سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 27

 

اوهان جو لبنان ٻيو آ، منهنجو لبنان ٻيو آ.

(خليل جبران)

[پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ (14-1918ع) کان پوءِ ”ليگ آف نيشنس“ جي هڪ فيصلي هيٺ شام ۽ لبنان جا ملڪ فرانس جي هٿ هيٺ ڏنا ويا، ۽ طئي ڪيو ويو ته فرانس ٽن سالن تائين هنن ملڪن ۾ جمهوريت جي راهه هموار ڪري، مڪمل اقتدار اتي جي اصل رهاڪن جي حوالي ڪري ڇڏيندو.پوءِ ٽن سالن جي جاءِ تي ڇهه سال گذري ويا، پر  فرانس اُتي جمهوريت جي راهه هموار ڪرڻ بجاءِ پنهنجا پير پختا ڪرڻ کي لڳي ويو. ڇهن سالن  کان ٻارهن سال گذري ويا، پر ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ هاڻي لبنان هميشه لاءِ فرانس جي ڪالوني بڻجي رهندو. اُن صورتحال جي رد عمل طور، جبران هي مضمون لکيو.]

اوهان جو لبنان ٻيو آ، ان جون مشڪلاتون ۽ مسئلا به...... مون وٽ منهنجو لبنان ٻيو آ، ۽ ان جون مشڪلاتون ۽ مسئلا، ان جو دک درد، سونهن سوڀيا، ڏيک ۽ ويک به ٻيو آ........ منهنجي دل ۾ جيڪو ان جو خوبصورت ۽ حسين  تصور آهي، ان جو رڳو خواب به اوهان وٽ ڪونهي.

اوهان جو لبنان سياسي ڪُشتيءَ جو هڪ پراڻو سياسي آکاڙو آهي، جتي مغربي ۽ مشرقي قومون هڪ ٻئي خلاف جنگ جو سندرو ٻڌي، هڪ ٻئي کي ماري مڃائي رهيون آهن. منهنجو لبنان انهن خوبصورت پکين جو ولر آهي، جيڪي اُڀ جي بلندين  تي آزاديءَ سان اُڏامندا رهندا آهن، جيڪي پرهه ڦٽيءَ مهل جڏهن  ڌرتيءَ جا ڌنار پنهنجن رڍن جا ڌڻ پنهنجي پويان لڳائي سوان چراگاهن ۾ چارڻ لاءِ ويندا آهن، يا شام جي وقت پنهنجي زمين ۽ انگورن جي باغن کان هاري ويچارا ٿڪا ٽُٽا  واپس پنهنجن گهرن ڏانهن ورندا  آهن، تڏهن اهي پکي خاموش فضائن ۾ پنهنجن سندر ۽ مڌر گيتن جا پڙاڏا پکيڙي، انهن جي ٿڪاوٽ دور ڪندا آهن، ۽ انهن جي چوڌاري جهومندا، نچندا ۽ ڳائيندا، زمين کان گهر موٽڻ  تي، انهن جو عاليشان استقبال ڪندا آهن.

اوهان کي اوهان جو لبنان ۽ ان جا ماڻهو مبارڪ هجن، جيڪي توهان جا آهن؛ منهنجي لاءِ منهنجو لبنان ۽ ان جا عظيم ماڻهو ۽  شهري گنج آهن. اوهان جا ته دل گهريا اِهي آهن، جن جا روح مغربي دنيا جي اسپتالن ۾ پيدا ٿيا، جن جو مثال ان سامونڊي جهاز وانگر آهي، جيڪو بنان ڪنهن سڙهه ۽ ناکئي جي سمنڊ جي ڇولين ۽ لهرن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪاهي پيو هجي: اُهي ماڻهو هڪ ٻين جي مقابلي ۾ ته ڏاڍا بهادر ۽ ڪاٽڪو ۽ سخت زبانيا بڻجي ٿا پون. پنهجي ڳچيءَ ۾   پنهنجا ئي هٿ وجهي  بهادريءَ جو مظاهرو  ٿا ڪن، پر يورپ وارن جي سامهون اِنهن جي بهادري ۽ سورهيائپ مات کائي ٿي وڃي، يورپ وارن جي خلاف سندن زبانون گونگيون بڻجي ٿيون وڃن، سندن سڀ جرئتون ختم ٿي ٿيون وڃن.

