خوشي
۽ خريد
(هي
تاغوشي)
1-
خوشيءَ جو خريد يا خريداريءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟
اهو جيڪڏهن ڪو بنيادي سوال آهي، ۽ آهي به، ته پوءِ
ان جو تعلق رڳو اقتصاد يا اقتصادي حالتن يا
اقتصادي ڪيفيتن سان آهي. اقتصادي حالتن اندر اها
ڳالهه تمام چٽيءَ طرح ڏسي ٿي سگهجي ته هر ڪو ماڻهو
جنهن جي هڙ ۾ ڏوڪڙ آهن، سو خريداريءَ ڪري ٿو. گهڻي
ڏوڪڙ وارو ماڻهو گهڻي خريداري ڪري ٿو. سو اهو سچ
آهي ته ”هوند تي هوند آهي“، يعني هوند جي ڪري
ماڻهو خريداري ڪن ٿا ۽ خريداري ڪري ماڻهو خوش ٿين
ٿا ۽ خوشي ماڻين ٿا. هنن لفظن ۾ سمايل جيڪو تصور
آهي، سو بلڪل فطري نه آهي ۽ انسان ذات جي معاش جي
سادن اصولن جي ابتڙ آهي. پر پوءِ به اهو تصور هڪ
حقيقي ۽ عملي تصور آهي. ان ڪري انسان جي معاملن ۾
۽ انسان جي معاشرت ۾ خوشي، هوند ۽ خريد، يا هوند،
خريد ۽ خوشيءَ جو هڪ ’ٽيڪڙو‘ ڏاڍي زور سڳور سان ڪم
ڪري ٿو: هي ٽيڪڙو غريب توڙي امير معاشرن جو هڪ
اقتصادي معاملو آهي.
هي
معاملو (جيڪو هوند، خريد ۽ خوشيءَ جو معاملو آهي)
هڪ طرف کان دلچسپ آهي ته ٻئي طرف کان ڏاڍو هاڃيڪار
آهي. اسين پهريائين ان جي دلچسپيءَ وارو طرف بيان
ڪريون ٿا، ۽ پوءِ، ان جي ابتڙ، ان جي هاڃيڪار هئڻ
جو بيان ڪنداسون.
انسان وٽ پئسو آهي ته چئبو ته انسان ’خوش ماڻهو‘
آهي. انسان وٽ پئسو آهي ته چئبو انسان ’سکيو
ستابو‘ آهي: انسان وٽ پئسو آهي ته چئبو ته انسان
’مڇيءَ مانيءَ‘ واور آهي. انسان وٽ پئسو آهي ته
چئبو ته ’کائي ٿو ۽ اوباري ٿو‘ انسان وت پئسو آهي
ته چئبو ته ’اڻ ڏڌيون ٿيون ڇڙُنس‘. هاڻي رڳو هنن
ٿورڙين حالتن يا ڪيفيتن تي ئي ويچار ڪنداسون ته
معلوم ٿيندو ته هوند يا آسودگيءَ جا نتيجا چار نڪر
ٿا: (1) خوشي، (2) سک يا آرام جي زندگي، (3) غذائي
شين جي فراواني، جنهن ۾ پروٽين يعني گوشت مڇيءَ جي
حاصلات به شامل آهي، ۽ (4) غذا جي ضرورت کان وڌيڪ
خريداري.
هن
طرح رڳو سنڌي سماج يا مزاج يا سماجيات جي حالتن ۾
ئي نه پر عام طور تي دنيا جي هونديءَ وارن سماجن ۾
به هوند يا پئسن جي فراوانيءَ جي ڪري چئن صورتن
مان هڪ ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي آهي، جنهن کي ”صورت
خرابيءَ جي“ چئي ٿو سگهجي، جنهن جو تعلق انهيءَ
صورت سان آهي، جنهن ۾ غذا جو گهٽ ۾ گهٽ چوٿون حصو
برباد ڪيو ٿو وڃي، يا اجايو ٿو وڃي، هن طرح رڳو
سنڌي زبان جي دائري يا سنڌي سماج جي معنيٰ جي
دائري جي اندر رهي به * سنڌ جهڙن اسرندڙ علائقن
توڙي دولتمند سماجن ۾ به انهيءَ ڳالهه کي ڀليءَ
ڀت سمجهي ٿو سگهجي ته پئسي جي پٺيان جيڪڏهن ٽي
نيڪيون آهن ته ان جي پويان هڪڙي بدي به آهي.
