2. نکيٽي يا موڪلاڻيءَ جا ڳيچ
[10] [1]
وراڻي: ادل لهه اڙيءَ تان، موڪل ڏي نماڻيءَ کي.
پيڪا دل جا جاني، جن جي سڀڪا نيشاني-
ادل! لهه اڙيءَ تان، موڪل ڏي نماڻيءَ کي.
عرضئون عرض گذاريان، سينو ڪين ٿي ساهيان-
ڀائڙل! لهه اڙيءَ تان، موڪل ڏي نماڻيءَ کي.
وڇوڙي جا رولا، الله ڪندو سولا-
ڀائڙل! لهه اڙيءَ تان، موڪل ڏي نماڻيءَ کي.
[11]
وراڻي: نِکڙ نِکڙ ڌيءَ ٻائي! ڇڏ اباڻو گهر،
توکي پيءُ پرڻايو هٿن سان، توکي ماءُ ڏني موڪل.
بينسر جوڙائج نهري، اما! ڇڏ اباڻو گهر-
توکي پيءُ پرڻايو هٿن سان…
دهري جوڙائج نهري، اما! ڇڏ اباڻو گهر-
توکي پيءُ پرڻايو هٿن سان…
ڪنگڻ گهڙائج نهري، اما! ڇڏ اباڻو گهر-
توکي پيءُ پرڻايو هٿن سان…
[12]
[2]
وراڻي: اُٿ سنڀر ڌيءَ ٻائي! آيا اٿئي اُٺ ڪجاوا-
ڪا گهڙي ترسو، ڌيءَ ملي پنهنجي ماءُ کي-
اُٿ سنڀر ڌيءَ ٻائي!
ڪا گهڙي ترسو، ڀيڻ ملي پنهنجيءَ ڀيڻ کي-
اُٿ سنڀر ڌيءَ ٻائي!
ڪا گهڙي ترسو، ڀيڻ ملي پنهنجيءَ ڀاءُ کي-
اُٿ سنڀر ڌيءَ ٻائي!
[13]
وراڻي: جيڏل! ڏيج سنڀاءِ پنهنجي ڌيءَ جو، اسان راڻل آندو،
اسين ساعت نه سهنداسون، هاڻي لاهه ڪڙو هن ڪوٽ
جو،
اسين مومل نينداسون.
بينسر گهڙائج نهري، جيڏل! ڏيج سنڀاءِ پنهنجي ڌيءَ جو-
اسين مومل نينداسون…
دهري گهڙائج نهري، جيڏل! ڏيج سنڀاءِ پنهنجي ڌيءَ جو-
اسين مومل نينداسون…
جهالر گهڙائج نهري، جيڏل! ڏيج سنڀاءِ پنهنجي ڌيءَ جو-
اسين مومل نينداسون…
[14]
[3]
وراڻي: ونهيل راڄ منجهئون اسين مومل ته نينداسين،
پاڻ سان پيرين پنڌ ڪري، ادل! پيرين پنڌ ڪري.
سوڍل ساڻ ڪري، اسان زيارت ڪنداسين، هلي حافظ پير جي-
پاڻ سان پيرين پنڌ ڪري، ادل! پيرين پنڌ
ڪري…
وَنل ساڻ ڪري، اسان زيارت ڪنداسين، ڀٽائي گهوٽ جي-
پاڻ سان پيرين پنڌ ڪري، ادل! پيرين پنڌ
ڪري…
پنهل ساڻ ڪري، اسان زيارت ڪنداسين، قلندر گهوٽ جي-
پاڻ سان پيرين پنڌ ڪري، ادل! پيرين پنڌ
ڪري…
[15]
وراڻي: ڇڏ ڀنڀور جون ماڙيون، هتان هاڻي هلبو،
هتان هڻي هلبو، گڏجي راڄ سان هلبو.
