باب پهريون
پٺ
ڄمڻ جي اميد کان طهر تائين ڳيچ
هن باب ۾ (1) پُٽ ڄمڻ جي اميد، (2) پُٽ ڄمڻ، (3) پٽ ڄمڻ
جي مبارڪ، (4) ڇَٺِي، (5) پُٽ جو پينگهو لوڏڻ، (6)
لولِي، (7) پُٽ جي لاءِ دعا جا ڳيچ شامل آهن.
اولاد اکئين ڏسڻ، خاص طرح پُٽ ڄمڻ جي آس اميد هرهڪ زال
توڙي زال مڙس جي ويجهين عزيزياڻين کي ٿيندي آهي.
انهيءَ اميد پوري ٿيڻ لاءِ هو باسون باسينديون
آهن. منجهائن ڪيتريون ئي پيرن فقيرن جي درگاهن تي
وڃي مڃتائون مڃينديون آهن ۽ انهن موقعن تي مڃتا جا
ڳيچ ڳائينديون آهن جيئن ته:
هن اڱڻ تي موليٰ لڏندم پُٽن جا پينگها.
—
منهنجي پڙهيل کي، الله ڏيندو پُٽ،
پُٽَ پينگهن ۾، جُهولي جُهولن ۾-
او مرشد جا لَکَ هزار ٿورا.
نه رڳو مائرون پر ڀيڻون به پنهنجي ڀائرن جي
اولاد ڏسڻ جون آسائتيون رهنديون آهن:
ڀينر! منهنجي ڀايڙي کي، موليٰ ڏيندو ٻچڙا.
جڏهن سندن مَنَ جي مراد پوري ٿيندي آهي، يعني پٽڙو
ڄمندو آهي ته پوءِ گهر ۾ خوشيون ٿي وينديون آهن.
انهيءَ موقعي تي زالون هن طرح جا ڳيچ ڳائينديون
آهن:
موليٰ ڏنم پٽڙا، وڏي ڀاڳ وارا.
راڄ جا فقير ۽ لَنگها پڻ مبارڪ ڏيڻ ايندا آهن، ۽ اچي
مبارڪيءَ جا ڳيچ ۽ سهرا ڳائي گهور وٺندا آهن:
لال وڌايو ڪِڪو، ڀلي ڪري ڄايو
—
الله ڏنا اٿئي پُٽَ،مونکي کير پيار هٿن سان.
—
نَوَ لَک مبارڪون هو ونئي ڙي!
پُٽ ڄمڻ جي ڇهين ڏينهن تي ’ڇَٺِي‘ ڪندا آهن. ڪن ڪن هنڌن
تي ٽِينءَ رات، پنجينءَ رات ۽ ستيءَ رات پڻ
ڇَٺِيءَ جي رسم ادا ڪن. اُنهيءَ رات عزيز، شريڪن،
پاڙي وارن توڙي لاڳاپي وارن جي گهرن جون زالون
توڙي نياڻيون اچي گڏ ٿين ۽ ڳيچ ڳائين:
راڄ گهرايان ڇَٺِيءَ تي، سون ورهايان ڇَٺِيءَ تي.
گهر ڌڃاڻين طرفان وري مِٺو ڀَت رڌي آيل زالن ۽ نياڻين کي
کارائين ۽ اوڙي پاڙي وارن جي گهرن ۾ ٿالهي ڀَتَ جي
ڀري موڪلين. سمجهدار ماڻهو ڇٺيءَ جي بدران عقيقو
ڪن. انهيءَ موقعي تي پڻ خوشيءَ جا ڳيچ ويندا آهن.
ٻارڙي کي ننڊ لاءِ پينگهي ۾ سمهارڻ وقت پڻ مائرون لولِي
يا بعضي ڳيچ جهونگارينديون آهن، جيئن:
مون تي آهي الله جو ٿورو، مان ٿي لوڏيان لال هندورو.
مونکي مليو پُٽن جو جوڙو.
—
پُٽَ پينگهن ۾، پينگها بنگلن ۾،
ماءُ ڏنئي لولِي، الله ڀري جهولي،
ٻار ڪجهه وڏيرڙ ۽ سمجهه ڀريو ٿيو ته اڳ مائٽ کيس قرآن شريف پڙهڻ
لاءِ مڪتب ۾ ويهاريندا هئا. گهڻو ڪري اربعا جي
ڏينهن مڪتب ۾ مٺائي ورهائي، اها رسم ادا ڪندا هئا.
ان وقت پڻ زالون خوشيءَ جا ڳيچ ڳائينديون آهن:
منهنجو جيئي راڻو، ابل ’ايمِي‘ پڙهندو،
اَبل ’ايمي‘ پڙهندو، ٽِيهئِي ’پارا‘ پڙهندو.
ٻار جڏهن اڃان به وڏيرڙو ٿيو ته کيس طهر ويهاريندا آهن.
انهيءَ موقعي تي ڳاني ٻڌڻ، موڙ، سرگس وغيره رسمون
ادا ڪندا آهن، ۽ هرهڪ ساٺ سَوَڻ جا جدا جدا ڳيچ
ڳايا ويندا آهن. جيئن:
پُٽڙو ٿيو سو ڀائُن وارو، بابي ملهي طهرايو.
—
هٿ ٻَڌ ڳانا منهنجي ننڍڙي کي.
طهر کان پوءِ مائٽن جي دل ۾ اها ئي اميد هوندي آهي ته،
شال وڏو ٿئي، جواني ماڻي ۽ ڳاڙهو گهوٽ ٿئي. اهڙي
آس ڏسڻ لاءِ مائرون ۽ ويجهيون عزيزياڻيون دعا جا
ڳيچ ڳائينديون آهن. مثلاً:
مون باس باسِي هئي، اڄ منهنجا الله وڏا ڪيا.
هن باب جي انهن سڀني عنوانن بابت ڪي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
پٽ جي ڄمڻ جي اُميد جا ڳيچ
(1)[1]
وراڻي: هن اڱڻ تي موليٰ، لُڏندم پُٽن جا پينگها
پُٽن جا پينگها، ڀائَن جا جوڙا.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو.
هن اڱڻ تي موليٰ، لڏندم پُٽن جا پينگها!
هيٺ اَدل جي هَرڻا جو مَهري، گاشي جوڙ بنايو.
هن اڱڻ تي موليٰ، لڏندم پُٽن جا پينگها!
سِر سُهڻل جي سونا سِهرا، موتين جوڙ بنايو.
هن اڱڻ تي موليٰ، لڏندم پُٽن جا پينگها!
(2)[2]
وراڻي: منهنجي پڙهيل کي، الله ڏيندو پُٽ!
پُٽَ پينگهن ۾، جهولي جُهولن ۾-
او مرشد جا لَک هزار ٿورا.
پِر اسان جو حضرت ميران، روضي جوڙ بنايو.
منهنجي پڙهيل کي، الله ڏيندو پُٽ!
روضي مرشد جي ڪُنگرا سونهندا، نِيلُن جوڙ بنايو.
منهنجي پڙهيل کي، الله ڏيندو پُٽ!
(3)[3]
وراڻي: ڀينر! منهنجي ڀايَڙي کي، موليٰ ڏيندو ٻچڙا.
