سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو :1

مٺ مٺ موتين جي

(هفتيوار”هدايت“ ۾ آيل مواد مان چونڊيل)

محمد ابراهيم جويو

 

پيار ڪڻا

***

هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته استاد محترم محمد ابراهيم جويي ڳالهين ڳالهين ۾ چيو ته منهنجي زندگيءَ جي هڪڙي حسرت اها به آهي ته هڪ اهڙي اخبار يا رسالو شروع ڪجي، جيڪو ”اٽو ۽ تهُه“ جدا ڪري عوام تائين پهچائي. ان کي اتفاق چئجي، جو لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ڪجهه اهل دل سرند دوستن خيال ظاهر ڪيو ته سنڌي عوام کي وڌيڪ پختو سياسي شعور ۽ سکيا ڏيڻ  لاءِ ڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪجي. هي دور هو ضيا شاهيءَ جو جڏهين ايم آر ڊيءَ جي جڏيءَ ۽ ڦڏيءِ هلچل جي رد عمل ۾ سنڌ جي وسين ۽ واسين، مال ۽ مڏين تي فضا ۾ ڳجهن جا لامارا  ۽ زمين تي مِرن جا وَڄَ وارو وار لايو ويٺا هئا. ۽ جڏهن زياده تر اخبارون ۽ رسالا ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن مڪمل طور انسان دشمن ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. ان وقت جو ذڪر هيءَ مثال ڏيئي ڪجي ته شايد حقيقت کي قريب ٿي وڃجي. سمجهو ته هڪ دهشتگرد هٿيارن جي زور تي زبردستيءَ گهر ۾ گهڙي آيو آهي. داخل ٿيڻ کان پوءِ هو گهر ڀاتين کي پنهنجي مدح  ۽ ساراهه لاءِ مجبور ٿو ڪري.  هو گهرڌڻيءَ ۽ ڌڃاڻيءَ  کي ڏهڪائي ماني ٿو طلب ڪري. ماني کائي ڍؤ ڪري، ٽِڪڻ جو ارادو ٿو ڏيکاري ۽ پوءَ سڄي رات گهر جي سڀني ڀاتين کي پنهنجي جنوني ۽ خوني ارادن سان خوفزده ٿو ڪري. بس اها هئي حالت سنڌ ۽ سنڌين جي.

سو اهڙي دور ۾ رسالو شروع ڪرڻ هو ته  نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهڻ برابر ۽ ان کان علاوه ڊڪليريشن وٺڻ، رسالي ڇپائڻ لاءِ پريس واري جو تعاون حاصل ڪرڻ ۽ رسالي کي وڪڻڻ  لاءِ ايجنٽن کي آماده ڪرڻ وغيره مشڪل مرحلا ۽ حل طلب مسئلا هئا،  پر نيٺ هڪڙي ڪامريڊ کي پڳڙي (Good will)ڏيئي، ڊڪليريشن اُڌارو ورتوسين. پريس واري صاحب وٽ پهتس. ماجرا بيان ڪيم. ٺڙ ٺپ جواب مليو ته” ڪا مون کي پنهنجي پريس بند ڪرائڻي آهي، جو توهان جو رسالو ڇپيان! جويي  صاحب ۽ تو مان هڪ جو نالو ئي پريس بند ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي، باقي جي ٻئي گڏ آهيو ته پريس سان گڏ مون کي به بند ڪرائيندا.“ پريس واري جي جواب کانپوءِ ڊڪليريشن واري به اسان کي سي. آءِ ڊيءَ جي نالي ۾ بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، ته ٻين پريس وارن لڪ ڇپ ۾ رسالي ڇپڻ جا معول کان وڌيڪ پئسا طلب ڪيا، ۽ ايجنٽن اضافي ڪميشن گهريُ. پر اسان جو فيصلو اهو هو ته رسالو نڪرندو. اڃا اهي مرحلا وڃي مس پار ڪياسين ته آءُ بيمار ٿي وڃي بستري ڀيڙو ٿيس. ۽ محترم جويو صاحب اڪيلي سر صبح شام هدايت رسالي جي اشاعت کي عبادت سمجهي سَهو ۽ قضا کان ان کي بچائيندو رهيو.

