هيڏي
هوڏي، جاڏي تاڏي
(جوت
جلي)
اردو
اخباربين انهيءَ سلسلي ۾ خوشنصيب آهن، جو کين حضرت
پير سائين پاڳاري جون مزيدار، چٽپٽيون ۽ تازيون
”لٽڪن چٽڪن“ جهڙيون خبرون پڙهڻ لاءِ ملي وڃن ٿيون.
سنڌي اخبارون پڙهندڙ ويچارا هو نئن ئي انهيءَ
سلسلي ۾ ايترا ئي مظلوم آهن، جيترا ڪي بلو لائين
توڙي عام بسن جا پاسينگر، جيڪي ڀاڙو ڀري انهن
سوارين ۾ ويهن ٿا ۽ پوءِ آهن ڊرائيورن جي رحم ڪرم
تي: وڻين ته نعتن، قوالين ۽ جلال چانڊئي جون
ڪيسٽون ٻڌائين.وڻين ته ڪنهن کڏ ۾ ڪيرائين. ٻنهي
ڌرين کان ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي، مول مقصد پيسو
ڪمائڻ ۽ پنهنجو شان رکڻ.
سائينءَ جي ”لغڙ بازيءَ“ واري اهم خبر لاءِ به
اسان سڀني (مريد، نامريد ) کي اردو اخبارن جو
سهارو وٺڻو پيو ۽ ٽيڏي اک ڪري، خبر پڙهي، محظوظ
ٿياسين. سائين ته آهي بادشاهه- ڪڏهن ”ٻانگن“ جي ،
ڪڏهن لذيذ کاڌن جي، ڪڏهن جنم ڏينهن تي ”ڳري ڪيڪ“
جي، ڪڏهن ريس ڪورس ۾ ”گهوڙن“ جي شرط کٽڻ جي، ته
ڪڏهن مسلم ليگ جي ”مقدر“ ۾ حڪومت هجڻ جي ڳالهه ٿو
ڪري. هڪ دفعو جڏهن صدر جنرل ضياءُ الحق صاحب سعودي
عرب جي دوري تي ويو، ته سائين وزارت ٺاهڻ ۾ مصروف
ٿي ويو. هاڻي، ايتريون ۽ ايڏيون وڏيون خبرون سنڌي
اخبارن وارا ڪٿي ٿا ڏيئي سگهن! ٿورو وقت پرو
چانڊئي جون خبرون ڏيئي، دڪان چمڪايو ويٺا هئا، پر
اهو به بي موت مري، سندن ڌنڌي ۾ ماٺيي وجهي ويو.
وري به شاباش آهي اردو اخبارن کي جو سائينءَ جون
سياسي جهلڪون، پنهنجي ئي رنگ ڍنگ ۾ ڏيکاريندا رهن
ٿا.
ڪجهه
وقت اڳ، جڏهن اڃا اسان جي پياري پاڪستان ۾ سياسي
خبرن ڏيڻ تي ٻڪر ٻوساٽ نه ٿي هئي، ته سائينءَ
توڙي ٻين سياستدانن جا بيان جام پڙهڻ لاءِ ملندا
هئا ۽ هڪ دفعوا”جنگ“ اخبار جي ڪارٽون ٺاهيندڙ هڪ
گهريلو جانورن جو ڪارٽون ڏنو هو، جن جون شڪايتون
مختلف سياستدانن سان ٺهڪندڙ ٺاهيون هئائين ۽ انهن
جي هيٺيان سڀني جا نالا ڏنل هئا: سائينءَ جي شڪل
واريءَ مينهن جي هيٺان هيئن لکيل هو- ”چارو گهڻو
ٿي کائي، کير جي سُتي به ڪا نه ٿي ڏئي.“
ون
يونٽ جي زماني ۾ سنڌ جي چرين ماڻهن (اديبن ۽
نوجوانن) ”سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي بڻايو“ جي
تحريڪ هلائي، هئي ۽ ان جي مدد جو هڪ صحيحن جو
طومار“ ٺاهيو هئائون، جنهن تي هزارين ماڻهن جون
صحيحون ورتيون ويون هيون. جن ۾ پاڪستان جي ڪيترين
ئي اهم شخصيتن (سياسي توڙي غير سياسي) جون صحيحون
هيون، جن ۾ سڀني صوبن جا ماڻهو- بنگالي، پنجابي،
پٺاڻ، بلوچ- شامل هئا. مگر سائينءَ ان وقت به لغڙ
بازي ڪندي، صحيح جي گهر ڪندڙن کي ٺونٺ تان گهمائي،
سائين نادر شاهه ڏانهن روانو ڪيو، جن فرمايو ته
”اسان جا ٻار انگريزي ۽ اردو ٿا پڙهن“- ۽ پوءِ
صحِيح ڪا نه ڏنائون. اوهين ڏسندا ته پير سائين
ڪيتري وقت کان، ڪيتري نه اردو جي خدمت ڪندا ٿا
اچن. تنهن کان پوءِ به ”جنگ“ وارا سندن باري ۾
ائين لکن، سا ڪيڏي نه ناشڪري ۽ احسانفراموشي آهي!