پينگهي اَدل جي، پَٽَ جون واڳُون،
لوڏيان هٿن سان،
ڏسان اکين سان.
ڀينر! منهنجي ڀايَڙي کي، موليٰ ڏيندو ٻچڙا.
گاڏو اَدل جو، ريشمي رسيءَ سان،
ڇڪيان هٿن سان،
ڏسان اکين سان.
ڀينر! منهنجي ڀايَڙي کي، موليٰ ڏيندو ٻچڙا.
رانديڪا اَدل جا رنگ برنگي،
ٺاهيان هٿن سان،
ڏسان اکين سان.
ڀينر! منهنجي ڀايَڙي کي، موليٰ ڏيندو ٻچڙا.
(4)[4]
وراڻي: مَنَ مُرادون محي الدين! مان سوالڻ آهيان،
مان سوالڻ آهيان شال، پينگهي پُٽ لُڏائيان!
جِيئي لاڏل گهوٽ، جنهگن جي بَنيسَر لَکن جي-
مَنَ مرادون محي الدين! مان سوالڻ آهيان.
جيئي لاڏل گهوٽ، جنهن جي دُهرِي لکن جي -
مَن مرادون محي الدين! مان سوالڻ آهيان.
جيئي لاڏل گهوٽ، جنهن جي دُهرِي لکن جي-
مَن مرادون محي الدين! مان سوالڻ آهيان.
جيئي لاڏل گهوٽ، جنهن جي ٻانهِين لکن جي -
من مرادون محي الدين! مان سوالڻ آهيان.
(5)[5]
وراڻي : ٻِيڙيءَ وارا ادا، لعل مهاڻا! لعل ٿِي وڃان -
لعل تي ٿي وڃان، پُٽ وٺڻ ٿي وڃان.
اکيون اَدل جون ٻَرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو –
ٻيڙيءَ وارا ادا، لعل مهاڻا! لعل تي ٿي وڃان.
ڏند اَدل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو -
ٻيڙيءَ وارا ادا، لعل مهاڻا! لعل تي ٿي وڃان.
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو -
ٻيڙيءَ وارا ادا، لعل مهاڻا! لعل تي ٿي وڃان.
(6)[6]
وراڻي: بَر جا بَگا شير! منهنجي آس پُڄاءِ!
سنڌ جا لعل شهباز! منهنجي آس پُڄاءِ!
غم گُوندر منهنجا لاهه، ڏک سُور منهنجا لاهه -
بَر جا بَگا شير! منهنجي آس پُڄاءِ!
سنڌ جا لعل شهباز! منهنجي آس پُڄاءِ!
گُل گوليءَ کي ملاءِ، ايڏي دير نه لاءِ -
بَر جا بَگا شير! منهنجي آس پُڄاءِ!
سنڌ جا لعل شهباز! منهنجي آس پُڄاءِ!
(7)[7]
وراڻي: اَگَلڙي آءٌ، تون سُونهَن ڀريو سردا،
محمّد منهنجي مَن، ڪلمي سان لنءُ لڳِي.
پيرل! تنهنجي پڙ ۾ لوئي لال،
آيس عرضياڻي، پير! لوئيءَ سان لَنءُ لڳِي.
محمّد منهنجي مَن، ڪلمي سان لَنءُ لڳي.
جنهين ڏنم سنيهڙا، لوئي لال،
سي ئي کِلي ڏينم کير، لوئيءَ سان لَنءُ لڳِي -
محمّد منهنجي مَن، ڪلمي سان لَنءُ لڳِي.
چائنٺ چمنديس چشمن سان لوئي لال،
تنهنجي قبڙي سونِي چشمن سان لوئي لال،
محمّد منهنجي مَن، ڪلمي سان لَنءُ لڳِي.
(8)[8]
وراڻي: سخي لعل قلندر! مان سوالڻ آهيان،
مان سوالڻ آهيان، خالي ڪين وينديسانءِ.
ڪَلنگي مرشد جي عرشئون آڻايان -
اٿ جاڳا قلندر! مان سوالڻ آهيان …
ميندي مرشد جي، عرشئون آڻايان -
اٿ جاڳ قلندر! مان سوالڻ آهيان…
(9)[9]
وراڻي: سخي قلندر لعل! اسين سوالي آيا آهيون.
اسين سوالي آيا آهيون، خالي مور نه وينداسين.
توتي الله نبيءَ جي ڇانوَ، روضي رنگ لايو -
سخي قلندر لعل! اسين سوالي آيا آهيون.
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل رنگ لايو-
سخي قلندر لعل! اسين سوالي آيا آهيون.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ رنگ لايو -
سخي قلندر لعل! اسين سوالي آيا آهيون.
(10)[10]
وراڻي: قلندر پير ڪلنگيءَ وارا! دم دير نه لاءِ،
دم دير نه لاءِ، سِڪندين آس پڄاءِ!
سَمَند گهوڙو گهوٽ جو، سڀ واسيندو وڻ آيو،
سيج مٿي سردار آهه، پلنگ مٿي پڳدار آهه –
قلندر پير ڪلنگيءَ وارا! دم دير نه لاءِ…
سر تي سهڻو تاج، چؤڦير چمڪندو آيو،
مٿس پنجتن جو پيار آهه، قُرب ۾ قرار آهه.
قلندر پير ڪلنگيءَ وارا! دم دير نه لاءِ…
(11)[11]
وراڻي: ساوا ٿيندم سارا، دل جا مطلب پيارا،
لعل قلندر! ساوا ٿيندم سارا.
آهيان اصل اياڻي، تنهنجي ناتر نماڻي،
پينگهي ٻار لُڏائين، ويڙهي پير گهمائين -
لعل قلندر! ساوا ٿيندم سارا…
مِٺي نالي وارو، ايندو واڳون ورائي،
سهڻي نالي وارو، ويندو پير گهمائي-
لعل قلندر! ساوا ٿيندم سارا…
(12)[12]
وراڻي: قلندر! سُتڙو اُٿي جاڳا، توکي مومل مُجرو مڃي،
الله ڪارڻ آءُ ميان راڻا! توکي مومل مُجرو مڃي.
پيرل! ستڙو اُٿي جاڳ، توکي ٻانهي ٻانهون ٻَڌي،
تون منهنجو سڪاڄ، مرشد! مهر ڪندين-
قلندر! ستڙو اُٿي جاڳ، تنهنجي مومل مُجرو مڃي…
غوث! ستڙو اُٿي جاڳ، توکي مريدڻ منٿ ڪري،
آهيان الله جو دادلو، ولهين تي ورندين-
قلندر! ستڙو اُٿي جاڳ، توکي مومل مجرو مڃي…
(13)[13]
وراڻي: لڙنديس لاڙ ڙي، ڏکڻ تي، ڪنديس ڦيرو ڙي غوثل تي.
گُهل وو ڏکڻ، اُتر جي پاسي – لڙنديس لاڙ ڙي، ڏکڻ
تي…
گهورون گهوريان مان گهوٽل تي – لڙنديس لاڙ ڙي، ڏکڻ تي…
دهل وڄارايان مان در تي – لڙنديس لاڙ ڙي، ڏکڻ تي…
(14)[14]
وراڻي؛ وينديس پنڌڙو ڪري، اينديس اُميد لَهِي،
سوئي وارا پير! پنڌ منهنجو صاب پوي!
