باب اٺون
ساراهه جا ڳيچ
هن باب ۾ الله تعاليٰ، نبيﷺ، پنجتن، بادشاهه پير جيلاني
۽ ٻين ولين، پيرن ۽ مرشدن جي ساراهه جا ڳيچ اچي
وڃن ٿا. عام طرح خوشيءَ جي ڪنهن به موقعي، جهوڙو
پٽ ڄمڻ، ڇٺي، طهر، شادي، پڙ وجهڻ، باس باسڻ، سُکا
ڏيڻ، يا مرشد جي اچڻ جي موقعن تي زالون مڙي مارڪون
ڪري ڳيچ چونديون آهن. ٻين ڳيچن چوڻ کان اڳ ۾ مٿين
عنوانن وارن ڳيچن مان ٿورا گهڻا ضرور چونديون آهن،
جن ۾ ساراهه، مناجات ۽ شڪراني جو مضمون سمايل
هوندو آهي. الله سائين جي شان ۾ چيل ڳيچ هن قسم جا
آهن:
خاوند! خطائون ڪر معاف منهنجون،
هي التجا رب کي روز آهي،
ڪريو مون ته منجهيل جون پورايون.
-------
الله پڄائيندو اميدون دل جون،
دير ٿئي جو ڀولو ناهي.
-------
نبيﷺ جي ساراهه جا ڳيچ شاديءَ ۾ هر وقت چيا ويندا آهن،
ڇو ته هن سلسلي ۾ اهڙا ڳيچ اچي وڃن ٿا جن جو تعلق
گهوٽ جي ساراهه، موڙن يا سهرن، ميندي ۽ سيج وغيره
سان آهي. اهي ڳيچ انهن ئي موقعن تي زالون چونديون
آهن، پر عام طرح نبيﷺ جن جي ساراهه ۾ اهي ڳيچ به
چونديون آهن، جن ۾ فقط سندن تعريف هوندي آهي. جيئن
ته:
آيو نبيءَ تي نُور اِلاهي، آيو شفيع تي ڇَٽ اِلاهي،
سو ته لطفئون الله جي طرفئون، نبيءَ جي شان ۾ آيو.
------
محمد اکين جو ٺار آه، ساري دنيا جو دلدار آ.
------
پيارو نبي آهي اڄ دولهه بنيو،
حورون کيڏين ٿيون، ملائڪن خليل آ.
موڙن ۽ سهرن جي رسم ادا ڪرڻ وقت وري ان موقعي جي ڳيچن سان گڏ
نبيﷺ جي تعريف جا ڳيچ چون، جيئن ته:
سهرو چوان مان سچي سردار جو،
الله نگهبان جو، امت جي آڌار جو.
-----
سهرا مهرا مين ڳاوان جيئندي رسول دا،
ڪلمان مين پڙهان نبي رسول دا.
-----
شاديءَ جي رسمن کان سواءِ اهي به ڳيچ آهن جن ۾ حضور جن
جي ولادت جو بيان آهي، جي سعادت ۽ برڪت طور ٻار
ڄمڻ جي موقعي تي ڳايا ويندا آهن، جيئن ته:
مٺو محمد ڄايو آهه، حورن رم جهم لائي آهه،
قرآن جنهن تي آيو آهه، حورن رم جهم لائي آهه.
-----
ڀلي ڄام ڄائو، موليٰ جو پيارو،
ٿيو ملڪ سڀئي سڄو سُهائو.
-----
مٿين ڳيچن کان سواءِ هن عنوان ۾ اُهي ڳيچ به اچي وڃن ٿا
جن ۾ مديني جي حب ۽ سڪ جو ذڪر آهي. جيئن ته هر
مسلمان جي دل ۾ مديني جي زيارت حُب ۽ اُميد ضرور
هوندي آهي ۽ اها تمنا هوندي آهي ته هڪوار ان ڀلاري
ملڪ جي زيارت ضرور ڪري اچان ۽ حضور جن جي روضي
مبارڪ جي چانئٺ چُمان، تنهنڪري اهڙا ڳيچ خاص ڪري
حاجين جي حج تي وڃڻ وقت ۽ انهن کي اماڻڻ وقت زالون
ڳائينديون آهن، پر شاديءَ جي مارڪي ۾ پڻ اهي ڳيچ
ڳايا ويندا آهن، جيئن ته:
ٿي مديني وڃان، مـون کي موليٰ پاڻ گهرايو آ،
محمد پان گهرايو آ، مون کي سيد پاڻ سڏايو آ.
-----
خاڪ مديني جي مان سرمو بنايان،
ٻنهي اکين ۾ وري جو پايان.
-----
شل مديني وڃان، وڃي چانئٺ چمان،
لااِلٰہ اِلاالله، وڃي روضو ڏسان.
-----
حاجين ساڻ هـلــو، هـلــي ڏسو نيلون منارا،
ڪامل قريشيءَ جا، هلي ڏسو نيلون منارا.
نبيﷺ جي ساراهه جي
ڳيچن سان گڏ پنجن تنن جي ساراهه جا پڻ اچي وڃن ٿا،
جي ڪنهن به خوشيءَ جي موقعي تي زالون ڳائينديون
آهن. هنن ڳيچن ۾ انهن جي شان حُب، زيارت ۽ بهادري
وغيره جو بيان هوندو آهي، جيئن ته:
پنجن پاڪ امام، الله آڻيدم شال! منهنجي اڱڻ تي.
-----
هلي زيارت ڪريو ته امام جي، هلي زيات ڪريو نبيءَ ڄام جي.
-----
حيدر هنيو نعرو، ڪِريو ڪوٽ سارو-
نبي پاڻ ايندو، بڀلو اهو ڀلارو.
بادشاهه پير جيلاني، پير مرشد ۽ ٻين ولين جي ساراهه جا
ڳيچ انهن جي زيارت، گهر اچڻ، درگاهه تي نزر نياز،
سُکا ۽ باس ڏيڻ يا پَڙُ وغيره وجهڻ جي موقعي تي
چيا ويندا آهن. هنن ڳيچن ۾ اميد پوري ٿيڻ، زيارت،
مشڪلڪشائي وغيره جو بيان آهي. ڪي ڳيچ وري مرشد جي
قَبي، اُن جي نيلن ۽ بنگلي وغيره جي ساراهه ۾ آهن،
جيئن ته:
مرشد منهنجون اميدون پڄايون،
اچ ڙي ادي! خوشي ته ملهايو.
-----
آهيان ڏانياڻي پنهنجي مرشد جي،
آهيان پانڌياڻي پنهنجي سيد جي،
پنڌ ڪنديس شال سائين!
-----
مرشد مهر ڪئي آهي اسان تي،
اڄ رات آهي آيو اڱڻ اسان جي.
-----
پير جو بنگلو موتين سان جَڙيو،
شاهه جو بنگلو موتين سان جَڙيو.
-----
هيرو، لعل، جواهري، قبي تي جڙيل آ،
قبو ته سيد جو هزاري، مون کي وڻيل آ.
-----
هن باب ۾ انهن سڀني عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
الله تعاليٰ جي ساراهه جا ڳيچ
[1][1]
وراڻي: الف الله لکيل آهي قرآن ۾،
سج، چنڊ، تارا، لٿا آسمان ۾.
دهري ادل جي ساري اٿم سون جي-
الف الله لکيل آهي قرآن ۾...
ڪٺمال ادل جي ساري اٿم سون جي-
الف الله لکيل آهي قرآن ۾...
ٻانهين ادل جي ساري اٿم سون جي-
الف الله لکيل آهي قرآن ۾...
[2][2]
وراڻي: دم دم ۾ الله، دم خالي نه آهي،
دل کي لوڏو نه آهي، من کي لوڏو نه آهي.
الله پڄائيندو اميدون دل جون، دير ٿئي جو ڀولو
ناهي-
دم دل ۾ الله، دم خالي نه آهي.
جنهن الله تي ڀاڙِ، اول تنهن چاڙهي، گمان ڪري سو
گولو ناهي-
دم دم ۾ الله، دم خالي نه آهي.
