ايڊيٽوريل
مهربان ليکڪن ڏانهن
اوهان کي هي ڏسي خوشي ٿيندي ته سنگت جي ساٿ ۽ همت
ٻَڌائڻ سان اسان ڪن دوستن گڏجي هيءُ هفتيوار
”هدايت“ جي اشاعت جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي.
جيئن
اسان جي قومي زندگيءَ جون ٻيون دنيائون، تيئن اسان
جي صحافت جي دنيا به ايتري ڪا روشن ۽ محڪم نه آهي،
۽ خاص اڄوڪيءَ سماجي ۽ ساسي صورتحال ۾ ڪنهن معيار
واريءَ ميعادي اشاعت جو هٿ ۾ کڻڻ گهڻيءَ ڪنهن ڏاهپ
جو ڪم به ڪونهي.
بهر
حال، پنهنجو وس ڪرڻ پنهنجي وس جي ڳالهه آهي، ۽ اُن
لاءِ پنهنجر هم قلم ساٿين جو سهڪار هن ڪم ۾ اسان
جي وڏي واهر بڻجي سگهي ٿو.
اسين
هن هفتيوار اشاعت کي (في الحال) ڊبل ڊيميءَ جي 24
صفحن تائين محدود رکڻ گهرون ٿا، ۽ اُن کي خالص
سياسي تعليم جو هڪ تدريسي وسيلو ڪري هلائڻ چاهيون
ٿا. اسان جو روءِ سخن سنڌي پڙهندڙ عوام ڏانهن
هوندو، ۽ اجتماعي انساني شعور جو فروغ ئي اسان جي
هر تحرير جو مقصد رهندو، جنهن ۾ اسين سمجهون ٿا
ته ڪا به اسان جي هلڪائپ، اڇا ترائي، چڙ، اُوچائپ،
هوڪراِئي يا واعظ گوئي اسان لاءِ وڏي هاڃي جو سبب
بڻجي سگهي ٿي. اسين هن اشاعت ۾ پنهنجي هر اظهار کي
ڳنڀير ۽ وزنائتو، قرب، نماڻائي ۽ پنهنجائپ سان
ڀريل، ۽ فڪري ۽ علمي نوع ۽ انداز جو ڏسڻ گهرون
ٿا. اِهو اسان جو پڪو ارادو به آهي ۽ اِهو اسان جو
دلي امنگ به آهي. اوهين اسان جا مخلص دوست، فڪر ۽
نظر جا صاحب، سوچيندڙ ۽ باشعور بزرگ ۽ ساٿي اسان
جي ارادي ۽ امنگ کي حقيقت جو رنگ ڏيئي سگهو ٿا-
پنهنجي فهمائشن ۽ صلاح مصلحتن سان. جيتري به اوهين
هن ڪم ۾ اسان جي سار لهندا ۽ جيترو به اوهين هن
ڳالهه ۾ اسان جي قريب ايندا، اُها اوهان جي اوتري
ئي اسان سان ڀلائي ٿيندي.
هفتيوار”هدايت“۾ اسان ’عالمي صورتحال‘، ’ملڪي
صورتحال‘، ’هفتي جي ڊائري‘، ’مضمون ۽ مقالا،‘
’علمي ۽ ادبي ۽ سياسي ۽ سماجي سوچ اڀاريندڙ خط ۽
ڪتابي تبصرا‘ وغيره عنوان، ڪالم ۽ صفحا رکيا
آهن.اُنهن مان ڪنهن به عنوان هيٺ اوهان جو اسان
سان قلمي سهڪار اسان لاءِ وڏيءَ رهنمائيءَ، رفاقت
۽ همت افزائيءَ جو باعث ٿيندو.
”هدايت“ جي نئين انتظام هيٺ اُن جو هر پرچو خميس
ڏينهن تي پڌري ڪرڻ جو ارادو آهي. اميد ته اوهين
انهيءَ طرح ”هدايت “ جي باقاعدي سلسليوار اشاعت
لاءِ پنهنجي قلمي سهڪار سان اسان کي نوازيندا
رهندا. (21- 6- 1984ع )
-م.ا.ج
مقصد
آزاديءَ جي نعمت جڏهن قومن کي نصيب ٿيندي آهي،
تڏهن اُنهن جا ذهن آزاد ٿيندا آهن، اُنهن جون
زبانون آزاد ٿينديون آهن ۽ اُنهن جا عملَ محبت،
قربانيءَ ۽ انساني اعليٰ قدرن جا مثال بڻبا آهن.
