پريٽوريا ۽ تپئي- ٻيئي هڪ جهڙا تڙيل
(سِين او، ڪُونر)
پريٽوريا نسل پرست ڏکڻ آفريڪا جي راڄڌاني آهي، ۽
تپئي آمريڪي پناهه ۾ آيل تائوان، اصل چين کان ڇنال
ٻيٽاريءَ، جي گاديءَ جو شهر آهي.
ويجهن چند سالن ۾ هنن ٻنهي راڄڌانين جا پاڻ ۾
ڏاڍا گهاٽا ۽ رازداريءَ وارا لاڳاپا قائم ٿي چڪا
آهن!
ٻيئي
ملڪ هزارين ميل هڪ ٻئي کان پري آهن، ٻنهي جي
راڄنيتي سٻنڌ جو ڪو ظاهري سبب يا منطق به ڪو نه ٿو
ڏسجي، ۽ نه وري ٻنهي جا باهمي ڪي خاص فائدا به
سمجهه ۾ اچي ٿا سگهن.
فائدي ۽ سبب جي ڳالهه کي ٿو ڏسجي ته پاڻ تائوان
لاءِ پريٽوريا حڪومت سان ناراض رهڻ بلڪه وڙهڻ ۽
نفرت ڪرڻ جا اسباب موجود آهن. ڏکڻ آفريڪا ۾ جيڪي
چيني قوم جا ماڻهو رهن ٿا ۽ اُهي خاص طرح تائوان
جا ئي چيني آهن- اُنهن لاءِ، ڏکڻ آفريڪا جي هڪ
اخبار جي چوڻ موجب، اُتي ڪو به انساني يا قانوني
تحفظ ڪونهي ۽ اُهي ڏکڻ آفريڪا جي انسان دشمن
”گروهي ايراضين جي قانون“ هيٺ اُتان جا ڪي بنهه
شودر ۽ ڪوڙهي رولاڪ تصور ٿين ٿا.
پر
ڏکڻ آفريڪا ۾ چيني ماڻهن لاءِهيءَ سرڪاري نفرت ۽
اُنهن جو هي نيچ درجو پريٽوريا ۽ تپئي حڪومتن جي
وچ ۾ هن نئين ياراني جو آڏو ڪا رڪاوٽ بنجي نه
سگهيو آهي.
چتائي ڏسڻ سان البت ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته هي ٻه
ملڪ، اتريءَ ڪم از ڪم هڪ پاسائين شديد نفرت جي
موجود هوندي به، واپار ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نالي ۾ هڪ
ٻئي جا ڇو ايترا سنگتي ساٿي بڻيا گهمن ٿا!
1980ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جو وزيراعظم، ڊبلوي. بوٽا،
تائوان جي سرڪاري ياترا تي تپئي وڃي پهتو ۽ تائوان
جي صدر چيانگ چنگ- ڪئو ۽ وزيراعظم سن بن- سئان جو
معزز مهمان بڻيو. هڪ سرڪاري دعوت ۾ جيڪا وزيراعظم
سن سئان هن جي اعزاز ۾ ڏني هئي، جيڪي ٻاهرين ملڪن
جا سفير شامل ٿي سگهيا هئا، سي فقط پارا گئا، گئه
ٽيمالا، ايل ساليڊار، ڪوسٽاريڪا، پناما، يورو
گوئا، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڊومنيڪن ريپبلڪ جا سفير ئي هئا.
ائين
پئي معلوم ٿيو ته هيءَ ڪا گڏجاڻي ئي دنيا جي
حياتات نڪتل، جڳ تڙيل، ملڪن جي هئي.
ڪافي
وقت کان، تائوان جيڪي طريقا ۽ نمونا ملڪ جي اندر
”چپ چپات“ جي قائم رکڻ لاءِ ڪم پئي آندا آهن،
اُهي، مغربي خيال کان، خاص طرح آمريڪا لاءِ،
ڳڻتيءَ جا سبب پئي بڻيا آهن. هونئن ته مغرب جي
دنيا، ۽ خاص طرح وري به آمريڪا، دل و جان سان ۽
پوري پنهنجي ايمان جي سلامتيءَ سان تائران جي پٺي
ٺيڻ لاءِ تيار پئي رهي آهي ته ڪنهن طرح علائقي ۾
قومي جمهوري چين جو ڪو اثر رسوخ وڌي نه وڃي ۽ اُن
جا حمايتي اُتي ڪنهن طرح زور نه وٺي وڃن. پر
آمريڪا جي خاص ڳڻتي ان ڳالهه جي سلسلي ۾ وڌيل رهي
ٿي ته تائيوان حڪومت، آمريڪا جي نقطي نگاهه کان
نيڪن، اشرافن ۽ جمهوري سياسي مخالفن جو به نڪ ۾ دم
ڪري بلڪه مرڳو ئي خوف آمريڪا سان وفاداريءَ جو به
اهڙو ئي ساڳيو پڪو دم ڀرين ٿا جهڙو تائوان جي
حڪومت پاڻ!
ڏکڻ
آفريڪا به پنهنجن بين الاقوامي تعلقات جي سلسلي ۾
پاڻ کي ساڳيءَ هڪ مشڪل صورتحال ۾ آڻي وڌو آهي-
مغرب کي، ۽ خاص طرح آمريڪا کي، ان پنهنجي نسلي
علحدگيءَ جي نظرين، پاليسيءَ ۽ عمل ج انتهائيت تي
ڪافيءَ کان زياده ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي!
