جتي
قلم سچ سچ سگهارو آهي
قلم
تلوار کان طاقتور آهي، تنهن جو مثال لئٽن آمريڪا
جي اديب ماريو ورگاس لوسا جو هي احوال آهي، جنهن
کي پنهنجي ملڪ جي وزير اعظم ٿيڻ لاءِ چيو ويو، پر
هن اهو عهدو ٺڪرائي ادب ۽ فن جي عظمت، پائداريءَ ۽
خودداريءَ کي ثابت ڪيو.
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترائي وزيراعظم اڳتي
هلي اديب ٿي پيا، پر گهڻا اديب وزيراعظم ڪو نه
ٿيا. هڪڙو اهڙو اديب جيڪو وزيراعظم نه ٿيو، اهو
ماريو ورگاس لوسا آهي، جنهن هن سال اپريل مهيني ۾
پيرووءَ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت مڃڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. ان کان پوءِ مئي مهيني جي ٻئي هفتي ۾ هو ماٺ
ميٺ ۾ پنهنجي ملڪ مان نڪري لنڊن وڃي پهتو، جتي هو
ان وقت تائين جلاوطنيءَ جي زندگي گذاريندو،
جيستائين فوجي آمرن جي هٿن ۾ پيروءَ جي حڪومت جون
واڳون آهن. لنڊن ۾ هن وقت هو پنهنجي زال سميت، هڪ
ننڍڙي گهر ۾، ڏاڍيءَ بي پرواهيءَ ۽ شان مان سان
رهي ٿو.
سندس
چوڻ آهي ته پاڻ هت سلامتيءَ ۽ سڪون سان رهي سگهي
ٿو، ڇاڪاڻ ته لئٽن آمريڪا جي سڀني اديبن سان مصيبت
اها آهي ته هنن مان اها اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي
هر ڪنهن ڳالهه جي لاءِ ڪي خيال رکندا هجن، ڪي رايا
ڏيندا رهن، ۽ گهڻي ڪنهن ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪندا.
فن ۾
ويساهه
هو
ٻڌائي ٿو ته صدر بيلانڊي ٽيريءَ کيس وزيراعظم ٿيڻ
لاءِ چيو هو، ڇاڪاڻ ته صدر جي خيال ۾ اقتصادي ۽
سياسي بدامنيءَ واري ملڪ ۾ هڪ آزاد اميدوار جي
وزيراعظم ٿيڻ ڪري ايندڙ بهار جي مند ۾ ٿيندڙ چونڊن
تائين ملڪ ۾ موجود افراتفري ڪي قدر جهڪي ٿي سگهي
ٿي. پرودگاس لوسا اديب رهڻ گهريو ٿي ۽ کيس سياست
کان نفرت آهي، جيتوڻيڪ هن کي جمهوريت- دشمن قوتن
جي تشدد جو خوف پڻ آهي.
انهيءَ هوندي به اوهين سمجهي سگهو ٿا ته هو لکڻ جي
پيشي کي ٿوري وقت جي لاءِ به ڇو نٿو ڇڏڻ گهري.
جڏهن کان ويهه ورهيه اڳ هن جو پهريون ناول ڇپيو
هو، تڏهن کان هن وقت تائين هن پنج ٻيا ناول لکيا
آهن ۽ ڇهين ناول لکڻ ۾ مصروف آهي. انهيءَ کان
سواءِ هن ننڍا ڊراما، ٽيليويزن جي لاءِ پروگرام،
تنقيد جا ڪيترا ئي ڪتاب، ڪيترا ئي اخباري مضمون ۽
اسپين ۾ ورلڊ ڪپ تي رپورٽتاز وغيره، پڻ لکيا آهن
هن جي عمر 47 ورهيه ئي آهي، ۽ هو ڪافي تندرست ۽
جوان لڳي ٿو.
