باب نائون
عام قصن جي مناسبت سان ڳيچ
هن باب ۾ (1) سسئي پنهون، (2) عمر مارئي، (3) سهڻي ميهار، (4)
مومل راڻو، (5) ليلان چنيسر، (6) بوبنا جراڙ، (7)
دودو چنيسر، (8) هير رانجهو ۽ (9) ليلي مجنون جي
عام قصن سان مناسبت رکندڙ ڳيچ اچي وڃن ٿا.
هن باب ۾ آيل ڳيچ، شاديءَ جي اميد کان وٺي شاديءَ جي رسم پوري
ٿيڻ تائين، موقعي جي مناسبت سان زالون مارڪي ۾
ڳائينديون آهن. هنن ڳيچن ۾ عام طرح ڪنوار کي سسئي،
مارئي، سهڻي، ليلان وغيره تصور ڪري، هن کي مڙس سان
وفاداري، وطن سان حب ۽ مائٽن جي سڪ جو سبق ڏنو ويو
آهي، ۽ گهوٽ کي وري پنهون، دودي ۽ ميهار وغيره
ڪنوار سان نباهڻ جي نصيحت ڪيل آهي. جيئن:
ڏونگر ڏاڍو، جبل ڏاڍو، ڏاڍو ٿيو پرڏيهه،
وري آ ٻاروچا، وري آ ڪوهيارا!
مان تن لاءِ ويٺي ڏونگر ڏوريان.
* * *
ٻاروچو آيو، ڪوهيارو آيو، هاڻي ڇپر مُئيءَ جو سک ٿيو،
وَرُ ٻاروچا وَرُ،
جيڏيون منهنجي لکئي کڻي لنؤن لائي.
***
سج اُڀر، اڳي وڃان اباڻن ڏي،
منهنجي: اباڻن ڏي، مٺڙن ماروئڙن ڏي.
***
حيف تنين کي جن اباڻا وساريا،
ڪونجان قسمت آنديون، ڙي منهنجا اَلا،
منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
***
اکين سان ڏسان مارُو اباڻا،
ٻَن تنهنجو سون زري.
***
لاهي لال لوئي وڳو ڪيئن مٽايان،
اجهي شال آيا، او! اجهي شال آيا.
***
دودي جي ڳيچن ۾ وري گهوٽ جي بهادري ۽ وفاداري جي تعريف بيان ٿيل آهي:
سرويچ لشڪر، آءٌ دودا ڄام!
سو ته سونهي لاڏل امر سان، آءٌ دودا ڄام!
دودل دودل ڪن، آءٌ دودا ڄام!
هن باب ۾ انهن سڀني عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
سسئي پنهون جا ڳيچ
[1][1]
وراڻي: جيئري جتن ڪيو هو ڌار، سسئي سور پرايا،
ڪهڙي جتن کي ڏيان ميار، سسئي سور پرايا.
اکيون ته بني جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
جيئري جَتن ڪيو هو ڌار، سسئي سور پريايا...
ڏند ته بني جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
جيئري جَتن ڪيو هو ڌار، سسئي سور پرايا...
هٿ ته بني جا سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بناءِ-
جيئري جَتن ڪيو هو ڌار، سسئي سور پرايا...
[2][2]
وراڻي: پاڙي مان هوت پنهل الا، پاڙي مان پنهون اچي لنگهيو،
ڙي جبلڙا! ڏسَ ڏجو، ڪو پنهل جو ڏسَ ڏجو.
سِر وي لاڏل جي، اَلا! سونا جي سهرا، مين واريان!
زريءَ سو جوڙ بنايو- ڙي جبلڙا! ڏَسُ ڏجو...
اکيون وي لاڏل جون الا! ٻرن مشعلا، مين واريان!
ڪجل سو جوڙ بنايو- ڙي جبلڙا ڏسُ ڏجو...
ڏند وي لاڏل جا الا! ماڻڪ موتي، مين واريان!
سرخيءَ سو جوڙ بنايو- ڙي جبلڙا! ڏَس ڏجو...
[3][3]
وراڻي: ڀينر! منهنجي لکئي لؤن لائي آهه، آهي ٻاروچو ٻِي ذات،
آهي ٻاروچو ٻِي ذات، آهي ڪوهريارو ٻِي ذات.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڀينر! منهنجي لکئي لنؤن لائي آهه...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لايو-
ڀينر! منهنجي لکئي لنؤن لائي آهه...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هيءَ رنگ لايو-
ڀينر! منهنجي لکئي لنؤن لائي آهه...
[4][4]
وراڻي: ٻاروچل ڙي! منهنجو ساهه توکي ٿو ساري،
آءٌ ته منهنجا هوت پيارا، آءُ ته منهنجا.
بينسر جوڙايم جيءَ جتن لاءِ-
ٻاروچل ڙي! منهنجو ساهه توکي ٿو ساري...
دهري جوڙايم جيءَ جَتن لاءِ-
ٻاروچل ڙي! منهنجو ساهه توکي ٿو ساري...
ٻانهين جوڙايم جيءَ جَتن لاءِ-
ٻاروچل ڙي! منهنجو ساهه توکي ٿو ساري...
[5][5]
وراڻي: دل نه ٿي باسي پنهل، پري ناهي پنهل،
الله ملائي پنهل، دل نه ٿي باسي پنهل.
بينسر ته لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
دل نه ٿي باسي پنهل، پري ناهي پنهل...
وينڊو ته لاڏل جو مان لارئون آڻايان-
دل نه ٿي باسي پنهل، پري ناهي پنهل...
[6][6]
وراڻي: ڪالهون ڪر ڪانگ لَنوي، ايندم ٻاروچو اديون!
صاحب سڏڙا صاب وڌا، ملندم ٻاروچو اديون،
ڀلا ڙي ڪوهيارا! آڻيندوءِ الله،
آڻيندءِ الله، صدقو ڪرئين ساهه،
دل اُداسي آهي، من اُداسي آهي.
بينسر جوڙائج نهري، ڪالهون ڪر ڪانگ لنوي..
دهري جوڙائج نهري- ڪالهون ڪر ڪانگ لنوي...
ٻانهين جوڙائج نهري- ڪالهون ڪر ڪانگ لنوي...
[7][7]
وراڻي: ويٺل آهيان شهر ڀنڀور ۾، نالو اٿم نماڻي،
ڀينر! مان ته آهيان، ذات ڌوٻياڻي.
ڌوئنديس ريشمي ڪپڙا، او! شهر ڀنڀور ۾-
جيجل! مان ته آهيان ذات دوٻياڻي...
[8][8]
وراڻي: پنهل ساڻ پري، آما! منهنجي ڪيچئون لڳي،
ڀينر! منهنجي اها جا لڳي پنهل ساڻ پريت...
هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن-
اما! منهنجي ڪيچئون لڳي پنهل ساڻ پريت...
ڳالهه اوهان جي من ۾، نه ڄاڻان ڪيهي-
اما! منهنجي ڪيچئون لڳي پنهل ساڻ پريس...
جِيئن ڀائر جڳ ۾، ڏيندم دلداريون-
ڀينر! منهنجي اها جا لڳي پنهل ساڻ پريت...
اباڻن جي آسري، ڪَتي ڪانه ڪيم-
اما! منهنجي ڪيچئون لڳي پنهل ساڻ پريت...
بيٺڙي آهيان واتن تي، جهليو وڻ ٽاري-
ڀينر! منهنجي اها جا لڳي پنهل ساڻ پريت...
ڦليليءَ جي ڪپ تي، سنهڙا ڪيڙم سڏ-
اما! منهنجي ڪيچئون جا لڳي پنهل ساڻ پريت...
سڏن اوڏا سپرين، پتڻ لڳ پنڌ-
ڀينر! منهنجي اها جا لڳي پنهل ساڻ پريت...
وڻ وڍي واٽون ڪريان، سيوڻ هلنداسون-
اما! منهنجي ڪيچئون لڳي پنهل ساڻ پريت...
اکين آرٽ چاڙهيا، پاڻي ڏين پرين-
ڀينر! منهنجي اها جا لڳي پنهل ساڻ پريت...
هِن پرائي ڌيءَ سان، چڱا کڻجئين پير-
اما! منهنجي ڪيچئون لڳي پنهل ساڻ پريت...
[9][9]
وراڻي: آيل! آڏي ويا، جيجل ڇڏي ويا، ماڳن تي ويچارا اوٺار،
ويچارا اوٺار، من مِليم مهار.
اچو وڃو سپرين، پُڇو نا پِيهي-
هِي جي اڏي ويا، جيجل ڇڏي ويا،
ماڳن تي ويچارا اوٺار...
لهرن لوڏي ڇڏيو، هينئڙو ويچارو-
هِي جي اڏي ويا، جيجل ڇڏي ويا،
ماڳن تي ويچارا اوٺار...
[10]
وراڻي: ڏونگر ڏاڍو الا! جبل ڏاڍو، ڏاڍو ٿيو پرڏيهه،
وري آ ٻاروچا، وري آ ڪوهيارا!
مان تن لاءِ ويٺي ڏونگر ڏوريان.
هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن-
وري آ ڪوهيارا! ويٺي ڏونگر ڏوريان...
هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن-
وري آ ڪوهيارا! ويٺي ڏونگر ڏوريان...
اباڻن جي آسري، ڪتي ڪانه ڪيم-
وري آ ٻاروچا! ويٺي ڏونگر ڏوريان...
[11][11]
وراڻي: اديون! واقف ناهيان انهن گَسن،
او ڀينر! منهنجي ناهي ڏوراپو جَتن.
الله ٻيڙا آڻئين، ولايتئون واري-
ڀينر ڙي! منهنجو ناهي ڏوراپو جَتن...
الله ڏينهن ڏيکارئين، وچڙا محب ملائيين-
ڀينر ڙي! منهنجو ناهي ڏوراپو جَتن...
[12][12]
وراڻي: مِٺُو! ڪر خبرچار، ڪڏهن پنهل ايندو؟
ڪڏهن پنهل ايندو؟ اچي لوڙهه لٽيندو.
نهل پيارو، بيهي پاڻ ايندو-
ڪڏهن پنهل ايندو؟ اچي لوڙهه لَٽيندو...
جَتن لاءِ جيڏيون! جهاڳينديس جبل کي،
ڪيچي قرارو هلِي پاڻ ايندو-
ڪڏهن پنهل ايندو؟ اچي لوڙهه لَٽيندو...
[13][13]
وراڻي: ٻاروچو آيو، ڪوهيارو آيو، ڇپر مُئيءَ جو سک ٿيو،
ور ٻاروچا ور! جيڏيون منهنجي لکئي لنئون لائي.
لالڻ لاڙ ته وڃ، لوئي ته آڻج لاڙ جي-
ور ٻاروچا ور! جيڏيون منهنجي لکئي لنؤن لائي...
جيڪر جان تان نه ڪجن، هاڻي ڪيون سي پارڻ پَيُون-
ور ٻاروچا ور! جيڏيون منهنجي لکئي لنؤن لائي...
پپر ته چوٽ چڙهي، هڪلون ڪيڙم هوت کي-
ور ٻاروچا ور! جيڏيون منهنجي لکئي لنؤن لائي...
ڀنڀريءَ ڀتِِ مٿان، پنهل ته ڳاٽ ورايو-
ور ٻاروچا ور! جيڏيون منهنجي لکئي لنؤن لائي...
ڀت ڀڃي ڪيئون دَرُ، هاڻي حويلي هوتن جي-
ور ٻاروچا ور! جيڏيون منهنجي لکئي لنؤن لائي...
2- عمر مارئي جا ڳيچ:
[14][14]
وراڻي: ادا ڙي عمر! مونکي وجهي آئين پوتي، آءٌ وڃان شل موٽي،
بخمل تي مان بخيو نه ڄاڻان، مان سبي نه ڄاڻا اوٽي،
آءٌ وڃان شل موٽي.
اکيون ادل جون ٻرن مشلا، ڪجل جوڙ بنايو-
بجمل تي مان بخيو نه ڄاڻان، آءُ وڃان شل موٽي...
ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ هي رنگ لايو-
بجمل تي مان بخيو نه ڄاڻان، آءُ وڃان شل موٽي...
هٿ ادل جا سونا ڳانا، مينديءَ سدا رنگ لايو-
بجمل تي مان بخيو نه ڄاڻان، آءُ وڃان شل موٽي...
[15][15]
وراڻي: کلندي ڏي موڪل، وڃان مارُن ڏي،
ملان مارن سان، ملان سانگين سان.
بينسر بولو، خان خوشيءَ سان لاتو-
کلندي ڏي موڪل، وڃان مارُن ڏي...
دهري ڪٺمال، خان خوشيءَ سان لاتي-
کلندي ڏي موڪل، وڃان مارُن ڏي...
ڪنگڻ چوڙيون، خان خوشيءَ سان لاتيون-
کلندي ڏي موڪل، وڃان مارُن ڏي...