وينديس حاجن پير ڏي، وينديس جيلاني پير ڏي،
هٿن ڀر مان هلي، گوڏن ڀر گسڪي-
سوئي وارا پير! پنڌ منهنجو صاب پوي!
پَر ۾ پيرل جون، مون مڃون آهن مڃتائون،
تن لاءِ رڙهان، هلي اُت چانئٺ چمان -
سوئي وارا پير! پنڌ منهنجو صاب پوي!
آهيان اَنهنجي عرضياڻي، مون سان ٿيندين ساڻِي،
ڇڏيندوم نه ويڳاڻي، هيءَ نماڻي-
سوئي وارا پير! پنڌ منهنجو صاب پوي!
(15)[15]
وراڻي: پينگهي پُٽَ لڏن، سخي ڄام ڏاتار!
در تي دهل وڄن، سخي ڄام ڏاتار!
اکيون ادل ون ٻرن مشعلا، سي ته ڪجليون آهن، سخي ڄام ڏاتار!
پينگهي پُٽَ لڏن، سخي ڄام ڏاتار
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سونهن ڪئي لال لبن، سخي ڄام ڏاتار!
پينگهي پُٽَ لڏن، سخي ڄام ڏاتار!
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، سونهن ڪئي ڙي ڳانن، سخي ڄام ڏاتار!
پينگهي پُٽَ لڏن، سخي ڄام ڏاتار!
(16)[16]
وراڻي: نَوَ لڳ گودڙي پِير! تنهنجي در ٿي اَچان.
لاڏو لَک جو، جامون ڍڪيس پَٽَ جو -
نو لک گودڙي پير! تنهنجي در ٿي اَچان.
الله اوري آڻ، هن ڌُپ جي ڪانهل کي -
نَوَ لک گودڙي پِير! تنهنجي در ٿي اَچان.
شل ٿڌڙي هير لڳي، منهنجي مرشد کي!
نو لک، گودڙي پِير! تنهنجي در ٿي اَچان.
(17)[17]
وراڻي: هلو ته هلون مرشد پيد تي، جتي جوڙو پٽن جو ملي،
دعا ڪريو لئي جيڏيون! سوڍل نارو گهميو ٿو اچي.
بَينسَر گهڙايم سون جي – هلو ته هلون مرشد پير تي…
دهري گهڙايم سون جي – هلو ته هلون مرشد پير تي…
جهالر گهڙايم سون جي – هلو ته هلون مرشد پير تي …
(18)[18]
وراڻي: سڻ سوال منهنجو پير پاڳارا!
هيءَ جا گُهري ٿي، هيءَ جا مڱي ٿي،
تنهن کي پُٽ ڏي جهنڊولو،
سڻ سوال منهنجو پير پاڳارا!
بينسر لاڏي جي جهرِمِر لائِي،
جُهومر واريءَ سان جهڳڙو نباهيو-
سڻ سوال منهنجو پير پاڳارا!
دهري لاڏي جي جهرمر لائِي،
جُهومر واريءَ سان جهڳڙو نباهيو-
سڻ سوال منهنجو پير پاڳارا!
جهالر لاڏي جي جهرِمِر لائِي،
جُهومر واريءَ سان جهڳڙو نباهيو-
سڻ سوال منهنجو پير پاڳارا!
(19)[19]
راڻي: باسَ آهي هيءَ منهنجي، پُٽڙو ڄمي شل شانَ جو!
هلي پِير تي پتاشا ورهايان، کير به ورهايان خانَ
جو.
پُــــٽڙو ڄــــمي شـــــل
شــــان جـــو!
خوش خوراڪون کِلي مان ڏينديس، جيڪي ڏاتر ڏيندم ڏانَ جو.
پــــُـٽڙو ڄــــمــي شـــــل
شــــان جو!
(20)[20]
وراڻي: دولهه لعل! مَين تيڏي در آئي هان،
شهباز! مين تيڏي در آئي هان،
ميڏي من دِي مراد پڄائين وي-
شهباز! مين تيڏي در آئي هان.
اکيان لالڻ دِي ٻرن مشعلي، ڪُل دِي آس پڄائين وي-
شهباز! مين تيڏي در آئي هان.
مين رانجهن دِي، رانجهن ميڏا، کيئڙا گهول گهمائين وي-
شهباز! مين تيڏي در آئي هان.
پنجان تنان دي پاکر تينون، علي ڇَٽ جُهلائين وي-
شهباز! مين تيڏي در آئي هان.
(21)[21]
وراڻي: خليفا! لاهه دريون دروازا، اسان سوالي سيّد جا،
پُڄاڻي جنهن پياري پير، اسان زيارتي تنهن سيّد جا،
بينسر جوڙايم نهري، اي پير! تو پڄاڻي، اسان آسي تنهنجي در جا،
خليفا! لاهه دريون دروازا، اسان سوالي سيّد جا.
دهري جوڙايم نهري، اي ولي! اسان آياسين، پياسي تنهنجي در جا،
خليفا! لاهه دريون دروازا، اسان سوالي سيّد جا.
(22)[22]
وراڻي: مان پيش پوان پنهنجي پير کي،
هٿ کڻي هڪلان ڪيان ورنہ وير کي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايس مير کي-
مان پيش پوان پنهنجي پير کي …
ڏند ادل جا مائڪ موتي، سُرخي جوڙ بنايس مير کي -
مان پيش پوان پنهنجي پير کي …
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايس مير کي -
مان پيش پوان پنهنجي پير کي …
(23)[23]
وراڻي: پير اسان جو پارس پيارو، دنيا ۾ آهي جنهن جو نعرو
روضو جنهن جو نُور نُوراني، صاب ڪندو سڀ پنڌ اسان
جا،
مدد ٿيندو اسان جي اَلا – پير اسان جو پارس پيارو…
روضي تي نيلون ميناڪاري، صاب ڪندو سڀ پنڌ اسان جا،
مدد ٿيندو اسان جي، اَلا- پير اسان جو پارس پيارو…
(24)[24]
وراڻي: پيرل پنڌڙو پري، پنڌ منهنجو صاب پوي!
جهولي منهنجي سيّد ڀري، پوريون منهنجون الله ڪري!
اهو سيّد منهنجو سوال سُڻي،
پيرل! پنڌڙو پري، پنڌ منهنجو صاب پوي…
مولا منهنجي مڃتا مڃي، قادر منهنجون پوريون ڪري!
شال! ٻيا به سوال سُڻي،
پيرل پنڌڙو پري، پنڌ منهنجو صاب پوي…
(25)[25]
وراڻي: جهولِي منهنجي الله ڀري، جهولي منهنجي ڀٽائي ڀري!
پيرل! وري ڪيئن وران – در تنهنجو شال ڏسان،
پنڌ منهنجو صاب پوي…
بينسر گهڙائج نهري – جهولي منهنجي الله ڀري،
جهولي منهنجي ڀٽائي ڀري…
دهري گهڙائج نهري – جهولي منهنجي الله ڀري،
جهولي منهنجي ڀٽائي ڀري…
(26)[26]
وراڻي: پيرل تنهنجي پِڙ ۾ آيس عرضياڻي،
جاڳ سوير دادلا پير! منهنجو عرض اگهاءِ!
