سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 17

 

 

چليءَ ۾ احتجاج جا انوکا رنگ

(نجم عباسي)

چلي ملڪ  جو نالو ورتو وڃي ۽ سڄاڻ ماڻهوءَ جي ذهن تي ٻه ڳالهيون نه اڀرن، سو ٿي نٿو سگهي: هڪ اُتي جو جڳ مشهور پيلو نرودا، ۽ ٻيو اتي جي سماجوادي حڪومت جو لشڪر هٿان تختو اونڌو ٿيڻ. پبلو نرودا جو موت کان اڳ پڇاڙڪو شعر، چليءَ جي موجوده حالت جي تصوير پيش ڪري ٿو. ان شعر جو سنڌيءَ ۾ ترجمو وليرام ولڀ جي لفظن ۾ هيئن آهي:

”اڄوڪي سيپٽمبر73ع جي تلخ ڏينهن ۾،

تاريخ جي سڀني مروئن گڏجي،

اسان جي جهنڊي کي ڪيرائي وڌو آهي.

توهان اي مِرونؤ. ڪيترو نه رت وهايو آهي!

توهين اُهي ڌاڙيل آهيو ۽ جن  جو ٺڪاڻو اونداهو پاتال آهي!

توهين هزارين ڀيرا خريديا ۽ وڪيا ويا آهيو؛

توهان کي نيويارڪ جي  بگهڙن انهيءَ ڪم تي لڳايو آهي.

بي رحم ڪاسايو!

بي اصول ظالمؤ!

توهان جي جيون جو مقصد اذيتون ڏيڻ ۽ بک مارڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“

چلي، ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪ ملڪ آهي. اتي 1970ع کان اڳ وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداريءَ جو زور هو. حڪومت ۽ اسيمبليءَ تي زميندارن ۽ ڪارخانيدارن جو قبضو هو. ڳچ سالن کان مارڪسي پارٽي هارين ۽ پورهيتن ۽ عوام ۾ ڪم ڪري رهي هئي. سلواڊرو آلندي ان پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. هن جي محنت ۽ جذبي ڪري پارٽي ملڪ ۾ مقبول ٿي ويئي، ۽ 1970ع جي عام چونڊن ۾ جمهوري طريقي سان هن پارٽيءَ کٽيو ۽ حڪومت جي واڳ سنڀالي ۽ سوشلزم جي بنيادن تي ڪم ڪرڻ لڳي. سلوڊور آلندي چونڊيل  پريزيڊنٽ هو. ملڪ ترقيءَ جي راهه تي وکون کڻڻ لڳو هو. روزگار جا ذريعا، بئنڪون  ۽ کاڻيون، قومي ملڪيت بنجي ويا هئا. هاري زمين جو مالڪ بنجي ويو هو ۽ مزدور ڪارخاني جو. جيئن ته هيءَ حڪومت سامراج دشمن هئي، ان ڪري اها آمريڪا جي اکين ۾ ڪنڊو اُڀري. سي.  آءِ. اي  هن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ سازشون ڪرڻ لڳي. سامراجي آمريڪا کي عوام جي پٺڀرائي ته ملي ڪا نه سگهي، پر پنهنجي دستور موجب اتي جي لشڪر ذريعي پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.

11- سيپٽمبر 1973ع تي لشڪري طاقت سان جمهوري راڄ جو خاتمو آندو ويو، ۽ ملڪ ۾ چونڊيل پريزيڊنٽ ۽ عوامي اڳواڻ الندي کي قتل ڪيو ويو. ٻين به ڪيترن اڳواڻن کي ماريو ويو ۽ عوام جو ڪوس ڪيو ويو. ٻيءَ به هر طرح ظلم جي بزار گرم رکي ويئي. ٽيهه هزار ماڻهو ماريا ويا، پنجويهه سئو ماڻهو گم آهن، هزارين ماڻهن کي ملڪ نيڪالي ڏني ويئي.. لکين ماڻهو جان بچائڻ خاطر ٻين ملڪن ۾ وڃي پناهگير ٿيا آهن، ۽ هزارين ماڻهو جيلن ۾ آهن.

