سيڪشن؛ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 14

 

 لولي جي ڪهاڻي

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن فرنگي فوجون شهرن ۾ ڇانوڻيون هڻي ويٺيون هيون، ۽ ڪمپني بهادر جا ڪارندا ۽ ڇاڙتا ڳوٺ ڳوٺ مان ڍلون ۽ قرض وصول ڪري رهيا هئا. سرڪار سندن هئي، سڪو سندن هو. ڪامورا ڪڙا، جج ۽ پوليس، رئيس ۽ وڏيرا سڀ سندن اشاري تي پتلين جيان کيڏي رهيا هئا. پر اندروني حالتون مختلف هيون، هر ڳوٺ، پاڙي، گهٽي ۽ گهر ۾ ويندي فوجي باريڪن ۽ عدالتن تائين فرنگي فوجن خلاف نفرت ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪي رهي هئي، ۽ هر ديسواسي جي دل ۾ هڪ ئي عزم ڪاريهر جيان ڪر کنيو بيٺو هو ته پنهنجي دين ۽ ڌرم، ڏاڏاڻين ريتن ۽ روايتن جي حفاظت، پنهنجي وطن جي رياستن ۽ علائقن جي آزادي سان گڏ، پنهنجي ملڪ جي سپاهين، وڻجارن، هنر مندن، هارين، ڪمين ۽ ڪاسبين جي ڀلائي اِن ڳالهه ۾ آهي ته جيئن به ممڪن ٿي سگهي، ڦورو فرنگين کي ملڪ مان لوڌي ڪڍجي، ۽ انهي پيغام کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جو بار ”لولي“ جي ڪلهن تي وڌو ويو، جيڪو زندگيءَ جي مڙني رنگينن، اميدن ۽ امنگن جو اهڃاڻ هو.

ٺوٺ ڌرتي جي سارنگ جا سهسين ساٺ، هرن ۽ هُرلن جا هلٽ، چڙن جي چونگار ۽ چنگن جا لهرا، پوکن جي ساوڪ ۽ لابارن جا چهچٽا، کِرن ۽ اوطاقن جا ميلا، سنجها ويلي جنڊن جون گونجارون، چوڙين جا ڇڻڪا، ننڍين نيٽين جا ٽهڪڙا، جوانن جون هڪلون، ٻارڙن جو ڪيڪون ۽ مائرن جون لوليون، باهه جي چوڌاري ڪچهريون، شادي ۽ ونواهه جون واڌيون، ڏهاڙا ۽ ڏڻ مطلب ته وطن جي سموري سونهن، لڄ ۽ عزت، لولي ۾ سمايل هئي، اُهو نه رڳو هڪ اشارو يا علامت ئي هو، بلڪه ائين چئجي ته اُهو ملڪ جي تهذيب ۽ تاريخ هو.

مورچو:

لولي پنهنجو فرض محسوس ڪندي، نهايت ڳجهين تيارين سان، ڪمپني بهادر خلاف مورچو قائم ڪيو، ۽ تمام وڏي خبر داريءَ ۽ رازداري سان، ڳوٺ ڳوٺ پيرن مان ڪڍندو، ماڻهن کي فرنگين خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو.

اوهين ان کي ڪا ڏند ڪٿا نه سمجهو. هي هڪ حقيقت آهي، جنهن جي مڃتا خود انگريز تاريخ نويس به ڪئي آهي. هڪ انگريز مؤرخ لکي ٿو ته ”لولو زبان سان ڪجهه به ڪين ڳالهائيندو هو، ڳالهائڻ جي ضرورت به ڪهڙي؟ اُهو ته پاڻ ئي هڪ کليل ڪتاب!“

فرنگي حاڪم لولي کي ڪڏهن ڪڏهن شڪ جي نگاهه سان ڏسندي، کيس اڻڄاتل خطري جو نشان سمجهندا هئا، پر پوءِ  مونجهارن وچان ان خيال کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيندا هئا. وقت بوقت لولي بابت فرنگين جي ذهنن ۾ ڪيئي خيال جنم وٺندا ۽ ڊهندا رهندا هئا، پر پڇاڙي تائين اُهي هن ڳالهه جي تهه تائين پهچي نه سگهيا ته اُهو سڀ کان اول ڪڏهن ۽ ڪنهن جي گهر مان نڪتو، ۽ ڪهڙي ڏس ڏانهن ويو!

انهن شڪن شعبن جي بنياد تي لولو هڪ ڀيرو گرفتار به ٿيو، پر گرفتار ڪرڻ وارن اهلڪارن پاران سخت ڀڇا ڳاڇا کان پوءِ اصل حقيقت معلوم ٿي نه سگهي- ڇاڪاڻ ته لولو ڪو هڪڙو هجي ها ته جهلجي پوي ها، پر هتي ته اُن جا ڪيئي روپ هئا.

