پاڻ
ڀرائپ ۽ پرڏيهي خبرون
(سطان احمد)
قومي
منزل آهي پاڻ ڀرو ٿيڻ، پنهنجن پيرن تي بيهڻ- گهڻي
کان گهڻن ميدانن ۾، ۽ جلد کان جلد.
پرڏيهي واپار ۾ اها منزل پنهنجي ملڪ ۾ اهي سڀ شيون
ٺاهڻ سان ملندي، جيڪي هونئن ٻاهران گهرائبيون آهن.
صنعت ۾ اهو مقصد تڏهن ماڻبو. جڏهن گهڻي کان گهڻن
ڪارخانيدارن کي پنهنجي ملڪ ۾ ٺاهيل پرزا مهيا ٿي
ملن.
ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ به مقصد اهو آهي ته اها
ممڪن ۽ مفيد حد تائين پنهنجي ئي هجي.
ته
پوءِ ڀلا پنهنجي ئي ملڪ جي خبرن لاءِ اسان کي
ٻاهرين ذريعن تي ڇو ڀاڙڻو پوي ٿو؟ نَو ڪروڙ
پاڪستاني آخر ڇا جي ڪري پرڏيهي ريڊيو اسٽيشنن،
اخبارن ۽ رسالن تي ڀاڙين ٿا، ته جيئن اِهو ڄاڻي
سگهن ته سندن ملڪ، سندن صوبي، بلڪ سندن شهر ۾ ڇا
پيو وهي واپري؟
لکين
سٺن ۽ سڄاڻ پاڪستانين لاءِ روزانور رات جو 30-8
وڳي بي. بي. سي ٻڌڻ ڇو ضروري ٿي پئي آهي؟ ۽ ڇو
ڪيترا ماڻهو اها ساڳي ڳالهه صبح جو سوير به ڪري
پوءِ گهرن مان نڪرن ٿا؟ اِهو ئي ته خيال ڪري ته
هنن کي اُنهن ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ملڪ جي وڌيڪ ڄاڻ
آهي، جيڪي صبح جو بي.بي. سي. نه ٻڌندا آهن!
براڊ
فورڊ يا بمبئيءَ کان موٽندڙ پاڪستاني پاڻ سان
پاڪستان بابت پرڏيهي خبرن جا ٽڪر کڻي آڻي هتي
پنهنجيءَ سنگت کي ڏيکارين ٿا، ۽ جيڪڏهن اهي خرچ
جي پڄت رکن ٿا ته پوءِ انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون
ڪڍائي پنهنجن دوستن ۾ ورهائين ٿا.
اسين
نيٺ هن نئين جوان ملڪ ۾ اهڙو خال ڇا لاءِ پيدا
ڪريون ٿا، جيئن گذريل 26 سالن کان ڪندا رهيا آهيون
۽ پنهنجي ئي ملڪ، صوبي يا شهر جي واقعن بابت ماڻهن
کي ڇو پرڏيهي وسيلن تي ڀاڙڻ تي مجبور ڪري رهيا
آهيون؟ خبرن جي معاملي ۾ 1958ع جي مارشل لا کان
وٺي سڀني حڪومتن اهو غير دانشمنديءَ وارو طريقو ڇو
اختيار ڪيو آهي؟
هيءُ
ڪو دنيا جو اهڙو حصو ڪونهي جتي خانگي يا سرڪاري
شعبي جو وجود نه هجي يا اُهي صفا گهٽ اُسريل هجن.
هن ايراضيءَ ۾ حڪومت جو ڪردار غالب آهي. پاڪستان ۾
ٽي. وي ۽ ريڊو کي سرڪاري هڪ هٽي حاصل رهي آهي، ۽
اِهي ادارا سرڪاري پاليسين ۽ پروگرامن جو مڪمل
نموني پرچار ڪندا رهيا آهن. سرڪار وٽ فلم ۽ اشاعت
جا ادارا آهن، جن هيٺ فلمن، ڪتابڙن، ۽ ڪتابن ذريعي
عوام کي ٻڌايو ويندو آهي ته سرڪار ڇا سوچي ۽ ڪري
ٿي، يا ايندڙ سالن ۾ ڇا ڪرڻ چاهي ٿي. تنهن سان گڏ،
سرڪار وٽ.” نيشنل پريس ٽرسٽ“ جون سرڪاري اخبارون
به آهن، جن مان چار اخبارون انگريزيءَ ۽ اردو جا
ڏهه ايڊيشن شايع ڪن ٿيون- جيڪي وڏي تعداد ۾ ڇپجن
ٿا ۽ اُنهن جي وري سرڪاري طور وڏي نموني سهائتا
ٿيندي رهي ٿي.
