾ پٽ جو تُرارو البت ڳرو پئي رهيو آهي، مگر شاديءَ جي مکيه مضمون بابت ڳيچن مان ظاهر آهي ته گهوٽ جي والدين کي جيترو سندن لاڏو پٽ پيارو آهي، اوترو ئي ڪنواريتن طرف ماءُ پيءُ کي سندن نياڻي مٺي آهي. سالن جا سال پياري ڌيءَ نپائي وڏي ڪري پرڻائي ڏيڻ ۽ کيس اباڻي گهر کان جدا ڪرڻ ڪنواريتن لاءِ هڪ وڏو نفسياتي صدمو آهي:

پٽن کان پياري ڌي، ڇو ٿي ڄائي
سسئي سورن لاءِ ڌي ڇو ٿي ڄائي!
(1)

 

سندن آٿت ۽ تسلي محض انهيءَ ۾ آهي ته لکيو انگ ضروري پَري ۽ انهيءَ ڪري جدائي آوَس سَهڻي آهي:

لکيو ڇٺڙيءَ رات، جيڏيون لکئي ڪيڙو ڌار (2)

        سنڌي سماج جي اعليٰ تخيل موجب عورت گهر – ڌڃاڻي آهي، بلڪ گهر جي راڻي آهي.ڳيچن ۾ گهوٽ – ماءُ توڙي ڪنوار – ماءُ طرفان گهوٽ جي گهر ۾ ڪنوار جو اهو اعليٰ رُتبو تسليم ٿيل آهي. مثلاً، گهوٽ – ماءُ جي پٽ کي آسيس ته:

الله جڳ جون جوڙون جوڙي ٿو مهر سان
جوڙي اٿس تو سان گهر جي راڻي
(3).

 

اهڙيءَ طرح ڪنوار جي ماءُ جي تصديق ته:

جيڏل راڻي آهي گهر جي ڌڃاڻي…
دهري، ڪٺمال، ڳهه پائيندي منهنجي راڻي
(1)

 

بعضي ڏي – وٺ واري حالت ۾، يا لالچ يا مجبوريءَ سببان مائٽ نياڻيءَ جو سڱ ڏوراهين پنڌ تي، ڏکئي گهر ۾ يا ڌارئين راڄ ۾ ڪن ٿا، يا ننڍي هوندي ڇوڪرِي نباهي ڏين ٿا، يا وري پهاڄ ڪري پرڻائين ٿا، اهڙين حالتن ۾ ڪنوار شاديءَ جي سک سهاڳ ماڻڻ بدران سورن جي حياتي گذاري ٿي. ڳيچن ۾ انهن ڏکن سورن جو عڪس پڻ نمايان آهي. مثلاً، اباڻي وطن کان پري پرڻايل ڪنوار جا رِقت – آميز جذبات ته:

سار لهو ڪا سنڀال، نياڻي نماڻيءَ جي
نياڻي نماڻيءَ جي، اياڻي سياڻيءَ جي
(2)

 

نياڻيون پرديسڻ، نياڻيون پرڏيهڻ
سي اباڻا اباڻا، نماڻيون ٿيون ڪن
(3)
                                   —

ڇو ڄائي ابي امان کي ڌيءَ، جو ڏنائون پرائي ديس ۾(4).
           —

ائي امان! ڇو ٿي ڏنيئي اتي
جتي منهنجي مٽي نه مائٽي، ساٿي نه جماعتي
(5)
                                  —

بابي مونکي ڏنو ڌاريين راڄ ۾ جت ڄاڻو نه سڃاڻو(1)).
ڌارئين راڄ ۾ ۽ ڏکئي گهر ۾ ڏنل ڇوڪريءَ جون آهون ۽ دانهون ته:

ادي چڱي ڪانه ڳڻي، مونکي ڏنائون ڌارئي راڄ ۾ (2).
                                  —

سڀ پُريين پنهنجين ۾، ڌيءَ ڏني هيءَ ڌارين ۾(3).
اسان ڀينر ٽي، ٻه ته گڏيائون گڏڙي
ڌاريءَ کي ڪيائون ڌار
(4)
                                 —

مونکي جيجل ماءُ ڄايو آ، کڻي ڏکن سورن لاءِ نپايو آ (5)

                                       —

پرديس اچجو، مونکي ڳولي لهجو، مان ڌيءَ پرائي آهيان
منهنجا مارو! ڏکن ۾ ڏنوَ، منهنجا اباڻا! ڏکن ۾ ڏنوَ
(6)
ننڍڙي هوندي پرڻائي ڏيڻ جو احو حال جو

”ناري جي ڄائي، وڃي سانگهڙ سامائي“(7)!