آزادي جيڪا وٺبي آهي، کٽبي آهي، اُن ۾ ائين نه
ٿيندو آهي: آزادي جيڪا ملندي آهي( بخشش طور) اُن ۾
ائين ٿيندو آهي. اُن قسم جي آزادي نالي ماتر
آزادي هوندي آهي ۽ ائين هوندي آهي جيئن ٻليءَ کان
ڪُئي کي مليل آزادي.
اِئين مليل آزادي حڪمرانن جي شرطن تي ۽ اُنهن جي
عين پنهنجن مقصدن خاطر هوندي آهي، جنهن ۾ ذهن،
زبانون ۽ پڻ عملَ اُهڙائي ڪِريل، ڳيجهُو ۽ نِستَ
رهندا آهن، جهڙا غلاميءَ ۾ ڪنا ۽ ٻوساٽيل ذهنَ،
سِبيل ۽ مُهر بند زبانون ۽ عملَ حيواني ڏاهپ تي
آڌاري، (انگريزي فيلسوف بيڪن جي لفظن ۾) ڪُئن
جهڙا جيڪي جڏهن جهازُ طوفان ۾ ورتل هوندو آهي ته
اُن کي ائين ئي ڇڏي اُتان ڀڄندا آهن، لومڙن جهڙا
جيڪي رڳو پاڻان هيڻن جا گهر ۽ مال تاڙيندا ۽
ڊوهيندا وتندا آهن، ۽ واڳن جهڙا جيڪي ڳڙڪائيندا به
رهندا آهن ۽ ڳوڙها به ويٺا ڳاڙيندا آهن.
غلاميءَ ۾ جيئاپي جو مسئلو ۽ بچاءَ جو ڍنگ غلامن
کي ائين سمجهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي: حڪمران ۽
آقا پنهنجي فڪر ۽ عمل سان غلامن کي اِنهيءَ
انفراديت ۽ حيوانيت، انهيءَ ”مُان مان ۽ تون –
تون“۽ اِنهيءَ اندروني وٺ پڪڙ ۽ پٽ کوهه تي ئي
هيرائيندا آهن- اجتماعي طور نه بک جو نه بيماريءَ
جو، نه اجهي جو نه لٽي جو، نه علم جو نه تعليم جو،
نه راڄ مهاڄڻ (سياست) جو نه منش نيتيءَ (ماڻهپي ۽
انسانيت) جو- مطلب ته ڪنهن به انساني مسئلي جو ( ۽
هر انساني مسئلو سماجي مسئلو هجي ٿو) غلاميءَ ۾ حل
نه ٿيندو آهي ۽ نه ٿي سگهندو آهي: ۽ اِهي مسئلا
جڏهن آزاديءَ ۾ به حل نه ٿين، ته اُها آزادي نه
پر غلاميءَ جي سلسلي بندي آهي، اُن جو ٻيو روپ
آهي.
ڇوٽڪارو ڪيئن ملي؟ هائو، ڇوٽڪارو ڪيئن ملي- مسئلن
جو مسئلو اِهو آهي.
ٻَڌيءَ سان، جٿي بنديءَ سان لوچ پوچ ۽ مٿاڪٽ سان-
اتحاد، تنظيم ۽ جدوجهد سان. آزادي رڳو اقتدار جي
منتقليءَ جو، نظامت جي تبديل جو، نالو نه آهي.
جنهن کي سياسي خود اختياري يا قومي آزادي چئي ٿو
سگهجي. اُها، گڏيل مفاد جي خيال کان، مقصد نه پر
مقصد جو ذريعو هوندي آهي، ۽ مقصد هوندو آهي غلام
سماج ۾ بنيادي اٿل پٿل، جنهن کي جمهوري اٿل پٿل
يا جمهموري انقلاب چئبو آهي، جنهن جي سياسي صورت
هيءَ هوندي آهي ته عوام جو رياست جي اقتدار تي،
اُن جي نظامت تي، قبضو هوندو آهي، ڌارين توڙي
(انهن جي جا نشيننن) ملڪي بالادستن ۽ ڏاڍن حڪومت
جي جاءِ تي عوام جي نمائنده حڪومت يعني جمهوري
حڪومت جمهور جي هٿن ۾، عوام جي حڪومت عوام جي هٿن
۾، قائم هوندي آهي.
