ادب
اي
ليکڪو! توهين ڪنهن سان آهيو؟
(فيض
احمد فيض)
جيڪي هن دور ۾ سڄي عوام سان وفادار آهن، انهن جو
ڪم آهي ته اهي عوام جي دشمنن ۽ دوستن جي وچ ۾ فرق
ڪن، عوام کي اُنهن جي سڃاڻپ ڪرائين ۽ انهن کي
ٻڌائين ته ڪير انهن کي آزاديءَ ڏيارڻ، انهن جي
آزاديءَ ۾ سونهن ۽ پاڪائي آڻڻ ۽ اُنهن جي هر قسم
جي ڦر لٽ جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهن، ۽ ڪير انهن کي
غلام بنائڻ انهن کي ڦرڻ انهن کي خراب ڪرڻ ۽ انهن
جي ڪمزورين مان فائدي وٺڻ ۾ رڌل آهن، ۽ ڪير آهن جي
اُنهن سان دوکو ۽ ڏاڍ ڪن ٿا، ۽ فقط پنهنجي حاڪميت
۽ اقتدار جي عمر وڌائڻ ۾ لڳل آهن.
پاڪستان جي سنجيده ليکڪن کي، بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽
ڊپ ڊاءُ جي، سڌي سنئين سچي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ۽
اظهار راءِ جي آزاديءَ تي عمل ڪرڻ گهرجي. انهن کي
ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ ظالمن جي ظلم کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي،
جيڪي ناانصافيون ٿي رهيون آهن، تن کي اگهاڙو ڪرڻ
گهرجي، ۽ سماجي، معاشي ۽ ثقافتي منافقت جو پڻ پردو
چاڪ ڪرڻ گهرجي، ۽ هاڻي ليکڪن تي اهو فرض آهي ته
هو سامراج، نسل پرستي، بيٺڪي نظام ۽ جديد بيٺڪي
نظام جي مخالفت ڪن،اوڀر ۽ اولهه جي عوام سان محبت
ڪن، ۽ آزاديءَ، جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد
ڪندڙ عوام جي ڀرپور حمايت ڪن.
انهن
کي سامراج جي مداخلت، سازش، تباهڪاريءَ ۽ جنگي
تيارين جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، قومن جي آزاديءَ ۽
عالمي امن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اسان جي ليکڪن کي
آزادي ملڻ گهرجي ته هو پنهنجي ڇوٽڪاري جي واٽ پاڻ
ڳولين، ۽ اُنهن تي ڪنهن به خاص سياسي نظام کي مڃڻ
جي پابندي نه هجڻ کپي.
پر
اسان کي اهو چوڻ کان نه ڪيٻائڻ گهرجي ته مٿي ذڪر
ڪيل ڳالهيون اهي گهٽ ۾ گهٽ نقطا آهن، جن کي سڀني
ليکڪن کي قبول ڪرڻ گهرجي. اسين چاهيون ٿا ته
پاڪستان جا سڀئي ليکڪ مٿي لکيل لفظن تي بحث ڪرڻ
لاءِ گڏجي ويهون ۽ پنهنجي تخليقي ڪم لاءِ هڪ نئون
پڌرنامو تيار ڪريون، جيڪو اڄ جي ليکڪن جي رهنمائي
ڪري ۽ نئين نسل لاءِ فڪري لاڙن ۽ تخليقي ڪمن ۾
مشعل راهه بڻجي.
اسان
جي ٽهيءَ جا ليکڪو! اسين توهان کي گذارش ٿا ڪريون
ته ڇا توهين پاڪستان ۾ ٿيندڙ تخليقي ڪم کان مطمئن
آهيو؟ ڇا، هاڻ ليکڪن وٽ ساڳي سروفروشي ۽ ساڳي تڙپ
موجود آهي، جا آزاديءَ کان اڳ هن ننڍي کنڊ جي
اديبن وٽ موجود هئي. (جن ۾ شايد توهين به شامل
هئا؟)
ڇا،
سندن لفظن ۾ ساڳي ترتيب جي سونهن ۽ تخيل ۾ ساڳي
اوچائي ۽ شخصيت ۾ ساڳيو وقار ۽ حوصلو موجود آهي؟
ڇا، انهن وٽ تجربي ۽ شخصيت جي ساڳي هم آهنگي، ساڳي
جرئت ساڳي سچائي، ساڳي محبت ۽ ساڳيو خوشحال مستقبل
۾ پر اميد اعتماد موجود آهي؟
ڇا
توهين محسوس نٿا ڪيو ته جيڪي ڪجهه هاڻي لکيو پيو
وڃي، ان جو وڏو حصو بي مقصد ۽ سطحي آهي، نظرياتي
مونجهارن سان ڀريل آهي، ۽ اُنهيءَ ۾ جن جذبن جو
اظهار ٿيل هوندو آهي سو خلوص کان وانجهيل آهي، ان
۾ لالچ ۽ هوس ڇلڪن ٿا، ان ۾ ڊپ ۽ مصلحت بيٺي نظر
اچي ٿو!
