سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 21

 

 ڪلچر ۽ عقيدو

(فضل احمد بچاڻي)

خالق حقيقيءَ سان منهنجو شعوري تعلق ان وقت ٿيو، جڏهن منهنجي عنصري وجود ۾ روح پيو ۽ مون ” الست  بربڪم“ جي جواب ۾ ”بليٰ “ چئي، ويڙهيچن کي وچن ڏنو؛ هن ڌرتيءَ سان منهنجو ناتو ان وقت قائم ٿيو، جنهن وقت حضرت آدم عليه السلام هن پرٿويءَ تي قدم ڌريو؛ تاريخ ڇهه هزار سال اڳ کان وٺي مون سان گڏجي سفر شروع ڪيو؛ پڪيءَ پختيءَ تهذيب ۽ ثقافت  جو سنجوڳ مون سان انهيءَ دور کان ثابت آهي، جنهن دور کان موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت  جا پڪا پختا اهڃاڻ ثابت آهن؛ ۽- دين اسلام سان منهنجو ناتو چوڏهن سئو سال اڳ جڙيو، جڏهن  مون ان جي اطاعت ۽ پيروي قبول ڪئي- اپکنڊ ۾ آءُ پهريون قبيلو هوس جنهن هي پيغام قبوليو.

هن الله جي سچي دين مون کي هن طرح جي بديءَ ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيو ۽ ناحق، انياءَ، بد اخلاقيءَ، ڪوڙ، دغا، دوکي،  فريب، منافقت، حق تلفيءَ ۽ ٻين اڪيچار بڇڙاين کان منع  ڪئي ۽ حقوق الله ۽ حقوق العباد تي ڪاربند رهڻ جو حڪم ڏنو. پر- ڪنهن به طرح ڪنهن به موقعي تي مون کي پنهجي تهذيب، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي تياڳڻ جو حڪم نه ڏنو. عربيءَ کي الله ج ۽ رسول صه جي ٻولي چيو ويو، پر مون کي ڪڏهن اهو نه چيو ويو ته تنهنجي ٻولي ڪافراڻي آهي، اها ڇڏي الله ج جي ٻولي (عربي) اختيار ڪر. نه قرآن جو ترجمو  ڪرڻ ۽ پڙهڻ گناهه ٿيو، نه  دعائن جو مقامي ٻوليءَ ۾ گهرڻ گناهه ٿيو، نه ڪنهن يڪسان لباس (Uniform) جو حڪم ٿيو. نه  ئي اهو حڪم ٿيو ته هاڻي سڀڪوئي عمامو ٻڌي. هر قبيلو پنهنجي مخصوص نالي سان سڏيو ويو. اڄ به اسين پنهنجي نبي پاڪ صلعم جن کي مڪي، مدني، عربي، قريشي، هاشمي ۽ مطلبي ڏاڍيءَ عقيدت سان سڏيون ٿا. حج جي موقعي تي هڪ کان وڌيڪ انداز سان اهرام ٻڌڻ ۽ قرائت قرآن جا به هڪ کان وڌيڪ انداز اختيار ڪرڻ جي اجازت آهي.

مون  پنهنجي قبل اسلام تهذيب ۽ ثقافت ۾ جيڪي به رسمون دين حنيف جي خلاف ڏٺيون سي سڀ ڇڏي ڏنيون؛ پر پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت قائم رهي. مذهب جي نفاذ ۽ سياسي تبديلين ۽ حڪمتن جي عروج  ۽ زوال انهيءَ ثقافتي ورثي کي ڪو نقصان نه رسايو، ڇا ڪاڻ ته مذهب هڪ آفاقي ۽ همه گير صابطو آهي ۽ سياست ماڻهن جي قوميتن کي تسيلم ڪرڻ جي حڪومت عمليءَ  جو نالو آهي.

ثقافتي قدر وحي، الهام ۽ آساني احڪام جي نتيجي ۾ قائم نه ٿيندا آهن. انهن جو پنهنجو مقامي طور تي ارتقائي عمل جاري هوندو  آهي. تهذيب ۽ ثقافت جو وجود علائقي ۽ نسلي گروهه (Ethnic  Group) جي وجود ۽ حقيقت  سان مخصوص هوندو آهي. جڏهن ته مذهب جو وجود ۽ قيام ڪنهن به جاگرافيائي حدود سان مشروط ۽ ڪنهن ڪڙم قبيلي (Clan Organisation) تائين محدود نه هوندو آهي. مذهب جو بنياد الاهيات تي آهي ۽ ثقافتي قدرن جو عقليات يا معقولات تي – ڪا به قوم يا قبيلو نسلي گروهه پنهنجي علائقائي، تهذيبي، لساني ۽ تمدني حدن جي اندر قائم رهي، مذهب اختيار ڪري، ان تي ڪار بند رهي سگهي ٿو، ۽ مذهب جو سياسي پهلو به فقط تڏهن ئي دائم قائم ۽ نافذ  رهي سگهي ٿو. جڏهن ان جي پيروڪارن وٽ اُهي تمدني ثقافتي ورثا  ۽ وسلائون اڳ ئي موجود هجن. مطلب ته مذهب جي سياسي تسلط ۽ اثر  رسوخ لاءِ  تهذيبي،  لساني، ثقافتي ۽ علائقائي ايڪائي  (يا ايڪايت) جو هئڻ ضروري آهي، جڏهن ته انهن ذڪر ڪيل ورثن ۽ قدرن جي بقا لاءِ مذهب جو هئڻ  ۽ نه هئڻ ڪو فرق نٿو پيدا ڪري. هڪ ثقافت گروهه (قوم) خدا جي  دين جي جيتري  ترويج  ۽ نفاذ ڪري سگهندو سو هڪ فرد نه ڪري سگهندو. آخرت جي نجات ۽ فلاح کان قطع نظر، دنيا وي وجود  جي لحاظ کان مذهب لاءِ قوم ضروري آهي، جڏهن ته قوم لاءِ مذهب جي ضرورت هڪ جدا اهميت رکي ٿي. چيني قوم وٽ پنهنجي قديم تهذيب ۽ ثقافت جو ورثو محفوظ آهي؛ پر هنن وٽ ڪو مذهب مخصوص ناهي. هندو قوم وٽ پنهنجو ڌرم هوندي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت  سلامت آهي- بلڪ چيو وڃي ٿو ته هندو ڌرم بذات خود ڪو ڌرم ناهي بلڪل هڪ جامع ۽ مڪمل ڪلچر آهي.  مسلمان امت دنيا جي چاليهن ٻائيتاليهن ملڪن ۾ پنهنجي پنهنجي مخصوص تهذيبي ۽ تمدني ۽ جاگرافيائي  حدن سان تقسيم ٿيل آهي،  پر انهن ثقافي تقسيمن جي نتيجي ۾ ان جي مذهبي عقيدن تي ڪو به فرق يا اثر نه پيو آهي. مذهب  تهذيبي يا ثقافتي بنياد تي ڪا بندش يا شرط وجهي ها ته اڄ سڄيءَ ڌرتيءَ تي هر مذهب جو هڪڙو ئي ملڪ هجي ها ( يا نه هجي ها). هن جا مخصوص ۽ محفوظ تمدني لساني ۽ علاقائي ويڇا ۽ فرق هنن جي مسلمان هئڻ تي ذور به اثر انداز نٿا ٿين، ۽ نه ئي هنن جو مسلمان هئڻ هنن جي ڪلچر کي ٿو بدلائي.

