آنند-
ون
(اَرُون چيڪُو)
پهريون ڀيرو جڏهن نوجوان مرليڌر ديوداس آمتي سخت
ڪوڙهه ۾ ورتل هڪڙي مريض کي ڏٺو هو، تڏهن ڊپ ۾ هن
جون وايون بتال ٿي ويون هيون. ڪوڙهئو ماڻهو سور ۾
پئي لڇيو ۽ هڪڙيءَ گپ ڀريل کڏ ۾ پيو هو. ان جي
منهن ۾ نڪ جي جاءِ تي ٻه کليل ٽنگ ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ۽
آڱرين بدران ان جي هٿن ۾ رڳو سڙيل ڪاٺين جا ٻُٿ
کتل ٿي ڏٺا. ان ڀيانڪ نظاري جي ڏسڻ جي آمتي ۾ همت
ڪا نه هئي، ۽ هن هڪڙو ڪپڙو ان ماڻهوءَ تي اڇلي وڌو
۽ پوءِ هو اتان وٺي ڀڳو هو.
ان
وقت ڪو به ڪو نه ٿي چئي سگهيو ته اهو ساڳيو آمتي
اڳتي هلي، ڊيمئن- ڊٽن عالمي انعام کٽندو. جيڪو جڳ
مشهور انعام بيلجم جي پادريءَ فادر ڊيمئن ۽ هن جي
آمريڪي ساٿيءَ ڊٽن جي ياد ۾ قائم ٿيل آهي، جن
پئسفڪ وڏي سمنڊ جي مولوڪائي ٻيٽن تي ڪوڙهين جي
علاج لاءِ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ سنڀال لاءِ هڪ
ڪالوني قائم ڪئي هئي. فيبروري 1984ع ۾ جڏهن دهليءَ
۾ بين الاقوامي ڪانگريس دنيا ۾ ڪوڙهه جي ختم ڪرڻ
لاءِ گڏ ٿي، ته ستر سالن جي پيرسن بابا آمتي کي
ڪانگريس جي پهرئين ئي ڏينهن اهو عالمي انعام ڏنو
ويو.
آمتي
هڪڙي شاهوڪار برهمڻ زميندار جو پٽ آهي، ۽ جوانيءَ
۾ هن پنهنجي زندگي هڪ خوش نصيب سٺي وڪيل جي حيثيت
سان شروع ڪئي هئي. هو وڪيل مان ڦري ڪوڙهه جي مريضن
جو شيوڪ ڪيئن بڻيو ۽ انهن سان گڏ وڃي رهيو _ اها
تبديلي هن ۾ آهستي آهستي آئي ۽ ان لاءِ هن کي ڪافي
مشڪلاتن مان گذرڻو پيو. ننڍپڻ ۾ جڏهن هو ڇوڪرو ئي
هو، ته پنهنجي شوخ طبع پيءُ جي منع هوندي به هو
پنهنجن اڇوت نوڪرن سان گڏجي ويهي کائيندو هو. اڳتي
هلي، آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي ڏوهه ۾ هو
انگريز سرڪار جي ڪاوڙ جو شڪار بڻيو ۽ هن کي ڪيئي
سال جيل ۾ رهڻو پيو، جنهن لاءِ مهاتما گانڌيءَ کيس
مبارڪون ڏنيون ۽ سندس ڪم تي پنهنجي خوشي جو اظهار
ڪيو.
1948ع ۾ آمتي پنهنجي وڪالت جي سند جا ڪاغذ ڦاڙي
ڦٽي ڪيا ۽ پنهنجي خانداني ملڪيت تان لادعوائيءَ جو
اظهار ڪيو. تنهن کان پوءِ هو اتي ئي پنهنجي
خانداني شهر ۾ وڃي ڀنگين جي وچ ۾ رهيو ۽ انهن سان
گڏجي هنن جهڙو ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ۾، هن ڪوڙهين جي وچ
۾ رهڻ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. دنيا جي
ڏيڍ ڪروڙ ڪوڙهين مان اٽڪل چاليهه لک هندستان ۾
رهيا ٿي، ۽ هنن جي حالت، خاص طرح آمتي جي ملڪ ۾،
بيان کان وڌيڪ دکي هئي.
آمتي
پوءِ ڪلڪتي ۾ گرم ملڪن جي بيمارين جي علاج ۽ روڪ
لاءِ قائم ٿيل اسڪول ۾ داخلا ورتي، ۽ اُتي هن
پنهنجي بت ۾ ڪوڙهه جا جيوڙا ٽڪن جي ذريعي داخل
ڪرايا، ۽ ائين ڪجهه وقت کان جڏهن هن ڏٺو ته هو
ڪوڙهين سان گڏ رهڻ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار
هو، هو وڌيڪ وقت اسڪول ۾ امتحان پاس ڪرڻ ۽ ڊگري
وٺڻ لاءِ ڪونه ترسيو. جون، 1951ع، ۾ هن هڪ جماعت
”مهاروڳي شيوا سميتي“ جي نالي سان قائم ڪئي ۽ ان
جي سهاري هيٺ هو شهر کان ٻاهر، هڪڙي 25 ايڪڙ زمين
جي ٽڪري تي، هڪ ڳئون ۽ پنجاهه روپين جي موڙي ساڻ
رکي وڃي جهن ڪوڙِهين سان گڏ الڳ رهڻ لڳو. هن
پنهنجي ان آشرم کي شروع کان ئي ”آنندوَن“ (سک جو
باغ) نالو ڏنو. نالو ته ان پٽ جو اهو هو، پر سچ پچ
اهو جهنگ جو هڪڙو غير آباد ٽڪرو هو، جنهن ۾ قدرتي
قسم جي ڪنهن دائمي وهندڙ پاڻيءَ جو به نشان ڪو نه
هو ۽ زمين به ان جي ڪنهن ميوي يا اناج جي فصل لاءِ
ٺيڪ نه هئي. پر اڄ لڳ ڀڳ ٽيهن سالن کان پوءِ اها
غير آباد ٺيٺ زمين سرسبز ۽ سڄي آباد آهي.
اڄ
ڪيئي هزار ماڻهو وڏين وڏين لانڍين ۾ اتي گڏ رهن
ٿا، جن کي پنهنجا پنهنجا گڏيل رڌ پچاءَ جا بندوبست
۽ کاڌي جا ”هال“ آهن. هر اهڙي ”هال“ ۾ ست سئو کن
ماڻهو گڏجي ويهي کاڌو کائين ٿا. آنندون ۾ واڍا
آهن، درزي آهن، هاري آهن، ڪاريگر ۽ ڪاسبي آهن. جن
مان اڪثر اهڙا آهن، جن جي هٿن ۽ پيرن جا اڱوٺا ۽
آڱريون ڪوڙهه ۾ ڳري ڪري پيون آهن. ۽ ڇاڪاڻ ته اهي
اُئين پنگلا آهن، انهيءَ ڪري سڀني اتان جي ڪاريگرن
۽ پورهيتن کي اهڙا بدليل ۽ خاص ٺهيل اوزار مليل
آهن، جن کي هو پنهنجن آڱوٺن ۽ آڱرين کان خالي هٿن
سان جهلي سگهن ٿا ۽ هلائي سگهن ٿا. هر سال لڳ ڀڳ
هڪ هزار ڪوڙهيا چڱا ڀلا ٿي اتان نڪرن ٿا ۽ آنندون
۾ ئي اهي نئين سر آباد ٿي ويهن ٿا. ان نو آباد
ڪاريءَ جي رهت سهت جي تربيت ڏيڻ لاءِ اتي هڪ
”آنندون جنرل اسپتال“ قائم آهي، جيڪا آمتي جو وڌو
پٽ و ِڪاس هلائي ٿو.