قبي ڪڙولو سون جو، روضي سائيَڙي نيل -
جاڳ سويرو دادلا پير! منهنجو عرض اگهاءِ!
سائو گَج گُلن سان، ڪلهي ڪيم ٻانهين -
جاڳ سويرو دادلا پير! منهنجو عرض اگهاءِ!
پينگهي ڏئينم پُٽڙا، ماٽِئين ڏيندين کير -
جاڳ سويرو دادلا پير! منهنجو عرض اگهاءِ!
(27)[27]
وراڻي: مرشد ڏانهون ٿي آئي آهيان،
لک من جون مرادون باسي آئي آهيان.
خاصي بَينسر گهڙائي گهر آئي آهيان -
مرشد ڏانهون ٿي آئي آهيان،
لک من جون مرادون باسي آئي آهيان.
خاصي دهري گهڙائي گهر آئي آهيان-
مرشد ڏانهون ٿي آئي آهيان،
لک من مون مرادون باسي آئي آهيان.
خاصي ٻانهِين گهڙائي گهر ائي آهيان -
مرشد ڏانهون ٿي آئي آهيان،
لک من جون مرادون باسي آئي آهيان.
(28)[28]
وراڻي: مين لعل دي زيارت ويندي يان وي،
تيل ڦليل ڦلان دي سهري.
اکيان اَبل ديان ٻرن مشعلان، ڪجل جوڙ بڻيندي يان وي -
تيل ڦليل ڦلان دي سهري.
هٿ آبل دي ميندي رتڙي، ڳاني جوڙ بڻيندي يان وي.
تيل ڦليل ڦلان دي سهري.
ڏند اَبل دي پٽ دا مولهيا، سهري جوڙ بڻيندي يان وي -
تيل ڦليل ڦلان دي سهري.
سر اَبل دي پٽ دا مولهيا، سهري جوڙ بڻيندي يان وي-
تيل ڦليل ڦلان دي سهري.
ڳل اَبل دي لک دا جامان، بوڇڻ جوڙ بڻيندي يان وي -
تيل ڦليل ڦلان دي سهري.
2. پٽ ڄمڻ جا ڳيچ
(29)[29]
وراڻي: آيو گُل خواب ۾،. سانڍيو هئم ساهه ۾،
عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾.
بَينسر لاڏل جي لاڙئون آڻائي، سانڍي هئم ساهه ۾.
عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾،
آيو گل خواب ۾، سانڍيو هئم ساهه ۾.
دهري لاڏل جي لاڙئون آڻائي، سانڍي هئم ساهه ۾-
عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾،
آيو گل خواب ۾، سانڍيو هئم ساهه ۾.
ٻانهين لاڏل جي لاڙئون آڻائي، سانڍي هئم ساهه ۾-
عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾،
آيو گل خواب ۾، ساڍيو هئم ساهه ۾.
(30)[30]
وراڻي: پٽ ڏنا ٿَم پرور، مان سان الله راضي ٿيڙو.
شوق منهنجارئُون مان پٽڙو کنيو آهه، لوڏيان هر هر
پينگهو.
مان سان حضرت راضي ٿيڙو…
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
مان سان مرشد راضي ٿيڙو…
پير اسان جو حضرت ميران، ڪل جي آس پڄايو.
مان سان امام راضي ٿيڙو…
(31)[31]
وراڻي: الله پٽ ڏنا ڏنا، صدقو رسول تان وڃان.
پٽ ته ڏيندو، ڏنا بخشيندو.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين لائي آهي شمعان.
الله پٽ ڏنا ڏنا، صدقو رسول تان وڃان…
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لائي آهي شمعان.
الله پٽ ڏنا ڏنا، صدقو رسول تان وڃان…
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني لائي آهي شمعان-
الله پٽ ڏنا ڏنا، صدقو رسول تان وڃان…
(32)[32]
وراڻي: الله آهن پُٽ ڏنا، صدقو رسول تان وڃان،
جوان ٿيندا، جواني ماڻيندا، صدقي امام تان وڃان.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو، رنگ لايو،
صدقي حُسين جي پٽ مليا-
جوان ٿيندا، جواني ماڻيندا، صدقي امام تان وڃان.
هٿ اَدل جي سونا ڳانا، ميندڙيءَ جوڙ بنايو، رنگ لايو،
صدقي حُسين جي پٽ مليا-
جوان ٿيندا، جواني ماڻيندا، صدقي امام تان وڃان.
(33)[33]
وراڻي: موليٰ ڏنم پُٽڙا، وڏي ڀاڳ وارا،
وڏي ڀاڳ وارا، سهڻا سوڀارا.
بَينسر لاڏل جي مان لاڙئُون آڻايان -
موليٰ ڏنم پٽڙا، وڏي ڀاڳ وارا،
وڏي ڀاڳ وارا، سهڻا سوڀارا.
جهالر لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
موليٰ ڏنم پٽڙا، وڏي ڀاڳ وارا،
وڏي ڀاڳ وارا، سهڻا سوڀارا.
دهري لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
موليٰ ڏنم پٽڙا، وڏي ڀاڳ وارا،
وڏي ڀاڳ وارا، سهڻا سوڀارا.
(34)[34]
وراڻي: ڪرشما تنهنجا سيّد! اسان کي الله ڏيکاريا“
ٿيون خوشيون سيّد! گوندر غم تو وساريا.
پير اسان جو پيرن ۾ پڌرو، جنهن روئيندڙ، خوشيءَ منجهه گلايا-
ڪرشما تنهنجا سيّد! اسان کي الله ڏيکاريا.
بينسر جوڙايم نهري، برڪت روضي واري پير جي، جنهن غم اُتاريا-
ڪرشما تنهنجا سيّد! اسان کي الله ڏيکاريا.
ٻانهين جوڙايم نهري، صفت تنهن سيّد جي، جنهن پٽڙا ڏيکاريا-
ڪرشما تنهنجا سيّد! اسان کي الله ڏيکاريا.
(35)[35]
وراڻي: پڄايون آهن پير، مرادون منهنجي مقن جون،
مرادون منهنجي من جون، ڳالهيون منهنجي دل جون.
پُٽ ته اَدل کي ڏياريو مُرشد،
پٽ ته ڍولڻ کي ڏياريو مرشد، گُهلي ڏکڻ جي هير.
مرادون منهنجي من جون،
پڄايون آهن پير، مرادون منهنجي من جون.
ڀائم! هلي کائو اوهان شادمانو،
ڀينر! هلي کائو اوهين شادمانو، کائو کنڊون ۽ کير.
مرادون منهنجي دل جون،
پڄايون آهن پير، مرادون منهنجي من جون.
[36](36)
وراڻي: ناز وارو نينگر آيو آ، شان وارو نينگر آيو آ -
سانول سائين پير، اسان جي ويڙهي آيو آهي،
حاجن سائين پير، اسان جي ويڙهي آيو آهي.
ڇمڪيدار بَينسر ته گهڙائي ڏي-
ناز وارو نينگر آيو آ، شان وارو نينگر آيو آ،
حاجن سائين پير، اسان جي ويڙهي آيو آ.
