سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 29

 

شاعري

 

 

اچ ته گڏجي هلون.....!

(آٽوريني  ڪاسٽيلو)

آٽورينِي ڪاسٽيلو، 1936ع ۾، گيٽيمالا ملڪ جي ڪوزاٽينا گو هر ۾ ڄائو هو. 1954ع ۾، هو پنهنجي ملڪ جي شاگرد تنظيم ۾ شريڪ ٿيو ۽ اُن جو اڳواڻ بنيو، اُنهيءَ سال، جڏهن هو سترهن ورهين جي عمر جو هو، هن کي جلاوطن ڪيو ويو، ترت ئي هو لڪي لڪي، پنهنجي ملڪ ۾ موٽي آيو، ۽ ڏهن سالن جو عرصو اتي هن وري جيل ۾ گذاريو ۽ جيل وارن جون انيڪ سزائون ۽ اذيتون سٺيون. وچ وچ ۾ هو گيٽيمالا ۽ لپزگ يونيورسٽيءَ جو شاگرد به ٿي رهيو. هو شاعر هو. 1955ع ۾ هن کي سالويڊور ملڪ جي شاعر، اوڪ ڊالٽن، سان گڏ، وچ آمريڪائي ملڪن جو بهترين شاعر تسليم ڪيو ويو، آخرين ڀيرو هو، 1966ع ۾، جڏهن هو 30 سالن جو هو، موٽي پنهنجي ملڪ آيو، ۽ اچڻ سان هٿياربند انقلابي محاذ (’هٿلام‘) ۾ شامل ٿيو. ٻه سال پوءِ مارچ 1967ع ۾، هڪ موقعي  تي جڏهن هو ۽ هن جي ٽولي جا  ساٿي پندرهن ڏينهن جي بک تي هئا ۽ هنن ڪجهه ڪو نه کاڌو هو، ۽ لڪندي، ڀڄندي ۽ وڙهندي سڄو وقت هو جهنگ جي ٻوٽن جي پنن، پاڙن ۽ ڇوڏن تي گذاريندا ٿي رهيا، تڏهن هو اوچتو گهيري ۾ اچي ويا، ۽ جهلجي پيا. چئن ڏينهن کانپوءِ، 19 مارچ تي، ڪاسٽيلو کي قتل ڪيو ويو ۽ هن جي لاش کي جلائي، اُن جي رک گيٽيمالا جي تيز، کليل هوائن  ۾ وا وکر ڪري ڇڏيائون.

هيءُ نظم گيٽيمالا ملڪ جي اُن جان نثار شاعر، آٽوريني ڪاسٽيلو، جو آهي:

گيٽيمالا، منهنجا وطن،

اچ ته اڄ اُٿون

۽ گڏجي هلون-

مان به تو سان گڏ ٿو هلان

مان تو سان گڏجي ٿو هلان- جتي به هلندين، تو سان هلندس

مان تو سان تنهنجو زهر ڀريل پيالو پيئندس

مان پنهنجون اکيون تو کي ڏيندس، جيئن تو وٽ اکيون هجن

مان تنهجو آواز تو کي ڏيندس، جيئن تون ڳالهائين ۽ ڳائين

آءُ مرندس، جيئن تون جيئرو رهين-

۽ تنهنجو منهن اُجريءَ اُفق تي امر رهي

۽ گلن جي هر جهڳٽي ۾، جيڪي منهنجي خاڪ مان ڄمندا-

ائين ٿيڻ ئي گهرجي

بحث جي اِن ۾ ڳالهه ڪانهي.

مان تنهنجن ڳوڙهن جا ٻڪ ڀري، هِت هُت ويندي ٿڪندو پيو آهيان

هاڻي مان تو سان  گڏجي هلڻ گهران ٿو

تو سان گڏ تنهنجي ڪم تي

۽ تنهنجي ڪم ۾ تو سان گڏ رهڻ گهران ٿو

ڇو ته مان تنهنجن منجهان هڪ تنهنجو آهيان

تنهنجي هنج ۾ مان ڄائس، اکيون کوليم، دنيا ڏٺيم-

او گيٽيمالا!

هو......... جيڪي تنهنجن رستن تي دنجن ٿا ۽ مُٽن ٿا

اُنهن کي پاڙان پٽڻو آهي

۽ ملڪ جي اَڻ ڍڪيل وڻن تان ٽنگڻو آهي

جن جي ان ڳڻين آرسين ۾

ماڻهن جا غصي ڀريل چهرا بکندي ڏسبا.

مان تو سان گڏ هلڻ ٿو گهران- سدائين

تنهنجن هارين سان، مزدورن سان

۽ هر اُنهي ماڻهوءَ سان جنهن ۾ همت آهي

تو سان پريت نباهڻ جي

تو سان گڏجي  هلڻ جي-

اُٿ ته گڏجي هلون

مان به تو سان گڏ ٿو هلان........

-آٽوريني ڪاسٽيلو

[”ويو پائنٽ“،12-9-1980ع جي شڪريي سان. –م .ا.ج ]

 

انقلاب کان پوءِ

اوهين جن وٽ ڪم ڪونهي، ڳالهايو.