اڄ
بابا آمتي پاڻ پيرسن آهي ۽ هن جي مٿي جا وار اڇا
آهن، ۽ هن جي ڪرنگهي ۾ ڳوڙها ڳوڙها نڪري پيا آهن
جنهن ڪري هن کي ويهڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. پر هو ته به
پنهنجي سونپيل ڪم تي چست ۽ چوبند رهي ٿو. هن جي
زال، سڌانتاٻائي، هن جي سڄيءَ زندگيءَ جي ساٿياڻي
ٿي رهي آهي، ۽ هن جا ٻه پٽ، وڪاس ۽ پرڪاش، جيڪي
ٻيئي ڊاڪٽر آهن، هن سان گڏ اتي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾
مصروف رهن ٿا.
آنندون اڄ پاڻ-ڀري بستي آهي. ان ۾ مڪاني خيال کان
رٿيل سرن جا ٺهيل گهر ۽ جايون آهن، پنهنجي هڪ بئنڪ
آهي ۽ هڪ پوسٽ آفيس آهي. پر هتان جي سڀ کان وڏي
ڳالهه اها به ناهي ته اتي ڪوڙهين جو علاج ٿئي ٿو ۽
انهن جي سنڀال لهجي ٿي ۽ انهن کي نئين سر آباد ڪرڻ
جا اپاءَ وٺجن ٿا_ جيتوڻيڪ اهو ڪم، هندستان ۾
ڪوڙهه ۾ ورتل ماڻهن جو چوڻ کان ٻاهر بروحال ڏسندي،
هڪ تمام وڏو ڪم آهي. پر ان کان به وڏي ڳالهه هن
مرڪز جي اها آهي، جو هتي ملڪ جي ديهي آباديءَ ۽
سڌاري جي وسيع ڪم لاءِ سائنسي زراعت وسيلي هڪ
گهڻ-پاسائينءَ رٿا تي ڪم ٿي رهيو آهي. ايتريقدر جو
ديهي آباديءَ ۽ سڌاري جي سڄي مسئلي ڏانهن بلڪل هڪ
نئون رخ ۽ نئين هڪ جامع ڪوشش مرتب ٿي رهي آهي.
شروع
وارا 25 غير آباد ۽ ٺوٺ زمين جا ايڪڙ وڌي، هاڻي
300 ايڪڙن جي نهري آبپاشيءَ تي آباد ٿيندڙ هڪ وسيع
علائقي ۾ بدلجي ويا آهن، جتي ڪڻڪ، چانور، مڪائي،
ميويدار وڻ ۽ قسمين قسمين ڀاڄيون پوکجن ٿيون.
آنندون پنهنجن رهواسين لاءِ لڳ ڀڳ سڀ ضرورت جون
شيون اپائي ٿو، سواءِ لوڻ ۽ کنڊ جي. ان جي پاڻيءَ
جي حاصلات ۽ استعمال جو ڪم ايتريءَ مڪاني قسم جي
ڏاهپ سان ۽ ضرورت سارو ٿئي ٿو، جو اهو طريقو سڄي
ملڪ جي ٻين اهڙين ايراضين ۾ به ڪم آڻي سگهجي ٿو.
پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به زيان ڪونه ٿو ٿئي. پهريان سال
آنندون جا ايڏا ته پاڻيءَ جي اڻاٺ ۾ گذريا هئا، جو
ان مان هنن پاڻيءَ جو پورو قدر سکي ورتو آهي. ڪن ۽
گند کان سواءِ ٻيو سمورو گهر ۾ ڪم ايندڙ پاڻي آشرم
جي زرعي زمين ۽ باغن لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو.
اڄ
اتان جا اڳوڻا ڪوڙهه جا مريض پنهنجي ملڪ جي صحتمند
ماڻهن کي اعليٰ تعليم جون سهوليتون مهيا ڪن ٿا.
آنندون ۾ هڪڙو زرعي ڪاليج آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيا
آرٽ جا، سائنس جا، ۽ تجارت جي تعليم جا اتي مرڪز
آهن. سڄي مهاراشٽر اسٽيٽ جا شاگرد اتي اچن ٿا. هي
تعليمي مرڪز، ٻين ڳالهين جي علاوه، ٻه نهايت اهم
ڪارج ادا ڪن ٿا. هڪ هيءَ ته اهي پنهنجي موجودگيءَ
سان ۽ پنهنجي ڪم سان ثابت ڪن ٿا ته جيڪي پنگلا
آهن، اهي به وڏا وڏا ۽ مفيد ڪم ڪري سگهن ٿا، ۽
ٻيو ته جيڪي دک ۾ ورتل ماڻهو آهن، اپاهج آهن، تن
جي هيلائپ جو احساس ۽ ويچار ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿو.
آنندون جي ٻي وڏي ڪوشش هيءَ آهي ته اتي، جيتري قدر
ٿي سگهي ٿو، بيمارن ۽ رهواسين کي گهريلو ماحول
موجود ٿي ملي ٿو، مسز آمتي هڪڙيءَ ذميواريءَ جو
بار پاڻ تي هيءُ به کنيو آهي ته جيڪي ڪوڙهه جا
مريض چڱا ڀلا ٿي وڃن، تن جون پاڻ ۾ شاديون ٿين. هي
جوان جوڙا پوءِ ڪنهن ٻئي پاڻ جهڙي اڳوڻي مريض
پيرسن مرد يا عورت کي پيءَ يا ماءُ جي جاءِ تي پاڻ
وٽ رکن ٿا، ۽ ائين اهي صحتمند پيرسن اپاهج لوڪ
گهرو ماحول وٽ رکن ٿا، ۽ ائين اهي صحتمند پيرسن
اپاهج لوڪ گهرو ماحول ۾ خوش گذاري سگهن ٿا ۽ ان
مان نوجوانن کي به مائٽاڻيءَ محبت جو ڀر ۽ ساءُ
ملي ٿو.
