مضمون
(ملڪي صورتحال)
ڦٽڪو، جنهن کي آواز هو
(مهرنگار مسرور)
دادوءَ جي هڪ اسڪول ۾ اُن ڏينهن وڏو ميڙ لڳو پيو
هو، ڇو ته 7- جولاءِ، ڇنڇر ڏينهن، نائين ڪلاس جي
شاگرد علينواز سولنگيءَ کي شهباز اسٽيڊيم ۾ ڦٽڪا
لڳڻا هئا.
اسڪول جي هيڊ ماستر ڇوڪرن کي رعبدار آواز ۾ چيو،
”وڃي ڏسو ته ڦٽڪا ڪيئن ٿا لڳن! اوهان کي خبر پوندي
ته شرارتي ماڻهوءَ جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو، ۽ ڪيئن بري
ڪم ڪندڙ تي خدا جو قهر نازل ٿو ٿئي.“
خميسو ۽ شيرو، ٻيئي ڄڻا عليءَ جا همڪلاسي هئا، ۽
تنهن شام ڍڳن کي چارو ڏيندي ٻيئي ڄڻا هن واقعي تي
ڳالهائڻ لڳا-
”يار، علينواز اصل ۾ ڪيو ڇا هو؟“ شيروءَ پڇيو.
”جنهن ڪورٽ مٿس ڪيس هلايو آهي، تنهن جي نظر ۾ هو
خطرناڪ ماڻهو آهي،“ خميسي ڏند ڪرٽيندي چيو، ” هن
جي هڪڙي خراب ڪم جي مون کي به خبر آهي، سو هيءُ ته
هن جيل ۾ هڪڙي گندي فلم ڏٺي هئي.“
”ٺيڪ
آهي، يار! اسان ڳئن ٻڪرين کي سدائين ائين ڪندي،
ٻچا ڄڻيندي، پئي ڏٺو؛ جيڪڏهن علينواز آمريڪي ڍڳين
کي ساڳي ڳالهه ڪندي ڏٺو ته ان ۾ ڪهڙي اربعا خطا ٿي
پئي؟“ شيروءَ انهيءَ الزام جو کتو جواب ڏنو.
”ضرور هن ڪو اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪري خلق
اڳيان کيس ڦٽڪا هنيا پيا وڃن، پر ڪنهن کي به خبر
ڪانهي ته اهو ڪم اصل ۾ هو ڪهڙو!“ خميسي چيو.
شيروءَ ڏکويل لهجي ۾ چيو، ”يار، هن جو پنهنجن
ڪتابن سان ڏاڍو عشق هو.“
پر
ٻئي ڏينهن اسٽيڊيم جي فضا ايتري ڏکويل ڪا نه هئي.
هزارين ماڻهو ڌوڪيندا، گڏ ٿيندا ويا، ته جيئن هي
واقعو ڏسن. پڪوڙن ۽ ڪيڪن وڪڻندڙن ته ماحول کي ويتر
ميلي جهڙو بنائي ڇڏيو هو.
مٽيءَ هاڻين سٿڻن- قميصن سان ماڻهو ٿنڀن کوڙڻ لاءِ
کڏون کوٽي رهيا هئا، جتي ڦٽڪن هڻڻ لاءِ جوابدارن
کي سوگهو ٻڌڻو هو.
ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن واڪا ڪري رهيا هئا، چرچا گهٻا
پئي هليا ۽ هڪڙي ”سڀ ڳالهه جي خبر رکڻ“ واري سزا
جي اڳ پوءِ جي اصولن جون وضاحتون پئ ڪيون.
ڏهين
ڪلاس جي نينگر حسن جي نظر وڃي خميسي ۽ شيروءَ تي
پيئي ته هو ڊوڙي وٽن اچي بيٺو ۽ مرڪندي چيائين،
”ياد اٿو ته هيڊ ماستر جا ڪتاب ڇنڊيندي مان سندس
ڪتاب پڙهندو هوس؟“
ان
تي خميسي بيصبريءَ سان وراڻيو، ” پر اِن ڳالهه کي
هن مهل ڪڍڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“
حسن
ڏاڍي اعتماد سان جواب ڏنو، ”هڪڙي ڪتاب ۾ ڪيترائي
تاريخي واقعا بيان ٿيل هئا، ۽ سولنگيءَ کي اڃ
لڳندڙ ڦٽڪا به اُن ڪتاب جي هڪ ڳالهه وانگر آهن.“
”سو
وري ڪيئن؟“ ڪيترا ئي ڇوڪر سندس چوڌاري مڙي ويا.