مطلب  ته هڪ مسلمان چاهي موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تهذيب ۽ تمدن سان ناتو رکندڙ هجي يا بابل ۽ نينوا جي ثقافت سان، سميري تهذيب سان رشتو هجيس يا چيني ۽ مايا ثقافت سان- هو هر هنڌ ۽ هر حال ۾ مسلمان رهي  ٿو. جيڪڏهن ائين چئي سگهجي ٿو ته مذهب سان رشتو ته هن جو پيدائش کان وٺي آهي، ڇا ڪاڻ ته مذهب معنيٰ آهي روح  ازلي يعني خدا جي شناس، تنهن جو مطلب ته روحاني رشتو ازلي آهي- ته هي مڃڻو  پوندو ته دنيا ۾ جيئن ته روح  کي جسم جو لباس پائي ظاهري زندگي به گذارڻي پوي ٿي،  ته ان کي پنهنجي شناس لاءِ ڪو نه ڪو قومي گروهي تشخص اختيار ڪرڻو پوي ٿو. جيڪو هن کي تمدن وٽان ئي ميسر ٿئي ٿو. مذهب خدا کي سڃاڻڻ ۽ ان سڃاڻپ  جي نتيجي ۾ هن کي ۽ هن جي حڪمن کي مڃڻ ۽ انهن جي پيروي ڪرڻ جو هڪ فارمولو آهي. اسين هتي اهو ٻڌائي رهيا آهيون ته مذهب ڪنهن به ڪلچر کي ڪٿي به ڪليتاً تبديل نٿو ڪري،  البت ان (ڪلچر) تي پنهنجو اثر نفوذ ضرور رکي ٿو. دين اسلام عرب کان سڄيءَ دنيا  ۾ پکڙيو، اُن مختلف ثقافتن ۽ تهذيبن تي پنهنجا اثرات ضرور قائم ڪيا، پنهنجي روحاني پهلوئن ۽ آفاقي محرڪات سان رنگ ضرور رچايائين،  پر ڪنهن به اهڙِي گروه کي، جنهن وٽ پنهنجو تهذيبي، لساني ۽ تمدني ورثو موجود هئو، ان کي نه تڙي ڪڍيائين نه مغلوب ڪيائين، نه نابود ڪيائين، بلڪ هر ڪو نسلي گروهه، پنهنجي ڪلچر سان پنهنجي پنهنجي جاگرافيائي حدن اندر پروان چڙهندو رهيو، مذهب اختيار ڪرڻ کان  پوءِ به اُهو پنهنجي اُنهيءَ مخصوص تهذيبي  ۽ تمدني وجود (Entity) کي بر قرار رکندو اچي ۽ رکندو ئي ايندو، ڇا ڪاڻ ته اهو هڪ قدرتي معنوي عمل آهي. (ڀنڀور بابت ٿيندڙ تحقيق تي نظر وجهو ته معلوم ٿيندو ته وچين دور جي صديءَ ۾ تباهه ٿيندڙ اِهو شهر پنهنجي قبل مسيح جي قديم تهذيب ۽ تمدن جي قدرن کي پنهنجي تباهيءَ تائين سانڍيندو رهيو، جڏهن ته مسلمان اُتي صدين تائين رهيا ۽ شهر دين اسلام جو گهوارو هئو.) مذهب اسلام جي چوڏهن سئو سالن جي تاريخ مان اهو ثابت آهي ته مذهب ڪنهن به تهذيب تمدن کي ڪٿي به ڪو هاڃيڪار ڌڪ نه رسايو آهي. البت اهو ضرور ثابت آهي ته مذهب اُنهي لساني ۽ تمدني گروهه کي ويتر اُجاري اڇو ڪيو آهي، ويتر وڌيڪ مضبوط ۽ پختو ڪيو آهي. مذهب تهذيبن جي اصلاح  ڪئي آهي ۽ تهذيبن مذهب جي علمبرداري ڪئي آهي. ٻيئي هڪ طرح هڪ ٻئي جا معاون ۽ مدد گار رهيا آهن. نه ڪي متضاد ۽ مخالف.

بلڪ نوان نوان سياسي، سماجي، عمراني ۽ اقتصادي نظريا ۽ نظام به انهيءَ Antity کي ڪٿي به ختم نه ڪري سگهيا آهن، بلڪ انهيءَ کي تسليم ڪري ئي اڳتي وڌي سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انساني وجوديت جي ابتدا انسان سان آهي ۽ دنيوي زندگيءَ جي انتها  به انسان تي ٿيندي. ائين کڻي چئجي ته سڀيتا ۽ ثقافت انسان جو مادي بنيادي وجود ۽ تشخص آهي ۽ مذهب سندس لباس ۽ سينگار. سڀيتا زمين آهي ته مذهب آسمان.

ڌرتيءَ تي پهرين انسان آيو ۽ مختلف سڀيتائي، تمدني ۽ لساني گروهن جي شڪل ورتائين(”...... ۽ اسان اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو.....“ القران) ۽ پوءِ مذهب هڪ راهه عمل ۽ دستور  جي شڪل ۾ گروهن تي نافذ ٿيو- ڪٿي اسلام جي شڪل  ۾، ڪٿي عيسائيت جي شڪل ۾. اڃا به ائين چئجي ته تمدني تشخص هڪ تاريخي ارتقائي عمل جو نتيجو آهي، ۽ اُنهيءَ سبب لازوال آهي، ۽ مذهب هڪ نافذ ٿيندڙ عقيدو آهي جو هڪ واجب الوجود هستيءَ طرفان انهي سماجي جاندار (انسان) تي وحي ۽ الهام جي ذريعي پيغام ڪيو وڃي ٿو. ثقافتي قدر پنهنجي  پنهنجي مخصوص ماحول ۾ تدريج سان ارتقائي مرحلن ۾ منزلن مان گذرندا، جڙندا ۽ قائم ٿيندا رهندا آهن. اها جوڙ ۽ اپڄ انسان جي شعور سان لاڳاپيل ۽ ان جي ماتحت هوندي آهي. جيئن مفڪر جو قول آهي: ”ثقافت در اصل انسان جي تحت الشعور ۾ ماٺ ميٺ ۾ ڪم ڪندي ويندي آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ساهه کڻڻ، هلڻ چلڻ ۽ جسم جي ٻي چرپر انساني شعور جي تحت  چپ چاپ ٿيندي رهندي آهي- “. گويا ثقافتي شعوري  اپڄ هڪ جبلي حقيقت آهي، جڏهن ته مذهب جي نفاذي ۽ حڪمي.