نياڻي نماڻي! تنهنجو پيءُ ويڳاڻو،
اباڻو در ڇڏبو، هتان هاڻي هلبو-
ڇڏ ڀنڀور جون ماڙيون ، هتان هاڻي هلبو-
ڌيئري نماڻي! تنهنجي امڙ ويڳاڻي،
مائٽاڻو گهر ڇڏبو، هتان هاڻي هلبو.
ڇڏ ڀنڀور جون ماڙيون، هتان هاڻي هلبو.
نينگر نماڻي! تنهنجي ڀيڻ ويڳاڻي،
ڇڏ ڀنڀور جون ماڙيون، هتان هاڻي هلبو.
[16]
[4]
وراڻي: ادل جي ڪنوار، ٽُري پٻن جي زور تي،
ڀائڙل جي ڪنوار، ٽُري مورن جي ٽورَ تي.
اُڀريو آهي چنڊ، تارن جي زور تي-
ادل جي ڪنوار، ٽُري پٻن جي زور تي.
ونل ٿي ٽور ٽُري، گهوٽ تان ٿو ٺري-
ادل جي ڪنوار، ٽُري پٻن جي زور تي.
[17]
وراڻي: سسئي! تنهنجي سر لئي سوداگر ٿي آيو،
اٿي جاڳ جيڏل! سج ڄاڻ اڀريو.
هليو گهوٽ گهوري، پويان ڄڃ سينگاري-
اٿي جاڳ جيڏل! سج ڄاڻ اڀريو.
هليو ادل اڳيان، پويان ڄڃ سينگاري-
اٿي جاڳ جيڏل! سج ڄاڻ اڀريو.
[18]
وراڻي: پار درياءَ کان پيارل! مهري ته آڻائي ڏي،
کڙي جو هيس روزي نماز سان،
مونکي جيڏل چاڙهائي ڏي، وينگس چارهائي ڏي!
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائي ڏي-
پار درياءَ کان ادل! مهري ته
آڻائي ڏي.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنائي ڏي-
پار درياءَ کان سهڻل! مهري ته آڻائي
ڏي.
هٿ ادل جا مينديءَ رترا، ڳاني جوڙ بنائي ڏي-
پار درياءَ کان سڄڻ! مهري تي آڻائي
ڏي.
[19]
[5]
وراڻي: جيڏي! هير مَ هلو، لِک ساعت لُڏو لمو،
ڀِر ڀِر ڀِنڙيس نيڻ، منهنجي جيڏل وٺيو وڃو.
جيڏل وينڊو نڪ ۾، جيڏي! هيرمَ هلو، لِک ساعت لڏو لمو.
ڇڏ اباڻا پکا، منهنجي مارُل وٺيو وڃو.
جيڏل ٻانهين ٻانهن ۾، جيڏي! هيرمَ هلو، لِک ساعت لڏو لمو.
گهوڙي رتڙيس واڳ، پنهنجي ڪونتل وٺيو وڃو.
جيڏل ڇير پيرن ۾، جيڏي! هيرمَ هلو، لِک ساعت لڏو لمو.
پٿرن ڇِنڙيس پير، پنهنجي وينگس وٺيو وڃو.
[20]
وراڻي: نڪتي ڌيءَ گهران، توکي ماءُ ڏني موڪل،
پر تئين ڌيءَ ربّ کي، توکي پيءُ ڏني موڪل.
جيڏل نُورو پير ۾، جيڏڙي! هري هري هل!
نڪتي ڌيءَ گهران، توکي ماءُ ڏني موڪل،
پرتئين ڌيءَ ربّ کي، توکي پيءُ ڏني موڪل.
لِک ساعت رهو ڪو لمحو! ڀريو ڀنڙيس نيڻ-
نڪتي ڌيءَ گهران، توکي ماءُ ڏني موڪل،
پرتئين ڌيءَ ربّ کي، توکي پيءُ ڏني موڪل.