ڪجهه
ڏينهن کان پير سائينءَ جون ”لغڙ بازيءَ“ متعلق
”جنگ“ اخبار ۾ خبرون اچڻ لڳيون ته مرحوم رشيد
احمد لاشاريءَ وانگر، جنهن کي هر بيت مان روحاني
راز ڳولڻ جو خفت هوندو هو، جوت عليءَ به انهن خبرن
جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته کيس يقين هو
ته سائينءَ جن ائين اجائي سجائي ڳالهه ڪا نه ڪندا
آهن، ۽ بقول سندن، ”هيڊ ڪوارٽر جي ماڻهوءَ“ هجڻ
جي حيثيت ۾ ته تهان ئي اُنهيءَ خبر جي اهميت وڌي
ٿي ويئي.تنهن کان سواءِ، پاڻ نه رڳو سياستدان آهي،
بلڪه ساڳئي وقت روحاني پيشوا به آهن، جنهن ڪري
مريدن توڙي مسلم ليگين ۾ انهيءَ ”لغڙ بازيءَ“ واري
روحاني راز ۽ سياسي سوچ متعلق لوچ ٿيڻ گهرجي، ٻيو
ڪجهه نه ڪن، ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ئي لغڙ ٿي اڏامن،
لغر بازي ڪن يا لغڙ فروشي ڪن، پر ڪجهه نه ڪجهه ته
کين ڪرڻ ئي گهرجي.
اڄڪلهه اولمپڪ راندين جو زمانو آهي، ۽ سياسي خبرن
تي بندش آهي، تنهن ڪري، راند روند جي وندر چڱي
ڳالهه آهي. پير سائينءَ جن جڏهن ولايت مان تازو
واپس ٿيا هئا ته هر آچر تي خيرپور جا ڪرڪيٽ جا
کيڏاري ڪوٽ ۾ گهرائي، انهن سان ڪرڪيٽ جا شوق پورا
ڪندا هئا.ٿورن ڏينهن کان پوءِ، پيريمريديءَ جي
مشغلي سان گڏوگڏ، ريس ڪورس جو شوق ڪرڻ لڳا، ۽ آخر
ڪار سياسي آکاڙي ۾ لهي پيا- ۽ هاڻ پاڻ ”اصل تي
وڊي“ مسلم ليگ جا مالڪ آهن، جيتوڻيڪ سياسي مبصرن
جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ’مئل گهوڙي‘ مثل آهي. ’مئل
گهوڙي‘ جي واڳ وٺڻ مان ڪهڙو فائدو. تنهن جي ته
سائينءَ کي خبر، پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سائينءَ جن
پنهنجيءَ پر ۾ خوش آهي ته ’واڳ‘ ته وس ۾ آهي، پوءِ
اها ڀلي کڻي مئل گهوڙي جي ئي هجي. گهوڙا اچڻي
وڃڻي شيءِ آهن. هڪڙا مرندا ٻيا ايندا، رڳو واڳ
هٿ ۾ هجي. جيڪڏهن گهوڙن جو ڏڪر پيو ته اها واڳ
ٻئيجي وس ڪري ڇڏبي ۽ پوءِ شاهه جي ڪلام جي هيءَ
سٽ-
واڳ
ڌڻي تنهنجي وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي! ڳائي دل پيئي
خوش ڪبي.