جي آهي ياد الله، الله کي ياد آهيون، ياد ڪرڻ ڪم
سولو ناهي-
دم دم ۾ الله، دم خالي نه آهي.
[3][3]
وراڻي: هي التجا رب کي روز آهي، ڪرمون ته منجهيل جون پُرايون.
خاوند خطائون ڪر معاف منهنجون، اميدون سجايون-
هي التجا رب کي روز آهي، ڪرمون ته منجهيل پُون
جورايون.
هاڻي هن وِلهيءَ تي ڪر ڪرم، لاهه ڪڍايون-
هي التجا رب کي روز آهي، ڪرمون ته منجهيل جون
پُورايون.
ڪيم ڪم ڪڍا ۽ ڪوڙا، ڪر معاف مڙيئي مون مدايون-
هي التجا رب کي روز آهي، ڪرمون ته منجهيل جون
پُورايون.
[4][4]
وراڻي: آهي ڙي الله، مٺو نالو الله جو،
الله ئي الله، مٺو نالو الله جو.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
آهي ڙي الله، مٺو نالو الله جو...
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
آهي ڙي الله، مٺو نالو الله جو....
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
آهي ڙي الله، مٺو نالو الله جو....
نبيﷺ جي ساراهه جا ڳيچ:
[5][5]
وراڻي: ڇِم ڇِم ڇمڪن، حوران جي پريان،
ڄائو سو محمد ڄام، لٿو تنهن تي قرآن.
سر نبيءَ جي سهرا سونهندا، او! زريءَ جوڙ بنايو،
آريءَ هي رنگ لايو-
ڇِم، ڇِم ڇمڪن، حوران جي پريان....
اکيون بني جون ٻرن مشعلا، او! ڪجل جوڙ
بنايو،
آريءَ هي رنگ لايو-
ڇِم، ڇِم ڇمڪن، حوران جي پريان....
ڏند بني جا ماڻڪ موتي، او! سرخيءَ جوڙ
بنايو،
آريءَ هي رنگ لايو-
ڇِم، ڇِم ڇمڪن، حوران جي پريان....
[6][6]
وراڻي: اڄ ادو محمد شاهه ڄائو سچو سردار،
بيبيءَ لڌو خواب، جهوليءَ چنڊ جهُلي پيو،
سيد ٿيو نروار، البيلا لاڏلا!
تارن ۾ سج چنڊ ٿيو نروار.
بينسر گهڙايم نهري- اڄ آيو محمد شاهه،
ڄائو سچو سردار....
دُهري گهڙايم نهري، اڄ آيو محمد شاهه،
ڄائو سچو سردار....
ٻانهين گهڙايم نهري- اچ آيو محمد شاهه،
ڄائو سچو سردار....
[7][7]
وراڻي: مٺو محمد ڄايو آهه، حورن رم جهم لائي آهه،
قرآن جنهن تي آيو آهه، حورن رم جهم لائي آهه.
پير اسان جو علي آهه موليٰ، روضي هي رنگ لايو آهه-
حورن رم جهم لائي آهه...
پنجن تنن جي پاکر سهڻل تي، سهرن هي رنگ لايو آهه-
حورن رم جهم لائي آهه...
ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو آهه-
حورن رم جهم لائي آهه...
[8][8]
وراڻي: نُور نبيءَ جو ڄايو، مون ڳايو سَهرو سردار جو،
سهرو سردار جو، مون ڳايو، سَهرو سردار جو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، او! ڪجل جوڙ بنايو-
مون ڳايو سهرو سردار جو....
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، او! ڪجل جوڙ بنايو-
مون ڳايو سهرو سردار جو....
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، او! گاشي جوڙ بنايو-
مون ڳايو سهرو سردار جو....
[9][9]
وراڻي: آيو نبيءَ ي نور الاهي، آيو شفيع الاهي،
سو ته لطفئون الله جي طرفؤن، نبيءَ جي شان ۾ آيو.
پڳ ته لاڏل کي سهڻي جو ٺهندي،
طُرِي تَنهن جي عجب رنگ بنايو-
آيو نهيءَ تي نُور الاهي....
پهراڻ ته ادل کي سهڻو جو ٺهندو،
ٻيڙن تنهن جي عجب رنگ بنايو-
آيو نبيءَ تي نُور الاهي....
سر ته لاڏل جي سِهرا جو ٺهندا،
زريءَ تنهن جي عجب رنگ بنايو-
آيو نهيءَ تي نُور
الاهي....
[10][10]
وراڻي: لا الٰہ الا الله، آهي رسول الله.
نديءَ جي ڪناري، مهري ٿو گهرجي-
لا الٰہ الا الله، آهي رسول الله.
ميندي ٿي مَلجي، ڳانو ٿو جوڙجي-
لا الٰہ الا الله، آهي رسول الله.
[11][11]
وراڻي: محمد اکين جو ٺار آ، ساري دنيا جو دلدار آ.
محمد ڄائي ڪلمون پڙهيوسين، محمد ڄائي دين وڌيوسين-
محمد اکين جو ٺار آ...
محمد ڄائي ٿيو عرب روشن، سارو عرب ۽ عجم-
محمد اکين جو ٺار آ...
محمد نبين ۾ آهه ڀلارو، نر جو اڳهين لڳو هو نعرو-
محمد اکين جو ٺار آ...
[12][12]
وراڻي: سِهرا مين ڳاوان جئندي رسول دا،،
ڪلمان مين پڙهندي هان نبي رسول دا-
سهرا مين ڳاوان، ڪلمان مين پڙهدني هان.
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالِي، ڪجل جوڙ بناوان-
ڪلمان مين پڙهندي هان نبي رسول دا...
ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بناوان-
ڪلمان مين پڙهدي هان نبي رسول دا...
[13][13]
وراڻي: سِهرا سردار جا، مان ڳايان لک وار،،
چوان سؤ وار، ڳايان لک وار.
مونکي بينسر ته گهڙائي ڏي هزار جي-
سهرا سردار جا، مان ڳايان لک وار...
مون کي جهالر ته گهڙائي ڏي هزار جي-
سهرا سردار جا، مان ڳايان لک وار...
مون کي دهري ته گهڙائي ڏي هزار جي-
سهرا سردار جا، مان ڳايان لک وار....
[14][14]
وراڻي: سِهرو چوان سردار نبيءَ جو، نُور نبي، نروار نبيءَ جو.
سر سهڻي جي سونا ڳانا، موڙن لايو جنسار لاڏل جو.
سهرو چوان سردار نبي جو...
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لايو جنسار نبي جو-
سهرو چوان سردار نبي جو...
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ لايو جنسار نبي جو-
سهرو چوان سردار نبي جو...
[15][15]
وراڻي: حضرت جا حورن ڳاچ ڳايا،
حورن ڳاچ ڳايا، لک سهرا.
مٿي محمد ڄام جي، لولاڪ ڇَٽ جهُلايا، لک سهرا-
حضرت جا حورن ڳاچ ڳايا...
پرڻي رات رسول جي مَلڪ ميڙ هليا، لک سهرا-
حضرت جا حورن ڳاچ ڳايا...
معراج رات رسول جي ستئي طبق ٿيا سيرا، لک سهرا-
حضرت جا حورن ڳاچ ڳايا...
[16][16]
وراڻي: ٻئي گڏيا هئا گل، اڄ رات معراج جي،
مرشد سانڍيم من، اڄ رات معراج جي.
ڪونجن ڪيا ڪر ڳل، اڄ رات معراج جي-
ٻئي گڏيل هئا گل، اڄ رات معراج جي....
حورون هار ٻڌن، اڄ رات معراج جي-
ٻئي گڏيل هئا گل، اڄ رات معراج جي....
شاديون ٿيون ته شغل، اڄ رات معراج جي-
ٻئي گڏيل هئا گل، اڄ رات معراج جي....
[17][17]
وراڻي: اچ مديني جا مور! ٿين عالم ڄڃان،
صدقي وڃان، گهوري وڃان، ٿين عالم ڄڃان.