ور
گاس لوسا جي انهيءَ ادبي پورهئي سبب هن کي به لئٽن
آمريڪا جي وڏن اديبن، جهڙوڪ گارشيامار ڪوئين،
بورجس ۽ آسٽورياس جي سٿ ۾ شامل سمجهيو وڃي ٿو، جن
جي تحريرن کي هن وقت مغرب ۾ بيحد مقبوليت حاصل
آهي. ”فنڪار ٿيڻ، ۽ رڳو فنڪار ٿيڻ“، هن هڪ دفعي
لکيو هو، ” اسانجن ملڪن ۾ هڪ قسم جو اخلاقي ڏوهه ۽
هڪ سياسي گناهه سمجهيو وڃي ٿو“. ڇا سچ پچ هيءَ
ڳالهه انهن ملڪن جي مفاد وٽان آهي به، جو هو ليکڪن
۾ ايترو اعتماد ۽ ڀروسو رکن ٿا، جڏهن ته افسانوي
ادب جا ليکڪ ”ڪوڙين“ ڳالهين جوڙڻ جو ئي ڪاروبار
ڪندڙ آهن؟
”منهنجيءَ راءِ ۾، اِها به هڪ عجيب سوچ آهي ته
ليکڪن وٽ هر مسئلي جو حل ٿئي ٿو- هيءَ اها ئي
ڳالهه آهي، جيڪا ’رومانٽڪ‘ دور وارا سوچيندا هئا“.
ادب
جون پاڙون
اسپين ۾، ۽ انگلينڊ ۾، پنجاهه سال اڳ تائين به اها
سوچ برابر هئي، پر آءُ سمجهان ٿو ته انگلينڊ ۾
هاڻي اها ڳالهه ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي سمجهيو وڃي
ٿو ته ليکڪ اهي ماڻهو ٿين ٿا، جيڪي ڪتاب ته لکندا
آهن- پر ڪڏهن اهم ته ڪڏهن غير اهم. انهيءَ هوندي
به منجهن ان عام اميد جو گهڻو سٺو اثر ٿيو آهي.
”اوهين ادب کي رڳو هڪ وندر جو ذريعو چئي نٿا سگهو،
جڏهن ته اوهين هڪ اهڙي سماج ۾ رهو ٿا جتي اهي
ماڻهو جيڪي پڙهي به نٿا سگهن سي به ليکڪن کي
اهيمت ڏين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اهي سندن مسئلن جي حل
ڳولي لهڻ ۾ سندن مدد ڪندا“.
پنهنجي هڪ مضمون ۾، جيڪو هن 1978ع ۾ لکيو هو،
ورگاس لوسا چيو آهي ته لئٽن آمريڪا ۾ سينسرشپ جو
مطلب اهو هو ته رڳو افسانوي ادب ئي سماجي علم جي
جاءِ وٺي بيهي!
”حقيقت جي باري ۾ به اسان جا ڪي بهترين ليکڪ ادبي
فنڪار آهن، جيڪي رڳو خواب ڏسندا آهن“. سچ پچ ته
اهو هڪ اهڙو سبز ميدان آهي، جنهن ۾ ”جادوءَ جهڙيءَ
حقيقت پسنديءَ“- يعني موجوده لئٽن آمريڪي افسانوي
ادب جون پاڙون آهن.
جادو
هو
پنهنجو کنڊ جي مسئلن کي”اهم“ چوي ٿو- ’انڊين‘ لوڪن
جي حيثيت، مسڪيني، ڦر مار، ثقافتي، اختلاف- اهي
سڀئي اخبار، ريڊئي، ٽي- ويءَ تي اڳي بيان نه ڪيا
ويا هئا؛ ڇا لاءِ ته معلومات جا اهي ذريعا گهڻو
ڪري يا ته عوام مخالف ماڻهن جي هٿن ۾ هئا يا وري
ڊڄڻن يا وڏن واپارين جي هٿ- وس هئا. اهي مسئلا
سماجيات جي وڏن ڪتابن ۾ به نه، پر ناولن م بيان
ڪيا ٿي ويا. هن جو خيال آهي ته ائين به انهيءَ ڪري
ٿي سگهيو هو، جو اهي مڪاني مسئلا ڏسي انهن ليکڪن
جي ڌيان تي آيا جيڪي ٻاهريان ملڪ آيا هئا، ۽
انهيءَ سبب جي ڪري ئي لئٽن آمريڪي ادب دنيا جي
نگاهن جو مرڪز ئي پيو هو.