گهوڙي رتڙيس واڳ! منهنجي جيڏل وٺيو ٿو وڃو-
نڪتي ڌيءَ گهران، توکي ماءُ ڏني موڪل،
پرتئين ڌيءَ ربّ کي، توکي پيءُ ڏني موڪل.
[21]
[6]
وراڻي: وڄن دهل بِينان ادل! تنهنجي در تي،
ادل! تنهنجي در تي، سدا تنهنجي در تي.
هيءَ ته ڌيءَ سدوري، پڦيءَ گهر وڃي ٿي-
وڄن دهل بِينان، ادل! تنهنجي در تي.
هيءَ ته ڌيءَ سدوري، چاچي گهر وڃي ٿي-
وڄن دهل بِينان، ادل! تنهنجي در تي.
هيءَ ته ڌيءَ سدوري، ساهرين گهر وڃي ٿي-
وڄن دهل بِينان، ادل! تنهنجي در تي.
[22]
[7]
وراڻي: ڏاج ڏنو توکي، ڀائن، چاچن، مامن، نانن،
هاڻي الله توهار، مڙس مليو سهڻو سٻاجهو.
خوش سو رکندو توکي هميشه، رهجان فرمانبردار-
ڏاج ڏنو توکي، ڀائن، چاچن.
[23]
وراڻي: ڏُور مَ ڏُور تون وڃ، ڏُور سُکيا ڌيءَ جا ساهرا،
ڀائرن ڀينڙي، ڌُور مَ ڏُور تون وڃ،
تنهن وڻ پيئڙي رات، سو وڻ موتين ڇانيو.
بينسر جوڙائج نهري – ڏُور مَ ڏُور تون وڃ.
دهري جوڙائج نهري – ڏُور مَ ڏُور تون وڃ.
مالها جوڙائج نهري – ڏُور مَ ڏُور تون وڃ.
[24]
وراڻي: موڀيءَ ڀاءُ جي بدي ڙي، ڌيَل وڃي ٿي ساهرين،
ڪا مرّوت ڪجانءِ ڙي! ٻاٻل پيءُ جي سايي ڙي!
منهنجي وينڊيري تي، ڪا مروّت ڪجانءِ ڙي!
ٻاٻل پيءُ جي سايي ڙي! ڌيَل وڃي ٿي ساهرين.
منهنجي دُهريري تي، ڪا مروّت ڪجانءِ ڙي!
ٻاٻل پيءُ جي سايي ڙي! ڌَيل وڃي ٿي ساهرين.
اسان جي ٻانهياريءَ تي، ڪا مروّت ڪجانءِ ڙي!
ٻاٻل پيءُ جي سايي ڙي! ڌيَل وڃي ٿي ساهرين.
اسان جي چوڙيليءَ تي، ڪا مروّت ڪجانءِ ڙي!
ٻاٻل پيءُ جي سايي ڙي! ڌيَل وڃي ٿي ساهرين.
[25]
وراڻي: سُکيو سانگ ڌين جو، اڇا ڦُل نِگاري،
ڌيءَ لعٿل سوناري، سُکي سانگ ڌين جو.
مائٽن جا ٿي سُک ساري، اڃا ڦل نگاري-
ڌيءَ لعل سوناري، سُکيو سانگ ڌين جو.
ڀائرن جا ٿي ڳُڻ ڳائي، اڇا ڦل نگاري-
ڌيءَ لعل سوناري، سُکيو سانگ ڌين جو.
سرتين جا ٿي سهج ساري، اڇا ڦل نگاري-
ڌيءَ لل سوناري، سُکيو سانگ ڌين جو.
[26]
وراڻي: جڏهن اچن هڪجيڏيون، تڏهن پير پائي هل، لئي اما!
ڌيئر ڌڻ پرائو، هينئان هوري نه ڪر، لئي اما!
دل پيتيءَ پائي رک ڙي اما! جڏهن اچن هيڪجيڏيون-
ڌيئر ڌڻ پرائو، هينئان هوري نه ڪر، لئي اما!