بينسر گهڙائڻ وڃان، ته مان وڃان-
اچ مديني جا مور! ٿين عالم ڄڃان…
هسي گهڙائڻ وڃان، ته مان وڃان-
اچ مديني جا مور! ٿين عالم ڄڃان…
ٻانهين گهڙائڻ وڃان، ته مان وڃان-
اچ مديني جا مور! ٿين عالم ڄڃان…
[18][18]
وراڻي: شل مديني وڃان، وڃي چانئٺ چمان،
لا الٰہ اِلاالله، وڃي روضو ڏسان.
جنهين ڏنم مهڻا، سي کلي ڏينم کِيران-
شل مديني وڃان، وڃي چانئٺ چمان...
پير ته پوري مون ڪندو. اٿم آس اڃا-
شل مديني وڃان، وڃي چانئٺ چمان...
پاڙي پرينءَ رسول جي، پيرن ۾ ته پوان-
شل مديني وڃان، وڃي چانئٺ چمان...
[19][19]
وراڻي: ڏوري ڏوري ڏسنديس شال! شهر مديني منجهه روضو،
پيچرو سندس پاڪ، دين ايمان جو روضو.
ڀائر گهرائي آءٌ اينديس ايڏانهين-
ڏوري ڏوري ڏسنديس شال....
نياڻيون گهرائي آءٌ اينديس ايڏانهين-
ڏوري ڏوري ڏسنديس شال....
ميندي گهرائي آءٌ اينديس ايڏانهين-
ڏوري ڏوري ڏسنديس شال....
[20]
وراڻي: هَلي در ڏسان سچي سردار جو،
موليٰ! مون کي ميڙئين، اوٺي عرب پار جو.
بينسر هالن ۾ گهڙي، جنهن جو مِينُ ملتان جو-
موليٰ! مون کي ميڙئين، اوٺي عرب پار جو...
جهالر هالن ۾ گهڙي، جنهن جو ميِنُ ملتان جو-
موليٰ! مون کي ميڙئين، اوٺي عرب پار جو...
هسي هالن ۾ گهڙي، جنهن جو ميِنُ ملتان جو-
موليٰ! مون کي ميڙئين، اوٺي عرب پار جو...
[21][21]
وراڻي: آءٌ شل ملان محمد ڄام کي،
سيد سرور کي، نور نرمل کي.
اڇا پِڙَ منهنجي پير جا، اڇو پاڻ رسول،
لاڏل جي ويڙهه ۾ ڳاڙها وڄن دهل-
آءٌ شل ملان محمد ڄام کي...
لاڏل جي ويڙهه ۾ کوهيون ڀريم کير،
وَٽِي لاڏل هٿ ۾ پياري بيٺو کير-
آءٌ شل ملان محمد ڄام کي...
سيد جي ويڙهه ۾ ڄائو پاڪ رسول،
ملائڪ ڏين مبارڪون، حورون پائين هار-
آءٌ شل ملان محمد ڄام کي...
[22][22]
وراڻي: زمزم جي کوهه جو آءٌ پاڻي ته پاڪ پيان،
مير مديني ڄام جي، آءٌ چانئٺ ته روز چمان.
بينسر گهڙائج سهڻي- زمزم جي کوهه جو آءٌ پاڻي ته
پاڪ پيان.
دهري گهڙائج سهڻي- زمزم جي کوهه جو آءٌ پاڻي ته
پاڪ پيان.
ٻانهين گهڙائج سهڻي- زمزم جي کوهه جو آءٌ پاڻي ته
پاڪ پيان.
[23][23]
وراڻي: هٿڙا کڻي حضور ڏي، چڱن جي چانئٺ چمان،
لاالٰہ الا الله، سِر نائِي توکي ڏيان.
موڙن جوڙ ڪري، ڪهڙو توکي لاڳ ڏيان-
لاالٰہ الا الله، سِر نائِي توکي ڏيان.
ميندي جوڙ ڪري، ڪهڙو توکي لاڳ ڏيان-
لاالٰہ الا الله، سِر نائِي توکي ڏيان.
ڀائرن جوڙ ڪري، ڪهڙو توکي لاڳ ڏيان-
لاالٰہ الا الله، سِر نائِي توکي ڏيان.
[24][24]
وراڻي: مِٺا مير مرسل! وٺِي هل مديني،
آهيان ٻانهي گولِي، اصل آءٌ قديمي.
بينسر گهڙائي ڏي، عجب بنائي ڏي،
تنهن تي برهه جو مِينُ چڙهائي ڏي-
مِٺا مير مرسل! وٺي هل مديني...
دُهري گهڙائي ڏي، عجب بنائي ڏي،
تنهن تي برهه جو مِينُ چڙهائي ڏي-
مِٺا مير مرسل! وٺي هل مديني...
پازيب گهڙائي ڏي، عجب بنائي ڏي،
تنهن تي برهه جو مِينُ چڙهائي ڏي-
مِٺا مير مرسل! وٺي هل مديني...
[25][25]
وراڻي: ڪلمو نبيءَ جو رکيل دل تي، اَلا!
موڙي مهارون سو ساريءَ سنڌ تي اَلا!
مهري سينگاري آيم اڳتي، اَلا!
ڪلمون نبيءَ جو رکيم دل تي، اَلا!
موڙي مهارون سو ساريءَ سنڌ تي، اَلا...
گهوڙو سينگاري آيم اڳتي، اَلا!
ڪلمون نبيءَ جو رکيل دل تي، اَلا!
موڙي مهارون سو ساريءَ سنڌ تي، اَلا...
ڪجاوا ڀري آيم اڳتي، اَلا!
ڪلمون نبيءَ جو رکيم دل تي، اَلا!
موڙي مهارون سو ساريءَ سنڌ تي، اَلا...
[26][26]
وراڻي: مومل ماڻِ بَنا! سارو مدينو شمعا،
مَڪي در وڃان، سارو مدينو شمعا.
عرشئون چادر آئي آ، اُٺڙو نور خدائي آ،
محمد مير کي، حورن ميندڙي لائي آ-
مومل ماڻِ بَنا! سارو مدينو شمعا...
عرشئون ترت آيو وَحِي، عزت نبيءَ جي آيو آ لهي،
سرور سيد کي صاحب پاڻ سڏايو آ-
مومل ماڻِ بنا! سارو مدينو شمعا...
[27][27]
وراڻي: اديون! ڪا هلندي شهر مديني ڏي؟
شهر مديني جا ماڻهو ته ڀلارا، بسم الله جي بازار-
ڀينر! ڪا هلندي شهر مديني ڏي؟
شهر مديني جا وڻ ته ڀلارا، بسم الله جي بازار-
جيڏيون! ڪا هلندي شهر مديني ڏي؟
شهر مڪي جون جايون ته ڀلاريون، بسم الله جي بازار-
ڀينر! ڪا هلندي شهر مديني ڏي؟
[28][28]
وراڻي: نور پسان ٿي، اَلا! نور نبيءَ جو،
ملڪ مدينو آهي عربيءَ جو.
وارو واري ايندو اسان ڏي، او! ڪرم ڪري ته ڪوهيارو-
نور پسان ٿي، اَلا! نور نبيءَ جو...
روضو جنهن جو نور نوراني، رنگ اٿس سائو سارو-
نور پسان ٿي، اَلا! نور نبيءَ جو...
ڪلمون پاڪ پڙهيو جنهن تي، مدد ڪندو سو موچارو-
نور پسان ٿي، اَلا! نور نبيءَ
جو...
[29][29]
وراڻي: مديني ملڪ ڏي، کڻي نيڻ نهاريان،
اڱڻ عجيبن جا ته ٻانهي ٿي ٻهاريان.
بينسر ادل جي آءٌ لاڙئون آڻايان-
مديني ملڪ ڏي، کڻي نيڻ نهاريان...
ٻانهين ادل جي آءٌ لاڙئون آڻايان-
مديني ملڪ ڏي، کڻي نيڻ نهاريان...
پازيب لاڏل جا آءٌ لاڙئون آڻايان-
مديني ملڪ ڏي، کڻي نيڻ نهاريان...