جنرل پنوچيٽ ۽ سندس لشڪر ظلم، بر بريت، دهشت ۽ درندگيءَ جا دنيا جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. شاگرد، هاري، مزدور، ڪارڪن ۽ دانشور هن جي ڏاڍ جو خاص نشانو پئي رهيا آهن.

پر چليءَ جا رهاڪو ماٺ  ۾ ظلم سهي نه رهيا آهن. هنن ۾ ڳچ وقت کان مارڪسي پارٽيءَ شعور پيدا ڪيو آهي. هنن جي احتجاج جا نمونا ڏاڍا انوکا ۽ دلچسپ آهن. احتجاجن ۾ عورتون وڌيڪ سرگرم رهيون آهن. شايد هنن کي احساس آهي ته جيلن ۾ وڃڻ ڪري ملڪ نيڪالي ملڻ ڪري۽ روپوش هجڻ ڪري، مرد ڪارڪنن جو ڳاڻيٽو هونئن به وٽن گهٽ آهي.

چليءَ جي رهاڪن لشڪري راڄ خلاف جيڪو عوامي احتجاج ۽ انقلابي عمل شروع ڪيو، سو ڏاڪي بڏاڪي زور وٺندو وڃي. هنن ننڍيون ننڍيون سڀائون ٺاهي، پهرين انهن ماڻهن جي خاندانن جي سهائتا ڪئي، جي لشڪرين هٿان قتل ٿيا هئا، يا قيد ۾ واڙيا ويا هئا، يا گم هئا، يا ملڪ نيڪالي ملي هين. اهي عورتون جن جا مرد ماريا ويا هئا، يا جيلن ۾ بند هئا، يا غائب ۽ ملڪ بدر ڪيا ويا هئا. سي ميدان تي نڪري آيون ۽ هڪڙي تنظيم ٺاهيائون انهن پارليامينٽ هائوس آڏو ڏهه ڏينهن بک هڙتال ڪئي ته سندن مڙس، پيءَ،  پٽ ۽ ڀائر  واپس ڪيا وڃن. هنن هڪ وڏو جلوس به ڪڍيو ۽ هٿن ۾ پنهنجن مائٽ مردن جون تصويرون مٿي اڀيون ڪري، نعرا هڻنديون هلنديون هليون.

چليءَ جي رهاڪن پوءِ جيڪو ٻيو قدم کنيو، سو هو  دنيا جو ضمير جاڳائڻ. چليءَ ۾ جيڪا درندگي ۽ دهشت جاري رکي ٿي ويئي ۽ انساني حقن کي جيئن لتاڙيو ٿي ويو، تنهن جو عالمي تنظيمن کي سڌ-سماءُ ڏنو ويو. گذريل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن، ائمنيسٽي انٽر نيشنل جي رڪارڊ تي اهي ڳالهيون آيون ۽ دنيا وارن تائين پهتيون. سخت پابندين ۽ جبر هوندي به چليءَ جي سياسي جمهوري پارٽين ۾ وڏي جاکوڙ سان ٻڌي پيدا ڪئي ويئي. پوءِ هڪ زير زمين  اخبار شروع ڪئي ويئي، جا پهرين هڪڙي پني تي هوندي هئي ۽ پوءِ وڌي پورا ڏهه صفحا ٿي نڪرڻ لڳي.

هيڏي ظلم، دٻاءَ، دهشت ۽ پابندي هوندي به هلچل ڪڏهن به ماٺ نه رهي. کاڻين جا پورهيت، ڪپڙي جي ڪارخانن جامزدور، گوديءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ هاري پنهنجي جانبازي واري جاکوڙ جاري رکندا اچن.

پوءِ چليءَ وارن نعرو شروع ڪيو: ”ٻڌي ۽ بغاوت!“ ٻڌي: فسطائيت (ڏاڍ) جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻڌي: پورهيتن، سياسي پارٽين ۽ عورتن جي سڀائن جي ٻڌي:  انهن سڀني جي ٻڌي، جي جمهوريت  ۽ آزادي چاهين  ٿا- ۽ بغاوت: انهن ذريعن ۽ وسيلن جي مدد سان، جن تي هلي عوام جي جاکوڙ فسطائيت (ڏاڍ) جو خاتمو آڻي.