اِهي بهادر آهن ته صرف پنهنجن لاءِ، آزاديءَ ۽ انصاف جا ڪوڙا دعويدار آهن  ته به پنهنجن آڏو ۽ پنهنجن ئي علائقن ۾، نه ته حقيقت ۾ اِهي ڏاڍا بز دل، ننڍيءَ ڳچيءَ وارا، ڪمزور، هيڻا ۽ ڊڄڻا آهن: هميشه ڌارين جا دلال، يورپي ۽ مغربي قومن جا غلام، تابعدار ۽ ٻانهن ٻڌا ٻانها. اِنهن جو مثال کوهه جي ڏيڏرن وانگر آهي، جيڪي پاڻ ته جيئري ئي اونهين کڏن اندر دفن ٿيل هوندا  آهن، پر رات جي اونداهيءَ  ۾ ٽان- ٽان ڪري آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيندا آهن.

اِهي ماڻهو به انهن ڏيڏرن جيان ڏاڍي فخر سان اِهڙا اعلان ڪندا آهن ته هُنن  پنهنجن قديم آقائن، حڪمرانن ۽ دشمنن جي ڏاڍ، ڏهڪاءَ، ظلم ۽ ستم مان جان ڇڏائي آهي، ۽ اُنهن جي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ  مان لاهي ڦٽو ڪيو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته  ظالم ۽ جابر دشمن اڄ به اِنهن  تي سوار آهن ۽ هِنن جي سيني اندر دلين وانگر ڌڙڪن ٿا. اڄ به سندن جسم جي پڃري  ۽ دماغ جي تحت گاهه اندر اُهي ئي لڪل آهن، هي اهڙا غلام آهن، جن جي پيرن ۾ وقت پراڻن پنجوڙن ۽ ڪٽ چڙهيل زنجيرن بجاءِ نئين قسم جون جديد چمڪندڙ ڏنڊا- ٻيڙيون پارئي ڇڏيون آهن، ته جيئن هي پنهنجي پاڻ کي آزاد ۽ خود مختيار سمجهڻ واري فريب ۽ ٺڳيءَ ۾ ٺڳيل  ئي رهن!

هي آهن اوهان جي لبنان جا سپوت! ڇا، اِنهن مان ڪو هڪڙو به اهڙو آهي، جنهن ۾ لبنان جي اڏول ڏونگرن جهڙو محڪم عزم، قوت ۽ ارادو هجي، يا لبنان جي اوچن ۽ قداور جبلن جهڙي ارڏائي، عظمت ۽ اُنهن جي هيٺلائپ ۽ وڏائيءَ جهڙو اُڀو ڪنڌ هجي، جيڪو  هتان جي خوشبودار فضائن جو عيوضي ۽ نمائندو هجي. جنهن جي وجود جي نس نس ۾ لبنان- دوستي  ۽ هتي جي صاف سٿري ۽ شفاف پاڻيءَ جهڙي چمڪ هجي؟ ڪوئي اهڙو به آهي هِنن جيڪو وڏي واڪ اها دعوا ڪري سگهي ته جڏهن منهنجيون اکيون بند ٿينديون(جڏهن مان دنيا مان ڪوچ ڪندس)، تڏهن آءُ هن منهنجي لبنان جي عظيم ڌرتيءَ جون حالتون اُن جي هاڻوڪين ۽ پڻ اِنهن حالتن کان وڌيڪ بهتر ڇڏيندس- اِنهن حالتن کان جيڪي مون هن عظيم ڌرتيءَ تي پهريون ڀيرو اکين کولڻ وقت  ڏٺيون هيون.

