پنجاب
نئينءَ سڃاڻپ جي ڳولا ۾ مسعود کدرپوش سان ڳالهه
ٻولهه
(آءِ. اي. رحمان)
مسعود ڀڳوان، مسعود هاري، ۽ هاڻي عام طرح ”مسعود
کدرپوش“ جي نالي سان سڃاپجڻ وارو، پنجاب جو مشهور
دانشور، سنڌ ۾ ڳچ وقت اعليٰ عملدار رهي چڪو آهي.
کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ وارو هي شخص ڪيتري وقت کان
پاڪستان ۾ ماڻهن جي ”قدرتي ٻولين“جي مڃتا لاءِ ڪم
ڪندو رهيو آهي. هو ڄائي ڄم کان ويڙهاڪ رهيو آهي.
گذريل اڌ صديءَ کان وٺي هو ڪن نازڪ مسئلن تي
ڳالهائيندو رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي حاڪمن کي پنهنجيون
صلاحون آڇيندو رهيو آهي.ته انهيءَ ڪري ڪيترائي
ڀيرا سندس باري ۾ اِها راءِ ڏني وئي آهي ته هو
انهيءَ ڳالهه کان بنهه بيپرواهه آهي ته حڪومت
ڪهڙيءَ نوعيت جي آهي، هن وقت هو وري به پنهنجيءَ
مهم تي نڪتو آهي ۽ هن ڀيري سندس مقصد آهي، پنجاب
جي ٻوليءَ وارن حقن جي حفاظت.
ننڍي
قد ۽ موڪريءَ ڇاتيءَ وارو، ايترو گهڻو ٿلهو ۽
متارو نه جيترو ڪجهه سال اڳ نظر ايندو هو. ٿلهن
شيشن واريءَ عينڪ منجهان ٻار جهڙين اکين سان
گهوريندڙ کدرپوش، لاهور جي ڀاٽي گيٽ پاڙي ۾ ڄائو ۽
نپنو هو. آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ورهاڱي کان
اڳ آءِ. سي. ايس. ۽ ورهاڱي کان پوءِ سي. ايس. پي
آفيسر ٿي رهڻ جي باوجود، هو اُهو ئي ڀاٽي گيٽ وارو
نوجوان رهيو- تيز، بيباڪ ۽کرو، پر تڏهن به
نرمدليءَ جي ڪري آواز ڪڏهن به اوچو نه رکندڙ.
ڪيترن سالن کان رٽائر ٿي، تمام محتاط رٿابنديءَ
سان-جيڪا خوبي هر ڪنهن سول سورنٽ ۾ هوندي آهي-
آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. کيس ڪڏهن به اها
پرواهه نه رهي آهي ته سندس باري ۾ ڇا پيو چيو وڃي
يا هو پاڻ جيڪي ٻين لاءِ چوندو رهي ٿو تنهن جو اثر
ڪهڙو ٿي رهيو آهي. پر ماڻهو ڪافي ڪجهه سندس باري ۾
هميشہ چوندا رهن ٿا.
ڪجهه
هفتا اڳ، کدر پوش لاهور جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن کي
هڪ هنڌ گڏ ڪيو، ۽ جن ۾ ميان ممتاز دولتانا، ڊاڪٽر
مبشر حسين، مسٽر عبدالحفيظ ڪاردار، مسٽر فخر زمان،
ملڪ امجد حسين، مسٽر عبدالله ملڪ شامل هئا.
گڏجاڻيءَ ۾ پنجاب جي نئين سر جوڙجڪ جو هڪ پڌرنامو
منظور ڪيو ويو. اُنهي پڌرنامي کي حامين ايتري
اهميت نه ڏني آهي، جيتري مخالفن اُهو پڌرنامو هن
ريت آهي:
”اسين هيٺ صحيحون ڪندڙ، ’پنجابي ٻوليءَ کي اُن جي
جائز حيثيت ڏيڻ سان پاڪستان جي پنجابي ڳالهائڻ
وارن جي ثقافتي وقار جي بحاليءَ لاءِ، هيٺيون
چارٽر منظور ڪريون ٿا:
”(1)
اسين سمجهون ٿاته آزاديءَ واريءَ جدوجهد دوران
خودمختياري حاصل ڪرڻ، انگريزن کان جند ڇڏائڻ ۽
ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن ٺاهڻ وارا مسئلا
ايڏا اهم بنجي ويا هئا، جو ٻوليءَ ۽ ثقافت جهڙن
بنيادي مسئلن کي جوڳي اهميت نه ملي سگهي.