پر
عجب جهڙي ڳالهه آهي جو جيڪڏهن هنن چئن اقتصادي
صورتن ۾ رڳو پنجين وڌيڪ صورت ”اڻ ڏڌيون ڇڙُڻ“
واري، ٿي ملائجي ته پوءِ سڄي صورتحال ڪافي مختلف
بڻجي ٿي وڃي. اِهو اجهو هن طرح ته اِها هڪ وڌيڪ
صورت جيڪا جوڙ ٿا ڪريون، سا صورتن جو ڪل تعداد پنج
ته بڻائي ٿي پر نڪين جو تعداد پوءِ به رڳو ٽي رهي
ٿو. البت جيڪو تعداد وڌي ٿو، سو بدين جو ٿو وڌي-
يعني بدين جو تعداد ٻه
*
سنڌي زبان جي محاورن کي اصل اقتصادي صورتحال کي
سمجهائڻ جي لاءِ هن مضمون ۾ هڪ وسيلي طور ڪم آندو
ويو آهي، پر محاورن جي هن معنيٰ جي دائري ۾ اُهي
سڀ اقتصادي حقيقتون اچي سگهن ٿيون، جن کي”غير
برابريءَ واري اقتصاديات“ چيو ويو آهي.
ٿو
ٿئي ۽ نيڪين جو تعداد بلڪل ئي نٿو وڌي، هن صورتحال
جا اقتصادي ۽ منطقي نتيجا هيٺيان ٿا نڪرن:
(1)
هڪ دولتمند سماج ۾ پئسي جي هوند جي ڪري چئن مثال
ڏنل حالتن مان ٽِي نيڪيءَ ڏانهن مائل آهن ۽ هڪ
بديءَ ڏانهن مائل آهي.
(2)
هڪ دولتمند سماج ۾ پئسي جي هوند جي ڪري پنجن مثال
ڏنل حالتن مان ٽي نيڪيءَ ڏانهن مائل آهن، ۽ ٻه
بديءَ ڏانهن.
اِن
طرح جيڪي مفروضا وڌيڪ تحقيق لاءِ منطقي طور تي
اڳيان اچن ٿا، سي هن ريت هيٺ ڏيون ٿا:
(1)هونديءَ واري سماج ۾ جتي پئسو گڏ ٿئي ٿو ۽ خرچ
به ٿئي ٿو، اتي ڪن به چئن چونڊيل ماڻهن مان
جيڪڏهن ٽي خوش آهن ته چوٿون خوش نه آهي، جو اهو
هڪ ماڻهو اجايو به عمل اختيار ڪري ٿو.
(2)
هونديءَ واري سماج ۾ جتي پئسو گڏ ٿئي ٿو ۽ خرچ به
ٿئي ٿو، اتي ڪن به پنجن چونڊيل ماڻهن مان جيڪڏهن
ٽي خوش آهن ته ٻه ماڻهو خوش نه آهن.
(3)
هونديءَ واري سماج ۾ جتي پئسو گڏ ٿئي ٿو ۽ خرچ به
ٿئي ٿو، اتي مطالعي لاءِ ماڻهن مان جيترا وڌيڪ
مثال کڻبا، اوترا وڌيڪ ماڻهو امڪاني طور تي ناخوش
نظر ايندا ۽ ناخوش هوندا.
(4)
اهي سڀئي ماڻهو جيڪي ٽئين مفروضي ۾ اچن ٿا، سي سڀ
پئسي جي خرچ ڪرڻ ۽ ڪمائڻ سان تعلق رکن ٿا ۽ اها
خوشيءَ ۽ نا خوشي جيڪا هنن حالتن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي،
تنهن جو تعلق به خرچ ڪرڻ يا خريد ڪرڻ جي اقتصادي
صورتحال سان آهي.
(5)
خرچ ڪرڻ جي معنيٰ آهي خريد ڪرڻ. خرچ ڪرڻ سان خوشي
حاصل ٿئي ٿي، ته ان جو مطلب آهي ته خريد ڪرڻ سان
به خوشي حاصل ٿئي ٿي، ۽ ان جي ابتڙ مفروضو به
اوترو ئي درست آهي.