[30][30]
وراڻي: مان رسول جي گولِي، مون کي ڪير جهلي؟
مون کي ڪير جهلي، سڀڪو پاڻ پلي.
بينسر بني جي لاڙئون گهُرايان-
مان رسول جي گولِي، مون کي ڪير جهلي...
دُهري اَدل جي ولائتون گهُرايان-
مان رسول جي ٻانهي، مون کي ڪير جهلي...
ٻانهين سُهڻل جي لاڙئون گهُرايان-
مان رسول جي گولي، مون کي ڪير جهلي...
[31][31]
وراڻي: لڳ ڏکڻ! ڏيهه پرين ڏي، مان ته لڙنديس لال لکي ڏي،
حاجين سان هلنديس، حج پڙهنديس- ٿينديس جوڙ جماعت
جي.
دُهري گهڙائج نهري- لڳ ڏکڻ! ڏيهه پرين ڏي،
مان ته لڙنديس لال لکِي ڏي....
ٻانهين گهڙائج نهري- لڳ ڏکڻ! ڏيهه پرين ڏي،
مان ته لڙنديس لال لکِي ڏي....
جهِمر گهڙائج نهري- لڳ ڏکڻ! ڏيهه پرين ڏي،
مان ته لڙنديس لال لکِي ڏي....
[32][32]
وراڻي: حاجي حج تان وريا، ڏسي منهنجا نيڻ ٺريا،
محمد موڙ ٻڌا، اديون! منهنجا کلندي گهر آيا.
بينسر گهڙائج نِهري- حاجي حج تان وريا،
ڏسي منهنجا نيڻ ٺريا...
دهري گهڙائج نِهري- حاجي حج تان وريا،
ڏسي منهنجا نيڻ ٺريا...
جهالر گهڙائج نِهري- حاجي حج تان وريا،
ڏسي منهنجا نيڻ ٺريا...
[33][33]
وراڻي: سرهو ساٿ سيد جو، آءٌ گهوري وڃان.
ابا! تون لاءِ وڳو ماءُ سنڀاهيو، آءٌ گهوري وڃان-
سرهو ساٿ سيد جو...
ابا! تون لاءِ ميندي پيءُ سنڀاهي، آءٌ گهوري وڃان-
سرهو ساٿ سيد جو...
ابا! تون لاءِ موڙ پيءُ سنڀاهيا، آءٌ گهوري وڃان-
سرهو ساٿ سيد جو...
[34][34]
وراڻي: سردار سچو سِڪَ لاهيندو، محبوب مٺو غم لاهيندو،
اَلا! لاهڻ وارو لاهيندو، هيءَ اُمت پاڻ
سڏرائيندو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائيندو-
سردار سچو سڪ لاهيندو، محبوب مٺو غم لاهيندو...
ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سُرخي جوڙ بنائيندو-
اَلا! مرشد مٺو غم لاهيندو، محبوب مٺو غم
لاهيندو...
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانو جوڙ بنائيندو-
سردار سچو سڪ لاهيندو، محبوب مٺو غم لاهيندو...
[35][35]
وراڻي: آيو رسول الله، آهي والي اُمت جو،
قدم قربان آهيان، نبيءَ جي ٻانهي آهيان.
وينڊو لاڏل جو هلي توري تورايو-
آيو رسول الله، آهي والي اُمت جو...
دهري لاڏل جي هلي توري تورايو-
آيو رسول الله، آهي والي اُمت جو...
پنڙا لاڏل جا هلي ٿوري تورايو-
آيو رسول الله، آهي والي امُمت جو...
[36][36]
وراڻي: منهنجي گهر رسول آيو، ڇا جهليان مزماني؟
ڇا جهليان مزماني، کنڊ، پتاشا، چانور سڳنداسي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجي گهر رسول آيو، ڇا جهليان مزماني...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
منهنجي گهر رسول آيو، ڇا جهليان مزماني...
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
منهنجي گهر رسول آيو، ڇا جهليان مزماني...
[37][37]
وراڻي: کولي ڪرايو ديدار، سردار دلدار آهه، اُمت جو مهندار آهه.
عرشان لٿس نُوراني ميندي، ادل لائي ٿيم تيار-
سردار دلدا رآهه، اُمت جو مهندار آهه...
عرشان لٿس نوراني وڳو، ادل پهري ٿيم تيار-
سردار دلدار آهه، اُمت جو مهندار آهه...
[38][38]
وراڻي: حاجي آهي حضرت، منهنجي دل کي لوڏو ناهي،
حامي آهي مرشد، منهنجي دل کي لوڏو ناهي.
ٻيڙيءَ تي مان چڙهي، ڏسان نُور نبيءَ جو،
نُور نبيءَ جو، پياري رسول جو-
حامي آهي حضرت، منهنجي دل کي لوڏو ناهي...
جهاز تي مان چڙهي ڏسان نُور نبيءَ جو،
ڏسان نور نبيءَ جو، مِٺڙي محمد جو-
حامي آهي سهڻل، منهنجي دل کي لوڏو ناهي....
جده مان چڙهي ڏسان نُور نبيءَ جو،
نُور نبيءَ جو، مِٺڙي محمد جو-
حامي آهي پيرل، منهنجي دل کي لوڏو ناهي....
[39][39]
وراڻي: ڪم ٿيندا اسان جا، غم لهندا اسان جا،
محابي محمد جي غم لهندا اسان جا.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايا-
محابي محمد جي غم لهندا اسان جا.
هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي هي رنگ لايا
محابي محمد جي غم لهندا اسان جا.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايا-
محابي محمد جي غم لهندا اسان جا.
[40][40]
وراڻي: لوئيءَ جي لڄ پاڻ پاريندو، اهو سردار سچو، اُهو محمد مٺو،
پورهيت کي پاڻ سڏرائيندو، اهو سردار سچو، اُهو
محمدمٺو.
بينسر ادل جي لاڙئون آڻايان- انهيءَ بينسر کي پاڻ
سڌاريندو،
لوئيءَ جي لڄ پاڻ پاريندو، اُهو سردار سچو، اُهو
محمد مٺو...
دوهري ادل جي لاڙئون آڻايان- انهيءَ دهريءَ کي پاڻ
سڌاريندو،
لوئيءَ جي لٺ پاڻ پاريندو، اُهو سردار سڄو اُهو
محمد مٺو...
ٻانهين لاڏل جي لاڙئون آڻايان- انهيءَ ٻانهين کي
پاڻ سڌاريندو،
لوئيءَ جي لڄ پاڻ پاريندو، اُهو سردار سچو، اُهو
محمد مٺو...
[41][41]
وراڻي: واهر جي ويلي، ٿي حامي حضرت پير!
مصطفيٰ سيد سوڀارا، موٽ محمد مير!
مان ته بينسر ڀي گهڙايم ڪنوار ڪاڻ-
واهر جي ويلي، ٿي حامي حضرت پير!
مان ته هسي ڀي گهڙايم ڪنوار ڪاڻ-
واهر جي ويلي، ٿي حامي حضرت پير!
مان ته ڪنگڻ ڀي گهڙايم ڪنوار ڪاڻ-
واهر جي ويلي، ٿي حامي حضرت پير!
[42][42]
وراڻي: سچو سيد، مٺو محمد، مدد توسان آيو،
آيو عربي آيو، ڪاڄ ادل جي آيو.
سونيءَ صندليءَ تي لاڏل! ڏيج ڏندڻ گلاب جو-
سڄو سيد، مٺو محمد، مدد تو سان آيو...
سوني مٺ سان ترار لاڏل! سونهين تنهنجي بيٺ-
سڄو سيد مٺو محمد، مدد توسان آيو...
[43][43]
وراڻي: پڃرو پاڪ رسول جو، جنهن ۾ لعلن لک هزار،
جنهن ۾ لعلن لک هزار، جنهن ۾ ملڪ ٿا ميڙو ڪن.
بينسر گهڙائج نهري، جنهن ۾ لعلن لک هزار-
هندورو هوت حبيب جو...
جهالر گهڙائج نهري، جنهن ۾ لعلن لک هزار-
هندورو هوت حبيب جو...