”(2)
اسين سمجهون ٿا ته هندستان جي ٻين سڀني صوبن جيان،
انگريزي، سان گڏ، پنجاب ۾ اُتي جي ماڻهن جي ٻوليءَ
کي سرڪاري ٻولي نه بنائي، انگريز حاڪمن پاران
پنجابي ڳالهائڻ وارن کي سندن مادري ٻوليءَ جي
مناسب استعمال واري حق کان محروم رکيو ويو، جنهن
جي نتيجي ۾ پنجابي ٻولي هڪ صديءَ تائين تعليمي
نصاب مان مڪمل طرح خارج ٿي ويئي ۽ اِن طرح سندن
تعليمي ۽ ثقافتي ترقيءَ کي سخت ڌڪ لڳو: وڏي بي
انصافي اِها ڪئي ويئي، جو کين هڪ ڌاريءَ ٻوليءَ ۾
هلندڙ حڪومتي سرشتي ۽ عدالتن جي وچ ۾ ڇڏيو ويو،
جنهن ڪري هو ٻوليءَ جي رڪاوٽ سبب سرڪاري نوڪرين ۾
مناسب حصي رسيءَ ۽ سرڪاري سرپرستيءَ کان محورم
رهجي ويا.
”
(3) اسين سمجهون ٿا ته ماڻهن جي ذهني ۽ ثقافتي
صلاحيت جي ترقيءَ بنان جيڪا صرف اسان جي پنهنجيءَ
ٻوليءَ کي هر سطح تي تعليمي ذريعي بنائڻ ۽
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪاروباري لهه وچڙ جي وسيلي
بنائڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، اسان جي ڪروڙين
ماڻهن جي شخصيت اڻپوري رهندي ۽ پنجاب جو موجوده
سماجي- ثقافتي گهوٽالو ختم ٿي نه سگهندو.
”(4)
اسين سمجهون ٿا ته ڪا به قوم پنهنجيءَ ٻوليءَ جي
وسيلي بنان علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي نٿي
ڪري سگهي، ۽ سندس سڃاڻپ جي بحالي، وقار ۽ ثقافتي
سالميت اِن کان سواءِ حاصل ٿي نٿي سگهي.
”
اسين هن پڌرنامي تي صحيحون ڪندڙ، ٻين اهڙن سڀني
ماڻهن سان گڏجي؛ جيڪي ماڻهن جي فطري ٻولين جي
برتريءَ ۽ مڪمل واڌاري ۾ يقين رکن ٿا،پنهنجي مقصد
لاءِ دل جان سان جدوجهد ڪرڻ جو عهد ڪريون ٿا.“
******
”هيرالڊ“ سان انٽرويو ۾ مسعود کدر پوش پنهنجي
تازي مقصد بابت ڳالهايو آهي............
سوال: اوهان کي هن خاص موقعي تي اِنهيءَ مهم هلائڻ
لاءِ ڪهڙو سبب آهي؟
جواب: پاڪستان شديد ترين گهوٽالي جو شڪار آهي، ڇا
ڪاڻ ته پنجاب جا ماڻهو، جيڪي گهڻائيءَ ۾ آهن،
پنهنجي پاڻ مان ويساهه وڃائي چڪا آهن. هو ماضيءَ ۾
هر ڪنهن فاتح جو ساٿ ڏيئي، هن ڌرتيءَ سان جيڪا
غداري ڪري چڪا آهن، تنهن تي پاڻ ملامت ڪري رهيا
آهن، هو پنهنجو پاڻ کي پٽيندي ٿڪجن ئي نٿا. اهڙا
ماڻهو ملڪي سالميت جي حفاظت ۽ قومي ترقيءَ کي
اڳڀرو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ڪهڙيءَ ريت ادا ڪري
سگهن ٿا؟ پاڪستان جي مضبوطيءَ لاءِ بيحد ضروري آهي
ته پنجاب جو عوام پنهنجي نئين سڃاڻپ حاصل ڪري.