اِنهن منجهان ڪير اهڙو آهي جيڪو اِن ڳالهه چوڻ جي جرت ۽ حوصلو رکندو هجي ته سندس زندگي عظيم لبنان جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جي هڪ ڦڙي برابر آهي..... انهن جي اکين ۾ ٽنگيل هڪ قيدي ڳوڙهو آهي، يا انهن جي ڏکويل چپن تي ٺهي آيل هڪ خوبصورت ۽ من موهيندڙ مرڪ برابر آهي.

اِهي آهن اوهان جي لبنان جا سپوت؟ اوهان جي نظر ۾ اِهي ماڻهو وڏيءَ عزت ۽ وڏي مان ۽ شان وارا انسان آهن. پر منهنجي نظر ۾ اِنهن جي حيثيت ۽ قدر قيمت ڪمند جي چوسيل چوپي کان وڌيڪ ناهي- جن پنهنجي لبنان کي اوهان سميت وڪيو، جن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو  چند سڪن ۾ سودو ڪيو!

هاڻي مون کان ٿورو اُنهن بابت ٻڌو ته لبنان جا حقيقي ۽ سچا سپوت ڪهڙا آهن ۽ ڪٿي آهن.

منهنجي لبنان جا سپوت اُهي غريب، مسڪين ۽ ڏتڙيل هاري آهن، جيڪي هن سم ۽ ڪلر ۾ وڪوڙيل  ڌرتيءَ جي ڇاتي چيري، اُن مان سونا  سونا سنگ ٿا اپائين، ويران ۽ اُجڙيل ٻنين کي ساوڪ ۽ سونهن سوڀيا ٿا ڏين. اُن جي ڪنڊن جي جاءِ تي سنها ۽ سڳنڌ ڀريا گل  ٿا اُپائين.

منهنجي لبنان جا سپوت اُهي ڌنار ۽ پنوهار آهن، جيڪي پنهنجي مال جا ڌڻ ۽ وڳ چاريندي، سڄو ڏينهن بک ۽ اُڃ ۾ هلندي گهارين ٿا، ته جيئن انهن جي رڍن ۽ ٻڪرين جو تازو گوشت اوهان جي  دستر خوانن ۽ ڊائننگ ٽيبلن تائين پهچي سگهي.۽ اوهين وڏن ماڻهن جون ۽ پنهنجن آقائن جون دعوتون ۽ خوشامدون ڪري پنهنجا جائز ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪري سگهو- ۽ اُنهن جي گرم گرم ۽ نرم نرم اُن مان اوهين پنهنجن نڪمن جسمن کي سرديءَ جي سخت سيءَ کان بچائي سگهو.

منهنجي  لبنان جا سپوت اُهي  پورهيت ماڻهو آهن، جيڪي سڄو ڏينهن انگور  جي باغ مان انگورن جو رس ڪڍي، انهيءَ کي اُٻاري، اوهان لاءِ مختلف قسمن جو شراب  تيار ٿا ڪن، جيئن اوهين زندگيءِ جو مزو ماڻي سگهو.

منهنجي لبنان جا سپوت اُهي والدين آهن، جيڪي پنهنجي مظلوم، مسڪين ۽ غلام ٻارڙن جي پر گهور ايئن ٿا لهن، جو هو پنهنجي وجودن جي پاڇي ۾ اُنهن جي ڇانو جو بندوبست ٿا ڪن، ۽ مائرون ويچاريون ريشم جو سُٽ ڪٽي، انهن کي ٿڌ کان بچائڻ جا جتن ٿيون ڪن.