ادب
جي اها قوت، اها جادوءَ جهڙي حقيقت پسندي، بيان
ڪرڻ، کان مٿي آهي. ان جي مختصر لفظن ۾ وضاحت ڪرڻ
ممڪن ڪانهي. ان جو اثر هر طرفو ٿئي ٿو.
”اسان جي اصلي سوچ تي ڪيترائي اثر پيل آهن- يورپي،
آفريڪي ۽ اسپيني دور کان اڳ جو. جيڪڏهن اوهان کي
اهڙي مواد تي حقيقت مطابق لکڻو پوي ته ان جي نتيجي
۾ اها جادوءَ جهڙي حقيقت نگاري ظاهر ٿيندي. ڏکڻ
آمريڪا ۾ گڏوگڏ ڪيتريون ئي ثقافتون موجود آهن. اتي
پٿر جو دور به آهي ته جديد زمانو به ڪمپيوٽر به
آهي ته حد کان وڌيڪ جهالت به اڄ لئٽن آمريڪا جي
سڀني ليکڪن وٽ يورپي تجربو آهي. اَسٽورياس جو چوڻ
آهي ته گوئٽيمالا کيس پئرس ۾ هٿ آيو هو، ۽ مايا
وري ساربون ۾ مليو هو، ان طرح، آءُ سمجهان ٿو ته
مون کي لئٽن آمريڪي ادب انگلينڊ ۾ مليو آهي.“
ورگاس لوسا سنئون سڌو ۽ اثرائتو ڳالهائيندو آهي.
هو انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڀڙ آهي. سندس خيال آهي ته
افسانوي ادب ۾ خيال جي ايتري اهميت نه آهي، جيتري
انهيءَ خيال ۾ گم ٿي وڃڻ ۽ اندر جي اُڇل جي هوندي
آهي. هن جي آخري ٽن ناولن جا ڪردار ان خاصيت جي
چڱي وضاحت ڪن ٿا. ”آنٽ جوليا ائنڊ دي اسڪرپٽ رائٽر
“ ناول ۾ اسڪرپٽ رائيٽر وارو ڪردار، پيڊور ڪماچو،
ريڊيو جي لاءِ لاڳيتا دلپسند ۽ لوڪ پسند سيريل لکي
ٿو، جيڪي هر روز نشر ڪيا وڃن ٿا. هر ٻئي باب ۾
انهن جا حصا ڏنل آهن.
غيبي
تربيت
ڪماچو جي ٻڌندڙن ۽ خود سندس اندر جي گهُر سبب هو
جاڳ جو هڪ منٽ به اجايو نٿو وڃائي، پر لکي ٿو،
ريهرسل ڪري ٿو ۽ پاڻ ائڪٽنگ به ڪري ٿو. لڳي ٿو ته
کيس وقت ئي نٿو ملي، جو ٻاهر نڪري ڏسي ته دنيا ۾
ڇا وهي واپري ٿو. تنهن ڪري اسان کي ايئن سمجهڻو
پوي ٿو ته سماج جي باري ۾ سندس مشاهدو ڄڻ هڪ غيبي
تربيت جو نتيجو آهي!