25
کن سال اڳ 1960ع ۾ سئٽزرلئنڊ جو هندستان ۾ سفير
آنندون جي ياترا لاءِ اتي ويو هو، ۽ اتان جو ڪم
ڪار ۽ ماحول ڏسي حيرت ۾ ڀرجي چيو هئائين: ”هي سڀ
ڪيئن ممڪن آهي؟ هتي ته رڳو کلندڙ چهرا ۽ ٻهڪندڙ
ماڻهو پيو ڏسان!“
”مانائتا دوست!“ بابا آمتي هن کي جواب ڏنو.”ڇا،
اوهان کي اهو نه ٻڌايو اٿن ته آنندون جي خوشي، ان
جي بيماريءَ کان وڌيڪ وچڙندڙ آهي؟“ (19_7_1984)
سقراط
(چارلس فرئنڪلن جي انگريزي ڪتاب ”ورلڊس فيمس
ٽرايلس“ جي هڪ باب جو ترجمو)
امان
الله بلوچ
سقراط جو شمار دنيا جي سڀ کان وڏن ڏاهن ماڻهن ۾
ٿئي ٿو. هن ڪڏهن هڪ سٽ به ڪانه لکي هئي، البت ٻين
ماڻهن، خاص طرح سندس شاگرد افلاطون، سندس باري ۾
جو ڪجهه لکيو آهي، تنهن کيس فلسفي ۾ اهم ۽ ممتاز
جڳهه ڏياري آهي.
جڏهن
اٿينس جي رهاڪن قومي هنگامي دور ۾ هلايل مقدمن
دوران کيس موت جي سزا ڏني، ته گويا انهن پاڻ کي
اهڙي سزا ڏني، جو هنن هميشه شرم محسوس ڪيو هوندو.
سقراط انتهائي قاتل زهر جو پيالو اهڙيءَ طرح پي
ويو، ڄڻ ته اهو ڪو معمولي شراب جو گلاس هو، ۽
ثابتقدميءَ ۽ بيڊپائيءَ سان موت کي قبولي ورتو.
سندس دوست افلاطون لکيو آهي ته ”اسان جيڪي انسان
ڏٺا، انهن ۾ هو بهترين ۽ ڏاهي ۾ ڏاهو انسان هو.“
سقراط هڪ سنگتراش جو پٽ هو ۽ عيسوي سن کان اٽڪل
470 سال اڳ پيدا ٿيو هو. سندس والد ڪافي رقم ڇڏي
فوت ٿي ويو هو، ۽ ان ڪري کيس علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي
آساني ٿي. هو اٿينس جي مارڪيٽ واري هنڌ تي نهايت
عظيم ۽ نامور شخصيت بنجي ويو، جتي هرڪو ذهين شخص
اچي گڏبو هو ۽ پوءِ اهي پاڻ ۾ بحث مباحثا ڪندا
هئا. اهو وقت يوناني فلسفي جو شاندار دور هو.
اٿينس جي رهاڪن کي علم ۽ ڄاڻ ۽ زندگيءَ جي سٺين
شين بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو،
۽ اتي اُهي ”سافِسٽ“ (سوفسطائي) پيدا ٿيا، جيڪي
نامور استادن جي حيثيت ۾، بحث مباحثن ذريعي،
نوجوانن کي سکيا ڏيندا هئا. بعد ۾ انهن جي ڪري،
”سافسٽ“ جو لفظ به شانائتي معنيٰ اختيار ڪري ويو ۽
سافسٽن کي سندن همعصرن ۾ مٿانهون سمجهيو ويندو هو_
۽ سقراط به انهن مان هڪ هو.
جسماني طرح سقراط ڪو پرڪشش ماڻهو نه هو. سندس قد
ننڍو، ٿلهو ۽ چهنبيارو نڪ، ويڪريون ناسون ۽ ٿلها
چپ هوندا هئا. هو هميشہ پيرين اگهاڙي گهمندو هو، ۽
نهايت حليم ۽ ڌيرج وارو شخص هو. سندس ذهن جي تيزي
۽ خيال جي صفائي ڪري ڪيترائي معتقد ۽ چيلا سندس
چوڌاري ويٺا هوندا هئا.
سقراط کي هميشہ انساني چال چلت بابت ڳڻتي رهندي
هئي، جو هو قطعي سچ ۽ مطلق حقيقت جو ڳولائو هو.
حقيقي ڄاڻ کي ايتريقدر اهم سمجهندو هو، جو سندس
نظر ۾ اُهو ئي بهترين اخلاقي قدر هو. هو اهو يقين
رکندڙ هو ته صرف ڏاهن ماڻهن کي ئي حڪومت ڪرڻ
گهرجي. سندس بحث مباحثا منطق ۽ خيال سان ڀريل
هوندا هئا ۽ هو انهن ذريعي پنهنجن مخالفن سان منهن
ڏيندو هو. تنهن هوندي به، هن ڪنهن کي به دشمن ڪو
نه بنايو، ڇو ته سقراط اهڙو شخص هو، جنهن سان
سندس ذاتي صفتن جي ڪري ماڻهو پيار ڪندا هئا. هو ڪو
سنت يا درويش ڪو نه هو. جيتوڻيڪ هن بدڪاريءَ جي
زندگيءَ جي مذمت ڪئي هئي، مگر هو هر ڪنهن سان گڏجي
کائيندو پيئندو هو.
سندس
عظيم دوستن مان پيريسليس جو گود ورتل پٽ، حسين
نوجوان البسياڊيس هو، جنهن جي ذهانت ۽ حسن تي
اٿينس وارا رشڪ کائيندا هئا، پر هو نهايت بدنام ۽
بي اصول نوجوان به هو. البسياڊيس سقراط جي ڏاهپ ۽
گڻن کان ڏاڍو متاثر هو، ۽ خود سقراط هن اڀرندڙ
ذهين نوجوان کي اهڙيءَ طرح سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي ته
جيئن هو اٿينس جي مفادن جي بهترين خدمت ڪري سگهي.
مگر انهيءَ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد، اڳتي هلي، سقراط کي
پنهنجي حياتي به قربان ڪرڻي پيئي.
سقراط عظيم وطن دوست ۽ علمي انسان هو. هن
پيلپونيشيا واريءَ جنگ ۾ حصو ورتو ۽ بهادريءَ سان
وڙهي، السبياڊيس جي جان بچائي ورتي، ۽ اُن ۾ وري
السبيڊيس کي ئي واکاڻيو ويو_ ۽ سقراط انهيءَ عوام
جي فيصلي سان مڪمل اتفاق به ڪيو.
پنهنجي سپاهيانه زندگيءَ دوران سقراط جسماني طرح
نهايت حيرت انگيز برداشت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو ۽
سمورو سيارو برف وسندي جبلن ۾ پيرين اگهاڙو
لڙائيءَ ۾ مصروف رهيو، حالانڪه سندس ٻين ساٿين کي
سرديءَ سبب معمول کان وڌيڪ ڪپڙا ۽ مضبوط بوٽ پاتل
هوندا هئا. جڏهن سپاهي سخت جنگ لڙڻ ڪري ۽ پنڌ ڪرڻ
ڪري ٿڪجي پاڻ کي ميدان تي اڇلائي سمهي پوندا هئا،
ته ان وقت به سقراط بنان ڪنهن ٿڪ جي بحث ۾ مشغول
ٿي ويندو هو يا وري ڪنهن فلسفي جي مسئلي کي حل ڪرڻ
۾ رڌل هو.