گذريل ڪن سالن کان مغرب جي ملڪن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي
شديد نسلي پاليسين ۽ انهن تي آمريڪا جي ساٿ بلڪه
گهڻي قدر پوشيءَ خلاف تمام گهڻو اعتراض پئي ٿيو
آهي ۽ احتجاجي آواز بلند پئي ٿيو آهي- خاص طرح
ريگن انتظاميه جي دور ۾ جيڪي نسل پرست ڏکڻ آفريڪا
سان ”تعميري مفاهمت “ جا لاڳاپا قائم ٿيا ۽ وڌيا
آهن، ۽ انهن جي خلاف، ۽ نتيجي طور پريٽوريا تي
مغرب طرفان، ۽ وري به خاص طرح آمريڪا طرفان، ڪجهه
”تعميري“ ۽ ”اصلاحي“ اقدامن کڻڻ لاءِ دٻاءُ پئجي
رهيو آهي.
پر
ساڳئي، وقت، جيئن تائوان جي حالت ۾، مغرب جي دنيا
۽ خاص طرح آمريڪا ڏکڻ آفريڪا سان پنهنجي دوستي ۽
امداد جا ناتا قائم رکڻ ۽ وڌائڻ تي مجبور آهي ته
جيئن آفريڪا جي اُن علائقي ۾ سوويت يونين جو اثر
۽ ان جا حمايتي زور نه وٺي وڃن- جن کي روڪڻ ۽ ختم
ڪرڻ جو ڪم مغرب طرفان ڏکڻ آفريڪا جي ئي حوالي ٿيل
آهي.
تائوان سان ڏکڻ آفريڪا جي دوستي، جيڪا تقريباً چار
سال اڳ شروع ٿي هئي، جڏهن وزيراعظم سن- ين، سئان
سرڪاري ملاقات تي پريٽو ويا سڏيو ويو هو، سا
ڪميونزم دشمنيءَ ۾ ٻنهي حڪومتن جي مشترڪه شدت جو
ئي اظهار آهي، جنهن کي هو، دنيا ۾ پنهنجي علحدگيءَ
۽ نيات نيڪاليءَ جي اثرات کان بچندي، وقت بوقت پاڻ
۾ گڏجي، پنهنجن تجربن جي مٽاسٽا ڪري هو اڃائي وڌيڪ
تيز ڪرڻ گهرن ٿا.
اها
ته عالم آشڪار ڳالهه آهي ته جنهن مهارت ۽ حيوانيت
جي انتها سان ڏکڻ آفريڪا ڪيمونسٽ خطري کي منهن ڏئي
ٿي، ان ۾، عبرتناڪ حد تائين، پڪ ئي پڪ، فقط تائوان
ئي ان کان گوءِ کڻي رهيو آهي.
دوستيءَ جي ان ابتدا کان وٺي اڄ تائين ڏکڻ
آفريڪائي ۽ تائواني عملدارن، حڪومتي نمائندن ۽
ڪئبينٽ وزيرن جي هڪ ٻئي وٽ اچ وڃ زور شور سان جاري
رهي آهي- سندن هڪ ملاقات لاءِ هيءَ هل هلان ائين
آهي، جيئن ٻن جهنگ ۾ پنهنجي پنهجي ڊوڙ ڊڪ ۽ وٺ
پڪڙ دوران ساهي پٽڻ ۽ وندر ورونهن لاءِ پاڻ ۾ ۽
ٻين برادر جهنگ ٻلن سان ملڻ ۽ منهن منهن ۾ وجهي،
هڪ ٻئي جون رت ڀريل هؤڙون ڏسي ۽ ناسون سونگهي،
موٽي وڃي، پنهنجي پنهنجي چير ڦاڙ جي ڪم کي لڳن!
[”اسٽار ورلڊ پيپر“، مارچ 1984ع
(28-
6-1984ع) جي شڪريي سان.- م.ا.ج]
بکايل دنيا ۽ اَڻ اُسريل ملڪ
(اڪبر سومرو)
انسان جي جياپي جي لاءِ سڀ کان پهرين ۽ ضروري
ڳالهه آهي ان جو کاڌو. ماڻهوءَ جي جسم جي بناوت،
تندرستي ۽ توانائي ۽ وڌڻ ويجهڻ ان جي کاڌي کائڻ تي
منحصر آهي. ان جي صحيح واڌ ويجهه نه فقط ان جي
کاڌي کائڻ سان آهي پر سٺي ۽ غذائيت ڀريل کاڌي کائڻ
سان ئي ممڪن آهي.
اڄوڪيءَ دنيا جو هڪ اڌ جڏهن خلائن کي فتح ڪرڻ جي
خوابن کي عملي جامو پهرائي رهيو آهي، ته ان جي ٻئي
اڌ ۾ ماڻهو بکيا، ڏکيا، انگ، اگهاڙا، نٻل، هيڻا، ۽
سوين سموريون انساني لياقتون ۽ قابليتون محدود ٿي
چڪيون آهن. انهن اڻ اسريل ملڪن جي ماڻهن کي
زندگيءَ جي ٻين ضرورتن سان گڏ وڏي ۾ وڏيءَ ضرورت
طور کاڌي جو مسئلو اڳيان آهي ۽ هڪ سنجيده صورت
وٺيو بيٺو آهي.