ڪماچو جي ڪردار سان پنهنجي انتهائي وابستگي ورگاس
لوسا کي پسند آهي. هو چوي ٿو: ”منهنجي خيال ۾ ادب
ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي، جنهن کي شوق يا راند يا وري
پيشو ڪري سمجهجي. آءُ ته ان کي هڪ علت يا عادت ڪري
ليکيندس، جيڪا وڌيڪ ضروري ۽ پرڪشش ٿيندي آهي. آءُ
جنهن شيءِ جي واکاڻ ڪريان ٿو، ڪماچو انهيءَ جو
کلائيندڙ ڪئريڪيجر يا خاڪو آهي. پر ساڳئي وقت هو
هڪ اهڙي به شيءِ آهي، جنهن کان مون کي خوف ٿئي
ٿو؛ ڇا ڪاڻ ته هو هڪ جنوني آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن
به ڪم کي ڪرڻ يا ڪنهن ڳالهه کي مڃائڻ خاطر هر هڪ
شيءِ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مون کي
هن کان هميشہ ڊپ ٿيندو آهي، ڇا لاءِ ته اهڙي قسم
جي ذهنيت جي ڪري ئي جنگيون ۽ بدامنيون ٿينديون
آهن.“
پر
هن جو سڀ کان وڌيڪ لاڏلو ۽ اهم ڪردار ” ڪئپٽن
پئنٽوجا ائنڊ دي اسپيشل سروس“ ناول ۾ آهي، جنهن جي
ڪري هن کي احساس ٿيو ته پاڻ هڪ ئي وقت سنجيدو به
آهي ته خوش مزاج به. پئنٽوجا جي حوالي اهو ڪم آهي
ته هو ڳجهه ڳوهه ۾ ملڪ جي پر انهن ۽ مٿين حصن ۾
مقرر ٿيل فوجين جي لاءِ عياشيءَ جا گشتي اڏا تيار
ڪري. هو انهيءَ ڪم کي مڪمل چاهه ۽ اُتساهه سان ڪري
ٿو. هو آزمودا ڪري ڏسي ٿو ته هڪ فوجيءَ کي سراسري
طرح ڪيتري ضرورت ٿئي ٿي ته جيئن هو هٿ ڪري سگهي ته
ڪيترين عورتن جي ڪٿي ۽ ڪيتري وقت لاءِ گهرج ٿيندي
۽ هو هنن کي اتي موڪلي سگهي.
حقيقت
”انهيءَ ناول کي نوڪر شاهيءَ تي ملامت جي مقصد سان
پيش ڪيو ويو، پر ان مان اهو مطلب نه ڪڍيو ويو.“
تنهن ڪري ان تي بندش وجهڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو
ويو- جيتوڻيڪ اڃا تائين حڪومت فوجين جي هئي- ۽
فوجي سرڦرين ان جون ڪاپيون به ڪين ساڙيون، جيئن
هنن سندن پهرئين ناول ”ٽائيم آف دي هيرو“ کي ساڙيو
هو، جيڪو هڪ فوجي اڪيڊميءَ جي ڪئڊيٽن (شاگردن)
بابت هو.
پيروءَ ۾ ورگاس جي ڪتابن تي ڪڏهن به بندش نه پيئي
آهي، جيتوڻيڪ لئٽن آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ انهن جو
پڙهڻ ڏوهه آهي. هو چوي ٿو ته ڏکڻ آمريڪا ۾ ليکڪن
کي گهڻو ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو يا جيل اماڻيو وڃي ٿو.
پر، چند انتها پسندن کان سواءِ، خود ڪتابن جي اڃا
تائين هڪ اڻڄاڻ خوف هيٺ حفاظت ڪئي وڃي ٿي.
سندس
هر هڪ تحرير وانگر ”پئنٽوجا“ ناول جو پس منظر به
حقيقي آهي. اميزان علائقي ۾ سفر ڪندي ورگاس لوسا
کي اتي جي مڇريل مڪاني ماڻهن اسپيشل سروس جي باري
۾ ٻڌايو هو. انهيءَ پر انهين هنڌ جي مڪاني ماڻهن
کي جنهن ڳالهه ايترو ڪاوڙايو هو، اها هيءَ هئي ته
عورتون شهرين جي لاءِ نه، پر رڳو فوجين جي لاءِ
آنديون وينديون هيون!
(9-8-1984ع) [روزانه ”اسٽار“ ڪراچي، 31 مئي
1984ع، جي ٿورن سان.]
مرضيه احمدي اسڪوئي
(ايراني شاعره)
نوجوان ايراني شاعره ۽ گوريلا ڇوڪري، مرضيه احمدي
اسڪوئي، جنهن ڪجهه وقت اڳ ايران جي عوامي انقلاب
کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي
شهادت جو درجو حاصل ڪيو، اُن جي فارسي ٻوليءَ ۾
چيل هڪ انقلابي نظم جو سنڌي ترجمو پيش خدمت آهي.
ان سان گڏ سندس مختصر سوانح حيات پڻ ڏجي ٿي.