پنجاهه سالن تائين سقراط اٿينس جي سڀ کان نامور
شخصيت مان هڪ رهيو. هن شادي ڪئي ۽ کيس ٽي پٽ ٿيا.
سندس زال، زينٽپ، ڪجهه چنڊي قسم جي عورت هئي، جيڪا
کيس سمجهي نه سگهي؛ پر سقراط ان جي جهيڙن جهڳڙن کي
فلسفيانه ڌيرج سان قبول ڪيو. جيئن جيئن سقراط جي
عمر وڌندي ويئي، نڪته چيني ڪندڙن مٿس سخت چٿرون ۽
ٽوڪون ڪيون، خاص طرح آرسٽوفينس پنهنجي ڊرامي ”دي
ڪلائوڊس“ ۾ سقراط تي سخت طنز ڪئي.
پيريڪلس جو شاندار زمانو پورو ٿيو، ۽ سندس وفات جي
ڪري اٿينس ۾ تباهي ۽ بربادي ڦهلجي ويئي.
پيلپونيشيا واريءَ جنگ جي نتيجي ۾ اسپارٽا وارن
هٿان اٿينس وارن کي تباهه ڪن شڪست نصيب ٿي، ۽
اسپارٽا وارن نام نهاد ”ٽيهن حاڪمن“ کي اٿينس جي
تباهه ٿيل شهري رياست کي غلام بنائڻ ۽ ان جي
تعليمي نظام کي برباد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. انهن
ٽيهن ظالم حاڪمن جو اڳواڻ ڪرٽياس هو، جيڪو
نوجوانيءَ جي وقت ۾ سقراط جي دوستن ۽ پوئلڳن مان
هڪ هو. السبياڊيس اڳيئي دغا ڪري اسپارٽا وارن سان
ملي چڪو هو، ۽ اٿينس جي شڪست کان پوءِ هن نامقبول
انتهاپسندن سان سازباز ڪرڻ ڪري، جن اٿينس جي
جمهوريت کي تباهه ڪيو هو، پاڻ کي بدنام ڪري ڇڏيو
هو. ان وقت سقراط هڪ سرڪاري عهدي تي هو ۽ هڪ اهڙي
شهريءَ کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري، جنهن ”ظالمن“
کي ناراض ڪيو هو، هن ڪرٽياس کي پنهنجو مخالف ڪري
ڇڏيو هو.
حاڪمن جي بدنظميءَ خود سندن ذوال آندو ۽ عيسوي سن
کان 403 ورهيه اڳ اٿينس ۾ هڪ دفعو وري جمهوري
حڪومت بحال ڪئي ويئي. ظالمانه دهشت پسنديءَ جو دور
جنهن مان اٿينس جا باشندا گذري چڪا هئا، تنهن
اونها زخم ڇڏيا هئا ۽ جيڪي برايون منجهن انهيءَ
دور ۾ پيدا ٿيون هيون، تن جي پاڙ پٽڻ ۽ هيلينا جي
دور واري زندگي بحال ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو منجهن
پيدا ٿيو.
براين کي صاف ڪرڻ جي وڏي مهم، جيڪا ڪجهه رجعت
پسنديءَ واري جذبي جي پيداوار به هئي، تنهن شهري
رياست کي به لوڏي ڇڏيو. انهيءَ دوران ڪيترن ئي
ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. ظالمن جو اڳواڻ ڪرٽياس،
جيڪو پنهنجي ظلم ۽ لوڀ لالچ جي ڪري پنهنجي ساٿين ۾
نشانبر هو، اُهو 404 قبل مسيح ۾، مينيچيا جي
لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ۽ ساڳئي سال السبياڊيس جنهن
اسپارٽا وارن سان ملي اٿينس جي ماڻهن سان دغا ڪئي
هئي، تنهن کي اسپارٽا وارن جي هدايت تي فيريگيا ۾
قتل ڪيو ويو، جيتوڻيڪ پلوٽارچ جو چوڻ آهي ته کيس
انهيءَ خاتونءَ جي ڀائرن قتل ڪيو هو، جنهن سان هن
جا ناجائز ناتا هئا.
جيئن
ته مري ويلن کان بدلو وٺڻ ناممڪن هو، تنهن ڪري
اٿينس جا مشتعل عوام ڦِري سقراط کي وڪوڙي ويا،
جنهن جي اثر هيٺ ڪرٽياس ۽ السبياڊيس پنهنجي
جوانيءَ واري وقت ۾ رهيا هئا. سقراط جيڪو هاڻي ستر
سالن جو پوڙهو ٿي چڪو هو، تنهن تي اٿينس جي
نوجوانن کي بگاڙڻ جو الزام مڙهيو ويو ۽ مٿس ڪيس
هلائي کيس موت جي سزا ڏني ويئي.
جنهن
عدالتي سرشتي هيٺ سقراط تي مقدمو هلايو ويو هو،
اُهو موجوده زماني جهڙيءَ ڪنهن قانوني عدالت جهڙو
نه هو، يونان جي قديم جمهوريت ۾ پيشه ور مستقل جج
ڪو نه هوندا هئا. قديم دنيا ۾ عدالتي ڪاررواين جو
اهو عام دستور هوندو هو. مثال طور، رومي قانون به
مستقل عدالتي سرشتي کانسواءِ ئي ٺهيو ۽ اُسريو هو.
اٿينس جا ماڻهو سمجهندا هئا ته هر هڪ شهري جڏهن
بلوغت کي پهچي ٿو ته هو جج بنجڻ جي لائق ٿي وڃي
ٿو، ۽ اِئين هر سال ٽيهن سالن کان مٿي ڄمار وارن
ڇهه هزار ماڻهن جي ”عدالت“ کي پُکن ذريعي چونڊيو
ويندو هو. انهن مان ٻه هزار ماڻهن جي عدالتي بينچ
بنائي ويندي هئي، جيڪي ويهي هر قسم جي مقدمن جا
فيصلا ڪندا هئا ۽ ووٽ ذريعي تڪرار نبيريندا هئا.
گهڻو ڪري انهن فيصلن خلاف اپيل ڪا نه ٿيندي هئي.
اهي بينچون مقدما پاڻ ۾ عام بحث مباحثي وسيلي
نبيرينديون هيون، ۽ صدارت ڪندڙ مئجسٽريٽ کي به
نهايت معمولي اختيار هوندا هئا ۽ نبيري واري واڌو
ووٽ جو حق به نه هوندو هو.