انهيءَ ڪري، اسان جيڪو سوال اُٿاريو آهي سو
انتهائي اهم آهي.لارينس زائرنگ مون کي ٻڌايو هو ته
”پاڪستان پنهنجيءَ سڃاڻپ جي گهوٽالي ۾ ورتل رهيو
آهي. ماڻهن کي اِها خبر ڪانهي ته هو ڪير آهن. اها
صورتحال تباهيءَ ڏانهن گهلي سگهي ٿي،“
س:
پڪ سان، يا صرف اِن ڪري جو زائرنگ اها ڳالهه چئي
آهي؟
ج:نه، آءُ پاڻ ورهين کان وٺي اِنهن خيالن جي ڪري
سڃاتو وڃان ٿو. مون 25 سال اڳ هڪ مضمون لکيو هو،
جيڪو ڪيترين قومي اخبارن ۾ ڇپيو هو. مون اُن ۾ چيو
هو ته پاڪستان ۾ هڪ ئي ٻوليءَ کي مڙهڻ وارين ڪوششن
جي ڪري قوميت لاءِ زبردست خطرو پيدا ٿي پيو آهي.
1961ع ۾ ٻولين جي هڪ ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌي،
پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ بروهي ٻولين جا اديب شريڪ
ٿيا هئا، اُن ۾ مون به هڪ مقالو پڙهيو هو، جنهن ۾
مون پاڪستاني ٻولين کي هڪڙيءَ گڏيل ”قومي“ ٻوليءَ
جي ماتحت رکي، علائقائي درجي ڏيڻ واري نظريي کي
رد ڪيو هو. اُن وقت آءُ هڪ سينئر سول عملدار هوس.
تڏهوڪي مالي وزير، شعيب، ايوب خان وٽ شڪايت ڪئي ته
ڪانفرنس ۾ منهنجي تقرير ’تخريبي‘هئي ۽ ان ڪري
منهنجي خلاف قدم کنيو وڃي. اِن تي منهنجي خلاف
انڪوائري شروع ٿي، ۽ اُها ذميداري جنرل ڪي. ايم.
شيخ کي ڏني ويئي، مون کليءَ تحقيقات جو مطالبو
ڪيو، ڇاڪاڻ ته مون کي پڪ هئي ته ملڪي سالميت خلاف
هن سازش ۾ حڪمران به ڌر هئا. حڪومت کليل تحقيقات
واري خطري کان ڊنل هئي.معاملو رفع دفع ٿي ويو. اُن
کان پوءِ گذرريل سال، لاهور جي ”گروپ 83“ واري
سيمينار ۾ مون پنجابيءَ کي اُن جي جائز حيثيت ڏيڻ
وارو پنهنجو مطالبو ڪري دهرايو.
س:
ايئن ته ناهي ته پنجاب جي سڃاڻپ وارو نعرو ننڍن
صوبن ۾ هليل تازيءَ هلچل جو رد عمل آهي؟
جواب: جي نه، ائين ڪونهي، جيتوڻيڪ اُنهيءَ هلچل جي
واقعن جي ڪري سڃاڻپ وارو گهوٽالو وڌيڪ شدت سان
اُڀري سامهون آيو آهي.
س:
جيتوڻيڪ اوهان پنهنجي چارٽر جي پڇاڙيءَ ۾ چيو آهي
ته اوهين ماڻهن جي فطري ٻولين جي برتريءَ ۽ واڌاري
۾ يقين رکڻ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عهد ڪريو ٿا، جنهن
سان ملڪ جي مختلف علائقن جي وچ ۾ مقصد جي هڪ
جهڙائيءَ جو اشارو ملي ٿو، پر ائين بهتر نه ٿئي
ها ته اوهين ٻين صوبن جي نمائندن سان صلاح مشوري
کان پوءِ هي عهدنامو جوڙيو ها؟
ج:
اسين ٻين صوبن جي هم خيال ماڻهن سان ملنداسين ۽
ساڻن صلاح مشورو ڪنداسين. پر هي معاملو اهڙو اهم
هو، جو ترت قدم ضروري ٿي پيو.