پوءِ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو، جو هڪ ڦل وارو پوليس عملدار در تي پهتو ۽ مون کي چيائين ته ”توکي  ميجر صاحب مارڪيٽ ٿاڻي تي گهرايو آهي ۽ هاڻي جوهاڻي مون سان گڏ هلو!“ ٻڌايو مانس  ته ”بيمار آهيان.“ جواب مليو ته ’سرڪار کي  توهان جي اگهائي سگهائيءَ سان ڪو به غرض ڪونهي. حڪم، حڪم آهي.“ رڙهي سڙهي ٿاڻي تي پهتس. هڪدم رعب سان نالو پڇيو ويو ۽ چيو ويو ته ”رسالو بند ڪر، نه ته رسالو ته ٺهيو تو کي به بند ڪنداسين“ جواب ۾ چيم ته ”علم ۽ قلم جا ويري ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن!“ گستاخيءَ تي تنبيهه ٿي ۽ اصلاح جي هدايت ڪئي ويئي. شايد مون جويي صاحب سان ان جو ذڪر نه ڪيو.

اڳ عرض ڪيم ته پريس ۽ ايجنٽن اسان کي زير بارڪرڻ جا ڪيترا حربا هلايا هئا، پر سڀ کان وڌيڪ  ڪرتب ايجنٽن ڏيکاريو، جڏهن هنن رسالي جي قيمت ڪاٽو ڪميشن مان هڪ رپيو به واپس نه ڪيو. پنڌ ڪري جُتيون گسي ويون، پر مجال آهي، جو ڪپتيا ڪوڙ کان بس ڪن! اسان جا وسيلا محدود هيا! سو ڪپتين جي سٽ جهلي نه سگهياسين ۽ رسالو بند ڪرڻو پيو. جيڪو ڪم ورديءَ وارا نه ڪري سگهيا. سو ڪپتين ايجنٽن ۽ لالچي پريس وارن ڪري ڏيکاريو.

رسالي جو بند ٿيڻ ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي، پر مون کي ان دور ۾ جويي صاحب کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو، اڀرندڙ ۽ اُسرندڙ اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن جي سندن تحريري، تحقيقي ۽ علمي صحتمند سرگرمين ۾ دلچسپي وٺي، همت افزائي ۽ رهنمائي ائين ڪرڻ جيئن والدين پنهنجي ٻارن جي ڪندا آهن، جويي صاحب جي  مِشن آهي. ڏات ۽ ڏاهپ جي ورکا ۽ ورهاست ڪرڻ ۾ استاد محترم کي خوشي ٿيندي آهي.

حالانڪ جويو صاحب پنهنجي سوچ، نظريي ۽ عقيدي جي حوالي سان تمام سخت گير آهي ۽ انهن ۾ لچڪ محال آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت، علمي ۽ تحقيقي ميدانن ۾ سندس رهنمائيءَ جا طلبگار، باوجود مختلف ۽ متضاد سوچن جي، ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا. جويو  صاحب پنهنجي علم ۽ قلم جي دولت سان ته مالا مال آهي، پر افسوس ته دوستن جي سلسلي ۾ غريب آهي، جن سندس ڄاڻ مان کنيو ۽ کسيو ضرور آهي پر نه موٽايو آهي نه مڃيو  آهي. پر استاد صاحب جي وسيع القلبي اها آهي ته سدائين يڪطرفي دوستي ملهائيندو ٿو اچي. ڪيڏو نه اعليٰ ظرف آهي اسان جو هي دانشور، ڪيترو نه شفاف شيشي وانگر  اندر جو اُجرو آهي، هي اسان جو استاد محترم. جذبات جي افراط ۾ ”موتين“ بدران وينجهار لاءِ لکي ويٺو آهيان. اِن لاءِ ”مُٺ مُٺ موتين جي“ پڙهندڙن کان معافي ضرور وٺندس پر افسوس نه ڪندس.

اخبارون ۽ رسالا قوم لاءِ روشني آڻيندڙ درين ۽ دروازن مثل آهن. اِهي قومي باغيچي وانگر آهن، جن ۾ طرح طرح جي ساوڪ ۽ خوشبوءِ،گل ۽ ڦل هوندا آهن، ۽ جيڪي  سچ جو نياپو آڻيندا آهن.  پر اهي خوبيون صرف مهذب ۽ منصف معاشري جون نشانيون آهن. ان جي برعڪس، جنهن معاشري ۾ ٻڪر ٻوساٽ، رياستي ڏهڪاءُ ۽ ڏاڍُ قانون جو لبادو ڍڪي معاشري جو تاڃي پيٽو تار تار ڪن، ته اتي ته اخبارون پهرئين ڌڪ ۾”ميان مٺو“ ٿي اُهو ئي ٻولين جيڪو سرڪار آکي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي رامجي وارن ٺڳن جي ٻيگهي متل هوندي آهي. اِهي سڀ گڏجي رياءَ جي رسم پوري ڪندا رهندا آهن، ڪوڙيون خبرون ۽ بيهودا تبصرا وقت ۽ پَنن جو ويڻاهه بڻبا آهن. صحافي سچ کي قيمتي شيءِ سمجهي لڪائي رکندا آهن ۽ ان جو استعمال ڪفايت سان ڪندا آهن؛ صحافت کي فائدي جو سودو، سَٽي جو ڇڪو، مصلحت ۽ مطلب جي حرفت سمجهندا آهن. پر ڪڏهين ڪڏهين ائين به ٿيندو آهي ته ’رڃ  مان مورن جي رڙ‘ ايندي رهندي  آهي.

