سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 28

 

سکر سي ئي ڏينهن

 

(عبدالواحد آريسر)

 

سکر سي ئي ڏينهن، جو مون گهاريا بند ۾،

وسايم وڏ ڦڙو، مٿي ماڙين مينهن،

نيئر منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو.

ڀٽ ڌڻي پنهنجي هن بيت ۾ انساني جماعت، سوسائٽيءَ، گروهه ۽ قوم جي حالت هڪ ئي ماحول ۾ رهندي به مختلف هئڻ جو هڪ ناقابل ترديد اصول بيان ڪيو آهي. هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته قيد، غلاميءَ، بندگيءَ جا ڪهڙا ئي کڻي دل لڀائيندڙ نالا رکيا وڃن، پر اُها هوندي غلامي ئي آهي، هر صورت ۾ لعنت ۽ ملامت جي حقدار . پر جيڪي نگاهون حقيقت کي بنا پردن ۽ بنان مروڙڻ سروڙڻ جي ڏسڻ چاهين ٿيون، سي غلاميءَ ، بندگيءَ قيد ۾ ٻانهپ واري دور ۾ به قومن، ملڪن ۽ فردن جا بيپناهه جوهر آهستي آهستي ٿي اڀرندي ڏسنديون آهن. اُهي جوهر ۽ خوبصورتيون جيڪي غلام فردن، ٽولن ۽ جماعتن ۾ ڏسبا پسبا آهن، سي اُهي هوندا آهن، جيڪي غلام جي زندگيءَ ۾ سونهن، اعتماد ۽ خوبصورت آئيندي جي ڇڪ پيدا ڪندا آهن، جنهنڪري ٻانهپ جا ڪوٽ ۽ ڪڙا ڇيهون ڇيهون ٿي اچي پٽ تي ڪرندا آهن.

هن بيت ۾ ڀٽ ڌڻيءَ انساني سماجي جي ”آقا ۽ محڪوم“ وارن رشتن ناتن کي هڪ نفسياتدان واريءَ حيثيت ۾ ڇيد ڪيو آهي، ۽ اُن ڇيد وسيلي هن زندگيءَ جي محبت، پيار ۽ سچ ۾ جيڪا مضبوطي ۽ پختگي غلامي ۽ قيد واريءَ حالت ۾ پيدا ٿئي ٿي، تنهن کي پنهنجي سورميءَ ”مارئيءَ“ واتان چورائي، اُن کي عالمي انساني برادريءَ جي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ تي ڀروسي ڪرڻ جي هڪ مڃيل اصول طور پيش ڪيو آهي. اُنهي اصول جي شڪل صورت، گهاڙيٽو ۽ هئيت فردن کان وٺي قومن تائين کڻي ڪهڙيءَ به ريت تبديل ٿئي، پر غلاميءَ ۽ قيد جون ڪرشمه سازيون ۽ حيرت انگيزيون  هر وقت هر قيديءَ ۽ غلام انسان کي پنهنجا جلوا ڏيکارينديون رهن ٿيون. بد انتظامين، بدخواهين ۽ نه- سهپ جي وسيع سلسلي جي هڪ اڻکٽ لعنت جو طوق هوندو آهي،  جيڪو سربراهه ۽ اعليٰ کان وٺي اُن جي پٽ- راڻين جي حرامڪارين ۽ مڪارين، رقابتن ۽ رنجشن ذريعي ذهني طرح حاڪم ٽولي جي فردن کي هڪٻئي کان ڌار ۽ کپري ڪري، هڪٻئي جي رت جو پياسي بنائي ڇڏيندو آهي.