ساڳئي وقت خانگي شعبي جون ڪيتريون ئي اخبارون پڻ
آهن، جن مان ڪي ته سرڪاري اخبارن کان وڌيڪ سرڪار
جون حامي آهن.
ته
پوءِ اهو ڇا آهي، جو اطلاعاتي شعبي ۾ حڪومت جي
ايڏي تسلط هوندي به، ۽ ٽي، ويءَ ۽ ريڊئي تي هڪ-
هٽيءَ هوندي به، حڪومت ماڻهن کي ان ڳالهه جو قائل
نٿي ڪري سگهي، جنهن جو هوءَ کين قائل ڪرڻ چاهي ٿي.
ماڻهو سرڪاري اطلاعاتي وسيلن تي ڀاڙين، تنهن لاءِ
مختلف حڪومتن لڳاتار پنهنجن گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ
۾ ناڪامي پئي ڏٺي آهي. جڏهن سرڪاري اخبارن ۾ جديد
ذريعن (ريڊيو ۽ ٽي. وي) تي رکيل ضابطو گهربل نتيجن
آڻڻ ۾ ناڪام ٿيو، ته ان کي خانگي اخبارن تائين
وڌايو ويو. اهو ضابطو اخبارن کي فون ذريعي اڻ کٽ”
پريس ائڊوائيس“ کان اڳواٽ وٺي سينسرشپ تائين مختلف
شڪلين ۾ هلي رهيو آهي. هن ملڪ اخبارن جي مڪمل
اڳواٽ سينسرشپ 1979ع تائين نه ڏٺي هئي، ۽ پوءِ
موجوده سرڪار جي ڪيل واعدي واريون عام چونڊون ٻيو
ڀيرو ملتوي ڪيون ويون. روزانين اخبارن تي پوءِ
سينسرشپ ٻه سال رهي، ۽ رسالن تي وري ٽن سالن کان
به مٿي لاڳو رکي ويئي. ان سان گڏ، مختلف وقتن تي
ڪن روزانه اخبارن ۽ رسالن تي خاص حالتن هيٺ ۽
خصوصي سينسرشپ به رهي آهي.
عام
طور سينسرشپ جي ناڪاميءَ وڏين پابندين کي آندو
آهي، ۽ ڪڏهن به اهڙين سرڪارن لاءِ مڪمل سينسرشپ
لازمي بنجيو پوي. پوءِ وري اهڙو سياسي چوٻول پيدا
ٿيو وڃي، جو سموري سنسرشپ ڪجهه وقت لاءِ لڙهيو
وڃي: نوان حاڪم، ۽ خبرن تي ضابطي رکڻ ۽ خيالن ۽
ويچارن کي قبضي ۾ رکڻ وارا نوان اختياريءَ وارا
اچيو وڃن.
هڪ
ٻئي پٺيان حڪومتون جيڪي پريس تي ههڙين سخت
پابندين تي ڀاڙينديون رهيون آهن، اهي نيٺ به ويل ۾
ڦاٿيون آهن، ۽ جيڪي گذري ويل حڪومتن جا گوئبلس
آهن، اُهي اڄ جا آزاديءَ جا ويڙهاڪ آهن،۽ انهن مان
ڪي ته نه رڳو اسان لاءِ اظهار جي آزاديءَ لاءِ پر
سڄيءَ دينا ۾ ان مقصد لاءِ ويڙهه پيا ڪن. پاڪستان
۾ اقتدار سمورا فرق پيدا ڪري رهيو آهي- ۽ اهي فرق
اڪثر رات ڏينهن جا فرق ٿيو وڃن. پاڪستان ۾ تاريخ
پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي پئي اچي، پر ڪنهن کي به
سبق حاصل نه ٿي رهيو آهي.
لارڊ
آڪٽن چوندو هو ته ”اقتدار گمراهه ڪري ٿو، ۽ مڪمل
اختيار مڪمل گمراهي آڻي ٿو.“ پر پاڪستان ۾ اهو
اقتدار پسندن کي ساڳئي وقت انڌو به ڪندو رهيو آهي.