هڪ
مضمون نگار.جين يان ون، پنهنجي هڪ مضمون”اڻ اُسريل
ملڪن جي حالت“ جي شروعات ڪندي لکيو آهي، ”ڪروڙين
بکين واتن مان ماٺ ميٺ ۾ رڙيون دانهون پيون نڪرن،
پر اهي ڪوئي ڪو نه ٿو ٻڌي.“
حقيقت به اها آهي ته جيڪڏهن ڪو دل وارو اهي رڙيون
ٻڌي به، ته سندس روح پڻ رڙيون ڪري اٿي!
جڏهن
اسين دنيا ۾ کاڌي ۽ ٻين انساني ضرورت وارن ڪمن تي
خرچ ٿيندڙ رقم کي ڏسون ٿا ۽ وري خلائن ۾ تحقيق،
ٻين گرهن تي زندگيءَ جي ڳولا لاءِ ٿيندڙ خرچ ۽
دنيا ۾ هٿياربند فوج تي ٿيندڙ خرچ جو حساب ڪتاب به
ڪريون ٿا، ته معلوم ٿئي ٿو ته اڻ سڌريل تڙي اسريل
ملڪ کاڌي ۽ تعليم جي بنسبت گهڻو خرچ غير پيداواري
شين تي ڪن ٿا، ۽ اُن ڪري دنيا جا اڪثر ملڪ ۽ انهن
۾ رهندڙ ماڻهو بک جو شڪار آهن. کين ٻه وقت به پيٽ
ڀري ماني نٿي ملي، اڻ اسريل ملڪن جا ٻار بجاءِ
تعليم پرائڻ جي مزدوري ۽ بار برداريءَ وغيره جا ڪم
ڪن ٿا.
هڪ
اندازي موجب هڪ ماڻهوءَ جي صحتمند رهڻ لاءِ
ساليانو کيس 177 ڪلو گرام کير، 28 ڪلوگرام گوشت ۽
176 عدد بيضن جي ضرورت پوي ٿي. جڏهن ته صرف
سنڌ(جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پروٽين واپرائيندڙ
صوبو آهي) ۾ ساليانو هر ماڻهو سراسري طرح کير صرف
81 ڪلو گرام، گوشت صرف 9 ڪلو گرام ۽ بيضا 26 عدد
واپرائي ٿو: يعني ته ساليانو سندس پروٽين واري
خوراڪ مان 96 ڪلو گرام کير، 19 ڪلو گرام گوشت ۽
150 عدد بيضا کٽل هوندا آهن.
کاڌ
۾ پروٽين ۽ ٻين خوراڪي جزن جي گهٽتائي سمورن
اسرندڙ ۽ اڻ اسريل ملڪن جو مسئلو آهي ۽ خاص طور
تي آفريڪا کنڊ ۾ ته انتهائي هنگامه خيز صورت پيدا
ٿي چڪي آهي.
سنڌيءَ ۾ هڪڙو پهاڪو آهي ته ”ڏٻري ڍور تي مڇر
گهڻا“، سو ان پهاڪي جيان انهن ملڪن ۾ کاڌي جي
اڻاٺ جي ڪري بيماريون به عام آهن.
ساريءَ دنيا ۾ تقريباً 300 ملين کان به وڌيڪ ننڍن
ٻارن کي پروٽين جو مقدار مقرر نه ملڻ ڪري سندن
فطري واڌ رڪجيو وڃي ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ سندن تنتي
سرشتو ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت گهٽ ٿيڻ سان گڏ منجهن
دماغي ڪمزوريون پڻ پيدا ٿيو پون.
”ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن“ جي هڪ اندازي موجب مائرن
کي صحيح خوراڪ نه ملڻ ڪري 10 سيڪڙو ٻار حسياتي،
جسماني ۽ دماغي بيمارين ۾ مبتلا ٿيل ڄمن ٿا. اڻ
اسريل ملڪن ۾ 1000 ٻارن مان 200 هڪ سال جي عمر
کي پهچندي پهچندي مريو وڃن، 100 ٻار پنجن سالن جي
عمر تائين مريو وڃن، ۽ صرف 500 ڄڻا 40 سالن جي
عمر کي پهچن ٿا. اسريل ملڪن ۾ سراسري طرح هڪ ماڻهو
60 ۽ 72 سالن جي وڌ ۾ عمر ماڻي ٿو ۽ اڻ اسريل
ملڪن وٽ اهو 35 کان 40 سال ئي سراسري طور جيئي ٿو.
هڪ
ٻئي اداري،” بين الاقوامي نوبحاليءَ جي تنظيم“،
مطابق ماڻهن کي صرف صحيح پاڻيءَ جي نه ملڻ
ڪري،آنڊن ۽ پيٽ جون ٻيون بيماريون پڻ عام آهن.
قومن
جي صحتمنديءَ جو سمورو دارومدار انهن جي کاڌ خوراڪ
تي بيٺل هجي ٿو. کاڌو جسماني ۽ ذهني صحت بخشي ٿو.
جڏهن
ڪا قوم جسماني ۽ ذهني لحاظ کان صحتمند نه هوندي،
ته ان جي هر عمل ۾ پڻ نٻلتا ۽ هيڻائي پيدا ٿي
ويندي آهي. ان ۾ سوين جسماني ۽ نفسياتي بيماريون
جنم وٺنديون آهن. جنهن ڪري منجهانئن سامهون ٿيڻ يا
جواب ڏيڻ سان گڏوگڏ تخليقي صلاحيتون پڻ نابيد ٿي
وينديون آهن، ۽ نيٺ اها قوم هيڻي ٿي، پنهنجي چيلهه
ڀڃائي ويهي رهندي آهي.