مرضيه اسڪوئي نالي دوشيزه هڪ ننڍڙي ايراني ڳوٺ ۾
1945ع ڌاري هڪ هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هوءَ
ننڍپڻ کان ئي ٻنيءَ ٻاري جي ڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو
هٿ ونڊائيندي هئي. ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سختين ۽
هارين جي ڏکن توڙي حياتيءَ جي کيس پوري ڄاڻ هئي،
ڇا ڪاڻ ته هارين جي اڌ بکايل زندگيءَ ۽ اُن جي
لاهين چاڙهين مان هوءَ پاڻ به گذري چڪي هئي.
هاءِ
اسڪول جي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڇوڪرين جي هڪ
پرائمري اسڪول ۾ پنهنجي عريب والدين جي خدمت توڙي
پنهنجي گذر اوقات لاءِ ماستريءَ جو پيشو اختيار
ڪيو. اسڪول ۾ ملازمت جي دوران، هوءَ نه رڳو ٻارن ۽
نياڻين کي پڙهائيندي هئي. پر هنن جي مِٽن مائٽن جي
گهريلو زندگيءَ توڙي هن جي روز مره جي ٻين
پريشانين ۾ پڻ هنن جي مدد ڪندي هئي، غريب ٻارن جي
مدد ڪرڻ کي هوءَ نه رڳو پنهنجو هڪ منصبي فرض ڪري
سمجهندي هئي، پر سندن ٻين تڪليفن کي حل ڪرڻ ۾
سندن مائٽن کي به هميشه بهتر صلاحون ڏيندي رهندي
هئي.
مرضيه احمدي هڪ دردمند دل ۽ اعليٰ سوچ جي مالڪ
هئي، ان ڪري اڳتي هلي هن محسوس ڪيو ته اهو ڪافي نه
آهي ته فقط اسڪول يا ڪاليج جي دائري اندر پاڻ کي
محدود رکجي. هن جي اندر جي آواز ۽ سندس ضمير جي
پڪار کيس مجبور ڪيو ته هوءَ سرڪاري نوڪريءَ کي ترڪ
ڪري ڇڏي. هن پڪو فيصلو ڪيو ته هوءَ پنهنجي باقي
حياتي فقط پنهنجي وطن جي غريب ۽ ستم رسيده عوام
جي حوالي ڪندي. هن چڱيءَ طرح محسوس ڪيو ته ايران
جي ٽي ڪروڙ عوام ۽ خاص ڪري غريب طبقي جي فلاح ۽
نجات لاءِ عوامي انقلاب کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو
ڪو نه هو. انهيءَ نتيجي تي پهچڻ کان پوءِ هن
سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ هوءَ 1970ع واريءَ انقلابي
تحريڪ ۾ شامل ٿي ويئي، ۽ اُن ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ
لڳي. هن پنهنجو نالو ”چيرڪ فداي خلق، (گوريلا
جماعت) ۾ داخل ڪرايو. هن پنهنجي ايراني عوام سان
ٿيندڙ زيادتين جي – پوءِ اُهي آمريڪي سامراج
طرفان هجن يا اُن جي ڇاڙتن يا خود شهنشاهه ايران
يا هن جي جاسوسي کاتي ”ساوڪ“ طرفان هجن- مقابلي
ڪرڻ کي ئي پنهنجي حياتيءَ جو اولين مقصد قرار ڏنو.
۽ پوءِ هوءَ سامراجي ظلم خلاف پنهنجو سينو تاڻي
بيٺي. اِئين هن پنهنجي انقلابي مهم کي جاري رکڻ
لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي هئي. اُن لاءِ هوءَ نه
ڏينهن ڏسندي هئي نه رات، پر جتي کيس موقعو ملي
ويندو هو، هوءَ دشمن تي وار ڪرڻ کا ڪا نه گسندي
هئي عورت هوندي به هن ڏاڍي دليريءَ سان پنهنجي
مقصد سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو، ۽ نيٺ 1973ع ۾
هوءَ شاهه ايران جي پوليس سان مقابلو ڪندي مارجي
ويئي، ۽ اهڙِيءَ طرح هوءَ پنهنجي عزم تي ثابت قدم
رهي، ايراني عوام جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ پنهنجو
نالو امر ڪري ويئي.
مرضيه شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هئي، پر هوءَ هميشه چوندي
هئي ته ”آءُ نه رڳو پنهنجي قلم سان پر پنهنجي ريٽي
رت سان آزاديءَ جي تاريخ لکي وينديس!“ ۽ هن ائين
ئي ڪري ڏيکاريو.