اوهين جن وٽ گهر  ڪونهن، ڳالهايو.

اوهان لئه اسڪول ڪونهن، ڳالهايو.

اوهين جيڪي سرڻين کان چوزن جيان ڀڄو ٿا، ڳالهايو.

اچو ته پنهنجا مسئلا پاڻ ۾ ونڊيون ورهايون-

ته گڏجي اُهي حل ڪري سگهون.

اسان کي ضرور پاڻ ڇڏائڻ کپي.

اچو ته اسين مرد ۽ زالون گڏجي گهر ۾ ڪم ڪريون.

مردن ۽ زالن کي گڏجي ڪم ڪرڻ کپي، گهر ۾ ۽ دنيا ۾ ٻاهر.

اسان جي ٻارن لاءِ پينگها ڪونهن، ٻاراڻا اسڪول ڪونهن،

پوڙهن لاءِ گهر ڪونهن،

بيمارن جي خبر لهڻ وارو ڪونهي.

زالن کي ٻڌي ڪري هنن حقن لاءِ وڙهڻ کپي.

اوهان لاءِ مون رستو ڪڍيو آهي.

اوهان کي ضرور اڳتي وڌڻ کپي.

- ڊورا تمانا

[”ويو پائنٽ“ لاهور :انگريزيءَ مان ترجمو: م.ا. ج]

 

جيئرن جي ڳولا

سج لهڻ تائين

ڪنو ٿيل ڏينهن

منهنجي نس نس ۾ پيهي وڃي ٿو.

سڄي رات

اونداهه جون پٿريون منهنجي اکين ۾ چڀنديون ٿيون رهن.

صبح جي روشني،

منهنجي چاهڻ کان سواءِ،

منهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ٿي اچي:

منهنجي بت تان

رات جي ڪارنهن لاهي ٿي،

۽ مان جيئرن جي ڳولا ۾ گهران نڪري پوان ٿو.

پر خالي شهر ۾

بکين ڪتن جا اوناڙ

منهنجي کيڪر ڪن ٿا.

پوءِ مان اڪيلائپ جي ڪوڏر سان

ڏينهن جي ڊٺل قبر کوٽڻ لڳان ٿو-

۽ منهنجو سڄو وقت

مُڙدن کي اٿاري، پيرن ڀر ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿو.

 

اسان کي، اسان جي جيئڻ لاءِ،

گهرن ۾ ويهڻ جو سبق ملي ٿو:

پر اسان جا ٻار

بس اسٽاپن جي پيهه ۾

ڪچليا وڃن ٿا،

اسان جي پيءَ- ماءُ کي

اسپتالن جي اوندهه ڳهندي رهي ٿي،

اسان جا ڀائر روزگار جي حرص ۾

بيگر جي ڪئمپن ۾ ڀرتي ٿين ٿا.

سج اسان تي سايو وجهڻ ڇڏي ڏنو آهي،

۽ ڌرتي اسان جي حصي جو رزق اسان کي ڏيڻ ۾ خوش ناهي،

هوا اسان کي ڏسي، منهن ڦيري، هلي وڃي ٿي.

هُن وٽ اسان لاءِ آٿت جو ڪو اکر ڪونهي،

ڪم واري ڪا ميڇ ڪانهي.......

پر هوا وٽ

بزدلن لاءِ،گيدين لاءِ

ٿي به ڇا ٿو سگهي؟

جاويد شاهين

[ترجمو: م.ا.ج]

 

انهن کي ڇا گهرجي

 

مون فسلطيني ڀائرن لاءِ اخبار ۾ بيان ڏنو

هنن اهو بيان منهنجي منهن ۾ هنيو

۽ چيائون-

اسان وٽ هاڻي رڳو مورچا بچيا آهن

عرب ڀائرن جي بيانن سان اسان جا گهر ۽ گدام ڀرجي ويا آهن.

مون کين چانور ۽ ڪڻڪ موڪلي، اُنهن واپس موٽائي ڇڏي

جو کائڻ لاءِ وٽن وقت ناهي

کين رات ڏينهن وڙهڻو پوي ٿو

هونئن به خمار آلوده غذا انهن لاءِ مضر آهي.

مون ڪجهه پيسا کين موڪليا

انهن رد ڪري ڇڏيا ۽ چيائون:

اسان کي سڪن جي نه، گولين جي ضرورت آهي

هڪ ڏَسڻيءَ آڱر جي ضرورت آهي

هڪ سر جي ضرورت آهي

هڪ گورڪن جي ضرورت آهي

پر اسين تو کي گورڪن جي طور تي به قبولڻ لاءِ تيار ناهيون.

مان گهر موٽي آيس

۽ فلسطيني ڀائرن لاءِ هڪ نظم لکيم

اهو سوچي ته گوليبازيءَ ۾ سندن شاعري دٻجي مري ويئي هوندي

۽ کين نظم جي پڪ سان ضرروت هوندي

انهن منهنجي نظم جو منهن پَٽي رکيو

۽ انهيءَ کي اهو چئي ڀڄائي ڇڏيائون

ته اسان کي محفوظ رتبي واري شاعر جي شاعري نه گهرجي

جيڪو برف باريءَ ۽ گوله باريءَ ۾ فرق نٿو سمجهي

جنهن جا لفظ نرم وهاڻي تي مٿو رکي سمهن ٿا.