ڪتابن اٿلائڻ پٿلائڻ مان خبر پيئي ته ’لغڙ بازي‘
ڪا تمام قديم راند آهي، جيڪا حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ
کان 400 ورهيه اڳ يوناني لوڪ کيڏندا هئا ۽ ايشيا
جي ملڪن ۾ ته الائجي ڪيتري زماني کان اها راند
کيڏي ٿي وڃي. پر چيني ماڻهو مها لغڙ باز آهن. تازو
پاڪستان ٽي- ويءَ تان چينين جي لغڙ بازيءَ جو ميلو
به ڏٺو ويو. چيني اسان جا دوست آهن، انهن سان
مقابلا ڪو نه ڪبا، پر دوستي نڀاهڻ خاطر ساڻن”لغر
بازي“ کيڏ سگهجي ٿي. هونئن ته پاڪستان جي ننڍي وڏي
شهر ۾ لغڙ اڏايا وڃن ٿا، ۽ لاهور ۾ ته هر سال لغر
بازيءَ جو وڏو مقابلو ٿيندو آهي، تنهن ڪري ائين
چوڻ ۾ ڪو به هرج ڪونهي ته چيني جيڪڏهن وڏا لغڙ باز
آهن ته اسين به گهٽ ڪين آهيون. سائينءَ جن جيئن ته
لغر باز آهن ته اسين به گهٽ ڪين آهيون. سائينءَ جن
جيئن ته لنڊن پلٽ سان گڏوگڏ لاهور باز به آهن،
تنهن ڪري لغڙ بازيءَ جي دائن پيچن کان چڱيءَ طرح
واقف آهن. ويتر جو لاهورين سان سندن ناتا جو گهرا
آهن، تنهن ڪري لغڙ بازيءَ ۾ کين ڪمال حاصل ٿي ويو
آهي ۽ اِها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته لغڙ هميشہ هوا جي
رخ جي مناسبت سان اڏامندا آهن، ۽ رنگ برنگي لغڙن
کي ڏسندڙ اکيون آسمان ۾ ڏسنديون آهن. مگر ويچارن
جي ڏور ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ هوندي آهي، ۽ هو اوڀارا
نه رڳو لهوارائي ئي اُڏامندا آهن. اهو ئي سبب آهي،
جو قديم زماني کان وٺي هوا جي رخ معلوم ڪرڻ لاءِ
لغڙن کان ڪم ورتو ويندو آهي. ڏسجي ائين پيو ته لغڙ
بازيءَ ۾ سائينءَ جن وڏا فنڪار آهن. تنهن ڪري
يقيناً سائينءَ کي لغر بازيءَ جي ٽِيم جو ڪپتان
نامزد ڪرڻ گهرجي، جيئن پاڻ چين ۽ ٻين دوست ملڪن
سان دوستاڻيون مئچون کيڏي ملڪ جو منهن مٿي ڪري
سگهن. انهيءَ لاءِ سائين کي ٻئي ڪنهن کان پاڻ کي
نامزد ڪرائڻ جي هرو ڀرو ڪا ضرورت ڪانهي، ڇو ته
اهڙو اختيار هو پاڻ وٽ محفوظ رکن ٿا. مثلاً، يونين
ڪائونسل، صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽
هوڏانهن خليفن ۽ حر مجاهدن جون نامزدگيون سائينءَ
جن پاڻ ئي ڪندا آهن. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته
سندن نامزد ڪيل ميمبرن مان سائين غوث علي شاهه
پارا وزير ٿيڻ کان پوءِ صفا هٿن تي کانئن ڦري وڃن.