دل سونگي پائي رک ڙي اما! جڏهن اچن هيڪجيڏيون-
ڌيئر ڌڻ پرائو، هينئان هوري نه ڪر، لئي اما!
دل ڏاٻلي پائي رک ڙي اما! جڏهن اچن هيڪجيڏيون-
ڌيئر ڌڻ پرائو، هينئان هوري نه ڪر، لئي اما!
[27]
وراڻي: ٻڌين ٿو ڀورل ڀاءُ! ڀيڻ کي آڻجان،
ڌيئڙي، جيجل ماءُ! ڇڄي ٿي ولر مان.
بينسر لاڏل جي لاڙان آڻايان-
ٻڌين ٿو ڀورل ڀاءُ!
دهري ادل جي لاڙان آڻايان-
ٻڌين ٿو ڀورل ڀاءُ!
ٻانهين ادل جي لاڙان آڻايان-
ٻڌين ٿو ڀورل ڀاءُ!
[28]
[8]
وراڻي: اُها امڙ هجي جيڪا جگر جهلي، اها جيجل هجي جيڪا جگر جهلي!
پيءُ ڍر ڪيو وڃي، چاچا لڙيا وڃن، اها آيل هجي
جيڪا هانءُ جهلي!
امر ويهي اوريندي، اُها جيجل هجي جيڪا جگر جهلي!
ماسي بيهي پڇندي، اُها آيل هجي جيڪا جگر جهلي!
ڀيڻ ويهي اوريندي، اُها امڙ هجي جيڪا جگر جهلي!
سوٽ بيهي پڇندي، اُها جيجل هجي جيڪا هانءُ جهلي!
سرتيون بيهي ڏُسڪنديون، اها جيڏي هجي جيڪا جيءُ جهلي!
پاڙيچيون بيهي پڇنديون، اُها سَر تي هجي جيڪا
هانءُ جهلي!
[29]
وراڻي: آيل ماءُ! متان دلگير ٿين، ڌيءَ پرائي وس،
مائٽن ۾ هوندي ڪا گهڙي، ساهرن ۾ سڀ ڄمار!
جيجل مون ڏي موڪلي، ڍاڪوُنءِ ۾ ماني،
ماني کاڌم پيٽ ۾، ڍڪاڪون آهه نيشاني-
مارل ماءُ! متان دلگير ٿين.
جيجل مون ڏي موڪلي، کهنبي ۾ ٻانهين.
ٻانهين پاتم ٻانهن ۾، کهنبو آهه نيشاني-
مارل ماءُ! متان دلگير ٿين.
هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن،
الله! ٻيڙا آڻئين، ولائتون واري-
مارل ماءُ! متان دلگير ٿين.
اچن وڃن سپرين، پڇن نا پيهي،
اکين ارٽ چاڙهيا، پاڻي ڏين پرين-
مارل ماءُ! متان دلگير ٿين.
ڦليليءُ جي ڪپ تي، سنها ڪيڙم سڏ،
اچي بيٺم سامهڻو، کٿوري ته کڻي-
مارل ماءُ! متان دلگير ٿين.
تتر ٻولي مٺڙي، مونکي ٿي ماري،
جيئنم ڀائر جڳ ۾، ڏيندم دلداري-
مارل ماءُ! متان دلگير ٿين.
[30]
[9]
وراڻي: نياڻي نماڻي، ڇڏيائون در اباڻو،
ڇڏيائون در اباڻو، پڻس ٿيو ويڳاڻو.
بينسر بني جي، مان لاڙئون آڻايان-
نياڻي نماڻي، ڇڏيائون در اباڻو.
دهري ادل جي، مان لاڙئون آڻايان-
نياڻي نماڻي، ڇڏيائين در اباڻو.
ٻانهين لاڏل جي، مان لاڙئون آڻايان-
نياڻي نماڻي، ڇڏيائون در اباڻو.