هڪ ڀيري ته لولي کي ٽڪر ٽڪر ڪري پيٺو ويو ۽ پيهڻ بعد وري کيس چڱي ريت ڇاڻي ڳوهيو ويو، پر اُن مان فرنگين کي ڪو به کڙتيل حاصل نه ٿيو.

اِن ريت، هن باغي ۽ رولاڪ لولي فرنگين کي چڪرائي ڇڏيو.

سندس ڪاررواين جا ڪيئي قصا آهن، هڪ ڪارروائي جو ذڪر سول سروس جي هڪ انگريز ڪاموري، ٿارن بل، جيڪو 1857ع ۾ مٿرا ۾ مقرر ڪيل هو، هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”جنوري جي پڇاڙڪن ڏينهن جي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن جيئن ئي معمول مطابق پنهنجي آفيس ۾ پهتس ته ڇا ڏسان، ميز تي نهايت ئي ڪني اٽي مان پچايل، ننڍيون ننڍيون چار ميريون مانيون پيون آهن. جيڪي بناوت ۽ ٿولهه ۾ گول بسڪٽ جهڙيون هيون.“

مسٽر (ٿارن بل) هڪ ٻئي موقعي جو ذڪر ڪري ٿو: ”ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو اوپرو شخص آيو ۽ چوڪيدار کي هڪ لولو ڏيئي، تاڪيد ڪري ويو ته اهڙا ٻيا چار لولا پچائي، ڪنهن ويجهي ڳوٺ جي چوڪيدارن ۾ ورهائي، ۽ کين اها هدايت به ڪري ته اُهي به ائين ڪن.“

چوڪيدار ان شخص جي حڪم جي پوئواري ته ڪئي پر ساڳئي وقت اِها سڄي ڳالهه پوليس جي ڪنن تائين به پهچائي ڇڏي. آهستي آهستي اهڙيون ٻيون خبرون به مختلف هنڌن تان پهچڻ  لڳيون، ۽ لولي نيٺ هن سرخيءَ سان اخبارن ۾ جڳهه ورتي ته ”لولو سڄي ڏکڻ هندستان ۾ گهمي رهيو آهي.“

ڳجهي علامت:

ٿارن بل جي انهي بيان مان به ”لولي کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ماڻهن وساري ڇڏيو“، ظاهر ٿئي ٿو ته کيس لولي تي ڪنهن ڳجهيءَ علامت هجڻ جو شڪ ڪو نه هو. پر جن کي ويلور ( مدراس) جي بغاوت ياد هئي، سي پڇاڙي تائين لولي واري هلچل تان پنهنجو ذهن هٽائي نه سگهيا.

”هندستان ۾ سپاهين جي بلوي جي تاريخ“ جو منصف لکي ٿو ته ”لارڊڪنگ لولي جي هلچل ۽ اُن جي نتيجن جو ٻڌندي ئي هن سوچ ۾ وٺجي ويو ته اُن سان عوام ۾ زبردست هراس پکڙجي رهيو آهي، ۽ اِهو احساس شديد نفرت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.“

اُن باري ۾ سوچيندي سوچنيدي، لارڊ جو ڌيان ڏکڻ اولهه جي هڪ واقعي ڏانهن کڄي ويو، جنهن جي ڪا معقول وضاحت ڪرڻ ۾ وڏا وڏا تجربيڪار ۽ ڏاها ماڻهو به ناڪام ٿيا هئا. اُهو واقع هن ريت هو ته ” هڪ پراسرار نشان هو، جيڪو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏانهن ڪنهن ٽياڪڙ جي معرفت سفر ڪندو هو- ۽ اهو پراسرار نشان هو سادو سادو لولو، جيڪو اٽي کي پاڻي ۾ ڳوهڻ بعد دانگي تي پچائي تيار ڪبو آهي.“

لولي جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ گهمڻ جو انداز هي هو ته ڪو به هڪ ڄڻو اُن کي کڻي ڪنهن ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ ويندو هو ۽ چوندو هو ته هو لولن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي. اهڙي ريت اُهو لولو راڄ گهمندو رهندو هو، نه ڪٿي کيس وٺڻ کان انڪار ٿيندو هو، ۽ نه ئي ان باري ۾ اجايا سوال جواب ٿيندا هئا. هر هنڌ کيس انڌي عقيدي جيان قبول ڪيو ويندو هو. ڄڻ ته ڪا اهڙي ضرورت هئي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر سمجهي نٿو سگهجي.

