سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 13

 

 

انسانيت جي وڏي دشمن طبقاتيت

(نور محمد سنڌي)

اڄ تائين جيڪي به قديم آثار ۽ تاريخي ڪتاب دنيا جي آڏو موجود آهن. اُنهن  سڀني مان اِهو ثابت ٿيو آهي ته هن دنيا ۾ جيڪي قومون علم، هنر، قربانيءَ ٻڌيءَ، جرئت ۽ مردانگيءَ، محنت ۽ جدوجهد جهڙن اعليٰ عملن سان سينگاريل هيون، فقط اُنهن  ئي عزت ۽ آزاديءَ سان حڪمراني ڪئي هئي. ۽ جڏهن اُنهن اهي اعليٰ گڻ ڇڏي. غفلت ۽ سستيءَ ۾ رهڻ پسند ڪيو ته جهٽ تباهه ٿي، هن دنيا مان مٽجي ويون. اڄ به ڪنهن عزت، آزاديءَ ۽ حڪمرانيءَ واري اوج ماڻڻ لاءِ اُهي ئي ساڳيا فطري ماڻ مقرر آهن. تاريخ ۾ جاءِ به فقط اهڙين ئي با عمل قومن کي ملندي آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جون به ڪيئي اهڙيون وصفون تاريخ ۾ بيان ٿيل آهن. پر اڄ فخر سان وڏو  زور اِن ڳالهه تي ڏنو ويندو آهي ته سنڌي نرم دل، امن پسند، سادا، سٻاجها، ۽ وڏا مهمنانواز آهن. اُن سان گڏ سنڌ جي ”شاهه“ بابت به اِهو ئي مشهور ڪيو ويو آهي ته شاهه اُمي ۽ صوفي شاعر هو. سرحد جي هڪ صوفي عبداللطيف بريءَ جي شبيهه کي نظر ۾ رکي، سنڌ جي شاهه جي شبيهه مبارڪ به اهڙي ئي سامهون رکي وڃي ٿي ته سندن مٿو ۽ پير گهاڙا ۽ هٿ ۾ تسبيح آهي. اسان جهڙو عامي انسان اِن مان جي ڌڙڪ چئي سگهي ٿو ته سنڌ جو شاهه دنيا ترڪ ڪري، انسانيت کي ’تپسيا‘ ڏانهن مائل ڪري رهيو آهي. ۽ خاص طرح سنڌين کي سڀ ٻيا لاڳاپا لاهي، دنيا ترڪ ڪري، باقي سڀ پنهنجا رهيل کهيل گذران جا وسيلا به ٻين جي هٿن ۾ ڏيئي، بت تي ڪفني ۽ هٿ ۾ ڪشتو کڻي، وڃي ڪٿي بکن، ڏکن ۽ سورن ۾ گذارڻ کپي، ته جيئن سندن آخرت موچاري ٿئي! هاڻي سوال آهي ته ڇا،سچ پچ ڪنهن قوم جي عظمت ۽ اوج جون اِهي وصفون به ٿي سگهن ٿيون؟ ڇا، سنڌ جي شاهه جنهن سنڌ کي قيامت تائين زندهه ڪري ڇڏيو هو، اُمي (اڻ پڙهيل) ۽ ويراڳي فقير هو؟ اِن لاءِ الائي ته ٻيا ڪهڙا جواب ڏنا وڃن، پر علمي ۽ فطري جواب اِهو ئي آهي ته ”نه هر گز نه!“ اِن جي تصديق لاءِ ته خود شاهه جو رسالو شاهد آهي. اُن ۾ شاهه جهڙيءَ ريت فطري  قانونن جي روشنيءَ ۾، نهايت راز ئي راز ۾، غريب، ڪمزور، ڏتڙيل ۽ غلام انسانيت  کي پٽ تان کڻي عرش تائين رسائڻ لاءِ سليس ۽ آسان فلسفو پيش ڪيو آهي، اُهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اُن جو مثال دنيا ۾ ڪونهي.هت ٻن لفظن ۾ ايترو ئي چوڻ کوڙ آهي ته

چيست قرآن، خواجه را پيغام مرگ! (اقبال)

(قرآن ڇا آهي؟ جواب آهي ته سامراجين، آپيشاهن، ڊڪٽيٽرن ۽ رول ڦورن جي لاءِ موت جو پروانو.) شاهه جي رسالي جي به اِها ئي تشريح آهي. تصديق لاءِ بلاشڪ هڪ دفعو وري شاهه جو رسالو پڙهي ڏسو. شرط فقط اِهو آهي  ته پيٽ ۾ آمريڪي رزق ۽ اکين تي سامراج سرڪار جي عينڪ چڙهيل نه هجي،

تاريخ ۾ اِهو ثابت آهي ته دنيا ۾ نرم دلي ۽ امن، ڀائيچاري ۽ مهمان نوازيءَ واريون صفتون، جيڪي تمام سٺا، اضافي گڻ آهن، اُهي به فقط باعظمت ۽ آزاد قومن جي فردن ۾ پيدا ٿيندا، ته اُنهن کي سونهندا. باقي غلام قومن مان ته سڀ زنده رهڻ جون خوبيون موڪلائي وڃن ٿيون. ۽ اِهي نرم دليءَ وغيره جا گڻ ڪي اهڙيون وٿون به نه آهن، جي قومن کي ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ڪم اچن يا ڪا مدد ڪن. جڏهن به ڪنهن اشراف، امن پسند ۽ مهمان نواز قوم جي مٿان ڪا ٿورو ڌاري قوم اچي ڪڙڪندي آهي، ته اُهي ئي امن، شرافت، فرمائيءَ، ڀائيچاري ۽ مهمان نوازيءَ وارا گڻ، سواءِ روئڻ، سڏڪن ڀرڻ ۽ اکين ڇنبڻ جي ٻيو اُن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن، اِها به ثابت تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن به ڪا قوم پنهنجن بد عملن جي ڪري غلام بنجي ويندي آهي، ته اُن جا فرد پاڻ ’لڪائڻ ۽ اسان رزق حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، فطرتي قانونن کي پٺ ڏيئي، رحم ۽ خيرات لاءِ خالي هٿ ڊگها ڪري، مسڪين ۽ اشراف بنجي ويندا آهن، ته جيئن سولو رزق به حاصل ڪن، ۽ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي، پنهنجي بزدل ضمير کي ڀنڀلائي ۽ مطمئن ڪري سگهن. در اصل هر مذهب  ۾ غلاميءَ واري زندگي گذارڻ هڪ گناهه ڪبيرو ليکجي ٿو ۽ اُها ڪنهن ماڻهپي واري ڳالهه ئي ڪانهي. اسلام ۾ ته اِن قسم  جي قومي فقيريءَ ۽ درويشيءَ جو ڪو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي.