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته پتنگ بازيءَ جو شوق مغل بادشاهه
به ڪندا هئا. دهليءَ جي ”قلعه معليٰ“ جي پتنگ بازي
اردو ادب ۾ شد مد سان آيل آهي. چون ٿا ته وچينءَ
ويلي، سليم ڳڙهه ۾ پتنگ باز اچي مڙندا هئا. هڪ
پاسي بادشاهي پتنگ باز ۽ ٻئي پاسي معين الملڪ
نظامت جنگ خان جي ڌراچي بيهندي هئي، ۽ پوءِ پتنگ
اڏايا ويندا هئا. بادشاهه سلامت پنهنجيءَ شاهي
سواريءَ ۾ ايندا هئا ۽ جيڪڏهن کين پتنگ اڏائڻ جو
شوق ٿيندو هو ته سڀ کان پهرين پاڻ شاهي سواريءَ
تان لهندا هئا، سندن پتنگ باز، مڇيءَ جي ڇلرن
وارا دستانه سندن هٿن مبارڪن تي چاڙهيندا هئا،
پوءِ بادشاهه سلامت جي هٿ ۾ ڏور ڏيندا هئا ۽ هو هڪ
ٻه پيچ لڙائي راند مان محفوظ ٿي، شاهي محلات ۾
هليا ويندا هئا. چون ٿا ته مرزا پاور بخت شهزادي
جو پتنگ ڪو به ڪاٽي نه سگهندو هو، ۽ پنهنجو پتنگ
پاڻ ٺاهيندو هو ۽ مانجهو به پاڻ هڻندو هو. جوت
عليءَ کي اها خبر ڪانهي ته پتنگن (لغڙن) تي
سائينءَ جن پاڻ به ايتري محنت ڪن ها ته سندن هڪڙو
لغڙ به ڪاٽا نه ٿئي ها. اسان کي اها به خبر ڪانهي
ته لغڙ اڏائڻ وقت سندن هٿن مبارڪن تي مڇيءَ جي
ڇلرن جا دستانا هئا يا اُن کان به وڌيڪ نازڪ، سهڻا
۽ قيمتي ڪي ٻيا دستانا هئا، باقي هڪ ڳالهه هڪ جهڙي
آهي ته مغل بادشاهه ”قلعه معليٰ“ ۾ پتنگ بازي ڪندا
هئا ۽ سائينءَ جن سندن ”وڏي ڪوٽ“ ۾ ڪئي هوندي،
جنهن جي ڪري کين ڪوٽ- ڌڻي به احتراماً مريد چوندا
آهن.
ڪتابن ۾ اها ڳالهه به پتنگ بازيءَ جي سلسلي ۾ آئي
آهي.ته قديم زماني ۾ پنهنجن گهرن مان برائيءَ کي
يا جنن- ڀوتن کي ڀڄائڻ لاءِ ماڻهو رات جو گهرن جي
کُڏن تي پتنگ اڏائيندا هئا. ۽ هيءَ ڳالهه به ڪتابن
۾ پڙهي ويئي آهي ته جپان جي ڌاڙيلن يا کاٽڙين هڪ
وڏو پتنگ (لغڙ) ٺاهيو ۽ پوءِ اُنهيءَ وسيلي جپان
جي ”ڪئسل ٽاور“ مان هيٺ لهي ويا ۽ اتي جيڪي تمام
گهڻا قيمتي مڇيءَ جي صورتن جهڙا زيور رکيل هئا.
اهي اتان چورائي ويا.
ايم.
آر. ڊيءَ جي تحريڪ ۾ پير سائين شامل ڪو نه ٿيو ۽
پاڻ چيائيون ته پر امن طريقي سان تحريڪ هلائڻ لاءِ
صرف ”ٻانگون“ ڏجن. جيئن ته انهيءِ ڳالهه تي
پارٽيون متفق نه ٿيون، تنهن ڪري سائينءَ ايم. آر.