س:
يا وري اوهين ايترو واضح ڪريو ها ته هي چارٽر ٻين
صوبن ۾ هلندڙ مقامي هلچلن جي جواب ۾ نه آهي، ۽
اوهان پاڻ لاءِ جيڪي مطالبا ڪيا آهن، سي اُنهن
لاءِ به چاهيو ٿا؟
ج:
اسين اِئين ڪري رهيا آهيون. اسان پاڪستان ۾ ثقافتي
گهوٽالي کي حل ڪرڻ لاءِ ستن نڪتن وارو فارمولو
جوڙيو آهي. اُن ۾ چيل آهي:
”مرڪزي حڪومت چٽيءَ طرح اعلان ڪري ته
”(1)
هن کانپوءِ ملڪ جون سڀ ٻوليون ”قومي ٻوليون ليکيون
وينديون.
”(2)
هوءَ پاڪستان جي عوام جي ثقافتي امنگن جو احترام
ڪري ٿي ۽ مٿن ڪڏهن به ڪا غير ملڪي ٻولي نه
مڙهيندي. پنجاب ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن جون نشريات
صوبائي ٻوليءَ ۾ هلايون وينديون، ۽ ساڳيءَ طرح ٻين
صوبن ۾ به.
”(3)
مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتون عالمي طور مڃيل اصولن
موجب مادري ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو تسليم ڪندي،
اُن کي فوري طور پرائمري سطح تي نافذ ڪنديون؛
ساڳئي وقت اُن جي پڙهائي سڀني ڪلاسن ۾ لازمي ڪئي
ويندي ۽ اهڙي طرح آخرڪار اعليٰ سطح تائين اُن کي
تعليمي ذريعي طور اختيار ڪيو ويندو.
”(4)
مادري زبان کي هر سطح تي تعليمي طور رائج ڪرڻ
تائين، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ليڪچر مادري ٻوليءَ ۾
لازمي طرح ڏنا ويندا، ۽ هر ممڪن حد تائين مادري
ٻوليءَ کي اظهار جو وسيلو بنايو ويندو.
”(5)
چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن ۾ هر علائقي جي مادري
ٻوليءَ کي لازمي مضمون طور رائج ڪيو ويندو، جنهن
تي خاصيون مارڪون رکيل هونديون.
”
(6) صوبائي حڪومت ۾ عام ماڻهن سان واسطو رکڻ وارن
سڀني آفيسرن کي مقامي ٻوليءَ ۾ مهارت جو امتحان
پاس ڪرڻو پوندو (اِهو قاعدو انگريزن جي حڪومت ۾ به
هو،) ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ويندي ته اُهي عوام
سان سندن ٻوليءَ ۾ ڳالهائين.
”
(7) جيستائين مقامي ٻولين ۾ اخبارن جو ڪافي تعداد
ڇپجڻ لڳي، تيستائين اردو اخبار وارن کي پابند ڪيو
ويندو ته اُهي اخبار جو چوٿون حصو مقامي ٻوليءَ ۾
شايع ڪن. ساڳئي وقت، مقامي ٻولين ۾ اخبارن ۽ رسالن
جي اشاعت لاءِ ڊڪليئريشن بنان روڪ ڏنا ويندا.“
س:
اوهين چئو ٿا ته انگريزن ڄاڻي ٻجهي پنجاب جي سڃاڻپ
سندس ٻوليءَ کي دٻائي ختم ڪيو، اِهو اُنهن ڇو ڪيو؟
ج:
جي ها. جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي انتظامي
دائري کي وڌايو، ته هنن پارسيءَ جي جاءِ تي
انگريزيءَ کي سرڪاري ٻولي بنايو، ۽ ڪن علائقن ۾
مقامي ٻولين کي اسڪولن ۾ تعليمي ذريعي طور ۽ هيٺين
عدالتن ۽ روينيو سرشتي ۾ ڪم ڪار جي ٻوليءَ طور
رائج ڪيو. فقط پنجاب ۾ ائين نه ڪيو ويو، منهنجي
خيال ۾، اُن جو سبب هي هو ته جڏهن انگريز پنجاب ۾
آخري جنگ لڙي رهيا هئا ته اُهي ذري گهٽ هارائي
رهيا هئا. اُهي پنجابي سپاهين جي صلاحيتن کان تمام
متاثر ٿيا، ۽ سوچيائون ته جيڪڏهن هتان هو پنهجي
فوج ڀرتي ڪندا ته ملڪ کي ضابطي ۾ رکي سگهندا.