ڇوڪرن جي اهڙي ڌيان تي حسن کي همت آئي ۽ هو ٻڌائڻ
لڳو.
”اڳوڻي زماني ۾ روم جا ماڻهو پنهنجن شيدي ٻانهن کي
پاڻ ويڙهائيندا ۽ هڪ ٻئي هٿان مارائيندا هئا ۽ پاڻ
ويهي مزو ڏسندا هئا- تنهن وقت به وٽن اُن لاءِ وڏا
اسٽيڊيم هوندا هئا.“
”ها،
پوءِ؟“ هڪ ننڍي نينگر پڇيو.
”اهي
عورتن کي به شينهن اڳيان ڦٽو ڪندا هئا، ڇو ته هو
عورتن بابت مختلف رايا رکندا هئا. اعليٰ طبقي وارا
ته ٻين کان وڌيڪ اهو ڏسڻ پسند ڪندا هئا ته جانور
انسانن جو ماس چيرين، ڦاڙين ۽ هڏا چٻاڙين، ته کين
مزو اچي، حسن ڄاتو پئي ته سندس ٻڌندڙن ڪيترو ڌيان
پئي ڏنو، ۽ کيس اهو پڻ محسوس ٿي رهيو هو ته گهڙيءَ
کن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي.
”اڄ
اسين به دانهون ٻڌنداسين ۽ رت وهندو ڏسنداسين،“
خميسي آهستي پر چڀندڙ لهجي ۾ چيو.
”هائو، اسين اهو ڏسڻ لاءِ ئي ته آيا آهيون.“
حسن
چيو، ”اڄوڪو موقعو به ائين آهي، جيئن منصور کي
سندس سوچ سبب سنگسار ڪيو ويو هو، يا امام حنبل کي
سندس نظرين سبب وقت جي خليفي ڦٽڪا هڻايا هئا.“
شيروءَ، جيڪو ڪي قدر سست پئي ڏٺو، چيو، ”اِهو به
ٿي سگهي ته علينواز ڪو خراب ڪم نه ڪيو هجي، پر
ڪنهن ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هوندائين.“
”ڏاڍي جي ڳالهه نه مڃڻ معنيٰ پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ.
انگريز ته اهڙي ماڻهوءَ کي توپ جي منهن ۾ ڏيئي
ڇڏينداهئا،“ حسن چيو.
سندس
ڀر ۾ ويٺل هڪ ڇوڪر چيو، ”پوءِ ته ماس ۽ هڏا ٽڪر
ٽڪر ٿي ويندا هوندا.“
”هائو، پر اڄوڪي تماشي ۾ بدن هڪ حصو ٿي رهندو؛ رڳو
گوشٽ ڦاٽندو ۽ رت ڳڙندو، “ ٻئي ڄڻي وراڻيو.
جنهن
واقعي کي سڀ ڏسڻ آيا هئا، ان کين ائين بنائي ڇڏيو
هو، ڄڻ ته اُهي سڀ پڪا نوجوان هجن ۽ رت ڳاڙڻ جي
سکيا وٺڻ آيل هجن. ههڙا بحث ته هٽلر جي ظالم فوجن
جي اچڻ سان ۽ ان کانپوءِ اسرائيلي دهشتگردن جي
اچڻ سان کلي پوندا هئا، پر اڄ هي بحث اوچتو هتي کل
پيو هو.
”پر
يار، علينواز کي ته ڏاڍو ايذاءُ ايندو، صفا، لاهَه
نڪري ويندس!“
ائين چوندي شيروءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”هي
هيترا سارا ماڻهو ڪنهن کي ايذاءُ رسندي ۽ رڙيون
ڪندي ڏسڻ آيا آهن!” خميسي افسوس ناڪ لهجي ۾ چيو.
شيروءَ صفا لهڪارجي ويو هو. ڏانهنس ڪنهن ڌيان ئي
نه ڏنو، ڇو ته قيدي ميدان ۾ پهچي چڪا هئا ۽ کين
ٽڪٽڪٽين سان ٻڌڻ شِروع ڪيو ويو هو.