’ماضيءَ جو مرسل‘ جنهن کي اسين تاريخ چئون ٿا، سا شاهدي ڏئي ٿي ته اڍائي هزار سال کن اڳ يونان جي شهر انٽينس ۾ تنهن زماني جو گامو سچار رهندو هو. سندس نالو  سقراط چون ٿا. هيءُ حق گو انسان پنهنجي محدود ماحول ۾ لا محدود ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام آدميت جي صداقت جي اذان، عوام خاص طرح نوجوانن ۾ بلند ڪندو رهندو هو. جيڪا ڳالهه  عِنانَ جي انا جي شريعت ۾ نه هئي. بس  پوءَ جبر، ڏمر ۽ قهر جا نيش ۽ ننهن سچ جي چَم ۽ ماس کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ لاءِ تکا ۽ تيز ڪيا ويا. سقراط ته زهر جو پيالو پي، جند ۽ جان جدا ۽  فدا ڪري ويو، پر هڪ طرف هو آزاديءَ جي اظهار ۽ سوچ جي اُڏام کي تاريخ ۾ دائمي مقام ڏيئي ويو، ته ٻئي طرف زهر ۽  پيالي کي رياستي دهشت جو نشان ڏيئي ويو، خدا ڄاڻي ته هي وقت جا حاڪم جتي ڪٿي عقل جا انڌا ۽ اونڌا ڇو هوندا آهن، جو ائين سمجهندا آهن ته ماڻهوءَ جو ساهه قبض ڪرڻ  سان سندس خيالن کي به قيد ڪري سگهبو. سقراط ته اڄ به زنده آهي، آباد آهي، آزاد آهي، پر بادشاهه ديماس ڪٿي آهي؟ اِها تاريخ آهي. ماضيءَ جو مرسل آهي، ۽ مرسل  ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن.

ها، البت اُهو ڏينهن ۽ اڄوڪو. نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، پرجا  ۽ راجا متصارم رخن ۽ روين جا راهي آهن. سو پاڪستان ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته روشن خيال مستَ ۽ ملنگ، مبلغ ۽ مصلح سقراط جي سنت تي هلندا ٿا رهن، ۽ راجا ۽ راڻيون به پنهنجي بدعت کان بس نٿا ڪن.

جڳ مشهور فيلسوف روسو جو قول آهي ته ”آزاديءَ تان هٿ کڻڻ انسانيت تان دست بردار ٿيڻ جي برابر آهي. راءِ جي آزادي کسڻ معنيٰ ماڻهوءَ جي عملن مان اخلاق کي نيڪالي ڏيڻ. آزادي ماڻهن ۽ قومن لاءِ  قدرت جو تاحيات تحفو آهي. اها فطرت جو مروج سڪو آهي، جيڪو جاري ۽ ساري رهڻ گهرجي.“

”مُٺ مُٺ موتين جي“ جناب جويي صاحب طرفان سقراط ۽ روسي جي شريعت لاءِ نذرانو آهي،

”هي پيار ڪڻا ٿورا به گهڻا،

ڪَئي پِني آ پورت مون لوڪو!“ (اياز)

 

حيدرآباد سنڌ

مئي2، 1992ع

 

جيئي سنڌ

پروفيسر عمر ميمڻ

 

پيش لفظ

انساني معاشرو (يا سماج) جيڪو مهذب نظام کان خاليِ آهي، ۽ جتي قانون جي حڪمراني ڪانهي، اُهو نِرا جِيت (Anarchy) جي حالت ۾ ورتل معاشرو هجي ٿو. اهڙي معاشري ۾ ڪو به قانون، سواءِ جهنگلي قانون (Law  of Jungle) جي ڪو نه ٿو هلي. اُن کي وڌ ۾ وڌ ته به  انساني درجي کان هيٺ وارو (Sub- human) معاشرو چئي سگهجي ٿو.