اهڙين حالتن ۾ نئين پرڻايل ڪنوار هميشه وطن جي وڻن ڏسڻ لاءِ حيران ۽ مائٽن سان ملڻ لاءِ پريشان هوندي آهي. جلد پهرئين ۾ صفحي 388 کان وٺي 430 تائين ڏنل ڳيچ، ڇوڪريءَ جي مائٽن لاءِ سڪ تي شاهد آهن، جن ۾ خاص طرح صفحي 390 تي ڏنل ڳيچ [110] ”بگڙا ڏاند-الخ.“ مضمون توڙي معنيٰ جي لحاظ سان بهترين آهي. مائٽن سان ملڻ جي انتهائي اڪير ڇوڪريءَ جي هن آهه مان عيان آهي ته ”شل هيڪر موت نه ماري، مان ادن ڀائرن سان ملان ملان“(1). وطن جي ڪن نياڻين جي انهن آهن ۽ دانهن،سِڪن ۽ سڏڪن ۾ سماجي سڌارن واسطي وڏو سبق سمايل آهي.

کٿوري ۽ مساڳ جو رواج : ڳيچن ۾ سنڌ جي ڪن سهڻن رواجن جا اهڃاڻ ملن ٿا، جي هن وقت باقي نه رهيا آهن. اڳ شادي يا خوشيءَ جي موقعي تي خوشبويون ورهائيندا هئا. گلاب جو پاڻي اڃان تائين مجلسن ۾ ڇڻڪاريو وڃي ٿو، ٺٽي ۽ ڪن ٻين جاين تي بعضي گل ورهايا وڃن ٿا. ڪن جاين تي عطر جي ٻڙن جو رواج پڻ باقي وڃي بچيو آهي. آڳاٽي دور ۾ جڏهن اتر ۽ اولهه طرف وارن ايشيائي ملڪن سان سنڌ جو واپار قافلن ذريعي هلندو هو، تڏهن قافلا مشڪ، عنبر، ڪيسر وغيره خوشبويون آڻيندا هئا. ’سسئي پنهون‘ جي عشقيہ داستان ۾ پنهون پنهنجي قافلي سان مشڪ کٿوري جا انبار آندا ۽ سڄو شهر ڀنڀور هٻڪار سان واسجي ويو. حقي جو اهڃاڻ پڻ اڳئين دور ۾ قافلن ذريعي مشڪ کٿوري وغيره جي واپار جو پڙاڏو آهي. بهرحال اڳ سرند ماڻهو شاديءَ جي موقعي تي مشڪ، عنبر، ڪيسر وغيره خوشبويون ورهائيندا هئا، ۽ انهيءَ ڪري عوامي ڳيچن ۾ پڻ اهڙين اعليٰ خوشبوين ورهائڻ جي تمنيٰ جا اهڃاڻ اڃان تائين باقي آهن. مثلاً

خوشيءَ مان ٿوري عام ورهايو (2)

خوش ٿي خان کٿوريون کوڙ ورهائين
مشڪ ڄاڃين کي، ڪيسر ڄاڃين کي، عنبر گهوٽ کي لائين
(1).
        هڪ ڳيچ جي هيٺين اهڃاڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد اڳ مساڳ جا وڻ پڻ سنڌ جي ڪن خاص باغن ۾ هوندا هئا.

پير سانول جي باغ جو آڻي ڏي مساڳ(2).

انبن جي وڻن ۽ باغن جي اهميت: انب ميويدار وڻ آهي، انهيءَ ڪري آسن ۽ مرادن وارن جو انبن جي وڻن جي ڇانو ۾ ويهڻ ڄڻ سڀاڳو سوڻ آهي. انهيءَ ڪري ڳيچن ۾ پڻ گهوٽ ۽ سندس ڄاڃين جو انبن جي وڻن ۽ باغن هيٺ اچي لهڻ جي تمنيٰ ظاهر ڪيل آهي. ان ۾ڪنواريتن جي مان شانَ ڏانهن اشارو پڻ سمايل آهي ته هو انبن ۽ باغن وارا آهن. پر خاص نُڪتو هيءُ آهي ته آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ باغن جو رواج هو ۽ انبن جي باغن کي وڏي اهميت هئي، انب جي ميوي جو ايترو ته قدر هو جو نفسياتي طور شاديءَ جي ڳيچن ۾ عورتن پڻ انبن ۽ باغن کي ياد ڪيو.ڳيچن جون هيٺيون مصراعون انهيءَ معنيٰ تي شاهد آهن.

سوڍا سميجا پنڌ ۾، ويهندم انبن جي ڇانو ۾ (3)
                                  —

منهنجو ڪچهريءَ جو مور، اچي باغن ۾ لهندو (4)
                                  —

مهريءَ وارا لاڏا، مهري ٻڌج انب سان (1)
                                  —

تنهنجي سمند واڳون پٽ جون، لهه باغ ۾ بنا ! (2)
                                  —

البيلو بنو آهي باغ ۾ آيو
آهي باغ ۾ آيو، خاص گل ڇٽايو
(3)
                                  —

باغ ۾ منهنجو راڻل سيج تي آيو
                                  —

انبن توتن جون گڏيون ڇانوان، سهڻل لهندم لانوان
                                  —

باغن ۾ وڌم وور، مٺو پاڻ آيو (4)
انبن جي ذات مٺي، انب جون انبڙيون مٺيون
انب جي ڇانوَ ٿڌي، ظاهر ٿيا زيتون
(5)
                             —

مهري موڙي آءُ، مهري ٻڌ تون انب سان (6)
                             —

لاڏو وني وٺي آيو انبن جي ڇانوَ ۾ (7)
                             —

هيءَ ويل راڻا تون باغن ۾ آندي (1)