اڄ علم ۽ سائنس جي ترقيءَ سبب سڀ راز پڌرا ٿي چڪا آهن. ڪا به ڳالهه لڪل ڪانهي. دنيا جون سڀ قومون پنهنجي قومي آزاديءَ ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، سنڌي قوم به فطري طور اِن ڪشمڪشا ۾ شامل آهي. پر ماضيءَ جي غير ۽ مڪار انسانن جي ڪاررواين ۽ حال جي طبقاتي طرز جي بانيڪار دولت پرست سامراجين جي وڏي پروپيگنڊا سبب اصل حقيقت ۽ سچ جي مٿان ايڏي ته لَٽُ چڙهي ويئي آهي، جو محنتن  ۽ سخت ڪوششن ڪرڻ جي باوجود به اڃا حق ۽ سچ جي نورانيءَ پيشانيءَ کي سڃاڻڻ اسان ماڻهن لاءِ ڏکيو ٿي پيو آهي.

سنڌ جو شاهه شاعر فطرت ۽ انسانيت جو وڏو محسن آهي. هن دکي انسانيت جي هر دک درد جو علاج فطري قانون جي پائبندي ڪرڻ ڏسيو آهي، ۽ اِهو ئي يڪٽڪ علاج آهي. هن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه موجود آهي، اُن سڀ جي بقا ۽ قائم رهڻ جو مدار فطري قانونن تي عمل ڪرڻ تي آهي. سڀ بي جان مخلوق، نباتات، حيوانات ۽ انسان ۽ انساني قومون اُنهن ئي فطري قانونن پٽاندر عمل ڪري جيئنديون آهن ۽ اوج تي رسنديون آهن، ۽ اُنهن جي اورانگهڻ سان تباهه ٿي وينديون آهن. اِهو اِن ڪري، جو هيءَ دنيا حسين  ۽ سهڻي آهي، ۽ اُن جو خلقيندڙ به حسين ۽ سهڻو آهي، جنهن کي حسن ۽ سونهن پسند آهي. تنهن ڪري هِن حسين ۽ سهڻيءَ دنيا ۾ بديءَ ۽ ڪوڙ لاءِ ڪا به جاءِ ڪانهي.هت فقط حسن ۽ سونهن لاءِ جاءِ آهي. حسن ۽ سونهن مان مراد آهي حق ۽ سچ، ۽ بديءَ ۽ بڇڙائيءَ مان مراد آهي ڪوڙ ۽ بد عمل، جن وسيلي بڇڙائي پکڙجندي آهي، جنهن جي مِٽائڻ لاءِ نيڪ انسان اُٿي پوندا آهن. ارتقا به هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هن دنيا کي سونهن ۽ سوڀيا عطا ڪندو آهي، هن دنيا ۾ حڪومت به فطري قانون جي آهي. فطري  قانون جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ آهي”عمل ۽ اُن جو عيوض يا بلو،“ اِن قانون موجب ذرو به زيان ڪو نه ٿيندو آهي. هر سٺي يا بري عمل جو، پوءِ توڙي جو اُهو ڪيڏو به ننڍو ئي ڇونه هجي، نتيجو ضرور ڀوڳڻو پوندو آهي. بقا به فقط فطري قانون ۾ آهي. باقي ٻيا سڀ مصنوعي ۽ فطرت دشمن قانون، قاعدا ۽ نظريا، غلط، بي بنياد ۽ ستمگريءَ جا هٿيا ئي هوندا آهن. ها، باقي ائين ضرور آهي، جو مصنوعي قانونن وانگر فطري قانونن جي جزا ۽ سزا جا فيصلا ترت آڏو ڪو نه ايندا آهن، جنهن مان غافل، ڦورو ۽ مفت خور ماڻهو سمجهندا آهن ته هو جيڪي ڪجهه ڪن ٿا اُهو سڀ سٺو ڪري رهيا آهن، ۽ کين سڀ مباح آهي. کانئن ڪو به حساب ڪتاب وٺڻ وارو آهي ئي ڪو نه! سنڌ جي شاهه اهڙي غافل ۽ ظالم ذهن ماڻهن بابت اجهو هيئن ٿو فرمائي:

متا آهيو مڇ، ٿلها ٿا ٿونا هڻو،

آن جا ڀانئي آڇ، تنهن پاڻيءَ پُنوَ ڏينهڙا!

ٻين کان ڦري کائڻ جي عادت انسانن ۾ نهايت پراڻي آهي. ڪافي زماني کان وٺي ڏاڍن پنهنجي گذران جو بنياد پنهنجي هم جنس هيڻن کي مارڻ ۽ اُنهن کان ڦري کائڻ تي رکيو آهي. اِئين ڪافي ڪنهن پراڻي دور ۾ اِها ڏاڍن ۽ هيڻن جي طبقاتيت ايجاد ٿي. دنيا جون سڀ بڇڙايون اِن ئي طبقاتيت مان پيدا ٿيون آهن ۽ ٿينديون آهن. ڪنهن ذلت ۽ زواليت ڏانهن وڌندڙ قومن جي جنهن خاص خصوصيت جو ذڪر سڀني مذهبن ڪيو آهي ته اُها به اِهائي طبقاتيت آهي. سڀ نبي، پيغمبر ۽ ٻيا ڀلارا انسان به ان ئي طبقاتيت کي مٽائڻ لاءِ هن دنيا ۾ آيا هئا.