دنيا
جا سمورا ملڪ بنيادي انساني ضرورتن کي ڇڏي غير
ضروري خرچ پويان هزارين، لکين ملين ڊالر لٽائي
رهيا آهن ۽ اُهو سارو خرچ غير پيداواري قوتن تي ٿي
رهيو آهي، جنهن مان انساني فائدي جو ته ڪو به
امڪان ڪونهي، ويتر تباهيءَ جا آثار پيدا ٿين ٿا.
انهن سببن ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ لئٽن آمريڪا جا
ڪروڙين ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن، سندن
ٻارڙن جا پيٽ پٺيءَ سان لڳ آهن ۽ انهن جون مسڪين
اکيون مانيءَ جي لولي لاءِ ليلائيندڙ. بک هڪ راڪاس
جيان ”آدم بو- آدم بو“ ڪريو انهن ملڪن ۾ پيئي
ڊوڙي، جڏهن ته اسريل ملڪ غير ضروري اناج ڪڏهن
ڪڏهن ته ساڙايو ڇڏين! حالت اها آهي، جو هڪ شاعر
جي لفظن ۾:
”گدامن جا در ته قلفيل هئا،
پر
ڪوئن جا لشڪر،
پنهنجن جسمن جي گاڏن ۾
اُن
جي ذخيرن کي کڻي،
ڪٿي
ٻرن ۾ وڃي لڪا،
چين
جي ننڊ ڪرڻ!
پر
انساني مائرن جي سڪل ۽ انديشن ڀريل ڇاتين سان
چنبڙيل،
کير
پياڪ ٻار
ڳوڙهن سان ئي جهوليون ڀرين ٿا.“
اِن
ئي ڪيفيت کي اسان جي بزرگ مخدوم نوح اجهو هن ريت
چٽيو آهيل
”پيئي جا پرڀات،
سا
ماڪ نه ڀانيو ماڻهوئا،
رني
آهي رات، ڏسي ڏکوين کي!“
ساريءَ دنيا ۾ هن وقت انسان خلاف ائٽم، هائيڊروجن،
نيوٽران ۽ ڪلسٽر بمن سميت، مستقبل جي قتل عام لاءِ
ٺهندڙ هاڃيڪار هٿيارن تي ساليانو 50 هزار ملين
ڊالر ٿيندڙ خرچ جيڪڏهن دنيا ۾ رهندڙ هر مرد، عورت
۽ ٻار ۾ ورهائجي، ته هوند في ماڻهوءَ کي 110 ڊالر
ملن.
ازنسواءِ دنيا ۾ فوجي سکيا لاءِ استعمال ٿيندڙ
تقريباً، 50 هزار چورس ڪلو ميٽر زمين آباديءَ ۽
پوک کان سيڙيل آهي. ٻيو ته ائٽمي تجربن وارن
علائقن ۽ بمباريءَ جي زد ۾ آيل علائقن تي وري
ڪڏهن به پوک نٿي ڪري سگهجي.
انسان ذات جو قتل ڪندڙ اهي فوجي حربا جيڪي غريب
ملڪن جي عوام کي بک ماري هٿ ڪيا وڃن ٿا، سي جڏهن
عمل ۾ اچن ٿا ته انهيءَ سان هزارين ماڻهن جي مرڻ
بعد بچيل شهري زندگيون پڻ مفلوج ٿيو وڃن، ماڻهو بي
گهر ۽ مفلس ٿيو وڃن، هزارين عورتون ۽ ٻار لاوارث
ٿيو وڃن، ۽ اپاهج ماڻهن ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو . جنگ
جي تباهڪارين بابت ناگاساڪيءَ تي ٻي عالمگير جنگ ۾
ٿيل بمباريءَ متعلق هڪ جپاني ڊاڪٽر ايم- ايچي ماڙو
اکين ڏٺو احوال بيان ڪندي لکي ٿو:
”مون
يوراڪاميءَ ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، اتان کان اٽڪل 500
کن وال اڃا پري هوس ته اُتي مون کي يورا ڪاميءَ
مان موٽندڙ ڪافي زخمي مليا، جن جا ڪپڙا ڦاٽي ليڙون
ليڙون ٿي چڪا هئا ۽ سندن جسمن جون کلون اُڍوڙجي،
ڇيڙا ٿي، لٽڪي رهيون هيون ۽ اهي خالي خالي اکين
سان گهوريندڙ رت ۾ ليٿڙيل ڀوت پئي لڳا.
”ٻئي
ڏينهن جڏهن آءُ پيرين پنڌ يوراڪاميءَ ۾ پهتس ته
اتي ڏٺم ته جيڪي ڪجهه اڳي هو، سو سمورو غائب هو،
صرف ڊٺل عمارتن جا کنڊر ۽ لاش ئي لاش پکڙيل هئا،
پاڻيءَ جي ڳولا ۾ مايوس ٿيل هڪ ماڻهوءَ جو ڦٿڪندڙ
جسم ڏٺم جنهن جي وات مان گجي نڪري رهي هئي، سڙيل
ڪارن لاشن جا ڍير پيا هئا، جن جي ٻانهن ٽنگن جون
اڇيون هڏيون ڏسڻ ۾ پئي آيون. زخمي عورتون ۽ ٻار
هانءَ ڦڙي روئي رهيا هئا.سندن آهون دانهون ۽ ڪوڪون
مون کان نه وسرنديون.“
اکيون مون اٻاٽيون، روئي رت ڦڙا!