چليءَ جون عورتون للڪاري چون ٿيون: ”لڙڪن کي جوش ۾ بدلايو ويندو، پيڙا کي عملي جاکوڙ ۾ ڦيرايو ويندو ۽ پنهنجي عوام جي ڏکوئيندڙ گهٽنا  کي بغاوت جو روپ ڏنو ويندو. رڳو سچ تي هجڻ ڪافي ناهي،  ان سان گڏ سگهه به هجڻ گهرجي، ۽  سگهه جي زوردار استعمال سان سچ حاصل ڪري سگهبو.“

 هڪ ڀيري، رٿا موجب، رات جو نوين بجي پنجن منٽن لاءِ رستن تي هلندڙ رڪشائن، موٽرن، اسڪوٽرن، سائيڪلن، لارين، بسن ۽ ٽرڪن جا هارون وڄائي آواز بلند  ڪيا ويا، ۽ ساڳئي وقت گهرن ۾ عورتن پنهنجا ٽامي، جست ۽ الومينم، جا برتن، ٺڪر جا ٿانوَ ۽ لوهه جا توا، چمچن، ڪيون، ڏوين ۽ ٽڦڻين سان زور زور سان دهلن وانگر وڄائڻ شروع ڪيا. سڄي شهر اندر ڌرتيءَ کان آڪاس تائين، ڪن کائيندڙ هل مچي ويو. پهرئين گهمري گاڏين جي هارونن ۽ ٿانون وڄائڻ جو اهو هل فقط پنج منٽ ڪيو ويو، پر پوءِ اهو شغل رات لڙيءَ کان اڌ رات تائين لاڳيتو ٿيڻ لڳو آهي. اهو گوڙ شهرکي آسمان تي کڻي ڏيندو آهي، ۽ آمرن ۽ پرمارن جو سک ڦٽائي ڇڏيندو آهي: اهو گوڙ چليءَ جي راڄڌاني سنتياگو کان ڪيترن ڪوهن تائين ٻڌبو آهي. جڏهن ڪرفيون لڳايو ويندو آهي، تڏهن به ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهرن ۾ ٿانو ٿپا ۽ مٽ دلا وڄائي، محشر برپا ڪيو ويندو آهي.

ٻيو احتجاج هي ڪيو ويندو آهي ته مقرر وقت تي سڄي شهر جي سڀني گهرن ۾ سڀئي بجليءَ جون استريون پلکن ۾ وجهي، هڪ ئي وقت جلايون وينديون آهن. نتيجي ۾ پوري شهر جي بجلي بند ٿي ويندي آهي ۽ شهر اونداهه ۾ ويڙهجي ويندو آهي. هن احتجاج کي هو  ”بجلي بند احتجاج“ چوندا آهن.

چليءَ جي عورتن ” گرم ۽ سرگرم رڌڻا“ تحريڪ جو پايو به وڌو آهي. جڏهن عوام جو ڪو جلسو، جلوس يا مظاهرو ٿيندو آهي، ته عورتون پنهنجي پنهنجي گهر  ۾ ڀت جا ڍيگرڙا چاڙهينديون  آهن، ۽ اهو ڀت انهن جلسن جلوسن ۾ شامل ٿيندڙن کي کارائينديون آهن. هو اهڙا ڍيگڙا هونءَ به چاڙهي، مري ويلن، ملڪ نيڪالي ڏنلن ۽ گرفتار ٿيلن جي ٻارن کي کارائينديون آهن.

عورتون، ان طرح مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جاکوڙ ڪري رهيون آهن.

چليءَ وارن هڪڙو ”بک جلوس“ ڪڍيو. اهو آمر جنرل ڇنو چيٽ جي محل وٽ پهتو ۽ ان محل کي گهيرو ڪري بيٺو. جلوس کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لا پوليس ۽ لشڪر کي گهرايو ويو.

شهرن ۾ رستن تي ٽائر ساڙي، رڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن. جن ڪورٽن ۾ احتجاج ڪندڙن، انقلابين ۽ باغين تي ڪيس هلندا آهن، اتي شاگرد ڌرڻو ماري ويهندا آهن. ٽرڪ ڊرائيورن، کاڻين جي پورهيتن ۽  ڪارخانيدارن جي مزدورن جون هڙتالون ٿينديون رهن ٿيون.