وضاحتون:

ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن، لولي جي هلچل جو عام هل پئجي ويو، تڏهن سرڪاري ڪامورا ان بابت مختلف وضاحتون ڪرڻ لڳا، ڪن هن کي ايندڙ حالتن لاءِ سٺو سوڻ ٺهرايو ته ڪن بدسوڻ. ڪن ان کي ڪنهن وڏي  ڳڙ ٻڙ جي نشاني سمجهي، اهو رايو ڏنو ته حالتون خراب ٿيڻ واريون آهن، تنهنڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ کپي، هڪ ڪاموري گورنر جنرل کي لکيو ته ”لولو عوام جي خوراڪ جي علامت آهي. اُن کي هن ريت ورهائڻ ۽ پکيڙڻ جو مقصد عوام کي سجاڳي جو سڏ ڏيڻ سان گڏ، سندن ذهنن تي اِها ڳالهه آڻڻ به آهي ته کانئن رزق ۽ روزگار جا وسيلا کسجي رهيا آهن.“

ڪن ڪامورن وري لولي جي گشت کي وهم پرستي ٺهرائي، ٽوڪون ڪيون. هُنن اهو خيال ڏيکاريو ته هندو ماڻهو پنهنجي ڪنهن ڀاتي جي بيمار ٿيڻ جي حالت ۾ لولا پچائي غريبن ۾ ورهائيندا آهن، تنهنڪري حڪومت لاءِ اهو ڪو خاص معاملو ڪونهي.

جهڙي ريت ڪامورا مختلف وضاحتون ڪرڻ لڳا، اهڙيءَ ريت ماڻهن ۾ به مختلف ڳالهيون هلڻ لڳيون. ڪن اِهي افواهه اُٿاريا ته اُنهن لولن ۾ مردار جانورن جي هڏين جو چورو ملايل آهي ۽ اُن وسيلي  فرنگي حاڪم هندستاني ماڻهن جي دين ڌرم تباهه ڪرڻ گهرن ٿا. ڪن جو خيال هو ته اُنهن لولن ۾ ڪي مخفي خط وجهي ورهايا پيا وڃن، ۽ اُهي واسطيدار ماڻهن تائين ڳجهي نموني پهچائڻ لاءِ اِهو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي.

خير، ڪيئن به هجي، پر هيءَ حقيقت آهي ته لولو جنهن به هنڌ پهتو، اُتي جي ماڻهن ۾ هڪ خاص قسم جي بيچينيءَ جنم ورتو، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اثرائتي ٿيندي ويئي.

لولي جو سفر:

لولي جو سفر ڪنهن هڪڙي علائقي تائين محدود نه هو. هندستان جي هر ڪنڊ ۾، جتي به ڪمپنيءَ جي عملداري هئي يا جتي به فرنگين خلاف نفرت ۽بغاوت جا جذبا هئا، اُتي لولو پهچي چڪو هو. اِن جي تصديق خود اُن وقت جي انگريز ڪامورن به ڪئي آهي. لارڊ ڪنگ کي لولي جي ڳجهين سرگرمين جي ڄاڻ سڀ کان اول ڏکڻ- اولهه وارن علائقن کان پئي. ڏکڻ هندستان جي ڪامورن به اُنهي هلچل جون شڪايتون ڪيون. گوڙگان جي ڪليڪٽر، مسٽر فورڊ،  به لولي بابت رپورٽون موڪليون. ساگر ۽ انڊور جي ڪمشنر  پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته ”عام ماڻهو لولي کي ڪنهن خطري جو نشان سمجهن ٿا“- ڇاڪاڻ ته اُن وقت مدراس، مئسور ۽ انڊور جي علائقن ۾ لولي واري هلچل جي واويلا متل هئي. ان هوندي به فرنگي عملدارن لولي کي خطري جو نشان تيستائين نه سمجهيو، جيستائين بغاوت ڦاٽ کاڌو.

وٺ – پڪڙ

فرنگين کي جيئن ئي پتو پيو ته لولو ڪنهن ڳجهي منصوبي جو اهڃاڻ هو، تيئن اُنهن سخت وٺ- پڪڙ لائي ڏني. بهادر شاهه خلاف مقدمي ۾ به جيترا شاهد پيش ٿيا، تن کان به سخت آڏي پڇا وسيلي لولي جي روپ ۾ موڪليل  ڳجهي پيغام کي لهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي؛ پر کين ڪجهه به نه وريو. هر ڪنهن جو بيان هڪٻئي کان الڳ هو. ڪنهن چيو ته ”لولو اِن ڳالهه جو اشارو هو ته هندستانين کي هاڻ فرنگين جهڙو کاڌو کائڻو پوندو.“ ڪن اُن کي سرڪار پاران ماڻهن تي عيسائيت مڙهڻ جو شڪ ظاهر ڪيو، ته ڪن وري اُن کي هندن جا ٽوڻا ٽوٽڪا بيان ڪيو، پر فرنگين لاءِ سڀني کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه ڇرڪائيندڙ هئي، سا هيءَ ته اُهي لولا رڳو ڪمپنيءَ جي قبضي وارن علائقن ۾ ئي گشت ڇو ڪري رهيا هئا!