اڄ پنهنجي ملڪ ۾ جنهن معاشري ۾ رهڻ تي اسين مجبور  ڪيا ويا آهيون(ڇا ڪاڻ ته اسان جا حڪمران آپيشاههَ آهن ۽ پاڻ کي زور وارا، ۽ اسان  کي هيِڻو ۽ هِيچُ سمجهن ٿا)، اُهو، اِن ئي طرح جو، انساني درجي کان ڪِريل، نراجيت جي حالت ۾ ورتلُ، هڪ حيواني معاشرو آهي.

وحشي حيوانَ، زمين سان واڳيلَ يا پاڻيءَ ۾ رهندڙَ، پنهنجي جياپي لاءِ، نيِم- ڪُٽنبِي درجي تي بيٺل، رڳو هيڪاندي ڄم تي زور رکندي، ڪافي ڪجههِ وَلرن، ڌڻن ۽ ڪَنٽڪَن جي صورت ۾ ته رهن ٿا، پر مخالف يا مخالفن لاءِ،، مُنهان مُنهِن هجڻ طور، هَنن وٽ وري به پنهنجي (گهٽ يا وڌ) حيواني زور کان سواءِ ٻي ڪا صلاحيت يا ٻيو ڪو مهذب ۽ معقول دليل ڪو نه هوندو آهي.۽ ان ڪري سندن سڄي دنيا سڏبي ئي آهي ”نيش ۽ نُنهَن،“ (Tooth and nails ) واري دنيا، ”چُهنبن ۽ چَنبن، “ (Beak and Claws) واري دنيا!

اسان جي ئي هِن ملڪ ۾، عيسوي سَن کان سَت سئو کن ورهيه  اڳ هڪ  دَور جي اُهڙي هڪ سماج کي تاريخ ۾ ”مڇيائون سماج(Matsyanyaya) سڏيو ويو آهي- جتي، بنهه اسان جي اڄوڪي سماج وانگر، ڇڙواڳ مقابلي بازيءَ، (Unbridled Competition) جو هڪَ ئي ”جهنگلي قانون“ هلندڙ هو، ۽ زور وارا چند ماڻهو ۽ سندن جِوڙِيوالَ، خلق خدا جي عام اڪثريت کي، بنان ڪنهن جهلَ پلَ جي چَڪيندا، پٽيندا ۽  کائيندا رهندا هئا- تڏهوڪين لِکيتن ۾ آيل ٻوليءَ ۾: ”جتي وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائينديون ۽ ڳڙڪائينديون رهنديون هيون!“

نراجيت جي اها صورتحال هميشه وڏين مڇين لاءِ- وڏي پيٽ ۽ وڏيءِ طاقت وارن ”مانگر مڇن“ لاءِ- ساز گار رهي ٿي.هو سدائين اُن صورتحال کي پوري پنهنجي زور سان قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ رهندا آهن. ڪي به ماڻهپي جا قدر، ڪي به اُنهن جي بنياد تي اَڌاريل ادارا- سياست، مذهب يا تهذيب جي دائرن جا (اِلاهيات، روحانيات، اخلاق، عدل ۽ انصاف، ادب، فن، تعليم، ابلاغ وغيره جا)- سڀ سندن اوڙهيل پاکرون ۽ بهيس لِبيس هُنن جي اُن انسان دشمن ڪوشش جي آڏو رڪاوٽ بڻجي نه سگهندا آهن. هو پاڻ پنهنجي حيوانيت ۾ بيهوش بڻيا، اُنهن کي پنهنجن هٿن سان گهُٽيو ۽ ٻوساٽيو، موڙيو، مروڙيو، پنهنجن آپيشاهي مفادن لاءِ، رڳو پنهنجن هَٿين طور، استعمال ڪندا رهندا آهن. تان جو، اُن بي اصول، هر قدر کان خالي، ڇڙوواڳ، حاڪمشاهيءَ  جي نَرغي ۾ آيل صورتحال ۾، ڪا انساني شعورُ ۽ انسانيت جي درد رکندڙ، اهل ۽ اهل وفا مَهندارپ (Leadership) اُٿندي آهي، ۽ خلق خدا جي عام اڪثريت جي راءِ جي ترجمان هجڻ طر ۽ اُن جي اعتماد جي آڌار تي، طاقت جي انڌ ۾ ورتلن اُنهن ظالمن کي ائين ليڪا لتاڙيندي ڏسي، سرن پنهنجن تان آهو  کڻي، آڏو ايندي آهي. ۽ للڪاريندي چوندي آهي:

متا آهيو مَڇَ، ٿُلها ٿا ٿُوِنا هڻُو!
جيڪا ڀانيوَ  اڇَ ، تنهن پاڻيءَ پُنوَ ڏينهڙ!