هتي
سندس هڪ فارسي- نظم جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.سندس هن
نظم جو عنوان آهي:”زنداني“ يعني ”قيدياڻي“. پنهنجي
هن ننڍڙِي نظم ۾ هوءَ جيئن چوي ٿي:-
”مان
هڪ قيدياڻي آهيان، نهايت ئي ستايل ۽ ستم رسيده.
”مون
کي هڪ نهايت خونخوار ۽ خود غرض شهنشاهه پنهنجي
بندي خاني ۾ بند ڪري رکيو آهي. هڪ ڪنبائيندڙ ۽
ٿڌيءَ رات ۾ آءُ جيلخاني جي سيخن پٺيان بيٺي آهيان
۽ پنهنجي وطن جي شاندار مستقبل ۽ سندس آزاديءَ جا
خواب ڏسي رهي آهيان.“
من
بک مرغ عاشقم-
”مان
هڪ عشق جو پکيئڙو آهيان ۽ هن دهشتناڪ قلعي ۾ بند
هجڻ جي باوجود ۽ پنهنجي ڪٽيل کنڀڙاٽين هوندي به هڪ
نه هڪ ڏينهن هتان اُڏامي وڃڻ جي آس رکان ٿي. مان
هن بندي- خاني کان ٻاهر وسندڙ برسات جا چمڪندڙ ڦڙا
وڏي پاٻوهه سان ڏسي رهي آهيان ۽ اميد اٿم ته هي
زوردار طوفاني ڦڙا غلاميءَ جي اونداهيءَ، زنگ آلود
۽ ڪاراٽيل رات کي هڪ ڏينهن ڌوئي، آزاديءَ جي روشن
صبح ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا.“
گوش
من ڪنم-
”آءُ
ٻڌي رهي آهيان ۽ هن قيد تنهائيءَ ۾ ڪَٽَ کڙا اٿم.
هينئر پري کان آزاديءَ جي متوالن جو شور ۽’انقلاب
زنده باد’ جا نعرا ٻڌڻ ۾ پيا اچن. هن بعد منهنجي
دماغ ۾ فقط آزاديءَ جو ئي جنون سمايل آهي، فقط
آزاديءَ جو.“
من
پاڪهازم-
”آءُ
پنهنجي وطن جي هڪ پاڪباز نياڻي آهيان. نفرت
ڏياريندڙ ’قصر شاهي‘، (1) جيل خانو ۽ هٿڪڙيون ۽
ڏنڊا ٻيڙيون،
(1)
ايران جي قديم بادشاهن جو شاهي قلعو يا محلات،
جنهن کي پهلوي شهنشاهه هڪ وڏي قيد خاني ۾ تبديل
ڪري ڇڏيو هو.
هي
مضبوط لوهي سيخون ۽ زخم جا نشان ۽ هي گرم گرم رت،
هي
دانهون ڪوڪون ۽ فرياد،
هي
راتين ۽ ڏينهن جا ظلم ۽ ستم،
منهنجي عشق جي پکيئڙي کي،
۽
سندس ازلي پرواز کي هر گز روڪي نٿا سگهن.
هيءَ
عشق جي بَٺي، جا منهنجي اندر ۾ دکي رهي آهي، اُن
کي ڪو به ٿڌو ڪري نٿو سگهي.
گوش
ڪن!
”ٻڌو! ٻڌو! (اين صدا از شهر شب مي آيد!) هيءُ آواز
هن اوندهه نگر مان ٻڌڻ ۾ پيو اچي. هيءُ آواز بي
حد اثرائتو آهي، ڇاڪاڻ ته دل جي حسرتن، ارمانن ۽
ازلي سچائين جو آواز آهي.
”رات
جي اونداهين ڀڪوڙي رکيو آهي’قصر شاهيءَ‘ کي
پنهنجن ٻانهن ۾.
”هوڏانهن ماڻهن جو شور ۽ خلق جي واءِ ويلا جو
پڙاڏو پهچي رهيو آهي. منهنجي ڪنن تائين، نهايت
صاف ۽ سرلو.