طبقاتيت جي معنيٰ آهي، ڪنهن انساني قوم جا گروهه، قوم جي اندر اِهو طبقاتي تفاوت اميرن ۽ غريبن جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ اڳتي هلي اهڙي ته ڪراهت جهڙي صورت اختيار ڪندو آهي، جو اُنهن ٻنهي طبقن جي زندگيءَ جي سڀني خانن ۾ ڪا به هڪ جهڙائي  ۽ مشابهت ئي  ڪانه رهندي آهي، غريبن جي ڀيٽ ۾ شاهوڪارن جي رهڻي ڪرڻي، اٿڻي ويهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کائڻ پيئڻ، تهذيب تمدن، علم ۽ ادب، غورفڪر، سوچ ۽ سمجهه، تاريخ ۽ تصنيف ، تقرير ۽ تحرير جو نمونو ئي نرالو هوندو آهي. مطلب ته ڪنهن به زندگيءَ جي خاني ۾ شاهوڪارن جي غريبن سان ڪا به هڪ جهڙائي ڪا نه هوندي آهي نيٺ اُهي شاهوڪار پراون جي پٺڀرائي ۽ پوئلڳي ڪندي به ڪو حياءُ ڪو نه ڪندا آهن. گڏيل تعمير، ترقيءَ ۽ قومي ڀلائيءَ جي ته معنيٰ ئي هنن کي سمجهه ۾ ڪا نه ايندي آهي. دولت جي پوڄا ۽ عيش عشرتون ڪندي، هي اهڙا ته خر دماغ بنجي ويندا آهن، جو ڪنهن انساني خدمت جو ته خير، ته ڪنهن غريب جي ڪا ڳالهه به ٻڌڻ پسند ڪو نه  ڪندا آهن. پاڻ انسان هوندي غريب انسانن کان نفرت ڪندا آهن. دولت جي زور تي قوم جا اڳواڻ بنجي، پوءِ به عام غريب خلق جي جذبن، احساسن ۽ افڪارن کان بلڪل لاپرواهه ٿي ويندا آهن. مورڳو پاڻ کي وڏو عالم ۽ مفڪر سمجهي، نهايت عياريءَ سان پنهنجي اقتدار ۽ دولت جي بچاءَ لاءِ اجايا ڪوڙا خيال، بي بقا قصا ۽ غير فطري نظريا پيش ڪندا آهن، ۽ عام غريبن کي ڏکن سورن، ناانصافين، ظلمن ۽ تڪليفن ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه ڏيندا آهن. جڏهن حالت اهڙي ٿي وڃي، ۽ ڪا به ڳالهه نه ٻڌي وڃي، ۽ غريبن جو  ڪو به داد فرياد نه ٿئي، ماڻهن جي  اميرن حاڪمن سان زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ نقطي تي ميلاپ جي ڪا صورت ئي نه رهي، ۽ زردار ۽ ظاهر پرست، انسان- دشمن ۽ نفس جا پوڄاري قومي وسيلن جي اڪثر حصي تي قبضو ڪري وڃن، ته پوءِ صاف سمجهڻ گهرجي ته هاڻي اُنهن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ ڪا گهڻي دير به ڪانهي.

سڀني آسماني ڪتابن ۽ تاريخ مان به اِهو ثابت آهي ته سچائيءَ جو انڪار ڪندڙ به فقط اِهو ئي شاهوڪار طبقو هو. انسانن کان نفرت، خدا جي آيتن جو انڪار، رسولن ۽ پيغمبرن سان سرڪشيءَ ۽ قانون فطرت سان بغاوت ڪرڻ جهڙا سڀ بڇڙا  ڪم فقط اُن هڪ ئي طبقي يعني بادشاهن، اميرن، جاگيردارن ۽ سردارن ڏانهن منسوب ڪيا ويا آهن. حضرت نوح جو به قوم جي سردارن سان تڪرار هو، ۽ حضرت موسيٰ جو به فقط فرعون  ۽ هن جي سردارن سان جهيڙو هو. عام ماڻهن جو اِن سان ڪو به تعلق ڪو نه آهي، حد ته اها آهي، جو اُن دور جا شاهوڪار غريبن کي مورڳو ذليل سمجهندا هئا. ۽ اڄ به هن سڌريل دور ۾ ظالمن جي اُها پراڻي طبقاتي سُنت جاري آهي. هر دور ۾ اهو غريب ۽ امير جو تفاوت ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود ئي رهيو آهي. ڏک فقط اِهو آهي ته جيئن جيئن علم ۽ تهذيب جي روشني وڌي ۽ پکڙجندي رهي، تيئن تيئن اِها بڇڙائي وڌندي ئي  رهي ۽ گهٽي اصل نه!

اڄ دنيا جي هڪ وڏي طاقت يعني آمريڪا ۽ اُن جا دوست ملڪ ان طبقاتيت جا خاص محافظ آهن. جهڙي ريت هن طبقاتيت جي نهايت کليءَ ريت مدد ۽ عام غريب انسانيت سان دشمنيءَ جا گر دنيا جي آڏو پيش ڪيا آهن،اُن جو مثال ماضيءَ جي تاريخ ۾ ڪو نه ٿو ملي. گذريل 1914ع ۽ 1940ع ۾ لڳل ٻه مهاڀاري جنگيون به اِن لاءِ ثابتي آهن. اُهي ٻه موتمار جنگيون فقط اِن لاءِ جوٽيون ويون،  جو سڄي يورپ ۽ آمريڪا جي  سامراجين جون ننڊون ’ميڊ- اِن – جرمنيء‘ (Mad in Germany) جي ڀوت حرام ڪري ڇڏيون هيون. ڇو ته سامراجي ڦرلٽ مان ڪجهه حصو ان ڀوت کي به گهربو هو.

اڄ پڻ آمريڪا ۽ سندس مغربي دنيا جي سامراج ساٿيارن کي ڪميونسٽن جو خوف ويڙهي ويو آهي. ان خوف ۾ هو، خاص طرح آمريڪا، ايترا ته ڊنل آهن، جو ننڊ ۾ به پيا ڏڪن، پوءِ توڙي جو آمريڪا ۾ ڪميونسٽن جو ڪو گهڻو نالو نشان به ڪو نه هو، هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن خاص آمريڪا ۾ ڪميونسٽ پڻ آهن، ئي ڪو نه، ۽ خود اِها پاڻ به هڪ وڏي جنگي طاقت آهي ۽ روس سان به سڌيءَ طرح اُن جو ڪو فوجي ٽڪر  ڪو نه آهي، ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ آمريڪن جون ننڊون ڇو ڦٽي ويون آهن؟ اِن جو جواب ڪميونزم خواهه روسي طرز عمل يا طاقت جي روشنيءَ ۾  ڪو نه ڏيئي  سگهبو. اِن ڪر جو خوف جو اصل مهدر قومن ۽  فردن جي پنهنجي ڪنهن ذاتي بد عمل ۽ اُن مان پيدا ٿيل گناهه جي احساس ۾ لڪل هوندو آهي. هڪ اهڙي قوم ۽ اُن جي سر زمين جنهن جي اٿاهه دولت ۽ بي انداز جنگي طاقت جي آڏو ڪا به ٻي جنگي طاقت ڪجهه نه هجي، ۽ پوءِ به اُن ملڪ جي رهاڪن کي ايڏو خوف ويڙهي وڃي، ته پوءِ اُن حالت ۾ اُن جو سبب ڪن ٻاهرين حالتن ۾ نه، بلڪه اُن جي اندروني نظام جي خرابين ۾ ڳولڻ گهرجي. حقيقت ۾ آمريڪي جمهوريت آزاديءَ ۽ انسان دوستيءَ واري اُها ڪا جنت ڪا نه آهي جنهن جو نقشو آمريڪي ليڊر پنهنجين تقريرن ۾ ۽ مصنف پنهنجن ڪتابن ۾ پيش ڪندا آهن. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته آمريڪا جي غريبن ۽ وچولي طبقن کي ڪافي ڪنهن حد تائين روزگار جا وسيلا ميسر هئا، پر اُهي اهڙا نه هئا، جو هو به ڪا گهڙي اُتان جي سچن پچن شاهوڪارن ۽ هوند وارن جهڙا مزا  ماڻين. اُتان جا امير نهايت  امير هئا. هنن کي دنيا جون سڀ راحتون حاصل هيون، پر ساڳيا هي سڀ امير ۽ دولتمند روحاني سڪون ۽ اطمينان کان محروم هئا. هنن کي اِهو پڪو يقين هوته هنن اُها پنهنجا اٿاهه دولت ڪنهن حلال ۽ جائز طريقي سان حاصل نه ڪئي آهي، پر پنهنجن پورهيتن جي پورهئي ۽ غريب دنيا جي ملڪن کي ڦري لٽي گڏ ڪئي آهي. تنهن ڪري هنن کي هر وقت اِهو ئي اڻ ڏٺو خوف هوندو آهي ته متان اُها محروم دنيا آمريڪي عوام سان گڏجي، آمريڪي اميرن جي جمهوريت جو تختو اونڌو ڪري، سندن لاههَ نه ڪڍي ڇڏي.