هڪ فرنگي ڪاموري، مئٽڪاف، هڪ بيان ۾ چيو ته مون جڏهن هڪ شخص کي سڳ سوڌو پڪڙيو ته هن چيو ته ”مون سمجهيو هو ته انگريز سرڪار شايد خود اِئين ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“ هُن اڳتي هلي چيو ته ”لولا- هلچل جي شروعات  لکنو کان ٿي، جنهن جو مقصد ايندڙ ڪنهن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي متحد ڪرڻ هو.“

گورنر جي مخبر، جاٽ هل، جو چوڻ وري هي هو ته ”مون لولن کي هندو مسلم آبادين ۾ بنان فرق گهمندي ڏٺو، پر ڪٿان به اهو ٻڌڻ ۾ نه آيو اٿم ته اُنهن وسيلي ڪو ڳجهو پيغام اماڻيو پيو وڃي.

انبالا ڇانوڻيءَ جي ڪپتان مارٽينو، پنهنجي شاهديءَ ۾ چيو ته ”جهاز ۾ هلندڙ بسڪيٽن جيڏو لولو سرڪار سڳوري  جي حڪم تي هر ڳوٺ ۾ ان نيت سان موڪليو پيو وڃي ته جيئن هندستاني رعيت فرنگي حاڪمن جي خوراڪ کي چڱي ريت سڃاڻي سگهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن کين اِهو کاڌو کائڻو پوندو. هونئن به لولو فرنگين جي رسمي عقيدن جي علامت آهي.“

اُؤڌ کان ابتدا

بهادر شاهه جي طبيب، حڪيم احسان الله، جي چوڻ موجب لولي واري هلچل جي ابتدا اَؤڌ کان ٿي. هڪ فرنگي  فوجي ليکڪ  پنهنجي ڪتاب، ”دهليءَ کي گهيرو“ ۾ به ائين لکيو آهي ته سڀ کان اول اَؤڌ ۾ هڪ چوڪيدار کي ٻه لولا مليا، جنهن وري ٻيا ڏهه لولا پچائي اُتي جي ماڻهن م ورهايا.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته ” جيستائين اِها ڳالهه اختياري وارن جي ڪنن تائين پهچي، تيستايئن اُهي لولا پنجاب پهچي چڪا هئا. اِن ۾ لکنو جي اڳوڻيءَ درٻار جو هٿ هو. جهانسيءَ ۽ بهار ۾ به لولا اِن ريت پهچي ويا.“

”فرينڊ آف انڊيا“ جي مصنف، مسٽر سيل، جي دعوا آهي ته ”لولي واري هلچل جي شروعات هڪ پنڊت جي صلاح سان راجا ماڌو سنگهه ڪئي ، ۽ ان جي پويان اِهو راز لڪل هو ته جنهن نالي جا لولا ملڪ ۾ گردش ڪندا، سو آخر ڪار هندستان تي راڄ ڪندو.“

سرحدي علائقن ۾ لولن ورهائڻ جو طريقو ئي نرالو هو. هڪ ضلعي عملدار جو بيان آهي ته ” هڪ ڀيري ڪو ڪارندو مانين جي ڳٺڙي پٺن سان ٻڌي گهمي رهيو هو. هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ ڏسي، مانيون ٽڪرا ٽڪرا ڪري اُنهن ۾ ورهائڻ لڳو. مون کيس جهلي پڇيو ته وراڻيائين ته ’هندستان جي اِها پراڻي رسم آهي ته جڏهن به ڪو رئيس يا سردار پنهنجي ماڻهن کان ڪم وٺندو آهي، تڏهن انهن ۾ مانيون ورهائيندو آهي ته جيئن سندن وفاداري حاصل ڪري سگهجي. جنهن به ماني جو ٽڪر قبول ڪيو، سمجهو اُن وفاداري جو حلف کنيو.‘ مون کان ٽهڪ نڪري ويو، پر مون وري سنجيدو ٿي پڇيومانس ته ’اڄ ڀلا ڪهڙو ڪم ڦاٿو آهي؟‘ هن مرڪندي چيو، ’اِها خبر ته مون کي به ڪانهي‘.