2-
ڪن به پنجن ماڻهن مان يعني ڪن به پئسي وارن معاشرن
۾ پنجن دولتمندن مان، هر هڪ پنجين جو قصو هن طرح
بيان ڪيو ويو آهي ته ”اڻ ڏڌيون ڇڙنس.“ هي ڪُليو
تمام اهم ڪليو آهي، جو جتي چوٿون ڪليو رڳو اهو ئي
ٿو ٻڌائي ته ڪجهه خرچ اجايو ۽ ڪجهه سجايو به ٿئي
ٿو، اُتي پنجون ڪليو اِهو ٿو ٻڌائي ته ڪن به پنجن
چونڊيل ماڻهن جي سيٽ مان هر ڪو پنجون ماڻهو پنهنجي
دولت ناحق، اجائي، ۽ سواءِ ڪنهن به حاصلات جي خرچ
ڪري ٿو- يعني هر ڪو پنجون ماڻهو دولت کي ڪنو ڪري
ٿو.*
هن
طرح دولتمند سماج يا هونديءَ يا هوند واري سماج ۾
جيڪڏهن ڪن به پنجن ماڻهن (مثال ورتل ماڻهن مان ٽي
ماڻهو دولت کي خرچ ڪري خريداريءَ ڪن ٿا ۽ خوشي
حاصل ڪن ٿا ته انهن مان هڪ ماڻهو خرچ ڪرڻ سان
خوشي حاصل نٿو ڪري سگهي، يا نٿو ڪري، جو ڪنهن به
شيءِ کي يا خريد ڪيل شيءِ کي ضرورت کان وڌيڪ خرچ
ڪرڻ جو مطلب آهي ان شيءِ کي اجايو خرچ ڪرڻ، جيڪو
هڪ اجايو عمل آهي ۽ اجايو عمل خوشيءَ جو نه پر
ناخوشيءَ جو ”سبب ضروري“ آهي.**
*
سنڌي زبان جي معنيٰ جي مزاج پٽاندر هي پنجون ماڻهو
اهو آهي، جنهن وٽ خريد ڪيل مال ايترو آهي، جو هن
جي پنهنجي استعمال جي سگهه (Consumption
Power)
ايتري نه آهي، جو اُن مال مان هر ڪو فائدو وٺي
سگهي. ان ڪري ان جون سڀ مينهون ڏڀڻ کان سواءِ ئي
جهنگ ڇڙُي ٿيون وڃن.
**
سبب ضروري :necessary
cause
وري
هن طرح هوندئي واري سماج يا هوند واري سماج ۾ ڪن
ته پنجن چونڊل ماڻهن مان پنجون ماڻهو ايتري
خريداري ٿو ڪري، جو ان جي کاپي جي سگهه خريد ڪيل
مال مان ڪو به فائدو حاصل ڪري نٿي سگهي، يا هي
پنجون ماڻهون اهڙيون شيون به خريد ڪري ٿو، جن کي
هو ڪم آڻي نٿو سگهي.
هي
پنجون ماڻهو (اسان جي نظر ۾) اُهو ماڻهو آهي،
جيڪو (1) قرض ڏئي ٿو پر قرض واپس وٺڻ جي ڪوشش
نٿو ڪري ۽ ڪن حالتن ۾ معاف ڪري ٿو ڇڏي يا مدي
وڌائڻ سان قرضدار جي نظرن مان نڪري ٿو وڃي.
(2)
امداد ڏئي ٿو ۽ موٽ ۾ پئسو نه پر ڪي ٻيا فائدا
حاصل ڪري ٿو، جو پئسو ان وٽ فاضل آهي، جيئن
پهرينءَ حالت ۾ آهي.
(3)
هن پنجين ماڻهوءَ جي خرچ ۽ اُپت جي وچ ۾ جيڪا نسبت
آهي، سا غير موزون آهي ۽ غيرمتوازن آهي.
(4)
هي پنجون ماڻهو خريد ۽ هونديءَ جي دنيا ۾ هڪ نرالو
مثال بڻجي ٿو پوي ۽ ظاهري طور تي هي ماڻهو عيش
ڏانهن مائل رهي ٿو.
(5)
هي پنجون ماڻهو فاضل ۽ فالتو دولت جي بنياد تي
نيڪين کي حاصل ڪرڻ جي بجاءِ ڏوهن کي حاصل ڪري ٿو،
ان ڪري انسان ذات جي لاءِ رڳو ان ڪري هڪ مسئلو
بڻجي ٿو پوي، جو ان وٽ دولت وڌيڪ يا ضرورت کان
وڌيڪ آهي.
(6)
هي پنجون ماڻهو جيڪو دولت جي بنياد تي اجايو خرچ
ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي، سو پنهنجي معاشري ۾
(جيڪو اسان جي تحقيق ۾ رڳو ”پنجن ماڻهن“ جو
معاشرو آهي) سائين کي پنهنجي گناهه جو شڪار بڻائڻ
کان سواءِ رهي نٿو سگهي، ان ڪري هو انهن جي وچ ۾
تباهيءَ جا طريقا آزمائي ٿو. ۽، ان ڪري هي پنجون
ماڻهو هڪ ئي وقت چئن امن پسند معاشرن کي تباهه
ڪرڻ لاءِ دولت خرچ ڪري ٿو ۽ هن طرح پوري پوري
انساني سماج ۾ قتل جو واحد سبب به هي پنجون ماڻهو
آهي.