گل
حسن ۽ اصغر چانڊئي کي واري سان ڦٽڪا لڳي چڪا، هر
هڪ تي 13- 13 ڀيرا ڦٽڪا گهمائي گهمائي وسايا ويا.
خلق
۾ هل متل هو، ماڻهو هوڪرا ڪري ٿڪ لعنت ڪري رهيا
هئا. ڇوڪرا چپ ٿي ويا هئا، ۽ دهشت ۾ ٻڏي، مشاهدو
ڪري رهيا هئا. نيٺ علينواز سولنگيءَ کي سندس
سنگتين اڳيان آندو ويو. هڪ ڏکويل سڏڪو اُڀريو، ۽
جيئن ئي هي کيس سڏ ڪرڻ وارا هئا ته علينواز
سولنگيءَ هڪ نعرو بلند ڪيو.
اهو
نعر ڪهڙو هو؟ شايد ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانهي، پر جيڪي
ڇوڪرا هن سان گڏ ڪتاب کڻي هليا هئا ۽ جن ساڻن گڏجي
ويهي سبق لکيا هئا، تن سندس نعري جي موٽ نعري سان
ڏني. هو هر نعري جي موٽ نعري سان ڏيندا ويا.
پهريون ڦٽڪو لڳو پر هو اڃان به نعرا هڻي رهيو هو.
پوءِ سمورن ماڻهن، اسڪولي ٻارن سان گڏجي، نعرن جو
جواب ڏنو- ۽ ائين هزارين ماڻهو سولنگيءَ جي نعرن
سان هم آواز هئا.
پر
آواز بلند ٿيندا رهيا ۽ جيڪي ماڻهو انساني رت جي
راند ڏسڻ آيا هئا، سي هاڻي انساني خودداريءَ جو
سواد چکي رهيا هئا. هي ڪهڙو ڦٽڪو آهي، جيڪو انساني
جسم کي چيرڻ لاءِ هوا جيان زوزاٽ ڪندو اچي ٿو، ۽
جڏهن اهو لڳي ٿو ته اُهو زوزاٽ جو آواز ڪيڏانهن
ٿو هليو وڃي؟ ڇا، اِهو آواز تاريخ جي ڪتابن ۾ گم
ٿي ٿو ڃي، يا اِهو حقيقي بڻجي اسٽيڊيم ۾ هجوم جي
نعرن جو روپ ٿو وٺيو وڃي؟
پر
سولنگيءَ جا نعرا ڪنهن گوءَ کٽڻ يا هارائڻ وقت
اڀرندڙ آوازن وانگر نه آهن. اِهي سوچ ۽ اظهار جي
انساني حق جو سوال بڻجي اڀرن ٿا. اِهي انساني جسم
جو احتجاج آهن. جيڪو چيرجڻ نٿو چاهي: اِهي معاشري
جو احتجاج آهن، جيڪو جسم چيرڻ ۽ رت ڳاڙڻ جون
اذيتون نٿو چاهي.
دادوءَ جي نائين ڪلاس جو هي ”خطرناڪ“ ماڻهو واقعي
ڏاڍو خطرناڪ آهي. جيڪڏهن نائين ڪلاس کان ئي هو ٽن
ڦٽڪن لڳڻ جي باوجود نعرا بلند ٿو ڪري، ته پوءِ
سوچيو ته سورهن درجا پڙهڻ کان پوءِ هو ڇا ڇا نه
ڪندو، جڏهن هو ذهني ۽ جسماني طور وڌيڪ طاقتور
هوندو.
علينواز سولنگي! تنهنجي گناهه جو ثبوت اُن وقت ملي
ويو. جڏهن تو ڦٽڪي کي آواز ڏنو.
تون
واقعي سخت خطرناڪ ماڻهو آهين!
[روزانه ”ڊان“ ڪراچي، 27- جولاءِ
1984ع جي ٿورن سان.- ش.ا.ح]
ڇا،
چاپلوسي اسان جو گڻ آهي؟
(عزيز بيگ)
پاڪستان ۾ حڪومتون هميشہ اهڙن ماڻهن سان گهيريل
رهيون آهن، جيڪي خوشامد ڪرڻ واري فن جا ماهر آهن.