دهري گهڙائج نهري، جنهن ۾ لعلن لک هزار-
هندورو هوت حبيب جو...
[44][44]
وراڻي: عرشئون چادر آئي آ، مٺڙا! نُور خدائي آ،
روضي اندر ڏسان، سارو مدينو شمعان!
لولاڪ ماڻي بنا، سارو ملڪ ڏسان شمعان-
عرشئون چادر آئي آ، مٺرا! نور خدائي آ...
اَفلاڪ ماڻي بنا، سارو ڏيهه ڏسان شمعان-
عرشئون چادر آئي آ، مٺڙا! نُور خدائي آ...
معراج ماڻي بنا، سارو ڏيهه ڏسان شمعان-
عرشئون چادر آئي آ، مٺڙا! نُور خدائي آ...
[45][45]
وراڻي: سهڻي مديني وچ آواز آوِي، سهڻي مڪي وچ آواز آوِي،
پڙهه الحمد، الله ياد آوِي.
سر ته ادل جي پنج رنگ چِيرا، سهرن جوڙ بناوِي،
پڙهه اولضحيٰ، الله باد آوِي.
اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بناوِي،
پڙهه الحمد، الله ياد آوِي.
هٿ ادل دي سونا ڳانا، ميندي جوڙ بناوِي-
پڙهه واليل، الله ياد آوِي.
امامن جي ساراهه جا ڳيچ
[46][46]
وراڻي: پنجتن پاڪ امام، الله آڻيندو شال منهنجي اڱڻ،
موليٰ ميليندم شال منهنجي اڱڻ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو
الله آڻيندو شال منهنجي اڱڻ...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
الله آڻيندو شال منهنجي اڱڻ...
هيٺ سهڻل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
الله آڻيندو شال منهنجي اڱڻ...
[47][47]
وراڻي: مديني وچ موليٰ، کڙا علي هي،
کڙا نبي هِي لااِلٰہ الاالله!
شاهه اساڏا علي هِي مولي، روشي رنگ لايوڙي الا!
مديني وچ موليٰ، کڙا علي هِي...
اکيان سهڻل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل رنگ لايوڙي الا!
مديني وچ موليٰ، کڙا علي هِي...
ڏند سهڻل دِي ماڻڪ موتي، سرخي رنگ لايوڙي الا!
مديني وچ موليٰ، کڙا علي هِي...
[48][48]
وراڻي: الله دا پيار، سائين! موليٰ دا پيارا علي،
حضرت علي پير سڳورا.
پير اساڏا، وي الا، حضرت مير مين واريان،
الله دا پيار اعلي، جملي دي آس پڄاوي-
عالم آس پڄاوي، حضرت علي پير سڳورا...
پنجان تنان دي، وي الا، پاکر تؤن مين واريان،
علي ساٿ جهلايا، مولِي سي محب ملايا-
عالم آس پڄاوي، حضرت علي پير سڳورا...
سر لاڏل دي، وي الا! سهرا مين واريان،
موتي جوڙ مين واريان، سهري لک سڏيان وي-
عالم آس پڄاوي، حضرت علي پير سڳورا...
[49][49]
وراڻي: آءُ علي! ڪر ڀلي، مديني ۾ نُور آهه،
مديني ۾ نُور آهه، ضامن تنهن جو رسول آهه.
بينسر گهڙايم سون جي، سون تنهن جو لاثاني-
آءُ علي! ڪر ڀلي، مديني ۾ نُور آهه...
هسي گهڙايم سون جي، سون تنهن جو لاثاني-
آءُ علي! ڪر ڀلي، مديني ۾ نُور آهه...
ٻانهين گهڙايم عاج جي، عاج تنهن جو لاثاني-
آءُ علي! ڪر ڀلي، مديني ۾ نُور آهه...
[50][50]
وراڻي: اساڏا ٻيڙا تار، وي موليٰ علي!،
اکيان بني ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بناءِ-
اساڏا ٻيڙا تار، وي موليٰ علي...
ڏند ادل دي ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
اساڏا ٻيڙا تار، وي موليٰ علي...
هيٺ ادل دي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بناءِ-
اساڏا ٻيڙا تار، وي موليٰ علي...
[51][51]
وراڻي: علي شير آهي، شيرِ خدا آهي،
مان ته ٻانهي آهيان، علي شير جي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
علي شير آهي، شيرِ خدا آهي...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
علي شير آهي، شيرِ خدا آهي...
هٿ ادل جا ميندي رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
علي شير آهي، شيرِ خدا آهي...
[52][52]
وراڻي: حيدر هنيو نعرو، ڪِريو ڪوٽ سارو،
نبي پاڻ ايندو، ڀلو سو ڀلارو.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
نبي پاڻ ايندو، ڀلو سو ڀلارو...
هَسي ادل جي، مان لاڙئون آڻايان-
نبي پاڻ ايندو، ڀلو سو ڀلارو...
دهري ادل جي، مان لاڙئون آڻايان-
نبي پاڻ ايندو، ڀلو سو ڀلارو...
[53][53]
وراڻي: حسينڻ! لائجانٰ ڪنڌيءَ ڪناري،
پيارل! لائجانءِ ڪنڌيءَ ڪناري.
اسان جا ٻيڙا ڀريا ڀرپور، اسان جا ٻيڙا ڀريا کنڊ
کير-
حسينڻ! لائجانءِ ڪنڌيءَ ڪناري...
آهين اُمت جو آڌار، اُڪاري ڪندين پار-
حسينڻ! لائجانءِ ڪنڌيءَ ڪناري...
[54][54]
وراڻي: شاهه حسينڻ جي شوق ۾، منهنجا لحظا ويا سڀ لهي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل سوا رنگ لايو-
شاهه حسينڻ جي شوق ۾، منهنجا لحظا ويا سب لهي.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي سوا رنگ لايو-
شاهه حسينڻ جي شوق ۾، منهنجا لحظا ويا سب لهي.
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني سوا رنگ لايو-
شاهه حسينڻ جي شوق ۾، منهنجا لحظا ويا سب لهي.
[55][55]
وراڻي: هلي زيارت ڪريو امام جي، هلي زيارت ڪريو نبيءَ ڄام جي،
سهرا سردار جا ڳايان لک وار، ڳايان لک وار، ڀيرا
ته هزار.
مون کي بينسر ته گهڙائي ڏي هزار جي-
سهرا سردار جا ڳايان لک وار...
مون کي هسي ته گهڙائي ڏي هزار جي-
سهرا سردار جا ڳيان لک وار...
مون کي دهري ته گهڙائي ڏي هزار جي-
سهرا سردار جا ڳيان لک وار...
[56][56]
وراڻي: وس وس بادل! منهنجي امامن تي،
منهنجي امامن تي، سهڻي حسينڻ تي.
سوني بينسر ته گهڙائي، اما لاڏيءَ کي پارائي-
وس وس بادل! منهنجي امامن تي...
سوني هسي گهڙائي، اما لاڏيءَ کي پارائي-
وس وس بادل! منهنجي امامن تي...
سونا ڪنگڻ گهڙائي، اُهي ونيءَ کي پارائي-
وس وس بادل! منهنجي امامن تي...
[57]
وراڻي: ههڙو گل گلاب جو، حسينڻ ڄايو آهه،
ڌڻيءَ فضل فرمايو، جهوليءَ چنڊ جهُلايو آهه.
سر لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو آهه-
جهوليءَ چنڊ جهُلايو آهي...
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو آهه-
جهوليءَ چنڊ جهُلايو آهي...
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو آهه-
جهوليءَ چنڊ جهُلايو آهي...
[58][58]
وراڻي: جتي شاهه شبيرڻ ڄايو، جتي حسن حسينڻ آيو،
اَلا، مان ڪريان سلام سيد جو.
مون کي بينسر گهڙائي ڏي ڍولا! تنهنجو حامي حضرت موليٰ-
اَلا، مان ڪريان سلام سيد جو...
مون کي دهري ته گهڙائي ڏي ڍولا! تنهنجو حامي حضرت موليٰ-
اَلا، مان ڪريان سلام سيد جو...