سو
هي پنجون ماڻهو اُهو ماڻهو آهي، جيڪو چئن قومن،
چئن معاشرن، چئن ساٿين ۽ چئن اقتصادي ڍانچن جي وچ
۾ هڪ ۽ واحد ظالم سماج ۽ ظالم اقتصاد جو حامل هڪ
معاشرو آهي. بس اِهو ئي آهي، اُهو سماج، جيڪو
انسان ذات جي مستقبل جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي: ۽
اِهو ئي آهي اڄڪلهه جي انساني دنيا جي مستقبل جو
سوال، جيڪو اقتصاديات جي سادن ۽ عام فهم اصولن جي
بنياد تي پنجين ماڻهوءَ کي خطرناڪ ۽ دهشتگرد ثابت
ڪري ٿو.
ڏاهپ
۽ انساني صالح ۽ صحتمند سوچ ۽ پختو فڪر جڏهن هن
پنجين معاشري کي گناهه جو پيداواري سماج سمجهي ان
تي حملو ٿو ڪري، تڏهن هڪ نا سمجهه سماج ۽ ناعاقبت
انديش سماج هڪ خاص حڪمت عمليءَ جي بنياد تي، جيڪا
گناهگار سماج هن جي مٿي ۾ وجهي ٿو، فڪر جو دشمن ٿي
ٿو پوي. ان طرح هو مڇرجي ٿو وڃي، ۽ نتيجي طور ان
دنيا جي مظلوم معاشرن جي لاءِ بچاءَ ۽ زندگيءَ جو
ڪم ڏاڍو مشڪل ٿي ٿو پوي. هيءَ صورتحال ڪيتري قدر
هاڃيڪار آهي، ان کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو اچو
ته سنڌي سماج جي هڪ ٿلهي ماڻهو سان ملون.-
هيءُ
ٿلهو ماڻهو اِجهو هيءُ خيال ٿو ڏئي
عمر!
جا تو مل عيد،
سا
مون سوءَ ورتي سومرا!
وئي
ويچارن وسري،
خوشي
۽ خريد؛
سڪڻ
ڪيا شهيد،
ماڻهو پنهنجي ملڪ جا.
عيد
۽ ماتم جهڙيون ٻه حالتون ٻن سماجن جي وچ ۾ به قائم
ٿي سگهن ٿيون، ته هڪ ئي سماج جي اندر به قائم ٿين
ٿيون، هڪ ”عمراڻي“ سماج ۾ اقتصادي وسيلن سان
گڏوگڏ انساني وسيلن يعني حسن، جوانيءَ، صبر،
نيڪيءَ، حب الوطنيءَ ۽ شرافت جهڙن وسيلن کي به
استحصالي قوتون ذاتي فائدن جي لاءِ هڙپ ڪن ٿيون. ۽
وري انهيءَ ”هڙپ“ کي هو پنهنجو ذاتي مال سمجهي
انهيءَ جي حفاطٽ لاءِ طاقت آزمائي ڪن ٿيون: ان
طاقت آزمائيءَ جي لاءِ حڪومتن، قانونن، نظامن ۽
فلسفن جا فائدي وارا تصور پيدا ڪن ٿيون، ۽ اهڙن
تصورن کي مفيد ۽ جمهور جي ڀلائيءَ وارا تصور
بڻائي، موٽ ۾ هو اِهو تصور وري به انهن مظلوم
سماجن تي مڙهين ٿيون، جيڪي سماج سخت چوٽ جي ڪري اڳ
۾ ئي نٻل ۽ نستا آهن. ان جي ”پنجين“ ۽ پهرين ”ٽن“
جي وچ ۾ ”چوٿون“ به موجود هوندو آهي، جيڪو کائي به
ٿو پر اوباري به ٿو ۽ پوءِ جڙ ڍڳي جيان ٽاڄيون به
ڏئي ٿو ۽ اکيون به هڻي ٿو. هن جو پڇ ڪنڊي تي هوندو
آهي، ۽ گور ٿيو ڀڄندو وتندو آهي. هي گروهه سماجن
جي وچ ۾ يا معاشرن مان ڪو به هڪ اهڙو گروهه يا
معاشرو هوندو آهي. جنهن جي پيداوار جو ڪو واجبي ۽
ڪو جائز وسيلو نظر نه ايندو آهي. اهڙو سماج يا
گروهه راتو رات شاهوڪار ٿي پوندو آهي، ۽ پوءِ اهو
گروهه پنهنجي ذاتي، صلاحيت، خانداني ۽ ڪڙمي فطرت،
شاهوڪار ٿيڻ جي قابليت ۽ تمدني برتريءَ جون
دعوائون ڪري، اهو مشهور ڪندو آهي ته خدا هن جي هر
عمل ۾ هن جي ئي فائدي ۾ آهي ۽ ٻيو ته هن جي مقابلي
۾ ٻيا گروهه جيڪي پٺتي پيل هوندا آهن، تن کان خدا
ئي ناراض هوندو آهي، ۽ ٻيو ته هن جي زبان جهڙي ڪا
زبان ڪانهي ۽ هن جي تمدن جهڙو ڪو تمدن ڪونهي.