ڇا،
انهن حڪومتن جي ناڪامي خود سندن اختيار وارن
اطلاعاتي ذريعن جي ڪري آهي؟ هر گز نه. غلطي ان
طريقي ۾ آهي، جيڪو انهن ذريعن کي استعمال ڪرڻ يا
غلط استعمال ڪرڻ لاءِ اختيار ڪجي ٿو. جڏهن سرڪار
وٽ ٽي.وي.، ريڊيو، فلمن ۽ پريس ٽرسٽ جي اخبارن جي
شڪل ۾ اطلاعاتي ذريعن جي هڪ وسيع طاقت موجود
هجي، تڏهن حڪومت کي خانگي اخبارن کان تيستائين ڊڄڻ
جو ضرور ڪونهي، جيستائين اهي حڪومتون سڌي رستي تي
هلنديون رهن ۽ غلطيءَ کي سڌارڻ لاءِ تيار هجن.
هڪ
طرف اڄوڪي زماني ۾ آزاد پريس جو وڏو فائدو هيءُ
آهي ته اها عوام کي حڪومت جي سوچ ۽ عمل کان آگاهه
ڪري ٿي ته وري ٻئي طرف حڪومت کي به ٻڌائي ٿي ته
ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري ۽ ماڻهو ڇا ٿا چاهين. غلام
۽ منتشر پريس ٻنهي ڪمن کان وانجهيل رهي ٿي، اها
بيرخ ٿي وڃي ۽ هڪ اهڙو وسيلو بڻجي ٿي، جيڪو
پنهنجن ٻنهي اصل مقصدن کي پورو ڪرڻ کان قاصر
رهجيو وڃي.
(21-
6- 1984ع)[روزاني ”مسلم“ جي ٿورن سان- ش .ا.ح]
فرقيواريت جون پاڙون
هونئن ته مختلف اصل نسل ۽ طور طريقن وارن ماڻهن جي
گروهن ۾ امن ۽ هم آهنگي، مهذب انساني ورتاءَ جي
نشاندهي ڪن ٿا، پر هيءَ حقيقت آهي ته اجهاڳ ترقي ۽
جدت اڃا تائين اهڙي باهمي لڳ لاڳاپي جي صورت پيدا
ڪري نه سگهي آهي، جنهن کي آدرشي ڪوٺي سگهجي. جتي
جتي به مختلف مذهبن، نسلن ۽ ٻولين وارا ماڻهو گڏجي
رهن ٿا، اُتي نموني نموني جي ڇڪتاڻ ۽ ويڙهاند ڏسڻ
۾ اچي ٿي.
ويهين صديءَ ۾ دنيا جي سياسي جاگرافيءَ ۾ زبردست
تبديليون آيون آهن، ۽ ڪن هنڌن تي ماڻهن جي وچ ۾
مٿئين قسم جي اختلافن کي قومن جي خود اراديت واري
حق جي مڃتا سان حل ڪري سگهيو ويو آهي. ان ريت،
قومي رياستن ٺهڻ ڪري، نه رڳو شاهي فتوحات واريءَ
خلافت کي نئين جوڙجڪ ملي آهي، بلڪه مختلف قومن کي
اهو موقعو پڻ مليو آهي ته اهي پنهنجي قومي سڃاڻپ
جي حفاظت به ڪن ۽ ان کي اوسر به وٺائين.
پر
رڳو قوم اهڙو سماجي گرهه ڪونهي، جنهن سان ماڻهو
وفادار رهن؛ ڇاڪاڻ ته معاشرو جيترو گهٽ اسريل
هوندو، ماڻهن جي قومي سڃاڻپ جو اوترو ئي ننڍڙو
گروهه سڏيو ويندو. اُن ڪري اُن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
مختلف گروهن وچ ۾ ٽڪراءُ تيستائين مڪمل طور ختم
ڪرڻ ممڪن ناهي، جيستائين يا ته الڳ قومي سڃاڻپ
گهرندڙن کي مڪمل طور هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏجي، يا
وري عوام جي شعور کي ايترو ته مٿڀرو اڀاري مٿي کڻي
اچجي جو اُهي پاڻ کي عالمي انساني برادريءَ جو حصو
سمجهڻ لڳن.