اُهي مطالبا ۽ مشاهدا قيدي مرد يا عورت، جماعت يا قوم کي اِن لائق ضرور ۽ بنائين ٿا ته هو اُنهيءَ ڀرندڙ جهرندڙ سماجي ڍانچي جي شڪست تي پنهنجو سدا بهار اعتماد ۽ اعتقاد وڌيڪ پختو ۽ وڌيڪ پڪو ڪن، ۽ اُنهن ڪريل گُڻن واري سماج جي ڀيٽ ۾ ڪو اهڙو بيو سماج اڏڻ جي ڪوشش ڪن، جنهن ۾ سونهن، سچائيءَ، زندگيءَ ۽ محبت جا اعليٰ ۽ اتم گڻ موجود هجن، اهڙا گڻ ۽ فدر، جيڪي حاڪمن جي قدرن ۽ گڻن کان وڌيڪ نوان، وڌيڪ سگهارا ۽ صحتمند، ۽ انساني فطرت کي وڌيڪ ويجها هجن، ۽ جن ۾ انساني ڀائيچارو پيار، پنهنائپ، سهپ ۽ اعتماد ڀرپور طريقي سان ڀريل هجي. هڪ قيدي، غلام، ٻانهون ۽ پر- وس ماڻهو اُنهيءَ  فرق کي سمجهندي، حاڪم ٽولن جي گڻن کي رد ڪندي، نوان، صحتمند سگهارا، انساني فطرت کي ويجها، پيار ۽ ماڻهوءَ تي ڀروسي وارا قدر پنهنجا ڪري سمجهندو آهي. بس، اُهائي گهڙي هوندي آهي قيدي انسان جي نينهن اُجرڻ جي، غلاميءَ ۽ ٻانهپ وارن ڏينهن جي سکر ٿيڻ جي، ڇو ته اُنهيءَ احساس اچڻ شرط هو تاريخ جي هڪ وهڪري مان ڇلانگ ڏيئي، هڪ ٻئي وهڪري ۾ پهچي ويندو آهي، جنهن جي وهڻ ۽ مُرڻ ۾ اُنهيءَ ٻانهي انسان جي پنهنجيءَ ڪوشش کي سڀ کان وڏو دخل هوندو آهي. هاڻي هو سمجهندو آهي ته آءَ اُنهن کان بنهه مختلف آهيان، جيڪي منهنجا حاڪم آهن، ڇو ته منهنجو ”روح“ هلڪو ۽ جذبن سان معمور آهي. جڏهن ته ”هائوُ“ قوتن جو روح پريشانين، نفرتن ۽ ڪيڻاپين سان، سندن جسمن وانگر ئي، ڀريل ۽ بيڪار هوندو آهي- جنهن ۾ رڳو رشوتون ۽ شهوتون ڀريل هونديون آهن.

جنهن گهڙيءَ ۾ غلام انسان ۾ اِها لمحاتي تبديلي پيدا ٿيندي آهي، اُن وقت غلام ۽ هيڻو پاڻ کي هڪ نئين رنگ ۽ نئين روپ ۾ ڏسڻ شروع ڪندو آهي. سموري ڪائنات هن جي سامهون نئين سر جڙندي ۽ راس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪردار ۽ ڪيترائي ڪارناما هوندا آهن، جيڪي اُن غلام انسان جي هٿان سرانجام ٿيڻ جا منظر هوندا آهن،  پوءِ هو  پنهنجي ذهن تان آهستي آهستي، گهڙيءَ گهڙيءَ، ذهني غلاظمتن جا غلاف لاهڻ شروع ڪندو آهي. پنهنجي ذلت نفس، احساس ڪمتريءَ، بيوسيءَ، ڪم طاقتي ۽ حاڪم جي بالادستيءَ ۽ سڌريل هجڻ واريون جيڪي پوشاڪون غلام جي ذهن ۽ جسم تي صدين کان پيل هيون، تن کي هو لاهڻ ۽ اڇلائڻ شروع ڪندو آهي.

ٻئي پاسي، آقائيت ۽ ٻانهپ تي ٻڌل نظام ۾ جيڪو ڪدورت، هٺ ڌرميءُ، ڪميڻپ، شازش، بداعتمادي، ۽ شڪن جي دونهن ۾ وڪوڙيل سوچن جو سلسلو هوندو آهي، جنهن ۾ ٻانهن جا ڪيئي  نسل تباهه ٿيا آهن. سوئي نظام ئي ٻانهن کي نئينءَ دنيا اڏڻ ۽ نئينءَ جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي!

آءَ سمجهان ٿو، اهو ئي مطلب آهي ڀٽائيءَ جي مٿئين بيت جو.

(27-9-1984-ع)

 

يهودي يزيد

(عبدالواحد آريسر)

 مٿيون عنوان، سنڌ جي هڪ درويش صفت ۽ الله لوڪ شاعر، مراد فقير ڪنڊڙيءَ واري، جي شعر جو هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو هن مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي حملي وقت مدد خان لاءِ چيو هو. اِنهيءَ شعر ۾ فقير صاحب ، هڪ مسلمان حملي آور لاءِ بي پناهه نفرت، ڌڪار ۽ ڪروڌ جو ڀرپور نموني اظهار ڪيو آهي، ان سان گڏ هن وطن پرست قوتن کي اپيل ڪئي آهي ته اُهي پنهنجي پوري صلاحيت، طاقت ۽ وطن دوستي کان ڪم وٺندي، انهيءَ ”يهودي يزيد“ کي پنهنجي ڌرتي تان ڌڪي ٻاهر ڪڍن.