آزادي جڏهن محض غلاميءَ جي سلسلي بندي ۽ اُن جو
ٻيو روپ هوندي آهي، تڏهن اُها پنهنجي دعويٰ جي ڪوڙ
مٿان ۽ پڻ مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ پنهنجي عملي
ناڪاميءَ مٿان غلاف چاڙهيندي آهي، پردا وجهندي
آهي- رنگا رنگ، طلسمي ۽ مقدس- نعريبازيءَ جا،
فرماني قسم جي تعليم ۽ تدريس جا، دمن دلاسن ۽ يوٽو
پيائي (هوائي) خيال- آرائين جا. ۽ اُن سڀ کي هوءَ
پنهنجي سچ جي سکيا، پنهنجي حق جو ابلاغ سڏي ٿي،
جنهن لاءِ اُن وٽ نهايت وسيع، منظم ۽ مؤثر
ذريعا موجود هجن ٿا جن کي هوءَ پنهنجي ’ابلاغ جا
ذريعا‘ سڏي ٿي- ادب ۽ فن، دستوري تعليم ۽ تدريس،
صحافت، ريڊيو ۽ ٽيليويزن، واعظ، مذاڪرا ۽ اجتماع
وغيره، سڀ اُن نالي ماتر آزاديءَ جي پنهنجي ابلاغ
جا ذريعا آهن، جن جي مدد سان ڏينهن رات اُن جي
پنهنجي حق جا ۽ ان جي پنهنجي حق ۾ ابلاغ جي ڌوم
متي رهي ٿي. اِهو سڄو در اصل اقتداري ابلاغ،
اقتدار پسند ابلاغ، آهي جنهن جي ڌنڌ ۽ غوغا جي
وچان جمهور کي، عوام کي، پنهنجي ڇوٽڪاري جي مشڪل
ڪا صحيح واٽ ڪڏهن حاصل ٿي سگهي.
جمهور جو، عوام جو، انهيءَ ڪري، پنهنجي حق لاءِ ۽
پنهنجي حق ۾ جدا هڪ ابلاغ، ۽ آزاد آزادي پسند
ابلاغ، هجي ٿو- هئڻ گهرجي- جيڪو سسئيءَ وانگر،
جڏهن ’ڀنڀور‘ سان (بيٺل نظامت سان، قائم اقتدار
سان) هُن جو ڪو ناتو نٿو رهي، تڏهن هن کي اُتساهي
آزادي لاءِ جدوجهد جي هڪ مشڪل پر سڌيءَ راهه تي
نيئي بيهاري سگهڻ جي قوت رکي سگهي ٿو.
هلندي ويل مَ هوءَ شل ڪنهن جو ڪم ڀنڀور ۾
پنڌ
اڳتي دل پوءِ، سورَ مَ گهُري سرتيون
(گرهوڙي)
هيءَ
اسان جي، اُن عوامي ابلاغ جي سلسلي ۾، جدا هڪ
نماڻي ڪوشش آهي، جنهن جي اڄ خاص طرح، جڏهن سنڌي
صحافت تقريباً سڄي جي سڄي وڃي اقتداري ابلاغ سان
شامل ٿي بيٺي آهي، تمام گهڻي ضرورت به هئي. شال
اسان جي هيءَ ننڍڙي ڪوشش اسان کي نيبهه ٿي سگهي ۽
اسان کي پنهنجي منزل طرف وٺي وڃڻ ۾ ٻه قدم اڳتي
اسان جي ڪم اچي سگهي.
ڪشتي
شڪسته گانيم، اي بادِ شرُط برخيز
شايد
ڪِ بز بينيم ديدارِ آشنا را
(21-
6- 1984ع)
-م.ا.ج
صحافت
قانون سازي، عدالت، انتظام ۽ صحافت اهي هر ڪنهن
ملڪ جي عمارت جا چار پيلپاوا يا ٿنڀا چيا ويا آهن.
ملڪ جي ڪيڏي به وڏي محلات انهن چئن ٿنڀن تي قائم
رهي ٿي. پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءَ تي، هر ڪنهن جي
پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. ڪنهن به هڪڙي ٿنڀي ۾ ڏار
پوڻ سان سڄيءَ عمارت کي جوکو ٿيندو آهي. ڪنهن به
هڪڙي جي ڊهي پوڻ سان، سڄيءَ عمارت جي ڊهي پوڻ جو
ڊپ ٿيندو آهي. جيڪڏهن چئني ٿنڀن جي هر وقت ۽ هڪ
جهڙي سنڀال نه ڪبي آهي ته حالتن جي هوا، مسئلن جو
مينهن ۽ عام راءِ جي اُس اُنهن کي پنهنجي اڻ لکي
اثر سان ڳاري ۽ ڀوري، ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي،
جنهن سان مالڪ جي سموري اڏاوت ئي ڪمزور ٿي پوندي
آهي.