پر
جتي انساني معاشري ۾ ٽڪراءَ ۽ ڇڪتاڻون اُڀري چڪيون
آهن، اتي اُنهن اهڙا قومي ادارا جوڙيا آهن، جيڪي
معقول حدن اندر رهڻ جي سگهه به رکن ٿا- جيئن ته
باهمي طور قبول ڪرڻ جهڙي ڍانچي اندر امن ڀرئي
نموني اختلاف حل ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان نه بدامني
رهي سگهي ۽ نه ڀڃ ڊاهه جو خدشو. هڪ جمهوري معاشرو
اُن لاءِ بهترين دڳ فراهم ڪري ٿو. جيڪو الڳ نسلي
گروهن کي به برقرار رکي ٿو ته ساڳئي وقت هڪ
جهڙايون پڻ مهيا ڪري ٿو.
جمهوريت رڳو حڪومتي نظام جو نالو ئي نه پر نظام
زندگي آهي، جيڪو سهپ به پيدا ڪري ٿو ته گڏجي رهڻ
جو جذبو ۽ معقول ورتاءُ پڻ. گهڻ- نسلي سماج ۾،
جنهن ۾ مختلف نسلي، لساني ۽ مذهبي عناصر موجود
هجن، جمهوري ڍانچو هر ڪنهن کي پنهنجيءَ الڳ سڃاڻپ
سان موجود رهڻ جي آزادي ڏئي ٿو، ان جي مفادن کي
تحفظ مهيا ڪري ۽ اوسر ڏئي ٿو، ۽ قومي معاملن ۾ بنا
متڀيد جي حصيدار بڻائي ٿو. اِن هوندي به ڪيتريون
اهڙيون قومون به آهن، جن جمهوري ڍانچا ته طمطراق
سان جوڙيا آهن، پر وٽن جمهوري قدرن جي بنياد
موجود نه هجڻ ڪري، انهن اندر عام ٽڪراءَ ۽ جهيڙا
جهٽا هر ڪو ڏسي ۽ پسي پيو.
سچيتائيءَ واري ورتاءَ جي سوچ فيصلي ڪَن اهميت رکي
ٿي، ڇو ته مذهبي ڪٺورتا ۽ فرقيواريت جي مقابلي
ڪرڻ لاءِ اهو ئي هڪ رستو وڃي رهي ٿو. اسريل قومن ۾
مٺ جيترا جنوني ماڻهو لڀندا آهن، جيڪي فرقيوارنه
فسادن ۽ نفرت کي مذهبي اصول طور استعمال ڪندا
رهندا آهن، پر عوام وٽان کين نه ملندڙ جهڙي موٽ
کين هڪ محدود دائري تائين مس اُڀرڻ ڏيندي آهي.
باقي اسرندڙ ملڪن ۾ اهڙن ٺڳن کي ڪجهه جهجهي حمايت
ملي ٿي، ۽ اِن ريت اُن جا ڇاڙتا کلئي عام نفرت ۽
تشدد کي ڀڙڪائيندا رهندا آهن. اسرندڙ سماجن ۾
اهڙيءَ صورتحال کي ڀڙڪائڻ ۾ هڪ ٻيو عنصر، اقتصادي
سرشتو، به ڪارفرما رهي ٿو.
شديد
غربت، عام بيروزگاري، موقعن جي اڻاٺ ۽ علائقائي اڻ
برابرين عدم تحفظ ۽ ڇٽا ڀيٽيءَ جي حالت پيدا ڪري
وجهنديون آهن. اُن سان ٻهراڙين جا غريب ماڻهو بي
انتها تعداد ۾ شهرن جو رخ ڪندا آهن ۽ وري هڪ
علائقي جا ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن شديد لڏپلاڻ
شروع ڪري ڇڏين ٿا. تشدد جي سببن جو هڪڙو مثال ته
ڀارت مان ملي ٿو. ”آر. ايس. ايس.“ هٿان مسلمانن
خلاف نفرت انگيزيون پيدا ڪرڻ، ڏاکڻين ايراضين جي
پورهيتن جي لڏپلاڻ خلاف، ”شيو سينا“ جون تشدد
واريون ڪارروايون ۽ آسام جي تريپوري ۾ بنگالي
پناهگيرن جو قتلام ان نوعيت جا چند مثال آهن.