[16][16]
وراڻي: کلِي ڏي موڪل سومرا! وڃان پنهنجي اباڻن ڏي،
مٺن ماروئڙن ڏي، پنهنجن سانگيڙن ڏي،
مرڪي لاڳ وٺان، پنهنجي اباڻن کان.
سوني بينسر ته گهڙائي ڏي-
کلِي ڏي موڪل سومرا! وڃان پنهنجي اباڻن ڏي...
سوني جهالر ته گهڙائي ڏي-
کلِي ڏي موڪل سومرا! وڃان پنهنجي اباڻن ڏي...
سوني دهري ته گهڙائي ڏي-
کلِي ڏي موڪل سومرا! وڃان پنهنجي اباڻن ڏي...
[10]
وراڻي: سج! اُڀر اڳي وڃان اباڻن ڏي،
وڃان اباڻن ڏي، مٺڙن ماروئڙن ڏي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو ڙي-
سج! اُڀر اڳي پڃان باڻن ڏي...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو ڙي-
سج! اُڀر اڳي وڃان اباڻن ڏي...
سيج ادل جي ساهرين سُونهندي، لانئن جوڙ بنايو ڙي-
سج! اُڀر اڳي وڃان اباڻن ڏي...
[18][18]
وراڻي: ڏوٿي اباڻا ڪيئن مان ورساريان؟
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ سانگي ٿي سنڀاريان،
جيئري اباڻا ڪيئن مان وساريان.
اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايان-
جيئري اباڻا ڪيئن مان وساريان؟
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايان-
جيئري اباڻا ڪيئن مان وساريان؟
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايان-
جيئري اباڻا ڪيئن مان وساريان؟
[19]
وراڻي: حيف تنين کي جن اباڻا وساريا، ڪونجان قسمت آنديون.
جيءَ ته اندر ۾ جهوري، منهنجي نيڻن ننڊ اُکوڙي-
حيف تنين کي جن اباڻا وساريا...
ڪو ڏينهن قسمت جو هتڙي گهارڻ پپيو-
حيف تنين کي جن اباڻا وساريا...
وِرهه آهه وڪوڙي، ڇانگئون ڇني ڇوري-
حيف تنين کي جن اباڻا وساريا...
[20]
وراڻي: منهنجا ايندم اباڻا، مونکي ڳولهي لهندا،
اديون! مهر جي نظر مون ڏي. اباڻا ڪندا.
ناري واهه جي ڪڙ تي، مان ويٺي پڪاريان،
منهنجي ويڙهي ويهندا، مون کي ڳولي لهندا-
منهنجا ايندم اباڻا، مون کي ڳولي لهندا...
سکر واهه جي ڪَڙ تي، مان ويٺي پڪاريان،
ائين ڪيئن ڇڏيندا، لوڙهه لٽي ڇڏيندا-
منهنجا ايندم اباڻا، مون کي ڳولي لهندا...
سنڌ واهه جي ڪَڙ تي، مان ويٺي پڪاريان،
ڪنهن جو عوض ناهيان، ڌاريان ماري ويندا-
منهنجا ايندم اباڻا، مون کي ڳولي لهندا...
[21]
وراڻي: اکين سان ڏسان مارو اباڻا، ٻن تنهنجو سون زَري،
پپل چڙهي لاهه دهري، اکين ڌسان اباڻا-
ٻن تنهنجو سون زري..
کول دري، لاهه دهري، اکين ڌسان اباڻا-
ٻن تنهنجو سون زري..
ويندس مري، لاهه دهري، اکين ڌسان اباڻا-
ٻن تنهنجو سون زري..
[22][22]
وراڻي: عمر ادا! مون کي آهي اُڪير اباڻن جي،
جيڪو دم ته جيان، پنهنجي اباڻن سان ملان.
بينسر گهڙائي ڏي- عمر ادا! مونکي آهي اڪير اباڻن
جي...
دهري گهڙائي ڏي- عمر ادا! مونکي آهي اڪير اباڻن
جي...
ٻانهين گهڙائي ڏي- عمر ادا! مونکي آهي اڪير اباڻن
جي...
[23][23]
وراڻي: درد سندا دونهان دکائيندي وتان،
ونهيل اباڻا ڳوليندي وتان،
آيون مندون موٽي، آيا نه اباڻا.
پڪيون جام پوکون، لهي ويا لابارا-
آيون مندون موي، آيا نه اباڻا...
ڳاهي ڳاهه ويا، کڄي ويا آهن ديرا-
آيون مندون موٽي، آيا نه اباڻا...
آيا نوان پاڻي، ٿيا ريج ساوا-
آيون مندون موي، آيا نه اباڻا...
هڪ پوک کڄي وئي، ٻيءَ جي تياري-
آيون مندون موٽي، آيا نه اباڻا...
[24][24]
وراڻي: سڪ ته سڄڻ تنهنجي سمهڻ نه ڏي، وڃي مارن ساڻ ملان
وڃي مارن ساڻ ملان، ڀيرو شال نه ڀڃان.
نڪ لاڏيءَ جي نتڙي سونهندي، بولي لائي آهي شمعان-
سڪ ته سڄڻ تنهنجي سمهڻ نه ڏي...
دهري لاڏيءَ جي ڳچڙيءَ سونهندي، دهريءَ لائي آهي
شمعان-
سڪ ته سڄڻ تنهنجي سمهڻ نه ڏي...
هٿ لاڏيءَ جا کهنبا رتڙا، مينديءَ لائي آهي شمعان-
سڪ ته سڄڻ تنهنجي سمهڻ نه ڏي...
[25][25]
وراڻي: قسمت قيد ڪيو، پنڌ پري ناهي،
پنڌ پري ناهي، دل ساڳي آهي.
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا،
ڪجل هي رنگ لايو ڙي اَلا-
قسمت قيد ڪيو، پنڌ پري ناهي...
ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي،
سرخيءَ هي رنگ لايو ڙي اَلا-
قسمت قيد ڪيو، پنڌ پري ناهي...
هٿ سهڻن جي سونا ڳانا،
مينديءَ هي رنگ لايو ڙي اَلا-
قسمت قيد ڪيو، پنڌ پري ناهي...
[26][26]
وراڻي: روح رليو وڃي ساڻ پنهنجي اباڻن،
پنهنجي اباڻن، مٺن ماروئڙن.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
روح رليو وڃي ساڻ پنهنجي اباڻن...
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
روح رليو وڃي ساڻ پنهنجي اباڻن...
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
روح رليو وڃي ساڻ پنهنجي اباڻن...
[27]
وراڻي: منهنجي مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا،
ڏٺي ڏينهن ٿيا، گذري ورهيه ويا.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجي مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ هي رنگ لايو-
منهنجي مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا...
سيج ادل جي ساهرين سُونهندي، لانئن هي رنگ لايو-
منهنجي مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا...
[28][28]
وراڻي: ڍَٽئون وريم جيڏيون! منهنجا اباڻا،
ڏوٿيئڙا، سانگيئڙا، آهن ڏاڏاڻا.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڍٽئون وريم جيڏيون! منهنجا اباڻا...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
ڍٽئون وريم جيڏيون! منهنجا اباڻا...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
ڍٽئون وريم جيڏيون! منهنجا اباڻا...
[29]
وراڻي: مينهون مارن جون مان چارينديس الا!
ڪَٽيون سانگين جون مان چارينديس الا!
چارينديس، گڏ گذارينديس اَلا!
تنهنجون محل ماڙيون، سڀ ساڙينديس الا!
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، او! ڪجل جوڙ بنائينديس
الا!
مينهون مارن جون مان چارينديس الا!...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، او! سرخيءِ جوڙ بنائينديس
الا!
مينهون مارن جون مان چارينديس الا!...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، او! مينديءَ جوڙ بنائينديس
الا!
مينهون مارن جون مان چارينديس الا!...
[30][30]
وراڻي: مارو ڪاهي ويا اٿم مال، جاٿي کنوڻين جا خيال،
جاٿي کنوڻين جا خيال، تاٿي چڙن جي چونگار،
ناهي تڙن تي تنوار.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مارو ڪاهي ويا اٿم مال...
دُهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مارو ڪاهي ويا اٿم مال...
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
مارو ڪاهي ويا اٿم مال...
[31][31]
وراڻي: وس وس بادل! منهنجي اباڻن تي،
منهنجي اباڻن تي، سُکين سانگيڙن تي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
وس وس بادل! منهنجي اباڻن تي...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
وس وس بادل! منهنجي اباڻن تي...
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاسي جوڙ بنايو-
وس وس بادل! منهنجي اباڻن تي...
[32][32]
وراڻي: اڇا مينهن ساوڻ والا، آ لٿا وچ ٿَلهي،
ڙي ڀورا مينهن سانوڻ والا، آ لٿا وچ ٿَلهي.
مينهن سانوڻ دِي رم جهم لائي آ،
او، ويڙهه بنرا ٿيڏا وسي-
اڇا مينهن سانوڻ والا، آ لٿا وچ ٿَلهي...
مينهن سانوڻ دِي پَٽ پُسائي هان،
او، ديس بنرا تيڏا وسي-
اڇا مينهن سانوڻ والا، آ لٿا وِچ ٿَلهِي...
[33][33]
وراڻي: منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
بر مٿي باهڙِي، منهنجا اَلا! ماروئڙن ٻارِي آ-
منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
جِني نِي ٺيلهي آهيان، انهن وچ ۾ ويهار اَلا!-
منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
اَن نِي ڏجئينم منهنجا اَلا! پري پل ڙي اَلا!-
منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
ماٽيءَ نِي ڏج کير، ڀري پيان وٽيون اَلا!-
منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
پوٽا ڏجئين نِي جهنڊولا، ڙي منهنجا اَلا!-
منهنجو ملڪ ملير چون، شال مينهن پيا وسن.
[34][34]
وراڻي: خدا مينهن وسائيندو ماڙَ تي، اَلا!
مارَ تي اَلا، منهنجي باڻن ڏي اَلا.
اَن ارزان ڪري ڏي، منهنجي ملڪ تي اَلا!
خوش وهسن اباڻا، جن جو خيال آهي اَلا-
خدا مينهن وسائيندو ماڙ تي، اَلا...
پَلُر پَٽَ پُسائي ڏي، منهنجي ديس تي اَلا!
خوش وهسن اباڻا، جن جو خيال آهي اَلا-
خدا مينهن وسائيندو ماڙَ تي، اَلا...
مارو مال چارين وٺيو ٿر تي اَلا!
خوش وهسن اباڻا، جن جو خيال آهي اَلا-
خدا مينهن وسائيندو ماڙَ تي، اَلا...
[35][35]
وراڻي: الا! وسندم بوند، منهنجي اباڻن ڏي،
منهنجي اباڻن ڏي، ڏوٿي ڏاڏاڻن ڏي،
ڪڪر! ڇانوَ ڪجانءِ منهنجي اباڻن ڏي.
مِٺي گهُل تون هِير! منهنجي ڏاڏاڻن ڏي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
الا! وسندم بوند، منهنجي اباڻن ڏي...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
الا! وسندم بوند، منهنجي اباڻن ڏي...
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بناءِ-
الا! وسندم بوند، منهنجي اباڻن ڏي...
[36][36]
وراڻي: جنهن کي لڳي ڏکڻ جو واءُ، سو ته وري اُتر جي هِير،
مارؤ منهنجا ڙي اَلو!
سِر لاڏل دِي سوني سيهري، موتين جوڙ بنايو-
مارؤ منهنجا ڙي اَلو!
اکيان لاڏل دِيان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايو-
مارؤ منهنجا ڙي اَلو!
هٿ لاڏل دِي مينديءَ رتڙي، ڇلڙن جوڙ بنايو-
مارؤ منهنجا ڙي اَلو!
[37][37]
وراڻي: لوئي اباڻن جي، لاهي ڪين لڄايان،
لاهي ڪين لڄايان، اباڻن جي آهيان-
بينسر ابل جي لاڙئون آڻايان-
لوئي اباڻن جي، لاهي ڪين لڄايان...
دهري ادل جي لاڙئون آڻايان-
لوئي اباڻن جي، لاهي ڪين لڄايان...
جهالر ابل جي لاڙئون آڻايان-
لوئي اباڻن جي، لاهي ڪين لڄايان...
[38][38]
وراڻي: لاهي لال لوئي، وڳو ڪيئن مٽايان؟
اجهي شال آيا، او! اجهي شآل آيا،
اڱڻ ٿي ٻهاريان، ويڙها ٿي سنواريان-
بينسر گهڙائي نهري اِجهي شال آيا-
او! اجهي شآل آيا، وڳو ڪيئن مٽايان...
دهري گهڙائي نهري، اِجهي شال آيا-
او! اجهي شال آيا، وڳو ڪيئن مٽايان...
جهالر گهڙائي نهري، اِجهي شال آيا-
او! اجهي شال آيا، وڳو ڪيئن مٽايان...
[39][39]
وراڻي: ڪين لقب مان مارن کي لايان،
ڪيئن وساريان الا! سانگي آباڻا؟
سوني بينسر ته گهڙائي ڏي راڻا، الا! ونهيَل اباڻا-
ڪيئن وساريان الا! سانگي اباڻا.