لولي جو راز

ملڪ ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪي واي ماٺي ٿي ويئي، ڪيئي عدالتون قائم ٿيون، جن ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جا حڪم ٻڌايا، ٽڪٽڪيون لڳايون ويون. ماڻهو گولين جي بک بڻيا. سطاني گواهن کان وٺي اعليٰ انگريز عملدارن تائين، خيالي گهوڙا ڊوڙايا ويا، پر لولي جو راز ، راز ئي رهيو. هو پهرين به پنهنجي پراسرار پيغام جي باري ۾ چپ هو، ۽ هاڻي به چپ آهي. اسين رڳو ايترو چئي سگهون ٿا  لولي بغاوت  جو ڪوبه منصوبو تيار نه ڪيو هو، پر فرنگين جي خلاف، کانئن نفرت ڪرڻ وارن کي منظم ضرور ڪيو هو. بغاوت جي باهه کي ڀنڀٽ بنائڻ واري مقصد کي لولي نهايت رازداريءَ ۽ سليقي سان سرانجام ڪيو- ۽ ٿورن ئي ڏينهن اندر ملڪ ۾ هڪ اهڙي قسم جي نفسياتي فضا قائم ٿي ويئي، جو هر ڪو ڄاڻڻ لڳو ته ڪا زبردست تبديلي ٿيڻ واري آهي.

(26-7-1984)

[روزانه ”امن“ ڪراچي10-12-13- ڊسمبر 1983ع . جي ٿورن سان – ش ا ح]

 

انصاف ڪٿي آهي؟

اسان گذريل مهيني پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ تعلقي پني عاقل جي ”واري“ ڳوٺ وارن سان فوجي ويلفيئر فارم وارن جي زيادتيءَ جو مختصر ذڪر ڪيو هو، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي. ديهه صالحاڻيءَ ۾ ”واري“ ڳوٺ وارن کي روينيو جي قانون مطابق مليل زمين کي به،  جنهن جي ماپ ويهه سيڪل آهي(هر سيڪل ٽيٽيهن فوٽن جو ٿيندو آهي)، فوجي ويلفيئر فارم وارن هڙپ ڪندي سندن زمين جو هڪ پنجابي سيٽلر کي مقاطعو ڏنو، جنهن پهريائين ته ٽيڪٽر وٺي اچي زمين کي کيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن تي ڳوٺ وارن هن کي سمجهايو ته ”اها زمين ڳوٺ وارن کي مليل ويهن سيڪلن جي اندر آهي، ان تي ڳوٺ وارن جو حق آهي، فارم وارن جو ڪو حق ڪونه آهي جو هو توکي مقاطعو ڏيئي سگهن، ڇو ته جڏهن فوجي فارم کي فارم لاءِ زمين ڏني ويئي هئي ته اُن وقت ڪالونائيزيشن آفيسر هنن سان جيڪو حلف نامو طئي ڪيو هو، اُن ۾ هن شيءِ جي چٽي وضاحت ٿيل آهي ته توهان کي جيڪا زمين فارم لاءِ ڏني پئي وڃي، سان ڪنهن به ڳوٺ کي مليل ويهن سيڪلن واري زمين جي اندر ڳوٺ سان لاڳيتي ڪانه آهي، ۽ ان کان سواءِ  اسان وٽ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو پڻ موجود آهي ۽ اُهو ڪيس سينيئر سول جج گهوٽڪي جي ڪورٽ  ۾ به هلندڙ آهي، تنهن ڪري تون هليو وڃ“ ڳالهيون ٻڌي مقاطيدار هليو ويو.

پر هو، فوجي ويلفيئر  فارم وارن جي ڀڙڪائڻ تي 30- 5- 1984ع تي، پنهنجا ڪجهه مددگار وٺي، جن ۾ ٻه فوجي به شامل هئا، ٻيهر زمين کي کيڙڻ لاءِ پهتو ۽ ڳوٺ وارن جي گهر کي باهيون ڏيڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ وارا پنهنجن گهرن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين  جا ماڻهو زخمي ٿيا. ڳوٺ وارن مقاطيدار جي مدد ڪندڙن منجهان پنجن ماڻهن کي پڪڙي ، پني عاقل ٿاڻي تي پيش ڪيو ۽  سندن مٿان گهرن کي باهيون ڏيڻ جو ڪيس ڪيو. ٻئي طرف مخالف ڌر به ڪيس ڪيو! نتيجي ۾، باهيون ڏيندڙ ماڻهن کي ته ڇڏيو ويو پر اٽلندو ڳوٺاڻن کي پڪڙيو ويو. اٺن ماڻهن ڀڄي وڃي هاءِ ڪورٽ سکر مان گرفتار ٿيڻ کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي. بعد ۾ وري باقي اٺن ماڻهن جي ضمانت  سب جج پني عاقل، جي ڪورٽ مان ڪرائي ويئي. پر جڏهن فوجي فارم وارن ڏٺو ته هنن جي قانوني طرح دال نٿي ڳري، ته پوءِ وري هنن اٽڪل ڪري ساڳيءَ ايف. آءِ. آر تي ايم. ايل او (77) لاڳو ڪري، سورهن ئي ماڻهن کي کڻي گرفتار ڪيو . ( مارشل لا آرڊيننس 77 لٽ مار ڪندڙن، ڌاڙيلن، اغوا ڪندڙن ۽ زوري باهيون ڏيندڙن تي لاڳو ٿيندڙ آهي.)