انهيءَ وقت جي مڪمل جمهوري انصاف جو اهو نمونو هو،
۽ اهو ڪلي طرح ماڻهن جي هٿن ۾ هوندو هو. اهو ياد
رکڻ گهرجي ته اٿينس هڪ ننڍڙي رياست هئي ۽ تڪراري
ڌرين کي گهڻو ڪري ججن سان ڄاڻ سڃاڻ هوندي هئي. ججن
کي ڪا قانوني تربيت به مليل نه هوندي هئي ۽ ڪيس جي
حقيقتن بابت اڳواٽ قائم ڪيل راءِ سان بينچ ۾
شريڪ ٿيندا هئا. اهڙين حالتن ۾، جوابدارن کي مڪمل
انصاف ملڻ جا گهٽ امڪان هوندا هئا.
عوامي جمهوريت ۾ عوامي انصاف جو خيال بيشڪ ڪو نئون
نه آهي. اهو ايترو قديم آهي، جيتري خود جمهوريت.
انهيءَ خيال کي نه ترڪ ڪيو ويو آهي، ۽ نه وري ان
کي ڪامل بنايو ويو آهي. انصاف جي انتطاميه، پنهنجن
سمورن انساني پيچيدگين سميت، هڪ اهڙو مسئلو آهي،
جنهن کي انساني سماجَ هميشه حل ڪرڻ ڏکيو پئي
سمجهيو آهي.
اٿينس ۾ ڪو به شخص، ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ تي ڪو به
الزام مڙهي سگهندو هو. پر جيڪڏهن فرياديءَ کي سندس
ڪيس جي فائدي ۾ پنجن کان گهٽ ووٽ ملندا هئا ته مٿس
ڳرو ڏنڊ وڌو ويندو هو. انهيءَ سرشتي جي ڪري ڪوڙن
مقدمن کان عوام جو بچاءُ به ٿي ويندو هو.
سقراط تي فرياد ڪندڙن ۾ ميليٽس نالي هڪ شاعر،
اينيٽس نالي هڪ سياستدان ۽ لائيڪون نالي هڪ عام
شخص هو. الزام هيٺينءَ ريت مٿس مڙهيو ويو هو:
”ميليٽس ولد ميليٿس پيٿين، ساک تي هيٺين معلومات
فراهم ڪئي: ’سقراط برائيءَ جو پرچار ڪري رهيو آهي.
هو انهن ديوتائن ۾ ايمان نٿو رکي، جن کي شهر وارا
مڃين ٿا، بلڪه هن پنهنجا نوان ديوتا ٺاهيا آهن. هو
نوجوانن کي بگاڙي ٿو. سزا: موت،. “
اها
نام نهاد تهمت ڪنهن قانوني عدالت ۾ فرد جرم پيش
ڪرڻ کان وڌيڪ هڪ عام بحث جي تجويز جيان هئي. وچئين
دور واري اونداهي ۽ اڻ سڌريل يورپ ۾ به جيڪڏهن
ڪنهن تي ڪو الزام هڻجي ها، ته ان لاءِ ڪافي ثبوت
ڏيڻا پون ها. جون آف اَرڪ تي مقدمو هلائڻ وقت، کيس
ڏوهاري ڪري پيش ڪندڙن به ايترو ضرور ٻڌايو هو ته
سندس ڏوهه ڪٿي ۽ ڪڏهن عمل ۾ آيو هو.
سقراط تي مقدمو هلائڻ جو اصل سبب هو ڪرٽياس ۽
السبياڊينس جهڙن نفرت جوڳن ماڻهن سان سندس واسطو،
جيڪو کليءَ طرح بيان ٿي نٿي سگهيو، ڇا ڪاڻ ته ”
خوف ۽ ڏهڪاءَ واري دور“ جي پڄاڻيءَ تي 403 مسيح
کان اڳ عمل ۾ آيل سڀني ڏوهن لاءِ معافي ڏجي چڪي
هئي. وڏ- گهراڻن ۽ اميرن جي نام نهاد پارٽي، جيڪا
”ظلم“ واري درو دوران اقتدار ۾ هئي، ۽ جنهن
انتهائي سختيءَ وارو طريقو اختيار ڪيو هو، تنهن جا
سقراط سان گهڻا لاڳاپا هئا، ۽ ان مان ڪيترا ته
سقراط جا شاگرد به هئا. سقراط تي ڏوهه مڙهڻ وارن
کيس سندس ڏوهن جي سزا ڀوڳائڻ جو ڪو ارادو ڪري ئي
ڇڏيو هو. تنهن سان گڏ، گهڻن ٻين جيان، سقراط ”
ظلمي دور“ ۾ اٿينس کي ڇڏي به نه ويو هو، بلڪه هو
رياست جمهوريت خلاف هڪ سخت تنقيد ڪندڙ مشهور هو.
سقراط تي هلايل مقدمي جا تفصيل اسان وٽ افلاطون ۽
زينوفان جي ذريعي پهتا آهن ۽ اهي ڪيتريقدر صحيح
آهن، تنهن تي صدين کان وٺي رائزني ٿيندي رهي آهي.
سمجهيو وڃي ٿو ته هن مقدمي ۾ اصل چرچ ڪرڻ وارو
ماڻهو اينيٽس هو، پر شرم وچان هو پاڻ اڳيان نه آيو
۽ ميليٽس کي عدالت اڳيان دانهڻ لاءِ اُڀاريائين،
جيڪو هڪ نوجوان، غير معروف، ۽ ڇڙواڳ خيالن وارو
شاعر هو. مذهب جي باري ۾ الزام ته احمقپڻو هو،
ڇاڪاڻ ته سقراط کي ڪو به ماڻهجو مذهب جي خلاف نٿي
ڪوٺي سگهيو ۽ مقمي جي دوران به ڏسجي ته ان معاملي
تي گهڻو زور نه ڏنو ويو.
سقراط، جيڪو وڏيءَ ڄمار جو هو ۽ غربت جو به ماريل
هو، اگهاڙن پيرن ۽ ڦاٽل ڪڙتي سان عدالت ۾ مٿس
ڏوهه مڙهيندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ هلي ويو، جتي 501
ڄڻن جي ٽربيونل سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻ واري هئي،
فرياد ڪرڻ وارن ٽن ڄڻن پهرين پنهنجو مقدمو پيش
ڪرڻ وقت ڌار ڌار تقريرون ڪيون. ان کان پوءِ شاهد
پيش ٿيا. شاهد ڪير هئا ۽ انهن جون شاهديون ڇا
هيون، سا خبر نه پئجي سگهي آهي، پر ايترو معلوم
ٿيو آهي ته انهن جي الزامن جو تت اهو هو ته
’سقراط انهن ديوتائن کي نه مڃڻ جو ڏوهاري هو، جن
کي رياست مڃيو ٿي، ۽ هن پنهنجا نوان ديوتا متعارف
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ نوجوان کي اهڙي سکيا
ڏيئي، هن کين ذهني ۽ اخلاقي طرح گمراهه ڪيو هو.‘
سقراط پنهنجو جواب ائين چئي شروع ڪيو ته هو ’هن
کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن عدالت اڳيان پيش نه ٿيو آهي،
تنهن ڪري کيس معاف ڪيو وڃي، جو هو ڪا به عدالتي
مهارت نٿو رکي.‘ پر ان کان پوءِ هن مٿس ڏوهه مڙهڻ
وارن کان وڌيڪ عدالتي مهارت جو مظاهرو ڪيو. هن
کانئن سندس خلاف اڻ چٽين تهمتن جي صورتحال بابت
ڏاڍيءَ ذهانت واري آڏي پچا ڪري، کين مڪمل طرح
منجهائي ڇڏيو.