توڙي مذهب جي بنيادي عقيدن ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم ۽ تبديل جي اجازت نه هوندي آهي، يعني اتي مٿان جي الهامي حڪمن جي تابع رهڻو آهي، چاهي انساني شعور اهڙي تبديليءَ يا ترميم لاءِ ڪيترو  به خواهشمند ٿئي ۽ اها تبديلي هنن جي ڪيڏي به فائدي وٽان هجي؛ پر ثقافتي قدر، وقت، حالت ۽ انساني طبع جي ڦير گهير جي نتيجي ۾ بدلجي سگهن ٿا، ڪي منسوخ ٿي سگهن ٿا، ڪي نوان پيدا ٿي سگهن ٿا. مطلب ته  مذهب انسان لاءِ اختياري (Optional) شيءِ آهي ۽ ثقافتي  قدر لازمي. انسان مذهب کان باغي ۽ منڪر ٿي سگهي ٿو، پر ثقافتي قدرن کان ڪنڌ نٿو ڪڍائي سگهي. هو مذهب قبولڻ يا نه قبولڻ ۾ في زمانه آزاد آهي، پر ثقافتي قدرن ۽ ضابطن سان في زمانه ٻڌل رهڻو اٿس. معاشري جي هڪ فرد جي حيثيت سان هن جي قومي شناخت ثقافت جي حوالي سان آهي نه ڪا مذهب جي حوالي  سان.

۽ جي اهو تسليم ڪجي ته انسان پنهنجي عنصري وجود يعني Elemental Entity ۾ ايندي ئي ( يا پڻ ان کان اڳ روحي وجود جي شڪل ۾  به) مذهب سان لازمي طور تي لاڳاپيل هو ، جڏهن بقول شاهه لطيف رح جي، ”نڪا ڪن فيڪون هئي.....“ يا ”........  تڏهين تت ڪيوم وچن ويڙهيچن سان،، يا ”جا اسلام کان اڳ هئي سا ٻڌائون ٻانگ.....“ وغيره، ته پاڻ ڳالهه اڃا وڌيڪ چٽي ٿئي ٿي ته ماڻهوءَ جو تمدن ۽ تهذيب ۽ مذهب هڪ ٻئڪي جا ضد Opposite نه آهن. بلڪ هڪ ٻئي جا ازل جا ساٿي ۽ سهڪاري آهن. ان مان ئي ثابت ٿئي ٿو  ته مذهب ڪنهن به قبيلي يا قوم جي ثقافتي تشخص کي ناس ۽ نابود ڪرڻ جي بجاءِ ان کي سڌاري، سنواري، اجاري، اڳي کان وڌيڪ مضبوط، مستحڪم ۽ سهڻو ڪيو آهي. مذهب  قومن  جي سڀيتائي خرافات کي ضروري پري ڪيو آهي، جنهن سبب اهي قومون نکريون آهن، پر جتي مذهب جي اثر جو نفوذ نه آهي اُتي ثقافتي قدر وري به موجود آهن ۽ رهندا. ۽ ڪن قومن  ۾ ته مذهب جي نفاذ کان پوءِ به سندن اڪثر ثقافتي ريتيون رسمون سئوڻ ۽ رواج (Traditions) مذهب جي احڪامات جي بر خلاف به موجود آهن، جيئن اسان جي اپکنڊ ۾ ميلا ملاکڙا، مزارن ۽ مقبرن تي حاضريون، نذر نياز ۽ ٻيون اهڙيون تقريبون جيڪي انهن علائقن جي قديم ثقافتي قدرن جو حصو آهن، اڃان انهن ئي جذباتي بنيادن تي رائج آهن  ۽ انهن روايتن کي مذهبي رسوم Rituals ڪري ورتايو  ۽ ادا ڪيو وڃي ٿو. انهن کي تياڳيو نه ويو آهي، بلڪ اُهي ڪم مذهب کان ئي ثابت سمجهيا وڃن ٿا. تنهن جي معنيٰ ته پختن ثقافتي قدرن جي ايتري مادي اهميت آهي، جو اڪثر حالات  ۾ ته مذهبي عقائد کي انهن قدرن ۽ رسومات جو يا ته تابع سمجهيو وڃي ٿو يا محرڪ ۽ معاون. ائين کڻي چئجي ته ماڻهو ديني اصولن کي نظر انداز ڪريو وڃي پر تمدني قدرن کان نٿو لنوائي سگهي.

ڳالهوري  به اتي ئي ٿي اچي بيهي ته قومن ۽ قبيلن جو بنيادي  اساس وري به تمدني قدر آهن ۽ مذهبي عقائد اُنهن لاءِ هڪ جدا اختياري توڙي روحاني توڙي ماديت کان ماورا حيثيت رکن ٿا، ۽ انهن عقائد جي حيثيت ان وقت تائين خارجي آهي جستائين فرد ان کي پنهنجي مڪمل باطني ۽ ظاهري وجود ۾ ڪامل طرح سان نه جذب ڪري. اهو عمل به هو انفرادي حيثيت ۾ ڪري ٿو، نه ڪي اجتماعي گروهي لحاظ کان: پوءِ اهو انفرادي عمل نيٺ اجتماعي صورت اختيار به ضرور ڪري ٿو. پر اهو قبيلو يا اها قوم انهيءَ مذهبي رنگ ۽ شڪل سميت پنهنجي تمدني ۽ سڀيتائي دائري ۾ ئي رهي ٿي. پوءِ مذهب انهيءَ دائري  مان نڪري ، اُن قوم  مان ترڪ به ٿي سگهي ٿو پر اهو ثقافتي قومي گروهه قائم رهي ٿو. ڪميونسٽ ملڪن مان مذهب نڪري ويو پر اهي قومون پنهنجن تمدني لاڳاپن سان مربوط ۽ مستحڪم آهن. البانيا وارن ته ” رند ڪي رند رهي  هاتهه  سي جنت نه گئي.“ وارو ڪم ڪري ڏيکاريو.

عربن جو ئي مثال وٺو.سندن ڪلچر جون اُهي خاصيتون، جي منجهن قديم کان ٺهنديون،  اپڄنديون ٻئي آيون، سي دين اختيار ڪرڻ  کان پوءِ به قائم رهيون. هنن جي عمومي اخلاقيات مفقود نه ٿي، بلڪ وڌيڪ اسري ۽ نسري. هنن جا ڪي اخلاقي قدر بدليا ضرور پر ڪلچر نه بدليو. اصل ۾ دين جا اخلاقي قدر اُنهن ئي بنيادي انساني  اخلاقي قدرن جي حسي ۽ سڌريل شڪل هئا. هنن ۾ دين جي نفاذ کان اڳ جيڪا شجاعت، مهمانوازي، رواداري، ڪشاده دلي، عهد انجام جي پاسداري، عورتن جي محافظت ۽ ٻيون اهڙيون وصفون موجود رهيون، تان جو هنن جا هٿيار ۽ ٻيا ساز سامان (Tools) وغيره به نه بدليا، ۽ نه لباس ۾ فرق آيو  بلڪ اهو ئي قديم لباس هاڻي اسلامي لباس ٿي پيو. البت معاشري جون بدڪاريون نڪري ويون، جي هو نئن به معاشري لاءِ هاڃيڪار هونديون آهن. يعني مذهب معاون ثابت ٿيو نه ڪي غاصب.