تازو
دنيا جي ٻٽيهن اڻ اسريل ملڪن جي هڪ ڪانفرنس پئرس
۾ ٿي، جنهن ۾ اندازو لڳايو ويو ته غريب ۽ بکين
ملڪن جو في ماڻهو سراسري طرح سال ۾ صرف 200 ڊالر
ڪمائي ٿو. يعني هڪ مهيني ۾ 15 کن ڊالر يعني 300
رپيا کن مهينو، جيڪا ڪمائي اُن هڪ ماڻهوءَ جي لاءِ
به تمام ٿوري آهي، جڏهن ته اهي رويا اڪثر هڪ
خاندان لاءِ هوندا آهن.
اهڙي
نموني اسين جيڪڏهن انسانيت جي مستقبل تي نظر
وجهنداسون ته پڻ معلوم ٿيندو ته دنيا جي اڄ جيڪا 4
ارب آبادي آهي سا 30 سالن بعد ٻيڻي ٿي ويندي. هن
ڌرتيءَ جا وسيلا جيڪي اڻ برابريءَ ڪري اسان جي
ڌرتيءَ تي 4 ارب ماڻهن کي به پورا نٿا پون، سي 8
ارب جي آباديءَ ۾ ورهانا پوندا. از انسواءِ دنيا
کي گهربل ساليانو اناج 274 ملين ٽن آهي جيڪو پڻ
وڌڻ بجاءِ گهٽجي رهيو آهي. تازو هڪ 1981ع جي
اندازي مطابق 210 ملين ٽن اناج پيدا ٿيو يعني 64
ملين ٽن گهٽ پيدا ٿيو.
ان
جو مطلب ته ان سريل ملڪن جي ماڻهن جو مستقبل بلڪل
اونداهو آهي ۽ اها ئي حالت رهي ته اهڙي ڪا به اميد
حال في الحال نٿي ڪري سگهجي ته غريب ملڪن جا ماڻهو
ڪڏهن پيٽ ڀري به کاڌو کائي سگهندا.
دنيا
جي اهڙي صورتحال ڏسي صرف اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته
اسان جي ڌرتي هڪ وڏي بحران ۾ مبتلا آهي، جنهن
بحران تي قابو نه پاتو ويو ته ايندڙ وقتن ۾ هن
دنيا جا ماڻهو ڏڪارن ۽ ٻين وبائن ۾ وٺبا ويندا،
جنهن سان دنيا جي رهيل کهيل سونهن ۽ سڪار به ختم
ٿي ويندو، ۽ هيءَ دنيا هڪ وڏو قبرستان ڀاسندو.
اِن
لاءِ اچو ته پنهنجيءَ دنيا کي بچايون ۽ ان مان بک
۽ بيماريءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪوشش وٺون. اچو ته هن
دنيا کي حسين ۽ جنت نما بنايون ۽ اچو پنهنجن ايندڙ
نسلن جي ڀلي لاءِ سوچيون ۽ ڪجهه ڪريون.
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست
مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
-شاهه
آفريڪا کنڊ، بحران ۾!
(اڪبر سومرو)
هن
وقت سڄو آفريڪا کنڊ بحران ۾ ورتل ٿو ڏسجي ۽ سندس
گهڻائي ملڪ بک ۽ بدحاليءَ جو سخت شڪار آهن. تازين
رپورٽرن مطابق ان جي ڪيترن علائقن ۾ تمام سخت ڏڪار
پئجي چڪو آهي ۽ ماڻهو اَن نه ملڻ ڪري مري کپي رهيا
آهن. ان جي پيش نظر اسان آفريڪا کنڊ جو هڪڙو
مختصر جائزو پيش ڪري رهيا آهيون.
آفريڪا دنيا جو نهايت ئي مالدار ۽ دولت مند کنڊ،
جتي سون ۽ هيرن جون کاڻيون لڀن ٿيون، سو اڄوڪي
دنيا جو نهايت ئي مسڪين، غريب، يتيم ۽ بيواهو کنڊ
ثابت ٿي چڪو آهي. اُن جو ثبوت سندس ڪافي ملڪن ۾
بک، بيمارين ۽ بدحاليءَ سبب سڪرات جي ڪيفيت آهي.