سوني هسي ته گهڙائي ڏي راڻا، الا! مارو اباڻا-
ڪيئن وساريان الا! سانگي اباڻا.
سوني دُهري ته گهڙائي ڏي راڻا، الا! ونهيل اباڻا-
ڪيئن وساريان الا! سانگي اباڻا.
[40][40]
وراڻي: موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڇو منهنجو جيءَ جلايو اٿئي،
سانگين کان ته سڪايو اٿئي، ماروئڙن کان ته سڪايو
اٿئي.
سِر ادل جي سدا رنگ چيرا، موڙن رنگ لايو اٿئي-
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڇو منهنجو جيءُ جلايو
اٿئي...
اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو اٿئي-
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڇو منهنجو جيءُ جلايو
اٿئي...
ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو اٿئي-
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڇو منهنجو جيءُ جلايو
اٿئي...
[41][41]
وراڻي: مارئي ملي وڃي مائٽن، عمر! تو ڇو رنجايو آهه؟
ادا! تو ڇو رنجايو آهه؟
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ادا! تــــــو ڇــــــو رنجــايــــــو آهــــــــه؟
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
ادا! تــــــو ڇــــــو رنجــايــــــو آهــــــــه؟
ٻانهي لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
ادا! تــــــو ڇــــــو رنجــايــــــو آهــــــــه؟
[42][42]
وراڻي: رات عمر! مان خواب لڌو هو، مان مارن ساڻ ملان،
مان مارن ساڻ ملان، شال سانگين ساڻ ملان.
اکيون سهڻل جون ٻارن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
رات عمر! مان خواب لڌو هو، مان مارن ساڻ ملان،
ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
رات عمر! مان خواب لڌو هو، مان مارن ساڻ ملان،
هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
رات عمر! مان خواب لڌو هو، مان مارن ساڻ ملان،
[43]
وراڻي: لولي ڏني ڙي ماءُ ادا عمر ڀاءُ!
لکيو ڪنهن نه جهليو، قسمت آندو.
بينسر گهڙائي ڏي راڻل! ڪنوار کي-
ادا عمر ڀاءُ! لکيو ڪنهن نه جهليو...
دهري گهڙائي ڏي راڻل! ڪنوار کي-
ادا عمر ڀاءُ! لکيو ڪنهن نه جهليو...
جهُومر گهڙائي ڏي ادل! ڪنوار کي-
ادا عمر ڀاءُ! لکيو ڪنهن نه جهليو...
[44][44]
وراڻي: عمر! ڏي نه ڏولائو، مارئي وطن کان آهي پري.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
عمر! ڏي نه ڏولائو، مارئي وطن کان آهي پري.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
عمر! ڏي نه ڏولائو، مارئي وطن کان آهي پري.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
عمر! ڏي نه ڏولائو، مارئي وطن کان آهي پري.
[45]
وراڻي: پَکرڙا مارُن پنهنجا ڙي ڀينر! ٿر ۾ آڏايا،
پکڙا ٿيڙا پراڻا ڙي ڀينر! سانوڻ مينهن پُسايا.
بينسر گهڙائج نهري- پکڙا مارن پنهنجا اَلا! ٿر ۾
اَڏايا...
دهري گهڙائج نهري- پکڙا مارن پنهنجا اَلا! ٿر ۾
اَڏايا...
ٻانهين گهڙائج نهري- پکڙا مارن پنهنجا اَلا! ٿر ۾
اَڏايا...
[46][46]
وراڻي: ماروئڙن جي ڪاڻ جيڏيون! سڪان سانگيڙن جي ڪاڻ.
مان ته بينسر به گهڙائي ڪنوار جي، منهنجو لاڏو لاڏ
ڪري-
ماروئڙن جي ڪاڻ جيڏيون! سڪان سانگيڙن جي ڪاڻ.
مان ته دهري به گهڙائي ڪنوار جي، منهنجو لاڏو لاڙ
ڪري-
ماروئڙن جي ڪاڻ جيڏيون! سڪان سانگيڙن جي ڪاڻ.
مان ته ٻانهين به گهڙائي ڪنوار جي، منهنجو لاڏو
لاڏ ڪري-
ماروئڙن جي ڪاڻ جيڏيون! سڪان سانگيڙن جي ڪاڻ.
[47][47]
وراڻي: مارو مون کان ڪري ويا جدائي،
الا! سانگي مون کان ڪري ويا جدائي؛
مارو رهن ٿا مُلڪ سدائين،
سانگي رهن ٿا ملڪ سدائين.
سوني بينسر جوڙائي ڪلهه ڪانه آندائي، الا! ڪانه آندائي-
مارو مون کان ڪري ويا جدائي،
الا! سانگي مون کان ڪري ويا جدائي...
سوني دهري جوڙائي ڪلهه ڪانه آندائي، الا! ڪانه آندائي-
مارو مون کان ڪري ويا جدائي،
الا سانگي مون کان ڪري ويا جدائي...
سونا پازيب جوڙائي ڪلهه ڪانه آندائي، الا! ڪانه آندائي-
مارو مون کان ڪري ويا جدائي،
الا! سانگي مون کان ڪري ويا جدائي...
[48][48]
وراڻي: ناهي ننڊ نيڻن کي اڃا اڃا،
مون کي مارڻ جي سڪ، اڃا اڃا.
خاصي بينسر ته گهڙائي ڏي، بَنا بَنا!
ناهي ننڊ نيڻن کي، اڃا اڃا...
خاصي جهالر ته جوڙائي ڏي، بَنا بَنا!
ناهي ننڊ نيڻن کي، اڃا اڃا...
خاصي دهري ته گهڙائي ڏي، بَنا بَنا!
ناهي ننڊ نيڻن کي، اڃا اڃا...
[49][49]
وراڻي: ويڙها وسن سدا منهنجن مارن جا،
منهنجن مارن جا، سکين سانگين جا،
منهنجا اباڻا، سوڍا سياڻا،
بينسر ادل جي لاڙان آڻايان-
ويڙها وسن سدا منهنجن مارن جا...
دهري ادل جي لاڙان آڻايان-
ويڙها وسن سدا منهنجن مارن جا...
ٻانهين ادل جي لاڙان آڻايان-
ويڙها وسن سدا منهنجن مارن جا...
[50][50]
وراڻي: جيئِي ڀوري وڻ ٿي سڃاڻان، ملندا اباڻا،
ملندا اباڻا، عُمر! موڪل ڏي.
وينڊو گهڙايم سهڻو، خير ٿيو خير-
جيئِي ڀوري وڻ ٿي سڃاڻان، ملندا اباڻا...
دهري گهڙايم سهڻو، خير ٿيو خير-
جيئِي ڀوري وڻ ٿي سڃاڻان، ملندا اباڻا...
ٻانهين گهڙايم سهڻو، خير ٿيو خير-
جيئِي ڀوري وڻ ٿي سڃاڻان، ملندا اباڻا...
[51][51]
وراڻي: ٿڌي هير لڳي، ڪوسو واءِ نه وري، بازيگر نه ڀڄي،
منهنجي مارن جو ونهيون راڄ وسي.
بينسر جوڙائيندو، سڀ رنگ لائيندو،
بولو هلائيندو ساهرن ڏي-
منهنجي مارن جو ونهيون راڄ وسي...
دهري جوڙائيندو، سڀ رنگ لائيندو،
ڪٺمال هلائيندو ساهرن ڏي-
منهنجي مارن جو ونهيون راڄ وسي...
جهالر جوڙائيندو، سڀ رنگ لائيندو،
جانجهر هلائيندو ساهرن ڏي-
منهنجي مارن جو ونهيون راڄ وسي...
[52][52]
وراڻي: منهنجا ماروئڙا ملير، تن کي آڻيندو الله،
ايندا منزل ماري، ايندا ڏونگر ڏوري.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
منهنجا ماروئڙا ملير، تن کي آڻيندو الله...
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
منهنجا ماروئڙا ملير، تن کي آڻيندو الله...
ٻانهين لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
منهنجا ماروئڙا ملير، تن کي آڻيندو الله...
[53][53]
وراڻي: مارُوڙِي ميان! جوڳياڻي ٿيان،
سو تان اُتي ته واري، مان ته ٻولي ٻُڌان.
چڱي بينسر جوڙائي- مارُو ڙي ميان!
سو تان اُتي ته واري، مان ته ٻولي ٻڌان...
چڱي جهالر جوڙائي- مارُو ڙي ميان!
سو تان اُتي ته واري، مان ته ٻولي ٻڌان...
چڱي دهري جوڙائي- مارُو ڙي ميان!
سو تان اُتي ته واري، مان ته ٻولي ٻڌان...
[54][54]
وراڻي: تون جو عمر سومرو، آءٌ ڌارين ڌيءَ،
عمر! هلو هلون ڏاڏاڻي ڏيهه کي،
ڏيهه ڏاڏاڻو ڏور، ادل! ٻائي واجهائي ڏيهه کي.
عمر مٿي مولهيو، سومري مٿي سال-
عمر! هلو هلون ڏاڏاڻي ڏيهه کي،
اڇي ٻانهين ٻانهن ۾، آڏي بازوبندن جهَل
عمر! ٻائي واجهائي ڏيهه کي...
وڏو تان وينڊو نڪ ۾، آڏي موتين جهَل-
ادل! ٻائي واجهائي ڏيهه کي...
ستن سرن جو گهاگهرو، اوڍڻيءَ اڇا ڦل-
عمر! ٻائي واجهائي ڏيهه کي...
[55][55]
وراڻي: ادا ڙي عمر! کلي ڏي موڪل، ڏسان ماڳ ملير جا.
وڻ وڻ ٿيئڙي وسَ، ڏسان ماڳ ملير جا-
ادا ڙي عمر! کلي ڏي موڪل، ڏسان ماڳ ملير جا...
گاهن ڀريا گس، ڏسان ماڳ ملير جا-
ادا ڙي عمر! کلي ڏي موڪل، ڏسان ماڳ ملير جا...
پيرون چونڊيان لَسَ، ڏسان ماڳ ملير جا-
ادا ڙي عمر! کلي ڏي موڪل، ڏسان ماڳ ملير جا...
[56][56]
وراڻي: مهري موڙي آءُ، مهري ٻڌ تون انب سان،
جهل عمر! مهري، مان شهر سڃاڻان،
جهل ادل مهري، مان مائٽ سڃاڻان.
ڌيئان پنهنجي لکئي کي، چون مير عمر!
ڄايون پنهنجي قسمت کي، چون خان عمر!
مهري موڙي آءُ، مهري ٻڌ تون انب سان...
[57][57]
وراڻي: قلم قدرت وس، قلم ڏوهه ڪهڙو؟
قلم ڏوهه ڪهڙو؟ لکي سو ته تهڙو،
جيڪو رب جو حڪم، لکي قلم ته تهڙو.
ملان مارن سان، ڏينهن سدورو ٿيندو،
انهيءَ ڏينهن ورهايان، آءٌ مٺاڻ ڪهڙو؟-
قلم قدرت وس، قلم ڏوهه ڪهڙو؟...
منهنجون مارن سان، جيءَ جون جڙيون هِن،
وڇڙيل وطن جي، هت وٿاڻ ڪهڙو؟-
قلم قدرت وس، قلم ڏوهه ڪهڙو؟...
[58]
وراڻي: مِٺُو! ڏي خبر چار، مارو ڪڏهن ايندا؟
مارو ڪڏهن ايندا؟ وٺي وطن ويندا.
سدا ساهه منهنجو، سانگين کي ٿو ساري،
وڇڙيل وطن جي، وٺي نال نيندا-
مِٺو! ڏي خبر چار، مارو ڪڏهن ايندا...
سوين ٿي سکائون، باسيان ٿي باسون،
نياڻي نماڻي، وٺي نيٺ نيندا-
مِٺو! ڏي خبر چار، مارو ڪڏهن ايندا...
مٺو وڃ تون تن ڏي، وٺي اچ اڏاري،
الله ڪندو من سي، اباڻا ڀي ايندا-
مٺو! ڏي خبر چار، مارو ڪڏهن ايندا...
[59][59]
وراڻي: خدا خير ڪري، منهنجي مارن ڏي،
موليٰ مهر ڪري، منهنجي اباڻن ڏي،
آهي اڪير اها ڏسان مارو پنهنجا.
آهن مارو منهنجا، سدا رنگ ساوا،
سدا رنگ ساوا، هوندا سدائين ڍاوا-
آهي اُڪير اها، ڏسان مارو پنهنجا...
مڙيئي مرادون، ڪندو پوريون موليٰ،
سڀئي سوالڻ جا، ڪندو سوال صاب موليٰ-
آهي اڪير ڏاڍي، ڏسان مارو پنهنجا...
[60][60]
وراڻي: عمر ادا! مارئي ملي ماءُ، الله واريس واڳ،
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ.
عمر آندي مارئي، اُٺ پٺيءَ چاڙهي-
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ...