هن سڄي  بحث جو مطلب  ۽ مقصد هي ٿيو ته 1- مذهب ضرورتمند  آهي، ڪنهن نه ڪنهن نسلي انساني گروه جو جنهن تي اهو  نافذ ٿئي:2- انهيءَ انساني نسلي گروهه وٽ اڳ ئي پنهنجا پڪا پختا ارتقائي عمل جي نتيجي ۾ گهڙيل ٺهيل ۽ سنواريل تمدني، تهذيبي ۽ لساني قدر جو موجود هوندا آهن: جي نه، ته اُهو هڪ نسلي گورهه يا قوم ئي نه سڏبو: 3- اهو تمدني  جٿو مذهب کان سواءِ به هوندو آهي ۽ مذهب جي هوندي به ٿي سگهي ٿو يعني روحاني ۽ آخرت جي فلاح جي تصور کان قطع نظر به اهو قبيلو يا قوم ڌرتيءَ تي قائم رهي ٿي: 4- مذهب ڪنهن قوم جي تمدن ۽ سڀيتا ۽ ٻوليءَ کي سنوارڻ اچي ٿو نه ڪي انهن جي وجود کي ختم ڪرڻ، ڇا ڪاڻ ته اُنهيءَ صورت ۾ خود مذهب به نافذ ۽  جاري نه رهي سگهندو: 5- مذهب ڪنهن فاتح جي ذريعي اچي ، يا ڪنهن مبلغ جي ذريعي اچي، ان جو سياسي تسلط رهي يا اقتصادي، ان کي مقامي ثقافت سان Identify ٿي رهڻو آهي؛ خود فاتح طبقو يا فاتح قوم مقامي ثقافت ۾ جذب ٿي ويندي آهي يا واپس موٽي ويندي آهي يا ختم ٿي ويندي آهي؛ مقامي ثقافت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهندي آهي 6- ڪو به مذهب اختيار ڪرڻ جو مطلب پنهنجي تمدني ۽ سڀيتائي قدرن توڙي ٻوليءَ ۽ جاگرافيائي حدن تان دستبردار ٿيڻ نه آهي، بلڪ مذهب معاشري جي مادي ۽ روحاني اصلاح جو وسيلو سمجهي قبول ڪيو ٿو وڃي: 7- مذهب ڪنهن به قوم يا قوميت يا نسلي گورهه کي تسيلم ڪرڻ کان انڪاري نٿو ٿئي، البت ان جي خرافات، توهمات ۽ خرابين جي بيخ ڪني ڪري، ويتر ان کي مادي ۽ روحاني استحڪام ٿو بخشي: 8- مذهب  سان ناتو جوڙڻ پنهنجي ڪلچر ۽ ثقافتي تشخص کان ناتو ٽوڙڻ جي مترادف نه آهي، مذهب خرافات کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ثقافتي قدر تي ڪا به رنڊڪ نه وڌي آهي:9-  مذهب ۽ ثقافت جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڪنهن به قسم جو عناد ۽ جهيڙو نه آهي، نه ئي اُهي پاڻ ۾ متضاد، متصادم ۽ متحارب آهن؛ جي نه ته سڄيءَ ڌرتيءَ تي هڪڙي ئي قوم ۽ (مذهب جي قبوليت جي صورت ۾) هڪڙو ئي مذهب هجي ها؛ جيئن نسل انساني مختلف ثقافتي گروهن يا قومن ۾ لازمي ۽ قدرتي طور تي ورهايل آهي تيئن اهو مختلف مذهبي طبقن ۾ به ورهايل ۽ جدا آهي؛ توڙي جيڪڏهن دنيا ۾ هڪڙو ئي مذهب هجي ها يا ڪو به مذهب نه هجي ها، ته به  ثقافتي گروه ۽ طبقا موجود هجن ها، جو خود قدرت جي اها مصلحت آهي : ۽ 10- جيئن ته مذهب هڪ آفاقي  ۽ همه گير شيءَ آهي تيئن مذهبي ثقافت يا ثقافتي مذهب جهڙين شين جي ڪا به اهميت، معنيٰ ۽ مطلب نه آهي، ان ڪري ڪنهن به قوم  جو تشخص محض مذهب جي بنياد تي متعين ڪرڻ اجائي ڪوشش ٿيندي. اهو به واضع آهي ته ”قوم“ ۽ ”امت“ جي اصطلاحن ۾ وسيع مفهوم جي لحاظ کان وڏو فرق آهي. امت مختلف قومن يا قوميتن جي مجموعي کي چئي سگهبو  مذهب جي بنياد تي، جڏهن ته قوم فقط انهيءَ گورح کي چئبو جنهن جو پنهنجو مخصوص ثقافتي نقشو يا آدرش Cultural Parttern هجي، چاهي مذهب ڪهڙو به هجيس يا نه ئي هجيس.

(25- 10-1984ع)

 

سنڌ جو سماجي فڪر

(لعل جسڪاڻي)

سماجيت جا ماهر چون ٿا ته سماجي فڪر تجريدي ٿئي ٿو، ان کي شڪل شباهت ڪا نه ٿئي، پر اهڙو فڪر سماجي رٿا بنديءَ ۽ سماجي عمل وسيلي پنهنجو ڀرپور اظهار ڪري ٿو: جيئن عام رواجي سوچ جيڪا روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ عملي طور ڪم ته اچي ٿي، ۽ چالو هجڻ ڪري عام ماڻهو  ان کي جلدي قبول به ڪري وٺي ٿو. پر اهڙيءَ سوچ ۾ گهرائي گهٽ ملي ٿي. ان سان گڏ ڪي عام ڏاها ۽ سچيت ماڻهو پنهنجي غير معمولي سوچ ۽ فڪر جو  وقتائتو عملي اظهار ڪري، صدين کان جوڙيل رسمون، رواج ۽ روايتون ٽوڙي، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارن کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏين! مطلب ته اهڙي فڪر کي روزمره واريءَ جيوت جي ”هر واسي سوچ“ (Popular thinking) چئجي ته  مفهوم وڌيڪ واضع ۽ وزنائتو ٿيندو. هن ڏس ۾ سنڌ جي سماجي فڪر جي حوالي سان ڪجهه اهڙا واقعا ڏجن ٿا، جن جا مرڪزي ڪردار اسان جا مسڪين ماروئڙا، ٻهراڙيءَ جا عام ماڻهو آهن، جن جي سورهيائي، سچائي، وقت  جي حاڪم کي بيباڪيءَ سان سچ چوڻ، وطن دوستي جي روايت،  جاگيرداري سماج جي پيداواري رسمن ۽ رواجن  خلاف نفرت ۽ ڌڪار ۽ ٻين اهڙن غير معمولي رد عملن کي رواجي حالتن ۾ سنڌي سماج جو بالائي تَههُ گهڻو تڻو قبول  ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. بهر حال هيءَ هڪ ڪوسش آهي  ته اسان جي عام ماڻهن جي ڪارنامن يا انهن جي رواجن (Social norms) سان ٽڪراءَ جي صورتحال کي پڙهندڙن آڏو آندو وڃي، جيئن سنڌ جي تاريخ کي هڪ عوامي رنگ ۾ رڱيو وڃي.