ڇمڪيدار دهري ته گهڙائي ڏي-
ناز وارو نينگر آيو آ، شان وارو نينگر آيو آ،
حاجن سائين پير، اسان جي ويڙهي آيو آ.
(37)[37]
وراڻي: گل گلابي، پَٽَ ۾ پهرايو.
پهرين تاريخ چنڊ جي، تجلو ٿي آيو-
اهڙو گل گلابي ڄائو، پٽ ۾ پهرايو.
ٻي تاريخ چنڊ جي، تجلو ٿي آيو-
اهڙو گل گلابي ڄائو، پٽ ۾ پهرايو.
ٽيءَ تاريخ چنڊ جي، تجلو ٿي آيو-
اهڙو گل گلابي ڄائو، پٽ ۾ پهرايو.
(38)[38]
وراڻي: گلاب جو گل، موليٰ مون ڏي مڪو،
اشرفي جو گل، موليٰ مون ڏي مڪو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا؛ ڪجل سهج بنايو-
گلاب جو گل، موليٰ مون ڏي مڪو.
هٿن بني جي ميندڙي لايو، ڳانن سهج بنايو-
گلاب جو گل، موليٰ مون ڏي مڪو.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين سهج بنايو-
گلاب جو گل، موليٰ مون ڏي مڪو.
(39)[39]
وراڻي: ماءُ چوي پٽ ڀلي ڀلي ڄائو،
قدم کڻي مان گهرڙو گهمايان،
هار گلن جو ٺاهيو ويٺي ٺاهيان،
ڳچي منجهان لاهي پٽن کي پايان -
ماءُ چوي پٽ ڀلي ڀلي ڄايو.
اکيون آيل جون ٻرن مشعلا،
ڪجل جوڙ بنايو – ماءُ چوي پٽ ڀلي ڀلي ڄايو.
ڏند آيل جا ڏاڙهون جهڙا،
سرخيءَ جوڙ بنايو – ماءُ چوي پٽ ڀلي ڀلي ڄايو.
هٿ آبل جا ميندي رتڙا،
ڳاني جوڙ بنايو – ماءُ چوي پٽ ڀلي ڀلي ڄايو.
(40)[40]
وراڻي: پٽن ڄائي آءٌ سَرهي، شل الله ٻين کي ڏي!
منهنجي پرور ڪئي آهي پوري، شل! ڪري ڌڻي سڀن جي
پوري
الله ڏنا پٽڙا سڪايل کي
–
شل الله ٻين کي ڏي،
پٽن ڄائي آءٌ سَرهي، شل الله ٻين کي ڏي!
منهنجي دلڙي ٺري ٻچڙن ساڻ، آءُ هيس اداسي جني
ڪاڻ،
احسان ڪيو مون تي سرور سچي-
شل الله ٻين کي ڏي،
پٽن ڄائي آءٌ سَرهي، شل الله ٻين کي ڏي!
منهنجي دلڙي ٺري ٻچڙن ساڻ، آءٌ هيس اداسي جني ڪاڻ،
احسان ڪيو مون تي سرور سچي-
شــــــــــــــل الله ٻـــــيــــن کـــــــــــي ڏي،
پٽن ڄائي آءٌ سَرهي، شل الله ٻين کي ڏي!
منهنجي من جون مرادون، موليٰ پڄايون ٿيون شاديون،
ڏنو آهي ڏاتر مون کي پٽڙو، شل اهو
بچي!
شــــــــــــــل الله ٻـــــيــــن کـــــــــــي ڏي،
پٽن ڄائي آءٌ سَرهي، شل الله ٻين کي ڏي!
(41)[41]
وراڻي: سُهڻل آهي سَوَن جو، لالڻ آهي لَکَن جو،
الله هـــــيءُ ڏيــنهــڙو
ڏيـــــکاريو،
مــان کــــي نـــــنڍڙو بـــچائي ڏنو.
پير سائين سردار، حسن آباد منجه ٻجهي ٿو،
حسين آباد منجهه ٻجهي ٿو، سوئيءَ منجهه سجهي ٿو
-
الله هـــــيءُ ڏيــنهــڙو
ڏيـــــکاريو،
مــان کــــي نـــــنڍڙو بـــچائي ڏنو
سيوهڻ وارو سيّد، سيوهڻ منجهه سجهي ٿو،
سيوهڻ منجهه سجهي ٿو، سنڌ ۾ ٻجهي ٿو-
الله هـــــيءُ ڏيــنهــڙو
ڏيـــــکاريو،
مــان کــــي نـــــنڍڙو بـــچائي ڏنو
(42)[42]
وراڻي: ماءُ ڄڻيو پٽ مور، لا! ڀاڳ ٿيو تنهن جو زور، لا!
ڇير ڇمڪو ڪري، ننڍڙو راند ڪري،
ماءُ ڄڻيو پٽ مور، لا! ڀاڳ ٿيو تنهن جو زور، لا!
جهلي اٿم جهولي، مٺي ڏينديس لولي،
ماءُ ڄڻيو پٽ مور، لا! ڀاڳ ٿيو تنهن جو زور، لا!
منهن ننڍڙي جو سدا آهي سهڻو –
ماءُ ڄڻيو پٽ مور، لا! ڀاڳ ٿيو تنهن جو زور، لا!
وِهندم هَنج ۾ کڻي کيڏُڻو-
ماءُ ڄڻيو پٽ مور، لا! ڀاڳ ٿيو تنهن جو زور، لا!
(43)[43]
وراڻي: ڇير ڇمڪو ڪري، ننڍڙو راند ڪري،
جهلي اٿم جهولي، مٺي ڏينديس لولي.
چنڊ جهڙو مُنهَڙو آهي ڪِڪي جو -
جهلي اٿم جهولي، مٺي ڏينديس لولي.
مُنهڙو ڏسيو پئي ماءُ ٺري -
جهلي اٿم جهولي، مٺي ڏينديس لولي.
(44)[44]
وراڻي: پيرن گهنگهرو ڪئين ڇمڪن، گل سانول! تنهنجي باغ جو، لا!
گل سانول! تنهنجي باغ جو لا، پٽ سانول! تنهنجي
راض جو، لا!
گل گلابي ڏسان مان اکين سان، محبت ڏيئي نه وسارجو، لا!
محبت ڏيئي نه وسارجو، لا! محبت ڪري نه وسارجو،
لا!
پيرن گهنگهرو ڪئين ڇمڪن، گل سانول! تنهنجي باغ
جو، لا!
گل ڏسڻ سان اکيون ٺرن ٿيون، اولا لهن ٿا، اکيون ٺرن ٿيون،
ڏنل گل آهه دلدار جو، لا! پٽڙو پنيل آهه پيار
جو، لا!
پيرن گهنگهرو ڪئين ڇمڪن، گل سانول! تنهنجي باغ
جو، لا!
پريو ٻڍڙو شال هي ٿيندم، جکُون جهان جون جلدي لهندم،
منهڙو پسان منٺار جو، لا! منهنجي ساهه جي سينگار
جو، لا!
پيرن گهنگهرو ڪئين ڇمڪن، گل سانول! تنهنجي باغ
جو، لا!
(45)[45]
وراڻي: اهو گل مٿي ڪناري، ڪناري پنن واري،
مــــاءُ پــــٽـــن واري،
مـــاءُ ڀــاڳــن واري.