مون اُنهن لاءِ دعا جا  هٿ کنيا

اُنهن افسوس ڪيو:

ڪاش اِهي هٿ سندن دشمن تي کڄن ها.

انهن کي ٻيو ڇا گهرجي؟

مان ته کين پنهنجي ٻار جي ٽئنڪ موڪلي سگهان ٿو!

جنهن جي چاٻي هن ڀڃي ڇڏي آهي!

مان فلسطيني ڀائرن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو

کانئن پڇو اُنهن کي ڇا  گهرجي!

- اصغر نديم سيد

[ترجمو: ولي رام ولڀ]

 

گنگا

(مرهٽي نظم)

پگهر جي سدا وهندڙ گنگا-

ديس، ڌرم، لهوءَ جي

ديوارين ۽ مهاڙين کي ٽوڙيندي

ڪاريءَ ۽ اڇيءَ مٽيءَ کي ڀڄائيندي.....

 

پگهر جي سدا وهندڙ گنگا-

ڏسو، پوريءَ دنيا تي پيئي ڊوڙي،

جيون ٻيڙي اُن مٿان پَئي ڊوڙي.

 

* ’ڪنچنجنگا‘ کان جيڪا وڌيڪ حسين،

** ’ڀاڳيرٿيءَ‘ کان وڌيڪ پاڪ،

خدا کان به وڌيڪ انسان جي ڀلائيءَ ۾ رُڌل-

 

اُنهيءَ گنگا جا پگهر- ڦڙا!

توهان تي اسا جا سلام هجن هميشہ

- ونداڪر نديڪر

* ڪنچنجنگا، ۽

**ڀاڳيرٿي:

هماليه جبل جي پوتر چوٽيءَ جا ٻه نالا

 

هيروشيما

هي ڪير کَڙو آ کُنڀيءَ تي؟

حيرانُ هَوا ۾ ٽَهڪَ ڏَئي،

ٿو هيٺ نهاري ڌرتيءَ تي!

هيءَ ڪنهن جي اَگ لڳِي جَر ۾،

جو پنهنجي پنهنجي  موتيءَ سان،

هر سِپ سَڙيِ وئي ساگَر ۾!

ڪنهن مُرڪ ڀريءَ مَيءَ نوشيءَ ۾

”مان تنهنجي هان“ ”مان تنهنجون هان“،

ٿي رات چيو سَر گوشيءَ ۾.

اڄُ تِن جِي هيڄَ ڪٿي آهي؟

جِتِ پاسا پيار وَرايا ها،

سا سُرهي سيجَ ڪِٿي آهي؟

ڪنهن چيو هو، ”پيارُ امر آهي،

”ٻي هَر  شيءِ اچڻي وَڃڻي آ“-

اڄ ڄَر ۾ ڪُجهه به اَمر ناهي.

اڄُ تو ۾ تنهنجي موتيءَ سان،

ڪا سَرهي سِپ سڙِي وئي آ،

تون جيءُ نه آهين جوتيءَ سان؛

۽ منهنجي پيار وڃائِي آ،

پنهنجِي هر آسَ اَمرتا جي:

هيءَ تنهنجي منهنجي ڪائِي آ.

هي ڪير کَڙو آ کُنڀيءَ تي؟

هي  تون آهين، هي مان آهيان،

جن اَمُن نه آندو ڌرتيءَ تي.

ها، هيءَ اسان جي ڪائِي آ......

اِنَ اوچيءَ ڪائيءَ کي گڏجي،

ڇا، تو مان آگ لڳائِي آ! –اياز

 

 

 

صبح دور ناهي

***

اڃا رات آهي، ڪٿي آ سويرو؟

اڃا دور منزل، اڃا دور ديرو!

اڃا آدمي، آدميءَ تي مسلط،

اڃا پنڌ انسانيت جو پريرو.

سسئي پئي رڙي ٿي اڃا روهه بر ۾،

پنهل جو اڃا ڪو نه پسجي ٿو پيرو.

نه ڪنهن مُنهن تي ڏسجي ٿي رونق صبح جي،

اڃا رات ڪاري ۽ گهرو انڌيرو.

لکين لاڏليون ٿيون وڪامن هٽن تي،

اڃا عصمتون هت لٽي ٿو لٽيرو.

’عمر‘ ڀي اڪيچار ۽ ’ماريون‘ ڀي،

اڃا باز ڏاڍو ۽ ڪمزور ڳيرو،

فقط ٿوري همت ۽ محڪم ارادو،

نظام تشدد ۾ آڻي ٿو ڦيرو-

ازل کان اِهو آهه دستور ساٿي،

هجي دور منزل ته هلجي سويرو!

نه گهٻراءِ همدم، صبح دور ناهي،

اِجهو دور اوڀر ۾ جاڳيو سويرو!

- عبدالڪريم گدائي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org