ڇا،
اسان جي ادب ۾ يقين ۽ اعتماد جي اِها کوٽ ڏينهون
ڏينهن وڌندي نه پئي وڃي، ڇا اسان جي ادب ۾ منافقت
۽ زندگيءَ کان بيزاري وارا لاڙا ڪافي ڪجهه گهڻا
ڀريل نٿا ڏسجن؟
جي
پهرين سوال جو جواب انڪار ۾ آهي ۽ ٻئي سوال جو
جواب هاڪار ۾ آهي ته ڇا، هاڻ وقت نه آيو آهي، جو
اسين سڀ گڏجي ويهون ۽ اِن صورتحال جي تدارڪ بابت
ڪجهه ڪيون! سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا ڪيو وڃي؟
اسان جو خيال آهي ته اسان ليکڪن کي، ليکڪن لاءِ ڪي
بنيادي اصول جوڙڻ کپن، ته جيئن هو پنهنجي انفراديت
کي ڳولي سگهن ۽ پنهنجي گڏيل ذميواري کي نڀائي
سگهن.
هڪجهڙي سوچ رکڻ وارن جي وچ ۾ ٻيهر ڳانڍاپو پيدا
ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ سنگت قائم ڪئي وڃي، ته جيئن ليکڪ
بيزاريءَ واري خول مان ٻاهر نڪري اچن. اسان کي پڪ
آهي ته هر سنجيده ليکڪ وٽ اعليٰ مقصد سان
وفاداريءَ جو امنگ آهي، ۽ پنهنجي وجود ۽ فن سان
جذباتي وابستگي به. اسان کي اُها وفاداري پنهنجي
وجود ۽ فن سان نڀائڻ گهرجي، ۽ ڪنهن به قسم جي ڊپ
کان پنهنجي وفاداري ۽ موقف کي نه ڇڏڻ گهرجي. ان ۾
اسان کي ڪنهن به صورت ۾ موقعي پرستي نه ڏيکارڻ
گهرجي. اسان کي ڪجهه سڪن عيوض پنهنجو فن ۽ نظريو
هر گز وڪرو ڪرڻ نه گهرجي. اسان کي پنهنجي تجربن ۽
مشاهدن سان بي وفائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي اسان کي
مصالحتي رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪو خارجي
دٻاءُ قبول ڪرڻ گهرجي.
ليکڪ
پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان وفادار هوندو آهي، ۽ هو
عوام جو دوست ۽ ان جو رهبر هوندو آهي. هن جو ڪم
آهي عوام کي جهالت، وهمن، ۽ ريتن رسمن ۽ نفرتن جي
انڌيري مان ڪڍي، علم ۽ دانش جي روشنيءَ ڏانهن وٺي
وڃڻ. هن جو ڪم آهي ته عوام کي ڏاڍ کان آزاديءَ
ڏانهن ۽ مايوسيءَ کان اميد ڏانهن وٺي وڃي!
(10-25- 1984ع)
(ترجمو: بشير سميجو)
]” جفاڪش“ جنوري-
فيبروري 1984ع جي ٿورن سان[
لطيف
جو پورٽريٽ
(عبدالرحيم ناگوري)
]شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پورٽريٽ جي نقاب ڪشائيءَ تي
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ 29 اپريل 1984ع تي ڪيل
تقرير.[
....
سڀ کان پهرين ته آءُ پنهنجي ڳالهائڻ جي نموني لاءِ
معافي وٺندس، ڇاڪاڻ ته ڳالهائيندو ائين آهيان جيئن
پينٽ ڪندو آهيان ۽ لکندو ائين آهيان جيئن
ڳالهائيندو آهيان: تنهنڪري مون مان ڪنهن عالماڻيءَ
گفتگو جي اميد نه رکندا.