دستور يا قانون، عدالت ۽ انتظام جي اهميت ته واضع
آهي، ۽ هيءَ ڳالهه به آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ
جهڙي آهي ته اِنهن مان ڪنهن به هڪ جي اڻهوند
واريءَ حالت ۾ باقي ٻه شعبا بي اثر بنجي ويندا. پر
جيڪا ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ سمجهي نٿي وڃي، ۽ جيڪڏهن
سمجهي وڃي ٿي ته مڃي نٿي وڃي، ۽ جيڪڏهن مڃي وڃي ٿي
ته ان تي ڄاڻي ٻجهي عمل نٿو ڪيو وڃي، سا هيءَ آهي
ته قانون، عدالت ۽ انتظام جيان صحافت تي به ملڪ جو
مدار آهي، ۽ تنهن ڪري ان کي هر دم زنده ۽ تازو رکڻ
کپي.
صحافت هڪ اهڙو ”روزنامچو“ آهي، جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم
جي ذهن ۽ مزاج، ڏکن ۽ سکن، مسئلن ۽ مونجهارن،
اُميدن ۽ صدمن، کوٽ ۽ بچت، ترقيءَ ۽ تنزل جو ذري
پرزي وچور هوندو آهي. صحافت هڪ اهڙو ”منٽ بوڪ“
آهي، جنهن ۾ ملڪ جي انچ انچ جو، قوم جي ٻچي ٻچي
جو، گهڙيءَ گهڙيءَ جو اندراج هوندو آهي. صحافت ٻين
ٽنهي شعبن جي نگراني ڪري ٿي ۽ قوم کي هر گهڙيءَ با
خبر رکي ٿي ته قانون، انصاف ۽ انتظام وارا سندن
ادارا ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ جتي به
منجهين نقص نظر اچي ٿو اُتي مٿن ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿي
۽ کين عوام جي راءِ ۽ فيصلن کان آگاهه ڪري ٿي.
صحافت عوام کي حڪومت جي پروگرامن کان ۽ حڪومت کي
عوام جي گهرجن کان واقف ڪري ٿي. صحافت جو اِهو
سمورو ڪم ۽ ڪردار ايڏو عوامي، ايڏو جمهوري ۽ ايڏو
همه گير آهي، جو اِنهي ئي ڪري چيو ويو آهي ته
”قومن جو عروج ۽ زوال صحافت سان وابسته آهي“- ٻين
لفظن ۾، صحافت جي زندگي قوم جي زندگي ۽ صحافت جو
موت قوم جو موت آهي.
جڏهن
قومن جو ٻڏڻ ۽ ترڻ صحافت جي زور ۽ ڪمزر هجڻ تي
منحصر آهي، تڏهن نه رڳو حڪومت جي بلڪ خود صحافت جي
به پنهنجي پاڻ ڏانهن اِها ذميداري آهي ته قوم ۽
ملڪ جي عمارت کي مضبوط ۽ محفوظ رکڻ لاءِ هن اهم
ٿنڀي کي ڳرڻ ۽ ڀُرڻ کان بچيل رکيو وڃي.
اطلاعات جي وفاقي وزير بجا طور اخبارن ۾ غير
اخلاقي مواد تي روڪ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. اسان جي
صحافت کي پنهنجو پاڻ اِن جا ڪارڻ ڳولڻ کپن، ۽ اِهو
ڏسڻ کپي ته سَستي، ۽ غير اخلاقيءَ ۽ چاپلوسيءَ
واري مواد ۾ پناهه وٺي، صحافت پنهنجي اصل ڪردار کي
گم ته نه ڪري ويٺي آهي؟
ضروري آهي ته تجارتي ۽ ذاتي مفادن ۽ مصلحتن ڪري
پاڻ کي ڇڙ واڳ بنائڻ بدرا صحافت قوم جي درد ۽
درمان کي پيش ڪري، قوم کي پنهنجي وقت ۽ حالتن جو
شعور ڏئي، ۽ خود حڪومت کي قوم جي مفادن ۽ مطالبن
کان همت سان آگاهه ڪرڻ جو قومي ڪردار ادا ڪري،
پنهنجي وقار کي بحال ڪري.
(19-
7-1984ع)
-ش.