پورو شعر هن ريت آهي: ”ماري مدد ڪون دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد، ميان!“

عام طرح صوفين لاءِ اِهو سمجهيو ويندو آهي ته هنن جو واسطو صرف ذڪر فڪر، ورد وظيفي ۽ مراقبي سان هوندو آهي. اُهي چئن طرفن کان اکيون بند ڪري، مونن ۾ منهن وجهي، تصور کي عرش جي بلندين تي پهچايو، ماٺ ڪريو ويٺا هوندا آهن، دنيا، ملڪ، قوم، انساني رشتا، آزادي ۽ غلامي، ڌڪار ۽ سڪار، آباديءَ ۽ برباديءَ سان سندن ڪو به واسطو ۽ لڳ لاڳاپو نه هوندو آهي. اُهي هر وسيلي ماڻهن کي ترڪ دنيا جي تلقين، تبليغ ۽ نصيحت  ڪندا رهندا آهن، ۽ بي عمل ۽ ماڻهن کي بيمار ۽ سست (ذهني طرح) بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اِها حقيقت ڪنهن حد تائين درست آهي، دنيا جي ڌار ڌار خطن ۾ صوفين دنيا جا ڳانڍاپا ختم ڪرڻ جي تبليغ ڪئي آهي، ۽ سندن اِها تبليغ جماليات ۽ اخلاقيات جي دائرن ۾ ڪجهه قدر فائديمند، انقلابي ۽ صحتمند به رهي آهي، ته ٻئي پاسي سخت نقصانڪار، ڇيهو رسائيندڙ، حاڪم ٽولن کي هٿي ڏيندڙ ۽ رجعت پسند ئي رهي آهي، جنهن سان خلق خدا کي بي پناهه مصيبتون ۽ تڪليفون سهڻيون پيون آهن.

جڏهن اسلامي ملڪن جا بادشاهه سڳورا، ابتدائي سادگي ۽ عوام پسندي ڇڏي. انسان دوستيءَ، محبت، رواداريءَ، سهپ ۽ ماڻهن جي خدمت جون سرحدون اورانگهي، بکين  بگهڙن وانگر ماڻهن جو هڏ ماس کائڻ لاڳا، سندن تلوارون اٺ ئي پهر رت ڳاڙڻ لڳيون، سندن محلاتن مان مظلوم، بيوس ۽ مجبور مردن عورتن جون آهون ۽ دانهون آليءَ ڪاٺيءَ جي دونهين  وانگر اڀرڻ لڳيون، خلق خدا جي گذران وسيلن تي بادشاهن جا حرام خور بيڊولا جسم پاڏن وانگر سُڄڻ لڳا، جڏهن سندن ڏاڙهين مان انگوري شراب گگن وانگر ڳڙڻ لڳو، سندن درٻارن ۾ انسان ٻڪرن وانگر ڪسجڻ لڳا، ۽ آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن مان مرد ۽ عورتون گرفتار ڪري ۽ مردن کي کدڙا بنائي انهن جي پٺين تي ڪؤڙا وهائڻ لڳا، ۽ وري حرم سرائن ۾ ڌار ڌار رنگن، نسلن ۽ قومن جي عورتن جا ڌڻ داخل ٿيڻ لڳا، ۽ بادشاهن جي گهوڙن مظلوم ڏتڙيل انسانن جي وستين کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ شروع ڪيو: اهڙي وقت ۾، صوفين ترڪ دنيا جي نعري جي وسيلي اهڙن بادشاهن، سندن نظامن، سان خونخواريءَ، وحشت  ۽ حيوانت، اُنهن جي انسان دشمنيءَ، نسل ڪشيءَ، عياشيءَ ۽ درندگيءَ جي خلاف اِئين نفرت، ڌاڪار ۽ بغاوت جو اعلان ڪري، ماڻهن کي، سرڪاري فوجن کي ۽ درٻاري اميرن کي انهيءَ سموري سرشتي سان عدم- تعاون، بهشڪار ۽  نان ڪو  آپريشن جو سبق ڏنو. ڇو ته  جنهن نظام حڪومت ۾ انسانيت جي ۽ انسانيت جي اعليٰ گڻن جي ائين تباهي ٿيندي رهي، ۽ بادشاهي تلوارون، مظلوم، مجبور، سچارن ۽ ڀلارن انسانن (جن کي صوفي حسن ازليءَ جو جلوو سمجهندو آهي) جي سِسين جو لابارو ڪنديون رهن، اُهو ملڪ، اُها بادشاهي، اُهو نظام، ماڻهن لاءِ زهر آهي، عوام لاءِ قاتل آهي، انسانيت جو ويري آهي، فطرت جي خوبصورت ڳل تي ڪوڙهه  جو داغ آهي. اِن ڪري اهڙي نظام سان سهڪار ڪرڻ ۽ اُنهن حرام خور ۽ قاتل ماڻهن لاءِ ڪنهن  جي رت ۽ پگهر وهائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. جنهن شهر، جنهن ملڪ ۽ جنهن علائقي ۾ ”پرينءَ ۽ پنهوار“ لاءِ ڪا به گنجائش نه هجي، ته ان لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ  چيو آهي:

”پڄاڻان پرين، ڏيان باهه ڀنڀور کي!“

اهڙي  دور ۾ صوفيءَ جو ترڪ دنيا وارو نعرو، مٿي ڄاڻايل نظريي موجب، حد تائين فائديمند، صحيح ۽ هڪ حد تائين هڪ قسم جو انقلابي نعرو هو، جنهن جي وسيلي هن پنهنجي باغيانه ۽ سرڪش جذبن جو ڀرپور اظهار ۽ اعلان ڪيو آهي.

پر ٻئي پاسي سڄاڻ ۽ باهمت ماڻهن جي اهڙن خيالن ۽ ويچارن، ڇڙواڳ جي بادشاهن  جي ڪاررواين لاءِ وڌيڪ ميدان تيار ڪري ڏنو ۽ اُهي وڌيڪ باڪيءَ، مستيءَ ۽ سرجوشيءَ سان انسانيت جي قافلي تي اخلاقي، مادي ۽ مذهبي ڌاڙا هڻندا رهيا. جن تباهين کي ڏسي، صوفي سڳورو ڪناري ڪشيءَ جي تبليغ ڪندو رهيو، تن تباهين ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ واڌرو ايندو ويو. جو هاڻي ظالم بادشاهه کي روڪڻ ٽوڪڻ وارا آهستي آهستي ٿي، سندس راهه کان هٽندا  ٿي ويا. ۽ اُنهيءَ حيثيت سان صوفيءَ جو ترڪ دنيا وارو نعرو عوام کان ڪناري ڪشيءَ تي ٻڌل، نقصانڪار ۽ ڇيهو رسائيندڙ نعرو ٿي پيو ۽ سخت رجعت پسنديءَ جي نشاني بنجي ويو. اڳتي هلي، ڪن نقلي ۽ بادشاهن جي پيدا ڪيل صوفين ته اِنهيءَ نعري کي مستقل بنياد بنائي، حاڪمن جي هٿ ۾ هٿيار ڪري ڏنو جن قومن کي غلام بنائڻ ۽ انسان کي ذليل ڪرڻ لاٰءِ اُن کي انتهائي ڏاهپ ۽ هوشياريءَ سان استعمال ڪيو.

سنڌ ۾ صوفين تصوف جي اِنهيءَ هاڃيڪار ۽ عوام کي ڪٽيل ۽ حاڪمن جي هٿ ۾ هٿيار ٿي ڪتب ايندڙ روپ کي سڃاتو. اِن ڪري مخدوم بلاول کان وٺي سنڌي تصوف جو مزاج ۽ گهاڙيٽو سراسر عوام دوستيءَ وارو ۽ جارحيت جي نندڻ وارو رهيو آهي. سنڌ جا اُهي صوفي سڳورا ته صرف نظرياتي ڪٽرپڻي ۽ اُنهن جي ڦهلاءَ جي مڙني هٿيارن جا مخالف رهيا، پر جڏهن به ديس واسين تي اُگرين طاقتن حملا ڪيا يا عوام جي گزرمعاش جي وسيلن کي بيدرديءَ سان ڦرڻ ۽ لٽڻ جي ڪوشش  ٿِي ٿي، ته بعض حالتن ۾ اُهي صوفي سڳورا پاڻ به مزاحمت ڪندڙ قوتن ۾ شامل ٿيا ۽ وڙهيا، ته ڪن حالتن ۾ هنن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي عوام کي، خلق- خدا کي اُنهن ظالمن ۽ غاصبن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ اپيل ڪئي ۽ اتساهه ڏياريو.

اهڙو ئي هڪ حملي آور مدد خان پٺاڻ به هو جنهن سموريءَ سنڌ کي لٽيو، لتاڙيو، ڦريو ۽ ڦٽيو. اُن وقت ڪنڊڙيءَ جي بزرگ مراد فقير پنهنجي سموري وطن پرستي ۽ عوام دوستي پنهنجي شاعريءَ ۾ اوتي، سنڌ جي عوام کي للڪاريو ته هي مسلماني ويس ۾ افغان ندورو حقيقت ۾ پنهنجن ڦرلٽ ۽ قتل ۽  غارت وارين خصلتن جي ڪري يزيد ۽ يهودين کان به بڇڙو آهي. اُن کي ايترو ته ماريو ڪٽيو ۽ سندس لڪ لانگهو بندڪريو، جو اِهو يهودي يزيد سر- زمين سنڌ کي ڇڏي وڃي. (25-8-1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org