ان
طرح زبان، تمدن، مذهب، شرافت ۽ صلاحيت جا اهي تصور
خريد جي اقتصادي سوال سان ئي ڳنڍيل رهن ٿا. هن طرح
ناڻو ڪي قدر پيدا به ڪري ٿو ۽ ڪن جو طرفدار به
بڻجي ٿو. عام طور تي سماجيات ۾ اهو ئي گروهه وچئين
گروهه يا مڊل ڪلاس جي نالي سان اُهي سڀ حرڪتون ڪري
ٿو، جيڪي هڪ هونديءَ واري سماج ۾ تفريح ۽ مذاق جي
نالن سان ڪوٺيون وينديون آهن.
هنن
ٻن مخالفن جي مقابلي ۾ باقي ٽي گروهه، جيڪي گهڻو
ڪري هڪ جهڙا گروهه آهن، سي قوت خريد وڃائيندا ئي
رهن ٿا، ۽ آخر اهي ئي پاڻ وڃائي، انهن حالتن جي وچ
۾ اچن ٿا، جن ۾ هنن جي اڳيان نرو سوال جيڪو رهي
ٿو سو صرف جيئڻ جو سوال آهي،
جيئڻ
جي ڪوشش ڪن حالتن ۾ صلاحيتن يا محنتن جي ڪري هڪ
مضبوط بلاڪ بڻجي ٿي وڃي ۽ پوءِ ٽڪراءَ واري اها
صورتحال پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي ”جيئڻ جي جرئت“ (Courage
to live)
جو نالو ڏيئي ٿو سگهجي.
جيئڻ
جي جرئت جي نمايان صورت اُها هوندي آهي، جنهن کي
”انقلابي“ صورت چيو ويو آهي. پر اُها حقيقت ۾ رڳو
هڪ سلسلي عمل جي ڪڙي آهي، جيڪا تصادم جي ڪري ظاهر
ٿئي ٿي.
هن
طرح ”سڪڻ“ يا نراسائيءَ مان ڏاڍي جي شفقت ۽ سخا
ڏانهن واجهائڻ جي ڪيفيت ترقي ڪري پنهنجيءَ اُنهيءَ
صورت کي پهچي ٿي، جنهن کي ”شهادت“ يا اهڙي سعادت
چئجي ٿو، جنهن ۾ انسان پنهنجي پورهئي جو ڦل
پنهنجين اکين سان ڏسي ٿو. (27-9-1984ع)
جمهوريت جا امڪان
(مدثر حيات عارباڻي)
پاڪستان ۾ هڪڙي معتبر اڳواڻ نظر بنديءَ جي حالت ۾
هڪڙو بيان جاري ڪري اِهو چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت
جي آخري اميد کي به ختم ڪيو پيو وڃي. هن بيان کي،
جيڪو بي بي سيءَ جي طرفان نصر الله خان ڏانهن
منسوب ڪيو ويو هو. ان کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ
هڪ وڏي اهميت حاصل آهي. ان ڪري هر اهو ماڻهو جيڪو
ملڪ کي زنده رکڻ لاءِ جمهوري روايتن کي زنده رکڻ
جو حامي آهي، سو هن صورتحال کي اهميت ڏئي ٿو، ۽
فطري طور اِهو محسوس ڪري ٿو ته جمهوريت جي تابوت ۾
آخري ڪوڪي لڳڻ کان پوءِ ملڪ جي صورتحال ڪهڙي
ٿيندي، تنهن تي سوچڻ گهرجي. حقيقت ۾ پاڪستان جي
سياست جو سوال هاڻي سياستڪارن جو نه پر آهي به
عوام جو.
جيئن
جيئن جمهوريت جا آخري ڏينهن قريب اچي رهيا آهن،
تيئن تيئن پاڪستان جي نه رڳو سياست ڪار طبقي ۾ پر
هڪ عام ماڻهوءَ ۾ به اِهو احساس جاڳي رهيو آهي ته
ملڪ جو مستقبل خطري ۾ پئجي رهيو آهي ۽ پاڪستان جا
پنهنجا ملڪي مفاد غير ملڪي جمهوري دشمن قومن جي
هٿان گهڻا گهڻا ضر بجي ۽ نقصانجي رهيا آهن.