اڇو ڪوٽ عمر جو، ڏسيو پئي ته ڏري-
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ...
هڪڙي سڪ سانگين جي، ٻيو وطن شال وري-
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ...
سکيا سانگ ڏين جا، پرڏيهه وڃن ڏيهه ڇڏي-
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ...
ڀائرن ڀيرو ڪونه ڪيو، نه ابا سار لهن-
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ...
جِيئَن ڀائر جڳ ۾، ڏيندم دلداريون-
تون ته موڪل ڏي عمر ادا! مارئي ملي ماءُ...
[61][61]
وراڻي: او، لڳي آ مارن سان محبت منهنجي.
کڙي آهيان کوهه تي، ولر مان هڪ ڄڻي-
لڳي آ مارن سان محبت منهنجي...
جن جي مان ڄائي، وينديس اوڏانهين-
لڳي آ مارن سان محبت منهنجي...
منهنجي پيڪن سان محبت، لڳي آهي صحبت-
لڳي آ مارن سان محبت منهنجي...
3- سهڻي ميهار جا ڳيچ:
[62][62]
وراڻي: منهنجو ميهر هن پار، مان ملان ڪهڙي وار،
سهڻي! اتهون اچجاءِ، جاتئون سولو ڀانئين...
اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
سهڻي! اتهون اچجاءِ، جاتئون سولو ڀانئين...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لاءِ-
سهڻي! اتهون اچجاءِ، جاتئون سولو ڀانئين...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي سدا رنگ لاءِ-
سهڻي! اتهون اچجاءِ، جاتئون سولو ڀانئين...
[63][63]
وراڻي: سهڻي! سمجهه، وڦڃجانءِ پوءِ ميهار،
ملندءِ دل تنهنجيءَ جو انجام.
سر ادل جي سون جا سهرا، موڙن تي رنگ جام-
سهڻي! سمجهه، وڃجانٰ پوءِ ميهار...
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل تي رنگ جام-
سهڻي! سمجهه، وڃجانٰ پوءِ ميهار...
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ تي رنگ جام-
سهڻي! سمجهه، وڃجانٰ پوءِ ميهار...
[64][64]
وراڻي: مينهون پنهنجون پاڻ چارينديس، اديون!
مان ته ڪين جالينديس، هن سڃ ۾،
تون ته لالڻ! ليئڙو پائي وڃ هن گهر ۾.
سر لاڏل جا سونا سهرا، موڙ لايو هر هر ۾-
تون ته لالڻ! ليئڙو پائي وڃ هن گهر ۾...
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي لايو هر هر ۾-
تون ته لالڻ! ليئڙون پائي وڃ گهر ۾...
هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي لايو هر هر ۾-
تون ته لالڻ! ليئڙون پائي وڃ گهر ۾...
[65][65]
وراڻي: سهڻي! گهڙي آ وچ سير ۾، توڪل جو ٻڌي تُرهو.
منهن پڙهيل جي موڙ جي سهڻا، تنهين جوڙ بنايو-
سهڻي! گهڙي آ وچ سير ۾، توڪل جو ٻڌي تُرهو...
هٿ پڙهيل جا ميني رتڙا، تنهين رنگ جهُلايو-
سهڻي! گهڙي آ وچ سير ۾، توڪل جو ٻڌي تُرهو...
[66][66]
وراڻي: ميهڙ پکيءَ جو ٻڌم رات ٻوليون،
جهنگ ۾ جهونگارون، تڙ تي تنوارون.
سوني بينسر ته گهڙائي اباڻا مون کي ڏيندا-
ميهر پکيءَ جون ٻڌم رات ٻوليون...
سوني هسي ته گهڙائي اباڻا مون کي ڏيندا-
ميهر پکيءَ جون ٻڌم رات ٻوليون...
سوني ٻانهين ته گهڙائي اباڻا مون کي ڏيندا-
ميهر پکيءَ جون ٻڌم رات ٻوليون...
[67][67]
وراڻي: ڇا ڪندم درياءُ، مونکي وڃڻ ضروري آ،
پار پرين ڏي مونکي وڃڻ ضروري آ.
خاصي دهري ته گهڙائي ڏي، مونکي پائڻ ضروري آ،
ڇا ڪندم درياءُ؟ مونکي وڃڻ ضروري آ...
خاصي ٻانهين ته گهڙائي ڏي، مونکي پائڻ ضروري آ،
ڇا ڪندم درياءُ؟ مونکي وڃڻ ضروري آ...
خاصو جهومر ته گهڙائي ڏي، مونکي پائڻ ضروري آ،
ڇا ڪندم درياءُ؟ مونکي وڃڻ ضروري آ...
[68][68]
وراڻي: سهڻي! اُتان مٽجانءِ جتان ٿورو پاڻي،
تنهنجو ميهر هن پار، تون ملجئين هڪوار.
بينسر لاڏل جي مون لاڙئون آڻائي-
سهڻي! اتان مٽجانءِ، جتان ٿورو پاڻي...
دهري لاڏل جي مون لاڙئون آڻائي-
سهڻي! اتان مٽجانءِ، جتان ٿورو پاڻي...
وينڊو لاڏل جو مون لاڙئون آڻايو-
سهڻي! اتان مٽجانءِ جتان ٿورو پاڻي...
[69][69]
وراڻي: درياءُ جي پار، چڙو ٿو چونگاري،
الا! ميهر پنهنجون مينهون ٿو چاري.
ڀينر! مان ته مري وينديس هن گهر ۾،
ميهر! ڦيرو ڪري وڃ تون لَهَر ۾-
درياءُ جي پار چڙو ٿو چونگاري...
ناهي سهڻيءَ ننڍڙي، ريءَ ميهر،
اديون مان ڪيئن وساريان هن سِير ۾-
درياءُ جي پار چڙو ٿو چونگاري...
شاهه جيلاني سدا وسي سنڌ ۾،
لالڻ ليئو پائي وڃ لَڪن ۾،
اديون! مان ڪيئن وساريان هن ڀيڙ ۾-
درياءُ جي پار چڙو ٿو چونگاري...
[70][70]
وراڻي: سهڻي! هينئر نه پاڻيءَ وڃ،
توکي آهي درياءُ جو دم، توکي آهي ميهر جي سڪ،
ڙي سهڻي! هينئر نه پاڻيءَ وڃ،
نالي الله جي هينئر نه پاڻيءَ وڃ.
مهر تولاءِ دهري به جوڙائي، سونا بازوبند-
ڙي سهڻي! هينئر نه پاڻيءَ وڃ...
مهر تولاءِ مالها به جوڙائي، سونا بازوبند-
ڙي سهڻي! هينئر نه پاڻيءَ وڃ...
مهر تولاءِ ٻانهين به جوڙائي، سونا بازوبند-
ڙي سهڻي! هينئر نه پاڻيءَ وڃ...
4- مومل راڻي جا ڳيچ:
[71][71]
وراڻي: ٻاهر باغ بنايئين، هلي آءُ راڻا!
اندر سيج وڇايئين، هلي آءُ سوڍا!
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مومل جو.
بينسر بني جي مان لاڙئون آڻايان-
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مومل جو.
دهري لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان-
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مومل جو.
جهومر ادل جا مان لاڙئون آڻايان-
گهمي وڃ ڙي راڻا! ملڪ مومل جو.
[72][72]
وراڻي: منهنجا راڻا! دل جا راڻا! موٽي مون وٽ آءُ،
موٽي مون وٽ آءُ، توکي ساري منهنجو ساهه.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
منهنجا راڻا! دل جا راڻا! موٽي مون وٽ آءُ...
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
منهنجا راڻا! دل جا راڻا! موٽي مون وٽ آءُ...
جهومر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
منهنجا راڻا! دل جا راڻا! موٽي مون وٽ آءُ...
[73][73]
وراڻي: پاڙي جو ننگ پويئي راڻا! لوءِ جي لڄ پويئي راڻا!
او راڻا! رسڻ گهوريو، تون ڀلي آءُ حاڪم راڻا!
راڻي سان ڪنديس ڪهڙا ماڻا.
چڱي بينسر جوڙائي آءُ راڻا!
او راڻا! رسڻ گهوريو، تون ڀلي آءُ حاڪم راڻا...
چڱي جهالر جوڙائي آءُ رانا!-
او راڻا! رسڻ گهوريو، تون ڀلي آءُ حاڪم راڻا...
چڱي دهري جوڙائي آءُ راڻا!-
او راڻا! رسڻ گهوريو، تون ڀلي آءُ حاڪم راڻا...
[74][74]
وراڻي: مومل جا مور! موٽي آءُ ماڙئين،
ماڳن تي آڻيندئي الله، مومل جا مور!
بينسر جوڙائج نهري- مومل جا مور!
موٽي آءُ ماڙئين...
دهري جوڙائج نهري- مومل جا مور!
موٽي آءُ ماڙئين...
جهومر جوڙائج نهري- مومل جا مور!
موٽي آءُ ماڙئين...
[75][75]
وراڻي: ماري آهيان راڻل تنهنجي ماڻن،
وساريان نٿا وسرن، الا! اکيون آرام ڪيئن ڪن؟
بنسر واري مٺي مومل ماري آهيان-
ماري آهيان راڻل تنهنجي ماڻن...
ٻانهيءَ واري مٺي مومل ماري آهيان-
ماري آهيان راڻل تنهنجي ماڻن...
وينڊي واري مٺي مومل ماري آهيان-
ماري آهيان راڻل تنهنجي ماڻن...
[76][76]
وراڻي: هل ڙي راڻا! مومل ساڻ ماڙيءَ ۾ هلنداسين،
ماڙيءَ ۾ هلنداسين، ڳاڙهي کٽ وڇائينداسين.
سهڻو هنڌ ته ڇائي تنهنجا سهرا ڳائينداسين-
هل ري راڻا! مومل ساڻ ماڙيءَ ۾ هلنداسين.
سُهڻي گهوڙي ته گهڙائي توکي سرگس گهمائينداسين-
هل ري راڻا! مومل ساڻ ماڙيءَ ۾ هلنداسين.
سُهڻا ڄاڃي ته گهڙائي، توکي شادي ته ڪرائيداسين-
هل ڙي راڻا! مومل سان ماڙيءَ ۾ هلنداسين.
[77][77]
وراڻي: ماڙيءَ ۾ مومل هيڏي ٿي نهاري،
پنهنجو وَرُ. ٿي ساري.
اٿس اميد الله ۾، ڳچ ويٺي ڳاري-
پنهنجو وَرُ ٿي ساري.
لاهيندو دل جا دکڙا، ايندا سک ساري-
پنهنجو وَرُ ٿي ساري.
[78][78]
وراڻي: راڻل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن؟
سوڍل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن؟
منهنجي لکئي اڙايو آ سڱ، ڙي ماءُ!
قلم قضا جي ڪيو هي ڪم، ڙي ماءُ!-
راڻل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن؟
جارو جارو نه چئو، جاري ۾ ڪا مِسَ،
لکڻ واري لکيو، ڪونهي منهنجو وَسُ-
راڻل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن.
ڇِڪو ڇِڪو نه چئو، ڇِڪي ۾ ڪو ڌونئرو،
اسان پرين پاڻ ۾ ڪو ڳاهاي ٿر-
راڻل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن.
اسان پرين ڏي مڪي پيهن جي پاٽِي،
پرين اسان ڏي ڇا منجي، سنيءَ م ڪاتي-
راڻل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن.
پرين مان ڏي موڪلي کُهنبي ۾ ٻانهين،
ٻانهين پاتم ٻانهن ۾، کهنبو نشاني-
راڻل بنا منهنجا نيڻ، ڪيئن ٿا ننڊون ڪن.
[79][79]
وراڻي: راڻل باغ بنائي ڏي، ڙي راڻا! گلن جي گلزاري،
گُلن جي گلزاري، انبن جي هُٻڪاري.
تُوتن مٿان طوطڙيون تنوارين،
کُهنبڙو کوهه کڻائي ڏي ڙي راڻا! گلن جي گلزاري-
گُلن جي گلزاري، انبن جي هٻڪاري...
رابيل رُليا هُئن گُل گلابي،
بلبل باغ بنائي ڏي ڙي راڻا! گلن جي گلزاري-
گلن جي گلزاري، انبن جي هٻڪاري...
5- ليلان جو ڳيچ:
[80][80]
وراڻي: الا! لئون ليلان سان لائي ويو، پنهنجو پاڻ ڇپائي ويو،
پنهنجو پاڻ لڪائي ويو، پنهنجو شان وڌائي ويو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائي ويو-
پنهنجو پاڻ لڪائي ويو، پنهنجو شان وڌائي ويو.
ڏند ادل ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنائي ويو-
پنهنجو پاڻ لڪائي ويو، پنهنجو شان وڌائي ويو.
هٿ ادل جا سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنائي ويو-
پنهنجو پاڻ لڪائي ويو، پنهنجو شان وڌائي ويو.