پر اسان کي وسارڻ نه گهرجي ته خوشامدڙيا ڪنهن جا
به دوست نه هوندا آهن. هو اُن وقت خاموشيءَ سان
گولي ٿي ويندا آهن، جڏهن هنن کي نئين ايندڙ
جائنشينن جي ڪا هلڪي يا ڪجهه چٽي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي
آهي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ترت ئي پوءِ زندگيءَ جا
قدر ۽ انفرادي توڙي اجتماعي انساني وقار جا ماڻ
ايترا ته تنزل تي پهچي ويا، جو هر وڏي تقرر جو خير
مقدم ڪيو ويو. اقتدار جي هر مٽ- سٽ جي آجيان ڪئي
ويئي، ۽ هر سرڪاري موقف جي تائيد ڪئي ويئي. ماڻهو
لاتعلق ٿي رهيا يا گهٽ ۾ گهٽ غير جانبدار ٿي رهيا،
انهيءَ ڪري، جو شايد کين اهو يقين هوندو هو ته
نئين حڪومت سندن مسئلن تي ڌيان ڏيندي، جن کي اڳوڻي
حڪمت حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي هئي. پر پاڪستان ۾ روز
بروز بدلجندڙ حڪومتن، درٻارين، خوشامن دڙين، وقت
کي سلام ڪندڙن ۽ موقعي پرستن جو هڪ نئون ڪلاس
پيدا ڪيو، جن اُنهن جي اشاري تي خوب سندن پوڄا
ڪئي، ۽ راتو رات پنهنجن گذري ويل نفعي بخشيندڙن کي
وساري ٿي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح حڪمران ٽولي جي اڳواڻن
کي خوشامدي ۽ چاپلوس ماڻهو ورائي ويندا هئا. جن کي
سيکاريو ويندو هو ته اُنهن ’خدائن‘ جي پوڄا ڪيئن
ڪجي. جن وٽ اختيار هئا ۽ طاقت هئي، ۽ صرف اُنهن جي
عزت ڪرڻ سيکاري ويئي، جن وٽ سرڪاري اثر رسوخ هو،
۽ صرف انهن کان ڊڄڻ سيکاريو ويو، جيڪي حڪم ڪرڻ جو
اختيار رکندا هئا.
حڪومت جي تبديليءَ ماڻهن جي اِن ڪلاس ۾ بوٽن چٽڻ
جي بي مثال ذوق کي ترقي ڏياري، اِن جي ڪا پرواهه
نه ڪئي ويئي ته اُهو جوڙو جوڌپوري بوٽن جو هو،
جنگي بوٽن جو هو، رينجر بوٽن جو هو، گم بوٽن جو
هو، جئڪ بوٽن جو هو، ڊيزرٽ بوٽن جو هو، ويلنگٽن
بوٽن جو هو يا عام پسند مضبوط بوٽن جو هو. اِن جو
به ڪو خيال نه هو ته آيا بوٽن جو جوڙو سُئيڊ چمڙي
سان ٺهيل هو، ڪئنويز مان، ڪروم مان، ڪِڊ ليدر مان،
واڳونءَ جي کل مان، سوئر جي کل مان، هرڻ جي کل
مان، نانگ جي کل مان يا چچيءَ جي کل مان. پر چٽڻ
لاءِ شرط صرف اِهو هو ته ذڪر ڪيل بوٽ جو جوڙو يا
اُن جو هڪ پادر يقيني طرح اقتدار ۾ هجي، اُن کي
ٿڏي هڻڻ جو اختيار هجي، ۽ اُهو پنهنجي ”ٽو“ (چوٽي)
تي آفيس جي مهر رکندڙ هجي. ران ۾ شان جي، مان يا
عقلمنديءَ ۽ اخلاق جي ڪا ڳالهه ڪا نه هئي. هو بوٽ
ضرور چٽيند رهندا. جيڪڏهن بوٽ هنن کي اُهي فائدا
ڏيندا. جن جا هو ڳولا هوندا، ۽ اُن ۾ به مڙيوئي
خير هو، جيڪڏهن بوٽ کهرو يا چڀندڙ هجي ۽ اُن جي
چٽڻ سان زبان ڇلجي پوي، اِن ۾ به ڪا وڏي ڳالهه
ڪانه هئي، جيڪڏهن هڪ پير جو بوٽ ٻئي پير ۾ پئجي