اِهو به ثابت آهي ته  خود ڪميونزم جو پيدا ٿيڻ به انهن ئي عالمي شاهوڪارن ۽ سامراجين جو ڪارنامو هو . 1870ع تائين هنن دنيا کي ڦري اهڙو فقير بنائي ڇڏيو هو، جو غريب انسان لاءِ سڪل مانيءَ جو ڀور حاصل ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هوندو هو. ڪميونزم فقط اهڙيءَ ڪنهن  سر زمين تي ڦَٽيءَ  پيدا ٿي پنهنجا پير پختا ڪندو آهي، جتي ظالم، ڏاڍ، مالي ۽ معاشي بدحالي ۽ ناانصافي هجي ۽ انساني شرف ۽ عزت جو ڪوبه قدر نه ڪيو وڃي، اُن لاءِ ڪنهن ٻاهرينءَ دست اندازيءَ يا ڪنهن مدد جي به ڪا ضرورت ڪا نه ٿيندي  آهي. ڇو ته اِها هر ڪنهن کي خبر آهي ته عام مظلوم خلق، جي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ ٻڌي ڪري، ڪمر ڪشي بيهي، ته پوءِ ڪا به دنيا جي وڏي کان وڏي طاقت به مٿن فتح حاصل  ڪا نه ڪري سگهندي آهي.وڏن وڏن بادشاهن، ڊڪٽيٽرن ۽ آپيشاهن جون مضبوط کان مضبوط قائم ڪيل حڪومتون به واريءَ جي ڪوٽن وانگر ڊهي پٽ ٿي وينديون آهن. اِن ڪري جو دنيا ۾ وڏي طاقت ٻڌي آهي.دنيا جي ڪا به طاقت عام خلق جي ٻڌيءَ واريءَ طاقت تي غالب ڪا نه پئجي سگهندي آهي، اِهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ سندس دوست سڀ سامراجي گذريل اڌ صديءَ کان وٺي اڄ تائين سڌيءَ طرح پاڻ ڪڏهن به ڪا فتح حاصل نه ڪري سگهيا آهن. آمريڪا نهايت خوفناڪ هٿيارن سان غريب انسانيت سان جنگيون ڪيون، ڪيئي کرب ڊالر خرچ ڪيا، نهايت موتمار هٿيار ڪم آڻي لکين انسان قتل ڪيا، پر معجزو  ته ڏسو جو  اهڙين وحشي، اخلاق سوز ۽ انسانيت دشمن ڪاررواين ڪرڻ جي باوجود به غريب ۽ غلام قومون جيئن پوءِ تيئن دنيا ۾ آزاد ٿينديون ئي رهن ٿيون، ۽ ملڪن جي اندر غريب طبقو امير طبقي جي دٻاءَ کان آجو ٿيندو ئي رهي ٿو.  سڀ سامراجي هاڻي اهڙا ته مڇرجي پيا آهن، جو ڪيئي هزار ائٽم بم تيار ڪيا اٿن. سمنڊ، زمين ۽ خلا ۾ ائٽمي هٿيار گڏ ڪري اصل انسايت ئي تباهه ڪرڻ لاءِ  هي سنبريا آهن! پر دير اِن لاءِ ڪئي اٿن، جو کين ائين ڪرڻ سان پنهنجو موت به صاف نظر اچي  ٿو، طاقت ۽ دولت جي زور تي غريب انسانن کي دٻائڻ ۽ فنا ڪرڻ لاءِ، هنن اڪثر ملڪن ۾ پنهنجا هٿ ٺوڪيا بادشاهه، ڊڪٽيٽر ۽ فوجي آمر حڪمران بنائي، اهڙو ته اُنهن کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو آهي، جو اُنهن ظالمن هنن کي ئي وڌ اخلاق، اشرافت ۽ مذهب ۽ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي، پنهنجي خوفناڪ طاقت سان ماڻهن جا وات بند ڪري، اهڙيون ته ناانصافيون ۽ ظلم ۽ ستم واريون ڪارروايون مظلوم اُنسانيت خلاف شروع ڪري ڇڏيون آهن، جو اشرافت ۽ انسانيت شرم کان منهن لڪائي وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي آهي! پر اُن  هوندي به هنن جا اندر کاڌل آهن، هنن کي دلي سڪون اصل به حاصل ڪونهي. هنن کي پنهنجي تباهي ۽  بربادي صاف نظر اچي رهي آهي.