شاهه
لطيف جي پورٽريٽ ۽ محمد عليءَ جي فن تي ڳالهائڻ
کان اڳ، ڪجهه لفظ آءُ سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽس
ڊپارٽمينٽ بابت، فن ڏي عام بي پرواهيءَ بابت،
علائقائي رجحانن بابت، ۽ ڪجهه فردن جي ذاتي مڃتا
طور، ۽ خود پورٽريٽ جي سرسري تاريخ بابت، چوڻ پسند
ڪندس.
هڪ
حساس چترڪار طور کپندو ته ائين هئم، جو هن
گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت کان ئي پاسو ڪيان ها، جنهن ۾ هڪ
چترڪار کي ئي خراج پيش ڪيو پيو وڃي ۽ خاص طرح
اهڙيءَ صورتحال ۾ جت پنهنجي همڪار ۽ ساٿي بابت مون
کي ئي اظهار خيال لاءِ چيو ويو آهي.
فن
يا فنپارن تي راءِ جو اظهار نهايت گنڀير ۽ نازڪ
مرحلو آهي، ۽ خصوصاً جڏهن حقيقت جو اظهار به
ضروري، ۽ جنهن لاءِ هڪ پارکوءَ کي پهرين پنهنجن
ذهني روين بابت ئي سوچ رکڻ ضروري هجي ٿي.
هن
گهڙيءَ اَسڪروائلڊ جو طنزيه قول به منهنجي سامهون
آهي ته ”ڪنهن ڪتاب تي تبصري ڪرڻ کان اڳ تنقيد نگار
کي، اُهو پڙهڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته اُن سان سندس ذهن
اڳواٽ ئي متاثر ٿي پوندئو.
بهرحال، پنهنجي دوست ۽ ساٿيءَ تي ڳالهائڻ نهايت ئي
تڪليف ڏيندڙ امر آهي، ۽ خاص طرح جڏهن هو پنهنجي
ڏات ۾ سگهارو ۽ ٻئي طرف الڳ اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق
رکندڙ به هجي!
پر
سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس جي شعبي جي استاد جي
حيثيت ۾ اهو مون تي اڄ فرض ٿو عائد ٿئي ته شاهه
لطيف، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ مسٽر محمد ابراهيم
جويي لاءِ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيان، ۽ اِهو مون
لاءِ فقط هن صورت ۾ ئي ممڪن هو.
فن
تي ڳالهائڻ، خاص طور اُن دور ۾ جڏهن آزاديءَ واري
فضا نه هجي، ۽ عام ماحول ۽ سرڪاري رجحان تخليق کي
ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ هجن، ته نهايت ئي جوکائتو ڪم آهي.
فن
سان ڪهڙي ويڌن پئي ٿئي، ڇا پيو وهي واپري، ان لاءِ
آءُ هت پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۽ ان سان لاڳو مسئلن جو
ذڪر ڪندس.
سنڌ
يونيورسٽيءَ جو فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ هن پرڳڻي
اندر واحد ادارو آهي، جت تربيت يافته ۽ قابل استاد
فن جي تعليم جي ڏس ۾ جاکوڙ وٺي رهيا آهن. پر
افسوس، جو فنڊن جي ڪميءَ سبب سندن محنتن تي پاڻي
پيو هاريو وڃي. اسان جي سڄين ڪوششن جي باوجود.
هيءَ ڊپارٽمينٽ هڪ مفلس جيان زندگيءَ جي جدوجهد ۾
مصروف آهي ۽ بدقسمتيءَ سان اڳوڻن وائيس چانسلرن
(جن ۾ هڪ شاعر ۽ هڪ اقتصادي ماهر به هئا) جي ذاتي
ويچارن جو شڪار پڻ، جن هن ڊپارٽمينٽ جي گهرجن کي
ڪنهن نه ڪنهن سبب کان ۽ طريقي سان نظر انداز ڪرڻ
جي ئي ڪوشش پئي ڪئي ۽ هن شعبي کي رانديڪو يا رڳو
هڪ بار ٿي سمجهيو.
جڏهن
ته ٻئي طرف هڪ سجاڳ دماغ ۽ اقتصاديءَ ماهر پروفيسر
ڪينٿ گيلبريٿ ”رياست جي اقتصادي رٿا بنديءَ“
واريءَ پنهنجيءَ هڪ تحقيق ۾ فنڪار کي اهم حيثيت
ڏيندي، اُن کي سائنسدان ۽ انجنيئر جي برابر قرار
ڏنو آهي.