6- بوبنا جراڙ جا ڳيچ:
[81][81]
وراڻي: ڪٿ ڙي هئين بُوبَنا! تون رات،
توکي نِکِڙيو ڄام جراڙ.
سون جو ٻيڙو، گجر تنهنجو هار- توي نِکِڙيو ڄام
جراڙ،
ڪٿ ڙي هئين بُوبَنا! تون رات.
سون جو وينڊو، گجر تنهنجو ڦل- توي نِکِڙيو ڄام
جراڙ،
ڪٿ ڙي هئين بُوبَنا! تون رات.
سون جي بينسر، گجر تنهنجو گل- توکي نِکِڙيو ڄام
جراڙ،
ڪٿ ڙي هئين بُوبَنا! تون رات.
[82][82]
وراڻي: لو جراڙ، جيڏيون! منهنجو جراڙ جاءِ جا گل.
اسان جي بينسر واري لعل ڪنوار،
جنهن جون اکڙيون مينگهه ملهار،
جنهن جا رتڙا سي شالور ڙي پاند-
لوجراڙ، جيڏيون! منهنجو جراڙ جاءِ جا گل.
اسان جي دهريءَ واري لعل ڪنوار،
جنهن جون اکڙيون مينگهه ملهار،
جنهن جا رتڙا سي شالور ڙي پاند-
لو جراڙ، جيڏيون! منهنجو جراڙ جاءِ جا گل.
7- دودي جا ڳيچ:
[83]
وراڻي: دودل دودل ڪن، آءُ دودا ڄام!
اسان جو دودل، وڏڙيءَ ڄمار سان آيو.
سوني مُٺ ڪاتيءَ، آءٌ دوداڄام!
سا ته سُونهِي لاڏل بيٺ سان- آءُ دودا ڄام!
دودل دودل ڪن، آءُ دودا ڄام!
جوهردار ترار، آءُ دودا ڄام!
سا ته سُونهِي لاڏل ٿ – آءُ دودا ڄام!
دودل دودل ڪن، آءُ دودا ڄام!
سرويچ لشڪر آءُ دودا ڄام!
سو ته سُونهِي لاڏل اَمُر سان- آءُ دودا ڄام!
دودل دودل ڪن، آءُ دودا ڄام!
[84][84]
وراڻي: سردار سومرن جو، ڙي اڳ ۾ ٿي آيو،
اڳ ۾ ٿي آيو، گلم وڇايو، عطر ڇٽايو.
ماڙي دودل گهوٽ! تنهنجي ساري اٿم سون جي،
مان سهجئون سينگاريان-
سردار سومرن جو، ڙي اڳ ۾ ٿي آيو...
تخت دودل گهوٽ! تنهنجو سارو اٿم هيرن جو،
مان سهجئون سينگاريان-
سردار سومرن جو، ڙي اڳ ۾ ٿي آيو...
گهوڙو دودل گهوٽ! تنهنجو آهي گهڻو اڙٻنگ،
مان سهجئون سينگاريان-
سردار سومرن جو، ڙي اڳ ۾ ٿي آيو...
8- هير رانجهي جا ڳيچ:
[85][85]
وراڻي: اٽڪي، وو جهٽڪي، ميڏي دل رانجهن دي نال اٽڪي.
اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايو-
اٽڪي، وو جهٽڪي، ميڏي دل رانجهن دي نال اٽڪي.
هٿ ادل دا مينديءَ رتڙا، منڊيءَ جوڙ بنايو-
اٽڪي، وو جهٽڪي، ميڏي دل رانجهن دي نال اٽڪي.
[86][86]
وراڻي: پار ته درياءَ دي تِتر تنواري، ڀنڻ سِڪدي کڙي هان،
راجهن مين ڏي آوِي.
اندر گل چنبيلي ڦل، خوشبوءِ پئي آوي-
راجهن مين ڏي آوِي.
ساري سنڌ دا سردار، گل ڪيون ڪُوماوِي-
راجهن مين ڏي آوِي.
ساري هند دا سردار، گل ڪيون ڪُوماوِي-
راجهن مين ڏي آوِي.
9- ليليٰ منجنون جا ڳيچ:
[87][87]
وراڻي: اسان جو نيڪ نمازي آهي مجنو، ٻائي! مجني سان ميڙ هلو،
اسان جو خود خٿابي آهي مجنون، ٻائي! مجني سان راڄ
هلو.
نياڻيون گهُرائي اسان جو نيڪ نمازي-
مجني سان ميڙ هلو...
ڀائر گهرائي اسان جو نيڪ نمازي-
مجني سان ميڙ هلو...
راڄ گهرائي اسان جو نيڪ نمازي-
مجني سان ميڙ هلو...
ٻانڌڻ گهُرائي اسان جو نيڪ نمازي-
مجني سان ميڙ هلو...
[88][88]
وراڻي: دنيا ايندي ويندي، محبت مور نه ويندي،
منهنجا مير مجنا! هلي گهم دنيا تي،
هلي گهُم دنيا تي، او شاهه مجنا!
سدا گهم دنيا تي، شل جيون بنرا! سدا گهم دنيا تي.
اکيون ادل جون ٻر مشعلا، او! ڪجل جوڙ بنايو-
منهنجا مير مجنا! هلي گهم دنيا تي...
ڏند ننڍڙل جا ماڻڪ موتي، او! سرخيءَ جوڙ بنايو-
منهنجا مير مجنا! هلي گهم دنيا تي...
هٿ ننڍڙل جا سونا ڳانا، او! مينديءَ جوڙ بنايو-
منهنجا مير مجنا! هلي گهم دنيا تي...
[89][89]
وراڻي: پير جا مريد! توکي الله آهي آندو،
هيءَ ته ”لام لام“، هيءُ ته ”ميم ميم“ مجنون،
تولي الله آهي آندو.
گهوٽل! نيلڙي چڙهيو آءُ ڙي!
توکي الله آهي آندو.
بنا! مهريءَ چڙهيو آءُ ڙي!
ڀَيَڙل ونڙي وٺيو آءُ ڙي!
توکي الله آهي آندو.
لاڏل! سمنڊ چڙهيو آءُ ڙي!
ڀَيَريل ونڙي وٺيو آءُ ڙي!
توکي الله آهي آندو.
[90][90]
وراڻي: ليليٰ! منڊ مچايو تو، ليليٰ دلڙي ڦرائي تو،
او! سيني اندر سينگار، اهو راز به ليليٰ جو.
سونا ڳن آڻائي ڏنم ٿو، پائڻ وارو ڪونه-
او! سيني اندر سينگار، اهو راز به ليليٰ جو،
ليليٰ! بر ۾ بيهاريو تو، اهو منڊل مچايو تو...
سونيون سڳيون آڻائي ڏنم تو، پائڻ وارو ڪونه-
او! سيني اندر سينگار، اهو راز به ليليٰ جو،
ليليٰ! بر ۾ بيهاريو تو، اهو منڊل مچايو تو...
سونيون واليون آڻائي ڏنم تو، پائڻ وارو ڪونه-
او! سيني اندر سينگار، اهو راز به ليليٰ جو،
ليليٰ! بر ۾ بيهاريو تو، اهو منڊل مچايو تو...
[91][91]
وراڻي: پاڻ ته ٻئي گڏ گهمنداسون،
تنهنجو گهمڻ مون کي زور-
پياري ليليٰ! تو ۾ ڏاڍو آهي شور.
پاڻ ته ٻئي گڏ کائينداسون،
تنهنجو گائڻ مون کان زور-
پياري ليليٰ! تو ۾ ڏاڍو آهي شور...
پاڻ ته ٻئي گڏ پڙهنداسون،
تنهنجو پڙهڻ مون کان زور-
پياري ليليٰ! تو ۾ ڏاڍو آهي شور...
پاڻ ته ٻئي گڏ کيڏنداسون،
تنهنجو کيڏڻ مون کان زور-
پياري ليليٰ! تو ۾ ڏاڍو آهي شور...
باب ڏهون
شاعرن جا چيل ڳيچ
هن باب ۾ (1) مجري ڀرڻ، (2) ڄاڃين جي اچڻ، (3) گهوٽ جي ساراهه،
(4) ميندي، (5) ڄڃ چڙهڻ، (6) وڳو ڍڪڻ، (7) موڙ
ٻڌڻ، (8) گهوٽ کي دعا، (9) ڪنوار جي ساراهه، (10)
سيج ۽ لانئن، ۽ (11) مبارڪن ۽ اميد پڄڻ جا ڳيچ
شامل آهن، جي ڪن شاعرن پنهنجي عزيزن ۽ دوستن وغيره
جي شاديءَ جي موقعي تي چيا آهن، ۽ انهن ۾ گهوٽ جو
نالو پڻ ڏنو آهي، مثلاً:
”تاج محمد شاهه“ جي صرت ان شمس قمر،
مــدد بـنـــي جـــي ٿيـو سونــهــن ڀـــري سرور.
- - - -
سِر نبي رب راحم راضي، گ محمد“ گهر غازي،
ڪند معاف خطائن ماضي، مٺو محب منير-
بنا! تنهنجي مدد محمد مير...
- - - -
هادي حافظ ۾ رکجان ”امين“ کي، منهنجي پياري ماهه جبين کي،
عالم جا آڌار، سائين! سڀ جا سهارا، اکڙين جا اوجار.
- - - -
”حاجـــي بچل شاهـــه“ کــــي ڏيپ ڏنا ڏاتــار-
مٺو مشفق مڻيادار، ايم جيڏن جو جنسار.
- - - -
اهي ڳيچ ايترو مشهور ٿيا آهن، جو سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ زالون شادي ۽ خوشي جي
موقعن تي ٻين ڳيچن سان گڏ چونديون آهن. هن باب ۾
شاعرن جا اهڙا چيل چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.
- - - -
1- مجرو ڀرڻ جو ڳيچ:
[1][1]
وراڻي: لهر نه لوڏو ڏي، تنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل آهيان،
محي الدين! تنهنجي دامن ۾ ڇپيل آهيان.
جهنڊولا هنج تي پينگهي ۾ صغير-
منهنجا پير! تنهنجي دامن ۾ ڇپيل آهيان.
سيوهڻ هيٺان ٿي وهي درياءَ واري سير-
منهنجا پير! تنهنجي دامن ۾ ڇپيل آهيان.
کير ڪٽورو هٿ ۾، کنڊون ورهايان کير-
منهنجا پير! تنهنجي دامن ۾ ڇپيل آهيان.
سوال ”ستار“ جو سڻ تون، پردو رکجانٰ پير-
منهنجا پير! تنهنجي دامن ۾ ڇپيل آهيان.
2- ڄاڃين جي اچڻ جو ڳيچ:
[2][2]
وراڻي: هجن هميشه ڀاءُ منهنجا، شال شاديون!
مهمان مرڪي آيا، اڱڻ سارو آباديون.
ڀائر ڀائٽيا آيا، خان ويٺا کٽ تي چڙهي،
غم لهي سب دور ٿيا، وهواهه! دليون ٿيون آجيون-
هجن هميشه ڀاءُ منهنجا، شال شاديون...
سيج تنهنجي سون جي، اڄ موڙ تنهنجي نن تي سُونهن،
حورون پريون حيران تولئي، مَلڪ پريون ٿيون مانديون
هجن هميشه ڀاءُ منهنجا، شال شاديون...
ماما، چاچا آئيا، سي ويٺا کٽ تي چڙهي،
غم لهي سب دور ٿيا، وهواهه! دليون ٿيون آجيون-
هجن هميشه ڀاءُ منهنجا، شال شاديون...
تنهنجي ثنا سيد ڪري ”تاج علي شاهه“ توڙ کان،
سون رو صدقي ڪريان، چندن چوڙا چاندنيون-
هجن هميشه ڀاءُ منهنجا، شال شاديون...
[3][3]
وراڻي: مند آهي برسات جي، الا! شاديءَ جو ڪيو سعيو،
شاديءَ جو ڪيو سعيو، اَدل گهر ڙي آيو.
باغ اَندر اجھ آهي بهاري، گُلن ڪئي اَڄ گلزاري،
سهڻا گلم وڇايو- شاديءَ جو ڪيو سعيو...
عطر عنبير مُشڪ موچارا، کير جا وهائيو سڀئي
نيسارا،
گلم غاليچا پَٿاريون- شاديءَ جو ڪيو سعدو...
گل ڦلن ا ار بَنائي، اَدل ڪنوار کي اَچو پارائي،
گلن سان گهر بَهڪايو- شاديءَ جو ڪيو سعدو...
ڀائر ڀائٽيا، سؤٽَ ۽ چاچا، دوستَ دلي ماسات ۽
ماما،
تن کي ڪاڄ کارايو- شاديءَ جو ڪيو سعيو...
[4][4]
وراڻي: هلي هُسن ڏسو سردار سندو، سردار سندو، دلدار سندو.
