سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 22

 

سنڌ جي مدنيت جو جائزو ۽ مطالعو

(هي غاتوشي)

 

سنڌ جو هوائي نظارو

ڪنهن به طاقتور ملڪ جي سئٽالائيٽ جي مٿان بيهي سنڌ کي ڏسي سگهجي ٿو- اکين سان نه، ته انهن ڪئميرائن ۽ انهن اوزارن جي مدد سان، جيڪي سنڌ جي ڊگهائيءَ ۽ ويڪرائيءَ کي رڳو  انچ- ڏيڍ جي  هڪ فوٽوءَ ۾ ڏيکاري سگهن ٿيون. اڄ ڪلهه سنڌ جو اڀياس مطالعو ڪجهه انهيءَ طرح به ڪيو ٿو وڃي. موسمياتي سيارا سنڌ جي  مزاج جي باري ۾ ڳالهائين ٿا ۽ سنڌ جي موسم جي باري ۾ نه رڳو تازو اڀياس ڏين ٿا، بلڪ اهي ته اهڙي اڳ ڪٿي به ڪري سگهن ٿا ته سنڌ جي مدنيت، سماجيات، نسلي حالت، سياسي صورتحال، جاگرافي، تاريخ، اڳتي ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون.

اهڙيون طاقتور اکيون اهو به ٻڌائين ٿيون ته هڪ طرف 118 ڊگري حرارت ۾ سنڌ جي عورت شلوار کي چُڻي، صبح جو ستين وڳن کان منجهند جي هڪ وڳي تائين پاڻيءَ ۽ گپ ۾ رونبو ڪري رهي آهي.هو اهو به ڏيکارين ٿيون ته رونبي ڪندي دنيا جي هن مقدس انسان جي جسماني حالت ڪهڙي رهي ٿي. هوءَ جنس کان بي نياز، مرد سان گڏوگڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري ٿي. اهي اکيون اهو به ڏسن ٿيون ته سنڌ جي ڪچن گهرن ۾ هي عورتون باقي وقت ۾ ڪهڙو ڪم ڪار ڪن ٿيون ۽ رات جي وڳڙي ۾ تارن جي هيٺان، مڇرن ۽ گرميءَ جي ٻوسٽ جي حالت ۾، هي عورتون، موسم جي حالتن کان بنهه بي خبر، ايندڙ صبح جي روشنيءَ جي انتظار ۾ آرام ڪن ٿيون.

هنن اکين کي ڪارين ۽ موٽر سائيڪلن جو هڪ حيرت ۾ وجهڻ جيترو هجوم سنڌ جي ٿورن شهرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪارين کي عورتون به هلائين ٿيون، ۽ مرد به: ۽ سڀ ڪاريون ۽ موٽرون سعادت، خوش نصيبيءَ، سرهائيءَ، سدورائپ، بهشت جي يقين ۽ اسلام جي نعمت جي رستن تي تيز رفتاريءِ سان ڊوڙندي نظر اچن ٿيون.

اهڙيون طاقتور اکيون اهو به ڏيکارين ٿيون ته چنڊ رات جي خريداريءَ واري جوش ۽ مزي ۾ رات جي چئين وڳي تائين حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي عورت دڪانن جي بلبن هيٺان چوڙيون پائي رهي آهي، سبيل ۽ تيار ٿيل لباس خريد ڪري رهي آهي، نئين فئشن جون جتيون ۽ سئنڊلون وٺي  رهي آهي، مينديءَ جا ٽيوب خريد ڪري رهي آهي، ٽهڪن ۽ چرچن گهٻن ۾ رات جي پوئين وڳڙي ۾ عيد جي آمد تي جوش ۽ جذبي سان هڪ ٻئي کي عيد جون اڳواٽ مبارڪون ڏيئي رهي آهي. رڳو هڪ رات ۾ ڪروڙين روپين جي مٽا سٽا جو هي واحد وسيلو ، عورت، ملڪ ۽ سنڌ جي مدنيت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.هن جا ننڍڙا ٻارڙا به رات جو پوئين پهر تائين هن جي اڳيان ٺينگ ٽپا ڏيندا ۽ کيڏندا هلندا ٿا رهن.