 

ادبي اشارا ۽ تلميحون: ڳيچن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا عوام، مرد توڙي عورتون، سنڌ جي ادبي سرمايي جي اهم اهڃاڻن يعني ته سنڌ جي مشهور روماني داستانن توڙي عوامي گيتن کان پوريءَ طرح واقف پڻ رهيا آهن. ڳيچ خاص عورتن جو ورثو آهن پر انهن جي سٽاء ۾ روماني داستانن جا مضمون، داستانن جي مکيه ڪردارن ڏانهن تلميحون توڙي لوڪ گيتن جا مضمون موجود آهن. باب نائين (ص ص 123-124) هيٺ ڏنل مڙيئي ڳيچ سسئي-پنهون، عمر- مارئي، سهڻي-ميهار، مومل-راڻي، بوبنا-جراڙ (2)، دودي- چنيسر، هير-رانجهو، يا ليليٰ-مجنون جي داستانن جي مضمونن تي مشتمل آهن. اسان مٿي (ص 62) چئي آيا آهيون ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي وصفن کي چمڪائڻ خاطر کين مشهور داستانن جي مانجهين ۽ سورمين جي نالن سان ڳيچن ۾ ياد ڪيو ويو آهي. بيشڪ،هڪ نڪتہء نظر کان هر شادي هڪ اهم داستان آهي ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار ان جا مکيه ڪردار آهن، جن جو وصال انساني زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. البت مڱڻو ۽ شادي انهيءَ داستان جا مهاڳ آهن، ۽ ٻين مشهور داستانن وانگر غم ۽ خوشيون، آسرا ۽ اميدون، سور ۽ سختيون انهن داستانن جا باقي باب آهن . ڪنوار جو اباڻي گهر کي ڇڏڻ – جنهن ۾ هو ڄائي نپني، وڏي ٿي ۽ ماءُ پيءُ جي مِهر ڏٺائين- ڄڻ غم جي ابتدا آهي. گهوٽيتن جو ڄڃ ڪري سنڀري اچڻ ڄڻ پنهون ۽ سندس ڀائرن جي اچڻ برابر آهي. ڪنوار جو اباڻي گهر کان ڏور مهينن جا مهينا بلڪ بعضي سالن جا سال ساهرن جي گهر گهارڻ ائين آهي ڄڻ مارئي ڪوٽ ۾. وڇوڙي ۽ غم وارين انهن ڪيفيتن کي ڳيچن ۾ سنڌ جي مشهور داستانن جي ڪردارن ڏانهن اشارن ذريعي بيان ڪيو ويو آهي. مثلاً

سسئي! تنهنجي سر لئي سوداگر ٿي آيو (1)
                                    —

ٻڌ تون ٻاروچل! ڪن ڏي ڪوهيارل (2)
                                   —

ڇڏ ڀنڀور جون ماڙيون، هتان هاڻي هلبو (3)
                                   —

اڃان رات پيئي، راڻي ڪئي تياري (4)
                                   —

مِٽ ته مئيءَ جا ملير، ۾ ڪو دم شال جيان (5)انهن مشهور داستانن جي مضمونن کانسواءِ، ڳيچن ۾ ڪن عوامي گيتن ڏانهن پڻ اشارا موجود آهن. جلد پهرئين ۾ هڪ ڳيچ (6) ۾ ”هلي آءُ محب موري جا“ فقري ۾ ’موري‘ تلميح جو تعلق غالباً ’موري‘ گيت جي ابتداء ۽ اوسر سان آهي. جلد ٻئي ۾ (ص ص 9-13) اٺن ڳيچن ۾ مشهور لوڪ گيت ’ڇلي‘ وارو مضمون سمايل آهي.

تاريخي اهڃاڻ: ڪن ڳيچن ۾ ڪي اهم تاريخي اهڃاڻ ڏنل آهن. مثلاً :

”پِڙو حمير هلايو، جنهن تي لڳڙو ک سوا“ (1)

هن مصرع ۾ ڪنهن موقعي تي بادشاهه حمير سومري جي هلايل پِڙي ڏانهن اشارو آهي. هڪ ٻئي ڳيچ ۾ آهي ته :

گهڙيون ڀرڻ هلو، جر تي هلو،
سمون ڄام جهلو، سمون ڄام جهلو
(2)

 

هن مصرع ۾ ’سمي ڄام‘ مان مراد غالباً ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو هجي، جنهن جي ايامڪاريءَ ۾ ملڪ ۾ مڪمل امن امان هو ۽ ماڻهو خوش ۽ آسودا هئا. بهرحال هيءَ مصرع سمن جي دور جي آهي ۽ مسلسل ڳيچن ۾ هلندي آئي آهي. هيٺئين ڳيچ ۾ ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ مدد پٺاڻ جي سنڌ تي چڙهائي ڏانهن اشارو آهي:

        پٺاڻ کي واريو پوئتي الا! ڇو چڙهيو آ سنڌ تي (3)