هت
آءُ پنجاب يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر،
ميان افضل حسين، کي به وساري نه ٿو سگهان جيڪو
اُتي منهنجي شاگرديءَ جي زماني ۾، اڪثر شام جي وقت
فائن آرٽس جي شاگردن آڏو ماڊل طور اچي ويهندو هو-
۽ ان سان گڏ پوءِ جي وائيس چانسلر پروفيسر حميد
احمد خان، کي به جنهن جي مدد جا دروازا فائن آرٽس
ڊپارٽمينٽ لاءِ هميشہ کليل هوندا هئا.
هن
وقت به پنجاب اندر ڪن خانگي ۽ انفرادي تنظيمن جي
هر دم تعان جي حاصل هجڻ کان علاوه، وفاقي حڪومت جو
ويزر تعليم ئي لاهور ڪاليج آف فائن آرٽس بورڊ جو
چيئرمين آهي ۽ ٻيا وزير پڻ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت سان
اُن جا ميمبر آهن، ۽ ڪاليج جي مالي امداد فراهم
ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪوششون وٺن ٿا. وفاقي امداد کانسواءِ
صوبائي حڪومت پڻ کين مدد ڪري ٿي. هاڻي ته يو جي سي
به انهن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. هن وقت پنجاب جي
ڪيترن ئي ڪاليجن اندر فائن آرٽس جا شعبا موجود
آهن، جن مان ڪي ايم اي جا ڪورس پڻ ڪرائن ٿا. ان
سان گڏ، جديد آلات ۽ سازوسامان جي ميسر هجڻ سميت
اُتي جدا پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ به فائن آرٽس جو
شعبو موجود آهي.
۽
اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جلد ئي اسلام آباد ۾ هڪ
اڪيڊمي آف آرٽس قائم ڪئي ويندي، ان کان سواءِ
وفاقي وزير تعليم فائن آرٽس جي ترقيءَ ۽ واڌاري
لاءِ هڪ خاص سيل پڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جو هڪ مقصد
سڀني صوبن اندر فن جي ترقي هئڻ گهرجي، پر ان بابت
ڪا به ڄاڻ اسان جي شعبي کي هتي نه موڪلي ويئي آهي.
سنڌ
۾ پنجاب جي مقابلي جو هڪ به اِن قسم جو ڪاليج يا
يونيورسٽي ناهي، ۽ نتيجي ۾ هن ميدان ۾ پنجاب جا
پنجانوي سيڪڙو گرئجوئيٽ سنڌ اندر نوڪريون حاصل ڪن
ٿا. پر جي اسان سنڌ جي ماڻهن کي اِها تربيت ۽ اهي
ئي سهوليتون ڏنيون وڃن ته ڪنهن کي ڪهڙو نقصان ٿو
پهچي سگهي؟
هن
وقت اسان جي شعبي کي 1500 روپيا سالانه ڪانٽيجنسي
ملي ٿي (ڪيئن، آهي نه چرچي جي ڳالهه!) پر جي لاهور
ڪاليج آف فائن آرٽس جو هڪ سيڪڙو به اسان جي
ڊپارٽمينٽ تي لڳايو وڃي، ته آءُ خاطريءَ سان چئي
سگهان ٿو ته مقابلي ۾ اسين ڪجهه وڌيڪ اڳتي اچي
سگهنداسين.
هن
وقت به اسان جي مهراڻ يونيورسٽي پنهنجي آرڪيٽيڪچر
واري شعبي ۾ فائن آرٽس جي قابل ۽ بامهارت استادن
کان محروم آهي، ۽ اُن ڪري اسان جي ئي ڊپارٽمينٽ جي
عملي کي سندن مدد ڪرڻي پوي ٿي.