 

سماجي رڪاوٽن جي ڀڃڪڙي ۽ عورتن جي آزادي

انگريزن جي آخري دور وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي جن شاعرن ڪلاسيڪي روايتن کي جاري ۽ ساري رکيو، انهن ۾ صوفي رکيل شاهه فتح پور واري جو نالو پڻ اچي ٿو. هڪ پاسي انگريز جديديت ۽ علم جي روشني کڻي سنڌ جي  ڪنڊ ڪڙڇ تائين وڃي پهتا ۽ هڪ نئين سنڌ اڏڻ ۾ ڏينهن رات مصروف هئا ۽ ٻئي پاسي رکيل شاهه جيڪب آباد ضلعي جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ پنهنجي ميخاني تي ويٺي سنڌ جي بنيادي شاعريءَ جي آبياري ڪئي ۽ سنڌ جي صوفياڻي فڪر جو پرچار ڪيو، انسان ذات جي  تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا ماڻهو ملن ٿا، جن کي سماجي حالتن آزاد ڪري ڇڏيو يا هنن پاڻ کي آزاد ڪري ورتو. دولت جي هوس ۽ جيوت جي روزمره جي ڏکن ۽ ڏجهن کان پاڻ کي آجو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پر ڪي ماڻهو پنهنجي سڄي حياتي سچ سڃاڻڻ ۽ ان جي ڳولا ۾ پوري ڪريو ڇڏين- ۽ سنڌ اهڙن ماڻهن کان وانجهيل ڪانهي.

جيئن ته رکيل شاهه سنڌ جي صوفياڻي روايتن مطابق هڪ انسان- دوست، سڄاڻ، مذهب جي جهنجهٽ ۽ ڪٽر پڻي کان بنهه پري، صوفي منش، ذات پات ۽ هٿ ٺوڪين طبقن ۾ ويساهه ڪو نه رکندو هو، ان ڪري سڀني طبقن جا ماڻهو، جن ۾ هندو ۽ مسلمان جيڪي سچ ۽ سونهن جا ڳولائو هئا، اچي  سندس ميخاني تي مڙيا هئا. سنڌ جي صوفياڻي اصطلاح ۾ اهڙن ماڻهن کي” فقير“ چيو وڃي ٿو، ۽ وسند فقير انهن مان هڪ هو، جنهن پڻ لالچ  ۽ لوڀ ڇڏي اچي رکيل شاهه جو قرب حاصل ڪيو هو، ۽ ان ڪري پاڻ کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا.

هڪ ڏينهن، معمول مطابق رکيل شاهه جي ميخاني تي محفل متل هئي. عِلم ۽ عرفان جي ڳالهه نڪتي هئي. انسان جي عظمت ۽ سڀ کان وڏي سچ ۾ ويساهه جي واکاڻ هلي رهي هئي. مذهبي ويڇن، ظلم، ڏاڍ ۽ پرماري طبقن کي ننديو ٿي ويو، ته ايتري ۾ هڪ ماڻهو ٻاهران ڊوڙندو اندر داخل ٿيو ۽ اچي رکيل شاهه جي ڪن ۾ ڪا ڳالهه ٻڌائي پاسي ۾ ويهي رهيو. ان بعد رکيل شاهه ماٺ ۾ اچي ويو. محفل کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. گهڻا فقير اُٿي هليا ويا ۽ باقي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا. تڏهن رکيل شاهه ٻڌايو ته هاڻي جيڪو ماڻهو آيو هو تنهن ٻڌايو ته اسان جي پياري وسند فقير جي ڪنواري ڀيڻ پنهنجو گهر ڇڏي ڪنهن ماڻهوءَ سان هلي ويئي آهي! ان وقت وسند فقير سامهون ويٺو هو، تنهن اها ڳالهه ڏاڍي خاموشيءَ سان ٻڌي ۽ هڪ لفظ به نه ڪڇيائين. نه وري رکيل شاهه هن واقعي تي ڪا وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، ڇو ته  سنڌ جي صوفين جي اها روايت آهي ته هو رسمن ۽ رواجن جي ڀڃڪڙين کي ڪابه اهميت نه ڏيئي، پاڻ  کي روشن خيال  ۽ پنهنجي  وقت کان پاڻ کي اڳڀرو سمجهن ٿا.

 پوءِ هن واقعي کي اٽڪل ويهه سال گذري ويا. ان وچ ۾ وسند فقير جي ڀيڻ ان ماڻهوءَ سان شادي ڪري ورتي ۽ کيس جهجهو اولاد پڻ ٿيو هو. ان وچ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ پاڻ ۾ ملي نه سگهيا هئا. هڪ ڏينهن رکيل شاهه پنهنجن فقيرن کي ساڻ وٺي ڀرپاسي واري ڳوٺ جي شاديءَ ۾ شريڪ  ٿيو ۽ وسند فقير پڻ ٻين فقيرن سان گڏ اُتي موجود هو. هڪڙو ماڻهو وسند فقير وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته ”تنهنجي ڀيڻ، جنهن پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي هئي، اڄ هت موجود آهي ۽ تو سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ اٿس. جلدي ڪر. تو کي گهرايو اٿس.“

ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي مقدس محبت ۽ ڪومل جذبن جي اثر هيٺ، وسند فقير پنهنجي ذهن ۾ هڪ زلزلي جا جهٽڪا محسوس  ڪيا ۽ هو ڊوڙي وڃي پنهنجيءَ ڀيڻ جي منهن مقابل ٿيو. ڪجهه  دير لاءِ هو هڪ ٻئي  کي پٿر بڻجي پسندا رهيا ۽ وڏي ڀاءُ وڌي پنهنجيءَ ڀيڻ جا پير ڇهيا ۽ کيس چوڻ لڳو:” منهنجي مٺڙي ڀيڻ، تو کي ته تنهنجو ساٿي ملي ويو آهي، هاڻي دعا ڪر ته مون کي به پنهنجو يار ملي!“

هن واقعي کان تمام اڳ، سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کان هڪدم پوءِ سنڌين جون جاگيرون کسيون ۽ ان سان گڏ جاگير واري ثقافت جي اهم نشانيءَ، ”ڪارو- ڪاريءَ“ جي رسم، کي سنڌي سماج لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو هو ۽ ڀڃڪڙيءَ جي صورت م ان لاءِ موت جي سزا وارو قانون نافذ ڪيو. جنهن تي سنڌ ۾ گوڙ ٿيو هو ته انگريزن سنڌ جي صدين پراڻين رسمن ۽ رواجن سان هٿ چراند ڪئي آهي! ان جي نتجي ۾ سر چارلس نيپئر جهڙي فاتح به سنڌ جي هڪ طبقي اڳيان گوڏا کوڙيا هئا ۽ ڪار-ڪاريءَ واري قانون ۾ موت جي سزا کي ختم ڪري، ان کي ٽيپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. نيپئر پنهنجي صلاحڪارن جي زور ڀرڻ تي سنڌين کان وفاداريءَ جا وعدا ورتا هئا، ۽ کين  جاگيرون به واپس ڪيون هئائين! اهڙيءَ طرح، اسان جي هڪ طبقي انگريزن جي بيٺڪي راڄ ۾ پنهجين ڪڌين سماجي رسمن ۽ رواجن کي مضبوط ۽ محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي.