”مان
هڪ عورت آهيان.
”مان
هڪ ماءُ“ آهيان
(من
مادرم)
(من
يک زنم)
”مان
هڪ ڀيڻ آهيان.
(من
خواهرم)
”مان
هڪ وفادار شريڪ حيات آهيان.(من هم سريء صادقم)
”آءُ
اُها عورت آهيان، جا ازل کان اڄ تائين هر قسم جا
ظلم ۽ ڏاڍايون سهندي آئي آهي. آءُ منڍ کان ئي
اگهاڙي پيرين، صحرائن ۽ رڻن پٽن ۾، تپندڙ ڌرتيءَ
تي، ڀٽڪندي رهي آهيان.“
من
از روستهائي ڪو چڪ شهالم
”آءُ
اُتر طرف جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندڙ هڪ عورت
آهيان. جنهن سارين جي کيت ۾، ۽ چانهه جي باغ ۾،
منڍ کان ئي، محنت ۽ مشقت ذريعي پنهنجين هڏين کي
ڀڳو ۽ ٽڪرا ٽڪرا پئي ڪيو آهي. صبح کان وٺي
سانجهيءَ تائين، پنهنجي ڏٻريءَ ڍڳيءَ سميت.
”آءُ
اُها عورت آهيان، جا اوچن جبلن مٿان به ٻارن کي
جنم ڏيندي رهي آهي، ۽ پنهنجي وڃايل ٻڪري لاءِ به
ڳوڙها ڳاڙيندي پئي رهي آهي.“
من
بڪ زنم
”آءُ
هڪ عورت آهيان- مزدور عورت، جنهن جا سخت هٿ
ڪارخانن جي لوهي مشينن کي به هلائيندا رهيا آهن؛
هنن مشينن جا ڦيٿا، سڀني جي اکين سامهون، روزانو
جنهن مظلوم جي قوت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا آهن.
”مان
هڪ اهڙي عورت آهيان، جنهن جي محنت جي خون ۽ پگهر
سان رت چوسيندڙن جا لاشا ڏينهون ڏينهن وڌ ۾ وڌ
ڦونڊجي رهيا آهن.
”هن
مزدور عورت جي رت جا قطرا، جيتري قدر گهٽبا آهن،
سرمايه دارن جي ٽجوڙين ۾ اوترو وڌيڪ منافعو گڏ
ٿيندو ويندو آهي.
آءُ
هڪ اُها عورت آهيان، جنهن لاءِ حريصن جي شرمناڪ
لغت ۾ همدرديءَ جو هڪڙو لفظ به موجود ڪونهي- انهن
عورتن مان هڪ عورت جن جا هٿ نرم ۽ صاف، جن جا جسم
نزڪتدار، جن جي وارن ۾ ڪشش ۽ خوشبو جا ڪڪر سمايل
آهن.
”مان
هڪ عورت آهيان جنهن جي هٿن تي محنت ۽ پورهئي جي
زخمن جا نشان موجود آهن، انهن عورتن مان، هڪ جن جا
سونهري جسم ڄڻ ته سج جا آئينا آهن، پر اُنهن جي
وارن ۾ ڪارخانن جي دونهين جي بوءِ به سمايل آهي.
”اوهين مرد ڪيتري قدر نه بي شرم آهيو، جو اوهين
فقط عورت جي اگهاڙي جسم جا ئي سپنا ڏسندا رهو ٿا.
”مان
هڪ عورت آهيان، جنهن لاءِ لغت ۾ ڪو به اهڙو لفظ
ڪونهي، جو عورت جي اهميت جي سمجهاڻي ڏيئي سگهي.
”مان
هڪ اهڙي عورت آهيان جنهن جي سيني ۾ ڪاوڙ سان ڀريل
بي شمار زخمن جو هجوم آهي.
”هڪ
عورت جنهن جي اکين جو خمار، آزاديءَ جي راهه ۾
وسندڙ گولين جو ڳاڙهو رنگ آهي.
”اڄ
آءُ هڪ اهڙي عورت آهيان، جنهن هزار مصيبتن سهڻ
بعد هينئر بندوق کڻڻ جو هنر پڻ سکي ورتو آهي.“
(4-10-1984ع) |