هن
ميليٽس کان پڇيو ته” اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي
نوجوانن کي سڌاري رهيا آهن!“ ميليٽس منجهي پيو ۽
جواب ڏنائين ته ”جج صاحبان.“ سقراط پوءِ مختلف
سوال ڪري ميليٽس کان اهو قبول ڪرايو ته اٿينس جي
سڄيءَ رياست ۾ رڳو هڪڙو سقراط ئي هو جيڪو
نوجوانن کي بگاڙي رهيو هو، ۽ باقي هر هڪ فرد
نوجوانن کي سڌاري رهيو هو! سقراط چيو، ”آءُ اٿيس
وارن کي اهڙي ءَ خوشنصيبيءَ تي مبارڪ پيش ڪريان
ٿو.“
سقراط چيو ته” هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته خراب ماڻهن
جي وچ ۾ رهڻ کان سٺن ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ چڱو آهي،
تنهن ڪري پاڻ سان رهندڙ شهر واسين کي بگاڙڻ جي
سوچ ڪرڻ به بيوقوفي آهي. ان ڪري ميليٽس جيڪي چيو
آهي، سو هڪ قسم جي نصيحت ته آهي پر دليل نه آهي.“
سقراط جا اهي معقول جواب ڪورٽ سڳوريءَ کي متاثر
ڪري نه سگهيا، جنهن جا جج گڏ ئي کيس سزا ڏيڻ لاءِ
ٿيا هئا.
سقراط، ميليٽس کان هيءَ ڳالهه به قبول ڪرائي ته
سندس خيال ۾ سقراط جو ڪنهن به ديوتا ۾ ويساهه ڪو
نه هو. سقراط ان تي جواب ۾ چيو ته پوءِ ته مٿس
ديوتائن جي ڪفر جو الزام هڻڻ خود الزام جي ابتڙ
هو. پوءِ هن پنهنجا مذهبي عقيدا بيان ڪيا: ”آءُ
ديوتائن ۾ اهڙو ويساهه رکان ٿو، جهڙو مون تي الزام
هڻڻ وارن مان ڪو به نٿو رکي. “ هن چيو ته ”خدا مون
کي پنهنجي پاڻ ۾ ۽ ٻين انسانن ۾ کيس ڳولڻ واري
اعليٰ مقصد جي بچا آوريءَ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي
انهيءَ فرض کي ترڪ ڪرڻ جنگ ۾ پنهنجي مورچي کي ڇڏي
ڀڄڻ جي برابر آهي. موت کان ڊڄڻ ۾ ڪا به ڏاهپ
ڪانهي، جيستائين اِها خبر نٿي پوي ته موت زندگيءَ
کان بهتر نه آهي.“
هن
رحم جي درخواست کان نفرت ظاهر ڪئي. هن چيو ته
جيڪڏهن کيس ان شرط تي ڇڏڻ جي آڇ ڪئي ويندي ته هو
پنهنجي آدرشي گس تان هٽي وڃي، ته پوءِ هو چوندو
ته ”اي اٿينس جا رهواسيو، مون کي اوهان الاءِ
اٿاهه عزت ۽ پيار آهي، پر آءُ اوهان جي ڀيٽ ۾ خدا
جي تابعداري ڪندس، ۽ جيستائين جيئرو ۽ سگهارو
آهيان، تيستائين حقيقت تي پاڻ هلڻ ۽ ٻين کي ان
کان واقف ڪرڻ جي ڪم کان ڪڏهن به باز نه ايندس.“
هن
جڏهن ائين چيو ته ديوتائن لاءِ سندس ڪيل خدمتن کان
وڌيڪ اٿينس شهر ۾ ڪا به نيڪيءَ جهڙي ڳالهه نه ٿي
آهي، ته ان تي سموري عدالت هن جي خلاف ڪاوڙ منجهان
سخت رڙيون ڪيون. هن سڀني کي صبر سان سندس ڳالهه
ٻڌڻ لاءِ عرض ڪيو، ۽ پوءِ کين چيو ته ”جيڪڏهن
اوهين مون جهڙي ماڻهوءَ کي ماريندا، ته ائين ڪرڻ
سان در اصل اوهين مون کي نقصان رسائڻ بدران پنهنجي
پاڻ کي نقصان ۾ وجهندا.“
”مون
کي ڪا به شيءِ نقصان نٿي پهچائي سگهي“، سقراط
انتهائي سڪون سان چيو، “ نه ميليٽس ۽ نه وري
اينيٽس- مون کي ڪو به ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. ڇاڪاڻ
ته هڪڙي خراب ماڻهوءَ کي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي ته
هو پاڻ کان ڪنهن بهتر ماڻهوءَ کي تڪليف پهچائي.“
اينيٽس ڀل ته کيس ماري ڇڏي يا ملڪ بدر ڪري ڇڏي،
يا کانئس، سندس شهري حق کسي وٺي، پر ائين ڪرڻ سان
هو پاڻ تمام وڏيءَ برائيءَ جو ڏوهاري ٿيندو.
هن
چيو ته ”آءُ اهو مَکو آهيان، جيڪو رياست کي خدا
وٽان مليو آهيان، ۽ منهنجو ڪم هي آهي ته رياست جي
بنُائتي تازي گهوڙي کي پنهنجيءَ زوردار ڀون- ڀون
سان هر وقت هوشيار رکندو اچان ته جيئن اهو هلندو
ئي رهي.“
ڪورٽ سڳوريءَ سندس خلاف فتوا ڏني. 501 مان 281
ججن کيس ڏوهاري ٺهرايو.
فريادي ڌر سقراط لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو،
۽ ججن کيس پنهجي اُن لاءِ مطابق ٻي سزا جي تجويز
ڪرڻ لاءِ چيو.
ان
جي موٽ ۾ سقراط جنهن بي پرواهيءَ سان عدم تعاون ۽
عدم دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو، تنهن ڪورٽ سڳوريءَ
کي مڇرائي وڌو. هن پنهنجي طرفان ڏنڊ طور 30 مناءِ
(يوناني سڪا) ڀري ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن لاءِ هن چيو
ته مٿس مقدمي هلائڻ لاءِ رياست کي ضرور ڪجهه خرچ
ته ڪرڻو پيو هوندو! پوءِ هن چيو ته کيس ڏوهاري
ٺهرائڻ بدران، رياست کي سمجهڻ کپي ته هوءَ
منجهائنس فيض حاصل ڪري رهي آهي، تنهن ڪري کيس اِهو
مرتبو ڏئي، جو سرڪاري خرچ تي سندس سنڀال ڪئي وڃي!