فائن
آرٽس جو شعبو ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن علائقي
جي فن ۽ ثقافت جي ڏس ۾ ساڳيءَ ئي اهميت جا حامل
آهن. سنڌالاجي هر اها شيءِ محفوظ ڪري ٿي جيڪا اسين
پيدا ڪيون ٿا.جيڪڏهن سنڌالاجي فن جو ڀنڊار آهي ته
اسين فن جا اپائڻهار آهيون. ”حفاظت“ جي ڀيٽ ۾
اپائڻ کي نظر انداز ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي! فائن
آرٽس ڊپارٽمينٽ کي به ساڳئي ئي قرب ۽ همدرديءَ جي
ضرورت آهي، جا اوهين سنڌالاجي لاءِ چاهيو ٿا يا
ماڻڻ گهرو ٿا. اسلام آباد جي تازي سنڌ جي ثقافت ۽
فن جي نالي ۾ اوهان جي اداري سان محبت ڪن فردن
لاءِ فائدي جو باعث ته ضرور آهي، پر هن علائقي جي
ماڻهن لاءِ هاڃيڪار به ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن سنڌ جي ثقافت سان ڪٿي واقعي ڪا محبت آهي،
ته ڇا مان پڇي سگهان ٿو ته چار سال اڳ وارين، سنڌ
۾ فائن آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ بابت نيشنل ڪلچر
ڪميٽيءَ جي سفارشن جو ڇا ٿيو؟ علائقائي ادارن جي
ڊيسينٽر لائيزيشن بابت يڪراءِ فيصلو ٿيو هو. صحيح
ڪندڙن ۾ مان به اُت موجود هئس، ۽ ڇا، مان هيءُ به
سوال ڪري سگهان ٿو ته منهنجيءَ ان رٿ جو ڇا ٿيو،
جا فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ ۾ سنڌ جي لوڪ فن جي مرڪز
قائم ڪرڻ بابت هئي؟ اسان کي مرڪز جي سهڪار ۽ مدد
جي ضرورت آهي، پر شيواجيءَ ۽ افضل خان واري نه،
جنهن ۾ پٺ جو خنجر هنيو وڃي.
اسين
هت سنڌ گورنمينٽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي، ملٽري پريڊ ۾
سنڌي ثقافت واري فلوٽ تي انعام کٽڻ لاءِ واڌائي
ڏيون ٿا، پر ڇا سندن لاءِ اهو بهتر نه ٿيندو ته هن
خطي جي ثقافت جي واڌاري جي ڏس ۾ وڌيڪ ڪو سالم ۽
بقادار ڪم ڪن!
حڪومت جو ٻيو ادارو، اوپن يونيورسٽي، پڻ مختلف
علائقائي ثقافتن جي نشونما ۾ اهم ڪردار ادا ڪري
سگهي ٿو. مثلاً اوپن يونيورسٽِيءَ فائن آرٽس جي
مختلف شعبن ۽ هنرن بابت ڪورس شروع ڪرائي سگهي ٿي.
فائن
آرٽس جي دائري ۾ اسين پنهنجي حاصلات تي تڏهن خوش
ٿينداسين جڏهن اسان جي سماج جا وڏيرا به فنپارن جي
تخليق ڪاريءَ لاءِ موڙي سيڙائيندا. ۽ اسين اُن
ڏينهن لاءِ واجهائي رهيا آهيون، جڏهن ثقافتي ڊويزن
جا آفيسر ميوزمن ۽ آرٽ گئلرين ۾ فن جا نماءَ ڏسڻ
اچن ۽ فنپارا خريد ڪن.
اسان
جي عوام ۽ آفيسرن ۾ حسن ۽ سونهن جي شعور جاڳائڻ
لاءِ ۽ هن علائقي جي فن کي وڌائڻ لاءِ، ڪي ماڻهو
انفرادي طور ڪوششون وٺي رهيا آهن. هت آءُ انهن جو
ذڪر ڪرڻ به مناسب سمجهندس جيئن خصوصاً سيد غلام
مصطفيٰ شاهه ۽ مسٽر ابراهيم جويو، جن جي محنتن جو
ثمر اسان جو هي سنڌ يونيورسٽيءَ جو فائن آرٽس جو
شعبو آهي.
1966ع ۾ مون مسٽر ابراهيم جويو سان ڪوهاٽ ۾ سنڌ ۾
آرٽس ايڊيوڪيشن سينٽر قائم ڪرڻ بابت ڳالهايو هو،
جت ملازمت جي سلسلي ۾ اسين جلا وطنيءَ جي زندگي
گهاري رهيا هئاسين. اسان جي اتي جي ٻن ادارن جي وچ
۾ هڪ ديوار هئي، جن ۾ اسان ڪم ڪيو ٿي. هڪ ڏينهن
مان اُها بائونڊري وال لنگهي مسٽر ابراهيم جويي وٽ
ويس، ۽ ائين هميشه لاءِ مون سنڌ کي پائي ورتو.