 

حاڪم ۽ عوامي ورثو

خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏيجيءَ جي تاريخي کنڊرن کان اولهه  طرف، چئن ميلن جي پنڌ تي، ڪراچي- سکر روڊ جي ڪنڌيءَ تي، ڪلهوڙن جي وقت کان هڪ ڳوٺ نالي جسڪاڻي آباد آهي، هن ڳوٺ جي اتر طرف هڪ وڏو قبرستان موجود آهي، جنهن کي ”شهيدن جو  مقام“ سڏيو وڃي ٿو. هن مقام ۾ ڪجهه پڪيون قبرون آهن. باقي گهڻو تڻو هيڊي رنگ جي پٿرن جون ڪچيون قبرون آهن، جي وقت گذرڻ سان ڊٺل حالت ۾ آهن يا غائب ٿي ويون آهن.

آءُ ٻالڪ اوستا ۾ هوس ته  پنهنجن وڏڙن ۽ وڏڙين کان ان مقام جي ستل سورهيه سرواڻن بابت ڪيئي داستان اڪثر ٻڌندو رهندو هوس. سنڌ جي تاريخ جا گهڻا باب اڄ به سنڌي ماڻهن جي سينن ۾ محفوظ آهن،  انهن مان هڪ واقعو هت ڏجي ٿو.

انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ڪجهه سال اڳ، شاهه شجاع ڪاه ڪئي ۽ سنڌين مٿان اچي جنگ مڙهي، جنهن کي انگريز  تاريخدانن ”افغان ويڙهه“ جو نالو ڏنو. جيئن ته اها جنگ سنڌين ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ سکر جي ڀر پاسي ”کرڙيءَ“ جي ميدان تي لڳي. ان ڪري سنڌي تاريخدانن هن کي ”کرڙيءَ جي جنگ“ جو نالو ڏنو. هن جنگ ۾ شاهه شجاع جي مقابلي لاءِ حيدرآباد ۽ خيرپور رياست مان جدا جدا ٻه لشڪر کرڙيءَ جي ميدان تي اچي گڏ ٿيا. هن جنگ ۾ سنڌ جو عوام وڏيءَ سورهيائيءَ سان وڙهيو، ۽  نتيجي طور جنگ جا تمام اُگرا اثرات سڄيءَ سنڌ ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. سنڌ جي ٻين علائقن جيان، خيرپور واري لشڪر لاءِ جسڪاڻي ڳوٺ جي تمام گهڻن ماڻهن ڌارين سان مهاڏو اٽڪائي، پنهنجي رت سان سنڌ جي سينڌ سنواري، وطن دوستي جي روايت کي قائم رکيو. جيئن  ته خيرپور جاگرافيءَ جي لحاظ کان هڪ ننڍي رياست هئي ۽ ٽالپر حاڪم شريف ۽ روادار هئا، ان  ڪري لڱي چڱي راڄن ۾ اٿڻ- ويهڻ ۽ ڀت- برادريءَ جو رستو رکندا هئا. ان وقت  مير رستم خان خيرپور جو حاڪم هو ۽ سندس ديرا (بيگمات) کرڙيءَ جي شهيدن جي عذر خواهيءَ لاءِ جسڪاڻي ڳوٺ ۾ پهتا. ڳوٺاڻي عورتن سان عذر خواهي ڪندي، مير وڏي جي بيگم صاحبه فرمايو ته ”اسان کي تمام گهڻو افسوس آهي جو هن ڳوٺ مان جسڪاڻي قوم جا گهڻا ماڻهو جنگ ۾ شهيد ٿي ويا آهن.“ تنهن تي جسڪاڻي قوم جي هڪ وڏڙيءَ وراڻيو: ” اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن هڪڙي ڳوٺ مان ڀريل کارو نٿن جو لٿو آهي (سنڌ ۾  رواج آهي ته جنهن عورت جو مڙس مري ويندو آهي، اها سُوءَ طور هڪدم پنهنجا زيور لاهي ڇڏيندي آهي)، جنهن لاءِ اسان کي افسوس بلڪل ڪونهي، جو هو پنهنجي وطن لاءِ وڙهيا هئا.“ وڏڙيءَ وڌيڪ چيو ته ”افسوس فقط هن ڳالهه جو رهجي ويو، جو اسان جي بيواهن جي لٿل نٿن جي ڀريل کاري ۾ ڪا هڪڙي نٿ ڪنهن ميرياڻيءَ جي هجي ها!“ اِهو ٻڌي ٽالپر حاڪمن جون زالون چپ ٿي ويون ۽ ڪو جواب نه ڏيئي سگهيون. شايد اهو محسوس ڪيو هجين ته وطن دوستي  حاڪم جو نه پر اِهو فقط عوامي ورثو هوندو آهي.

عوامي غيرت

اڳوڻي رياست خيرپور جا حاڪم گهڻو تڻو شريف، نيڪدل ۽ نهايت خوش طبع هوندا هئا. پاڻ موج ۾ هوندا هئا ته اڪثر عام ماڻهن سان چرچا گهٻا پڻ ڪري وٺندا هئا ۽ موٽ ۾ سخت جملا پڻ ٻڌڻ لاءِ تيار هوندا هئا، سندن رعايا مان ڪو ماڻهو وقت جي حاڪم کي اهڙو وڏو سچ منهن تي چئي ڏيندو هو، جيڪو رواجي حالتن ۾ هڪ عام ماڻهو به بڌڻ لاءِ تيار نه ٿئي، ته به اهو سڀ ڪجهه کل خوشيءَ سان ٻڌي، هو ڪڏهن ڪڏهن ته خوشيءَ وچان اهڙن سچارن کي انعام پڻ ڏيندا هئا.

مطلب ته سنڌ جي هن ننڍڙيءَ رياست ۾ حاڪم ۽ رعايا جا پاڻ ۾ سڌا سنوان لاڳاپا ڏاڍا دلچسپ ۽ وڻندڙ هئا. عام ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ ۽  معاشي سڌاري لاءِ حاڪمن ڪي خاص اپاءَ ڪين ورتا، ۽ خاص طرح ڇيڙ جو آزار عام هو، تڏهن به ماڻهو نهايت سادا، ايماندار، غيرتمند، محنتي، سچار، رکي سکي کائي خوش رهڻ وارا، ۽ پاڻ ۾ هو ڀائيچاري ۽ ميٺ محبت جي جذبن سان ٽمٽار رهندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي سنڌي سماج ۾ سماجي ڳانڍاپو ۽ سماجي ضبط نهايت مضبوط ۽ مثالي هو.