سهڻي صورت مہ ڪنعاني، قامت عجائب جواني،
گلبدن گلزار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
نوري لباس بني جو لائق، تنهن جو آهي هميشه شائق،
بخت ڀلو موچار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
شان لاڏل جو شاهنشاهي، مٿس رحمت راض الاهي،
شافع شملي دار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
رب نبي جي مراد پڄائي، اڱڻ لاڏل جي ڄڃ آئي،
ماکيون مِٺي منٺار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
پرڻي رات پنجن جي پاکر، چارئي يار نبي جي آڌار،
جاني جيءُ جيار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
شاديءَ جا ڪم قادر ٺاهيا، ورن هار سينگار سنباهيا،
ڏيهه ڌڻي ڏاتار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
نبي ڪارڻ مرڪب آيو، چڙهي تنهن کي گهوٽ گهمايو،
تهدل تنهن هسوار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
”حاجي عبدالله“ جي احمد، مدد مرسل مير محمد،
ملڪن جي مختيار سندو- هلي حسن ڏسو سردار سندو.
3- گهوٽ جي ساراهه جا ڳيچ
[5][5]
وراڻي: جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
تنهنجا وار گهنڊيدار، قربدار ڪنڍڙا،
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
تنهنجون اکيون، رب رکيون، سردار سنهڙا!
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
تنهنجا لب جوڙيا رب رکيون، سردار سنهڙا!
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
تنهنجو ناز بي انداز، مهندار مٺڙا!
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
تنهنجو ناز بي انداز، مهندار مٺڙا!
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
منهنجا جاني! ڏي نشآني، ڇٽدار ڇلڙا،
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
تنهنجا ڏند دلبند، چمڪيدار چَنڊڙا،
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
ٿو نهارين، مونکي مارين، ڏيئي گهُور گهنڊڙا،
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
نت شاديون، ٿيون آباديون، ڪيو قرب ڪٺڙا،
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
”طالب موليٰ“، ڪم سولا، ڪلتار ڪيڙا،
جيڪا تنهنجي مرضي، اها منهنجي مرضي، منٺار مٺڙا!
[6]
وراڻي: ويکو شان بني داباري وي، آوي تاج مجلس ڪلتاري وي.
نال بني دي راض رباني، اعليٰ لطف ڪرم احساني،
جهُليس ڇٽ سرداري وي- ويکو شان بني دا باري وي...
بخت بني دا بيشڪ بالا، نام نشانبر نيڪ نرالا،
چوطرف چوڌاري وي- ويکو شان بني دا باري وي...
رخ سهڻل دي پاڪ پيشاني، مٽ نه تنهن داماهه ڪنعاني،
ٿيا هل هٻڪاري وي، ويکو شان نبي دا باري وي...
سر لاڏل دي سهري سونهندي، گل ڦل ٽؤنرا ڳؤن
کڙٻهندي،
کليا باغ بهاري وي، ويکو شان بني دا باري وي...
جامي جوڙل دي جوهر جڙيا، زمرد زر مرجاني مڙهيا،
هيرا لعل هزاري وي، ويکو شان بني دا باري وي...
”حاجي عبدالله“ سدائي، سر سهڻل دي فضل خدائي،
اعليٰ عزت داري وي ويکو شان بني دا باري وي...
4- ميندي لائڻ جا ڳيچ:
[7][7]
وراڻي: ڀلي ته بنرا! آءُ، تو لَئي سُرهي سيج وڇايان ٿِي،
سُرهي سيج وڇيانا ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
مور! ٽلي آءُ ماڙئين، توکي محلن منجهه ويهاريان
ٿي-
سُرهي سيج وڇيانا ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
گهوٽ ته تنهنجي وَنيءَ کي، زريون زيور پايان ٿي-
سُرهي سيج وڇيانا ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
عطر ساڻ عنبير جي، تنهنجا ويس وڳا ڇَٽايان ٿي-
سُرهي سيج وڇيانا ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
سوني رڪيب ۾ پير پاءِ، سرگس گهوٽ گهمايان ٿي-
سُرهي سيج وڇيانا ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
پڙهو ته ڀورل تنهنجو ڳوٺ ڳليون ڦيرايان ٿي-
سُرهي سيج وڇيان ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
موچاريءَ مجلس ۾، تنهنجو ڪڙم قبيلو ڪوٺيان ٿي-
سُرهي سيج وڇيان ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
چار ئي يار رسول جا، تو لئي تن جي مهر منگايان ٿي-
سُرهي سيج وڇيان ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
پاکر پنجتنن جي، توکي ”پير“ ئي پهريان ٿي-
سُرهي سيج وڇيان ٿي، مُرڪي ميندڙي لايان ٿِي.
[8][8]
وراڻي: ڳايان لاڏل بني جا، ڪاڄ ٿي ڳايان،
ابل توکي ميندي لڳايان، تنهنجا سهرا ٿي ڳايان.
سيني جو ڊڀ ڍول ڪري، آءٌ سهجئون وڄايان،
ساهه سر صدقو ڪري، توتان گهورون گهمايان-
ڳايان لاڏل بني جا، ڪاڄ ٿي ڳايان...
وڳو ته ادل جي شاديءَ جو، سهڻو ٿي جوڙايان،
سائو ۽ پِيلو ڪري تنهن کي کهنبو ٻڌايان-
ڳايان لاڏل بني جا، ڪاڄ ٿي ڳايان...
سر تنهنجي جو سهرو، آءٌ سونو ٿي جوڙايان،
هيرا ۽ موتي ڪري، تنهن کي لعلون ٿي جڙايان-
ڳايان لاڏل بني جا، ڪاڄ ٿي ڳايان...
چوي ”بچل شاهه“ گدا، شاهي توکي شايان،
ماڙ ڪر منهنجي محشر ۾، آءٌ ڪو جودم آهيان-
ڳايان لاڏل بني جا، ڪاڄ ٿي ڳايان...
5- ڄڃ چرهڻ جا ڳيچ:
[9][9]
وراڻي: شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شهزادا بنرا!
اڄ ماڻِي اچ مومل ماهي!
خوش ٿئي پڻهين خان-
شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شزادا بنرا!
عجب نور پسي تنهنجو پيارا،
سڀڪو چوي سبحان-
شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شزادا بنرا!
حورون ٿيون حيران حسن تي،
ڦمر ٿيو قربان-
شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شزادا بنرا!
گهورون گهوريان گهوٽ بني تان
موتي ۽ مرجان-
شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شزادا بنرا!
منهن منور نُور نوراني،
ابرو وس ڪمان-
شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شزادا بنرا!
”تاج محمد“ تعريف تڏهن ڪئي،
راضي ڏسي رحمان-
شاهه وڌايو تنهنجو شاه، شزادا بنرا!
[10][10]
وراڻي: شرف بنِي جو بيشڪ بالا، روز مٿس رب سندو رايو.
ڪري هار سينگار، جنسار جيڏيون،
سهرا سڄڻ جا نِڍ جيءُ ڳايو-
شرف بنِي جو بيشڪ بالا...
چڱي پاڪ پوشاڪ، خوشناڪ پهري،
سُهڻي ڪارڻ سيج سُرهي وڇايو-
شرف نبِي جو بيشڪ بالا...
رُخ روُءِ خوشبوءِ سان موءِ واسي،
عطر، عنبير، عود، مُشڪ مَلايو-
شرف بنِي جو بيشڪ بالا...
هلي صهري جي گهر خوشتر بنِي کي،
جَڪ جوڙ سان موڙ دل سان ٻَڌايو-
شرف بنِي جو بيشڪ بالا...
سان زيب ڏاتار ڏيئي ڏيب ڏوڙا،
تنهن شير جو شان ايءَ ڌاي-
شرف بني جو بيشڪ بالا...
”شائق“ سندو سوال في الحال سڻ تون،
فضل ۽ لطف ساڻ ورق ورايو-
شرف بني جو بيشڪ بالا...
6- گهوٽ جي وڳي ڍڪڻ جا ڳيچ:
[11][11]
وراڻي: سهڻي صورت جو سينگار، سهڻي درسن جو ديدار،
سڄڻ ڏيکاريو، مٺي مرشد ڏيکاريو.
ٻَڌو دستار مبارڪ سِر تي سينگاري،
پيچي سَچي پَٽ جي، زريءَ ڪناري،
ڪلنگي سوني ڪلتار، سَهجئون سينگاريو-
سڄڻ ڏيکاري، مٺي مرشد ڏيکاريو.
سُٿڻ سَڄِي پَٽ جي سهجئون سينگاريو،
اطلس جو پهراڻ، پاڻ ڳل پايو،
لوڏي لونگي لنءُ ڪار، جُتيءَ جوڙ بنايو-
سڄڻ ڏيکاريو، مٺي مرشد ڏيکاريو.
پاڻي آب ڪوثر جو، تڙ لاءِ گهرايو،
مشڪ عطر سين ميٽ مَلايو،
زلف بشيهر وار، سي واسينگ سينگاريو-
سڄڻ ڏيکاريو، مٺي مرشد ڏيکاريو.
چوي ”عيدن“ هلي عشق اجاريو،
واڳ نيليءَ جي مريدن ڏي واريو،
چڙهي گهمو چوڌار، ادل گهوم جو وارو-
سڄڻ ڏيکاريو، مٺي مرشد ڏيکاريو.
[12][12]
وراڻي: سنڌڙيءَ جو صاحب اڳ ۾ ٿي آيو، سيج وڇايو، عطر ڇٽايو،
اديون! اسر ويل لاڏي بني کي، زريدار زربفت وڳڙو
پهرايو.
ڪيو ڪرم قادر اڄ گهوٽ توسان،
چارئي يار، جيءَ جيار، اَجها اوٽ توسان،
پنجتن پيارا، سچا سڀ ساراهيو-
سنڌڙيءَ جو صاحب اڳ ۾ ٿي آيو...
عطر، مشڪ، خوشبوءِ ڪئي خوشنمائي،
شاديءَ جي شغل جي هر وات وائي،
ٿي راحت ۽ رحمت، عجب وقت آيو-
سنڌڙيءَ جو صاحب اڳ ۾ ٿي آيو...
ٻڌ پيچ پڳ جو، پڙهه حمد بنرا!
مُرڪي ٻڌج موڙ، سِر سُونهن سِهرا،
لِکي ڪر لنگي تون ۽ پهراڻ پايو-
سنڌڙيءَ جو صاحب اڳ ۾ ٿي آيو...
ڪر سُٿڻ سهڻا! جُتي جوڙ واري،
تنهن تي سچي سيم جا ٿيا ڪم هزاري،
ادل گهوٽ! تنهنجو ٿيو لايو سجايو-
سنڌڙيءَ جو صاحب اڳ ۾ ٿي آيو...
چوي ”علي اصغر“ ڀلي ڪيون ڀلايون،
دل جون اُميدون الله پڄايون،
مون کي محمد مير موليٰ ملايو-
سنڌڙيءَ جو صاحب اڳ ۾ ٿي آيو...
[13][13]
وراڻي: پهرايا رور، گل ٻئي شهزادا،
گل ٻئي شهزادا، پهرايا پرور.
شهزادا ٻئي صورت سهڻا، آهن ڪُل کؤن ڪثر-
پهرايا پرور، گل ٻئي شهزادا...
هڪ دوشالو، ٻيو پهراڻ، او! جُتي ساڻ جوهر-
پهرايا پرور، گل ٻئي سهزادا...
”عبدالقادر“ کي محبت جو ڏاج ڏنو ڏاتر-
پهرايا پرور، گل ٻئي شهزادا...
7- موڙن ٻڌڻ جا ڳيچ:
[14][14]
وراڻي: لاڏي بني کي سڪ مون سهيليون! مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
سر لاڏل جي پنج رنگ چيرا، مٿس جوهر جوڙايو، الا-
لاڏي بني کي مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
پاڪ پوشاڪ بني جي لائق پاڻ ڌڻيءَ پهرايو،
لاڏي بني کي مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
ڪاڄ بني جو قادر ڪيڙو، لايو ٿيس سجايو، الا!،
لاڏي بني کي مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
ڪڙم قبيلو، ڀائر ڀائيٽيا، راڻي راڄ سڌايو، الا-
لاڏي بني کي مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
لکين هزارين حمد خدائي، گهوٽ ونيءَ وٽ آيو-
لاڏي بني کي مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
”حاجي عبدالله“ سوالي آهي، واليءَ ورق ورايو، الا-
لاڏي بني کي مرڪي موڙ ٻڌايو، الا!
[15][15]
وراڻي: چڙهه گهوٽ گهوڙي، سدا سيج ماڻي،
اٿئي رب جو راز، ٻڌ موڙ جوڙي.
ڪم بنا تنهنجا قادر ڪيڙا، مڙيئي ممتاز ڏينهان ڏينهن ڏوڙي-
چڙ گهوٽ گهوڙي، سدا سيج ماڻي...
سر بنا تنهنجي سب رنگ سونهن، سونهن رنگارنگ سموري-
چڙ گهوٽ گهوڙي، سدا سيج ماڻي...
هيٺ بنا تنهنجي نيلا گهوڙا، سونهري ساز گل ڦل ڦوري-
چڙ گهوٽ گهوڙي، سدا سيج ماڻي...