ڊي کي ”چورن ۽ ڌاڙيلن جي تحريڪ“ سڏيو. هاڻي ٿي
سگهي ٿو پاڻ پتنگ باز تحريڪ چالو ڪئي هجين-”ڀاڄيءَ
جي ڀاڄي ۽ تيوڻ جو تيوڻ“، راند جي راند ۽ پاڪستان
جي عوام کي جمهوريت به ملي ويندي! جيڪڏهن ائين
ناهي ته پوءِ اوچتو هن پتنگبازي شروع ڪرڻ سان ڪهڙو
ڪارج حاصل ٿيندو؟ ڇو ته هن وقت جپاني قسم ڪنهن
”ڪئسل ٽاور“ مان ڪنهن کي ڪي مڇيءَ جهڙا قيمتي سونا
زيور چورائڻا آهن- ڇاڪاڻ ته هتي چوريءَ جي سزا ۾
کاٻو هٿ ڪپڻ جون سفارشون پيون ڪيون وڃن. يقيناً نه
جوت علي ۽ نه سائين خود اهڙو ڪچو ڪم ڪندو. سائين
ته چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي مقابلي لاءِ ”حر مجاهد“
اڳ ئي موڪلي چڪا آهن!
جوت
عليءَ اهو به ڪٿي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته گهڻو اڳ
پتنگن (لغڙن) وسيلي آبهوا جو اڀياس ڪيو ويندو هو ۽
لغڙ ۾ ڪئميرا ٻڌي مٿانهين جاين ۽ اهم هنڌن جا ڦوٽا
به ڪڍيا ويندا هئا ۽ جنگ جي زماني ۾ پنهنجين فوجن
کي خطري کان آگاهه ڪرڻ، اڳتي وڌڻ ۽ سامونڊي جهازن
کي اطلاع ڏيڻ لاءِ پتنگن (لغڙن) ۾ مختلف رنگن جون
بتيون ٻاري مٿي اڏائيندا هئا ۽ دنيا جي ٻيءَ
مهاڀاري لڙائي ۾ جرمن فوجن به پنهنجن سامونڊي
جهازن تي اهڙا لغڙ ڪتب آندا هئا.
اها
خبر اڃا تائين اردو اخبارن ۾ نه آئي آهي ته حضرت
پير سائين پاڳاري جن لغڙ (پتنگ) مٿي اڏايا ته انهن
۾ به ڪي رنگ برنگي بتيون ٻڌل هيون يا نه؟
پتنگبازيءَ مان هوا جي رخ يا آبهوا جي سرد گرم هجڻ
جي ڪهڙي ڄاڻ حاصل ڪيائون ۽ ڪي ڦوٽا به ڪڍيائون يا
نه؟ پاڻ رڳو اهو ٻڌايو اٿائون ته سندن پتنگ تمام
اوچا اڏاڻا آهن. سڀني پاڪستاني قومن تي پير
سائينءَ جو احسان ٿيندو، جيڪڏهن پتنگبازيءَ جي
تجربن کان ”اردو اخبارن، رستي آگاهه ڪن، جيئن سندن
لائحه عمل جي پروڙ پئجي سگهي، جيئن سڀني جي روحاني
توڙي سياسي رهنمائي ٿي سگهي.
مون
منهنجن وڏڙن کان اهو به ٻڌو هو ته حضور پير صبغت
الله شاهه سائينءَ جن جڏهن مريدن وٽ دعوتن ۾ ايندا
هئا ته ’مافي‘ ۾ سوار هوندا هئا ۽ جنهن به مريد يا
خليفي جي گهوڙيءَ تي لانگ ورائيندا هئا ته ان تي
پوءِ ٻيو ڪو به سواري ڪو نه ڪندو هو، يا جنهن ٿلهي
تي بيهي ديدار ڪرائيندا هئا. انهيءَ کي محفوظ ڪيو
ويندو هو ۽ ٻيو ڪو به ان تي نه چڙهندو هو. هاڻي
سوال ٿو اٿي ته پير سائين پاڳاري پتنگ بازيءَ جو
شوق ڪيو آهي ته مريد ويچارا لغر اڏائين يا نه، يا
جيڪي لغڙ پاڻ پير ڳوٺ ۾ اڏايا اٿن، انهن کي تبرڪ
طور، جنهن به حالت ۾ اُهي آهن، سالم، ڦاٽل، ٽٽل
صورت ۾، مانجهن سميت، محفوظ رکن يا نه؟
پير
سائينءَ جي لغڙ بازي مان اهو به هڪ نُڪتو نڪر ٿو
ته جيستائين سياسي موسم سازگار ٿئي، تيستائين
سڄيءَ قوم کي لغڙ اڏائڻ گهرجن ۽ جيڪو به قوم جو