تاريخ ۾ ڇڙ واڳ بادشاهن هميشه عوامي پگهر جي پورهئي تي ٺٺ ۽ ٺانگر پئي ڪيا اهن. پئسي جي گهڻائيءَ ڪري منجهن عجيب ۽ غريب عادتون هيون. اهڙيون عادتون پڻ وقت جي حاڪم لاءِ لازمي معمول ۾ شامل هيون. خيرپور جي هزهائِنيس مير علي مراد خان ٽالپر (پهرئين) جي صاحبيءَ جو دور هو. آخر هو به هڪ بادشاهه هو، تنهن ڪري کيس به شڪار جو ڏاڍو شوق هو. ملڪي معاملن مان اڪثر جان ڇڏائي ڪجهه ڏينهن لاءِ شڪار جو شغل ضرور ڪندو هو.

هڪ لڱا، هن ڪچي جي ايراضيءَ ۾ شڪار جي سانگي اچي منزل ڪئي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڇيڙ عام هئي، سو ڳوٺ جي وڏيرن ۽ مير صاحب جي ڪارندن جي تڙ ڀيڙ تي راڄ ماڻهن جا مير وڏي جي انتظام لاءِ اچي پهتا. شڪار واري ٻيلي جي هڪ ڪنڊ ۾ وڏي منجڻ جو پيهو ٺاهيو ويو. جنهن تي مير صاحب بندوق ڀري سوئر جي تاڙ ۾ ويهي رهيو. ڄاڻو شڪاري ۽ سگهارا ماڻهو مير صاحب جي پيهي جي ڀر ۾ ٿي بيٺا ته جيئن حاڪم سان ڪو حادثو پيش نه اچي. جهنگ جي باقي ٽن پاسن کان ڇيڙ وارا ماڻهو ۽ شڪاري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هٿن ۾ کڻي، اندر ڪاهي پيا، جيئن لڪل سوئر  ٻاهر ڀاڄ کائي ته مير وڏو  ان کي گولي ءَ جو نشانو بڻائي. سوئر کي تڙڻ وارن ماڻهن ۾ ڳوٺ ڍاڪي جو نالي گهنور خان مرکنڊ پڻ شامل هو. گهنور خان قد جو ڊگهو ۽ بنهه سگهارو مڙس هو. هو نهن  هيءُ هڪ فقير  گهراڻي جي اولاد مان هو ۽ ڳوٺاڻن  لاءِ سڳو ڌاڳو  ڪرڻ، نانگ منڊڻ،  جانورن جي دوا دارونءَ ۽ ڏاهپ جا ڏس ڏيڻ ۾ ڏاڍو مشهور هو، تنهن ڪري تر جا ماڻهو کس گهڻو مان ڏيندا هئا. مير وڏو کيس ذاتي طور سڃاڻندو هو، تنهن ڪري گهنور خان مرکنڊ به مير وڏي جي سلام خاطر ڇيڙن سان گڏجي آيو هو.

شڪار شروع ٿي چڪو هو، ڇيڙا جهنگ سٽيندا اڳتي وڌندا رهيا، ايتري ۾ اوچتو هڪ هڙهيءَ مان سوئر بل ڏيئي ٻاهر نڪتو ۽ ڀڄڻ لڳو، ۽ اتفاق سان گهنور خان سوئر جي سامهون اچي ويو. پريان مير وڏو جيڪو پيهي تي ويٺو هو، تنهن سوئر کي گهنور خان ڏانهن ڊوڙندي ڏٺو ته هڪل ڪري چيائنس، ”اڙي گهنور، متان پڻهين کي ڇڏيو اٿئي!“

پنهنجي مرهيات پيءُ تي هيءَ گار ٻڌي گهنور خان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سٽ ڏيئي ٻنهي هٿن سان وڃي سوئر جي ڪنن کي جهليائين. ماڻهن ڏٺو ته مٽي اُڏاڻي، سوئر هيٺان ۽ گهنور مٿان، ٻيئي وڃي کامي ۾ ڪريا. ٿوريءَ دير کان پوءِ سوئر سٽ ڏيئي ڇڏائي وٺي ڀڳو. مير وڏي اهو سڀ ڪجهه مٿي پيهي تان ويٺي ڏٺو ۽ وري گهنور خان کي رڙ ڪري چيائين، ”اڙي پڻهين کي ڇڏي ڏني!“ مير وڏي جو اِهو جملو ٻڌي، گهنور خان جي اکين ۾ رت ڀرجي آيو ۽ هڪدم پنهنجا ٻيئي هٿ مٿي ڪري هوا ۾ لوڏيائين، جن ۾ کيس سوئر جا ٻئي ڪن هٿن ۾ مضبوطيءَ سان جهليل هئا، ۽ رت سندس هٿن تان هيٺ لهي ٻانهن ڏانهن وڌڻ لڳو هو. ۽ نهايت ڪاوڙ ۽ حقارت سان مير صاحب کي وراڻيائين ته ”پڻهين جا ڪن ته اجهو هٿن ۾ اٿم، باقي اِهو پڻهين، سو اهو ڀڳو ٿو وڃنئي!!“

جاگيرداري مفاد ۽ سنڌي جتي

سنڌ جي هڪ خاص طبقي پنهنجي دولت ۽ طاقت وڌائڻ خاطر سنڌ ۽ ان جي عوامي مفادن کي هميشہ پئي هڪ صدقي جي ٻڪري جيان قربان ڪيو آهي، پر هن بااثر طبقي ڪي اهڙا ماڻهو موتيءَ داڻا به پيدا ڪيا، جيڪي پنهنجي گهڻين ڪمزورين يا اوڻاين جي باوجود به ڪن اهم خوبين جا مالڪ هئا. هر سماج ۾ ڪي ڪي ماڻهو سخت قسم جي روايت پسنديءَ ۾ ورتل هجن ٿا. پر جيڪڏهن ساڻيهه جي سڪ سان گڏ هڪ مخصوص سماج جي  بي ضرر رسمن ۽ رواجن تي  سختيءَ سان پائبندي يا پنهنجي  تهذيب ۽ سڀيتا سان ڪنهن جو سٻنڌ هجي، ته اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر نه ڪرڻ سخت ناانصافي ٿيندي، پوءِ کڻي هو هڪ طرح ڪنهن خاص ناپسند  طبقي سان ڇو نه لاڳاپيل هجي.