”محبوب“ پنيون مرادون سڄو لوڪ گهورون گهوري.-
چڙ گهوٽ گهوڙي، سدا سيج ماڻي...
[16][16]
وراڻي: آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
ٻڌو موڙ ملوڪ کي، آهي سڀني جو سردار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
ماکيءَ مصريءَ کان مِٺي گوهر جي گفتار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
گهورون گهريان گهوٽ تان، هيرا لعل هزار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
پسي حسن حبيب جو حورن اُليا هار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
سج چنڊ سهڻل تان ڪيان صدقو سؤ سؤ وار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
مرڪن ماءُ پيءَ مور جا، آيو ڪانڌ وٺي ته ڪنوار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
طالب ”تاج محمد“ چئي، ڪيو ڪرم ڌڻي ڪلتار-
آيو جڙيل ساڻ جنسار، منهنجو سونهن ڀريو سردار.
8- گهوٽ کي دعا جا ڳيچ:
[17][17]
وراڻي: بنا! توسان راضي رب رحمان، بيشڪ بي پايان-
پنجتن پاڪ بني جي پاکر، چارئي يار بني جي آڌار،
پشت پناهه وسيلو واهر، احمد عاليشان-
بنا! توسان راضي رب رحمان...
رخ سهڻل جو مَہ ڪنعاني، جلوو جوت جمال جواني،
مٿس رحم نگاهه نُوراني، الٰهي احسان-
بنا! توسان راضي رب رحمان..
ڏنو بخت بني جي وارو، قادر ڪيڙس قرب قرارو،
شوڪت شان سڻي جڳ سارو، ٿيو حيرت ۾ حيران-
بنا! توسان راضي رب رحمان...
اعليٰ شرف بني جو شاهي، مٿس لائق لطف الٰهي،
پسي صورت تاج ڪُلاهي، ٿيو شمس قمر قربان-
بنا! توسان راضي رب رحمان...
”حاجي عبدالله“ سوالي، مشفق مون سان ٿيءُ وصالي،
ڇڏيو مون کي مور نه خالي، ٿو گهران دُهرو دان-
بنا! توسان راضي رب رحمان...
[18][18]
وراڻي: قادر رب قدير، بنا! توسان مدد محمد مير،
توسان چار مدد چوڌاري، پنجتن پاڪ ڪندا پوئواري،
اچي شبر ۽ شبير- بنا! توسان مدد محمد مير.
تنهنجا ڪاٺ ڪيا ڪم قادر، سائين صاف سچي تنهن ساتر،
ڏنئي سوڀ نذير- بنا! توسان مدد محمد مير.
جيڪي گهوٽ سان هئڙا حاضر، نگهبان تنين تي ناظر،
کِلي سي پيئندا کير- بنا! توسان مدد محمد مير.
”روشن“ روز مڱي تو رحمت، حاصل ٿيس حبيب جي حرمت،
اهڙا قرب ڪثير- بنا! توسان مدد محمد مير.
[19]
وراڻي: مدد بني جي ٿيو سونهن ڀريو سرور،
مير مديني جو ڌڻي، دلربا دلبر.
سُهڻي سيد جو رب واهي، پاڪ ڌڻي پرور-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
پشت بني جي پير اُتر جو، محي الدين منور-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
”تاج محمد شاهه“ جي صورت، چوان شمس قمر-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
مرد سخاوت ۾ هو اڳرو، ٿيڙو نيڪ نشر-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
پنجتن پاڪ بني جي پاکر، اوٽ اجهو انور-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
ڪيون تنهنجون قادر شاديون، ويڙس غم گوندر-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
ڪڙم اندر ٿيو قرب قرارو، عزت ۾ اڪبر-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
مرڪي مور محب مجلس ۾، گفتي جو گوهر-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
”حاجي عبدالله“ سوالي، ٿئي چڱو محشر-
مدد بني جي ٿيو، سونهن ڀريو سرور...
[20][20]
وراڻي: بنا! تنهنجي مدد محمد مير، پاڪ پيغمبر پير.
بخت بني جو بيشڪ باري، بر سر تاج جهُليس سرداري،
مٿس ڪئي رب پاڪ ستاري، بيحد ڪرم ڪبير-
بنا! تنهنجي مدد محمد مير...
سر بني رب راحم راضي، ”گل محمد“ گوهر غازي،،
ڪندو معاف خطائون ماضي، مٺو محب منير-
بنا! تنهنجي مدد محمد مير...
ڏاج بني کي ڏاتر ڏياريو، سهجئون سيج تي عطر هاريو،
بني کي پُر جام پياريو، خوش عجب کنڊ کير-
بنا! تنهنجي مدد محمد مير...
روز بني تي رب جو رايو، شان لاڏل جو شاهه وڌايو،
سرتيون! سهڻي لاءِ سيج وڇايو، مَلي مشڪ عنبير-
بنا! تنهنجي مدد محمد مير...
”شائق“ جو سڻ عرض اِلاهي، سيني جي ڪر صاف سياهي،
وِير اچي ٿي واهر واهي، هي اٿئي وقت اخير-
بنا! تنهنجي مدد محمد مير...
[21][21]
وراڻي: بنا! توسان حامي حضرت پير، مدد ميران مير.
الا، اولاد سچي سرور جي، رهنمائي ڪندڙ پاڪ پرور
جي،
همت هيڻن آهي انور جي، دارون دستگير-
بنا! توسان حامي حضرت پير...
جڳ جهان تنهنجو سلامي، ڌاتر ڏنو ڏيهه انعامي،
ڪيڏو توسان توهه تمامي، باڪو بينا ۽ بصير-
بنا! توسان حامي حضرت پير...
سرهي سيج سدا ٿو ماڻي، عطر مشڪ کٿوري هاڻي،
سيد توسان آهي ساڻي، مرشد ماهه منير-
بنا! توسان حامي حضرت پير...
شادي ڪئي شفقت شاهه، دان ڏياريا منجهئون درگاهه،
اهڙو وسيلو واه واهه، قوي ڪوٽ ڪبير-
بنا! توسان حامي حضرت پير...
بيحد بني تي ٿيو راض رباني، آگي جي ٿي اِها احساني،
”محبوب“ چوي ڪئي موليٰ مهرباني، بيمثل بينظير-
بنا! توسان حامي حضرت پير...
[22][22]
وراڻي: سهڻا سائين بنرا! جواني ماڻين، بنرا!
تنهنجو اعليٰ اقبال، تنهنجو اعليٰ اقبال.
روز بني تي راز رباني، بيشڪ ڏات شڪر شاداني،
مٿئون ڪرم ڪمال- سهڻا سائين! تنهنجو اعليٰ اقبال.
سر بني جي چٽ سرداري، ٿيس بخت بلند سياري،
وڌ جسم جو جمال- سهڻا سائين! تنهنجو اعليٰ شان.
جڏهن گهوٽ گهڙي گهر آيو، مَلڪن مشڪ عنبير ملايو،
سرخيءَ رنگ لب لال- سهڻا سائين! تنهنجو اعليٰ شان.
وقت لائن جي حورون پريون، هار ڳچي ڳل زيور زريون،
پائي ٿيون خوشحال- سهڻا سائين! تنهنجو اعليٰ شان.
”حاجي عبدالله“ مدامي، توسان هردم حضرت حامي،
پَس ڀَلي جا ڀال، سهڻا سائين! تنهنجو اعليٰ شان.
[23][23]
وراڻي: جاني جلويدار، منهنجي جيءَ جا جيارا،
جيءُ جا جيارا، اکڙين جا اوجارا.
شال تون ماڻين جانب جواني، رب ڏئي توکي وڏي
زندگاني،
منهنجا مٺا منٺار، دولهه دوست دلارا! اکڙين جا
اوجارا.
توتي هجي نت نظر نبيءَ جي، هردم هوندئي آڌر عليءَ
جي،
ٿيندئي مددگار، پنجتن پاڪ پيارا! اکين جا اوجارا.
هادي! حفظ ۾ رکجانءِ ”امين“ کي، منهنجي پياري مان
جبين کي،
عالم جا آڌار، سائين! سب جا سهارا، اکڙين جا
اوجارا.
”طالب الموليٰ“ ٿيڙيون بهاريون، آخر اُميدون ڏاتر
ڏيکاريون،
ٿي دل باغ بهار، نوان ٿيا نظارا، اکڙين جا اوجارا.
9- ڪنوار جي ساراهه جا ڳيچ
[24][24]
وراڻي: جلوو ڪري جولان، لُڏڻ رنگ لايو.
اسان جو دودل، وڏڙيءَ ڄمار سان آيو.
جهالر تنهنجي جهومر لائي، جهومڪ تنهنجي جنگ مچائي،
ٻانهين هڻي ٿي ٻاڻ- لُڏڻ رنگ لايو.
بولو بار رکي ٿو باري، نٿ ڪري ني ناز ڏهاڙي،
سڳيون سيني ساڻ- لڏڻ رنگ لايو.
تن تعويذن قيد ڪرايو، لُڪڙي اسان جو عقل لٽايو،
ڪَنڍي هڻي ٿي ڪانَ- لڏڻ رنگ لايو.
منڊيون مرڪيون ڪن ٿيون مارا، ويڙهه ڪري ٿو نانگ جان وارا،
هَس ڪيو حيران، لڏڻ رنگ لايو.
ڇلا ڇوهه ڪرن ٿا قهري، چوڙا ڇال چلن ٿا چهري،
منگلين ڪيو مستان- لڏڻ رنگ لايو.
ٻانهين رکين ڪيو مانگ تي مارو، ڪنگڻين ڪيڙو ڪين ڪٽارو،
بُندڙن ڪيو بيران، لڏڻ رنگ لايو.
چوٽيءَ ڦل سائين! فڪر ڦٽايو، رکڙين ڪين رکيو ڪجهه رايو،
دستين ڪيو ديوان، لڏڻ رنگ لايو.
ڪڙين سندا قوس ڪشيائين، گز گليلا کوڙي هنيائين،
”مفتون“ ٿيو نيشان- لڏڻ رنگ لايو.
[25][25]
وراڻي: سونو بازوبند، مون ڏي سانول موڪليو،
روپو بازو بند، مون ڏي ادل موڪليو.
اسان سرتين وچ ۾، وار ناهي ڪو سنڌ-
سونو بازوبند، مون ڏي ڀورل موڪليو...
پرڻي رات رسول جي، حورن وڇايو هنڌ-
سونو بازوبند، مون ڏي ڀورل موڪليو...
جيڏين سرتين وچ ۾، او! مٿي ٿيڙم ڪنڌ-
سونو بازوبند، مون ڏي ڀورل موڪليو...
”عبدالقادر“ چئي مٺي محمد جي، راهه وٺيو وڃ رند-
سونو بازوبند، مون ڏي ڀورل موڪليو...
[26][26]
وراڻي: لاڏي لائون ڏيڻ مرسل مير آيو، مرسل مير آيو، دستگير آيو.
لطف لاڏل تي فضل الاهي، تاج ڪلاهي شفيع مڪو شاهي،
جورو جنت خاتون، دلپزيذ آيو- مرسل مير آيو.
چارئي يار وري تنهنجي واهر، پنجتن پاڪ ڏين توکي
پاکر،
ماهوت حضرت ڏهون، حرير آيو- مرسل مير آيو.
رحم بني تي راض رباني، بخت ۽ تخت جوڙيل مليو جاني،
سهڻي سرور سپرين ڪاڻ سرير آيو- مرسل مير آيو.
مائٽ مٽ توکي ڏين مبارڪ، ڀائر برادر ڀلي ته بشارت،
کلي خان پِيءُ تون خاصو کير آيو- مرسل مير آيو.
”حافظ“ حب مان سهرو چيو آ، ڪرمئون قادر قبول ڪيو
آ،
توڏي ’تاج محمد‘ هي اڪسير آيو- مرسل مير آيو.
[27]
وراڻي: اديون! اَسر ويلَ، اديون! اَسر ويل-
سُرهي سنگت سان، مومل ماڻي گهر گهٽ آيو.
ٻڌ موڙ مرڪي، اهي جوڙ جاني،
سڀ ڪاڄ تنهنجو ڪيو صاحب سجايو-
مومل ماڻي گهر گهوٽ آيو.
هٿ پاڻ حضرت، برسر بني تي،
مُلهيات مير کي ٻهڳڻ ٻڌايو-
مومل ماڻي گهر گهوٽ آيو.
مشڪ عطر ساڻ جڏهن مُو مکيائون،
تڏهن زلف ظهر جيئڻ سنبل سمايو.
مومل ماڻي گهر گهوٽ آيو.
اچي چئن پنجن مٿس مهر ڪيڙي،
ميندي ملائي، وڃي لاڏي کي لايو-
مومل ماڻي گهر گهوٽ آيو.
چوي ”تاج محمد“ طالب سدائين،
بيحد بني تي رکيو رحمان رايو-
مومل ماڻي گهر گهوٽ آيو.
10- سيج ۽ لانئن جا ڳيچ:
[28][28]
وراڻي: بَنل باغ بهار، جنسار ۽ سينگار ڪري آيو.