سندس
اِنهيءَ خودداريءَ جي گفتن کيس ڪو فائدو ته ڪو نه
ڏنو، مورڳو، ڊايا جينس لارٽئس جي بيان مطابق، 80
وڌيڪ جج هن جي خلاف ٿي پيا.
هن
پوءِ خاموشيءَ ۽ سڪون سان پنهنجي خلاف موت جي سزا
جو اعلان ٻڌو، ۽ جن کيس ڏوهاري ٺهرايو هو، تن کي
پنهنجو آخري خطاب ڪيو: ”اوهان لاءِ، جيڪي منهنجا
قاتل آهيو، آءُ اها پيشنگوئي ٿو ڪريان ته اوهان
جيڪا سزا مون کي ڏني آهي، تنهن کان تمام ڳري سزا
اوهان کي منهنجي مرڻ کانپوءِ ڀوڳڻي پوندي.“ هن کين
ٻڌايو ته ائين سمجهڻ سندن ڀل هئي ته ماڻهن کي مارڻ
مان هو پنهنجن برن ڪرتوتن جي عيوضي ڀرڻ کان بچي
ويندا.
”منهنجي موڪلاڻيءَ جو وقت اچي ويو آهي.“ هن آخر ۾
چيو، ” ۽ اسين پنهنجيءَ پنهنجيءَ واٽ تي روانا ٿي
رهيا آهيون آءُ مرڻ لاءِ، ۽ اوهين جيئڻ لاءِ: ڪهڙي
واٽ ڀلي آهي، سا خبر رڳو خدا کي ئي آهي.“
سقراط جي ڪردار جي اصل وڏائي موت جي فتوا ملڻ
کانپوءِ سندس هلت مان ظاهر ٿئي ٿي. کيس جيل ۾ وڌو
ويو، جتي کيس پنهنجن دوستن سان بنان روڪ ڳالهائڻ
جي موڪل ڏني ويئي، جن مٿس لڳاتار زور وڌو ته هو
فرار ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته پهريدارن کي رشوت ڏيئي
پنهنجو ڪرڻ ڏکيو ڪم نه هو.پر سقراط ائين ڪرڻ کان
صاف انڪار ڪيو.هن چيو ته اها ڳالهه قانون جي خلاف
ٿيندي، ۽ جيتوڻيڪ سزا ڏيڻ ۾ صاف بي انصافي ڪئي
ويئي هئي، پر ان طرح رياست جي اختياريءَ جي ڪا به
رقعت نه رهندي، ۽ هن نٿي چاهيو ته اهڙو ڪو ڪم
سندس هٿان ٿئي.
اٿينس ۾ عام طرح موت جي سزا مليل ماڻهن کي چوويهن
ڪلاڪن اندر زهر جو پيالو پياريو ويندو هو، پر
سقراط جي معاملي ۾ هڪ مهيني جي دير پئجي ويئي.
ڇاڪاڻ ته اهو مقدس جهاز جيڪو هر سال ڊيلاس ڏانهن
ديوتائن لاءِ ڀيٽا کڻي ويندو هو، سو اڃا نه موٽيو
هو، ۽ ان جي موجود نه هجڻ جي حالت ۾ موت جي سزا
تي عمل ڪرڻ جي اجازت نه هئي. هوا جي خرابيءَ ڪري
جهاز جي موٽڻ ۾ دير پئجي ويئي هئي.
جيئن
جيئن ڏينهن مٿان گذري رهيا هئا، تيئن تيئن سقراط
جي دوستن کي انتظار جو عذاب کانئس وڌيڪ محسوس ٿي
رهيو هو، پر هو پاڻ پنهنجي پڄاڻيءَ تي بيحد پر
سڪون هو.
نيٺ
طوفان جو سٽيل مقدس جهاز پائروز بندرتي اچي لنگر
انداز ٿيو- ۽ اُهو منحوس ڏينهن به اچي ويو.سقراط
جي زال زئنٽپ، سخت دلگير ٿي پيئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ
هن تمام عظيم ٻڍي کي پنهنجن جهيڙن جي باوجود گهڻو
پسند ڪندي هئي.
افلاطون، ڪرائٽو ۽ فئڊو آخر تائين سقراط سان گڏ
رهيا، ۽ سج لهڻ مهل وٽس هڪ عملدار اهو ٻڌائڻ لاءِ
آيو ته سندس وهه جي وٽي پيئڻ جو وقت اچي ويو هو.
پوءِ انهيءَ عملدار سقراط کي چيو، ”مون هيترو وقت
سڀ ڪجهه پئي ڏٺو آهي، تون بيشڪ سڀني کان وڌيڪ
معتبر، شان وارو رحمدل ۽ اعليٰ انسان آهين، جنهن
جهڙو هتي ڪو به نه ٿيو آهي. مون کي پڪ آهي ته تون
مون تي رنج نه ٿيندين، بلڪه انهن کي مياري
سمجهندين، جن لاءِ تون ڄاڻين ٿو ته قصور وار آهن.“
سقراط جا دوست روئي رهيا هئا، پر هُن کين زهر جو
پيالو کڻي اچڻ لاءِ چيو- جيتوڻيڪ اڃان ڏينهن جي
روشني هئي، ۽ عام طرح ڏوهاري رات ٿيڻ تائين پيالو
نه پيئندا هئا.
ڪرائٽو سقراط کي منٿ ڪئي ته هو پيالو دير سان پئي،
ڇو ته سج اڃان پهاڙين کان مٿي هو، پوءِ ايتري تڪڙ
ڇا لاءِ ؟
”جيڪي موت ۾ دير ٿا وجهن، تن وٽ ڪو سبب هوندو
آهي،“ سقراط وراڻيو. ”هو سمجهندا آهن ته ان ۾
سندن فائدو آهي. مون وٽ ائين نه ڪرڻ لاءِ بهتر سبب
آهي. زندگيءَ سان چهٽيل رهي خود پنهنجي روح کي
بيمانو ڪرڻ ۽ رڳو پياني کي ڀريل رکڻ کانسواءِ، مون
کي ائين ڪرڻ ۾ ڪو به فائدو ڪونهي. نه- جلدي ڪريو،
زهر جو پيالو کڻي اچو! “
ايتري ۾ جيل جو هڪ شخص زهر جو پيالو کڻي آيو، جيڪو
سقراط خوشيءَ سان هٿ ۾ ورتو.
”تو
کي انهن ڳالهين جي خبر آهي.دوست“، سقراط زهر آڻڻ
واري کان پڇيو، ”ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“
هن
ٻڌايس ته کيس پهرين پيالو پيئڻ کپي. پوءِ هلڻ کپي،
جيستائين سندس ٽنگون ست ڇڏڻ لڳن. پوءِ کيس ليٽي
پوڻ کپي، ۽ وڌيڪ ڪم زهر پاڻيهي ڪندو.