اُنهيءَ منصوبي تي عمل ڪرڻ کان اڳ پنجابي سپاهه
جون پاڙون وڍڻ ضروري هو. سو، هڪ ڀيرو سندن ٻوليءَ
جون پاڙون وڍيون ويون ته پوءِ اُهي بهترين ڀاڙي جا
ٽٽون تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. بيٺڪي راڄ ڪندڙ
انگريز حاڪم صحيح ثابت ٿيا.
س:
پر انگريزن سنڌ به لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ڌاري فتح ڪئي
هئي، پوءِ سنڌ ۾ ڇو ڌار پاليسي اختيار ڪيائون؟
ج:
سنڌ کي بمبئيءَ کان فوجون موڪلي فتح ڪيو ويو هو، ۽
پوءِ سنڌ کي بمبئيءَ پر ڳڻي سان ملايو ويو. اُهي
فوجون سنڌ تي مرهٽيءَ ٻوليءَ کي مڙهي نٿي سگهيون.
ٻئي پاسي پنجاب جا انتظامي عملدار يو- پيءَ ۽
دهليءَ کان آيا هئا اُهي اردو ڄاڻيندڙ هئا ۽ اُن
کي پنجاب تي مڙهي ڇڏيائون. روينيو جي رڪارڊ رکڻ جو
سمورو سرشتو يو- پيءَ مان آندو ويو. انگريزن پنجاب
لاءِ هڪ ڀيرو اردو کي نصاب جي ٻولي ٺهرايو ته پوءِ
اُن کي پوريءِ طاقت سان عملي طرح نافذ ڪيائون.
ڪيترائي سال اردو جا ڪتاب مفت ورهايا ويا. استادن
کي اردو ڳالهائيندڙ علائقن مان پنجاب آندو ويو. هڪ
ڀيري مولانا حاليءَ ڌيان ڇڪايو ته يو- پيءَ ۾ اردو
استادن جي کوٽ ٿي پئي آهي، ڇو ته اُنهن جو وڏو
تعداد پنجاب لڏي ويو آهي.
س:
ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته پنجابيءَ کي سرڪاري درجو
اِن ڪري نه ڏنو ويو جو انگريزن جڏهن سکن کان حڪومت
هٿ ڪئي هئي، تڏهن پنجابيءَ جي سرڪاري حيثيت ڪا نه
هئي.
جواب: بلڪل سچ، سک درٻار ۾ فارسيءَ کي عدالتي
ٻوليءَ جو درجو حاصل هو، اُها روايت کين ورثي ۾
ملي هئي ۽ هر شعبي ۾ اُن تي عمل ٿي رهيو هو. پر
تڏهن اسڪولن ۾ پارسيءَ ۽ عربيءَ سان گڏ پنجابي به
پڙهائي ويندي هئي ۽ تعليم جو ذريعو پنجابي
هئي.ليٽنر پنهنجي ڪتاب”مقامي تعليم جي حالت“ ۾
لکيو آهي ته ”پنجاب ۾ تعليم جو سيڪڙو يورپ جيترو
اوچو هو. جڏهن اردو کي تعليم جو ذريعو بنايو ويو
ته هي صوبو جاهلن جي دنيا ۾ بدلجي ويو. تعليم جو
اهو طريقو علم پکيڙڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي.“
س:
پر اسان کي لاهور جي ئي ڪن معزز لکندڙن ٻڌايو آهي
ته اردوءَ پنجاب ۾ جنم ورتو هو ۽ اِن ڪري اُها هتي
جي مقامي ٻولي آهي.
ج:
اهڙن ماهرن جي ڪري وڏو مونجهارو پيدا ٿيو آهي.