آفريڪي ملڪن ۾ زندگيءَ جون ٻيون گهرجون ته ڇٽيون
پر صرف اناج نه ملڻ ڪري ئي اتي جا رهاڪو مري کپي
رهيا آهن، ۽ اهڙيءَ ريت اهو پڻ ڀاسي پيو ته سندن
داد فرياد ڪرڻ وارو به ڪوئي ڪونهي، سواءِ ڪجهه
امدادي جماعتن جي جيڪي اخلاقي صورتحال جي پيش نظر،
لطيف جي شعر جيان ته ’ٻڏندي ٻوڙن ۾ ڪي هاتڪ هٿ
وجهن!‘کين مڙيو ئي موت جي متل آپدا مان ڪڍڻ جي
ڪوشش ۾ سرگرم آهن، پر گهڻو ڪري سندن اُهي ڪوششون
جٽاندار ثابت ڪو نه ٿينديون ڇو ته اتي جي اڪثر
ملڪن جا بنيادي، اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي ڍانچا
ڊانوان ڊول ٿيا پيا آهن: جنهن ڪري هاڻ، گورڪيءَ جي
لفطن ۾، ”سماج، هاڻي اهڙو پراڻو جوتو ٿي ويو آهي،
جنهن ۾ ايتريون ته چتيون لڳي چڪيون آهن، جو هاڻ ان
۾ وڌيڪ چتيءَ لڳڻ جي گنجائش ئي ڪانهي. ان ڪري هاڻ
ان کي اڇلائي نئون جوتو خريد ڪرڻو آهي.“ سماج جي
اهڙيءَ تبديليءَ لاءِ آفريڪا ۾ ڪي سياسي تنظيمون
ضرور آهن، جيڪي اُتي جي سماجي حالتن تبديل ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ رڌل آهن؛ پر ڪٿي ڪٿي ته ماڻهن کي اٺيتاليهن
ڪلاڪنن ۾ هڪڙو مڪائي جو سنگ يا هڪڙو ڍوڍو به نصيب
ڪونهي. گهڻو ڪري ته هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو کين هڪ وقت
جوکاڌو نصيب ٿئي ٿو! ڪن ڪن هنڌن تي ڏڪار جا ماريل
ماڻهو پنهنجا ٻار امداد لاءِ آيل غير ملڪين کي
منٿون ڪريو مفت ۾ پيا ڏين ته جيئن سندن پنهنجي
زندگي ختم ٿي وڃي، ته اهي معصوم ته جيئرا رهي
سگهن! اتي اياز، جي شعر جي هيءَ سٽ ٿي ياد اچي ته
’ڍَ وَ بنان ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي!‘ جتي
ماڻهو پيٽ جي تنور ۾ سائو ٽارو به اُڇلي وجهي نه
سگهندا هجن اُتي دنيا جي ٻين مسئلن کي ڪير ٿو پڇي!
دنيا
جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جا صفحا اٿلائڻ سان
توهان کي آفريڪا جي ملڪن جا ڪيئي اهڙا فوٽو نظر
ايندا، جن ۾ پوڙها ۽ جوان، مرد ۽ عورتون پنهنجا
فطري قد بت وڃائي چڪا آهن، ۽ هاڻ پنهنجيون فطري
عمريون سدنن هٿن مان واريءَ جيان وهي رهيون آهن.
بک سندن جسمن کي جيئري سڪرات ڏيئي ڇڏي آهي،. ۽
هاڻي اهي چند گهڙين جا مهمان آهن. ٻئي پاسي ابهم
ٻارڙا نماڻا بکايل چهرا، ڦوڪيل پيٽ ۽ تلن جهڙيون
هڏڙيون کڻيو ويٺا آهن. غربت ۽ مفلسيءَ جا اهڙا
نظارا ڏسيو دليون دهلجي وڃن.
اِها
ڪيتري ته افسوسناڪ ڳالهه آهي، جو هڪڙي پاسي ان
مغرب ۾ جتي فرانس، برطانيا ۽ آمريڪا جهڙا ڦورو ملڪ
آفريڪي ۽ ايشائي ڦريل صدين جي دولت منجهان پاڻ وٽ
ان جا انبار لڳايو ويٺا هجن. پاڻ کائين، سندن ڪتا
ٻلا لڪين ۽ پوءِ به اوبارو ڪري اُڇلايو وڃي. ۽ ٻئي
طرف اُن ئي دنيا ۾ جن ماڻهن جون سون ۽ هيرن جواهرن
جون کاڻيون خالي ڪيون ويون، سي سدائين ”ڏکي توءِ
ڏڪار، توڻي سون مينهڙا“ جيان گهارين!
عالمي مسئلن بابت ڪيل هڪ تحقيقات موجب آفريڪا کنڊ
جي ملڪن ۾ ڪن کي پنهنجي آباديءَ جي 26 سيڪڙي لاءِ
۽ ڪن کي ته 25 سيڪڙي آباديءَ کان به وڌيڪ مستقل
سخت غذائي کوٽ رهي ٿي. ٻين لفظن ۾ هيءُ چئجي ته
وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته آفريڪا کنڊ جا تقريباً 150
ملين ماڻهو سموريءَ دنيا آڏو روزانو هڪ مانيءَ ڪاڻ
قطار ٻڌيو بيٺا آهن! کين اها قطار ٻڌي ڪيترو وقت
بيهڻو پوندو؟ ان جو جواب اڃا تائين ڪنهن کي به نٿو
اچي.
هڪ
اندازي موجب، آفريڪا کنڊ جي بکين ملڪن کي 1980ع-
81ع ۾ 642 ملين مارڪ اناج جي ضرورت هئي، جيڪا
1979- 80ع جي ڀيٽ ۾ 43 سيڪڙو وڌيڪ گهرج هئي.
ضرورت جي ان مقدار مان 241 ملين ٽن اهو مقدار
آهي، جنهن کي آفريڪي ملڪ مختلف امدادي مرڪزن مان
حاصل ڪندا آهن. جڏهن ته باقي اناج جي ضرورت کي ان
عالمي منڊيءَ مان خريد ڪيو ويندو آهي. جڪا مغربي
ملڪن جي ڪنٽرول هيٺان آهي.