هن
مسئلي جو هڪ اهم سبب اهڙي نظام جي اڻهوند آهي،
جيڪو جيڪر بنان متڀيد جي سڄيءَ قوم کي ملڪي
معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ جو احساس ڏياري. جڏهن
ٿورائي محروميت محسوس ٿي ڪري، پوءِ اُها سياسي
اقتدار ۾ حصي نه هجڻ ڪري پيدا ٿئي يا معمولي موقعن
جي اڻهوند سبب ٿيندي هجي، نتيجي ۾ اها پاڻ کي
اوپرو محسوس ڪندي ۽ پاڻ کي فرقيواريت جي خول اندر
بند ڪندي. ٻئي پاسي، جيڪڏهن موقعا ٿورڙا هوندا ۽
انهن جا دعويدار گهڻا هوندا ته پوءِ اقتصادي مفادن
لاءِ بيدرديءَ واري ڊوهان ۽ سخت ترين چٽاڀيٽي پيدا
ٿيندي. اهڙين حالتن ۾ اڪثريت لانگڙلاهه ٿي، انهن
اقليتن خلاف جنگ شروع ڪري ڏيندي، جن کي هن ڊوڙ ۾
هارائي سگهجي، ۽ پوءِ اها اقتصادي مفادن جي ڇڪتاڻ
نسلي يا فرقيوار نفرت جو رخ اختيار ڪندي، جيئن
سريلنڪا ۾ سنهالين ۽ تامل باشندن وچ ۾ ٿي گذريو، ۽
اڃا ٿي رهيو آهي.
فرقيوار گهمسان گهڻو ڪري سياسي گهٽ ۽ ٻوسٽ سبب يا
وري ڪنهن مقبول هلچل جي گهٽجي وڃڻ سبب پيدا ٿين
ٿا. ڇو ته انهيءَ صورت ۾ وڏي پيماني تي بيچيني ۽
مايوسي پکڙجي ٿي، جيستائين سياسي عمل جاري رهي ٿو،
تيستائين عوام مسئلن تي کليو اظهار ڪرڻ کان وٺي
حڪومتن جي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ تائين سرگرمين ۾ رڌل رهن
ٿا، ۽ قومي زندگيءَ جي ٺوس مسئلن سان لاڳاپيل رهن
ٿا. جيڪڏهن اهي پنهنجيءَ مرضيءَ جي ڪا سرڪار نٿا
جوڙي سگهن، يا وري هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتون
سندن لاءِ بهتري نٿيون به آڻي سگهن، پر کين اهو
آٿت هميشہ محسوس ٿو ٿئي ته هنن بهر حال ساسي عمل ۾
سڌو سنئون حصو وٺي هٿ پئي ونڊايو آهي.
پر
جڏهن به سياسي عمل رڪجي وڃي ٿو، اظهار ۽ عمل جا
سمورا دروازا بند ٿي وڃن ٿا، ته ماڻهو انهن معاملن
بابت اوپرائپ محسوس ڪرڻ ٿا لڳن، جيڪي سندن وجود
لاءِ تمام اهم هوندا آهن.
ان
ريت خارجي معاملا ڪر موڙي اٿن ٿا ۽ ننڍڙا ننڍڙا
تضاد غير معمولي حيثيت وٺيو وڃن. اهڙي صورتحال مٺ
جيترن فسادين لاءِ مددگار ثابت ٿئي ٿي ته اُهي
عوام جي وچ ۾ فرقيواري احساس ۽ نفرتون ڀڙڪائين. ان
۾ شڪ ناهي ته سياسي گهٽ ۽ ٻوسٽ اهڙا سبب پيدا ڪري
ٿي، جيڪي اڻوڻندڙ ۽ غير معقول ٿين ٿا، ۽ عوام
اڻوڻندڙ عمل ۾ مبتلا ٿيو وڃي. پاڪستان ۾ تازو
جيڪي فرقيواري جذبا اُڀريا آهن، اُهي به اُن ئي
حالت جي پيداوار آهن.
عوامي تحريڪن جي ناڪامي به دٻاءَ جي صورتحال کي
پيدا ڪري ٿي، جيڪا عوام جي سوچ کي حيرت انگيز
نموني ڦيرايو ڇڏي ۽ سندن مقصدن کي بگاڙي ڇڏي.
20-
1919ع جي زماني ۾ ننڍي کنڊ جا مسلمان خلافت هلچل
جي حق ۾ ٿي ويا هئا، جنهن کين نه رڳو انگريزن
خلاف اُڀاريو هو، پر کين هندن جي ايترو ته ويجهڙو
وٺي ويئي، جو ان دور کي تاريخ نويسن، ”هندو- مسلم
اتحاد جو سونهري دؤر“ قرار ڏنو. پر جيئن ئي خلافت
وارو مقصد غير واسطيدار ٿيندو ويو ۽ هلچل ختم ٿي
ويئي، ته هندو- مسلم ٻڌي ٽٽي، موپلا بغاوت جي روپ
۾ بدلجي، فرقيوار فسادن جي شڪل اختيار ڪئي.