ويو هجي، ڇو ته اِهو سندن ڪم نه هو ته ڏسن ته بوٽ
صحيح پير ۾ هو يا نه هو. اُنهن لاءِ نفعي جو رستو
رڳو اِهو هو ته اُنهن کي چٽڻ ڇڏي ڏين، جيڪي پاڻ
ٿڏجي وڃن، ۽ نون بوٽن تي نظر پوڻ سان انهن جي لَڪڻ
۽ صاف رکڻ ۾ لڳي وڃن. ۽ اُهي صاحب بهادر ماڻهو
جيڪي پنهنجن بوٽن ۾ مري ويا هئا، اُهي ان لائق نه
هئا، جو انهن کي ياد رکجي يا انهن جو خيال به ڪيو
وڃي. ضروري ڳالهه اها هئي ته جيڪي انهن جا بوٽ
لاهي پيرن ۾ وجهڻ وارا هئا، تن تي اک رکي وڃي. پر
جيئن ئي انهن ساڳين اڳين سياسي لاشن، قيامت جيئن
وري اٿڻ جو ڪو اهڃاڻ ڏيکاريو ٿي، ته هو وٺي ٿي
اڳتي ڊوڙيا، بوٽن جون ڪهيون، بوٽ پالش جون دٻيون،
بوٽ پائڻ جا لوهي پٽا هٿن ۾ کڻي، هڪ ٻئي کي ڪلها
هڻندا، اڳتي ڌوڪيندا ٿي رهيا- هر هڪ منجهانئن اِن
ڳالهه لاءِ فڪر مند ته سڀ کان سٺو بوٽ چٽي صاف
ڪندڙ چمڪائيندڙ پاڻ کي هو ئي ثابت ڪري ۽ ڪنهن ريت
اِها بازي سڀني ٻين کان هو ئي کٽي.
هتي
عزت جو ڪو سوال نه هو، ڇو ته ذاتي عزت کان وڌيڪ
ذاتي مفاد هو، ۽ هو پنهنجون اميدون روشن تڏهن ئي
ٿي ڪري سگهيا، جڏهن اقتدار واري بوٽ کي چمڪائڻ جي
سرگرميءَ ۾ هو اڳرا ٿي ثابت ٿيا ۽ اشتهاري ذريعن
جي مهرباني هئي هنن تي، جو کين راءِ يا سماج جي
عتاب جو هر گز ڪو ڊپ ڪو نه هو. خود عدالتون به هنن
خلاف ڪو قدم نٿي کڻي سگهيون.جو قانون بوٽ
تڳائيندڙن خلاف تحرڪ ته وٺي سگهيو ٿي پر بوٽ
چٽيندڙن خلاف ڪجهه نٿي ڪري سگهيو. جيڪڏهن بوٽ
ٺاهڻ، پاڪستان ۾ هڪ انڊسٽري هئي، جنهن کي تحفظ
کپندو هو ته بوٽ چٽڻ هڪ ڌنڌو هو، جنهن هر ايندڙ
حڪومت کي تحفظ مهيا ڪيو ٿي ۽ اُن لاءِ انهن کي
انعام به خوب ٿي مليو. جيتوڻيڪ اُن لاءِ پنهنجي
فرض ادائي ۾، دائمي چستيءَ طور، کين قيمت ادا ڪرڻي
ئي ٿي پيئي، ۽ ائين هو اقتدار جا نفعي خور بڻجي
ٿي ويا، البت سندن واحد سرمايو سندن بوٽ چٽڻ جو فن
ئي هو، جيڪو در اصل سندن اکٽ ۽ اصلي ذوق هو. عوام
جي نظر ۾، جي هو ذليل قسم جا بلئڪ مارڪيٽر هئا، جن
ائين مٽيءَ مان مقدر ٿي بنايو، ۽ اهڙيءَ جاهل ۽ اڻ
پڙهيل راءِ جي انهن کي پرواهه ڪا نه هئي.
[ترجمو: م.ا.ج]
سوچ
جي نااهلي
(صلاح الدين)
اسين
سڀئي پنهنجي زماني جي ڪيترن ئي واقعن تي پنهنجي رد
عمل جو اظهار ڪريون ٿا. اُنهي نموني ئي عام رواجي
ماڻهو تاريخ کي جوڙِي ٿو. پر اُهي ماڻهو جن کي
جيڪي ڪي ٿي رهيو آهي تنهن کان اوندهه ۾ رکيو وڃي
ٿو، اُهي نٻل ٿيو، پنهنجو نفسياتي توازن وڃايو
ويهن ٿا ۽ پوءِ خوف جو احساس ۽ حقيقت ۾ اِهو نه
ڄاڻندي ته خوف آخر ڪهڙو آهي، اُها ڪيفيت فرد توڙي
سماج لاءِ تمام هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.
