مهاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه
1955ع ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي، جا
1956ع آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي
نگراني ۽ جي تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم
شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر
ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ
ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”سنڌي لغت آفيس“
سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽
ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي
ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي
صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد
سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي
عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽
بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ
سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر
پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت
سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان
جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني
طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو
سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون
اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي
عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو
ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب
جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينہ ’فوڪ لور‘
(Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃان ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن
جو، يا ’معياري ادب‘ جو سر چشمو بنجي. سنڌي
زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃان تائين ڳوٺ آهي، ۽
انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو
عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن
مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘
جي وچ ۾ حد – فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه
ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي
ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو
گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي
ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو
ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت
مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ
تاليف ڪيل ڪتاب اُميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان
نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي،
مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي
مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ”سنڌي ادبي
بورڊ“ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه
1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف
ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مُسوّدا توڙي پريس ڪاپيون
تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي
ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾
تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي،
جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين
ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.
هي ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو سورهون ڪتاب آهي. ان جو
بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد
کي چڪاسي،مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي،
جولاءِ 1960ع ۾ ڪتاب جو مُسوّده تيار ڪيو ويو، ۽
ڊسمبر 1960ع ۾ مُسّوده جي آخرين تصحيح ڪري پريس
ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمّد
يعقوب ميمڻ ۽ ولي محمّد طاهر زادي هن ڪتاب جي مواد
کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ
۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ محمد اسمٰعيل ان
سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ ڪتاب جي مسوده تيار ڪرڻ ۾
مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ
بنده خود ذميوار آهي.
محترم مقبول احمد ڀٽي، مئنيجر ڪو آپريٽو پريس ۽ م. ع. ڏيپلائي
مئنيجر اسلاميه پريس، ڪتاب کي ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽
ولي محمّد طاهر زادي ان جا پروف پڙهيا.
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ خادم العلم
8 جنوري 1963ع
نبي بخش
|