هاڻي سوال آهي ته آخر اِئين ڇو ٿي رهيو آهي؟ جواب آهي ته آمريڪا ۽ هن جا دوست ۽ مددگار اِهو سڀ ڪجهه انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو نه ڪري رهيا آهن، جو کين فطري  قانونن پٽاندر، ڪا ڪاميابي، فتح يا ڪا ناموري حاصل ٿئي، سندن ڪارروايون ته فطرت جي منشا جي ئي خلاف آهن ۽ هو ڪَنڊَا پوکي ڪَنڊَا ئي لڻي رهيا آهن. جي هنن جي دلين ۾ ڪو ٿورڙو به رحم هجي  ها، ۽ هي در اصل انسانيت جو ڀلو گهرندڙ هجن ها، ۽ سچ پچ ڪميونزم جي ئي پاڙ پٽڻ جو هنن  کي خيال هجي ها، ته اهڙين يهودين انسان دشمنيءَ وارين ڪاررواين ڪرڻ جو ڪو به ضرورت ڪو نه هو. ۽ نه ئي اُن لاءِ کين کربين ڊالرن جي خرچ ڪرڻ جي ڪا ضروررت هئي. فقط هيل تائين خرچ ڪيل اُن قارون جيتريءَ دولت جو، جي فقط چوٿون حصو به دنيا جي پٺتي پيل ملڪن جي غريب انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪن ها،ته اُن جو نتيجو کين اُهو نه ملي ها، جيڪو اڄ کين ملي رهيو آهي. جي اهڙن غريب ملڪن ۾ تعليم، ترقيءَ ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ اسڪول، ڪاليج، ڪارخانا، ۽ زرعي  ترقيءَ لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن ها، ته اُن ملڪ جا غريب، علم، رزق ۽ روزگار حاصل ڪري، ڪميونزم خواهه  اهڙين ٻين ڳالهين کان بي نياز ٿي وڃن ها. اِهو ڪو اهڙو ڏکيو مسئلو نه هو، جو اصل ڪنهن جي سمجهه ۾ ئي نه آيو هجي. پر جي طبقاتيت کي ئي طاقت ور بنائڻ جو مقصد هجي، ۽ نهايت سولائيءَ سان روءِ  دنيا جي دولت ڦري، خلق کي فقير بنائڻ لاءِ پنهنجي مخالفن کي فنا ڪرڻ جي به پڪي نيت هجي، ته پوءِ ڪميونزم- دشمنيءَ کان وڌ ٻيو ڪو به ڪارگر بهانو ڪٿان ٿو کين هٿ اچي سگهي؟

حقيقت اِها آهي ته ڪميونزم جي اصل حل ڳولڻ لاءِ ڪڏهن به  ڪا دل سان ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي وئي آهي. جيستائين عام عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نه سوچيو ويندو، ۽ ماڻهن سان انصاف، اخلاق  ۽ اشرافت وارو ورتاءُ نه ڪيو  ويندو، ۽ ماڻهن جي مرضيءَ سان جمهوري حڪومت قائم نه ڪئي ويندي، ۽ ماڻهن کي تقرير، تحرير ۽ اظهار راءِ جو فطري حق نه ڏنو ويندو، اوستائين اِهي طبقاتي جهيڙا وڌندا ئي رهندا، ۽ اُهي ڪنهن به طاقت وسيلي اِهي دٻائي ڪو نه سگهبا. ۽ هنن جهيڙن ۾ فتح به  عوام کي حاصل ٿيندي آهي، ڇو ته هو حق تي هوندا آهن، ۽  حق جي مدد حق تعاليٰ پاڻ ڪندو آهي. اڄ جي به آمريڪا ۽ هن جا مددگار انساني ڀلائيءَلاءِ اٿي پون، انسان دشمنيءَ واريون ڪارروايون ترڪ ڪري پٺتي پيل ۽ غريب ملڪن جي سچيءَ خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ لاءِ اپاءَ ڪن،  غلام ملڪن کي آزاد ڪن، ۽ بادشاهن، ڊڪٽيٽرن ۽ فوجي آمرن کي نه سهن ۽ اُنهن جي ڪا به مدد نه ڪن، ۽ جمهوري حڪومتن سان دوستي رکن، ته اڄ به دنيا جي انسانيت ڪميونزم ۽ ٻين اهڙين ڳالهين کان بي نياز ٿي ويندي،پر جئين ته ائين ڪرڻ سان آمريڪا کي جنگي هٿيارن جا ڪارخانا بند ڪرڻا پوندا، ۽ آمريڪا لاءِ واپار ۽ شاهوڪاريءَ ۽ سائنسي ترقيءَ جو مدار ئي اُنهن ڪارخانن تي آهي، تنهن ڪري آمريڪا لاءِ سچي ۽ خالص انسان دوستيءَ ڏانهن موٽڻ نهايت ڏکيو آهي.

عجب اهو ٿو ٿئي، جو جنگ دنيا جي ملڪن کي تباهه ڪندي آهي، پر آمريڪا لاءِ جنگ وڏي هڪ نعمت ثابت ٿيندي رهي آهي. اِها به هڪ حقيقت آهي ته جي  ٻي مهاڀاري جنگ نه لڳي ها ته آمريڪا جي حال واري ترقيءَ ۽ شاهوڪاريءَ جو ڪو تصور ئي محال هو. اُن لڙائيءَ ۾ آمريڪا اتحادين سان گڏيل مقصد لاءِ شامل ٿيو هو، پر آمريڪا جي  سر زمين تي نه ته ڪو دشمن جو حملو ٿيو هو، ۽ نه وري ڪنهن آمريڪي شهر تي بمباري ٿي هئي. مزي جي ڳالهه ته اِها آهي جو اُن جنگ ۾ جيترا به آمريڪي فوجي مئا ۽ ڦٽيا، اُنهن جو تعداد اتحادين جي مئل ۽ ڦٽيل فوجين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هو.اُن جنگ جي نتيجي ۾ ٻيا سڀ اتحادي ملڪ ته تباهه ۽ برباد ٿي ويا هئا، پر آمريڪا کي اُن جنگ مان بي مثال ۽ بي انداز مالي ۽ معاشي فائدا رسيا هئا. ايڏو فائدو آمريڪا کي ڪنهن به  دور ۾ حاصل ڪو نه ٿيو هو. قرضن جي اسڪيمن موجب آمريڪا جيڪي به ٻين ملڪن کي قرض ڏنا هئا، ۽ جنگي ۽ ٻين ضرورتن لاءِ رقمون خرچ ڪيون هيون، اُهي در اصل ڪاغذي ڪارروايون هيون. علم اقتصاد جي سندن يهودي ماهرن وڏا معجزا ڪري ڏيکاريا هئا. اِهو هيئن، جو محصولن جي واڌ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ هوندي به آمريڪا جو هر خرچ ڪيل ڊالر ڪنهن  نه ڪنهن شڪل ۾ موٽي اچي ٿي سپاهين،  مزدورن، هارين، واپارين، ڪارخانيدارن ۽ بئنڪ جي مالڪن جي کيسي ۾ پيو. آمريڪي واپار حد کان وڌيڪ وڌي ويو هو. ڪارخانن جو تعداد وڌي ٽيڻو ٿي ويو هو. قومي اپت وڌي ٻيڻي ٿي ويئي هئي. اِهو ئي سبب آهي، جو آمريڪي ڪارخانيدارن جي هوڙ اهڙي ته هري ويئي، جو اُن طبقاتيت کي برقرار رکڻ لاءِ هو نت نوان موتمار هٿيار تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ۽ سڀ سائنسي ايجادون به اُن جي تابع  آهن. اِنهن ڳالهين جي ڪري هو اڄ دنيا ۾ ”موت جا واپاريءَ“ جي لقب سان مشهور آهن.