ڳيچ جي مصرع طور ’پٺاڻ‘ مان مراد گهوٽ آهي، مگر هن تشبيهه جو نفسياتي پس منظر سنڌ جي عورتن جي پنهنجي وطن سان محبت آهي ۽ هنن ڄڻ ڳيچ ذريعي سنڌ تي حملي ڪندڙ کي هٽائڻ جي ترغيب ڏني آهي. ٻئي هڪ ڳيچ ۾ آهي ته:

مونکي سير اڦلار… کيساني جي ڪپ تي (4)

هيءُ ڳيچ انهيءَ وقت جو آهي جڏهن سنڌو درياءُ نصرپور وٽان وهندو هو. نصرپور ۾ آڳاٽي وقت کان ڀلا کيس ٺهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري شهر جو عام نالو ئي ’کيسانو‘ پئجي ويو. شهر جي انهيءَ نالي جي لحاظ سان ڀرسان وهندڙ درياء جي شاخ به مقامي طور ’کيسانو‘ سڏجڻ لڳي. اندازاً 1757ع ڌاري درياء نصرپور وارو رخ مٽائي حيدرآباد جي الهندي طرفان وهڻ لڳو ۽ ’کيسانو درياء‘ سڪي ويو.

        انهن تاريخي تلميحن کانسواءِ ڳيچن ۾ ٻيا به ڪي دلچسپ اشارا موجود آهن. مثلاً

ٺــارو واري کـــوهي، جر جو پاڻي

جـتي منهنجي ادل وار سڪايا (1)

’ٺارو وارو کوهه‘ سنڌ جي ٻين عام روايتن ذريعي پڻ مشهور آهي، آڳاٽو هڪ عامي بيت هلندڙ هو، جنهن جي پهرئين مصرع هئي ته : ”ٺارو واري کوهه تي لک وهي لوٽي“. هن ڳيچ ۾ ’ٺارو واري کوهي‘ جو ذڪر آهي. غالباً اول ٺارو کوهي کڻائي جا مٺي نڪتي ۽ مشهور ٿي (جنهن تي هيءُ ڳيچ شاهد آهي)، ۽ ان بعد ان کوهي مان پڪو کوهه ٻڌايائين.

ڳيچن ۾ شاعرانه تخيل

        بالڪل سادي سٽاء ۽ وزن جي پائبندي کان عاري هجڻ جي باوجود، ڳيچ شاعرانه تخيل کان خالي نه آهن. البت ڳيچ شاعريء خاطر ڪين جوڙيا ويا آهن پر عملي طور ڳائڻ لاءِ چيا ويا آهن، انهيءَ ڪري انهن جي سٽاء سادي ۽ اڪثر تڪ بندي تائين محدود آهي. جيڪڏهن ڳيچن ۾ شاعرانه پرواز ۽ بديع ۽ معاني جون موشگافيون هجن ها ته اهي زبان زد عام ٿي هر خوشيءَ جي موقعي تي ڳائجي ڪين سگهن ها. ڳيچن جي اها سادي ۽ عام فهم سٽاء ئي آهي جو هر ننڍي وڏي، سٻوجهه توڙي اٻوجهه مارئي، انهن کي آسانيءَ سان سمجهي، ياد ڪري، ۽ ڳائي سگهي ٿي. سليس ٻولي، سادي تڪ بندي عام فهم ٿلهه، ۽ ٿوريءَ مٽ سٽ سان ساڳين مصراعن جي باوجود، ڪن ڳيچن جي مطلعن (ٿلهه) يا مصراعن ۾ شاعري سمايل آهي. هڪ اڳوڻي وسريل ڳيچ جي هيٺين مصرع ۾، هڪ سهاڳڻ ڪنوار پنهنجي وَر لاءِ محبت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:

”آءٌ آرهڙ جي وِڃڻي، تون سياري جو سيء“

هنن جلدن ۾ شامل ڳيچن جا هيٺيان ٿلهه يا مصراعون شاعرانه تخيل تي شاهد آهن.

جلد پهريون

آيل گل خواب ۾، سانڍيو هئم ساهه ۾
عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾
                                                ص 15 [29]

سهڻل آهي سَوَن جو، لالڻ آهي لکن جو
                                                ص 21 [41]

ماء ڄڻيو پٽ مور، ڀاڳ ٿيو تنهن جو زور
                                                ص 21 [42]

پٽيتي! لوڏ پينگهو ٿڌي ڇانوَ ۾
وَريتي! لوڏ پينگهو مٺي ڇانوَ ۾
                                                ص 30 [64]

لک ٿيندن، لک ڄمندن، لک لک ڏيانِ لوليون
                                                ص 33 [70]

سنهڙي سينڌ ڪنوار، مومل محلين آڻ
                                                ص 48 [12]

رابيل جهڙا گلڙا، توکي الله کڻي ڏنا
                                                ص 24 [49]

منهنجا جڙيا جاني، شل ماڻين جواني
                                                ص 52 [23]

منهنجي پَٽ جهڙي لاڏي کي شل ڪوسو واءُ نه لڳي
                                                ص 57 [38]

باغن منجهه بنگلو، محلن منجهه راڻي
                                                ص 58 [40]