منهنجي لبنان جا سپوت، اکين جا تارا، اُهي مڙس آهن، جيڪي تتيءَ ٿڌيءَ پنهنجن ٻنين ۾ هر هلائي،  ڪڻڪ ٿا پيدا ڪن، ۽ اُهي سگهڙ زالون آهن، جيڪي اَن سان ٽمٽار ول جون ڀريون ٻڌي، اُگهاڙي پيرن، تتل واريءَ مٿان پنڌ ڪري، وڏيرن جي حويلين ۾ ٿيون پهچائين.

منهنجي لبنان جا عظيم سپوت اُهي معمار آهن، اُهي تاريخ- ساز انسان آهن، جن پنهنجي قلم ۽ علم سان هن اونداهيءَ ڌرتيءَ تي جاڳرتا جو سج اُڀاريو  آهي. هي اُهي شاعر آهن، جن پنهنجي روح کي نت نون گهاڙيٽن ۽ قالين ۾ گهڙي، اُنهن ذهنن ۽ دماغن تائين پهچايو، جيڪي علم ۽ عقل جي روشنيءَ کان  دور، تمام دور، ٻاٽ اونداهيءَ ۾ ڀٽڪندا  پئي وتيا.

منهنجي عظيم ڌرتيءَ جا سپوت اُهي اَمر انسان آهي، جيڪي جڏهن ڌرتيءَ جي سرحدن  کان ٻاهر نڪرندا  آهن ته عزم ۽ بلند حوصلو ۽ اَڏولتا انهن جي دلين جي سونهن بڻجندي آهي تحرڪ، جنبش ۽ جذبو، اُنهن جي طاقت ۽ قوت هوندي آهي، ۽ ان کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو اٿن. ۽ جڏهن واپس ورندا آهن، ته اُنهن جا هٿ به هنر ۽ دانش سان سون ورتا بڻجي ويندا آهن- اوچا سندن ڳاٽ، فخر، وڏائيءَ ۽ فتح جا نشان بڻجي پوندا آهن- سندن سِر فتح جي سوني تاج مان سجيل هوندا آهن.

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪردار اُهي ماڻهو آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليا وڃن ٿا، ته ڪاميابي سندن قدم چمي ٿي، ۽ فاتح بڻجي، هو پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن واپس ورندا آهن. جي دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هو پنهنجو  اجهو وٺن، ته اتي جا اصل رهواسي هنن کي پنهنجين اکين جو سوجهرو سمجهن ٿا، ۽ انهن جي دلين ۾ هو پنهنجي پيار ۽  محبت جا ديرا بڻائي رهن ٿا.

هي اُهي ماڻهو آهن، جيڪي دلين جا بادشاهه آهن، جن جون اکيون جڏهن پٽيون آهن ته غربت جي جهوپڙين جو عڪس اُنهن ۾ ڇُلڪندو آهي ۽ جڏهن اکيون بند ڪندا آهن ته علم ۽ ڄاڻ جا اوچا، اڏول ۽ عظيم الشان محل ماڙيون اُنهن ۾ اڏيل هو ڏسندا آهن.

اِهي آهن منهنجي عظيم لبنان جا فرزند! هي اُهي ڏيئا آهن، جن کي وقت، حالتن ۽ زماني جا زلزلا ۽ تيز ترين طوفان به وسائي نٿا سگهن......... ۽ هي اُهو نمڪ آهي، جيڪو صدين تائين حرام نٿو ٿئي. هي اُهي عظيم انسان آهن، جيڪي سدا غير محسوس طور تي نهايت سنجيده ۽ مستقل مزاجيءَ سان آهستي آهستي پنهنجي وجود جي سچائيءَ ۽ پنهنجي ذات  جي تڪميل  ۽ زندگي جي حقيقت لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا- اُن جي سچ ۽ سونهن لاءِ راهه جي طويل ۽ مشڪل سفر ۾ مصروف رهن ٿا.