مون کي ڪنگڻ گهڙائي ڏي ڍولا! تنهنجو حامي حضرت موليٰ-
اَلا، مان ڪريان سلام سيد جو...
[59][59]
وراڻي: پڙهايا پرور ٻئي اُهي شهزادا،
خاتون جا دلبند ٻئي اُهي شهزادا.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موڙن جوڙ بڻايا-
پڙهايا پرور ٻئي اُهي شهزادا...
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بڻايا-
پڙهايا پرور ٻئي اُهي شهزادا...
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بڻايا-
پڙهايا پرور ٻئي اُهي شهزادا...
[60][60]
وراڻي: گُلان دي گلزار هي، لونگان دي هٻڪاري هي،
پير ڪري هسواري، ميڏا پير حسينڻ سائين، بيشڪ باغ
بهاري.
سمنڊ آندم اڳتي، پِير ڪري هسواري-
ميڏا پير حسينڻ سائين، بيشڪ باغ بهاري...
مهري آندم اڳتي، پير ڪري هسواري-
ميڏا پير حسينڻ سائين، بيشڪ باغ بهاري...
[61][61]
وراڻي: ايند، امام، الا! واهر وسيلو، امت جو سردا،
الله ئي الله! مٺو نالو الله جو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
الله ئي الله! مٺو نالو الله جو...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
الله ئي الله! مٺو نالو الله جو...
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
الله ئي الله! مٺو نالو الله جو...
[62][62]
وراڻي: اسان جي ٻارهن امامن جي مديني ۾ ٽولي،
مديني ۾ ٽولي، حورن جهلي هئي جهولي،
حورن جهلي هئي جهولي، آهيان تن جي گولي.
سر ادل جي موڙ جي سهڻا، موتين جوڙ بنايو-
اسان جي ٻارهن امامن جي مديني ۾ ٽولي...
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
اسان جي ٻارهن امامن جي مديني ۾ ٽولي...
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
اسان جي ٻارهن امامن جي مديني ۾ ٽولي...
[63][63]
وراڻي: ڀينر! منهنجو ايندو امام، اچي ٻيڙو تاريندو،
تار منجهان اچي تاريندو، لهرن مان اچي لاڙيندو.
سِر سوڍل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
ڀينر! منهنجو ايندو امام، اچي ٻيڙو تاريندو...
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
ڀينر! منهنجو ايندو امام، اچي ٻيڙو تاريندو...
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
ڀينر! منهنجو ايندو امام، اچي ٻيڙو تاريندو...
بادشاهه پير جي ساراهه جا ڳيچ
[64]
وراڻي: ٻيڙو تار حضرت پير! ساٿ سلامت آيو آ،
منهنجو ونڙيءَ وارث آيو آ، منهنجو سنڌڙيءَ جو صاحب
آيو آ.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ٻيڙو تار حضرت پير! ساٿ سلامت آيو آ...
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ٻيڙو تار حضرت پير! ساٿ سلامت آيو آ...
هسي ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ٻيڙو تار حضرت پير! ساٿ سلامت آيو آ...
[65][65]
وراڻي: پير محي الدين! تنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل آهيان،
لهر نه لوڏيندي، تنهنجي داون ۾ لڪل آهيان.
بينسر گهڙائج نهري-
پير محي الدين! تنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل آهيان...
جهالر گهڙائج نهري-
پير محي الدين! تنهنجي ٻيڙِءَ ۾ چڙهيان آهيان...
دُهري گهڙائج نهري-
پير محي الدين! تنهنجي ٻيڙِءَ ۾ پڙهيل آهيان...
[66][66]
وراڻي: دستگير! ٻيڙو جهلي جهلي آڻجان،
سير وهي تارون تار، ٻيڙو لاڙي هل لال تي.
ادل گهوٽ! ڄڃ ڌيرِي ڌيرِي آڻجان،
سير وهي تارون تار، ٻيڙو لاڙي هل لال تي.
اکيون ادل جون مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڄڃ ڏيري ڏيري آڻجان، سير وهي تارون تار...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
ڄڃ ڏيري ڏيري آڻجان، سير وهي تارون تار...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لايو-
ڄڃ ڏيري ڏيري آڻجان، سير وهي تارون تار...
[67][67]
وراڻي: حامي حضرت پير! ٻيڙو ٻَني لاءِ،
ٻيڙو ٻني لاءِ، ڪُل جي آس پُڄاءِ.
بينسر ڇو نه گهڙاءِ، جنهن تي سون لواءِ-
حامي حضرت پير! ٻيڙو ٻني لاءِ...
ڪنگڻ ڇو نه گهڙاٰ، جنهن تي سون لواءِ-
حامي حضرت پير! ٻيڙو ٻني لاءِ...
جهالر ڇو نه گهڙاءِ، جنهن تي سون لواءِ-
حامي حضرت پير! ٻيڙو ٻني لاءِ...
[68][68]
وراڻي: محي الدين! ٻيڙو تار، ساٿ سلامت اچي.
سون گهُرايم سکر کان، شل سون جو مالڪ اچي-
محي الدين! ٻيڙو تار، ساٿ سلامت اچي.
چاندي گهرايم چاهه مان، شل چانديءَ جو مالڪ اچي-
محي الدين! ٻيڙو تار، ساٿ سلامت اچي.
جواهر گهرايم قرب مان، شل جواهر جو مالڪ اچي-
محي الدين! ٻيڙو تار، ساٿ سلامت اچي.
[69][69]
وراڻي: رس محي الدين پير غم ۾،
تنهنجي دامن جهلي اٿم دم ۾.
چڱي بينسر جوڙائي آءٌ
رس محي الدين پير غم ۾...
چو وينڊو جوڙائي آءُ سيگهه مان-
رس محي الدين پير غم ۾...
چڱي دهري جوڙائي آءُ سيگهه مان-
رس محي الدين پير غم ۾...
[70][70]
وراڻي: اي پير محي الدين منهنجا، قادر پير منهنجا!،
ويجهڙيءَ واهر ٿيندين جيلاني! نايو نيڻ پسان.
بينسر گهرايم نهري-
اي پير محي الدين منهنجا، قادر پير منهنجا...
دهري گهرايم نهري-
اي پير محي الدين منهنجا، قادر پير منهنجا...
هسي گهرايم نهري-
اي پير محي الدين منهنجا، قادر پير منهنجا...
[71][71]
وراڻي: مان سوالڻ آهيان يارهينءَ واري پير جي،
سڀن جو سردار ڙي، مڙين جو مهندار ڙي!
سِر لاڏل جي سونا سهرا، موتي جوڙ بنايو-
مان سوالڻ آهيان، يارهينءَ واري پير جي.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
مان سوالڻ آهيان، يارهينءَ واري پير جي.
[72][72]
وراڻي: محي الدين مڃان ٿي جيلاني، اَلا!،
مون کي سيد سچي جي آ تاري، اَلا.
تنهنجي بينسر جو ملهه باري: اَلا-
تنهنجي بولي جو ملهه باري اَلا...
تنهنجي ٻانهين جو ملهه باري اَلا-
محي الدين مڃان ٿي جيلاني، اَلا...
ننڍڙو ننڊ پيو، هاڻي ڪيئن ڪريان؟
سهڻل ننڊ پيو، هاڻي ڪيئن ڪريان؟
مون کي ڀائن سندي آ لورِي اَلا-
محي الدين مڃان ٿي جيلاني، اَلا...
مان ته پاڙو پاڙو ڪري پيڪن کي ڳوليان،
مان ته پاڙو پاڙو ڪري اباڻا ڳوليان-
محي الدين مڃيان ٿي جيلاني، اَلا...
[73][73]
وراڻي: ڏوران ٿو ڏسجي، مِڙي مَلڪن اڏيو،
آهي اَڏيو منجهه عرشن، قبو قادر پير جو.
بينسر گهڙائج سون جي، ڦرندو ڇَٽ رسول جو-
ڏوران ٿو ڏسجي، قبو قادر پير جو...