[31]
وراڻي: اٿئي پارت پيارا نياڻا! نياڻيءَ جي،
نياڻا، نياڻيءَ جي اِياڻيءَ سياڻيءَ جي.
آهي پياري اسان کي وڌ پٽن ڪنان،
ڪيون تنهنجي حوالي ٿا، نياڻي نماڻي-
اٿئي پارت پيارا نياڻا! نياڻيءَ جي.
رهو خوش سدائين، اها دعا ڪريون ٿا،
پر پارت توکي اهي، اسان جي نياڻيءَ جي-
اٿئي پارت پيارا نياڻا! نياڻيءَ جي.
الله جڳ جون جوڙون، جوڙي ٿو مهر سان،
جوڙي اٿس تو سان، گهر جي راڻي جي-
اٿـــئي پــــارت پــــــيارا نـــياڻا! نياڻيءَ جي.
[32]
[10]
وراڻي: ليليٰ اسان جي آهي پاڪ نمازڻ،
ليليٰ اسان جي آهي نيڪ نمازڻ.
ديري وجهندياس کٽ، ليليٰ وٽ-
ليليٰ اسان جي آهي نيڪ نمازڻ.
ليليٰ پنهنجو ملڪ ڇڏي پئي وڃي-
ليليٰ اسان جي آهي نيڪ نمازڻ.
[33]
وراڻي: جيڏل راڻي، آهي گهر جي ڌڃاڻي،
منهنجي لاڏيءَ کي، رئندي رات وهاڻي.
بينسر جا پائيندي، منهنجي جيڏل راڻي-
جيڏل راڻي آهي گهر جي ڌڃاڻي.
دهري جا پائيندي، منهنجي جيڏل راڻي-
جيڏل راڻي آهي گهر جي ڌڃاڻي.
ڪٺمال جا پائيندي، منهنجي جيڏل راڻي-
جيڏل راڻي آهي گهر جي ڌڃاڻي.
[34]
[11]
وراڻي: پُٽن کان پياري، ڌيءَ ڇو ٿي ڄايَئي؟
سسئي سورن لاءِ، ڌيءَ ڇو ٿي ڄايَئي؟
وينڊو پُٽم جو آءٌ لاڙئون آڻايان-
هٿن سان نپايئي، ڌيءَ ڇو ٿي ڄايئي؟
دهري دل جي آءٌ لاڙئون آڻايان-
هٿن سان نپايئي، ڌيءَ ڇو ٿي ڄايئي؟
ٻانهين گهوٽ جي آءٌ لاڙئون آڻايان-
هٿن سان نپايئي، ڌيءَ ڇو ٿي ڄايئي؟
[35]
وراڻي: جيجل! نه ڄڻين ها، عيوض نه ڀرين ها،
عيوض نه ڀرين ها، ڌارين ۾ نه ڏين ها.
بينسر گهڙائيندو، پُٽن کي ڳڻائيندو-
جيجل! نه ڄڻين ها، عيوض نه ڀرين ها.
دهري گهڙائيندو، پُٽن کي ڳڻائيندو-
جيجل! نه ڄڻين ها، عيوض نه ڀرين ها.
ڪنگڻ گهڙائيندو، پُٽن کي ڳڻائيندو-
جيجل! نه ڄڻين ها، عيوض نه ڀرين ها.
[36]
وراڻي: اسان ڀينر ٽي، ٻه ته گڏيائون گڏ ڙي!
ڌارين کي ڪيائون ڌار،
لکيو ڇٽڙيءَ رات، جيڏيون! لکئي ڪيڙو ڌار.
ڪنگڻ گهڙائي – اسان ڀينر ٽي، ٻه ته گڏيائون گڏ ڙي!
ٻانهين گهڙائي – اسان ڀينر ٽي، ٻه ته گڏيائون گڏ
ڙي!