پير پير جو حامي ٿيو، هُن سان مدد چارئي يار-
جنسار ۽ سينگار ڪري آيو...
ويس نُوراني، پائي پوشاڪون، دُرس ٻڌي دستار-
جنسار ۽ سينگار ڪري آيو...
”احمد“ آس پڄائي پرور، لٿا غم غبار-
جنسار ۽ سينگار ڪري آيو...
[29][29]
وراڻي: آءُ بنا! ڇڙهه سيج تي، ميندي تنهنجي آهي رنگ ڀَرِي.
ٻَڌ موڙ سهڻا! سِر تي سنوان، ڇَٽ لولاڪ جو، سهرا
چوان،
مرصع موتي، ياقوتي نوان، لطف لاڏا! توتي انوري-
آءُ بنا! چڙهه سيج تي، ميندي تنهنجي آهي رنگ
ڀَرِي.
ٻَڌ ڳانا پڳدار! تون، کاريءَ چڙهه قربدار! تون،
آءُ بنا! دلدار تون، زربفت ڏاجا، ڪُل زري-
آءُ بنا! چڙهه سيج تي، ميندي تنهنجي آهي رنگ
ڀَرِي.
لائون لهي سيج مان تون، مومل موچاري گهر آڻ تون،
رانجها! ڪر تنهن سان رهاڻ تون، تو ڏٺي پيون اکڙيون
ٺَري-
آءُ بنا! چڙهه سيج تي، ميندي تنهنجي آهي رنگ ڀَري.
آءُ شهنشاهه لاڏا بنا! ”صالح“ چوي تنهنجي ثنا،
تو بِنا ٻئي ڪنهن کؤن پنان، بخت تنهنجو سڪندري-
آءُ بنا! چڙهه سيج تي، ميندي تنهنجي آهي رنگ ڀَري.
[30][30]
وراڻي: مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
سيد سرهي سيج تي ويٺو، دُر ٻڌي دستار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
گل ڦ باغ بهاريا، ڏسي سهڻ ج سينگار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
چمن ۾ چانڊاڻ ٿي، چؤطرف چوڌار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
شوق منجهان شاديءَ تي، ڪيو حورن هل هٻڪار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
حورون سڀ حيران ٿيون، ٻُڌي گوهر جي گفتار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
”حاجي بچل شاهه“ کي، ڏيپ ڏنا ڏاتار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
ڀائرن گهورون گهوريون، گهوٽ مٿئون سؤوار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
قرب قبيلي ڪڙم ۾، ٿيو سيد جو اظهار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
وڳو ڍول ڍڪايو، شاهي شمليدار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
”حاجي عبدالله“ جي اوٽ نبي سردار-
مِٺو مشفق مڻيادار، آيم جيڏن جو جنسار.
[31][31]
وراڻي: خوش خوش بنرو خير صلح سان، گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
سڀ ڪم سهڻل جا، سائين ڪياسولا، مهر مٿس ڪندو مالڪ
موليٰ،
پرور پاڪ پهرائيندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
سر سهڻل جي سهرا سونهن، گهورون گهوٽ تي گهڻا پيا
گهورن،
بادل بوند وسائيندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
عطر عنبير اڄ اديون اڻايون، مشڪ کٿوري ميندي
ملايو،
لاڏو بنو سو لائيندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
عطر عنبير اڄ اديون اڻايو، مشڪ کٿوري ميندي ملايو،
لاڏو بنو سو لائيندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
گهوٽ بنا! توتي اوٽ الله جي، ڪوٽ ڪلمي جو، اوٽ
نبيءَ جي،
مرسل مهت ملهائيندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
ڪاڄ بني جو راڄ ٿا کائن، شاعر شؤقؤن سهرا ڳائن،
ڳوٺ اهي سڀ ڳائيندو، گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
موڙ موچارا گهوٽ بنا تو، اُتر لؤن آيو پِير اڱڻ
تو،
عرض جيڪو به اگهائيندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
”تاج“ محمد“ سهرو سينگاريو، قادر قبوليت ۾
سوڪاريو،
ڏاترڏيکاريندو- گهوٽ پنهنجي گهر گهاريندو.
11- مبارڪن ۽ اميد پڄڻ جا ڳيچ:
[32][32]
وراڻي: لک مبارڪون مير، سريون! بني کي ڏيو-
رب بَني سان راضي ٿيڙو، ڪيڙس قرب قدير-
لک مبارڪ مير، سرتيون! بني کي ڏيو-
کائين کاڄ بَني جا ڀائر، خوش پين کنڊ کير-
لک مبارڪ مير، سرتيون! بني کي ڏيو.
آڻي ڏاڏي پوٽيون، ڳانو ٻڌو ورنہ وير-
لک مبارڪ مير، سرتيون! بني کي ڏيو.
لايو لعل بني کي ميندي، سندي ملڪ ملير-
لک مبارڪ مير، سرتيون! بني کي ڏيو.
لانئن رات رباني رايو، مٿئون محب منير-
لک مبارڪون مير، سرتيون! بني کي ڏيو.
ڏيو ڏات الله لڳ عربي، ”عبدالله“ فقير-
لک مبارڪ مير، سرتيون! بني کي ڏيو.
[33]
وراڻي: ڏيون ٿيون مبارڪ، جيڏيون جوڙل کي،
گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو-
صورت سونهارو، مورت موچارو،
ڪانـــڌ ڪيچي سو ڪامـــل قــــرارو،
سَسُئِيءِ کي سؤلڱين سيبايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
شادي شاهنشاهه ڪرايس،
بخت ۽ تخت اڱڻ تي آيس،
بنري جو بنگلو باغ بنايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
سهڻو سهرن سان سڄڻ سنباهيو،
گهوڙي تي چاڙهي گهوٽ گهمايو،
راڻو مومل سان موليٰ ملايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
پنجن پاڪر ڏيپ ميان ڏيندس،
چارئي يار پَنہ پشت ٿيندس،
پير پيران اچي پاڻ پهرايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
گهوٽ بنو اڄ لائون لهندو،
جيڏل جيڏن سان، راضي ٿي رهندو،
شُڪر خدا خوش خاوند کلايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
موڙ ٻڌو جوڙل کي جوڙي،
ڀل ته بنو اڄ چڪنا چوڙي،
لايو لاڏل جو ٿيو آ سجايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
ڏين مبارڪ، ماڻهو ڪيو ميڙا،
گهوٽ بنا! تنهنجا وسايا آهن ويڙها،
آگي ڏهون اولاد، اِجهو آيو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
نُور وَسئي ٿو، سهڻا سدائين،
گهوٽ بنا! تنهنجا وسايا آهن ويڙها،
آگي ڏهون اولاد، اِجهو آيو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
نُور وَسئي ٿو، سهڻا سدائين،
گهوٽ بنا! تنهنجا وسايا آهن ويڙها،
”تاج محمد“ هي سهرو سڻايو- گهوٽ بنو اڄ پرور پرڻايو.
[34][34]
وراڻي: اڄ رات عربي سيد سونهارو،
اڱڻ تنهنجي يو پيغمبر پيارو.
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو،
گهوري گهوٽ توتان ملڪ موچارو-
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
تنهنجو ڪاڄ قادر صاحب ساراهيو،
خلق خوشيءَ مان توکي کيڪاريو-
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
وڏي شان سان تو ڀائن کي ويهاريو،
تنهنجي نانءَ جو هي لڳي ويو نعرو-
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
ڄاڃي ڄام تنهنجا اڱڻ تنهنجي آيا،
گلم غاليچا تن لئي تو وڇايا-
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
سرتين سڪ مان سهرا هي ڳايا،
ٻڌي موڙ توکي مرسل موچارو،
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
رب توتي راضي ٿيو گهوٽ بنرا،
”ملاح بچل“ هي ڳايا تنهنجا سهرا-
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
باري شال ڏيندو بيحد ته بخرا،
ڪلمي پڙهڻ سان لهي ويو انڌارو-
مبارڪون توکي سهڻا! ڏئي ڏيهه سارو...
[35][35]
وراڻي: هووئي مبارڪ وَنيءَ دي ماڻڻ دي، گهر آڻڻ دي.
قادر تيڏا ڪاڄ سڌاريا، بني سائين تيڏا نانءُ
اُجاريا،
ويل اها هڻ ڳانوڻ دي- هووئي مبارڪ ونيءَ دي ماڻڻ
دي...
رب مراد پڄايئي بنرا! هووين نال وني خوش سَنِرا،
ريجهه مليئي من ڀانوڻ دي، هووئي مبارڪ ونيءَ دي
ماڻڻ دي...
بنا! تيڏي سب سلامي، پير فقير لاڏل! تنهنجا حامي،
ڏيوئي شاهه شناس سڃاڻڻ دي- هووئي مبارڪ ونيءَ دي
ماڻڻ دي...
”شاهه محمد“ شادي ڪيتي، اڱڻ ساڏي آبادي ڪيتي،
دائم سِيالي سانوڻ دي- هووئي مبارڪ ونيءَ دي ماڻڻ
دي...
[36][36]
وراڻي: تينون رانجها! مبارڪ هير دي هووي،
حق پاڪ: پناهه، سچ سير دي: هووي.
پنجان تنان دي پاکر تينون،
مدد تو نال مٺي مير دي هووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هووي...
قادر ڪاج سڀئي ڪم ڪيتا،
دعاءِ تينون دستگير دي هيووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هيووي...
آگي عزم ڪيا تيڏا اعليٰ،
اُمت ساري دي مير دي هووي...
خاوند خوش ڪيتئي، ڀر ڀائران وچ،
پيوڻ وٽيان کنڊ کير دي هيووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هيووي...
ماڻهو مَلَڪ ڏيِون مبارڪان،
خوش مبارڪ خير دي هيووي-
تينونر انجها! مبارڪ هير دي هيووي...
تينون ڏتا ڏاڻ تيڪون،
صاحبي سنڌ اجمير دي هيووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هيووي...
صورت صاف سونهين وو سج ڪنون،
باريءَ ڪِيتئي بينظير دي هيووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هيووي...
پرور پاڪ پهرايو تيڪون،
ڏتا پٽولا، پٽ چير دي هيووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هيووي...
سڻ تون سوال ”سيد“ دا سائين!
دانهن اها دامنگير دي هيووي-
تينون رانجها مبارڪ هير دي هوووي...
”صفي الله“ تي ڪريو مهر مدامي،
سڻيندا آهه آسير دي هيووي-
تينون رانجها! مبارڪ هير دي هووي...
[37][37]
وراڻي: لکي لاڏل تي ٿيو راض رباني، صاحب ڪيڙس ستاري.
ڪم بني جا قادر ڪيڙا، مطلب مڙيئي سڀ جا ٿيڙا،
ڪرم ٿيو ڪلتاري- صاحب ڪيڙس ستاري.
هيٺ بني جي نيلا گهوڙا، ساز سونهري گل ڦل ڏوڙا،
جهُل اٿس جواهري- صاحب ڪيڙس ستاري.
سر بني جي سونهين سڀ رنگ، هيرو لعل موتي ماڻڪ،
جوهر ڪل جنساري- صاحب ڪيڙس ستاري.
عرش ڪرسي هوئي ڪل هٻڪاري، روءِ زمين بيشڪ بهاري،
سرهي سيج سينگاري- صاحب ڪيڙس ستاري.
”محبوب“ چوي پُنيون رادون، آگي ڪيون تان امدادون،
بيحد بيشماري- صاحب ڪيڙس ستاري.
[38][38]
وراڻي: تهنجي شادي ڪئي شهنشاهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
مهربان موليٰ، ساڻي توسان سيد،
آيو پاڻ رسول صلي الله، بنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
ابابڪر، عمر، عثمان، علِي،
تنهنجي آڌر ٿيو اسدالله، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
حاڪي حَسنُ حُسينڻ توسان ٿيا،
توتي نبين جي آ نگاهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
مددگار تنهنجا چار ئي يار چڱا،
پنجتن پاڪ ڏني ٿئي پناهه، بنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
هلي اڱڻ تنهنجي آيو پير پيران،
سرهو سارو بنيو هي سپاهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بنا!
پيءُ ماءُ تنهنجا اڄ مرڪن ٿا،
گهورون توتان گهورين جند ساهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
خوش ٿي خلقن کاڌو ڪاڄ تنهنجو،
تنهنجي ملڪن ۾ ٿي ساراهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
مٽ مائٽ تنهنجا، ڀائر دوست دِلي،
ڏين توکي ٿا مبارڪون، وهواهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
تنهني در تي آيا ڙي نگتا هِي ڪُل،
ڳائين غزل، مولود، مداح، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله بَنا!
تنهنجي شاديءَ ۾ ٿيا شغل شاهي،
ڳايو سهرو تنهنجو هي مداح، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
چوي ”بچل“ ادا! پڙهو صلو اعليٰ،
لٿي ڪلمي ساڻ اونداهه، بَنا!
توتي راضي ٿيو اڄ الله، بَنا!
|