ا.ح
(زرد) پريس جي آزادي
ڪراچيءَ جي وڏين روزانه اخبارن (تقريباً سڀني )
حيدرآباد جي هڪ لکپتي پيءُ جي پٽ جي کڄي وڃڻ جي
تازيءَ واردات جي خبر پنهنجن پهرين صفحن تي وڏين
سرخين سان ڇاپيندي، ٻڌايو ته اُن جا ملزم ڌاڙيل
سنڌ يونيورسٽيءَ جا چار شاگرد هئا. ڪي اخبارون
ايتري تائين به ويون. جو اُن سلسلي ۾ ڪن شريف ۽
معصوم شاگردن جا نالا به اُنهن ڏيئي ڇڏيا.
ٻن
چئن ڏينهن کن پوءِ، کڄي ويل ڇوڪرو سڪرنڊ مان هٿ
ڪيو ويو. رحمت آرائينءَ نالي ڌاڙيل ۽ اُن جي ٽولي
جا ڪي شاهينگ ڪجهه بندوقبازيءَ جي ڏي وٺ کان پوءِ
گرفتار ٿيا. ڊي- آءِ- جي پوليس، ڇوڪري جي دريافت
کان پوءِ، ڀريل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڌاڙيل
فيصل آباد جا ويٺل هئا ۽ ٻن ٽن سالن کان سنڌ ۾ اچي
رهيا هئا. هن ائين به قبوليو ته ڇاڪاڻ ته ڇوڪرو
تمام وڏي اثر رکندڙ لکپتيءَ جو پٽ هو ۽ پوليس تي
وڏا بار پيل هئا، انهيءَ ڪري ڇوڪرو هڪ هفتي اندر
هٿ ڪيو ويو.
قومي
پريس (ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ قائـم) ۽ ٻيا خبر چار
جا ذريعا پوليس جي ڪامياب ڪارڪردگيءَ جا قصيدا
ڳائڻ لڳا، ۽ هر واسطيدار ۽ غير واسطيدار شخص جا
اهڙا انٽرويو پهرين صفحن تي چٽن گلن سان سينگاريل
وڏن سرخين هيٺ شايع ڪيا ويا. پر هڪ سٽ به ڪٿي ڪنهن
اخبار ۾ معذرت جي، يا افسوس جي ڇاپي نه ويئي ته
هنن جو ايڏيءَ غير ذميداريءَ سان معصوم شاگردن ۽
سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙي تعليم جي اعليٰ ترين اداري
جا نالا بدنام ۽ خوار ڪيا هئا، اُن لاءِ هو ڪجهه
پشيمان به هئا. (ان سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ جي خواب ۾
ستل برجُست اختياريءَ وارن جي روش به گهٽ حيرتناڪ
نه هئي!)
اُن
کان پوءِ ٻي سنسني خيز خبر روزانه اخبارن ۾
ڀڙڪائي ويئي، جنهن ۾ ٻڌايو يو ته ميڊيڪل ڪاليج،
ڄامشورو، جي شاگردن قومي جهنڊي جي بي عزتي ڪئي
هئي. ۽ هن ڀيري وري به اردو پريس پنهنجي غلط
بيانين ۾ اڳري هئي، ۽ سندن ڪثير تعداد ۾ وڪجندڙ
اڳواڻ اخبار ”جنگ“ ته ڊوڙ پائي، انتها جي چوٽيءَ
تائين رسي ويئي، جو هڪڙو زهر ڀريل سخت لفظن جو
ايڊيٽوريل به لکي ورتائين، جنهن ۾ شاگردن کي اُن
شرمناڪ ڪم لاءِ سڌو ڏوهي بنائي ڇڏيائين! ۽ پڻ گهر
ڪيائين ته ڏوهين ۽ غدارن کي مثالي سزائون ڏنيون
وڃن! ٻئي ڏينهن پوليس جا ۽ شاگردن جا بيان شايع
ٿيا، جن ۾ ظاهر ٿيو ته اهڙو ڪو قومي جهنڊي جي
سلسلي جو واقعو اُن ايراضيءَ ۾ بلڪل ئي عمل ۾ آيل
نه هو. جنهن واقعي کي پريس قومي جهنڊي جي بيحرمتي
سڏيو هو، اُهو ته در اصل هڪ شخصي نوع جي جهيڙي جو
واقع هو، جيڪو پٺاڻ ٽرانسپورٽ ڊرائيورن ۽ شاگردن
جي وچ ڀاڙي جي رقم متعلق هو. پٺاڻ سوزوڪي ڊرائيور
ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ شاگرد کي چاقو هڻي زخم ڪري وڌو
هو. واقعي جي رپورٽ درج ٿيل هئي، ۽ شاگرد لڪي ويل
پٺاڻ ڊرائيور جي گرفتاريءَ جي گهر ڪري رهيا هئا.