ڀانيان ٿو ته اُهو چيسٽرٽن هو، جنهن چيو هو:
”اسان کي اها خبر ناهي ته برطانيه جا پورهيت طبقا
ڇا ٿا سوچين، ڇا ڪاڻ ته اُنهن اڃا تائين ڳالهايو
ناهي“ پر ڇا، اسان کي خبر آهي ته اسين ڇا ٿا
سوچيون؟
منهنجيون سوچون، هڪ عام پاڪستانيءَ طور ظاهري طرح
اِنهي ڳجهه جي هڪ مبهم احساس جي ئي صورت رکن
ٿيون، جيڪو سرحدي صورتحال ۽ اندروني سياسي لقاءَ
متعلق اسان کي ڏنو وڃي ٿو. هڪ اخباري ماڻهوءَ کي
حقيقت ۾ پوريءَ ريت با خبر هئڻ کپي. هن ۾، مثلاً،
ايئر مارشل اصغر خان، نصير الدين خان، بابر ۽
آفتاب شيرپائو جي جيل مان آزاديءَ متعلق، ڳالهه جي
سمجهاڻيءَ ڏيڻ جي صلاحيت هجڻ کپي، هن وٽ ’سياچن
گليشر‘ جا پورا پار پتا هجڻ کپن، ۽ اُنهن اونداهن
پاڇن جي ڄاڻ به هجڻ کپي، جيڪي اتر جي گهيرن ۽
گهاتن ۾ چُري پُري رهيا آهن.
منهنجا دوست مون کان پڇن ٿا: ڇا ٿي رهيو آهي؟ مون
انهن کي ٻڌايو ۽ هن کان اڳ به هنن ڪالمن ۾ چئي
چڪو آهيان، ته ”مون کي اُن جو ڪيئن ٿو پتو پئجي
سگهيو؟ مان ته رڳو هڪ اخبار ۾ ڪم ٿو ڪريان!“ ائين
ته ڪو به ماڻهو شين جي مٿاڇري کي ڏسي سگهي ٿو ۽
اندازو لڳائي سگهي ٿو ۽ ائين هر ڪو ئي هر وقت ڪري
رهيو آهي، پر لقاءَ جي چڪر اسان کي صورتحال جي
صحيح رخ کي سڃاڻڻ جهڙو ڇڏيو ئي نه آهي، پيشيور هئڻ
جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي، آءُ اهو ئي چوندس ته صحافي
هاڻي صحافي نه رهيا آهن: اُهي ادارا جيڪي عام راءِ
کي جوڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ ضروري آهن، هاڻي انهن جو
وجود نه رهيو آهي.
آءُ
سماجي نابرابريءَ جي نشانين بابت ڳالهائيندو رهيو
آهيان، گذريل ڪجهه هفتن ۾ ڪن نون عنصرن گڏجي زور
ورتو آهي. عام ماڻهن کي اون ۽ ڳڻتي آهي، ايتري
قدر، جو هو سرحدي صورحال کان ڊڄن ٿا. ڪو به کين
ڀروسي ۾ نٿو وٺي. اسين چونڊن بابت به ڳالهايون
ٿا، پر اُنهن بابت اسان جي مڙني سوالن جو ڪو به
جواب ناهي.
ڀانئجي ٿو ته اهو جائز نٿو سمجهيو وڃي ته ڪو مسئلن
تي سوچيو وڃي، ۽ سوال به پڇجن. اسين فلاسافرن ۽
سوچيندڙن کان سواءِ ئي ڪم ٽپائي سگهون ٿا. پر ڇا،
اسين استادن کان سواءِ به ڪم هلائي ٿا سگهون؟ ڇو
ته هڪ استاد جو بنيادي ڪم پنهجن شاگردن ۾ سوچڻ ۽
سوال پڇڻ جو امنگ ئي پيدا ڪرڻ هوندو آهي!