سئو ورهيه گذرڻ کانپوءِ اوهان جي لبنان جي صورت ۽ حالت ڪهڙي بڻبي؟ ڏَسيو، مون کي ٻڌايو! ڇا، اها ئي اوهان جي وڏيرا شاهي، پيري مريدي، ڪوڙ ۽ ڪپٽ، فريب ۽ ٺڳي ئي موجود هوندي؟ ڇا، اوهان کي اها اميد آهي، پڪ آهي، ته زمانو اوهان جي لبنان جي اڄوڪيءَ ڪوڙ ڪپت، ڪچ، دغا، فريب ۽ ٺڳيءَ کي پنهنجي ياد خاني ۾ سئو سالن کان پوءِ  به محفوظ رکي سگهندو؟ يا اوهين اِنهيءَ سوچ جي وڻ- ويڙهيءَ ۾ وڪوڙيل آهيو ته  لبنان جي  هوائن ۽ فضائن ۾، مورت جي ڳنڀر خاموشيءَ ۽ قبرن مان جاڳندڙ لاش جي  پاڇن ۾، اوهان کي تڏهن به ساهه کڻڻ جي مهلت ملي سگهندي؟

مون کان ٻڌو، مان اوهان کي سچ ٻڌايان ٿو. لبنان جا اوچا ۽ ارڏا پهاڙ ۽ اُنهن جي پناهه ۾ پلجندڙ جا وڻ به اوهان جي سمورن ڪارنامن کان وڌيڪ اثرائتا آهن، جن کي اوهين تاريخي ٿا سڏيو. ۽ ڪاٺ جو ٺهيل هُو هر، جنهن ۾ ڏاند جوٽي لبنان جا اوچا اوچا ميدان آباد ڪيا پيا  وڃن، اوهان جي ڪوڙين اميدن، آسرن، ڏٽن، خوابن ۽ خواهشن کان وڌيڪ قيمتي ۽ بي بها سرمايو آهن.

مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته اڄ زماني جي باضمير انسان ۽ انساني ذهن منهنجي هنن واڪن ۽ رڙين تي ڪن ڏنو آهي، ۽ منهنجو آواز آزاديءَ جي ايوانن ۾ ڪنهن قومي گيت جيان گونجي رهيو آهي. مان محسوس ٿو ڪريان ته لبنان ڌرتيءَ جي وادني ۾ جڙي ٻوٽيون چونڊيندڙ هڪ ساديءَ ۽ معصوم لباني ڇوڪريءَ جي چپن تي، گلاب جي گل جيان ٽڙندڙ گيت جا چند ٻول به اوهان جي وڏن وڏن ضمير وڪاڻل شاعرن کان وڌيڪ پر اثر ۽ عظيم آهن. سندن شاعريءَ جي سمورن ڪتابن کان وڌيڪ هڪ معصوم۽ مظلوم لبناني ڇوڪريءَ جي هڪڙي اُها سٽ آهي، جنهن ۾ آزاديءَ جي امنگ جي اڏولتا آهي. مان سمجهان ٿو ته اُها سٽ دنيا جي وڏن وڏن ڪوس- گهرن ۽ غلام رکندڙ ايوانن کي ڏڪائي سگهي ٿي. مان اوهان کي يقين سان چوان ٿو ته اوهين حڪمران جي چاپلوسي ڪري قوم کي وڌيڪ غلاميءَ جي پنجوڙن ۾ ڦاسائي رهيا آهيو. ڪاش، اوهين اِن حقيقت کان با خبر هجو ها، ته جيڪر اڄ منهنجي دل ايڏو نه رڙي ها. اوهان لاءِ ماتم جي ڳالهه اها آهي ته اوهين ڪجهه به نٿا سمجهو ۽ نه ئي اوهان کي ڪجهه سمجهڻ جي خواهش آهي.

اوهان کي اوهان جو لبنان مبارڪ هجي، ۽ مون کي منهنجو لبنان مبارڪ آهي!