انساني تاريخ ۾ انقلابن جون راهون هميشہ ائين کليون آهن، رت ۾ وهنتل انقلاب سدائين ائين آيا آهن-پهرين به اُهي اِئين آيا، ۽ اڳتي به اُهي ائين ايندا- ڪو مڃي نه مڃي. ڏاڍ ۽ ظلم قائم آهي، ته مظلوم ۽ محروم انسانَ پنهنجي آجپي لاءِ، ٻيو نه ته پنهنجين ’سراپائن‘ جون ئي مشعالون جلائي، پاڻ پنهنجو تماشو ڏسڻ لاءِ ئي سهي، وڌي ميدان تي ايندا آهن، ۽ انقلابُ جو اچڻو هوندو آهي، اُن جي سواگت ۾، ٻرندڙ شمعون بڻجي، قربانيءِ جو ناچ نچندا آهن ۽ پنهنجن امر شاعرن جا امر گيت ڳائيندا آهن.-

پُري  پتنگ آئيا، سِرِي سُهائي جَلَ،
ڪندا ڪنڌ اُڇلَ، مٿو ڏيندا مچ کي

 

پُري پتنگ آئيا، سِريِ سُهائي هيٺ،
ٿيندا  ڏيٺاريءَ ڏيٺ، مٿو ڏيندا مچُ کي،

 

چڙهيو چڪاسِن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وِهسن واڙيءَ ڦُلَ جئن، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻَ آڙاءِ، کِڻي کوري وچ ۾، (شاهه)

نراجيت جي حالت ۾ ورتل معاشري جي رياست کي فريڊرڪ نِٽشي ”بُتَ“ سڏيو آهي، بلڪ ”نئون بُتُ“- ڇو ته هڪ ته نراجيت جي موجودگيءَ ۾ رياستَ، ڪنهن به رياستَ، جو قانوناً ڪو جواز ڪو نه هوندو آهي، ۽ وڌيڪ هيءُ  ته اُها هڪ کان وڌيڪ معاشرن تي قابض هئڻ سبب پنهنجي جواز جي تلاش ۾ سڄي پنهنجي دائري تسلطَ ۾ نراجيت جي سرپرستي ڪرڻ تي مجبور هندي آهي. اِن ڪري نِٽشي اهڙيءَ رياست ۽ نراجيت کي لازم ملزوم قرار ڏنو آهي. اسان جو معاشرو اهڙي ئي نوع جي هڪ رياست جي ور چڙهيلُ آهي. اِنهيءَ ڪري اِن بابت نٽشي جو شهرهُ آفاق مقالو ”نئون بُت“ اسان لاءِ پڙهڻ، غور سان پڙهڻ، ۽ سمجهڻ تمام ضروري آهي- ۽ اُهو انهيءِ ڪري به، جو نٽشي اُن جي نه رڳو هڪڙي  ابلاغي اداري، ”اخبار“. کي اُن جي غليظ باطن جو ”پِت ۽ قيءَ“ سڏي ٿو، پر سموري اُن جي ابلاغي نظام کي، سڄيءَ اُن جي صحافت سميت، اُهو ڪوڙُ سڏيو آهي، جيڪو هڪ زهرناڪ بلا وانگر ”سرندو، اُن جي وات مان ٻاهر نڪري ٿو!“

 

”نئون بت“

”ڪٿي ڪنهن هنڌ اڃا قومون ۽ ماڻهو آهن، پر اسان وٽ نه آهن، منهنجا ڀائرو: هتي اسان وٽ رياستون آهن.

”رياستون؟ رياستون ڇا آهن؟  چڱو، هاڻي پنهنجا ڪن کولي، منهنجي ڳالهه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوهان کي هاڻي قومن جي موت متعلق پنهنجو فيصلو ٻڌايان ٿو.

”رياست نالو آهي بي حس راڪاسن مان هڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس جو.  هو ڪوڙ به بي حسيءَ سان ڳالهائي ٿو؛ ۽ اُهو ڪوڙُ سُرَندو اُن جي وات مان ٻاهر نڪري ٿو: مُان، رياست، قوم آهيان!“

”اِهو هڪ ڪوڙ آهي! تخليق ڪار هئا اُهي جن قومون تخليق ڪيون، ۽ انهن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون: ۽ ائين اُنهن زندگيءَ جي خدمت ڪئي.