جمهوريت مخالف تحريڪ ڪيترن ئي مرحلن مان لنگهي
آهي. انهن مرحلن ۾ پارليامينٽ کي معطل ڪرڻ، آئين
کي بيجان ڪرڻ ۽ فوجي حڪومت قائم ڪرڻ جهڙا قدم ته
سياسي قدم هئا ۽ هر ماڻهوءَ انهن جو نظارو ڏينهن
ڏٺي جو ۽ ويجهڙائيءَ کان ڪيو هو، پر هنن قدمن کان
سواءِ ڪي اهڙا قدم به کنيا ويا هئا جن جي نتيجي ۾
ملڪ لاءِ اهڙي مرحلي تي پهچڻ اڻٽر پئي ڏٺو، جتي سڀ
عوام پسند روايتون سڪي ٺوٺ ٿي ويون ۽ اُنهن ۾ عمل
جي ڪا به گرمائش باقي ڪا نه ٿي رهي.
سمجهيو ٿي ويو ته هي قدم ٻرندڙ جبل جي انهيءَ مواد
جهڙا هئا. جيڪو اندر ئي اندر ڦاٽي نڪرڻ لاءِ وڌيڪ
گرم ٿي رهيو هو. انهن قدمن ۽ تدبيرن جو تعلق وڏيءَ
حد تائين ملڪ جي اقتصادي پاليسين سان هو. اهڙيون
پاليسيون ملڪ جي لاءِ جمهوري ادارن جي خاتمي کان
به وڌ خطرناڪ ثابت ٿيڻ جهڙيون لڳيون ٿي.
حقيقت ته اِها آهي ته اهي جمهور دشمن ٻاهريون
قوتون جيڪي قومي خود اعتماديءَ ۽ خود ڪفالت کي زور
وٺائيندڙ ادارن جون دشمن هيون، اصل ۾ وڏو زور
اُنهن اقتصادي پاليسين جي دشمنيءَ واريءَ حالت کي
مضبوط بنائڻ تي ڏينديون رهيون. هي قوتون انهيءَ
ڳالهه تي متفق هيون ته ڪو به معاشرو جيڪو اقتصادي
طور ڪنگال نه ٿو ٿئي سو محتاج به ٿي نه ٿو سگهي ۽
آخر طور تي نزاع جي حالت تي به پهچي نٿو سگهي. ان
ڪري هنن دشمن قوتن جي لاءِ اهڙي حالات جي ٻرندڙ
جبل جي تري واري مواد ۾ وڏي دلچسپيءَ جو ڪارڻ
موجود هو، جيڪو قوم کي ۽ ملڪ کي پننجي قريب آڻي ۽
پوءِ اوچتو عوام جي سڄي سهاري ۽ اُميد کي به
انهيءَ لاوا جي زد ۾ آڻي ختم ڪري ڇڏي. جيڪو اُنهن
ٻاهرين استحصالين تيار ئي اهڙيءَ ساعت لاءِ ٿي
ڪيو.
اسان
وٽ، جيئن ڏٺو ويو آهي، سڀ اقتصادي پاليسيون
اِنهيءَ طرح عوام دشمنيءَ جي اصول تي ٻڌل رهيون، ۽
اهو ئي ڪم ڪنديون رهيون، جنهن ۾ جمهور ۽ عوام
پنهنجي جيئڻ جي بنيادي ضرورتن جي پوري ڪرڻ جي لاءِ
ئي سڄو رخ پنهنجي روزمره جي بنيادي مسئلن ڏانهن
رکي ۽ حڪومت جي ڪاروبار کان سڄو پنهنجو توجهه
هٽائي پري ڪري ڇڏڻ لاءِ مجبور رهي. هڪڙو عوام ۽
هڪڙو سماج جيڪو اهڙيءَ طرح بيمار، مفلس، صحيح
اطلاع ۽ معلومات کان محروم ۽ انساني حقن کان محروم
رهيو، اُهو ظاهر آهي، ته جمهوريت جي لاءِ جدوجهد
ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هو. ان ڪري جمهور مخالف
قوتون کي اڄ سوڌو ڪنهن به انقلابي قوت جو مقابلو
ڪرڻو نه پيو، تان جو صورتحال اتي اچي پُهتي، جتي
جمهور لاءِ ڪا به اميد نه رهي، ۽ اڄ اهو چيو پيو
وڃي ته ڪنهن هنگامي بحراني صورتحال ۾ ڪير هوندو،
جيڪو ڪجهه قدر پاڻ لاءِ ۽ ڪجهه قدر پنهنجي ملڪ
لاءِ ڪري سگهندو.!