اتر سنڌ سکر ضلعي ۾ جاڳڻ خان ڀيو هڪ بااثر زميندار ۽ پنهنجي قوم جو سردار ٿي گذريو آهي. انگريزن جي حڪومت جو دور هو ۽ ان وقت ڪوٺا والا سکر ضلعي جو ناليوارو ڪليڪٽر هو. جاگيردار طبقي ۽ وڏن ڪامورن جا مفاد هڪ جهڙا ٿين، ان ڪري مرحوم جاڳڻ خان ڀيو ۽ ڪوٺاوالا پاڻ ۾ بنهه گهاٽا دوست هئا يا ائين کڻي چئجي ته هو ٻيئي پاڻ ۾ پڳ مٽ يار هئا. هڪ دفعي سنڌ جي انگريز گورنر اتر سنڌ جي دوري تي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، جنهن ۾ سکر ضلعي جو دورو پڻ شامل هو. ننڍا ڪامورا پنهنجي روايتي چاپلوسيءَ وسيلي، پنهنجن وڏن ڪامورن کي خوش ڪرڻ خاطر، پنهنجي حد جي جاگيردار طبقي تي ذاتي اثر رسوخ هلائي، گورنر صاحب جي دعوت ڪرڻ لاءِ زوربار  وجهڻ لڳا، جيئن انگريز حاڪم خوش رهن ۽ ڪامورن ۽ ان سان لاڳاپيل پر ماري طبقي جي مفادن جي حفاظت پڻ بهتر نموني ٿي سگهي. هن موقعي تي ڪوٺاوالا  پنهنجي پياري دوست جاڳڻ خان ڀيي جي ڳوٺ هلي وڃي کيس گورنر بهادر جي دعوت ڏيڻ لاءِ چيو. جاڳڻ خان سنڌ  جي هڪ روايتي مهمان نواز جي حيثيت ۾ گورنر صاحب جي دعوت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

انگريز گورنر جي دعوت ڪرڻ ڪا رواجي ڳالهه  ڪا نه هئي. هن ڪم لاءِ وڏو پئسو ٿي کتو ۽ اُن خرچ کي ته ڪو جاڳڻ خان ڀيو يا سندس طبقي وارو ٻيو اهڙو وڏو ماڻهو ئي منهن ڏيئي ٿي سگهيو.

باقي جهڙو تهڙو زميندار ته هن وڏيءَ دعوت جي سڌ به نٿي ڪري سگهيو. جاڳڻ خان پنهنجي دوست ڪليڪٽر جي عزت خاطر ۽ پنهنجي شان ۽ شوڪت ڏيکارڻ لاءِ بنهه گهڻو پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪري هڪ تمام وڏيءَ دعوت جو بندوبست ڪيو ۽ اُن ڏس ۾ سڄيءَ سنڌ جي جاگيردار طبقي ۽ ٻين معززن کي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نينڍ پڻ ڏياري موڪلي.

دعوت جي رٿيل پروگرام موجب مقرر تاريخ کان ٻه ڏينهن پهرين ڪوٺاوالا صاحب دعوت جي انتظام کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ جاڳڻ خان جي ڳوٺ اچي پهتو. وقت جي لحاظ کان جاڳڻ خان هن دعوت تي پئسو پاڻيءَ وانگر وهايو هو. هڪ غير معمولي ۽ شاندار دعوت جو انتظام ڏسي، ڪوٺاوالا جون ڏندين آڱريون اچي ويون. پاڻ نهايت خوشيءَ ۽ گهمنڊ وچان جاڳڻ خان کي چيائين ”جاڳڻ خان! منهنجي دوستن  ۽ سنڌ جي مڙني جاگيردارن ۾ بيشڪ توهان کي مٿانهين جاءِ والارڻ جو حق آهي، توهان جهڙا سنڌي سردار ئي مهمان نوازيءَ  جي رسم کي جاري رکي سگهن ٿا.“ اهو ٻڌي، جاڳڻ خان جواب ۾ هڪ وڏو ٽهڪ ڏيئي، ڪوٺاوالا کي کڻي ڀاڪر ۾ وڌو ۽ وٺي اچي کيس پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي ويهاريو.

ٻئي ڏاڍا خوش هئا ۽ گورنر صاحب جي آجيان جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا. جاڳڻ خان هڪ جاگيردار هجڻ سان گڏوگڏ نهايت سادو ۽ روايتي سنڌي ماڻهو پڻ هو، تنهن ڪري ڪوٺاوالا کيس لباس جي باري ۾ سمجهاڻي ڏيندي چيو، ”جاڳڻ خان مون کي خبر آهي ته توهين هميشہ سنڌي جتي پيرن ۾ پائيندا آهيو- ڇا، توهان دعوت واري موقعي لاءِ ڪو انگريزي قسم جو بوٽ ورتو آهي؟“ اهو ٻڌي، جاڳڻ خان ٿوريءَ دير لاءِ ماٺ ۾ اچي ويو. ڳنڀير ٿي، وراڻيائين، ”ڪوٺاوالا! اسان جا ابا ۽ ڏاڏا سنڌي جتيون پائي مري ويا، سچ پڇو ته مون حياتيءَ ۾ بوٽ پائڻ لاءِ سوچيو ئي ڪونهي. مان سنڌي جتي پائي گورنر صاحب جي آجيان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيان ٿو.“

اهڙو جواب ٻڌي ڪوٺا والا ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ کيس وري چيائين، ”جاڳڻ خان! ضد ڇڏيو، مهرباني ڪري اُٿو ۽ هن وقت مون سان گڏ سکر هلو ته مان پنهنجي پسند مطابق توهان کي هڪ سهڻو انگريزي بوٽ پارائيندس، جيئن انگريز حاڪم اهو محسوس ڪن ته سنڌي قوم سندن سهڻي لباس کي پڻ قبول ڪري ورتو آهي.“ اهو ٻڌي، جاڳڻ خان ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو ۽ ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو. ڪوٺا والا کي وراڻيائين، ”مهربان توهان مون کي اڄ سنڌي جتي لاهڻ لاءِ چيو آهي، ٿوريءَ دير کانپوءِ منهنجي پڳ به مٽائڻ لاءِ چوندا. تنهن ڪري هيءَ دعوت ختم سمجهو!“

۽ هڪل ڪري دعوت جي انتظام ڪرڻ وارن ماڻهن کي چيائين، ”اڙي لاهيو  هي تنبو ۽ تالان، سڀ انتظام ختم سمجهيا وڃن. هاڻي  ڪو به گورنر جاڳڻ خان جي دعوت ۾ نٿو اچي سگهي.“ ڪم ڪرڻ وارا اڄ حيرت مان ڪم مان هٿ ڪڍي، جاڳڻ خان ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ ڪليڪٽر ڪوٺا والا وائڙو ٿي ويو، ۽ پنهنجي دوست کي ٽڪ ٻڌي گهوري ڏسڻ لڳو: شايد  اهو به سوچيو هجيس ته ’جاڳڻ خان ڀيو هڪ سخت قسم جو روايتي سنڌي ضرور آهي، پر ساڳئي وقت ڪيترو نه سادو ماڻهو آهي، جنهن پنهنجن جاگيرداري مفادن تي سنڌي جتيءَ کي ترجيح ڏني هئي!‘

(4-10-1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org