پوءِ وري اُنهن ماڻهن کي مارشل لا جا ڊڄ ڊپ ڏيئي، هي ٻڌايو ويو ته ته توهان کي ڪؤڙا لڳندا، لکين روپيا ڏنڊ پوندا، تنهن ڪري ٺاهه ڪريو ته پوءِ اوهان کي ڇڏيو ويندو.

اُن جو نتيجو هيءُ نڪتو، جو اُهي مسڪين ماڻهو ڪؤڙن ۽ لکين روپين جي ڏنڊ کان ڊڄي، ٺاهه ڪرڻ تي راضي ٿي پيا. پوءِ وري باقاعدي انگريزي زبان ۾ هڪ دستاويز  لکيو ويو ۽ اُنهن اڻپڙهيل ماڻهن کي اِها خبر ئي نه رهي ته دستاويز ۾ ڇا لکيو ويو آهي، پر چوندا آهن ته زور اڳيان زاري، سو مجبورن اُنهن کي جيل سپرنٽيڊنت اڳيان صحيحون ڪرڻيون پيون. پوءِ کين ضمانت تي ڇڏيو ويو، ۽ اُها ضمانت جماعت اسلامي جي هڪ معزز رهنما مفتي دائم الدين صاحب ڏني.

پر اُنهن گرفتار ٿيل ماڻهن کي جڏهن مفتي دائم الدين صاحب چيو ته ”هاڻي اوهين پنهنجا گهر ڊاهي، اِن زمين تان هليا وڃو“ ته پوءِ اُنهن ماڻهن واويلا ڪئي ته ”اسان پنهنجن گهرن ڊاهڻ ۽ ڳوٺ (جيڪو سوين سال قديم آهي)  پٽڻ لاءِ ٿورئي ٺاهه ڪيو هو: اسين پنهنجو حق ۽ پنهنجي ڌرتي ڪونه ڇڏينداسين. جڏهن اسان کي هاءِ ڪورٽ جو منع نامو به مليل آهي ۽ سينيئر سول جج گهوٽڪيءَ واري به 12- 7- 1984ع تي اسان جي حق ۾ منع نامو جاري ڪيو آهي، ته پوءِ اسين ايترن قانوني حقن هجڻ کان پوءِ پنهنجا گهر ڇو ڊاهيون“ پر سندن اِها گهر کين مهانگي پيئي، جو مفتي دائم الدين صاحب سندن مٿان ناراض ٿي ۽ ضمانت تان هٿ کڻي  کين 21- 7- 1984ع تي مارشل لا اٿارٽيءَ وارن جي حوالي ڪري ٻيهر جيل حوالي ڪري آيو.

اسين نام نهاد اسلام جي ٺيڪيدارن کان هي پڇڻ چاهيون ٿا ته ڇا اسلام جو اهو سبق آهي، جو جيڪي ماڻهو سوين سالن کان وٺي اُتي رهندڙ آهن، اُنهن کي ڏاڍن جي مفادن پوري ڪرڻ لاءِ سندن ڌرتي تان لڏايو وڃي؟ ڇا، اِها معزز هاءِ ڪورٽ ۽ سول ڪورٽ جي بيعزتي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي اسلامي قانون ۾ هنن ماڻهن لاءِ ايترو به حق نه آهي، جو هو پنهنجي ئي ڌرتي تي رڳو گهرڙا ٺاهي رهي سگهن؟

حالانڪه پراڻن دستاويزن ڏيڻ کان پوءِ هيءَ ڳالهه معلوم ٿي آهي ته اهو ڳوٺ سئو سالن کان رڪارڊ تي موجود آهي ۽ اُن وقت انگريز سرڪار جڏهن اُن ڳوٺ جي چوڌاري ٻيلو پوکڻ پئي چاهيو ته ڳوٺ وارن سان اِهو معاهدو ڪيو هو ته ”اوهان جا ڍور ڍڳا بنان ڪنهن روڪ ٺوڪ جي ٻيلي مان چري سگهندا، ۽ جڏهن ٻيلو ڪيرايو ويو ته اوهان جون زمينون اوهان کي ئي واپس  ڪيون وينديون.“ افسوس آهي ته اڄ جي پاڪستاني مسلمانن تي جو انگريز سرڪار ماڻهن  جي ڍور ڍڳن جو به ايترو خيال رکيو هو.