لاڏي جي مليرڙي لائي ملاري، لاڏو للهنگ
ڪيسر ڀنڙس پاند، لاڏو ونيءَ ويل ڪوڏيو
                                                ص 60 [45]

ابل منهنجو سدا سڻهو، سون جا سودا ڪري
                                                ص 68 [67]

آءُ گلاب جا گل! اچي لهج تون اوري
                                                ص 72 [79]

ساوا ووڻ ڦٽي ويا گل ڪڪڙي سان
منهنجو ادل ايندو نٽ نخري سان
                                                ص 79 [99]

ڄاڃين ميڙا، سر تي سهرا، چمڪڻ جيئن وڄليون
                                                ص 82 [105]

تنهنجي اڱڻ اڳيئون خوشبوء، تنهنجي ڳليءَ ڳليءَ هٻڪار
                                                   ص 82 [106]

سهڻا! ريهه ڪجل جي پايو آ
                                                ص 84 [113]

زُهرو تارو ظاهري نچيو پئي نروار
لکي لاڏا بنا! سهڻا تنهنجا وار
                                                ص 85 [115]

ڳارها ونا، سُرها ڇَنا، آءٌ گهوري وڃان
                                                ص 88 [123]

چادر تي گل، ليليٰ، مجنون ٿو ماڻي
چنڊ چانڊوڪي ڪر، ڀائر اڱڻ آيا
                                                ص 118 [15]

سونڙي ڏاٽي ميندي لڻايو
روپي ٿالهه هلي پُسايو
                                                ص 120 [19]

آندي لاڏي هيج مان، ميندي لاتس ماء
جهانءِ جُهلِي رات، لاڏو مور جان ٿو ٽلي
                                                ص 120 [21]

رنگ رتو اربيلو، مان ٿي پرڻايان
                                                ص 127 [36]

لايان لال ميندي، عطر ساڻ گڏي
سارو راڄ سڏي، عطر ساڻ گڏي
                                                ص 133 [51]

ميندي لال گهرايو، هير رانجهن کي لايو
                                                ص 139 [66]

منهنجي ڪڪر ڪانهليءَ کي جيءِ ۾ جاءِ ڏجو
منهنجي مومل سدوريءَ کي جيءَ ۾ جاءِ ڏجو
منهنجي وَڏ-وَريءَ کي، مڙيئي مان ڏجو
                                                ص 153 [100]

ڪڪر ڪڪر ڪر ڇانوَ، ادل جا ڄاڃي پنڌ ۾
                                               ص 162 [125]

منهنجو ڪچهريءَ جو مور، اچي باغ ۾ لهندو
                                               ص 163 [127]

اڄ ڪا باغن ۾، اڄ ڪا چمن ۾، خوشبو الاهي!
                                               ص 166 [135]

انبن مٿئون هير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون
                                               ص 169 [142]

وس ڪڪر ڪوهيارل، ڀلي پئي بوند وسي
                                               ص 171 [147]

ادل ساري سنڌ مان وَرسي وَرجان
ائين وَرجان جيئن ورئي وارو، ڍرئي ڍارو
                                               ص 173 [153]

بوڇڻ تي گل هڪڙو، چنيءَ تي گل چار
                      تنهنجي گادي گلن سان ص 175 [159]

لاڏي کي لِکڙي، سنهيءَ سينڌ ڪنوار
                                               ص 195 [209]

مهاريءَ ۾ جا پدمڻي جيڏڙي
ڪر ڏيو، ور ڪي ڏئي، ٻائي جيڏڙي
                                               ص 221 [30]

جهڙن ٻڌي جهڪور، اٿ ڪرهو ڪوڏ پلاڻ
                                                ص 222 [31]

ٿڌڙيون کوهيون، جر جا پاڻي، ادل پرديسي
ويٺو وار سڪائي، ويٺو حسن وڌائي
                                               ص 226 [43]

آءُ لاڏا عِلم – ڪڪوريا! ڦرندڙ موتين ڇٽ
                                               ص 289 [47]

ادل! هوريان هوريان آءُ، منهنجي دل جا گل کلندا
گل باغن ۾ کلندا، گل ماڙين ۾ ٽڙندا
                                               ص 289 [48]

لهه ڙي ادل! لهه ليمن هيٺ
ور ڙي پُٽن – ماءُ! ويهي ڏينس لانئون
                                               ص 315 [112]

منهنجي گلابيءَ گل کي ايڏي دير نه لايو،
                                          مومل ساڻ ملايو

ادل ڪنوار وارو، لاڏل ڀاڳ وارو، سونا
                                               ص 318 [121]

راڻل ڙي، سوڍل ڙي – راڻو رات چوڙيلين رانيو
ويهي ڀائرن سان، گهمي يارن سان، ادل جُهڙ
                                     ڪري آيو ص 365 [51]

ڀيڄ ڀنيءَ رات، ڏاڍو رنگ لايو
مهل مٺيءَ رات، ڏاڍو رنگ لايو
                                               ص 379 [85]

سرابل دي پَٽ دا مولهيا، سِهري دا رنگ ڀِنان
                                               ص 385 [100]