اڄ دولت جي زور  تي اُن طبقاتيت جي وڌائڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ اهڙا اهڙا ته مخفي طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن، ۽ اُن ۾ مذهب جي آڙ ورتي ويئي آهي، جو اُن سبب چڱا چڱا عالم ۽ مفڪر به  منجهيل آهن. ظاهر طور اُهي مخفي طريقا نقصانڪار نٿا ڏسڻ ۾ اچن، پر اِن تي اڪثر عالم متفق آهن ته اڳتي هلي اٻوجهه انسانيت کي وڏا نقصان رسندا، ۽ سادو ۽ نيڪ  ذهن انسان غلاميءَ ۽ ذلت واريءَ سرڪڻ ڦاهيءَ ۾ ڪشجي ويندو!

اڄ، جيئن اسين مٿي ٻڌائي آيا آهيون، امير طبقو تهذيب ۽ تمدن، علم، تاريخ، ادب، تصنيف، تحقيق، تحرير، تقرير، اٿڻيءَ، ويهڻيءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ، زبان، شاعريءَ، راڳ ناچ، ۽ ريتن رواجن ۾ طبقاتيت پيدا ڪري رهيو آهي. ۽ انهن فطري عطا ٿيل قومي  نعمتن کي دولت جي نڌ ۾ نهايت عياريءَ سان غير فطري بنائي، اِن بد عمل کي ارتقا ۽ ترقي چئي، پاڻ دنيا جون عيش عشرتون ڪري رهيا آهن، ۽ غريب ۽ وچولي طبقي کي اِنهن ئي اهڙين پريشانين ۾ مبتلا ڪري کين اصل انسانيت ۽ ماڻهپي واريءَ راهه کان هٽائي، تباهيءَ واري دڳ لائي ڇڏيو  آهي. ڪي ماڻهو ايترو ته منجهي پيا آهن، جو هنن پنهنجي شاندار تهذيب، تمدن، ادب، تاريخ ۽ قومي رسمن ۽ رواجن کي ڇڏي،پرائو نقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ائين پنهنجي قومي سڃاڻپ وڃائي، طبقاتيت جي ڦندي ۾ ڦاسي، ۽ هر ڌاريءَ بڇڙيءَ چلڪندڙ شيءِ کي به سون  سمجهي کڻي پنهنجي سيني سان لاتو آهي. اِهو فعل ڪنهن قوم جي لاءِ هڪ ڪاپاري ڌڪ آهي. شاهه انسانيت کي اهڙو پيغام ڪو نه  ڏنو هو، شاهه پرائو نقل ڪندڙن کي صاف ٽوڪيندي فرمائي ٿو: ”ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي .“ ٻڌيءَ جي  طاقت لاءِ پکين جو مثال ڏيئي فرمائي ٿو: ”ولر ڪيو وتن،  پرت نه ڇنن  پاڻ ۾.“ اڄ هن نازڪ دور ۾ نيت جي خلوص ۽ اُن جي عمل کي ڇڏي ۽ رڳو زر ۽  ظاهر پرستيءَ جي ئي  پوئتان لڳي پئبو، ته پوءِ اُن جي عيوضي ملڻ واري نتيجي ڀوڳڻ لاءِ به تيار رهڻو  پوندو!

اڄ طبقاتيت ئي انسان ذات مٿان وڏي ۾ وڏو عذاب آهي، ۽ اُن کان انسانيت جي نجات جو راز مظلوم ۽ محروم انسانن جي اجهل ۽ لڳاتار جدوجهد ۾ ئي لڪل آهي- جيئن حضرت شاهه  عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي: ” تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.“ (30-8- 1984ع)

 

 

وڏا ماڻهو

(محبوب علي جوکيو)

اسين عام طرح ڪنهن کي وڏو ماڻهو چوندا آهيون، ته ڪنهن کي ننڍو ماڻهو. اِهو سڀ ڪجهه پنهنجي تجربي، آزمودي ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ هوندو آهي، پر ان لاءِ ڪو ماڻ تورو ماپ يا حد مقرر ڪيل ڪا نه هوندي آهي، جنهن ۾ توري تڪي يا ماپي، ڪنهن کي وڏو ماڻهو چئون ته ڪنهن  کي ننڍو ماڻهو.

بهرحال، ”وڏا ماڻهو“ سماج جي هر طبقي يا حلقي ۾ هوندا آهن، سياست ۾، ملازمت ۾، مال ملڪيت ۾، مطلب ته هر طبقي ۾ ڪي وڏا ماڻهو هوندا آهن ته ڪي ننڍا ماڻهو. وڏي ماڻهوءَ جي سنئين سڌي وصف ته ڏيئي نٿي سگهجي، البت اِن جون ڪي نشانيون پيش ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي لفظ ”وڏي ماڻهوءَ“  تي ڪافي روشني وجهنديون .

وڏي ماڻهوءَ جي خاص نشاني اِها آهي ته اُن جي بنگلي، اوطاق يا آفيس جي در تي چوڪيدار يا دربان ضرور بيٺل هجي، جنهن جي اجازت کان سواءِ ڪير به اندر داخل ٿي نه  سگهي يا وڏي ماڻهوءَ سان ملاقات ڪري نه سگهي. ڪن حالتن ۾ اندر اطلاع ڪرڻ به ضرري آهي، پوءِ وڏي ماڻهوءَ جي مرضي آهي ته ان کي جلدي  گهرائي، دير سان گهرائي، يا چورائي موڪلي ته ’وڏو ماڻهو آرامي آهي.‘

وڏي ماڻهوءَ جي ٻي خاص نشاني آهي ته هو سچ ٻڌڻ کان نفرت ڪندو هجي يا خوف کائيندو هجي. هن جي منهن تي، ڪنهن کي به اها جرئت يا همت  نه ٿيڻ گهرجي .جو سچ جا گفتا ٻولي سگهي، خاص ڪري اُن وڏي ماڻهوءَ بنسبت. جيڪڏهن ڪنهن جي زبان مان سچ نڪري به وڃي، خاص ڪري سندس باري ۾، ته اُن کي جوڳي سزا ڏني ڃي، يا ڏياري وڃي، جيڪا جيل ۾ موڪلڻ تائين به ٿي  سگهي ٿي، يا اڃا به وڌيڪ. ياد رهي ته جيڪو ماڻهو سچ ٻڌي سگهي ٿو، خاص ڪري پنهنجي باري ۾، سو ضعيف، گيد يا ننڍو ماڻهو ليکيو وڃي ٿو.

وڏو ماڻهو اُهو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي دنيا ۽ دولت پهچ يا اقتدار  جي ماڻ ۾ توري: پوءِ جيڪي، کانئس وڌيڪ هجن، تن لاءِ دل ۾ ته حسد، ساڙ ۽ نفرت رکي، پوءِ ظاهري طرح اُنهن جي ايتري خوشامد ڪري جو ڪِري پوي!