جهالر گهرائج سون جي، ڦرندو ڇَٽ رسول جو-
ڏوران ٿو ڏسجي، قبو قادر پير جو...
دُهري گهرائج سون جي، ڦرندو ڇَٽ رسول جو-
ڏوران ٿو ڏسجي، قبو قادر پير جو...
[74][74]
وراڻي: پيران پير، پياريندو کير، ادل! تنهنجو حامي ٿيندو ته وسيلو،
پڙهيل ويس ڪري، هيانءَ ٺري، ادل لانئون لهي، ڀيڻ
ٺري-
پيران پير، پياريندو کير، ڀورل! تنهنجو شافع ٿيندو
ته وسيلو.
سوڍل سيج پڙهي، ماءُ ٺري، لاڏل ميندي ملي، ڀيڻ
ٺري-
پيران پير، پياريندوکير، پڙهيل! تنهنجو هادي ٿيندو
ته وسيلو.
راڻل سرگس چڙهي، ماءُ ٺري، ادل ڳانو ٻڌي، ڀيڻ ٺري-
پيران پير، پياريندو کير، لاڏل! تنهنجو شافع ٿيندو
ته وسيلو.
[75][75]
وراڻي: پيران پير ڀلو آهي، اڙين جو آڌار آهي،
هيڻن جو همراهه آهي، اڙين جو آڌار آهي.
الله ٻيڙا آڻئين، ولائتو واري-
پيران پير، ڀلو پير آهي، اڙين جو آڌار آهي.
لاڏل جي ويڙهل ۾، ڳاڙها دهل وڄن-
پيران پير، ڀلو پير آهي، اڙين جو آڌار آهي.
[76][76]
وراڻي: حضرت پير جيلاني، آن تنهنجي ٻانهي،
حضرت پير هوندو شال حضور ۾.
مديني ۾ پڙهندو نمازان، وارِي ايندو واڳان-
حضرت پير هوندو شال حضور ۾...
مڪي ۾ پڙهندو تسبيحان، وارِي ايندو واڳان-
حضرت پير هوندو شال حضور ۾...
[77][77]
وراڻي: ڀينر! مون کي داتا دلاسا ڏيندو.
ماٽي ڀري کير، پڄائِي اٿم پير-
اديون! مون کي داتا دلاسا ڏيندو...
پينگهن ۾ پُٽ الله لُڏايا، بخش ڏنا دستگير-
ڀينر مون کي داتا دلاسا ڏيندو...
ماڙين ۾ نُهرون مون کي ڏاتر ڏيکاريندو-
اديون! مون کي داتا دلاسا ڏيندو...
[78][78]
وراڻي: ويڙهي ته پڙهيل جي مرشد آيو، لک ٿورن جا، هزار ٿي ڀانيان.
پير اسان جو حضرت ميران، او! روضي سدا رنگ لايو-
ويڙهي ته پڙهيل جي مرشد آيو...
سمنڊ سيد جي تي پنج سنجي سوني، او! ڪلياڻ آهي رنگ
لايو-
ويڙهي ته پڙهيل جي مرشد آيو...
[79][79]
وراڻي: ڇلڙو ڪنهن گهَڙيو؟ منهنجي اڱڻ آيو پير،
بُندڙو ڪنهن گهَڙيو؟ منهنجي اڱڻ آيو پير-
هن ڇلي جو ضامن ڏينديس، او! ضامن حضرت پير.
اکيون ادل جو ٻرن مشعلا، او! ڪجل جوڙ بناءِ-
ڇلڙو ڪنهن گهڙيو؟ منهنجي اڱڻ آيو پير...
ڏند پنهل جا ماڻڪ موتي، او! سرخيءَ جوڙ بناءِ-
ڇلڙو ڪنهن گهَڙيو؟ منهنجي اڱڻ آيو پير...
سر ادل جي سونا سهرا، او! موتين جوڙ بناءِ-
ڇلڙو ڪنهن گهڙيو؟ منهنجي اکڻ آيو پير...
[80][80]
وراڻي: حضرت جن جي مان جهلي آهه مهماني،
سِر ڪنديس قرباني، لک ڪنديس نذراني.
پير اسان جو حضرت ميران، روضي سدا رنگ لايو-
حضرت جن جي مان جهلي آهه مهماني...
سمنڊ سيد جي تي پنج سنج سوني، ڪلياڻ آهه رنگ لايو-
حضرت جن جي مان جهلي آهه مهماني...
[81]
وراڻي: پير اسان جو حضرت ميران، روضي جوڙ بنايو اَلا.
سون چاندي ڪيئن گهوريان مان مرشد تان!
او سون جو ملهه آهي ٿورو اَلا- پير اسان جو حضرت
ميران...
هڪ سر قربان ڪيئن ڪريان مان مرشد تان؟
ڏهه سر هجن ته به ٿورا اَلا- پير اسان جو حضرت
ميران...
شاهه اسان جو سڀ کان اعليٰ، ڪير مقابلو ڪري مرشد
سان؟
ڪريان روز ساراهه، ته به ٿوري اَلا- پير اسان جو
حضرت ميران...
[82][82]
وراڻي: الله تنهنجو آسرو، موليٰ تنهنجي ماڙ،
هڪل سان ساڻي ٿيندءِ، ڙي اتر وارو پير.
گهوٽ هڪل ڪندو حضرت پير کي، الله واهر جو ويلو-
الله تنهنجو آسرو، موليٰ تنهنجي ماڙ...
ياد ڪندس پنهنجي سائين کي، سائين هڪل سان حاضر-
الله تنهنجو آسرو، موليٰ تنهنجي ماڙ...
ننگ منهنجو ننگيءَ تي، جو سڀ جو آهي ننگپال-
الله تنهنجو آسرو، موليٰ تنهنجي ماڙ...
لعل شهباز جي ساراهه جا ڳيچ
[83][83]
وراڻي: نُور وسئي ٿو قبي تي، قلندر! منهنجي تو پڄائي آ،
الله پڄائي آ، پيرن پڄائي آ.
اڇا پڙ منهنجي پير جا، اڇو پاڻ رسول،
لاڏل جي ويڙهل ۾، ڳاڙها دهل وڄن-
نُور وسئي ٿو قبي تي، قلندر! منهنجي تو پڄائي آ...
لاڏل جي ويڙهل ۾، کوهيون ڀرجن کير،
وٽي لاڏل هٿ ۾، پياري پيو مٺا کير-
نُور وسئي ٿو قبي تي، قلندر! منهنجي تو پڄائي آ...
سيد جي ويڙهل ۾، ڄائو پاڪ رسول،
ملڪ ڏين مبارڪون، حورن پاتا هار-
نُور وسئي ٿو قبي تي، قلندر! منهنجي تو پڄائي آ...
[84][84]
وراڻي: سخي لعل شهباز موليٰ خوشيون ڏيندو،
مکڻ مَلايون، پڙهيل کير پيئندو.
هار ننڍڙي جو مان لاڙان آڻايان-
سخي لعل شهباز، موليٰ خوشيون ڏيندو...
منڊي ننڍڙي جي مان لاڙان آڻايان-
سخي لعل شهباز، موليٰ خوشيون ڏيندو...
ڪنگڻ ننڍڙِ جا مان لاڙان آڻايان-
سخي لعل شهباز، موليٰ خوشيون ڏيندو...
[58][85]
وراڻي: چڙهي مان ريل تي وينديس شهباز تي،
ڇو جهليئي منهنجو جيءُ، الله ڪندو اهو ڏينهن.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
چڙهي مان ريل تي، وينديس شهباز تي...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
چڙهي مان ريل تي، وينديس شهباز تي...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
چڙهي مان ريل تي، وينديس شهباز تي...
[86][86]
وراڻي: سهرا هلي ڀينر ڳايو، لَڪيءَ واري لعل جا،
مرشد لعل جا، سيوهاڻي شهباز جا.
بينسر ادل تنهنجي سوا تولو، هيرو تنهن تي جدا
چڙهندو-
سهرا هلي ڀينر ڳايو، لڪيءَ واري لال جا...