ٽڪر ڪونج چڙهي، وري آئي لهي
اديون منهنجو هانءُ ٺريو آ
                                               ص 387 [104]

بگڙا ڏاند وهن، اباڻا ملن
خاصا کوهه کڄن اباڻا ملن
                                               ص 390 [109]

جلد ٻيو

چيچ ادل جي ور ور ڇلڙو
                                                ص 11 [9]

اُڻ اُڻ ڪوري! سهاڳڻ چنڙي
                                                ص 11 [9]

پپر! تنهنجا پن، سڀ مڙهايم سون جا
                                                ص 11 [9]

وجهه ڏور انبن ۾، مِٺُو پاڻهي لهندا
بيشڪ لهندا، دل جو حال ونڊيندا
                                                ص 26 [43]

ڪاٿي ڪونج! ڪاٿي ٻچا! ڪاٿي لٿي آ
ڪاٿي لٿي آ، جبل ۾ ٽڪي آ
                                                ص 31 [54]

        ڳيچ، پٽ يا گهوٽ جي پيارن عزيزن ۽ مائٽن جي فطري محبت ۽ سندن دلي جذبن ۽ امنگن جا اظهار آهن، ۽ گذريل سالن ۽ صدين ۾ انهن جا ٿل ۽ مصراعون غير ارادي طور پئي زبانن تي چڙهيا ۽ نروار ٿيا آهن. ڳيچن جون اصلي شاعر عورتون آهن، ۽ خاص طرح پُٽ يا گهوٽ جي مائرن، ماسين، پڦين، ڀينرن، ۽ ٻين ويجهين عزيزياڻين کي ان ۾ وڏو دخل آهي. پر ڳيچن جي صنف آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ ايترو ته دلپذير ۽ مقبول رهي آهي، جو سنڌ جي اڳين مڃيل ۽ مقبول شاعرن پڻ ڳيچ جوڙيا آهن، جن کي ”باب ڏهين“ (ص ص 165-182) هيٺ مرتب ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مرحوم مولوي عبدالغفور صاحب همايونيءَ جهڙي بزرگ جو ڳيچ ”جلوو ڪري جولان، لُڏڻ رنگ لايو“ (-2، ص 182 [9]) خاص توجهه طلب آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻين ڪيترن شاعرن پڻ ڳيچ جوڙيا آهن، جي وقت ۽ صفحن جي ڪمي سببان هن ڪتاب ۾ شامل نه ٿي سگهيا آهن. مثلاً، شادين ۾ ”نَچ“ جي محفلن ۾ هيءُ سهرو ڪافي مقبول پئي رهيو آهي ۽ نهايت دلپذير لئي ۾ ڳايو ويندو آهي ته

”ٿي آ عيد، سڄڻ گهر آيو“

اهو خوشيءَ جو سهرو دراصل مشهور شاعر حاجي خانڻ چنجڻي انهيءَ موقعي تي چيو هو، جڏهن ”ڇَٽ“ (ضلعو سِبي) جي بااثر بزرگ مرحوم سيد اڇن شاهه (موجوده بزرگ سيد اڇن شاهه جي ڏاڏي) هلي اچي ٻن بلوچ قبيلن ۾ صلح ڪرايو ۽ فساد ٽاريو. هن سهري جو اصل ٿلهه هو ته:

”ٿي آ عيد، ’اڇن‘ گهر آيو“

مواد جي ترتيب

سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ هر شهر، هر وَسِينءَ ۽ واهڻ ۾ ڳيچ ڳايا وڃن ٿا ۽ انهيءَ ڪري سنڌ جي ڳيچن جو سرمايو ايڏو ته وسيع آهي، جو ان سڄي مواد کي سهيڙڻ ۾ سال کپن ۽ انهن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ جلدن جا جلد گهرجن. ’لوڪ ادب تجويز‘ هيٺ سنڌ اندر رائج ڳيچن جي چونڊ ذخيري کي ڪم از ڪم ٻن جلدن ۾ شايع ڪرڻ جو ارادو هو، پر بعد ۾ بورڊ طرفان عائد ڪيل پابندين سببان ٻن جدا جلدن جي مواد کي سميٽي، هن هڪ ئي ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪرڻو پيو. دراصل ڪوشش اها هئي ته سنڌ جي هر ڀاڱي جا ڳيچ قلمبند ڪيا وڃن، ۽ اڃان جيڪب آباد، خيرپور، دادو ۽ ٺٽي ضلعن، ضلعي سکر جي شڪارپور ڊويزن ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي ناري ڊويزن ۽ ڪوهستان ۽ لسٻيلي وارن اراضين جي ڳيچن کي سهيڙڻو هو، پر عائد ڪيل پابنديءَ سببان ٻن مستقل ڪتابن جي تجويز ترڪ ڪري في الحال هڪ ئي ڪتاب تي اڪتفا ڪرڻي پئي، ۽ انهيءَ ڪري انهن اراضين جي ڳيچن جي ميڙ ۽ مطالعي کي مجبوراً ملتوي ڪرڻو پيو.