ٻئي ڏينهن ڪلاس جو بائيڪاٽ ٿيو ۽ ڪن شاگردن هٿان
پٺاڻ ٽرانسپورٽرن جي ڪا هڪ اڌ سوزوڪي احتجاج دوران
سڙي ويئي. ۽ پوءِ ته ملڪي صحافت جي (زرد) پريس کي
ڄڻ هڪ بهترين موقعو ملي ويو، جنهن ۾ هنن هاءِ
گهوڙا ڪرڻ ۽ هر قسم جي شور ۽ غوغا مچائڻ سان هايون
ڪرري ڇڏيون، اِهو ئي هو پريس جي آزاديءَ جي سندن
تصور جو مثال!
وري
به پريس پنهنجي غير ذميدارانه رپورٽنگ بابت ڪنهن
به قسم جي ڪا معذرت ڪا نه ڪئي.
اِن
کان پوءِ هاڻي تازو، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ جو
واقعو سامهون آيو- جنهن ۾ پڻ قومي پريس جي روش
مڪمل طور جانبدارانه، نظامت طرف مائل ۽ عوام وروڌي
ڏٺي ويئي. ڏاڍائيءَ جا شڪار ٿيل سنڌي ڏوهي ۽
جوابدار هئا، ۽ نظامت طرف جهڪيل شاگردن جا بيان ۽
نامعقول مطالبا عين مناسب ۽ صحيح هئا! ڪراچيءَ
جون اخبارون هيون، جي اِن طرح جي خبرن ۽ رائيزنين
سان ڀريون رهيون. اميد ڪري سگهجي ٿي ته مخالفن جي
منصبائي روش ۽ بيڏوهن جي ڏکويل صورتحال جي ڪهاڻي،
جلد يا بدير، عدالتي تحقيق جي پوري ٿيڻ سان پڌر تي
ضرور ايندي. پر هيءَ حقيقت ته ڪنهن ثابتيءَ جي
محتاج نه رهي آهي ته اسان جي علائقي ۾ اسان جي
پريس جو ڪردار بيحد افسوسناڪ ۽ موقعي پرستيءَ
وارو رهيو آهي.
اِهي
آهن پاڪستان ۾ اڄ جي پريس جي ”پريس- آزاديءَ“ جي
تصور جا چند عملي مثال. ڪن مخصوص اعليٰ معيار جي
صحافين سان معذرت ڪندي، چئي سگهجي ٿو ته اسان جي
پريس ڪافي ڪن بلئڪ ميلرن، عوام وروڌي ۽ ڪذب پسندن
سان ڀريل آهي، جيڪي سدائين انهيءَ ذوق ۾ ورتل آهن
ته اخباري پنن جي ريمن کي ڪاري ڪرڻ لاءِ هو بي
سهارن ۽ بيوس انسانن جي خلاف ڪالمن مٿان ڪالم
لکندا رهن.هن کي ڪو خيال آهي ته فقط اختيار جي
صاحبن جو، پنهنجن واسطيدارين جو، اشتهارن ۽ نيوز
پرنٽ جي ڪوٽائن جو، ۽ پڻ اِن جو ته ڪٿي هو پريس
ائڊوائيس جي ڪا ڀڃڪڙي ڪري نه وجهن. پر عام عوام ۽
خلق خدا جي سلسلي ۾، جيڪي کين ڪا چهنڊڙي به نٿا
پائي سگهن، هو هر طرح ۽ هر موقعي تي پنهنجي پريس ۾
آزاديءَ بلڪ ڇڙ واڳيءَ جا مظاهرا ڪندا ئي رهن ٿا!
ان سلسلي جي سندن ڪارڪردگيءَ جي مٿين مثالن کي
ڏسندي، پڇي ٿو سگهجي ته هنن کي ٻي پريس جي آزادي
ڪهڙي ٿي کپي!
(2)
عيد
قربان، سنڌ يونيورسٽي ۽ اسين
عيد
قربان جي عجيب ۽ نرالي موقعي تي پنهنجن لائق
پڙهندڙن سان سندن خوشيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي جرئت
ڪندي، اسين ائين چوڻ ضروري سمجهون ٿا ته انساني
پوش ۾ اسان جي اندر ۾ جيڪا حيوانيت ڇَپ هنيو ويٺي
آهي، ۽ جنهن سان اسان کي تمام گهڻو پيارآهي، اُن
پنهنجي اندر جي حيوانيت کي قربان ڪرڻ سان ئي اسين
صحيح عيد قربان جي خوشيءَ جا حقدار ٿي سگهون ٿا.