بلڪل اهڙيءَ ئي هڪ رات ۾، بيل گاڏيءَ تي يا گڏهه گاڏي تي سَياري جي اکين کي اُهي عورتون ۽ اُهي مرد به نظر اچن ٿا. جيڪي خدا جي خوف ۾ روئندي ۽ توبهه زاري ڪندي پنهنجين ٻنين ڏانهن انهيءَ اميد ۾ وڃي رهيا آهن ته رات جو واهن ۾ پاڻي چڙهيو هوندو ۽ ٿورو  ٻنيءَ جو ٽڪرو ريج هيٺ آيو هوندو، ۽ هو ان طرح ويو ٻه ويسا ئي سهي، رونبي لائق ٿيا هوندا، ۽ هو قدر- رات جو نمازون ادا ڪرڻ کانپوءِ وري صبح جو رونبي کي لڳي ويندا.

سياري جي اکين کي عيد جي رات جي پوئين پهر ۾ ڀلا ٻيو ڇا ٿو نظر اچي؟ هنن اکين کي ٻيو اهو ٿو نظر اچي ته وڏن شهرن جي گهرن جي بند ڪمرن ۾ ڪي وڏتار هيبتناڪ ماڻهو ڏند ڪرٽي چئي رهيا آهن ته ”.......... کي ڇڏيو ته پاڻ کي در بدر ڪن، هڪ ٻئي کي ڪمن، مارين ۽ اوهين خدا جو نالو وٺي ننڊ ڪريو ۽ پنهنجن بنگلن کي، ۽ بيگمن کي، سينگاريندا هلو.“

آبادي ۽  منتقلي يا لڏ پلاڻ

سنڌ جي آباديءَ جو حصو هميشہ ڳوٺن ۾ پئي رهيو آهي. اِها صورتحال ايتري پراڻي آهي، جيتري سنڌ جي تاريخ. منڍ کان ئي وٺي سنڌ جي ماڻهن جو گذارو يا ته مال تي هو يا ٻنيءَ ٻاري تي، مال جو گذارو به گاهه جي ميدانن ۽  فصلن تي ئي هوندو آهي، سو سڀ کير ڏيندڙ، هر ڪاهيندڙ، مال ڍوئيندڙ يا مال لڏيندڙ جانور- جهڙوڪ گڏهه، خچر، اُٺ، يا سواريءَ جا جانور، جهڙوڪ  گهڙا__ سڀ اهڙيءَ ئي سر زمين تي رهي سگهن ٿا، جتي سندن کاڌي لاءِ چارو ۽ رهائش لاءِ موزون وٿاڻ موجود هجي.

سنڌ جي زمين ميداني علائقن کانسواءِ ڪچي جي انهن علائقن واري زمين به آهي، جتي جانورن جي پالنا ۽ رهائش  يا گذاري جوڳو بندوبست طبعي طور تي موجود آهي ۽ اهڙيءَ طرح ميداني علائقن ۾ پاڻيءَ جي فراوانيءَ  جي ڪري- جيڪا بعد  ۾ سنڌوءَ تي بئراجن جي ڪري حاصل ٿي- ماڻهن جي گذاري لاءِ کيتيءَ جون سهولتون رهيون آهن. جتي اڄ جديد ۽ قديم وسيلن مان اناج پيدا ٿي رهيا آهن. بئرريجن کان اڳ به ڪچي جا علائقا آباد ۽ خوشحال هئا، انهن کان سواءِ، چرخيءَ بارانيءَ جي وسيلن سان سنڌ اڳ ۾ ئي زرعي زمين جي ڪري خوشحاليءَ جو علائقو هو.