ڇا، پاڪستان اِن ڪري ٺاهيو ويو هو؟ ۽ انگريز کان آزادي اِن ڪري ورتي ويئي هئي؟ يا وري ماڻهن کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ڇوته اِها سنڌين جي اسيمبلي هئي، جنهن سڀ کان پهريائين پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. ڇا سنڌين کي اُن ٺهراءُ  پاس ڪرڻ جي سزا ڏني ٿي وڃي؟ ڇا، هن وقت ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ ۽ سول ڪورٽن جهڙن معزز ادارن جي طرفان مليل حق به پلئه ڪونه پوندا؟

انگريزن جي غلاميءَ ۾ به ايترو حق مليل هو، جيڪو اسين مٿي ٻڌائي آيا آهيون. آخر اِها ڪهڙي آزادي آهي، جنهن ۾ مليل حق به کسيا وڃن؟ ته پوءِ آخر انصاف ڪاٿي پلئه پوندو. اُن جو ڏس ڏنو وڃي ته اُتي دانهن ڪيون وڃن!

[ماهوار ”الصادق“ ڪراچي جي شوال مهيني (13- 9- 1984ع) سن 1404هه ۾ ڏنل ايڊيٽوريل نوٽ]

 


 

کيل- ٻن کاس مورتن جو

(عبدالغني)

آءُ سمجهي نٿو سگهان ته وزير دفاع ويچاري جي تازين هڪ ٻن ڳالهين تي ماڻهو ڇو ناراض ٿي پيا آهن. هن معصوم ته رڳو ايترو چيو آهي ته 1973ع جو ملڪي آئين ”ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي ۽ غير اسلامي آهي“! منهنجو چوڻ هي آهي ته اسين جيڪڏهن وزير دفاع جو دفاع نه ڪنداسين ته ممڪن آهي ته هو به اسان جو دفاع ڪرڻ ڇڏي ڏئي. ۽ هيلتائين سچ پچ ته هو پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ تمام ڪامياب رهيو آهي. هن جي دؤر ۾ اسان تي ڪنهن ڌارئين لشڪر چڙهائي ڪا نه ڪئي آهي.

ڇا به هجي، پر آءُ اظهار جي آزاديءَ جو پڪو عقيدتمند آهيان- بلڪه اوهين ائين به چئي سگهو ٿا ته منهنجو ته اِن ۾ پنهنجو دائمي مفاد آهي- البت اوهان کي معلوم هوندو ته مير صاحب پاڻ ڪشاده خياليءَ جو دعويدار هوندي به شهري آزادين جي حقن لاءِ وڙهندڙ مجاهدن سان گڏ ڪڏهن به ميدان جي صف اول ۾ بيٺل ڏٺو نه ويو آهي. پاڻ ڇو عين هيءُ وقت آئين بابت پنهنجي دل جي اِن ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو اٿن، ۽ پڻ موجوده حڪومت جي جاءِ تي ٻيءَ حڪومت جي تشڪيل جي ڳالهه بلڪل هن گهڙيءَ ڪرڻ ضروري سمجهي اٿن- اِن تي ماڻهو ڪافي پنهنجا پنهنجا اندازا لڳائي رهيا آهن. ڪي ماڻهو چون ٿا ته ٽالپر صاحب پنهنجن انهن هوائي ڳلهين بابت نه رڳو ماڻهن جا براهه راست رد عمل معلوم ڪري رهيو آهي. پر مون کي پڪ آهي ته ٽالپر صاحب  اڃا تائين پاڻ سنڀاليو بيٺو آهي، جيتوڻيڪ ملٽري حڪومت ۾ هڪ شهري  وزير طور سندس ’اسٿتي ڪجهه ڪجهه مشڪل  ضرور هوندي- ڇو ته هن کي جيڪو سو ٻن ”پتل جي پتلن“ جي وچ ۾ سوڙ سنگهوڙ سان ويهڻو پوندو هوندو.