وڌيڪ
افسوس جي ڳالهه هيءَ به آهي ته آفريڪا کنڊ جي
مجموعي قومي پيداوار جيڪا 1978ع ۾ هئي، هاڻ ان جي
مقابلي ۾ 12 سيڪڙو گهٽ ٿي، 348 ملين ٽنن تائين اچي
پهتي آهي. پيداوار جي انهيءَ گهٽتائيءَ لاءِ
FAO
جي ڊائريڪٽر جنرل مسٽر ’ادوار وسائوما‘ هڪ موقعي
تي چيو هو ته ”هن وقت انهن سمورن ملڪن جي مقابلي ۾
(جيڪي ملڪ اُسرندڙ حالت ۾ آهن) آفريڪا کنڊ جي
غذائي پيداوار 1970ع جي مقابلي ۾ به گهٽ ٿي ويئي
آهي. غذا جي اها صورتحال نهايت ئي گنڀير آهي ۽
ائين ٿي محسوس ڪرائي ته جيڪڏهن اها ائين هلندي
رهي، ته اهو ناممڪن ڪونهي ته خاص ڪري ان کنڊ جي
ڏاکڻن ريگستانين ۾ رهندڙ ماڻهن مان 2000ع تائين هر
پنجن ماڻهن مان چار مڪمل طور تي فاقا ڪڍن ۽
فلسفيءَ واري حياتي بسر ڪن.“ اهڙيءَ طرح آفريڪي
اتحاد واريءَ تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل پڻ 1980ع
ڌاري پنهنجي تقرير ۾ (جيڪا هو
FAO
جي ڪائونسل واري اجلاس ۾ ڪري رهيو هو) چيو:
”آفريڪا کنڊ نهايت ئي ڇڪتاڻ واريءَ ۽ ڏکويل
صورتحال جي ڪن ۾ ڦاٿل آهي ۽ اُن جو مستقبل بيحد
اونداهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو!“
خود
مصر جهڙو آباد ۽ ڪنهن زماني ۾ سائو ستابو ملڪ به
اڄ يورپي ملڪن مان 40 سيڪڙو در آمد ڪري ٿو ۽ ان
ڪري سندن (مغربي ملڪن جي) باجگذاريءَ کي ئي لڳو
پيو آهي ۽ انهن ئي ملڪن جي رحم ڪرن تي پلجي رهيو
آهي. گمبيا جيڪو ڪنهن وقت دنياکي چانور بر آمد ڪرڻ
وارو ملڪ هو، هاڻ هڪڙي فقير ملڪ جيان نظر پيو اچي،
۽ ”مدغاسڪر“ پڻ جيڪو ڏهه سال اڳ چانور بر آمد ڪندو
هو، ’گمبيا‘ جيان پالهو ٿي ويو آهي. ’سوڊان‘ ۾، جت
گهڻو ڪري مڪائيءَ جي پوک ٿئي، (۽ اُتي جو مکيه فصل
به مڪائي آهي)، 1980ع ۾ هڪ سئو ڪلو مڪائيءَ جي
سنگن جي قيمت ڏهه ليرا (سوڊاني ڪرنسي) هئي، جڏهن
ته 1981ع ۾ ان ساڳي مقدار جي مڪائيءَ جي قيمت 25
ليرا ٿي ويئي. اُتان جي هڪڙي اناج جي واپاريءَ ان
لاءِ چيو آهي ته ”مون پنهنجي پوري حياتيءَ ۾
مڪائيءَ جي سنگ جي قيمت ايتري گهڻي نه ڏٺي نه
ٻڌي!“ ان جو سبب هيءُ آهي ته هڪڙو ته سوڊان ۾
مڪائيءَ جهڙي مکيه فصل جي پيداوار ۾ 1972ع کان وٺي
هيلتائين 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي آهي، ۽ ٻيو ته
اتان جي حڪومت مغرب جي سرمائيدار ملڪن جي قرضن
لاهڻ لاءِ مڪائيءَ کي برآمد ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ سوڊاني حڪومت 1975ع ۾ 5420 ملين
ڊالرن جي مُلهه جي، جڏهن ته 1979ع ۾ 68 ملين ڊالرن
جي مُلهه جي مڪائي ملڪ مان نيڪال ڪئي. آفريڪا جو
هڪ ملڪ توگو ساڳئي قسم جي قرضن چڪائڻ لاءِ پنهنجو
صرف قهوو ۽ ڪوڪو 40 سيڪڙو کن بر آمد ڪري ٿو. ڪن
تحقيقاتي رپورٽرن مطابق 1960 جي ڏهاڪي ۾ نائيجريا
جي کاڄن جي برآمد ٽيڻي ۽ ڪپهه جي بر آمد چئوڻي وڌي
هئي، سا به ائين مغرب جي سرمائيدار ملڪن جي قرضن
لاهڻ ۾ تين وال ٿي ويئي؛ انهن ئي ڏينهن ۾ ماليءَ
جي آفريڪي ملڪ پنهنجيءَ سموري پيداوار لائق زمين
جو ٽيون حصو بر آمداتي محصولن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو
هو. ان بعد 1970- 72ع وارو اُن ملڪ ۾ پيل ڏڪار به
اُن بر آمداتي محصول جي پس منظر تحت هو.