جڏهن اردوءَ کي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي ٺهرايو
ويو، ۽ اردو ڄاڻڻ بنان ڪو به ماڻهو استاد يا ڪلارڪ
يا پٽيوالو بنجي نٿي سگهيو، تڏهن ماڻهن ان کي
مجبوريءَ طور قبول ڪيو. اقبال، ظفر علي خان ۽ فيض
جهڙن وڏن قلمڪارن حاڪمن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ
اردو ۾ لکيو تنهن کان سواءِ اردو هندستاني سياست ۾
هڪڙو مسئلو بنجي ويئي. هندن هنديءَ جو مطالبو ڪيو
۽ مسلمانن اردوءَ لاءِ ڏنڊو کنيو.
س:
جيڪڏهن پنجابيءَ سان انگريزن زيادتي ڪئي، ته پوءِ
پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ اِن جي تلافي ڇو نه ڪيئي
ويئي؟
ج:
پاڪستان کان پوءِ پاڪستان مسلم ليگ به انهن نعرن ۽
طريقن تي هلندي رهي، جيڪي آل انڊيا مسلم ليگ
انگريزن جي وقت ۾ واضح ڪيا هئا.
س:
پاڪستان جي شروعاتي حڪومتن ۽ حڪمران پارٽيءَ تي
پنجاب جي گرفت مضبوط هئي، پوءِ پنجاب جي اڳواڻن
پنهنجو ڪيس ڇو نه اڳتي وڌايو؟
ج:
اڳواڻن واقعي ڪجهه به نه ڪيو. هڪڙي اڳوڻي اڳواڻ
کان پڇيو ته اوهان ماڻهن پنجاب جي ثقافتي سياڻپ جو
اونو ڇو نه رکيو، ته هن وراڻيو ته اسين قومي
اڳواڻيءَ، يعني مهاجر اڳواڻيءَ، اڳيان مجبور
هئاسين، وغيره.
س:
چيو وڃي ٿو ته پنجاب پنهنجيءَ زبان کي ڇڏي، اردو
کي اِن ڪري پنهنجو ڪيو ته جيئن بنگالين جي ٻوليءَ
بابت حق کي رد ڪري سگهجي. ۽ پڻ ٻين علائقن تي
پنهنجي بالادستي قائم رکي سگهجي. اوهان جي اِن
باري ۾ ڇا راءِ آهي؟
ج:
هيءَ ڳالهه صحيح آهي. هيءَ عوام جي مفادن کي قربان
ڪرڻ واري وڏي بدمعاشي هئي. معاملو طئي ٿي وڃي ها،
جيڪڏهن قائداعظم ڪجهه وقت جيئرو رهي ها. هن اردو
لاءِ اهڙو ئي فيصلو ڏنو هو، جهڙو نهروءَ هنديءَ کي
هندستان جي سرڪاري ٻولي بنائڻ جو نعرو هنيو هو.
نهروءَ تي جئين ئي ڏکڻ هندستان ۾ پٿر وسايا ويا،
هن پنهنجو فيصلو پاڻ ورتو. قائداعظم مارچ 1948ع ۾
اردو جي فادي ۾ بيان ڏنو، پر بنگال جي عام راءِ جي
مڪمل اندازي لڳائڻ کان اڳ ئي هو بيمار پئجي رهيو،
جيڪڏهن هو جيئرو رهي ها، ته ضرور بنگالين جي عام
راءِ جو ٽوڙ سوچي ها ۽ هڪ عملي سياستدان جي حيثيت
سان پنهنجي فيصلي کي واپس وٺي ها.
س:
ته پوءِ پنجاب جي اڳواڻن کي پنهنجي عوام سان
ويساهه گهاتي ڪرڻ لاءِ جوابدار ٺهرائڻ کپي.
ج:
بلڪل.
س:
پنجابي ٻوليءَ ۾ ثقافتي ورثي بابت ڪم ڪندڙ جماعتن
۽ تنظيمن بابت ڇا چوندو؟ اوهين پاڻ به پنجابي ادبي
بورڊ جا چيئرمين رهي چڪا آهيو.