آئين کي غير اسلامي سڏي، اُن کي ائين انتهائي اُگري لفظ جي مار ڏيندي، ٽالپر صاحب اُن جو اسلامي بدل به ڏسيو آهي- يعني پوري جي پوري سلطان  شاهي، جيئن سعودي عرب ۾ اها عمل ۾ آهي! هاڻي اوهان ۽ اسان کي اهو معلوم هجڻ کپي ته سلطان شاهيءَ جي فائدي ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو. پر شرط آهي ته اوهان ۽ اسان مان پاڻ ڪو سلطان هجي، يا اُن شاهيءَ جي اندرينءَ ڪنهن سنگت جو ڪو مُهرو هجي. مير صاحب ڇا ڪاڻ ته ڪو حرص  ۽ ڪو هوس ڪو نه ٿو رکي، لاشڪ پاڻ تاج شاهيءَ جو تاڪائو ڪونهي- ’درٻاري حاضر جواب‘ جي جاءِ بيشڪ لاڪس موافق رهندي. پر  کين هڪڙو صاف صاف چتاءُ ڏيڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو ته اُن آساميءَ لاءِ کين پير صاحب پاڳاري جي طرف  کان سخت مقابلي جو امڪان آهي. حقيقت اِها به واقع ٿي سگهي ٿي ته جڏهن ڪنهن اُن جناب جي تاجپوشي ٿي گذري، ته اُن جناب ٻنهي  جرڪندڙ مورتن، يعني مير ۽ پير، ٻنهي کي پنهجي درٻار ۾ رونق افروزيءَ جي موقعي ڏيڻ جو فيصلو ڪري، ۽ پوءِ جڏهن سلطان عالي پاڻ ڪڏهن گشت تي سِڌاري ته مُورتن جي ڏيک لاءِ هي جوت جا ٻه صاحب ٽي- ويءَ جي آڏو پڌارجي سگهن ٿا- سچ پچ ته گهڻن خوش مزاجن کان  وڌيڪ هي اصل جمال ۽ ڪلام جا صاحب موقعي کي جلوو ۽ فضيلت بخشي سگهن ٿا.

ٽالپر صاحب جن هڪڙو ٻيو نڪتو به پيش ڪيو هو ته چونڊون ٿين، ان کان اڳ فقط اها هڪ ’طاقت جي ڪرسي‘ والارجڻ کپي. جنهن طرح پاڻ  اها ڳالهه ڪئي اٿن، ته ائين لڳي ٿو ته اها ڪا برقي ڪرسي آهي، جا آسانيءَ سان والارجي ئي نه سگهندي‘ بهر حال،  مير صاحب جي رٿ آهي ته وزارت کي کپي ته پهرين اُن  لاءِ ڪو نه ڪو ڀل مانس نامزد ڪري، ۽ پوءِ قوم کي چئجي ته اها نامزدگي  راءِ جي سوالنامي وسيلي بحال ڪري. جڏهن کان پاڻ ان رٿ جي پرده ڪشائي ڪئي اٿن، اسين مختلف امڪانات جي اندازن جي چڪر ۾ اچي ويا آهيون ته ان تازيءَ توانيءَ ۽ زرق برق جڳهه لاءِ آخر ڪير اميدوار آهي! ان بابت مختلف هنڌن تي، مختلف پارٽين ۾ هر وقت بحث مباحثا جاري آهن- ڪيئي نالا ۽ ڪيئي انهن جي حق ۾ دليل بازيون اٿن ٿيون ۽ ويهن ٿيون، ۽ وري اٿي اڏامن ٿيون، ۽ هوائن جي حوالي ٿي وڃن ٿيون. اهو ڪير هوندو! هوتي صاحب هوندو، محبوب الحق صاحب هوندو، ڪير هوندو! يا مر ڳو ئي ٽالپر صاحب جن نفسن نفيس پاڻ هوندا.

پر مير صاحب جي وزارت جي آخرين پسند ڪهڙي نالي لاءِ به هجي، ووٽرن جي راءِ آڏو ان پاڪدامن، خوش بخت نالي جي گُسي وڃڻ يا هارائڻ يا ٿڙڪي وڃڻ مشڪل ٿيندو. سوال  هوندو  ته ”ڇا، اوهين مسٽر الف ۽ هن جي اِسلامي پاليسيءَ جي پاسي آهيو، يا اوهين اسلام جي خلاف آهيو؟“هن ڀرتو سوال جي ڌڪ کان بچڻ جو رستو هڪڙو ئي  ٿو رهي ته راءِ ڏيڻ کان بچجي، ان کان پاسو ڪجي، پر راءِ جي هن سوال جي ڳالهه يعني جنهن کي ’استصواب راءِ‘ ٿو چئجي، ان جي ڳالهه اها آهي ته رڳو ڏهه سيڪڙو ووٽر به  راءِ ڏيڻ لاءِ اچي حاضر ٿي ۽ اڪثريت ووٽرن جي الف لاءِ چيو ته ”هائو!“ ته بس بال جهپجي ويو- ڇو ته راند جا اصول ۽ قاعدا اهي آهن. انهيءَ ڪري ڏسڻ  ۾ اچي ٿو ته مير صاحب ۽ سندن اُن جناب ضل الاهي- پوءِ اهو ڪير به اچي ميدان تي بيهي- راند کي پنهنجي ساڄيءَ مٺ ۾ جهليو بيٺا آهن.

هن مهنجي ڪالم جو سبق اهو آهي ته ”اوهين ڪجهه حاصل ڪريو، ۽ اُن کان پوءِ اوهين وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪريو.“

[روزانه ”اسٽار“ ، 3 آگسٽ 1984ع،

[16-8-1984ع ]                       تان شڪريي، سان.- م. ا. ج)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org