سقراط موت جي پيالي کي اکين اڳيان جهلي، ان کي
پنهنجين گنڀير اکين سنا گهوريو، ۽ پوءِ جيل جي
ماڻهوءَ کان پڇيو،” تنهنجو ڇا خيال آهي، ايترو وزن
انسان کي آرام ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي؟“ هن جواب ڏنو،
”اسين گهربل مقدار کان وڌيڪ تيار نه ڪندا آهيون.“
”ته
پو آءُ دعا گهران ٿو،“ سقراط چيو، ” ۽ اها هيءَ
آهي ته هن دنيا کان ٻيءَ ڏانهن سفر سڻائو ٿئي.“
پوءِ
هن پيالو چپن تائين آندو، ۽ دوستن جي پيڙا ڀريل
اکين اڳيان ڪڙي ۽ قاتل جو آخري ڦڙو به پي ڇڏيو.
دوست
بي اختيار روئڻ لڳا، ته سقراط انهن کي نرميءَ سان
تنبيهه ڪئي: ”منهنجا دوستو، هي اوهين ڇا ڪري
رهيا آهيو. مون ٻڌو آهي ته ماڻهوءَ کي آرام سان
مرڻ ڏجي. خاموش رهو ۽ دل ڏاڍي ڪريو.“
پوءِ هو ڪجهه دير لاءِ جبل واري پنهنجيءَ ڪوٺڙيءَ
۾ هلڻ لڳو. جڏهن سندس ٽنگون ايڏيون ڳريون ٿي ويون،
جو هو وڌيڪ هلي يا بيهي نه سگهيو، تڏهن کٽ تي
ليٽي پيو- ۽ پوءِ هوريان هوريان سندس بت ساهه ڇڏڻ
لڳو.
مرڻ
کان چند گهڙيون اڳ هن جهيڻي آواز ۾ ڪرائٽو کي چيو،
”اپولئس مون کان هڪڙو ڪڪڙ لهڻي. اها ڳالهه نه
وسارج.“
سقراط جي موت جو احوال سندس شاگرد افلاطون ايندڙ
نسلن لاءِ قلمبند ڪيو، جيڪو گذريل ٻن هزار سالن
کان
ورجايو پيو وڃي. افلاطون، جنهن کي به بگاڙڻ جو
الزام سقراط تي هو، تنهن پنهنجي استاد جي خيالن ۽
نظرين کي دنيا سان روشناس ڪرايو، جيڪو ائين امر ۽
عظيم ترين فيلسوف بنجي ويو.
سقراط تي مقدمو ايمانداريءَ سان هلايو ويو يا
نه، سا ڳالهه هڪ تاريخي بحث بنجي ويئي آهي. ڪن جو
خيال آهي ته اُهو هڪ ’عدالتي قتل‘ هو. ٻين جو
چوڻ آهي ته رياست جا مفاد هر ڪنهن معاملي کان اُتم
آهن، تنهن ڪري سقراط کي اٿينس جي سلامتيءَ ۽
استحڪام خاطر مارڻ ضروري هو. اهي خيال تڏهوڪي
زماني جي ماڻهن جا هئا، پر اهڙيون شاهديون خير ڪي
مليون آهن. جن مان خبر پوي ته اٿينس جي ماڻهن
پنهنجي انهيءَ ڪڌي ڪم تي ڪو پڇتاءُ به ڪيو هو يا
نه.
جيتوڻيڪ هن اڄوڪي زماني جا قانوندان انهيءَ ڳالهه
کان انڪار ڪندا ته سقراط تي مقدمو انصاف سان هلايو
ويو هو، پر تڏهوڪي زماني ۾ اهو ئي انصاف هو.
جيتوڻيڪ اها هڪ رياستي يا سرڪاري ڪارروائي هئي، پر
تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ کليءَ طرح يا باضابطي ڪئي ويئي
۽ ملزم کي پنهنجي بچاءَ ڪرڻ کان روڪيو نه ويو.
سزا تي عل مهذب ۽ انساني طريقي سان ڪرايو ويو، ۽
ڪو به اجايو تشدد نه ڪيو ويو ، جيئن ڪيترين حالتن
۾ وچئين دور ۾ ڪندا هئا ۽ هن جديد دور ۾ به ڪن ٿا.
سقراط تي جيڪڏهن وچئين دور ۾ ڪنهن مذهبي عدالت
پاران مقدمو هلايو وڃي ها ته مٿس بيحد بيرحميءَ
سان تشدد ڪيو وڃي ها ۽ سندس سنڌن ڀڳل جسم کي
جيئري جلايو وڃي ها. اسٽوئرٽ ۽ جارجئن دوري واري
انگلينڊ ۾ کيس تمام اذيتناڪ نموني ۾ ڦاسي ڏني وڃي
ها.
سقراط جي هموطنن ساڻس اهڙي سلوڪ کان وڌيڪ ماڻهپي
وارو سلوڪ ڪيو، جهڙو هوند کانئس پوءِ وارا ماڻهو
ساڻس ڪن ها. هنن ساڻس ايمانداريءَ واري هلت ڪئي.
جنهن ۾ ڪا به منافقت ڪا نه هئي، آخر ۾، ان ڪري،
ڪجهه اُنهن جي بچاءَ ۾ چوڻ مناسب ٿيندو.
اٿينس وارن جا سقراط بابت خيال اسان جي خيالن کان
ٻيءَ طرح هئا. افلاطون اڃان هن جا قول اقوال
قلمبند نه ڪيا هئا. هنن جي نظر ۾ هو هڪ جهيڙاڪ
پوڙهو هو، جيڪو قديم روايتن ۽ سندن وهمي سماج کي
رد ڪرڻ تي ڪمر ڪشي بيٺو هو، ۽ جنهن پنهنجيءَ خود
ساخته سياسي تعليم وسيلي اٿينس تي ”ٽيهن ظالمن
واري دور“ جو عذاب آندو هو. سندن خيال موجب، هن جي
نظرين ڪرٽياس جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا. هنن نٿي ڄاتو
ته سقراط جي هرو ڀرو اها مرضي ڪا نه هئي ته هر ڪا
سياسي ڳالهه سندس تعليمات مطابق پڙهي يا سمجهي
وڃي.
عالمن ائين به چيو آهي ته اٿينس جي ماڻهن جنهن شخص
کي ڏوهاري ٺهرايو، تنهن جي اصل طبيعت ۽ ذهنيت کان
به ايمانداريءَ سان اڻ ڄاڻ ۽ واقعي ڀليل هئا. ۽
اِئين به آهي ته هنن اهو سقراط ڏٺو هو، جيڪو سندن
اکين اڳيان هو، ۽ اسين رڳو انهيءَ شخص کي ڄاڻون
ٿا، جيڪو افلاطون جي قلم وسيلي اسان جي ذهن ۾
اڀريو آهي، بلڪه ڪيترن کي ته افلاطون بابت اهو شڪ
به آهي ته هن پنهنجي استاد واتان خود پنهنجا ئي
ڪيترا رايا ۽ خيال چورايا هوندا. (12-9-1984ع) |