ج؛
اِن ڳالهه کي ڇڏيو. گهڻيون جماعتون رڳو سرڪاري
امدادون حاصل ڪرڻ لاءِ ٺهن ٿيون. سرڪار هميشہ
ليکڪن ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ وارن جا منهن بند ڪرڻ لاءِ
کين امدادون ڏيندي آهي. ڪي ماڻهو مون وٽ آيا ۽
درخواست ڪيائون ته آءُ پنجابي ادبي بورڊ جي صدارت
قبول ڪريان. مون اُها قبول ڪندي، اِهو واضح ڪري
ڇڏيو هو ته اهڙن ڪمن لاءِ مون وٽ وقت ڪونهي. مون
کي جڏهن اِهو تجربو ٿيو ته پنجن ڇهن سالن ۾ ڪو به
ٺوس ڪم ٿي نه سگهيو هو، تڏهن بورڊ ڇڏي ڏنم.
س:
هاڻي اوهان وٽ ڪهڙو حل آهي؟ اوهين ٽن ٻولين- مادري
ٻولي، قومي (رابطي جي ) ٻولي ۽ غير ملڪي ٻولي-
واري مشهور فارمولا جي وڪالت ڇو نٿا ڪريو؟
ج:
جيتريون وڻيو- اوتريون ٻوليون رکو. اردوءَ کلي به
برقرار رکي سگهجي ٿو. اسين پنجن پيڙهين کان اُن ۾
پڙهيا آهيون. اُن ۾ اسان جو تمام گهڻو ادب آهي. پر
رابطي جي ٻوليءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي، پاڪستان جون
سموريون ٻوليون قومي ٻوليون آهن. اسين پنهنجن
اسڪولن ۾ (پنجاب ۾) پنجابيءَ سان گڏ سنڌي، پشتو ۽
بلوچي پڙهنداسين. ٻين صوبن ۾ به ائي ٿيندو. اسين
سڀ هڪ ٻئي جون ٻوليون سمجهي سگهنداسين. رابطي جي
ٻوليءَ وارو چڪر اجايو آهي. اِها رڳي دل وندرائڻ
واري ڳالهه آهي.
س:
اوهين پاڪستان کي رڳو گهڻ- ٻوليو ملڪ ٿا ڪوٺيو.
يا اوهان جي خيال ۾ اُهو گهڻ- قومي ملڪ آهي؟
ج:
گهڻ ۾ ڇو پئجي. اسين هڪ قوم آهيون، پاڪستاني قوم .
س:
مون کي ياد ٿو اچي، اوهان هڪ ڀيري اردو ۾ نماز
پڙهڻ جي مهم هلائي هئي.
ج:
اُها هڪ مصلحت هئي. گهڻو وقت اڳ اسان هڪ ننڍي مسجد
۾ پنجابيءَ ۾ نماز پڙهڻ شروع ڪئي.پوءِ اسان فيصلو
ڪيو ته وڏي موقعي لاءِ وڏي مسجد ۾ وڃجي. پر منهنجن
دوستن همت نه ٻڌي. اُنهن چيو ته اردو ۾ نماز پڙهڻ
جي اجازت شايد ملي وڃي. پر پنجابيءَ ۾ نماز پڙهڻ
سان مصيبت پيدا ٿي پوندي. سو اُنهن جي ڳالهه مڃڻي
پيئي.
س:
پنجابيءَ کي عبادت ۾ مذهبي تعليم لاءِ استعمال ڪرڻ
جي سلسلي ۾ پنهنجين ڪوششن بابت وڌيڪ ٻڌائيندا.
ج:
آءُ اسڪول ۽ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مُلُو سڏبو هوس،
ڇا ڪاڻ ته باقاعدگيءَ سان نمازون پڙهندو هوس. مون
يارهن سالن تائين مولانا غلام مرشد جي درس قرآن
مان فيض ورتو. اُن دوران مون جڏهن قرآن شريف جي
اِها آيت پڙهي. جنهن ۾ نبين کي تاڪيد ڪيل آهي ته
ماڻهن ۾ خدا جو ڪلام سندن پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾
پکيڙيو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته اسان کي خدا جو
ڪلام پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ کپي، اِن طرح اسين اُهو
چڱيءَ طرح سمجهي سگهنداسين. اهڙيءَ ريت اسان نماز
پنجابيءَ ۾ پڙهڻ شروع ڪئي. اِها منهنجي آڪسفورڊ
وڃڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي.