هيءَ
ڳالهه نهايت افسوسناڪ آهي ته مذهب جي نالي ۾ ڏاڍو
رت وهيو آهي، ۽ انيڪ عقوبتن منهن ڪڍيوآهي. ننڍي
کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ٿيل رتوڇاڻ، بيدرديءَ سان
ٿيل قتلعام، عورتن جي عصمتن لٽجڻ ۽ ماڻهن جي بي
گهر ٿيڻ وارا اهڙا واقعا آهن، جيڪي مذهبي تفرقن
جي دکدائڪ ياد ڏيارين ٿا.
سمورا مذهب امن ۽ خير جو پيغام ڏيندڙ آهن. اهي در
گذر ۽ ڀائيچاري جو سڏ ڏين ٿا، ۽ اخلاقي ضابطي هيٺ
حيواني وحشتن کي ناس ڪرڻ جو سبق ڏين ٿا. پر جڏهن
مذهب جي تشريح جو ڪم تعصبي جاهلن جي ور چڙهي ٿو
وڃي، تڏهن ان جي آفاقيت ترت ئي حقارت ۾ بدلجيو
وڃي، ۽ ان کي ٻڌيءَ جي قوت بنائڻ بدران، ٻيو ته
ٺهيو پر ساڳئي عقيدي جي پيروڪارن وچ ۾ ويڇا ۽
نفرتون پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ ئي
مذهب ۾ سوين فرقا ڪنهن کي به ڪو نه وڻندا، بلڪه ان
جي ابتڙ، ماڻهو ته اهو چاهيندو ته هر ڪنهن کي بنان
رنڊ روڪ آسرن جو حق ڏجي، ۽ ڪو به فرقو سچي هجڻ جو
رڳو پاڻ دعويدار بڻجي، باقي ٻين سڀني مٿان پاڻ
کي نه مڙهي ڇڏي.
مختلف فرقن وچ ۾ بحث مباحثي ۽ سمجهڻ سمجهائڻ واري
ڳالهه ايستائين ته ڏاڍي چڱي ۽ عقل ڀري سرگرمي ٿي
سگهي ٿي. جيستائين اها غيرارادي طور گلا غيبت ۽
حقارت ۾ بدلجي نه وڃي. اجهل فرقيوار وعظن اڪثر ڪري
ٿورائيءَ وارن گروهن خلاف قانون سازيءَ جي مطالبن
کي پئي اُڀاريو آهي، ۽ ٻئي جي ڳالهه کان نفرت ۽
اڻبڻت انتها پسندن کي تشدد تائين وٺي پئي آندو
آهي. جيتوڻيڪ تشدد کي روڪڻ ۽ سڀني ملڪ واسين کي
تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومت کي زوردار ڪردار ادا
ڪرڻو هوندو آهي، پر غور ڪبو ته واضح ٿيندو ته
معاشري جي ساڃهه ڀرين حقلن جي به اخلاقي ذميداري
بڻجي ٿي ته اُهي اهڙن لاڙن خلاف اٿي کڙا ٿين، جن
سبب جهل ۽ جنونيت جنم وٺن ٿا.
[روزاني”مسلم“، 1- جون 1984ع
تان،
جنهن هي مضمون ”ٽائيمس آف
(12-
7- 1984 ) انڊيا“ تان کنيو –
م .ا. ج]
سفارش
(محبوب علي جوکيو)
سفارش ڪرڻ جا به ڪي طريقا آهن، جن مان هڪ طريقو
ته اهو آهي ته سفارش ڪندڙ ڪنهن جي سفارش صرف هن
ڪري ڪندو آهي، جو اهو سفارشي کيس پنهنجو هوندو
آهي، مطلب آهي ته سفارش ڪندڙ اقربا پروريءَ،
پاسخاطريءَ يا دوست نوازيءَ جي جذبن تحت ڪنهن جي
سفارش ڪندو آهي. سفارش ڪندڙ اهو خيال نه رکندو آهي
ته هي سفارشي ڪو انهيءَ ڪم يا جڳهه لاءِ اهل به
آهي يا نه، يا هو ڪو انهيءَ ڪم يا فرض کي خوش
اسلوبيءَ سان نڀائي به سگهندو يا نه. لائق هجي يا
نالائق، اهل هجي، يا نااهل، موزون هجي يا غير
موزون، بهرحال هن جو ڪم ٿيڻ گهرجي، سفارش ڪندڙ جون
اکيون انهيءَ جي نتيجي کان پوريل يا ٻوٽيل هونديون
آهن.