هن ڪتاب ۾ سميٽيل ٻن جلدن مان پهريون جلد اٺن بابن ۽ 432 صفحن ۽ ٻيو جلد چئن بابن ۽ 334 صفحن ۾ سمايل آهي. اهڙيءَ طرح سڄو ڪتاب جملي ٻارهن بابن ۽ 766 صفحن جي متن تي مشتمل آهي. ڳيچن کي ملڪ جي هر ڀاڱي مان سهيڙڻ واري اوائلي مهم ۾ اندازاً پنج هزار کن ڳيچ جمع ڪيا ويا. انهن مان ڪي سڄا ته ڪي ناقص ۽ اڻپورا هئا، ڪي ساڳيا ڳيچ جدا جدا ڀاڱن مان مليا. انهن مڙني مختلف روايتن کي ڀيٽي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٽي هزار کن بيهاريا ويا، جن مان هن ڪتاب جي مقدار آهر آخري طور جملي 1467 ڳيچ چونڊيا ويا، جن مان ٻوليءَ جي لحاظ سان 1279 سي، 83 سرائڪي ۽ 65 ٿري محاوري ۾ چيل آهن.

انهن ڳيچن جي سلسليوار ترتيب پڻ هڪ مشڪل مسئلو هو. انهن کي ٻولين جي لحاظ سان رکڻ مان ڳيچن جي مکيه مقصدن ۽ مضمونن وارو پهلو پوريءَ طرح نمايان نٿي ٿيو. انهيءَ ڪري ڳيچن جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن کي سولائيءَ سان سمجهڻ ۽ انهن جي مطالعي کي پوريءَ طرح ذهن نشين ڪرائڻ خاطر ضروري سمجهيو ويو ته مقصد جي لحاظ سان هن سڄي مواد کي جدا جدا بابن هيٺ مرتب ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ اڪثر قبيلائي، سماٽ توڙي بلوچ، شاديءَ وقت سنڌي توڙي سرائڪي ۾ رچيل ڳيچ ڳائين. سماٽ قبيلن ۾ ڪي اهڙا ڳيچ پڻ رائج آهن جن جا ڪي فقرا ۽ مصراعون سرائڪيءَ ۾ ته ڪي سنڌي ۾ آهن. سنڌي ۽ سرائڪي ڳيچن جي انهيءَ گهاٽي سنٻنڌ ۽ يڪسان مقبوليت سببان انهن کي جلد-1 ۽ جلد-2 جي پهرئين ڀاڱي ۾ گڏي رکيو ويو آهي. البت ٿري محاوري ۾ رچيل ڳيچن جو نوع الڳ آهي ۽ انهيءَ ڪري انهن کي جلد-2 جي ٻئي ڀاڱي ۾ رکيو ويو آهي. مڙني ڳيچن جي سلسليوار ترتيب طرف خاص توجهه ڏنو ويو آهي. جملي سنڌي ۽ سرائڪي ڳيچن کي پهرين ڏهن بابن ۾ مختلف عنوانن هيٺ مرتب ڪيو ويو آهي، جيئن پٽ ڄمڻ جي اميد کان وٺي. سندس مڪتب ۾ ويهڻ، طهرجڻ، وڏي ٿيڻ، مڱڻي جا سعيا ٿيڻ، مڱجڻ، شاديءَ جا مڙيئي ڪاڄ سرڻ، لانوان لهڻ، مبارڪون ملڻ ۽ اميدن پورين ٿيڻ تائين سڀني موقعن ۽ مرحلن جا ڳيچ سلسليوار اچي ويا آهن (ڏسو عنوانن جي فهرست). هر عنوان هيٺ منڍ ۾ مهاڳ طور ان عنوان جي مقصد ۽ مضمون تي قدري تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. ٿر جي چونڊ 25 ڳيچن کي يارهين ۽ ٻارهين باب هيٺ سلسليوار مرتب ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جي مضمونن ۽ عنوانن بابت تفصيلي سمجهاڻي باب يارهين جي شروع ۾ (ج-2، ص ص 197-223) ڏني وئي آهي. باب يارهين هيٺ ونواه کان وٺي ستاوڙي تائين مڙني موقعن جا ڳيچ ڏنا ويا آهن ۽ باب ٻارهين هيٺ شاديءَ جا عام ڳيچ شامل آهن.

انهيءَ ترتيب سان مختلف مضمونن ۽ موقعن، ساٺن ۽ سوڻن جي ڳيچن جو مطالعو هڪ مُبتدي توڙي مُحقق لاءِ ڪافي آسان بنايو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته هن صنف تي وڌيڪ سوچڻ لاءِ ميدان صاف رهي ۽ وڌيڪ تحقيق لاءِ راه روشن ٿئي.


 


(1)   جلد 2، ص ص 47-122.

 

 (2) جلد 1، ص ص 1-36

   (1) مثلاً ڏسو جلد – 1: 53 [28]، 82 [106، 107]، 83 [110] ۽ 88 ]123-الف].

 

(1)   غالباً اصل ۾ ’بِيني = نڪ + سَر = مٿان‘ يعني نڪ جو ڳهه.

(1)  ڏسو ج -1 : 123 [27]، 124 [30]، 125 [31]. 129 [42]، 134 [58]، 138 [63]، 145 [82]، 147 [87]، 152 [101] ۽ 198 [214].