ڏٺو
وڃي ته هيءَ صورتحال ڪا ازلي نه هئي. هيءَ صورتحال
ته بڻايل ۽ تيار ڪيل صورتحال هئي، جنهن جي سڄي
ذميواري انهن عالمي قوتن (powers)
تي عائد ٿئي ٿي، جيڪي اڳ ۾ ته دنيا کي جمهوريت
سيکارڻ نڪتا، پر پوءِ ڇا ڪاڻ ته سندن گهرن ۾ اندر
ئي سندن پنهنجي نظام ۾ زوال پذيريءَ جون قوتون
موجود هيون، هو ڪٿي جمهوريت ٺاهي ته نه سگهيا پر
انهيءَ لاءِ مجبور ٿيا ته هو ڪوشش ڪري دنيا جي
ڪيترن ئي ملڪن مان جمهوريتن کي ختم ڪن. هنن قوتن
جي لاءِ به مسئلا اهڙا موجود هئا، جن جو حل انهن
جي پنهنجن نظامن ۾ موجود ڪو نه هو: هڪڙو مسئلو ته
انهي غير منصفاڻي نظام جي زوال پذيريءَ جو هو،
جيڪو اهڙين قوتن جي تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ به
زوال ڏانهن مائل رهيو ۽ جيئن پوءِ تيئن ڪمزور
ٿيندو ويو. ان ڪري اهو فطري هو ته اهڙن ملڪن جا
حڪمران جمهوريت کي قائم ڪرڻ جي سوال تي ڪمزوري
ظاهر ڪن. اصل ۾ اِهو انهيءَ غير منصفاڻي نظام جي
ڪمزوريءَ جو ئي نتيجو آهي، جنهن کي اڻ اُسريل ملڪ
اختيار ته ڪن ٿا پر انهيءَ جي اندروني بيماريءَ
جي شدت کان غافل رهن ٿا، جو اڄ ڪيترن ئي ملڪن ۾
جمهوريت آخري پساهن ۾ آهي، ۽ پاڪستان اُنهن مان هڪ
آهي، ٻيو مسئلو جيڪو هنن جمهور دشمن قوتن جي لاءِ
اُڀري آيو هو، سو اِهو هو ته اسرندڙ ملڪن ۾ عوامي
سطح تي جابراڻي ۽ استحصالي نظام جي لاءِ محبت جي
بجاءِ نفرت جو جذبو ڪارفرما هو. هن صورتحال کي
جمهور دشمن قوتن غور سان ڏٺو ۽ هنن جي ”ماهرن“
اِهو فيصلو ڪيو ته مظلوم عوام کي ڪنهن به ڪمزور ۽
زوال پذير نظام جي معرفت دوست بڻائي نٿو سگهجي؛ ان
ڪري اِهو ضروري هو ته انهن کي طاقت جي زور تي قبضي
۾ رکي، پنهنجا مفاد پورا ڪجن. انهيءَ فيصلي جو
اظهار به ڪيو ويو آهي ۽ ائين چيو ويو آهي ته جتي
به جمهور دشمن قوت جا مفاد آهن، اتي انهن کي حق
آهي ته اهي قوتون انهن مفادن کي پنهنجو ”قومي
مفاد“ تصور ڪن ۽ ان ڪري کين اِهو حق آهي ته اُهي
آزاد ۽ خودمختيار ملڪن جي اندروني معاملن ۾
مداخلت ڪرڻ لاءِ طاقت جي آزمائڻ وارا رستا اختيار
ڪن. جڏهن اِها ڳالهه ظاهر ٿي ته جمهور دشمن قوتن
جا قومي مفاد ٻين قومن جي حدن اندر به ٿي سگهن
ٿا. تڏهن هر ماڻهو اِهو سمجهيو ته جمهوريت جا
ڏينهن پورا ٿي رهيا هئا، جو طاقت جي ذريعي مداخلت
جو اصول جمهوريت جي سڄي وجود جي ئي خلاف هو.
هن
ڏاڪي تي پاڪستان جي صورتحال اِها هئي جو اُن جو
جمهور ۽ عوام ناانصافيءَ جي اقتصادي پاليسين جي
ڪري انتهائي مشڪل ۾ ورتل هئا. ان ڪري اُهي غير
منظم هئا ۽ ان ڪري عوام جي طرفان ڪنهن به متحد ۽
طاقتو مزاحمت جو مظاهرو نه ٿِي سگهيو. ڪن حلقن،
جيئن پاڪستان ۾ مضبوط ۽ وڏي طاقتور صوبي جي حالت
هئي، هن صورتحال ۾ اقتصادي خوشحاليءَ کي قائم رکڻ
لاءِ سياسي معاهدي بازي ڪئي، ۽ هنن هن طرح پنهنجي
زرعي جنسن جا اگهه وڌايا، نوڪرين ۾، خاص ڪري نيم
سرڪاري ادارن جهڙوڪ ريلوي، واپڊا، گئس ۽ ٽرانسپورٽ
جي شعبن ۾، خصوصي مراعات حاصل ڪيون، ۽ ان کانسواءِ
ٻاهرين ملڪن ۾ ناڻي ڪمائڻ جي سهولتن وٺڻ جي پاڪ
پڪاڻي به ڪيائون. اهڙيءَ طرح ڪن اقتصادي مفادن
حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجاب جي حڪمران گروهن جمهوريت
جي ڳالهه کي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح جمهوريت
جيڪا هونئن پنجاب جي ئي مفاد ۽ حق ۾ هجي ها، اڄ بي
جان آهي. ننڍا صوبا ڪا به معاهدي بازي ڪري نه
سگهيا، جو انهن جي جمهوري قوت اڳ ۾ غربت جي ڪري ۽
ناجائز دٻاءَ جي ڪري ڪمزور هئي ۽ انهن ۾ شخصيات جي
هڪ ”پرستش“ به هن رستي ۾ عوام جي خلاف موجود هئي.