انسانن لاءِ اُها صحيح عيد قربان هر اُنهي موقعي
تي ميسر هجي ٿي. جڏهن ڪو حيواني فڪر يا عمل
پاڙان پٽجي ٿو ۽ ڪو نه جيڪ فڪر، ڪو نيڪ عمل،
انگورجي ٻاهر اچي ٿو- يعني هر اُنهي موقعي تي جڏهن
انسانيت جي ڪنهن لطافت کي چيڀاٽي بيٺل ڪا ڇِپ
هَٽي ٿي، ۽ ڪو مسئلو حل ٿئي ٿو، ۽ انسانيت جي ڪنهن
تازه دم ۽ ڪچڙي سَلي کي اٿي اڳتي وڌڻ ۽ مٿي اسرڻ
لاءِ آزادي ملي ٿي.
تازو
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي رسٽيڪيشن جا آرڊر
واپس ٿيا آهن. ٻين ڳالهين سان گڏ اسان لاءِ اِها
ڳالهه وڏيءَ عيد سمان آهي، ۽ سڀ ڌريون جن اِن
فيصلي کي ممڪن بنجڻ ۾ پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار
ادا ڪيو آهي، اُنهن کي مبارڪباد چئون ٿا. سنڌ
يونيورسٽي سنڌ جي نوجوانن جو هڪ عظيم علمي ۽ فني
ادارو آهي، ۽ هيءُ ادارو اُنهن کي سندن مستقبل جي
ڪامرانين طرف وٺي وڃڻ ۾ گهڻو گهڻو ڪجهه ڪم اچي
سگهي ٿو.
سنڌ
يوينورسٽي ڪافي سالن کان مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ ويڙهيل
رهي آهي. اسين ڄاڻون ٿا ته هن هڪڙي اچانڪ اُٿيل
رسٽيڪيشن جي مسئلي جي حل سان اُن جا سڀ مسئلا ۽ سڀ
مشڪل حل ڪو نه ٿي ويا آهن.يونيورسٽيءَ جي
انتظاميه، ان جا استاد ۽ شاگرد پنهنجي پنهنجي سوچ
۽ عمل تي خود-تنقيدي نگاهه وجهندا ، ته ڏسي سگهندا
ته هيءُ سندن زندگيءَ جي امنگن جو چمن زار ۽ سندن
ڪوشش ۽ مقابلي جو مخصوص ميدان سندن آڏو ڪافي ڪي
مسئلا ۽ پڻ ڪافي ڪي موقعا آڻي رکي ٿو. جن مان مُک
۽ اهم مسئلا ۽ موقعا سندن پنهنجن پنهنجن فرضن ۽
ذميدارين جي باهم ڳتيل ۽ گهڻي قدر وساريل دائرن ۾
ئي کين محدود نظر ايندا.
حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته شاگردن جا سڀ مسئلا
سندن تعليمي ذميدارين جا ۽ سندن ڀرپور جوانيءَ جي
آدرش وادي انسان دوست اڌمن جي اظهار جا آهن، ائين
اُستاد برادريءَ جا سڀ مسئلا سندن تعليمي تدريسي
ذميدارين جا ۽ سماج ۾ سندن قدر ۽ منزلت جي
تسليميءَ جا مسئلا آهن. ساڳيءَ طرح يونيورسٽيءَ
انتظاميه جا پڻ سڀ مسئلا اُن جي پنهنجي تنظيمي
ذميدارين جا ۽ ان جي ضابط يا نگهدار اختياريءَ
يعني سماجي حاڪم قوت جي نظامتي اسٽائيل جا مسئلا
آهن.