اهڙيءَ حالت ۾ آباديءَ جو تمام وڏو حصو پر انهن ئي پَٽَن تي رهندو هو، جتي زراعت جون سهولتون موجود هيون ۽ جتي کير، لحميات ۽ اُن جي پيداوار سان لاڳاپيل جانور موجود هئا. اهڙن پَٽَن ۾ بار کڻڻ ۽ ڍوئڻ وارا جانور به موجود هئا. اڄ سوڌو اِنهن ئي مدنيت جي حالتن ۾ سنڌ ۾ آدم جو تمام وڏو حصو اهڙن ئي هنڌن ۾ رهي ٿو. پر هيءَ  تمام وڏي حقيقت ڪڏهن به جديد دور جي ماهرن ۽ منصوبي بند حضرات جي ذهن ۾ نه آئي ته منصوبي بندي  سڄي ماڻهن  جي لاءِ ڪئي ويندي آهي ۽ انهن جي سهوليت ۽ آسانيءَ يا بهتر مد نيت ۽ سماجي زندگيءَ لاءِ ڪئي ويندي آهي.

انگن اکرن مان ئي  پڌرو آهي ته شهري علائقن کي بهتر ۽ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، ۽ هر سال پيداوار جو عام وڏو حصو شهري علائقن ۾ روڊن، نقل- حمل جي وسيلن، ٻارڻ ۽ گئس- بجليءَ بهتر رهائش جي سهولتن، صفائيءَ جي انتظام، تعليم، صحت ۽ آمدرفت جي وسيلن تي خرچ ڪيو ٿو وڃي. هن ڳالهه جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته صاحب اقتدار، ڪامورو، حڪومتن جو ڪرتا ڌرتا ۽ هنر مند استحصالي اڄ ڪلهه رڳو شهرن ۾ ئي رهڻ پسند ڪري ٿو. انهي سبب جي ڪري شهرن کي  بهتر انتظام مهيا ڪري ڏيڻ سان هو هڪ نموني ۾ ذاتي فائدن کي حاصل ڪري سگهن ٿا. صنعت ۽ حرفت جي ادارن کي به شهرن ۾ ئي مرڪوز ڪيو ويو آهي. ان طرح، سرمايي جي سيڙپ جا بهتر وسيلا به شهرن ڏانهن ٿي ويا آهن ۽ مزدوريءَ ۽ پورهئي جي لاءِ موقعا به شهرن ۾ ئي ملن ٿا.

هن طرح طبعي ۽ هٿرادو مدنيت جا ٻه نمونا سنڌ جي مدني زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ جي حالتن ۾ اچي ويا آهن. طبعي مدنيت جي تقاضا پٽاندر، ڪارخانا ۽ نقل حمل توڙي آمدرفت جا وسيلا ۽ اهڙيءَ طرح بهتر معاش جا سڀ وسيلا انهن علائقن ۾ موجود ڪري ڏيڻا هئا، جتي طبعي وسيلا اڳواٽ موجود هئا. هن بندوبست جو هڪ وڏو فائدو اهو ٿئي ها ته ملڪ جي آدم جو وڏو حصو ۽ ايراضيءَ جي خيال کان تمام وڏو علائقو هڪ رٿا پٽاندر وڌيڪ بهتر علائقو بڻجي پوي  ها، اِن سان هڪ طرف مجموعي آمدنيءَ ۾ اضافو اچي ها ته ٻئي طرف  مالي، سماجي ۽ عمومي طور تي خوشحاليءَ جا امڪان وڌن ها. پر افسوس، ٻيءَ طرح هڪ پريشان ۽ پريشان حال مدنت جي پيدا ڪرڻ سان اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن جو سک ۽ آرام جي گهڙين جي لاءِ روزانو سون ماڻهن کي فطري، قدرتي ۽ طبعي وسيلن کي ڇڏي شهرن ۾ اچڻو ٿو پوي. هن حقيقت جي ڪري هر سال ڪروڙين روپين جا طبعي ۽ قدرتي وسيلا رڳو سنڌ ۾ تباهه ٿيندا ٿا رهن. مثال طور، هاليجي، ڪلري، لنگهه ۽ ڊگهه جهڙين ڍنڍن جي تباهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي جو گهربل سهولتن مان نه ملڻ ڪري اُتان جا ماڻهو وڏن شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جي  بهترين غذا يعني سنڌ جي مڇيءَ جا غذائي وسيلا جيڪي  سنڌ کي حاصل هئا، سي تباهه ٿي ويا آهن. اهڙيءَ طرح، گوشت، کير ۽ ٻين اهڙن وسيلن، جهڙوڪ مال جي چاري جا ذخيرا، ڏسندي ڏسندي، هٿ سان ناپيد ڪيا ويا ۽ ڪيا پيا وڃن.