ٻئي طرف، جيڪي هن کان گهٽ هجن، اُنهن کي دل ۾ يا ظاهري طرح گهٽ سمجهي ۽ اُنهن سان گهٽ ڳالهائي يا گهٽ ملي جُلي. جيڪڏهن وقتي ڳالهائڻو يا ملڻو پويس. ته رعب تاب ۽ فخريه انداز جو ساٿ نه ڇڏي.

وڏي ماڻهو جي اِها به نشاني آهي ته هو ڪيترن ئي ننڍن ماڻهن، يعني پاڻ کان هيڻن ۽ ڪمزورن، جي عزت، ذلت ۽ روزي پنهنجي هٿ وس سمجهندو آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي، ته به اٿندي ويهندي اُنهن کي اهڙيون ڌمڪيون ڏيندو رهندو آهي.

هيءَ به وڏي ماڻهوءَ جي نشاني آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ضعيف، نٻل يا پاڻ کان ننڍي ماڻهوءَ يا هٿ وسيڪي تي ٿورو به احسان يا ٿورو ڪندو، يا ڪرڻو پوندس، توڙي سندس پنهنجي مفاد خاطر ئي هجي، ته اُهو هو عمر ڀر نه وساريندو، بلڪه ڳائيندو رهندو ۽ سهسائيندو رهندو، ۽ هر وقت، هر ويلي ۽ هر موڙ تي هن کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو.

جيڪو ماڻهو مفاد پرست نه آهي، تنهن کي وڏو ماڻهو چئي نٿو سگهجي، جيڪڏهن وڏو ماڻهو ڪنهن جي دعوت ڪندو آهي ته اُها به پنهنجي مفاد خاطر، جنهن ۾ ٻين ننڍن ماڻهن تي رعب رکڻ، پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ ۽ پنهنجو اثر رسوخ ڏيکارڻ شامل هوندو آهي، ٻئي طرف  وري جيڪڏهن ڪنهن جي دعوت کائڻ جي تڪليف گوارا ڪندو آهي ته اُهو به صرف هن ڪري ته دعوت ڏيندڙ تي احسان يا ٿورو ٿئي.

وڏو ماڻهو پاڻ کي هر معاملي ۾ صحيح ۽ سچو سمجهندو آهي ۽ سندس پاليسيءَ يا مرضيءَ خلاف ٻين جي ڪمن کي غلط ڄاڻندو آهي. هو پاڻ کي عقلمند، سياڻو، دانشور ۽ الاجي ڇا ڇا سمجهندو آهي ۽ ٻين کي وري اُن جي ابتڙ،

وڏي ماڻهوءَ جي هڪ  هيءَ به علامت آهي ته هو عوام سان، يعني پاڻ کان گهٽ دنيا دولت يا اقتدار وارن ماڻهن سان، ملڻ، هٿ ملائڻ، ڳالهائڻ يا ڪچهري ڪرڻ ۾ تڪليف يا بيزاري محسوس ڪندو آهي. هن کي هٿ ڏيڻ ائين هوندو آهي، ڄڻڪ  ڪتو پير نوسي ويو.

وڏي ماڻهوءَ جي اِها خواهش هوندي آهي ته ٻيا اڳ ۾  مون کي سلام ڪن يا کيڪر بازي ڪن.اُنهيءَ لاءِ واٽ ويندي، ماڻهن ڏي صرف اِن مقصد سان پيو نهاريندو آهي. ڪن حالتن ۾ نه وري عام ماڻهن کي سلام جو جواب ڏيڻ به تڪليف سمجهندو آهي. اُنهن کي مختصر نموني ۾ جواب ڏيندو- يا هٿ جي اشاري سان، يا  ڪنڌ جي ڌوڻ سان، يا فقط نگاهه ڪرڻ سان.

رات جو گهڻي وقت تائين ڪچهريون ڪرڻ ۽ گپ شپ هئڻ، صبح جو تمام دير سان بستري مان نڪرڻ، ۽ اٿڻ ويهڻ منهن سڄيل هئڻ، اِهي پڻ وڏي ماڻهوءَ جون نشانيون آهن.

جنهن ۾ محنت ۽ جفاڪشي، يا ٻئي طرف همدردي ۽ هڏ- ڏوکائي، يا ٽئين طرف خدا ترسيءَ جو جذبو هوندو، سو وڏو ماڻهو ٿي نٿو سگهي، يا  اُن کي وڏو ماڻهو چئي نٿو سگهجي.

خوشامدڙيا، چاپلوس ۽ مڪار ماڻهو به ڪنهن کي وڏي ماڻهو بنائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙي قسم جا ماڻهو اٿندي ويهندي اُن جي چاپلوسي ڪندا رهندا ۽ اُن کي وڏو ماڻهو چوندا رهندا، ته هو جلدي ماڻهو ٿي ويندو. خوشامدڙيا اُن وقت تائين هن جي چوگرد حلقو ٺاهي ويٺا هوندا، جيستائين هو تِرين ڀر وڃي ڪرندو ۽ اُها دنيا کپائي دف ڪري ڇڏيندو، جيڪا بنا محنت ۽ تڪليف جي گڏ ٿي هوندي.

جيڪڏهن ڪو نئينءَ مان وڏو ماڻهو ٿيو هجي، ته اُن لاءِ ضروري آهي ته اڳينءَ سنگت يا دوستن جو حلقو مٽائي ۽ ٻيو نئون حلقو ٺاهي وٺي. (19- 7- 1984ع)

 

ماڻهو ۽ انهن بابت ڳالهيون

(ف .م .لاشاري)

ماڻهن جي ڪم جون ڳالهيون جيڪڏهن نه ڪبيون، ته ماڻهو اُنهن ڳالهين کان اوپرا ٿي ويندا، اُنهن ڳالهين ۾ دلچسپي نه وٺندا. وري ڳالهيون ماڻهن جي بنيادي حقن خلاف ڪبيون ۽ ماڻهن کي پنهنجن حقن جي فائدي ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو.، ته اُنهن ڳالهين خلاف ماڻهن ۾ نفرت پيدا ٿيندي، اها نفرت خاص ڪري اُن وقت گهري ۽ گهڻي ٿيندي، جڏهن ماڻهن جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ حڪمران طبقي منجهان هوندا. هڪ رٿيل عالمي سازش هيٺ، جنهن موجب عالمي سامراجيت اڳواڻ غلام ملڪن جي ڦرلٽ کي جاري رکيو آهي، اُتي عوام جي مرضيءَ کي ڪو وس ڪونهي. اهڙن ملڪن جا حڪمران ماڻهن جي مرضيءَ کان سواءِ، ماڻهن جي مرضيءَ جي خلاف ڳالهيون ڪندا آهن. سياست معيشت سان لاڳاپيل آهي. معيشت آزاد نه هوندي، ته سياست به تابعداريءَ جي روايتن تي هلندي. جيڪي تابعداري ڪندا، اُهي سياست بابت ڳالهيون به ڪري سگهندا. جيڪي تابعداري نه ڪندا، انهن کي ڳالهه ئي ڪرڻ نه ڏني ويندي.