فرد لغڙ نه اڏائي يا انهي عمل جي مخالفت ڪري، ان
کي اهڙيون ته لغڙيون لائجن جيئن ڇٽيءَ جو کير ياد
اچي وڃيس.(13-9- 1984ع)
(2)
مٿي
تي گيڙو پڳڙي، جسم تي سائو پهراڻ، هيٺ تي ڳاڙهي
گوڏ، پيرن ۾ پشوري سئنڊل ۽ ڪلهي تي انگوڇو- اهو هو
سلو فقير. هلڻ مهل ڪجهه وکون کڻي وري بيهندو ۽
انگوڇي سان سئنڊل ڇنڊيندو. اها سندس صفائي پسند
وندر هوندي هئي. هونئن به تمام ڇنڊيل ڦوڪيل تيل
ڦليل ڪيل ۽ ڪن ۾ عطار ٻڙو هڻي نڪرندو هو. صبح ۽
منجهند جو هاءِ اسڪول جي در اڳيان وڃي بيهڻ ۽
خيرپور جو هزهائينس جڏهن تازي هوا خوريءَ لاءِ
اتان ڪار ۾ گذري ته سلو فقير جهڪي سلام ڪري ۽
ديدار ڪري. هزهائينس، گاڏي روڪرائي، کانئس اهو
گلدستو ورتو- انهيءَ ڏينهن همراهه ڪپڙن ۾ نه پيو
ماپي ۽ جتي ويهي اتي اُها ڳالهه ۽ پوءِ اِهو به
سندن روزانو معمول ٿي ويو.هي ڳالهه 25-30 سال اڳ
جي آهي. هاڻي مون کي خبر ناهي ته سلو فقير جيئرو
آهي يا پرلوڪ پڌاري ويو، مگر اها ڳالهه پڪ سان چئي
سگهان ٿو ته هيءُ هزهائينس جو عاشق جيئڙو، سپاهيءَ
مان صوبيدار ڪو نه ٿيو؛ جيتوڻيڪ اهڙو انگل ڪري ها
ته هزهائينس کيس نوازي ڇڏي ها- مير صاحب لاءِ اُها
ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي، ڇو ته اسين ڄاڻون ٿا ته
وڏن مير صاحبن، جي ڪنهن جي مٿي تي ٻاجهه جو هٿ
رکيو ته انهن جو گولن مان سرائي، سرائيءَ مان
جعفري وغيره وغيره ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي.
مگر
هاڻي ته سياستبازيءَ جو دور آهي، ۽ سياست هڪ اهڙي
راند آهي، جنهن ۾ مير، پير، فقير ۽ وڏيرا ننڍيرا
سڀ پيا وڙڪن، ڦڙڪن ۽ ڀانت ڀانت جون ٻوليون پيا
ٻولين،: جي ”پنجن هزارن ۾ مهانگو نه آهيان، ستارا
ٻڌائين ٿا ته حڪومت جو ملڻ مسلم ليگ جي نصيب ۾
لکجي چڪو آهي، ڇا جون چونڊون ڇا جون ٻونڊون، بس
توهين بادشاهه ٿي ويهي رهو.“
اڃا
اهڙا انڪشافات اخبارن ۾ سياستدانن پڙهي مس لاٿا
هئا، ته مير صاحب پاڪستان جو وزير دفاع ۽ سنڌ جو
ماهه دانشور هڪ نئين تجويز سان نمودار ٿيو آهي ته
مرڪزي ڪئبينيٽ صدارت جي عهدي لاءِ اميدوار جو نالو
ڏئي ، پوءِ سڄي ملڪ جي ماڻهن کان ان لاءِ ووٽ ورتا
وڃن (يعني رفرينڊم ڪرايو وڃي). اُهو اميدوار
ڪامياب نه ٿئي ته وري ٻيو اميدوار، ۽ پوءِ ٽيون، ۽
اهو سلسلو ايستائين جاري رهي، جيستائين ڪئبينيٽ جي
پسند جو اميدوار ڪامياب ٿئي. ڀلا جي ائين نه ٿئي
ته پوءِ چوٿون مارشل لا يا پنجون مارشل لا يعني
مارشل لا تي مارشل لا هڻجي! انهيءَ دٻلي ۾ دٻلي
واري ڪرتب مان ٻيو ڪجهه حاصل ٿئي نه ٿئي، پر گهٽ ۾
گهٽ مير صاحب جي وزارت ته قائم رهندي! اوهه جي
تجويز آهي سرڪار، بادشاهي برقرار! ٻيڙائي پار!!