دهري ادل تنهنجي هزاري، پُتلو تنهن سان گڏ مڙهبو-
سهرا هلي ڀينر ڳايو، لڪيءَ واري لال جا...
ٻانهين ادل تنهنجي لک جي، مين تنهن تي جدا چڙهندو-
سهرا هلي ڀينر ڳايو، لڪيءَ واري لال جا...
[87][87]
وراڻي: او مهاڻا ٻيڙيءَ وارا! لال تي ٿي وڃان،
لال تي ٿي وڃان، ڀيرڙو نه ڀڃان.
بينسر ادل جي مان لاڙئون گهَڙايان-
او مهاڻا ٻيڙِءَ وارا! لال تي ٿي وڃان...
دهري ادل جي مان لاڙئون گهڙايان-
ساو مهاڻا ٻيڙيءَ وارا! لال تي ٿي وڃان...
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون گهڙايان-
او مهاڻا ٻيڙيءَ وارا! لال تي ٿي وڃان...
[88]
وراڻي: چڙهي ٻيڙيءَ تي ڏسان ٿي نُور نبيءَ جو،
شهباز ضامن آهي، منهنجي دل کي لوڏو ناهي.
اُمت جو آڏار، شفا ڪندو سردار-
شهباز ضامن آهي، منهنجي دل کي لوڏو ناهي.
هيڻن جو همراهه، اڙين جو آڌار-
شهباز ضامن آهي، منهنجي دل کي لوڏو ناهي.
[89][89]
وراڻي: سيوهڻ هيٺان سِر، اسان جا ٻيڙا جهُلِي آيا،
يا الله! اسان جو ٻيڙو اُڪارج ٻاجهه سان،
يا خدا! اسان جو لکيو ڪج پنهنجي ذات سان.
بينسر گهڙائج نهري-
سيوهڻ هيٺان سِير، اسان جا ٻيڙا جهُلي آيا...
دهري گهڙائج نهري-
سيوهڻ هيٺان سِير، اسان جا ٻيڙا جهُلي آيا...
جهالر گهڙائج نهري-
سيوهڻ هيٺان سِير، اسان جا ٻيڙا جهُلي آيا...
[90]
وراڻي: جيل وارو جوان، اڄ ڪو مون وٽ آيو،
لَڪيءَ وارو لال، اڄ ڪو مون وٽ آيو،
ساهه ڪريان قربان، سوڍل مون وٽ آيو.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
لَڪيءَ وارو لال، اڄ ڪو مون وٽ آيو.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
لَڪيءَ وارو لال، اڄ ڪو مون وٽ آيو.
هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
لَڪيءَ وارو لال، اڄ ڪو مون وٽ آيو.
[91][91]
وراڻي: لالڻ لال! مون کي ڏنئي دلداري،
ڏنئي دلداري، لاٿئي مونجهاري-
ارڏا پير! مون کي ڏنئي دلداري.
اهو ڪوٽ ته حاجن پير جو ڪنگرن تان قربان،
ڀلي آ ته شاديون ڪريون-
ارڏا پير! مون کي ڏنئي دلداري.
اها مسجد ته سانول پير جي، ممبر تان قربان،
ڀلي آ ته شاديون ڪريون-
ارڏا پير! مون کي ڏنئي دلداري.
اهو روضو ته جيلاني پير جو، نيلن تان قربان،
ڀلي آ ته شاديون ڪريون-
ارڏا پير! مون کي ڏنئي دلداري.
[92][92]
وراڻي: لعلڻ لال، هندوري ۾ اديون! لُڏيو هو،
حضرت پير سائين پاڻ مَلهيو هو.
جُڙيل ويهي کٽ تي کير پيتو هو،
ادل پاسي جيڏل جي ٻول ٻڌو هو-
پيرل ڳاڙهي کٽ تي پال ويٺو هو،
سهڻل سهڻي پلنگ تي پاڻ سمجهيو هو-
لالڻ لال هندوري ۾ اَديون، لُڏيو هو...
جُڙيل پنهنجيءَ ڪنوار سان کاري چڙهيو هو،
ادل جيڏل سان لانئن تي آيو هو-
لالڻ لال هندوري ۾ اديون، لُڏيو هو...
[93][93]
وراڻي: ڀَري جهولي پتاشن جي، وَلين ۾ ورهائينديس،
سڻي لالڻ تي ورهائينديس.
بينسر تنهنجي سوا تولو، هيرو تنهن تي جُڙائينديس-
ڀَري جهولي پتاشن جي، وَلين ۾
ورهائينديس،
ڪنگڻ تنهنجا سوا تولو، هيرو تنهن تي
جُڙائينديس-
ڀَري جهولي پتاشن جي، وَلين ۾
ورهائينديس،
منڊي تنهنجي سوا تولو، هيرو تنهن تي
جُڙائينديس-
ڀَري جهولي پتاشن جي، وَلين ۾
ورهائينديس،
شاهه عبدالڪريم جي ساراهه جا ڳيچ
[94][94]
وراڻي: چؤدرو ڙي چؤدرو، منهنجي پير جو،
جنهن جي سوني صندلي، جنهن جو روپو بنگلو،
بنگلو شاهه ڪريم جو.
ڪلنگي جوڙائج سهڻي،
جنهن جي سوني صندلي، جنهن جو روپو بنگلو،
بنگلو شاهه ڪريم جو.
شاهه ڀٽائي جي ساراهه جا ڳيچ:
[95][95]
وراڻي: اٿ ڀٽائي گهوٽ ڪر مدد منهنجي،
ڪر مدد منهنجي، ملي توهه تنهنجي.
لک باسون تنهنجون آهن مونب باسيون،
ڪر منهنجون پوريون، مرادون مڙيئي-
هيءُ سِر سندٰ نانءَ تان صدقي،
گولي آهيان در جي، ٻانهي آهيان در جي-
اُٿ ڀٽائي گهوٽ! ڪر مدد منهنجي...
پنهنجن پانڌين کي ڪيم وسارج،
سولي منهنجي ٿيندي، سڪ منهنجي لهندي-
اُٿ ڀٽائي گهوٽ! ڪر مدد منهنجي...
[96][96]
وراڻي: قبي مٿي ڪا ڪونجڙي، روضي سايڙي نِيل،
چڙهه گهوڙي ڀٽ ڌڻي! حاضر ٿي همراهه،
ڪندين مهر مريد تي، حاضر ٿي همراهه.
لاڏل جي ويڙهل ۾، ڳاڙها دهل وڄن-
چڙهه گهوڙي ڀٽ ڌڻي! حاضر ٿي همراهه...
لاڏل جي ويڙهل ۾، کُوهيون ڀريون کير-
چڙهه گهوڙي ڀٽ ڌڻي! حاضر ٿي همراهه...
[97][97]
وراڻي: منهنجا تارا سنڌ وارا، ڀِٽ تي ڀاڳ لڳو،،
ڀِٽ تي ڀاڳ لڳو، الله دين وڌايو، موليٰ ملڪ وسايو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڀٽ تي ڀاڳ لڳو، الله دين وڌايو...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
ڀٽ تي ڀاڳ لڳو، الله دين وڌايو...
هٿ ادل جو سونا ڳانا، ميندي جوڙ بنايو-
ڀٽ تي ڀاڳ لڳو، الله دين وڌايو...
[98][98]
وراڻي: اُٺ جهڪاءِ، مهريءَ چڙهان، اديون! مان وڃان لال لطيف تي.
حاجين سان ٿي هلنديس، حجڙو ڪنديس-
اُٺ جهڪاءِ، مهريءَ چڙهان، اديون! مان وڃان لال
لطيف تي.
ڀائن سان ٿي هلنديس، پنڌڙو ڪنديس-
اُٺ جهڪاءِ، مهريءَ چڙهان، اديون! مان وڃان لال
لطيف تي.
ڪرهيي ڀانڊاري جي ساراهه جا ڳيچ
[99][99]
وراڻي: چڙهي ٻيڙيءَ تي ڏسان ٿي نُور نبيءَ جو،
شهباز ضامن آهي، منهنجي دل کي لوڏو ناهي.
|