چڱي طرح سان ويچار ڪري ڏسبو ته عوام جي نفرت کان وڌيڪ تکي، چڀندڙ ۽ ستيا ناس ڪندڙ ٻي ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانهي. پر اختيار وٽ وري اقتدار جو پنهنجو نشو ٿئي ٿو- سگهه جو نشو. اُن نشي ۾ گهيراٽيل ماڻهو کي ايستائين عوام جي نفرت جي پرواهه ناهي هوندي، جيستائين وٽس بوقلمون جادوگر واري لٺ موجود آهي.

پر ماڻهن وٽ به پنهنجي اظهار جا انوکا طريقا آهن. مثال طور، ماڻهو اقتدار ۾ آيل طبقي جي سڌ- سماءُ وارن وسيلن کان اوپرائپ اختيار ڪن ٿا- جهڙوڪ  ريڊيو، ٽي- وي، بندش هيٺ هلندڙ اخبارون ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻيون شيون. دنيا ايتري ناهي، جو ان کي دٻلي ۾ بند ڪري ڇڏجي. ريڊيو سڌ سماءُ جو عالمي وسيلو آهي. ٻه چار اسٽيشنون، جن پنهنجي ساک ماڻهن جي نظرن ۾ وڃائي ڇڏي هجي، تن کي ڇڏي، باقي دنيا کي ٻڌي سگهجي ٿو. اِها نوبت تڏهن ايندي آهي، جڏهن ماڻهن کي اُهي ڳالهيون ٻڌائبيون آهن،  جيڪي ماڻهو ٻڌڻ ناهن چاهيندا- جن جي ٻڌڻ سان ماڻهن کي ڪرڀ ٿيندي هجي، يا جن کي ماڻهو ڏٺو وائٺو ڪوڙ سمجهندا هجن. مثال طور اِهو ته جڏهن ماڻهو اکين سان ڏسن ٿا، پاڻ ڀوڳين ٿا ۽ ڪنن سان ٻڌن ٿا، ته ڌاڙن ۽ ڦرين جون وارداتون ايتريءَ حد تايئن وڌي ويون آهن، جو لڳي ٿو ته ٿوري عرصي کان پوءِ هر ڪو ڌاڙيل ٿيندو- صفا هٿ- کس لڳي پئي آهي! پوءِ ريڊئي تان يا اخبار ۾ ڪنهن اختيار واري ماڻهو جي  اها ڳالهه سريخين ۾ ٻڌائي وڃي ته فلاڻي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي حالت سڌري آهي، ته اُن ڳالهه کي ماڻهو پنهنجي بيعزتي سمجهندا. ملڪ ۾ مهانگائي ماڻهن جو چيڻهيون ڀڃي وڌيون  هجن، ۽ ڪو ڏاڍو مڙس چوي ته قيمتن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ته ماڻهو ته سڌو سنئون پنهنجي بيعزتي سمجهندا. پوءِ بيعزتي واريون ڳالهيون ڪري ڇو ٻڌي؟

حاڪم ۽ محڪوم جي اصطلاحن کي سڄي دنيا انهن جي سموري مفهوم سوڌو رد ڪري چڪي آهي. هاڻي حڪومت ڪندڙ جيڪڏهن ماڻهن جي مرضي سان نه هلندا، ته پوءِ ماڻهن کي به اختيار آهي ته اُهي به جيڪا چاهين واٽ اختيار ڪن اِهو رشتو ته اهڙي ٺاهه تي بيٺل آهي، جنهن ۾ پابنديون سڀ جون سڀ راڄ ڪرڻ وارن تي آهن. اصل ۾ محڪوم اُهي ئي آهن. جن کي راڄ  هلائڻ جون ذميداريون سونپجن ٿيون؛ جن کي اُهي ذميداريون سونپجن ئي نٿيون ۽ پاڻ ئي سگهه جي آڌار تي اچي ٿا چون ته ”بس هاڻي اسين آهيون“، ته پوءِ سڀ رشتا ٽٽي پون ٿا، هي نه قبائي زمانو آهي، ۽ نه بادشاهن جو، هاڻي آهي ڳالهه قرب جي! پريت جي- نه ته زرو جي ميندي رنگ نه ڪڍندي آهي.

ماڻهن جي پگهر جي پورهئي تي هلندڙ ادارا جيڪڏهن ماڻهن جي ڪم جي ڳالهه نه ڪندا، يا اُنهن جي حقن سان هٿچراند ڪندا، ته پوءِ ماڻهن کي نه رڳو ڏک ٿيندو، پر ماڻهو نفرت به ڪري سگهن ٿا.

انهن ڳالهين هوندي به جيڪڏهن ڪو اهڙو ڏاڍو مڙس  ڪنهن موقعي تي ننڍڙي ٻار کان گلدستو وٺي، جُهڪي  ان کي چمي ڏئي، يا ڪٿي ڪنهن خاص ضرورت هيٺ ڀائپي، برابري يا پيار جي ڳالهه ڪري، ته ماڻهو ان جو به ڇيد ڪندا، ڇو جو اِهي ڳالهيون به اُهي ماڻهو ڪن جيڪي هڪجهڙائي جي حد تي رهي ڳالهه ڪن. ڪنهن کي تابعداري هيٺ رکي چئجي ته هو ڀوتار سان پيار ڪري، ته اِهو نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪوئي ان فرمائش کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو، ته اُهو پيار نه هوندو، ڊپ هوندو يا محتاجي هوندي، جنهن جي نتيجي ۾ انڌي تابعداري ٿيندي، ڇاڪاڻ ته نفسيات جا ماهر ته ائين به چون ٿا ته ننڍڙو ٻار پنهنجي ابي امان سان جيڪا روش رکندو آهي، تنهن کي به پيار جو نالو نٿو ڏيئي سگهجي. پيار پنهنجي بنيادي ڪيفيت  جي حساب سان به برابري ۽ آزاديءَ سان ڳنڍيل آهي. برابري ۽ آزادي نه هوندي ته ان کي پيار نٿو چئي سگهجي.  ان ڪري هٽلر، فرانڪو، مسوليني، پنوشي، ايران وارو اڳواڻو بادشاهه يا اهڙن ماڻهن جي حيثيت وارو ڪو به ماڻهو چوي ته ”مان ماڻهن کي وڻان ٿو ۽ ماڻهو مون سان پيار ٿا ڪن“، ته اِها سئو سيڪڙو ڳالهه غلط آهي. (19-7-1984)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org