اصل
حقيقت اها هوندي آهي ته انهيءَ سفارش ڪرڻ ۾، سفارش
ڪندڙ جو پنهنجو به ڪو نه ڪو مفاد هوندو آهي، جنهن
کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ننهن- چوٽيءَ جو زور
لڳائيندو آهي ۽ انهيءَ مهم کي ڪامياب بنائي وٺندو
آهي. ڪڏهن ته وري صرف ميار لاهڻ خاطر به سفارش ڪئي
ويندي آهي. بهرحال، انهيءَ سفارش جي زوردار يا
وزندار هئڻ جو مدار سفارش ڪندڙ جي پنهنجي شخصي
مفاد تي ئي هوندو آهي.
اهڙي
قسم جي سفارش ڪري، نااهلي ۽ غير موزون شخص اهڙين
جاين يا منزلن تي پهچيو وڃن، جن جا هو اهل ۽ لائق
نه هوندا آهن ۽ اڳتي هلي هاڃيڪار ثابت ٿيندا
آهن. نه رڳو ايترو، پر موزون ۽ لائق ماڻهن جا حق
غضب ٿيو وڃن ۽ اهي ويچارا ڌڪجي پوئتي رهجيو وڃن،
جنهن ۾ شخصي نقصان سان گڏ قومي نقصان به آهي.
هن
طريقي جي سفارش ۾، سفارش ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته
هو مفاد پرست ۽ بي اصولو هجي، ۽ سفارش ڪندي ڪا به
هچڪ ۽ هٻڪ محسوس نه ڪري. سفارشيءَ لاءِ وري نااهل
۽ ناڪارو هئڻ لازمي آهي.
ٻيو
طريقو اهو ته سفارش ڪندڙ ڪنهن لائق ۽ اهل
ماڻهوءَ جي سفارش ڪندو آهي ۽ هن کي وس وارن جي
اڳيان بيهاريندو آهي، ۽ هن جون لڪل خوبيون ۽ جوهر
نمايان ڪندو آهي، جيڪي هونءَ هوند ظاهر ٿي ڪين
سگهن، ڪيترائي اهڙا لڪل لعل ۽ قيمتي موتي به پيا
آهن، جيڪي زماني جي لٽ هيٺان دٻجي ويندا آهن، جو
انهن کي نمايان ڪندڙ يا پرکڻ ۽ پروڙڻ وارو جوهري
ملي ڪو نه سگهندو آهي، يا جيڪڏهن ڪو ملي به ويندو
آهي ته هو اهڙي قسم جي تڪليف ڪرڻ، يعني لائق ۽
موزون ماڻهوءَ جي سفارش ڪرڻ، گوارا نه ڪندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن اهل ۽ سڄاڻ ماڻهوءَ جي سفارش ڪبي ۽ هن
جا لڪل جوهر نمايان ڪري، ڪنهن جي اڳيان رکبا ته
اها گندي سفارش نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سفارش ڪندڙ
جي اڳيان پنهنجو شخصي مفاد ڪو نه هوندو آهي. هو
صرف اهو چاهيندو آهي ته موزون جڳهه تي موزون ماڻهو
پهچي- خوشنما ۽ خوشبودار گل، اڻڏٺا آڻوائٺا
ڪومائجي نه وڃن، بلڪه انهن مان فائدو ورتو وڃي،
جيڪو قوم جي مفاد ۾ هوندو آهي.اهڙيءَ سفارش ڪرڻ
لاءِ قومي خدمت جو جذبو ۽ قدرشناسي ضروري آهن. ان
۾ قومي مفاد هڪ طرف آهي. ته شخصي فائدو ٻئي طرف.
ان ۾ لياقت ۽ اهليت جي پڻ خدمت ۽ همت افزائي آهي.
هِن طريقي ۾ اِهو ضروري آهي ته سفارش ڪرڻ وارو اهل
نظر، همت وارو ۽ بي ريا هجي، ۽ سفارشي به اهل ۽
قابل ۽ موزون هجي.(12-7-1984ع) |