اڳيون ابل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو -
اهو گل مٿي ڪناري، ڪناري پنن واري،
مــــاءُ پــــٽـــن واري،
مـــاءُ ڀــاڳــن واري.
ڏند اَبل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
اهو گل مٿي ڪناري، ڪناري پنن واري،
مــــاءُ پــــٽـــن واري،
مـــاءُ ڀــاڳــن واري.
هيٺ اَبل جي هرڻا جو مهري، گاشي جوڙ بنايو -
اهو گل مٿي ڪناري، ڪناري پنن واري،
مــــاءُ پــــٽـــن واري،
مـــاءُ ڀــاڳــن واري.
(46)[46]
وراڻي: اسان ڪون لال ڏوايا، لاڏلا آيا،
الله اساڏي اڄ وي، خاوند رکيئي لڄ وي.
باغين دا سائين پٽ دادلا آيا،
ربّ اساڏي اڄ وي، خاوند رکيئي لڄ وي.
نوڪران دا سائين پٽ دادلا آيا،
الله اساڏي اڄ وي، خاوند رکيئي لڄ وي.
(47)[47]
وراڻي: آيا ديس، والي ديس دا، ڪوئي نوان سوداگر آيا،
اکيان اَدل ديان برن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا -
آيا ديس، والِي ديس دا، ڪوئي نوان سوداگر آيا.
ڏند اَدل دي ماڻڪ موتي سُرخي جوڙ بنايا-
آيا ديس، والِي ديس دا، ڪوئي نوان سوداگر آيا.
3. پُٽ ڄمڻ جي مبارڪ جا ڳيچ
(48)[48]
وراڻي: الله ڏنا اٿئي پٽ، مون کي کير پيار هٿن سان-
الله ڏنا اٿئي پٽ، مون کي کير پيار هٿن سان.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
مون کي کير پيار هٿن سان …
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو.
مون کي کير پيار هٿن سان …
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو.
مون کي کير پيار هٿن سان …
(49)[49]
وراڻي: رابيل جهڙا گلڙا، توکي الله کڻي ڏنا،
الله کــين آنـــدو، جـــن لاءِ مــــن مـــاندو.
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعالا، ڪجل لائي شمعان،
مارن لاءِ من ماندو، سانگين ڪاڻ من ماندو،
رابيل جهڙا گلڙا، توکي الله کڻي ڏنا.
هٿ سهڻل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن لايس شمعان،
مارن لاءِ من ماندو، سانگين ڪاڻ من ماندو،
رابيل جهڙا گلڙا، توکي الله کڻي ڏنا.
(50)[50]
وراڻي: دادلو، جهنڊولو، جهوليءَ پائين،
ڏنڙئي پاڻ خدا، سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي.
بينسر گهڙائج نهري – سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي -
ڏنڙئي پاڻ خدا، سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي.
دهري گهڙائج نهري – سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي-
ڏنڙئي پاڻ خدا، سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي.
ٻانهين گهڙائج نهري – سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي -
ڏنڙئي پاڻ خدا، سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي.
(51)[51]
وراڻي: ربّ جو اٿس راض، ننڍڙو ڀلي ڄائو،
ننڍڙو ڀلي ڄائو، ٿيس بخت سوايو.
منهن ننڍڙي جو، سدا آهي سهڻو، سهرن جوڙ بنايو-
ننڍڙو ڀلي ڄائو…
اکيون ننڍڙي جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو -
ننڍڙو ڀلي ڄائو…
ڏند ننڍڙي جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو -
ننڍڙو ڀلي ڄائو…
(52)[52]
وراڻي: پوٽ ته جِيونَئي، پوٽا ته ڄمنئي،
نُهر هيرا موتي پرونَئي، ڙي!
نو لک مبارڪون هو ونئي، ڙي.
در مائي دي اُٿان اُچڙي ماڙي،
او عاشق جهاتيون پاونئي ڙي!
نو لک مبارڪون هوونئي، ڙي!
در مائي دي اُٿي گهوڙي بگڙي،
او عاشق سير ڪراونئي، ڙي!
نو لک مبارڪون هوونئي، ڙي!
پٽ ته جيونئي، پوٽا ته ڄمنئي،
نُهر هيرا موتي پرونئي، ڙي!
نو لک مبارڪون هوونئي، ڙي!
(53)[53]
وراڻي: الله ڪرسي اولادي، اسان سوالي تيڏي در تي،
تيڏي پٽ دي موليٰ بناوي شادي، اسان سوالي تيڏي
در تي.
اسان فقير هون، فڪر هي رلي دا، ڀلي نصيب والا ٿيسين پٽ پارس پَليندا.
هن عرض دا غرض ڪر وي نمازي! اسان سوالي تيڏي در
تي…
سهڻا سيّد ڇٽ ٿيسين ٻچڙي تي، ڀلا ڀاڳ تنهين دا چڙهسي گهوڙي تي.
ڏي ٻڪر اسان ڪون هي ضرورت ڏاڍي، اسان سوالي تيڏي
در تي…
سوالي نه خالي اصلؤن لا اُبالي، آئي تئين ڪڻ هون اميد والي-
هُڻ ڪر خذمت اسان فقيران دي، اسان سوالي تيڏي در
تي…
4. ڇٺيءَ جا ڳيچ
(54)[54]
وراڻي: الله وڌايو، توکي پيرن، پهرايو، لوڪ تماشو ڏيکڻ آيو،
لائي آ هند سنڌ بهاري، مزي جهڙي لڳي آهي گلزاري.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعالا، ڪجل لائي آهي بهاري-
الله وڌايو، توکي پيرن پهرايو، لوڪ تماشو ڏيکڻ
آيو.
هٿ اَدل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني لائي آهي بهاري -
الله وڌايو،توکي پيرن پهرايو، لوڪ تماشو ڏيکڻ
آيو.
هيٺ اَدل جي هرڻا مهري، گاشي لائي آهي بهاري -
الله وڌايو، توکي پيرن پهرايو، لوڪ تماشو ڏيکڻ
آيو.
[55][55]
وراڻي: راڄ گهرايان ڇٺيءَ تي، سون ورهايا ڇٺي تي،
چڱو ڪيو آهي ڀاڳ ننڍڙي جو موليٰ.
وڏڙو ٿيندو، کَٽِي ڪمائي ايندو-
چڱو ڪيو آهي ڀاڳ ننڍڙي جو موليٰ…
پنجئي پڙهندو، ٽيهئي رکيندو -
چڱو ڪيو آهي ڀاڳ ننڍڙي جو موليٰ…
[56]
وراڻي: ورهائي شادمانو ٿيو شاد سرتيون!
ونڊي قرب پاڻ ۾ سهيليون پرتيون.
اديون! خوشيءَ جي رات آ،
ڀلي خوشي ڪريو سرتيون!
ورهائي شاد مانو ٿيو شاد سرتيون!
اديون! ويا سڀ غمڙا مٽجي،
پِيرن پُٽڙا ڏنا، ڳايو ڳيچ سرتيون!
ورهائي شاد مانو ٿيون شاد سرتيون!
اُميدون اسان جون الله پڄايون،
کلي سڀ کائون شاد مانو سرتيون!