(27-9-1984ع) (سنڌيڪار: منصور قادر جوڻيجو)

 

سسئي- پنهون

حقيقي نه پر هڪ علامتي ڪهاڻي

(مراد  علي مرزا)

امرتا پريتم  ڀارت ۾ پنجابي ۽ هندي زبانن جي هڪ جڳ مشهور شاعره ۽ اديبه آهي. نظم ۽ نثر ۾ گهڻو ئي ڪي لکيو اٿس. شاعري، ناول، افسانا، مضمون، آپ  بيتي، وغيره. کيس ڀارت جو وڏي ۾ وڏو ادبي انعام به مليو. ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ روس، جرمني، فرانس، آمريڪا، انگلينڊ، چين، ويٽنام وغيره ۾ سندس ادبي  شخصيت ڄاتل سڃاتل آهي. پاڻ اِنهن ملڪن جي ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۾ شريڪ به ٿيندي رهندي آهي. آمريڪا جي مشهور انگريزي ادبي رسالي ”محفل“ ته سندس ادبي ڪارنامن تي  هڪ خاص نمبر به شايع ڪيو هو.

امرتا پريتم پنجابيءَ ۾ شاعري ڪندي آهي، ۽ هنديءَ ۾ نثر لکندي آهي. جيڪي ماڻهو پنجابي ڄاڻن ٿا ۽ جن سندس شاعري پڙهي آهي، اُهي سندس شاعراڻي عظمت جي واکاڻ ڪندي ٿڪجن ئي نٿا. هن جو نثر به سندس شاعريءَ جهڙو ئي اثرائتو آهي. افسانن ۽ ناولن کي ڇڏي، نثر ۾ سندس شاهڪار ڪتاب ”رسيدي ٽڪٽ“ آهي. امرتا اُنهيءَ ڪتاب ۾  پنهنجي زندگيءَ جي اهم ۽ يادگار واقعن کي پنهنجي  بيحد خوبصورت ۽ شاعراڻي انداز ۾ لکيو آهي. اُنهيءَ ۾ هن دنيا جي ڪن مشهور ليکڪن بابت پنهنجا ذاتي تاثرت به لکيا آهن. اُهو ڪتاب ادبي لحاظ سان اِن ڪري به اهم آهي، جو اُن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پڙهندڙ کي شاعريءَ جهڙو اثر محسوس ٿئي ٿو.

امرتا پريتم جو هڪ ٻيو ڪتاب” ميرا ڪمرا“ آهي، اُنهيءَ ۾ وري ڀارت جي برک شاعرن ۽ اديبن جا انٽرويو آهن، جيڪي امرتا پاڻ هنن کان ورتا هئا. ڀارت جي مختلف ٻولين ۾ لکندڙ اُنهن ليکڪن امرتا کي ٻڌايو ته هنن پنهنجا عظيم ڪتاب ڪهڙن هنڌن ۽ حالتن ۾ تخليق ڪيا. هنن سان امرتا جي اُنهن انٽرويوئن ۾ اُنهن شاعرن ۽ اديبن جي ذاتي زندگيءَ جا ڪيترائي دلچسپ ۽ مزيدار واقعا پڻ قلمبند ٿي ويا آهن، جيڪي سندس شخصيت ۽ فن کي سمجهڻ جي لاءِ  پس منظر جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا.

تازو امرتا جو هڪ ٻيو ڪتاب ”شوق صراحي“ هنديءَ مان اردو ۾ ترجو ٿيو آهي. امرتا دهليءَ مان هڪ رسالو ”ناگ مُني“ جي نالي سان پڻ ڪڍندي آهي. هن وقت بوقت اُنهيءَ رسالي جي ڏيهي پرڏيهي شاعرن، اديبن، عالمن، فنڪارن، نقاشن، موسيقارن ۽ هنر مندن جا انٽرويو شايع پئي ڪيا  آهن. اُنهن ئي انٽرويوئن کي هاڻي ڪتاب جي صورت ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو نواز چوڌريءَ اردو ۾ ترجمو ڪري پاڻ ئي لاهور مان ڇاپيو آهي.