آفريڪا کنڊ جي پنج سئو سالن جي غلاميءَ ۽ ڦرلٽ
واريءَ تاريخ جي سرسري مطالعي مان پتو پوي ٿو ته
اُن عرصي ۾ آفريڪي ماڻهن کي جانورن جيان ڄارن ۽
ڦندن ۾ ڦاسائي مارڪيٽن ۾ وڪيو ويو ۽ اٽڪل ان سلسلي
۾ ڏهه ڪروڙ آفريڪي شيدي ويا ۾ وڪيا ويا. انهن
ڪجندڙ ماڻهن ۾ اڪثريت 15 کان 35 سالن تائين عمر جي
ماڻهن جي هئي. انهن آفريڪي نوجوانن مان 15 سيڪڙو
کن نوجوانن ته انهيءَ صورتحال جي ڪري وڪجڻ قبول نه
ڪيو ۽ پاڻ کي ماري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪ سئو يا
ڏيڍ سئو سالن جي غلاميءَ واري دور ۾ برطانيا،
فرانس ۽ ٻين مغرب سامراجي ملڪن اُتان هيرا، سون،
ڪوئلو، تماڪ ۽ زندگيءَ جي عام واهپي جو هر ڪچو مال
ڍويو، ۽ سون تي سهاڳو اهو ته پنهنجي ٻوليءَ ۽
ثقافت کي ائين اتي رائج ڪيو، جو آفريڪا جو سمورو
سماجي سرشتو هڪ وڏي بحران ۾ ڦاسي ويو، اتان جي
حڪمت، فن، آرٽ، ادب ۽ تهذيب جا ٻيا نهايت روان
دوان چشما سڪي ٺوٺ ٿي ويا. ائين پنهنجي شناخت
وڃائڻ بعد، آفريڪي ڄڻ ته سڀ ڪجهه وڃائي چڪا. اچ به
نميبيا ۾ آزادي پسند قوتن جي تنظيم
SWAPO
پنهنجي آزاديءَ لاءِ ڪوشان آهي، ۽ آفريڪن نيشنل
ڪانگريس (آفريڪي وحدت واري تنظيم) به ان سلسلي ۾
پنهنجيون ڪوششون ڪندي اچي. مغربي دانشورن آفريڪا
جي ان سڪرات واريءَ صورتحال لاءِ اُن جي اڄ جي
پنهنجين حڪومتن کي ڏوهاري ٺهرايو آهي، جيڪا ڳالهه
ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي، پر ٻئي پاسي صدين جي
ڦرلٽ کي به ان ڏوهه ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، جيڪا
سامراجي حڪومتن ڪئي، ۽ سندن اها ڦرلٽ هڪ نه ٻيءَ
صورت ۾ اڳي کان به وڌيڪ اڄ به چالو آهي.
آفريڪي ملڪن پاڻ کي نهايت ئي تيزيءَ سان مغربي
وياجن وارن قرضن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. غير ملڪي قرضن
جي شرح 1970ع ۾ تقريباً 6 ارب ڊالر هئي، جيڪا
1979ع ۾32 ارب ارب ڊالرن تائين پهچي چڪي هئي. 1972
کان 1980ع تائين مختلف آفريڪي ملڪن کي زرعي سڌاري
لاءِ 5 ارب ڊالر امداد وڌيڪ پڻ ملي چڪي آهي؛ پر ان
مان به ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو. ان جو واحد سبب
موجوده ناڪام اقتصادي نظام جو رائج رهڻ آهي. جنهن
کي جيستائين جاري رکيو ويو، تيستائين آفريڪا کنڊ
جي حالت نٿي سڌري سگهي.
بيٺڪي نظام، توڙي نيم بيٺڪي نظام تحت، ايشيا ۽
آفريڪا جي ڪيل ڦرلٽ مان صدين تائين ڪئين وائيٽ
هائوسن جا ڪاروبار هليا ۽ اڃان به هلن
پيا.سوئٽزرلئنڊ جي هڪ صحافي، شرل هنريءَ، دنيا ۾
اهڙي ٻه اکيائيءَ واري يا اڻ-برابريءَ واري
صورتحال ڏسندي لکيو آهي ته ”آمريڪا وٽ ضرورت کان
وڌيڪ غذائي ذخيرا موجود آهن..... رڳو 1961ع ۾
آمريڪا وٽ ايتري ڪڻڪ موجود هئي، جو ان ڪڻڪ جون
ٽرڪون سري قطار ۾ بيهارجن ها ته ڪري انهيءَ ٽرڪن
جي قطار جو هڪڙو ڇيڙو ’الاسڪا!‘ (آمريڪا جي شمالي
رياست) وٽ هجي ها ۽ ٻيو ٽرڪن جو ڇيڙو السلواڊور جي
شهر ’لوڪو موتيو‘ تائين نظر اچي ها، اهڙيءَ ريت
آمريڪا وٽ مڪائيءَ جي سنگن سان به ٽرڪون ڀري قطار
۾ بيهارجن ها ته اُهي ’سياسي‘ کان ’سياتل ‘ تائين
پهچي وڃن ها.(يعني ان جي ڏکڻ- اوڀر واري حصي کان
اها قطار شروع ٿي، اتر- اولهه واري حصي جي آخري
ڪنڊ تائين وڃي ختم ٿئي ها!)“
ايتريءَ اڻ برابريءَ هوندي به هڪ طرفي ڦرلٽ، دنيا
جي پوئتي پيل ملڪن مان جاري آهي. ۽ دنيا جي اڳتي
وڌيل ملڪن ڏانهن ريڙهبي ۽ ڍوئبي ويندي رهي ٿي، ۽
ان صورتحال کي قائم رکڻ لاءِ مغربي دنيا جو سامراج
پنهنجي تنظيمي، سائنسي ۽ ٽڪنيڪي سموريون صلاحيتون
۽ طاقتون استعمال ڪندو رهيو آهي ۽ وڌيڪ گڏ ڪندو،
آزمائيندو ۽ وڌائيندو ٿو رهي.
حوالا:
يونيسڪو جو رسالو”ڪوريئر“ سيپٽمبر 1983ع
۽
ايراني رسالو ”وحدت اسلامي“، جولاءِ 1983ع. (25-
10- 1984) |