احتجاج ته ٿيندا رهن ٿا. پر هاڻي هر مهيني هڪ ڏينهن مقرر ڪري، سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي لهر اُڀاري ويندي آهي: هڙتالون، رستن تي رنڊڪون، بجلي بند، گاڏين جي هارون ۽ ٿانون جي وڄائڻ جو هل، شاگردن جو  اسڪولن ۽ ڪاليجن کان بائيڪاٽ وغيره، پوليس انهن جلسن ۽ جلوسن تي ڳوڙها گئس هلائيندي آهي، لٺيون وسائيندي آهي ۽ گوليون ڇوڙيندي آهي. هر ڀيري کوڙ ماڻهو مرندا ۽ ڦٽبا آهن.

تازو چليءَ جي انقلابين جي زير زمين تنظيم چليءَ گاديءَ جي شهر سنتياگو جي ريڊيو اسٽيشن تي ان وقت قبضو ڪيو، جنهن وقت ملڪ جا، ماڻهو پوري شوق سان ان تي هلندڙ فوٽبال مئچ جو اکين ڏٺو احوال ٻڌي رهيا هئا. انقلابين پورا 15 منٽ پنهنجي ديس واسين کي ريڊئي تي خطاب ڪيو ۽ چيو ته هو لشڪري راڄ خلاف اُٿي کڙا ٿين، هٿياربند هلچل هلائين ۽ لشڪرين جي ظلم جو تختو اونڌو ڪن.

چليءَ جي تازيءَ تاريخ دنيا جي آڏو ٻه خاص ڳالهيون پيش ڪيون آهن: هڪ ته هيءُ دنيا جو پهريون ملڪ هو جتي جنگ ۽ خونريزيءَ کانسواءِ امن ڀريو، جمهوري طريقي ۽ جمهوري چونڊن سان سماجوادي ڦيرو آيو هو، پر سامراجي سازش اهو سوڀارو ٿيڻ نه ڏنو، ٻيو ته سامراجين حڪومت هٿ ڪرڻ  کانپوءِ هتي جيتري خونريزي ڪئي آهي، ان جو ڏهون حصو به سماجوادي انقلاب  کان اڳ سامراجين، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ سندن دلالن مان ۽ انقلابين مان، انقلابي جنگ دوران مارجن ها ته انقلاب ناڪام بڻائڻ لاءِ سامراجين کي نه وجهه ملي ها ۽ نه اهڙي جرئت ٿئي ها، ۽ نه خلق مري ها ۽ نه ظلم  جو اهڙو راڄ قائم ٿئي ها. روس چين، ويٽنام، ڪيوبا، انگولا،  نڪارا گوا ۽ ٻين سماجوادي انقلابن جي دائمي بنجڻ جو انهيءَ تي ڳوڙهو اڀياس ڪري سگهجي ٿو. چليءَ جي سماجوادي انقلاب ٻڌايو آهي ته اهڙو  سماجوادي انقلاب، جنهن کي قائم رکي نه سگهجي، سو اجايو آهي. (20- 9-1984ع)

 

سامراجيت جا روپ

(نجم عباسي)

سامراجيت جو مطلب آهي  هڪڙي ملڪ جو يا وڌيڪ ملڪن جو ٻئي ملڪ جي حاڪمن  هٿان ڦرجڻ لٽجڻ. اوائلي دور ۾ اها ڦرلٽ جنگ ذريعي ڪئي ويندي هئي.  ڪو ملڪ يا ڪو حاڪم طاقتور ٿيندو هو ته ٻين ملڪن تي ڪاهون ڪندو هو ۽ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ جي حالت ۾ ٻه  صورتون پيدا ٿينديون  هيون: يا ته اهو فاتح ڦرمار ڪري، خزانا کڻي واپس پنهجي ملڪ: هليو ويندو هو، جيئن نادر شاهه ۽ مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ ڪيو، يا محمود غزنويءَ هندستان تي شروعاتي ڪاهن وقت ڪيو. ٻي صورت اها ٿيندي هئي ته اهو فاتح ان ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ويهي رهندو هو ۽ لٽمار ڪندو رهندو هو، جيئن ايرانين، عربن، مغلن وغيره سنڌ ۾ ۽ انگريزن هندستان ۾ ڪيو. اِن پوئينءَ صورت کي بيٺڪيت يا بيٺڪي راڄ (Coloniatism) چئجي ٿو.