مطلب
ته يونيورسٽيءَ جي انتظاميه، اُن جا استاد ۽ شاگرد
جيڪڏهن پنهنجين ذميدارين ڏانهن ئي گهربل توجهه
ڏين، ته هو پاڻ کي هڪٻين جي فقط ۽ فقط ساٿ ۽
سهڪار جي عمل ۾ ئي مصروف ڏسي سگهن ٿا- ۽ منجهن
ڪنهن باهمي اختلاف يا تضاد جي ڪا به امڪاني صورت
هوند نظر نه اچي. کين پوءِ پنهنجي اُن باهمي ذوق ۽
عمل جي منصبي دائري کان وڌيڪ البت هڪ ٻيءَ
دلچسپيءَ يا چئلينج جو دائرو به صاف نظر اچي سگهي
ٿو- جنهن سان سندن تضاد يا الجهاءُ به مشترڪ آهي-
۽ اُهو سندن مشترڪ جوابي عمل لاءِ سندن آڏو وسيع
دائرو آهي سماج ۽ سماج جي حاڪم قوت ۽ اُن دائري ۾
به جي هو چاهين ته گڏجي پوري ساٿ ۽ سهڪار سان، ڪم
ڪري سگهن ٿا. پر افسوس رڳو اهو آهي ته هو پنهنجون
پنهنجون ذميداريون پوريون نٿا ڪن ۽ پنهنجي آڏو
بيٺل اُن وسيع سماجي دائري ۾ پڻ هو پنهنجين
پنهنجين وابستگين ۽ وفادارين ۾ ورهائجي وڃن ٿا، ۽
پوءِ نتيجي طور هو هڪٻين کان به ورهائجي وڃن ٿا ۽
پوءِ هڪٻين سان ٽڪرجي به پون ٿا- جيڪا ئي مرضي ۽
حرفتڪاري سندن سڄي حڪمران سماج يعني اُن جي منظم
حاڪم قوت جي آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي، جو يونيورسٽين
جهڙن علمي ۽ تعليمي ادارن لاءِ خود- اختياريءَ يا
خود حڪومت (Autonomy)
جي گهر ڪئي ويندي آهي، ۽ مهذب دنيا ۾ هر هنڌ هي
ادارا ڪامل خود اختيار ۽ خود حڪومت (Aotonomous)
ادارن جي حيثيت سان ئي ڪم ڪن ٿا.
اِنهيءَ ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سڀني ملڪ جي
يونيورسٽين جي- انهن جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن
جي- مسئلن جو اصل حل يونيورسٽين جي مڪمل آٽوناميءَ
۾ ئي موجود هجي ٿو- جيئن سڄيءَ مهذب دنيا جو تجربو
اسان کي ٻڌائي ٿو. اسان جي نظر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ
۽ ملڪ جي سڀني يونيورسٽين جو مسئلو هڪ ئي آهي-
يعني اُنهن جي اندروني معاملن جو سماج جي حڪمران
طاقت جي مداخلت کان آزاديءَ جو، سندن ڪامل
آٽوناميءَ جو، جنهن لاءِ سندن انتظاميه استاد
برادرين ۽ شاگرد برادرين کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ کپي.
شاگردن جي رسٽيڪيشن آرڊرن جي واپسيءَ ۾ اسان سڀني
لاءِ خوشيءَ جو هن ڀيري هڪ ٻيو به وڏو سبب موجود
آهي، ۽ اُهو هيءُ آهي ته هن مسئلي جي حل ۾ ڌرين،
۽ خاص طرح يونيورسٽي انتظاميه (هاسٽلن جي روم
الاٽمينٽ واريءَ ڳالهه جي چڙ ۽ چرچ جي باوجود)
تضادم جي رستي کان ارادتا پرهيز اختيار ڪئي، ۽ سڄي
معاملي ۾ ڌرين مجموعي طور باهمي محبت ۽ احترام ۽
پنهنجي پنهنجي ڳنڀير ذميداريءَ جي شعور جو ثبوت
ڏنو. شاگردن پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ، ڪل سنڌ
دائري ۾، پوري نظم ۽ ضبط ۽ اهنسائي جدوجهد جي راهه
ورتي ۽ ائين اسان سڀني لاءِ بالادست حڪمران قوت
کان حقوق طلبيءَ جي راهه ۾ عمل جو هڪ مثال قائم
ڪيو، اُن لاءِ هو آفرين جا مستحق آهن.
اسان
کي اميد آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميه ۽ اُن
جا استاد ۽ شاگرد، عيد قربان ۽ حج جي سڳوري هن
موقعي تي، جيڪو اصل ۾ خود تنقيد جو موقعو آهي،
پنهنجن اعمالن جي پاڻ جائزي وٺڻ جو موقعو آهي، ۽
پنهنجي اندر مان غير ڪڍڻ ۽ پنهنجائپ جي انساني
راهن سڃاڻڻ ۽ اختيار ڪرڻ جو موقعو آهي- اسان جي
مٿين چند گذارشن تي جوڳو ڌيان ڏيندا ۽ اُنهن کي
پنهجي اعليٰ قدر سان نوازيندا.(30- 8-1984ع)
-
م.ا.ج |