”تباهڪار آهن هيِ، جيڪي گهڻن لاءِ ڄارَ پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي رياست سڏين ٿا: اُنهن جي مٿان  تلوار لٽڪائين ٿا ۽ آڏو سوين لالچون پکيڙين ٿا.

”جتي اڃا ماڻهو آهن، قومون آهن، اُتي رياست جي اِها معنيٰ ڪانهي، بلڪ نظريي وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي ٿي، ۽ اُن کي پنهنجن قانونن ۽ رواجن  خلاف گناهه سمجهيو وڃي ٿو.

”آءُ اوهان کي هڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: هر قوم پنهنجي ڀَلي جي ۽ بُري جي ٻولي ڳالهائي ٿي: اُها اُن جي پاڙيسري قوم نٿي سمجهي. اُن  پنهنجي ٻولي، پنهنجي لاءِ، پنهنجي قانونن ۽ رواجن ۾ رهي ايجاد ڪئي آهي.

” پر رياست ڀلي ۽ بُري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿي، ۽ جو ڪجهه به وٽس آهي سو چوريءَ جو مال آهي.

”اُن جي هر شيءَ کوٽي آهي، فريب آهي؛ چڪ هڻي ٿي، ته چوريءَ جي ڏندن سان، لِڪي خود  سندس پيٽ جا آنڊا به دوکي جا آهن.

”ڀلي ۽ بُري جي  ٻوليءَ ۾ مونجهارو‘؛ اِهو نڪتو آءُ اوهان کي رياستن جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ، اها نشاني موت جي خواهش ۽ موت جي ارادي جو دليل آهي! سچ پچ اِها نشاني موت جي مبلغن کي اڳتي وڌي اچڻ لاءِ سڏي ٿي.

”گهڻا، تمام  گهڻا، ماڻهو ڄمن ٿا؛ ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻهن لاءِ ئي رياست ايجاد ٿي.

”ڏسو، هيءَ انهن کي، گهڻن –تمام- گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽ لالچائي پنهنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِها اُنهن کي ڳرڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي!

”ڌُرتيءَ تي مون کان وڏي ٻيو ڪو به نه آهي: مان ئي آهيان، جيڪا خدا جي منظم آڱر آهيان‘ هيءٌ راڪاس ائين ٿو گجڪاري.۽ اُن جي گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاهه  نظر ۽ دراز گوش ماڻهو ئي سر بسجود ڪو نه ٿا ٿين!

”افسوس! اي عالي دماغو، خود اوهان جي ڪنن ۾ اِها پنهنجا ڪارا ڪوڙ ڀري ٿي! اِها اُهي وزني دليون به ڳولي هٿ ڪري ٿي،جيڪي اُن جي چائنٺ تي پنهنجي رضا خوشيءَ سان سڀ ڪجهه لُٽائي ڇڏين ٿيون.

”هائو، اِها اوهان کي به ڳولي  لهي ٿي، جن پُراڻي خدا کي جيتيو! اوهين، اُن معرڪي ۾ وڙهندي، ٿڪجي پيا، ۽ هاڻي اُها اوهان جي نستائي هِن نئين بُت کي ڪم اچي ٿي ۽ اوهين اُن جي ٻانهپ ۾ لڳي ويا آهيو! هيءُ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنهنجي چوڌاري گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئ ٿو! ۽  تمام گهڻيءَ نيڪ ضميرن جي اُس ۾ ويهي پاڻُ سيڪي ٿو- اطمينان سان هي سرد راڪاس!

”هر شيءَ. هيءُ نئون بت، اوهان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوهين اُن جي پوڄا ڪريو: ائين هيءُ اوهان جي نيڪيءَ جي رونق ۽ اوهان جي پُر وقار  اکين جي چمڪ اوهان کان خريدي ٿو.

”اهو اوهان جي وسيلي گهڻو- تمام  گهڻنِ کي ڀنڀلائي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو. اِهو هڪ جهنمي سَنجٽُ انهيءَ ريت اڏيو ويو اهي- هڪ موت جو گهوڙو، الاهي اعزازن جي وڄندڙ گُهنگهروئن سان جهنجهيل!