”شوق صراحيءَ“ ۾ جديد پنجابي ادب جي هڪ ليکڪ، ونجارا بيديءَ، سان ڪيل انٽرويو به شامل آهي. ونجارا بيدي پنجابي لوڪ ادب جو ماهر ۽ اسڪالر سمجهيو وڃي ٿو. هن اِن  موضوع تي ويهارو کن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”پنجاب ڪا لوڪ ساهتيه“ مشهور آهي. اُن ۾ هن پنجاب جا مشهور لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون ڏنيون آهن، ۽ اُنهن جي تهذيبي، ثقافتي ۽ ڏند ڪٿائي اهميت تي بحث ڪيو آهي. ونجارا بيدي گذريل ويهن ورهين کان لوڪ ادب جي معلومات جي روشنيءَ ۾ علمي کوج ڪندو رهيو آهي، ۽ ان عرصي ۾ ايترن سارن ڪتابن لکڻ کان پوءِ هاڻي اِنهيءَ موضوع تي ڏهن جلدن ۾ انسائيڪلوپيڊيا مڪمل ڪيو اٿس، جيڪو ڇپجي رهيو آهي. پنهنجي اِنهيءَ علمي پورهئي بابت هن انٽرويو ۾ امرتا پريتم کي ٻڌايو ته ”مون اُنهن ڪتابن جا سڀئي صفحا پنهنجي خون سان لکيا آهن. مون لوڪ گيتن کي وري جياريو آهي. آکاڻين جي اونهائي ۾ وڃي، اُنهن کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، لوڪ ڪهاڻين، مان فهم ۽ فراست حاصل ڪرڻ جي لاءِ هٿ پير هنيان اٿم.“ هن امرتا کي وڌيڪ ٻڌايو ته ”مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته آءُ پاڻ صدين کان مٿي اهو سڄي ’لوڪڌن‘ تخليق ڪندو رهيو آهيان، ۽ هن جنم ۾ وري پاڻ ئي اُن کي گڏ ڪندو رهيو آهيان.“

امرتا پريتم جي هڪ سوال ۾ ونجارا بيديءَ هن کي ٻڌايو ته ”پنجاب جون ڪيتريون ئي پريم، ڪهاڻيون مشهور آهن. اُنهن مان مون سسئي، پنهون جي باري ۾ تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. اُها ڪنهن مرد ۽ عورت جي پيار جي ڪهاڻي نه هئي. اُن جو ازلي روپ چنڊ هو، چندر.......... پنهونءَ مان خيال ’پنون‘ هو، ’پورنيما‘ پوري چنڊ جي رات. ’سسئيءَ جو عشق‘ حقيقت ۾ چنڊ جو پاڻ  سڃاڻڻ سان عشق هو. پراڻين لوڪ ڪهاڻين ۾ هڪ ڪهاڻي هيءَ  هئي ته هڪ روحاني عالم نالي دڪش هوندو هو. هن کي ستاويهه ڌيئرون هونديون هيون، جن جي شادي هن چندرما (چنڊ) سان ڪئي هئي. چنڊ جون اهي ستاويهه زالون ڄڻ ستاويهن گرهن جو پاڇو هيون، چون ٿا ته جڏهن دنيا ٺهي هئي، تڏهن هر روز رات جو چندرما پورو اڀرندو هو. هر رات چوڏهينءَ جي چانڊوڪي هوندي هئي، ۽ چنڊ پنهنجو پاڻ تي مست هوندو هو. هو پنهنجين ستاويهن زالن ڏانهن به ڌيان نه ڏيندو هو. تنهنڪري سندس زالن کي ڏک ٿيو ۽ هنن وڃي پنهنجي پيءَ کي دانهن ڏني، دڪش چنڊ کي پاراتو ڏنو، جنهنڪري چنڊ هر روز گهٽجڻ لڳو. ۽ ايترو ته سڪي ويو، جو مرڻ ڪنڌيءَ وڃي لڳو. اِهو ڏسي، سندس زالن کي مٿس رحم آيو. سڀني گڏجي وڃي پيءُ کي منٿون ڪيون، جنهن کين ٻڌايو ته ’مون پاراتي ۾ هڪ شرط رکيو هو ته جڏهن هو (چنڊ) بنهه مرڻ تي هوندو، ته وري جيئرو ٿي اٿندو.‘ اهڙي ريت هر مهيني جي شروع ۾ چنڊ جيئرو ٿيندو آهي.“