اوائلي دور ۾ يونان، روم ۽ عرب شهنشاهتن دنيا ۾ پنهنجا بيٺڪي راڄ برپا ڪيا ۽ وچئين دور ۾ يورپي قومن، خاص  ڪري انگريزن، فرينچن، ڊچن ۽ پورچوگيزن دنيا جي ٻين کنڊن ۾ پنهنجيون پنهنجيون بيٺڪون قائم ڪيون ۽ پوريءَ دنيا جي دولت پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون.

هن صديءَ جي وچ ڌاري ۽  خاص ڪري ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ بيٺڪي  سرشتو ڀڄڻ ڀرڻ لڳو، ته سامراجيت به پنهنجو روپ بدلايو.

بيٺڪيت هو ٻين ملڪن کي سنئون سڌو سياسي غلام بنائڻ، جيتوڻيڪ اُن جو اصل مقصد  اقتصادي غلبو ۽ مالي فائدو حاصل ڪرڻ هو. بيٺڪيت هٿان وڃڻ لڳي، ته ٻين کي اقتصادي طرح غلام بنائڻ واسطي سامراج پنهنجي حڪمت عمليءَ جون صورتون ڦيرايون. هن دؤر ۾ آمريڪا مکيه  سامراج بنجي ويو.

اسرندڙ ملڪن کي پنهنجو محتاج ۽ خاص طرح اقتصادي محتاج بنائڻ لاءِ سامراج ڪي نوان هٿيار استعمال ڪيا، ۽ اها ڪوشش ڪيائين ته اتي سدائين اقتصادي ۽ سماجي حالتون غير يقيني هجن ۽ ڪڏهن به سياسي ۽ اقتصادي پختگي قائم نه رهي سگهي.

اهڙا نوان هٿيار جيڪي سامراج ڪتب آڻيندو پيو اچي، تن مان ڪجهه هي آهن:

ورهاڱو: اڳي هو پنهنجي غلام ملڪن جي ماڻهن ۽ قومن لاءِ ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي نيتيءَ تي عمل ڪندا هئا. هاڻي اها نيتي ملڪن واسطي استعمال ڪيائون. ڪيترائي ملڪ ورهايا ويا، جن مان ڪي آهن: جرمني، آئرلنڊ، هندستان، چين، بنگال، پنجاب، ويٽنام، ڪوريا، يمن، فلسطين. ورهايل ٽڪرن جي  رهاڪن ۾ اهڙا نظرياتي ۽ سياسي ويڇا پيدا ڪيا ويا، جو هو هڪ ٻئي کي دشمن  سمجهڻ لڳا.

پناهگير: ورهايل ۽ ٻين ملڪن ۾ مذهبي، نظرياتي، ۽ سياسي بنيادن تي اهڙو هراس پيدا ڪيو وڃي ٿو، جو وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ شروع ٿيو وڃي. ماڻهو هزارن لکن جي تعداد ۾ وڃيو ٻئي ديس ۾ پناهه وٺن. اتي ڌرتيءَ تي ڌارين ۽ اصلي رهاڪن جي وچ ۾ تهذيبي، تاريخي، معاشي ۽ ٻوليءَ جي نقصان ڪري ڇڪتاڻ شروع ٿيو وڃي، جي پناهگير واپس ورڻ جي نه ڪن ۽ کپ کوڙيو ويهن ته ان ملڪ جي امن ۽ ترقيءَ لاءِ دائمي ناسور  بنجيو پون. ان ملڪ ۾ نه سياسي پختگي اچي ۽ نه اقتصادي واڌارو.

پناهگيرن کي، مخالف کي بدنام ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا جو ذريعو پڻ بنايو ويندو آهي، جيئن ڪمپوچيا وغيره جي پناهگيرن جي حالت ۾ ڪيو پيو وڃي. ان حالت ۾ پناهگيرن ۾ هٿرادو ۽ سازشي واڌ به آندي وڃي ٿي.