انگريز سنڌ کي ريگستاني علائقو سڏيندا هئا، پر
هاڻي قدرت جا لک لک شڪر آهن، جو پاڪستان کان پوءِ
زرخيز علائقو ٿي پيو آهي، نه صرف اِهو مگر هاڻي
جتي ٿا کوهه کوٽين اتي ٿو تيل نڪري. اميد ته اڃان
به وڌيڪ کوهه کوٽبا ۽ مزيد سنڌ جو تيل نڪرندو.
ايترو ته تيل نڪرندو جو موجوده
N. L. C
جون موجود ٽانڪيون پوريون ڪو نه پونديون ۽ مزيد
گهرائڻيون پونديون. پاڪستان تيل جي سلسلي ۾ خود
ڪفيل ٿي ويندو. هاڻي سنڌ نه صرف زرعي توڙي معدني
طور تي پنهنجي شاهوڪاريءَ جو ڌاڪو ڄمائي چڪي آهي،
مگر ذهني طور تي به سنڌ جا نامڪٺيا مدبر ۽ دانشور
پنهنجو مٽ پاڻ آهن، يعني ”نظريه ضرورت“،
”بادشاهت“ ۽ ”صدارت“ جي سلسلي ۾ هنن دانشورن جون
خدمتون عالم آشڪار آهن.
انگريزن خواهه مخواهه پنهنجون لياقتون ۽ قوتون
ٻڪريءَ ۽ شينهن کي هڪڙي تڙ تان پاڻي پيئارڻ لاءِ
خرچ ڪيون، هنن کي سنڌ جي ههڙن دانشورن جون خدمتون
حاصل ڪرڻ گهربيون هيون. ائين ڪن ها ته سندن هتان
بسترا گول نه يٿن ها ۽ اسان جن دانشور حضراتن جا
به جاوا هجن ها. شينهن ٻڪري هڪڙي تڙ تان پيئن نه
پيئن، وڃي کڏ پون_ شينهن ٻڪريءَ کي کُرن سوڌو
ڳڙڪائي وڃي، انهيءَ سان اسان جي مير صاحب وارن
دانشورن جو ڪهڙو واسطو؟ گهٽ ۾ گهٽ اسان جي دانشورن
جو سياسي دڪان ته چمڪندو رهي ٿو!
هن
سڄي سلسلي ۾، مون کي هزهائينس جو عاشق جيئڙو سلو
فقير بيوقوف ٿو لڳي، جيڪو هزهائينس سان سپاهيءَ
سان صوبيدار جو به انگل ڪري نه سگهيو، ۽ وري جي هو
ٿيو ته به سليمان مان سلو فقير ٿيو_ مگر سائين
منهنجا، اڄڪلهه ٿوم مان زعفران ٿيڻ ۾ ماڻهو دير
ئي ڪو نه ٿا ڪن.
اچو
ته ڀڳوتي ناواڻيءَ سان سر ملائي ڳايون:
-
منهنجو ڪاڻو به اگهاڻو،
_
منهنجو گنجو به اگهاڻو،
_منهنجو ڦڏو به اگهاڻو،
_منهنجو پيٽو به اگهاڻو،
مگر
توهان کي ياد رکڻ گهرجي ته ڀڳوتي ناواڻيءَ سان
گڏجي ڳائيندا، ته پاڙيسري ملڪ جي ايجنٽ جي لقب سان
نوازيا ويندئو. اهڙو جوکو ڪير ٿو کڻي، تنهنڪري اچو
ته پنجن دريائن واري ديس جي پياريءَ ٻوليءَ ۾ گانو
ڳايون:
_سڻ
وي بلوري اک واليا!
_
اسان تيري نال دل رايا!
(27-
9- 1984ع) |