 ونجارا بيديءَ جو اِهو جواب ٻڌي، امرتا پريتم کيس چوي ٿي ته ”سسئي پنهونءَ جي پريم ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو اِهو مشهور آهي ته سسئي هڪ راجا جي ڌيءَ هئي، جڏهن ڄائي  ته جوتشين راجا کي هن جي منهن ڏسڻ کان جهليو ۽ راجا سسئي کي صندوق ۾ بند ڪرائي درياءُ ۾ لوڙهائي ڇڏيو! جوتشين جو اهو اظهار ڪهڙيءَ ڳالهه جي علامت آهي؟“

اِنهيءَ سوال جي جواب ۾ ونجارا بيدي ٻڌائي ٿو ته ”اوهان کي ضرور خبر هوندي ته چوٿ جي چنڊ ڏسڻ جي منع هوندي آهي. چون ٿا ته چوٿ جي چنڊ ڏسڻ سان بدنامي ٿيندي! اهو وهم سسئي جي آکاڻي جو بنياد آهي. جڏهن آريا هندستان ۾ آيا هئا، تڏهن اُهي سج ۽ چنڊ جي پوڄا ڪندا هئا. هندستان جي اتر ۾ انهن جا ٺاهيل ڪيترائي مندر آهن. اُنهن مان هڪ مندر سوهان نديءَ وٽ آهي، جنهن کي ’شيشه مندر‘ چوندا هئا. پوءِ جڏهن اُها ڪهاڻي ڦري پريم- ڪهاڻي ٿي پيئي، تڏهن اُن مندر تي نالو ’سسئي جو محل‘ رکيو ويو.“ اِها سموري حقيقت ٻڌي، ونجارا بيديءَ کي امرتا پريتم چوي ٿي ته ”مطلب ته آسمان جو چنڊ ڌرتيءَ جي محبت جي علامت ٿي پيو!“ ۽ ونجارا بيدي ٻڌائيس ٿو ته ”گرو گوبند سنگهه جي ڏهين گرنٿ ۾ هڪ ڪهاڻي هن ريت آئي آهي ته ’دنيا ۾ پهرين چنڊ نه هوندو هو، تڏهن دنيا جا مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ محبت ڪونه ڪندا هئا، اِها چنڊ  ڪرامت هئي، جو اُن جي ايندي ئي دنيا جي مردن ۽ عورتن پاڻ ۾ محبت ڪرڻ سکي‘.“

ته ”سسئي پنهون“ جي پريم ڪهاڻيءِ جو هڪ اِهو رخ، هڪ اِها علامت به آهي. هتي اسان وٽ سنڌ ۾ سسئي پنهونءَ جي ڪهاڻي ”مطلب ۽ ڳولا“ جي علامت آهي، ڇو جو سسئي کي ڏيرن ڏکويو آهي ۽ هوءَ پٻ ۾ پنهون- پنهون پڪاريندي پيئي روئي؛ جيئن شاهه سائينءَ سنديس زباني چوايو آهي:

مون کي ڏيرن آهي ڏکويو،

پڇان راهه پنهونءَ جي رويو!

(19-7-1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org