”هائو، عوام خلق لاءِ، گهڻن- تمام گهڻن لاءِ ائين نسورو هيءُ هڪ موت ايجاد ڪيو ويو آهي، پر پاڻ کي زندگي سڏي، اِهو پاڻ واکاڻي ٿو ۽ چؤڦير جس وٺي ٿو: تحقيق وڏي هڪ دعوت آهي، هيءَ موت جي مبلغن لاءِ!

”آءُ اِن کي اسٽيٽ (State)[ يعني مَسندُ، گادي] سڏيان ٿو، جتي، سڀيئي، ڀلا ۽ برا، زهر جو پيالو پيئن ٿا: جتي سڀيئي، ڀلا ۽ برا ، پاڻُ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل ”زندگي“ سڏجي ٿو.

ڏسو، هنن غير  ضروري، زائد ماڻهن کي ڏسو! هي ڏاهن جا خزانا ۽ ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنهنجي اُن چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا- ۽ هر شيءِ اُنهن جي هٿ ۾ بدلجي، محض بيماري ۽ بدبخنتي بڻجيو پوي.

”ڏس، هِن غير ضروري، زائد ماڻهن کي ڏسو! بيمار روح آهن، اِهي سدائين؛ پنهنجو پت قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي هو ’اخبار‘ سڏين ٿا. هڪ ٻين کي هو هڙپ ڪن ٿا، ۽ هڪ ٻين کي هو هضم به نٿا ڪري سگهن!

”ڏسو، هِن غير ضروري، زائد ماڻهن کي ڏسو! دولت هو حاصل ڪن ٿا؛ ۽  اُن سان هو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. هي بي- سنا طاقت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا- اُن کان به وڌ، هو طاقت جي ڪُنجيءَ  پٺيان- پئسي پٺيان- ڊوڙون پائين ٿا.

”اِنهن تيز باندرن کي مٿي چڙهندي ڏسو! هڪٻين کي لتاڙيندا، هڪٻين تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙهندا، سِڌا گپ ۽ ڪِن جي کَڏن ۾ ڪرندا  ٿا رهن.

”سڀيئي مَسند ڏانهن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل  آهن: ڇا نه ديوانگي آهي، اِنهن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مَسنَد تي هُنن لاءِ آتا ويٺا آهن!

پر مسَندَ تي، گهڻو ڪري، ته گند ئي ويٺل هجي ٿو- ۽گهڻو ڪري مَسند خود به گند تي ويٺل هوندي آهي!

”مرن کي اِهي سڀ پاڳل نظر ٿا اچن،  بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا ڏيکارجن- بيحد  بي صبر ۽ بدحواس. مون کي اِن سندن بت مان، انهيءَ  سرد راڪاس مان، بدبوءَ ٿي اچي: اِهي سڀيئي اِن جا پر ستار پاڻ به فقط بدبوءَ  ئي ڦهلائين ٿا.

”منهنجا ڀائرو، اوهين اِنهن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بک جي ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آهي ته بدبوءِ جي اِنهي چؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي، ٻاهر کليءَ هوا ۾ نڪري اچو!

”اِن بدبوءِ جي سڄيءَ پهچ کان ٻاهر نڪري اچو! آءُ  چوان ٿو ته، اِنهن غير  ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪن جي گنُدن جي پوڄا ڇڏي ڏيو!

”اِن بدبوءِ جي سڄيءَ پهچ کان ٻاهر نڪري  اچو! انساني ٻَلُين جي انهيءَ زهريلي دونهانٽ کا بچو ۽ نڪري ٻاهر ٿيو.

”اعليٰ دلين لاءِ پنهنجيءَ زمين  جون وسعتون اڃا به کليل آهن. تنها- دل توڙي ساٿي- دلين جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي پيا آهن، جتي سانتيڪن سمونڊن جون هٻڪار ڀريل هيرون گُهلي رهيون آهن.

”اعليٰ دلين لاءِ اڃا به زندگيءَ جا دڳ کليل آهن. سچ ته جنهن وٽ جيترو  گهٽ اوترو وڌ اُهو آزاد، جيترو ڪو گهٽ قابض اوترو گهٽ اُهو مقبوض: مبارڪ آهي وچٿري غريبي!

”جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جي وجود جي ابتدا ٿئي ٿي، جو زائد نه آهي، غير ضروري نه آهي. اُتان ئي ضروري انسانن جو، اصلي انسانن جو، گيتُ شروع ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو!