جنگ: ٻن پاڙيسري ملڪن ۾ جنگ ڇيڙائڻ ۾ سامراج جو وڏو هٿ هوندو آهي. ويٽنام ۾ هارائڻ کان پوءِ سامراج سڌيءَ طرح جنگ جي ميدان ۾ نٿو اچي. ٻيءَ مهاڀاري لڙائي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ دنيا ۾ ڪٿي نه  ڪٿي علاقائي جنگ هوندي ئي هوندي آهي:  ڪڏهن اتر ويٽنام ۽ ڏکڻ ويٽنام ۾، ڪڏهن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾، ڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان ۾، ڪڏهن اسرائيل  ۽ عربن ۾، ڪڏهن حبش ۽ سوماليا ۾،  ڪڏهن ايران ۽ عراق ۾. ڪن ملڪن ۾ ڪڏهن ٻوليءَ، مذهب، نسل يا ٻين بنيادن تي گهرو لڙائي ڪرائڻ ۾ سامراج ڪامياب ٿي ويندو آهي.

جنگ ۾ سامراج جون گهڻيون ڀلايون آهن. انهن ملڪن جو اقتصادي خانو خراب ٿيو وڃي ۽ سامراج کي اُنهن کي قرض ۽ امداد ڏيئي، پنهنجن پيرن کي پختي ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو مليو وڃي، جنگ ۾ جي هٿيار ڪتب اچن سي سامراج ٺاهي، ان ڪري انهن جو کاپو ۽ واپار وڌي. سياسي طرح اهي ملڪ ترين ڀر وڃيو ڪرن ۽ معيشت تباهه ٿيو وڃين.

جنگيون ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اسرندڙ ملڪن ۾ ڇيڙايون ٿيون وڃن.

حڪومت جا تختا اونڌا ڪرائڻ: جمهوريت سامراجيت کي ايترو اپڙڻ ۽ اڀرڻ نه ڏيندي آهي. ان ڪري جمهوريت ۽ خاص ڪري اهڙي جمهوريت، جنهن جا اڳواڻ سامراج جا دلال ٿيڻ قبول نه ڪندا آهن، سا جمهوريت سامراجين جي اکين جي ڪنڊي وانگر ٿي پوندي آهي. سي آءِ. اي ذريعي اهڙي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائي، پنهنجو پٺو يا فوجي ڊڪٽيٽر ڪرسين تي آڻيندا آهن. اهڙا واقعا ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ تڪڙو تڪڙو ٿيندا رهن ٿا.

قرض ۽ امداد: سامراج اسرندڙ ملڪن ۾ پنهنجي مال ۽ هٿيارن ۽ صنعتي شين جي مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ قرض ۽ امداد ڏيندا آهن. ان تي وڏو وياج به وٺندا آهن. قرضي ملڪن کي قرض ڏيندڙن جي غلامي ڪرڻي پوندي آهي، ۽ کين امداد ۽ قرض ڏيندڙ سامراج جو محتاج ٿيڻو پوي ٿو. اها سياسي غلاميءَ جي نئين صورت آهي.

 واپار ۽ صنعت ۾ هڪ هٽي: سامراجين وٽ سائنس ٽيڪنالاجيءَ جو ڪمال به آهي ۽ بي شمار دولت پڻ.انهن جي زور تي هنن گهڻ- قومي ڪارپوريشنون (Multi-national Corporations) ٺاهي، انهن جي هٿ هيٺ وڏيون وڏيون صنعتون قائم ڪري ڇڏيون آهن، جي هوائي جهاز، جنگي هٿيار، دوائون، بجليءَ جو سامان ۽ ڳوريون مشينون ۽ ٻيون شيون جوڙي سڄي  دنيا ۾ پهچائڻ جو  ڪم ڪن ٿيون. انهن صنعتن ۾ ڇا ڪاڻ ته هنن کي هڪ هٽي حاصل آهي. ان ڪري انهن جي خريدار ملڪن کان قيمت به پنهنجي مرضيءَ موجب وٺن ۽ سياسي طرح هن تي  اثر انداز  به ٿين.

(27- 9-1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org