بازوبند گهڙائي- اسان ڀينر ٽي، ٻه ته گڏيائون گڏ
ڙي!
[37]
[12]
وراڻي: ناري جي ڄائي، وڃي سانگهڙ ۾ سامائي،
او بابُو! ريل رُلِئي، مونکي رڻ ۾ رلايئي.
سکر جو سڱ، آئي سانگهڙ مان ڄڃ،
او بابُو! گئس سڙيئي، مونکي رڻ ۾ رلايئي.
ڪوٽڙيءَ جي ڪنوار، تنهن کي وطن ڏي وار،
او بابُو! گاڏي سڙيئي، مونکي رڻ ۾ رلايئي.
سيوهاڻي شهباز، رک منهنجا به راز،
او بابُو! انجڻ سڙيئي، مونکي رڻ ۾ رلايئي.
[38]
وراڻي: پرديسي اچجو، مونکي ڳولي لهجو، مان ڌيءَ پرائي آهيان.
منهنجا مارو! ڏکن ۾ ڏنوَ، منهنجا اباڻا! ڏکن ۾
ڏنوَ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو.
پرديسي اچجو، مونکي ڳولي لهجو، مان ڌيءَ پرائي آهيان.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
پرديسي اچجو، مونکي ڳولي لهجو، مان ڌيءَ پرائي آهيان.
هٿ ادل جا سونا ڳانا، مينديءَ هي رنگ لايو-
پرديسي اچجو، مونکي ڳولي لهجو، مان ڌيءَ پرائي آهيان.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
پرديسي اچجو، مونکي ڳولي لهجو، مان ڌيءَ پرائي آهيان.
[39]
[13]
وراڻي: اديون! مونکي وٺيو ته وڃن ٿا، پاڙيچا پهنوار،
ڀينر! مونکي ڇنيو ته وڃن ٿا، پاڙيچا پهنوار.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙيو جنسار-
اديون! مونکي وٺيو ته وڃن ٿا.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ جنسار-
اديون! مونکي وٺيو ته وڃن ٿا.
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ لايو جنسار-
اديون! مونکي وٺيو ته وڃن ٿا.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي لايو جنسار-
اديون! مونکي وٺيو ته وڃن ٿا.
3. ڄڃ جي گهر موٽڻ جا ڳيچ
[40]
وراڻي: سڄڻ سونهارا! تنهنجي ڏسڻ لاءِ، واٽون نهاريان.
اکيون پرينءَ جون ڪاريون ۽ ڪجليون،
سرمون اکين لاءِ، ڏاڍو عجب بنايئي-
تنهنجي ڏسڻ لاءِ، واٽون واجهايان.
سر تان سڄڻ، جو سَوَن ۾ سهڻو،
لونگين جو جوڙو، ڏاڍو عجب بنايئي-
تنهنجي ڏسڻ لاءِ، گوندر گذاريان.
هٿ تان سڄڻ جا مينديءَ سين ڳاڙها،
ڇلڙن جو جوڙو، ڏاڍو عجب بنايئي-
تنهنجي ڏسڻ لاءِ، فالون ٿي پايان.
پير سچڻ جا، ريشم کان ڪُنئرا،
جورابن جو جوڙو، ڏاڍو عجب بنايئي-
تنهنجي ڏسڻ لاءِ نِرتئون نهاريان.
[41]
[14]
وراڻي: ريل جا راڻا! آءُ سمنڊ سينگاري،
سمنڊ سينگاري، وينگس ماڻي.
ريل جي راڻي کي، ڏيندا ڀائر مبارڪون-
ريل جا راڻا! آءُ سمند سينگاري.
ريل جي راڻي کي ڏيندا سوٽ مبارڪون-
ريل جا راڻا! آءُ سمنڊ سينگاري.
ريل جي راڻي کي، ڏيندا جڳ مبارڪون
ريل جا راڻا! آءُ سمند سينگاري.