ٻن
سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيندو، جو ليڪچرارن ۽ اسڪول
ماسترن طرفان ٿيندڙ هڪ هڙتال متعلق لکندي، مون
اوندهه ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ هلندڙ جدوجهد ڏانهن خاص
ڌيان ڇڪايو هو، مون هڪ آمريڪي مدبر جو حوالو
ڏيندي چيو هو ته ”هڪ سٺو اسڪول ماستر هڪ هزار ديني
پر چارڪن جي برابر هجي ٿو!“ اسان کي خبر آهي ته
اسان وٽ هيءُ دور ديني پرچارڪن لاءِ سٺو آهي. پوءِ
به، ماسترن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
شروعاتي طور تي منهنجو ارادو هو ته هن هفتي خصوصي
طور تي استادن متعلق لکان. پر سرحد صوبي ۾ ٽن
اڳواڻن جي آزاديءَ ۽ ملڪ جي جاگرافيائي سياسي
حالات بابت وڌيڪ انديشن ۽ انومانن وڌيڪ ڌيان طلبي
ڏيکاري ۽ انهن بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهيم. سنڌ
۾ ڪن ممتاز اڳواڻن جي لڳاتار نظر بندي به هڪ اهم
تبصري طلب مسئلو هو.
بهرحال وري به اچو ته اسان استادن بابت ڪجهه
سوچيون خاص طور تي ان لاءِ، جو اهو مسئلو اسان جي
سوسائٽيءَ مان دانشمندي جي وڌندڙ سوڪهڙي تي روشنهي
وجهي ٿو.هن هفتي ڪراچي يونيورسٽيءَ ٽيچرس سوسائٽي
جي صدر ڊاڪٽر حسن ظفر عارف کي مارشل لا ريگيوليشن
نمبر 51 تحت، سبب ڄاڻائڻ جو هڪ نوٽيس ڏنو ويو آهي.
ان ريگيوليشن جو تعلق سرڪاري ڪارپوريشنن جي
ملازمن جي شور شر ۽ گوڙ گهمساني سر گرمين سان آهي،
۽ ڊاڪٽر ظفر عارف تي ان سبب کان ”سرسري طور“ تي
قدم کڄي سگهي ٿو، ۽ هو برطرف به ٿي سگهي ٿو، نوڪري
پوري ٿيڻ کان اڳ رٽائر به ٿي سگهي ٿو، ۽ هن عهدي
تان هٽائي هيٺ به موڪلي سگهجي ٿو!
سبب
ڄاڻائڻ جي نوٽيس ۾ جيڪا الزامن جي فهرست آهي، سا
ڏاڍي هڪ واضع فهرست آهي. سڀ کان پهريون الزام
سياست ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ متعلق آهي، جڏهن
ته يونيورسٽي ملازمن تي ائين ڪري جي خاص طور تي
پابندي ٻين سرگرمين جي وڪالت ۽ پروپيگنڊا ٿو ڪري
يا انهن لاءِ اُڪسائي ٿو جيڪي گوڙ گهمسان ۽ ڏڦيڙ
وجهن ٿيون، يا اهي ان مقصد لاءِ آهن ته سٺي حڪومت
۽ امن امان لاءِ مشڪل حالات پيدا ٿين. ٽيون الزام
هن تي اهو آهي ته ”تو لاءِ مشهور آهي ته تون
پاڪستان ۾ انهن قدرن، سوچن ۽ عملن جي تذليل ۽
خواري پڻ ڪرين ٿو، جيڪي پاڪستان ۾ عزت ۽ عظمت جو
درجو رکن ٿيون، جن تي اسان جو سماجي نظام ٻڌل آهي
۽ جن جي تبليغ ۽ جن جي پذيرائيءَ يونيورسٽيءَ جي
خاص فرضن ۽ ذميدارين ۾ شمار ٿئي ٿي ته جيئن اهي ان
جي شاگردن جي ذهن جو حصو ٿي وڃن.“
منهنجو اهو ارادو ناهي ته الزامن جي انهن ڏهن ئي
فقرن جي فهرست ڏيان، پر هن استاد خلاف نائين شڪايت
اها آهي ته ”تو لاءِ ڄاڻايو ويو آهي ته تون
شاگردن کي هنگامه آرائي ڪرڻ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ غير
صحتمندانه وايو منڊل پيدا ڪرڻ لاءِ همٿائين ٿو ۽
تو کي هيڏانهن هوڏانهن گهمندي ۽ پنهنجي جماعت جي
شاگردن جي هڪ ٽوليءَ سان هلندي چلندي ڏٺو ويو آهي.