(2)  ڏسو ج – 1، 123 [27، 125 ]32،33]، 126 ]34] ۽ 129 [42]. هن پوئين صفحي تي ’شهر بندر‘ بدران ’شاهبندر‘ ڀل وچان لکيل آهي. اسان کي پڇا ڪندي تصديق سان معلوم نه ٿي سگهيو ته ڪو ’شاهبندر‘ ۾ به ميندي ٿيندي هئي يا اتي ٻاهران ايندي هئي.

(3)  جلد – 1، 85 [116]

(4)  ميهڙ تعلقي ۾ مينديءَ جا ڀلا پُڙا پوکيل اهن. خاص طور عبدالمجيد ۽ عبدالحمي خان جتوئي جي زمينداري ۾، مينديءَ جو ڀلي ۾ فلو فصل لهي ٿو.

(5)  ڏسو ج – 1، 121 [21]، ۽ 147 [87]

(1)  ڏسو ج – 1، 123 [27] 126 [34]  ۽ 129 [42]

(2)  ڏسو ج – 1، 123 [27]، 126 [35]، [138] [63] ۽ 148 [87]

(3)   ڏسو ج-1، ص 233 [58] ۽ ص 236 [66].

(1)  ج – 1. ص 230 [51].

(2)  ايضاً

(3)  ج -1، ص 236 [59].

(4)  ج- 1، 235 [64].

(5)  ڏسو ڳيچ ج 1، ص ص 98-100.

(6)  ج – 2، ص 15 [17].

(7)  ج-1، س 101 [144].

(8)  ج -1، ص 253 ]9-1، 110] ۽ ص 236 [66].

(1)  ج – 2، 11-12 [9] 

(2)  ج- 1، 368 [58]

(3)  ج-1، 368 [57]

(4)  ج-1، 377 [80]

(5)   ج-1، 370 [63] 

(6)   ج -2، 14 [15]

(7)    ج-2، 18 [23] ج-1، 387 [103]

(1)  ج-1، 361 [43]

(2)  ج -1، 357 [32]

(3)  ج-1، 373 [70]

(4)  ج-1، 367 [55] ۽ 372 [68]

(5)  ج-2، 159 [82]، ج-1، 374 [73] ۽ 376 [78]

(1)   ڏسو باب اٺون

(1)  ج -1، 288 [45]  

(2)   ج-1، 97 [145]

(3)  ج-1، 359 [37]  

(4)   (1)ج -1، 180 [173]

(1)   ڀيٽيو، وارهه تعلقي مان مليل ٻيو ڳيچ، ج -1، ص 174 [155]

(2)  (1)ج -1، 181 [176]

(3)  ج -1، 160 [121]

(1)  ج-1، 161 [122]

(2)  ج-1، 185 [185]  

(3)  ج-1، 116 [10]

(4)  ج-1، 376 [79]

(5)  ج-1، 80 [101]

(6)  ج-1، 113 [2]

(1)  ج-1، 100 [152]

(2)  ج-1، 161 [122]

(3)  ج-1، 173 [154]  

(4)  ج-1، 81 [105]

(5)  ج-1، 227 [43]

(6)  ج-1، 13 [12]

(1)  ج -1، 358 [34]

(2)  ج-1، 359 [36]

(3)   ج-1، 357 [31]  

(1)  ج-1، 357 [33]

(2)  ج -1، 421 [182]

(3)  ج-1، 422 [183]

(4)  ج-1، 393 [117]

(5)   ج-1، 399 [130]

(1)  ج-1، 394 [119]  

(2)  ج-1، 391 [113]

(3)  ج- 1، 393 [117]

(4)  ج -1، 358 [36]

(5)   ج-1، 397 [127]

(6)  ج-1، 359 [38]

(7)  ج-1، 359 [37]

(1)  ج-1، 403 [139] 

(2)  ج -1، 182 [178]

(1)  ج-1، 103 [160]

(2)  ج-1،  103 [161]

(3)  ج -1، 162 [124]

(4)   ج-1، 123 [127]

(1)  ج-1، 177 [164]

(2)  ج-1، 284 [34]

(3)  ج-1، 184 [182]  

(4)  ج-1، 318 [120]

(5)  ج -2، 20 [27]

(6)  ج-2، 148 [56]

(7)   ج-1، 371 [64]

(1)  ج-1، 375 [76]

(2)   هيءُ داستان سواءِ ڪن سگهڙن جي ٻين ڪن ٿورن کي معلوم آهي، پر ڳيچن جي هن مجموعي ۾ ٽن ڳيچن ۾ (1-1، ص 250 ج-2، ص 158) ان ڏانهن اشارو موجود آهي.

(1)  ج -1، 351 [17]

(2)   ج-1، 390 [109]

(3)  ج-1، 350 [15]   

(4)  ج-1، 346 [5]

(5)  ج-1، 402 [138] 

(6)  ج-1، 132 [49]

(1)  ج -1، 215 [14]

(2)  ج-1، 222 [33]

(3)  ج-1، 199 [219]

(4)  ج-1، 163 [129]

(1)  ج -1، 227 [44]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org