”منهجا ڀائرو، اُتي، اُن هنڌ تي نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي  ٿي! اوهان کي اِنڊلٺ جا رنگ ۽ فوق البشر، آزاد انسانن، جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“-

اَسِيءَ جي ڏهاڪي تائين ايندي ايندي، ڪن دوستن جي اندازي مطابق اِئين پئي ڏٺو ويو، ته  اسان جي تاريخي قوم، اسان جو اشراف پُر امن معاشرو، اسان وٽ نٽشي جي اُن ”نئين بُت“-اُن بي حس راڪاسن مان هڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس، جيڪو ڪوڙ به بي حسيءَ سان ڳالهائي ٿو“- جي زهريلي نيشن جي پهچ تائين رَسي ويو  هو يا رسڻ وارو هو. پوءِ اُنهن اِهو ارادو ڪيو ته پنهنجي قومي وجود جي بچاءَ لاءِ اسان جي باخبر ۽ ڄاڻو حلقن- باشعور اديبن، استادن، صحافين، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين حساس ۽ دردمند حلقن جي هٿان جيڪي گهڻ- طرفيون ڪوششون رهيون آهن، اُنهن ۾ وڌيڪ هڪ ننڍيءَ ۽ نماڻيءَ ڪوشش جو به اضافو ڪيو وڃي.۽ اهڙيءَ طرح، جون 1984ع جي 21 تاريخ تي، هفتيوار ”هدايت“ کي جاري ڪيو ويو، اُن جي اشاعت پوءِ نومبر 29، 1984ع تائين هلي سگهي، ۽ پوءِ ڪافي  ڪن اڻٽر ۽ حل ٿي نه سگهندڙ مجبورين سبب ان کي بند ٿيڻُو پيو،

هيءُ اسان جي لائق پڙهندڙن جي خدمت ۾ اُن هفتيوار ”هدايت“ جي پنجن مهينن جي لاڳيتيءَ اشاعت ۾ آيل مواد جي چونڊ لِکييتُن جو هڪ نذرانو آهي، جيڪو پيش ٿي رهيو آهي.

هن چونڊَ مواد ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون ضرور آهن، جيڪي بار بار پڙهڻ ۽ سوچڻ جهڙيون آهن. اسان جي مظلوم ۽ محروم قوم جي غلاميءَ ۽ بيچارگيءَ جي حالت تحقيق ويرون وير وڌ آهي. عين ممڪن آهي ته قومي نجات جي چند ڳالهين جي هِن مجموعي ۾، جنهن کي وڏيءَ سڪ ۽ دل جي پاٻوهه سان ”مٺ مُٺ موتين جي“ نالو ڏنو ويو آهي، ڪا هڪ ڳالهه اهڙي هجي، جا اسان جي ڪنهن هڪ ئي مهربان پڙهندڙ کي ايترو  ڪجهه متاثر ڪري، جو هو پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ نٽشي جي تصور وارو ’فوق البشر‘ ثابت ٿئي! تحقيق اسان کي اڄ ڪنهن اهڙي، ڪن اهڙن، فوق البشر (يعني ماڻهوءَ کان ڪجهه مٿڀرو)، آزاد مردن جي، ۽ اهڙيءَ ئي هڪ فوق البشر، آزاد ۽ غيرتمند قومي مهندارپ جي ضرورت آهي، جيڪا قوم سان ساڻ رهي،  قوم کي ساڻ وٺي اڳتي وڌي، ۽ قوم جي پُقر جنم (حيات نؤ) جي ضمانت بڻجي سگهي. تحقيق اسان مان هر هڪ کي اڄ پنهنجي قومي شاعر شيخ اياز جي امر لفظن ۾ جيڪي اسان لاءِ اسان جي تقدير جي چتاءَ جا ئي لفظ آهن، اٿندي ويهندي سُتي جاڳندي، ائين ئي سوچڻو آهي ته پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ پاڻ کي ڪجهه ڪرڻو آهي. يا مرڻو آهي- ڇو ته

هيءُ جو منهنجو مچ آ
اڄ جي اُجهاڻو
صديون رهندو سيءَ ۾
گهرَ گهرَ گهراڻُ! (اياز)

متان ائين ٿئي، جو وقتَ وئي: پڇتاءَ ۾، اسان مان ڪنهن کي ائين پاڻ کي  ملامت ڪرڻي پوي.

ڪِجي جئن ڪيچين لئه تئن تاڪين ڪيوءَ
وڃائي وڌوءَ، وک نه کنيئه هڪڙي! (شاهه)

محمد ابراهيم جويو

حيدرآباد

2005-5-1

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org