اهڙيءَ طرح جمهور دشمنيءَ جي انهيءَ وڏيءَ قوت کي
پاڪستان ۾ به پير ڄمائڻ جو سٺو موقعو مليو، جيڪا
دنيا جي ٻين پٺتي پيل ملڪن ۾ به پنهنجن مفادن جي
بچاءَ لاءِ طاقت آزمائي ڪري رهي آهي.
هاڻي
سوال ٿو اُٿي ته هن سڄي عرصي ۾ جنهن ۾ جمهور دشمن
قوتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون هيون، اسان جون سياسي
پارٽيون ڇا ڪري ٿي سگهيون، ۽ انهن ڇا نه ڪيو.
حقيقت ته اها آهي ته ملڪ جون گهڻو ڪري سڀ سياسي
پارٽيون، سواءِ ڪن عوام دوست پارٽين جي، انهيءَ
اقتصادي سازش جي مخالفت ڪري نه ٿي سگهيون جيڪا
عوام جي نه خلاف هئي. پر نوابن، ڪارخانيدارن، وڏن
زميندارن ۽ وڏن واپارين جي ظاهري مفاد ۾ هئي. ان
ڪري اهڙا ”سياستڪار“ اندروني طور عوام جي خلاف هن
سازش ۾ دل ۽ جان سان شريڪ هئا. اهڙيءَ نفسياتي
حالت اُنهن جي حلقن مان عوام دوستيءَ کي ڪڍي ڇڏيو
هو ۽ اِن ڪري عوام به اهڙن سياستڪارن کي پنهنجو
دشمن سمجهي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو هو. هن طرح عوام
۽ سياسي پارٽين جي وچ ۾ عدم تعاون جي فضا جي لاءِ
اها سياست ئي ذميوار آهي، جيڪا عوام سان مخلص نه
هئي. هن ڳالهه کي سياست ڪارن جي بد نصيبي ئي چئبو.
جو اُهو اقتصادي نظام، جنهن کي سياستڪار پنهنجي
پنهنجي مفاد ۾ ئي سمجهي رهيا هئا، هميشه حڪمران
طبقي جي لاءِ هوندو آهي ۽ حڪومتن جي دوستيءَ ۾ ڪم
ڪندو آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته سياستڪار حڪمران نه هئا،
اهڙو اقتصادي سرشتو انهن جا مفاد پورا ڪري نه
سگهيو ۽ نتيجي ۾ سياستڪارن جا ٽولا به اقتصادي
بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا. هن ڳالهه سياسي پارٽين
کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو. ٽين ڳالهه جيڪا سياستڪارن
جي مفاد وٽان هوندي به سندن مفاد جي خلاف ٿي بيٺي،
سا هئي اسلامي نظام جي. پاڪستان جو سياستڪار جيڪو
اسلام جو شيدائي آهي، سو اسلامي نظام جو پاڻ به
دعويدار هو ۽ هن 1973ع واري آئين جي باري ۾ به
اِهو ئي چيو هو ته اُهو اسلامي نظام جي نفاذ جي
لاءِ موزون آئين هو. اهڙيءَ حالت ۾ سياست جي تقاضا
به اِها هئي ته جنهن ڳالهه تي سڀ دشمن متفق هجن،
تنهن جي حمايت جي لاءِ پاڻ به جهندو کڻجي ۽ پوءِ
پنهنجو ڪاز يا مِشن اهڙيءَ طرح پيش ڪجي، جو مخالفن
لاءِ دليل ئي موجود نه هجي. سياست جي هن هنر
منديءَ پاڪستان جي سياستڪارن کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ
هنيو آهي، ان جي رت بند ڪرڻ لاءِ به هاڻي کين تمام
ڊگهي عرصي جي آرام جي ضرورت پوندي. اسان ته پنهنجي
ملڪ جي سياستڪار بزرگن کي اِهو ئي مشورو ڏينداسون
ته اُهي پاڻ ڊگهي عرصي وارو آرام ڪن، ۽ سٺيءَ غذا
جو پاڻ لاءِ بندوبست ڪن.(4-10-1984ع) |