هٿرادو مدنيت، ان طرح هڪ سازشي ذهن جي پيداواري قوت آهي، جيڪا طبعي ۽ حقيقي مدنيت جي مخالفت ۾ هڪ اهڙو بندوبست ڪري چڪي آهي، جنهن مطابق هڪ خاص طبقي کي ورسايل طبقو بنائڻ سان سنڌ جي ۽ ملڪ جي تمام وڏي حصي کي انهن نعمتن کان محروم رکيو ويو آهي، جيڪي جديد سنڌ ۽ جديد پاڪستان ۾ هر فرد جو حق آهي.

هنن حالتن ۾ فطري، قدرتي ۽ طبعي آسودگيءَ جو ٻهڪندڙ نظام نابود ٿي رهيو آهي، ۽ هوڏانهن شهرن ۾ رڳو هڪ خاص ورسايل طبقي جي ڪفالت بلڪ آسودگيءَ تي ڪڙورين روپين جا خرچ ٿي رهيا آهن.

هن طرح گهڻو ڪري پاڪستان جي سڀني صوبن کي هڪ سازشي ۽ عوام- دشمن، ڪٺور ۽ جنوني منصوبي بند ذهن جي حوالي ڪري، ان کي اُڀاري، اهو سمجهايو ويو آهي ته مڪني هاٿيءَ جيان جيئن کيس وڻي ۽ جيترو هو ڪري سگهي، هو پاڪستان جي فطري ۽ واقعي ۽ حقيقي مدنيت کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪندو رهي ۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ فطري استحڪام ۽ سماجي آسودگيءَ جو جيترو نقصان ٿئي، ٿيڻ ڏجي.

ظاهر آهي ته هنن حالتن ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ هڪ فطري  امر آهي، ۽ ان مان ملڪ جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو، فطري امر آهي، ۽ ان مان ملڪ جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اهو لازمي آهي. هي سڀ ڪجهه بي بنياد، غير سائنسي ۽ غير حقيقي انهيءَ پلاننگ جو نتيجو آهي، جيڪا پاڪستان جي خلاف هڪ وڏو سازشي ذهن رکڻ وارا رڳو ڪي چند ماڻهو ڪري رهيا آهن.

ڇا اِها آهي انهن جي وطن دوستي، جنهن جو پرچار اسان جي خرچ تي هلندڙ ابلاغ جا وسيلا سالن کان ڪندا آيا آهن؟

پر جيڪڏهن فرض ڪجي ته منصوبه بنديءَ جو تعلق اهڙن سوالن سان نه آهي ته ڪهڙا علائقا آباد ڪبا ۽ ڪهڙا علائقا آباد نه ڪبا بلڪه برباد ڪبا، ته به اهو ضرور مڃڻو پوندو ته هيءَ نام نهاد مهارت منصوبه بنديءَ جي باري ۾ ايتريءَ ۽ ايڏيءَ ته جهالت جو شڪار آهي، جو هڪ عام ۽ سادي حقيقت به – هتي اها حقيقت  ته ملڪ جا قدرتي وسيلا ئي آهن، جيڪي ملڪ جي مدنيت ۽ اقتصاد جي ترقيءَ جا بنياد بڻجن ٿا- هن ٽولي کي اڄ سوڌو سمجهه ۾ نه آئي آهي.

ڇا اها حقيقت نه آهي ته منصوبه بنديءَ سان تعلق رکڻ وارن نام نهاد ماهرن سنڌ جي مڇيءَ، چراگاهن، چانورن، ڪپهه، معدنيات، تيل ۽ گوشت جي عظيم وسيلن کي رڳو ڏسڻ جي لاءِ سفر ڪرڻ جي تڪليف به ڪڏهن نه ڪئي آهي؟ (26-7-1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org