ورهائي شادمانو ٿيو شاد سرتيون!
[57][57]
وراڻي: الله ڏنا اٿم ننڍڙا، نپايا جڏهن جوان ٿيندا،
اڱڻ منهنجا وسندا، ويڙها منهنجا وسندا.
بينسر اَدل جي مان لاڙئون آڻايا،
الله ڏنا اٿم ننڍڙا، نپايان جڏهن جوان ٿيندا.
جڏهين جوان ٿيندا، اڱڻ منهنجا وسندا.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان،
الله ڏنا اٿم ننڍڙا، نپايان جڏهن جوان ٿيندا.
جڏهن جوان ٿيندا، اڱڻ منهنجا وسندا.
[58][58]
وراڻي: ننڍڙي کي پايان ٿي هارَ نوٽن جا،
هارَ نوٽن جا، ڀرت ڳوٽن جا.
پَٽ جا ڪپڙا چُڻ چُڻ وارا، پايانس، ٿي جامان مامن وارا-
ننڍڙي کي پايان ٿي هارَ نوٽن جا…
ڀاڳ ڀلو ٿس کير کنڊ کائيندو، کارايانس ٿي پان لونگن وارا.
ننڍڙي کي پايان ٿي هارَ نوٽن جا…
5. پٽ جو پينگهو لوڏڻ جا ڳيچ
[59][59]
وراڻي: مون تي آهي الله جو ٿورو، مان ٿي لوڏيان لال هندورو.
مون کي مليو پٽن جو جوڙو.
گهريم ٿي هيءُ ڏينهن سدورو، مون تي آهي الله جو ٿورو.
مان ٿي لوڏيان لال هندورو، مون کي مليو پٽن جو
جوڙو…
[60][60]
وراڻي: پُٽ الله ڏنا، پُٽ مالڪ ڏنا،
پُٽن جو لوڏيان پينگهو، ٿڌڙيءَ ڇانو ۾.
سرِ الله ڏنا، پُٽَ مالڪ ڏنا،
پُٽ جو لوڏيان پينگهو، ٿڌڙيءَ ڇانو ۾.
[61][61]
وراڻي: الله تؤن قربان، مان لوڏينديس لال هندورو،
لالڻ، لال پِير! مان لوڏينديس لال هندورو.
لال هندورو پَٽَ جون واڳُون،
سائو ڪَجائو، سونَ جون ميخون-
لالڻ، لال پير! مان لوڏينديس لال هندورو…
لال هندورو، ڀائَنَ جو جوڙو،
لال هندورو، ڀائيٽن جو جوڙو-
لالڻ، لال پِير! مان لوڏينديس لال هندورو…
[62][62]
وراڻي: پينگهو پُٽن جو مان پاڻ لوڏينديس،
چوري چهنب پنهنجي لولي مان ڏينديس.
بينسر گهڙائي ڏي، عجب رنگ لائي ڏي -
پينگهو پُٽن جو مان پاڻ لوڏينديس،
چوري چهنب پنهنجي لولي مان ڏينديس.
دهري گهڙائي ڏي، عجب رنگ لائي ڏي-
پينگهو پُٽن جو مان پاڻ لوڏينديس،
چوري چهنب پنهنجي لولي مان ڏينديس.
[63][63]
وراڻي: ڀائُرَ ڏنم الله، پُٽَ بخشيم خدا،
پينگهو لوڏي لوڏي، ويٺي ڇانوَ ۾ لوڏيان.
سهڻو پَلنگ ڀُورَل جو مان ٻاهر وڇايان-
پينگهو لوڏي لوڏي، ويٺي ڇانوَ ۾ لوڏيان…
سهڻي سيج سهڻل جي، مان ٻاهر وڇايان-
پينگهو لوڏي لوڏي، ويٺي ڇانوَ ۾ لوڏيان…
ڳاڙهي کَٽَ اَدل جي مان ٻاهر وڇايان -
پينگهو لوڏي لوڏي، ويٺي ڇانوَ ۾ لوڏيان…
هٿ لاڏل جي ڳاڙها ڳانا، ڳانن آ جُهڙ لايو -
پينگهڙو ٿو لڏي، پُٽن ماءُ تنهنجو، الله کڻي
ڏنڙو.
[67][66]
وراڻي؛ هندورو ٿي لوڏيان، ڀائَن واري آهيان،
هندورو ٿي لوڏيان، پيڪَن واري آهيان.
هار ادل کي سيني تي جو سُونهندو،
گُلابي جو گُلڙو، اَدل جو گُلڙو-
هندورو ٿي لوڏيان، ڀائَن واري آهيان.
رومال اَدل کي هٿ ۾ جو سُونهندو،
گُلابي جو گُلڙو، اَدل جو گُلڙو-
هندورو ٿي لوڏيان، ڀائَن واري آهيان.
[67][67]
وراڻي: مِٺي محمّد دا، سچي سيّد دا، مَين لوڏيان هندورا،
شل لوڏيان، آل مصطفيٰ، مدد موليٰ علي.
پنجان تنان دِي پاکر هووَئِي، يا علي ڇَٽَ
جُهلايا-
مـــيـن لـــوڏيـــان لال هـــــنــدورا…
سِر لاڏل دي سوني سهري، موتي عجب جُهلايا-
مـــيـن لـــوڏيـــان لال هـــــنــدورا…
پِيرين فقيرين مين پيرين پوسان، مولي محب ملايا-
شــل لـــوڏيـــان لال هـــــنــدورا…
مين رانجهن دِي رانجهي ميڏا، ڪيها گهول گُهمايان-
شــل لـــوڏيـــان لال هـــــنــدورا…
جنهن نون مين ڄاڻان، ننڊ دا ڪا نهيلا، اوهندي ڇپر کٽ وڇايان-
شــل لـــوڏيـــان لال هـــــنــدورا…
رتَڙِ کٽ، چِنَڻ دي پاوي، سهجؤن سيج وڇايان-
شــل لـــوڏيـــان لال هـــــنــدورا…
6. لوليءَ جا ڳيچ
[68][68]
وراڻي : پُٽَ پينگهن ۾ پينگها بنگلن ۾،
ماءُ ڏنئي لولِي، الله ڀَري جهولِي.
اکيون اَدل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو-
مـــاءُ ڏنـــئي لـــولــي الله ڀــري جــهولي …
ڏندن اَدل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو -
مـــاءُ ڏنـــئي لـــولــي الله ڀــري جــهولي …
هيٺ اَدل جي ساوا مهري، ڇيرين جوڙ بنايو -
مـــاءُ ڏنـــئي لـــولــي الله ڀــري جــهولي …
سيج اَدل جي ساهرين سُهَندي، لائَن جوڙ بنايو-
مـــاءُ ڏنـــئي لـــولــي الله ڀــري جــهولي …
[69][69]
وراڻي: ٻارڙو، نينگرڙو، ’اوئان اُوئان‘ ڪري،
لولي اَلا ڀلا! لولي ٻالڙي کي ڏيان.