س:
تڏهن چئبو ته ٻوليءَ جو معاملو اوهان جي ذهن ۾
نوجوانيءَ کان ئي موجود هو.
ج:
اِن باري ۾ آءُ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ گهران ٿو، منهنجي
پيءُ ڊاڪٽر غلام جيلاني، جنهن کي ايراني درٻار
پاران شمس الا طباءَ جو خطاب مليو هو ۽ هو درٻار
توڙي تهران ۾ انگريزي سفارتخاني جو سرڪاري ڊاڪٽر
هو، سو لاهور ۾ سرجن رحيم ۽ ڊاڪٽر ڀولاناٿ سان گڏ
اردو ۾ ڊاڪٽري پڙهيو هو. هن اردو ۾ طب تي اٽڪل 10
هزار صفحا لکيا آهن. مثال طور سندس ڪتاب ”مخزن
الاطباءَ“(2 جلد) جا 24 ايڊيشن شايع ٿيا آهن. تنهن
کان سواءِ هن اردو ۾ ”مٽيريا ميڊيڪا“ به لکي
آهي.اُن دور ۾ ماڻهو اڃا پنهنجي ثقافتي قدرن لاءِ
جدوجهد ڪري رهيا هئا. بدقسمتيءَ سان، سر سيد احمد
خان سائنسي علم اردو ۾ پڙهڻ جي مخالفت ڪئي ۽
انگريزن انگريزيءَ کي تعليمي ذريعي طور نافذ ڪري
ڇڏيو. سو اوهين چئي سگهو ٿا ته اِهو پنهنجو
پيدائشي مسئلو آهي، جڏهن آءُ بمبئي ۾ آءِ. سي.
ايس. آفيسر بنيس، ته اُتي مرهٽي ٻولي سکڻي پيم.
جڏهن سنڌ ويس ته اُتي سنڌي سکيس. جڏهن منهنجو
واسطو ڀيلن سان پيو ته کين پنهنجين قبائلي روايتن
۽ ٻوليءَ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ سان منجهن سجاڳي
پيدا ڪيم. سچ ته آءُ اسان جين يونيورسٽين ۾ ڪنهن
به غيرملڪي ٻولي کي تعليمي ذريعو بنائڻ کي ڪفر جي
برابر ٿو سمجهان.
س:
اوهان کي شايد ڪنهن سرائڪي ٻوليءَ بابت به لکيو
هو.
ج:
مون جواب ڏنو هو ته سرائڪي يا پوٺوهاري ٻولين کي
عوام جون ٻوليون تسليم ڪرڻ ۾ اسان کي ڪو به اعتراض
ڪونهي. اسين ڪنهن به مقامي ٻوليءَ جي خلاف نه
آهيون.
س:
اوهان جي گروپ رڳو اُهو چيو آهي ته هو پنهنجي
چارٽر لاءِ جدوجهد ڪندا. پر اوهان اُن لاءِ ڪا
تنظيم ڇو نه ٺاهي آهي؟
ج:
اسان ٺاهينداسين. اسين هينئر ئي ”پنجاب فورم“ ٺاهڻ
جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون. اسين ٻين صوبن جي
ماڻهن سان به صلاح ڪنداسين. پر اول ماڻهن کي اهو
سمجهائڻو آهي ته اُهي جيسائين پنهنجيءَ سڃاڻپ کي
بحال نه ڪندا، تيستائين مڪمل طرح ترقي نه ڪري
سگهندا ۽ نه ئي حب الوطنيءَ جون تقاضائون پوريون
ڪري سگهندا. کين اِهو به سمجهڻ کپي ته سندن فطري
ٻولين جو استعمال کين پنهنجي ماضيءَ، ڌرتيءَ،
پنهجيءَ تاريخ ۽ پنهنجي لوڪ ورثي سان ڳنڍڻ جو
وسيلو آهي. پاڪستان کي اِنهيءَ ئي طريقي سان بچائي
سگهجي ٿو، ۽ اِنهيءَ ئي طريقي سان پاڪستان کي
مظبوط ۽ مانائتو بنائي سگهجي ٿو.
[”هيرالڊ“، ڪراچي، جولاءِ 1984ع،
جي
ٿورن سان.- ش. ا. ح] |