اهڙن ٽولين سان گڏ تو کي هاسٽلن، مجيد هوٽل ۽
ڪڏهن ’ننڍيءَ پل‘تي رات جو دير تائين ويٺل ڏٺو
ويو آهي ۽ تون پنهنجو سمورو وقت پنهنجن مقصدن
لاءِ ائين شاگردن کي گمراهه ڪرڻ ۾ صرف ڪري رهيو
آهين. اهڙيءَ ريت تنهنجي بدولت يونيورسٽيءَ جي فضا
غير يقيني ۽ غير صحتمند ۽ تعليم ۽ تدريس لاءِ
ناسازگار بڻجي رهي آهي.“
ڊاڪٽ
عارف فلسفي جي شعبي ۾ ائسوسئيٽ پروفيسر آهي ۽ پڪ
آهي ته هو انهن سڀني جي معنيٰ به ڄاڻندو هوندو.
معاملي جو هڪ ٻيو پهلو اهو به آهي ته هو ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي استادن جي جماعت جو چونڊيل صدر
آهي. مون کي تعجب آهي ته يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر، جيڪو ڪئمپس جي انتظامي ۽ تعليمي فيصلن
لاءِ ذميدار آهي، اهو هنن مٿين سڀني ڳالهين بابت
ڇا ٿي چئي سگهيو.
آءُ
اهو سوچي رهيو هئس ته سبب ڄاڻائڻ واري نوٽيس جي
سلسلي ۾ آءُ هتي يونيورسٽيءَ جي ڪردار ۽ ان جي
استادن جي سماجي ذميدارين وغيره بابت لکندس. اسان
جي يونيورسٽين جي سڀني وائيس چانسلرن به اڪثر طور
تي پوريءَ دانشمنديءَ سان يونيورسٽين جي سماجي
جوابدارين بابت وقت بوقت پئي ڳالهايو آهي. بهر
حال، انهيءَ ڳالهه تي آءُ وري ڪنهن ٻئي وقت تي
ضرور لکندس.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جا توهان کي خبر آهي ته مختلف
تعليمي شعبا آهن ۽ ائين اها وسيع ڏاهپ جو هڪ ڀنڊار
آهي. پر يونيورسٽيءَ جي استادن جو اِن ۾ ڪهڙو حصو
آهي؟ اُهي پنهنجين ڊگهين موڪلن ۾ ڇا ڪندا آهن!
آزاديءَ کان اڳ ته حالتون مختلف هيون، اُردو
ماهنامي”افڪار“ جي تازي پرچي ۾ هڪ ڀاڱو ڏنو ويو
آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر،
ڊاڪٽر جميل جالبيءَ، لاءِ مخصوص ٿيل آهي. مختلف
ليکڪن هن جي ذاتي ۽ ادبي ڪارنامن کي زبردست خراج
تحسين پيش ڪيو آهي.
”افڪار“ جي ان ساڳئي پرچي ۾ ڊاڪٽر عبادت بريلويءَ
جي يادگيرين جي ٻي قسط به ڇپي آهي. ان ۾ هن لکنئو
يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي گذريل ڏينهن بابت لکندي،
استادن ۽ شاگردن بابت ٻڌايو آهي ته اُهي ڪهڙي
نموني ۽ ڪيتري جذبي سان وقت جي مسئلن ۾ بهرو
وٺندا هئا. ڊاڪٽر بريلوي صاحب پنهنجين يادگيرين
۾ هڪ استاد متعلق ٻڌائي ٿو ته هو ڪن سياسي سببن
جي ڪري جيل ويو، ته هن جي اُن غير حاضريءَ واري
عرصي کي باقاعدي موڪل قرار ڏنو ويو. مون کي يقين
آهي ته ڊاڪٽر جالبيءَ اُهو مضمون ۽ ان جو اهو ٽڪرو
ضرور پڙهيو هندو، پر اُهو ماضي ڪنهن ٻئي ملڪ جو
هو،۽ هاڻي اسين آزاد آهيون!
[روزانه ”ڊان“ 4 آڪٽوبر، 1984ع جي ٿورن
سان..______ م.ا. ج] |