ڇَڄ ڀري جُوئر جو، مان ’جانڊهه‘ تي ٿِي وڃان،
جانڊهه لڀي ڪانه ڪا، مان ڪڻو ڪَڻي تي هڻان،
لولي اَلا ڀلا! لولي ٻالڙي کي ڏيان…
سينهون رکي مٿي تي، مان دلا ڀرڻ وڃان،
کوهه لڀي ڪونه ڪو، مان گهڙو گَهڙي تي ڀڃان،
لولي اَلا ڀلا! لولي ٻالڙي کي ڏيان…
رسو ٻڌي چيلهه کي، مان ڪاٺين تي ٿي وڃان،
ڪاٺيون لڀن ڪينڪي، مان ٽپا ڏيندي اچان،
لولي اَلا ڀلا! لولي ٻالڙي کي ڏيان…
[70][70]
وراڻي: لَک ٿيندن لَک ڄمندن، لَک لَک ڏيان لوليون،
لَک لَک ڏيان لوليون، الله ڀريون جهوليون.
بَينسَر بَني جي مان پارَئُون آڻايان-
لَک لَک ڏيان لوليون، الله ڀريون جهوليون…
دهري اَدل جي مان پارَئُون آڻايان-
لَک لَک ڏيان لوليون، الله ڀريون جهوليون…
ٻانهِين اَدل جي مان پارَئُون آڻايان-
لَک لَک ڏيان لوليون، الله ڀريون جهوليون…
7. مڪتب ۾ ويهارڻ جا ڳيچ
[71][71]
وراڻي: منهنجو جِيئي راڻو، اَل ’ايمِي‘ پڙهندو،
اَبل ايمي پڙهندو، ٽيهئي ’پارا‘ پڙهندو.
کِلي کُٿاب ويندو، فرحي ڪڇ ۾ کڻندو،
اُستاد جو ادب ڪندو- اَبل ايمي پڙهندو،
منهنجو جِيئي راڻو، اَبل ايمي پڙهندو.
رلي ملي رانديون ڪندو، ٻڌيءَ سان ٻار ٻڌندو،
هرڪو وٽس ڊوڙي ايندو- اَبل ايمي پڙهندو،
منهنجو جِيئي راڻو، اَبل ايمي پڙهندو.
[72][72]
وراڻي: آوي هُڻ ٻولي، ماءُ اولي گهولي،
ماءُ ٺري ڏاڍي شان نال، وي بنرا!
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا-
ماءُ ٺري ڏاڍي شان نال، وي بنرا!
سِرَ لاڏل دي سوني سِهري، موتين جوڙ بنايا-
ماءُ ٺري ڏاڍي شان نال وي بنرا،
ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايا-
ماءُ ٺري ڏاڍي شان نال، وي بنرا!
هيٺ لاڏل دي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايا-
ماءُ ٺري ڏاڍي شان نال، وي بنرا!
8. طهر جا ڳيچ
[73][73]
وراڻي: پُٽڙو ٿيو سو ڀائَن وارو، بابي مَلهي طهرايو،
جـــيـــڏيـــون! مــــنهـــنجــو آرڏو لاڏو آيــــو.
نينگر ٿيو سو مامَن وارو، چاچَن مَلهي پرڻايو-
جـــيـــڏيـــون! مــــنهـــنجــو آرڏو لاڏو آيــــو.
اکيون اَدل جون ٻَرن مشعالا، ڪجل سدا رنگ لايو-
جـــيـــڏيـــون! مــــنهـــنجــو آرڏو لاڏو آيــــو.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لايو-
جـــيـــڏيـــون! مــــنهـــنجــو آرڏو لاڏو آيــــو.
مٿي اَدل جي پاڳ هَمِيڻان، موڙن سدا رنگ لايو-
جـــيـــڏيـــون! مــــنهـــنجــو آرڏو لاڏو آيــــو.
[74][74]
وراڻي: اڄوڪو ڏينهن ڀاڳن ڀريو – تَن ماڻس جو ٺريو ٺريو.
سر لاڏل جي سونو سهرو، تنهن کي ٺاهي موڙ
ٻڌايان-
اڄوڪو ڏينهن ڀاڳن ڀريو- تن ماڻس جو ٺريو ٺريو.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، تنهن کي ٺاهي ڪجل پارايان-
اڄوڪو ڏينهن ڀاڳن ڀريو- تن ماڻس جو ٺريو ٺريو
ٺريو.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، تنهن کي ٺاهي سرخي لڳايان-
اجوڪو ڏينهن ڀاڳن ڀريو – تنهن ماڻس جو ٺريو
ٺريو-
[75][75]
وراڻي: هَٿ ٻَڌ ڳانا، منهنجي ننڍڙي کي،
پيرَن ٻَڌ ڳانا، منهنجي ننڍڙي کي.
بينسر گهڙائج سُرت سڃاڻج، سگهو موٽ صاحبزادا!
هـــَٿ ٻَــــڌ ڳـــــانــــا، مــــنهنــــجي
ننـــڍڙي کـي.
دُهري گهڙائج سُرت سڃاڻج، سگهو موٽ صاحبزادا!
هـــَٿ ٻَــــڌ ڳـــــانــــا، مــــنهنــــجي ننـــڍڙي کـي.
ٻانهِين گهڙائج سُرت سڃاڻج، سگهو موٽ صاحبزادا!
هـــَٿ ٻَــــڌ ڳـــــانــــا، مــــنهنــــجي ننـــڍڙي کـي.
9. سامائجڻ جا ڳيچ
[76][76]
وراڻي: ٽِيهَهئي رکندو پَنجئِي پڙهندو، مان صدقي وڃان،
ساري سڀ ڄمار، جوڙيل تان گهوري وڃان.
اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙيس شان،
مـــــان صـــــدقـــي وڃــــان.
ٽيهئي، رکندو، پنجئي پڙهندو، مان صدقي وڃان.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙيس شان،
مـــــان صـــــدقـــي وڃــــان.
ٽيهئي رکندو، پنجئي پڙهندو، مان صدقي وڃان.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙيس شان،
مـــــان صـــــدقـــي وڃــــان.
ٽيهئي رکندو، پنجئي پڙهندو، مان صدقي وڃان.
[77][77]
وراڻي: مون باس هئي، اڄ منهنجا الله وڏا ڪيا
بينسر جوڙائج نهري، منهنجي مطلب موليٰ آهن
پورا ڪيا،
مون باس باسي هئي، اڄ منهنجا الله وڏا ڪيا.
پِيرن پُڄايون، پنهنجا ڏنائون ۽ ڏيندا اَڃا ٻيا،
مون باس باسي هئي، اڄ منهنجا الله وڏا ڪيا.
[78][78]
وراڻي: اَدي ڙي! کاڌم کٽيو جن جو، منهنجا سي آهن سچا.
بينسر جوڙائج نهري، مون کي الله ڏنا ڪمائتا
ٻَچا،
اَدي ڙي! کاڌم کٽيو جن جو، منهنجا سي آهن سچا.
دهري لاڏل جي لاڙائون آڻايان، منهنجا موليٰ ميٽيا ڪم ڪچا،
اَدي ڙي! کاڌم کٽيو جن جو، منهنجنا سي آهن
سچا.
ٻانهين گهڙائج نهري، منهنجا الله وڌايا ٻَچا،
اَدي ڙي! کاڌم کٽيو جن جو، منهنجا سي آهن سچا.
وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان
مليو. 56 (وچولي تعلقي حيدرآباد) مان مليو.
|