هاڻي
اچان ٿو پورٽريٽ طرف: پورٽريٽ پينٽنگ ڇو ۽ ڇا جي
لاءِ ۽ در اصل پورٽريٽ پينٽنگ آڏو ويٺل جي خارجي
صورت ۽ داخلي ڪيفيات کي چٽڻ جو نالو آهي. پورٽريٽ
لاءِ رڳو شڪل جي مشابهت ئي ڪافي نه آهي، ڇاڪاڻ ته
شڪل جي مشابهت آڏو ويٺل کي ته خوش ڪري سگهي ٿي،
پر فن جي پار کوءَ کي ٿڌو ڪيو ڇڏي. ۽ ان مان
اتساهه ڪڍيو ڇڏي. ۽ ان تصوير جي اهميت محض چاڪليٽ
باڪسن مٿان ڇاپيل ڳاڙهن ڳٽن واريءَ ڇوڪريءَ جي وڃي
بچي ٿي، جا رڳو ”شيءِ“ کي کپرائڻ ۾ مددگار بنجي
ٿي.
ريمبرانٽ جي اُها تصوير، جا ڌڻيءَ مشابهت جي ڪميءَ
سبب رد ڪئي هئي، سا اڳتي هلي دنيا جي شاهڪارن مان
هڪ بڻي.
مائيڪل ائنجيلو پڻloronzo
۽
Guliano Medicisجا
مجسما ٺاهڻ کان پوءِ ساڳيءَ ئي نااميديءَ جو شڪار
ٿيو هو ۽ اُن سلسلي ۾ اقتدار وارن جي عدم مروثيءَ
جو نشانو به بڻيو هو! مائيڪل ائنجيلو انسان کي
علامتن هيٺ چٽيندي، ڪو به مصلحتي ٺاهه نه ڪندو هو
۽ جيتوڻيڪ لاڳاپيل ماڻهو کانئس خفا به ٿيا هئا، پر
اسين سندس شاهڪارن مان اڄ خوش آهيون.
هت
آءُ گويا جي رائل ڪورٽ آف اسپئنش جي ڪنگ ۽ سندس
شاهي ڪٽنب جي پورٽريٽ جو ذڪر ضروري ٿو سمجهان،
جنهن ۾ هن شاهي خاندان جي اندر جي نفسيات ڪئنواس
تي منتقل ڪئي. هو پنهنجي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت جي
باوجود به ”پسارين جي ڪٽنب“ مان لڳي رهيا هئا، ۽
”بيوقوفن جو هڪ ٽولو“ ئي محسوس ٿي رهيا هئا!
گويا
جي چواڻيءَ ”مهانڊو خيالن جو ٿئيٽر آهي“.
هسٽري آف آرٽ اهڙن ڪيترن ئي انيڪ مثالن سان پُر
آهي.
هاڻي، پورٽريٽ ڇو؟ در اصل اها انساني فطرت آهي ته
هو پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي تصوير کي محفوظ رکي.
بادشاهن، اميرن ۽ پادرين وٽ ڪيترا پگهاردار سند
يافته چترڪار هوندا هئا.
ٻئي
طرف اهڙا ڪي ماڻهو به هوندا هئا. جيڪي پنهنجن
پيارن جا نقش محفوظ رکڻ چاهيندا هئا. جڏهن ته ٽيان
اهڙا به هئا، جي پنهنجي فن کي زنده ۽ جاويد رکڻ
لاءِ، پنهنجن عزيزن جي پينٽ ڪندا هئا.
پر
هنن سڀني کان هٽي ڪري، چتر ڪارن جو اهڙو ٽولو به
پيدا ٿيو، جن هارين، پورهيتن ۽ محنت ڪشن کي
زندگيءَ جي هڻ- هڻان ۾- مصروف چٽيو. چترڪارن جي هن
گروهه ۾ وڏا وڏا مهان چترڪار، جهڙوڪ
Van
Gogh, Millet, Goya, Velasqaez
Picasso اچي وڃن ٿا.
سچ ته هنن پنهجي ڪم ذريعي ڄڻ ته ان دور جي سماجي
نظام ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي ۽ سچ پچ وڏو انقلاب آندو
هو.
هاڻي
ڪجهه فن ۽ مذهب جي لاڳاپي جي باري ۾: ٻڌمت ۾ هڪ
فرقو گوتم ٻڌ کي انساني روپ ۾ چٽڻ جو حامي هو،
جڏهن ته ڪن وري علامتي روپ جي نمائندگي ڪئي ٿي
اوائل ۾ ڪرستانن حضرت عيسيٰ جي ماڻهوءَ جي روپ ۾
تصور ڪشيءَ کي ننديو ۽ کيس علامتن جهڙوڪ روشنيءَ،
پکي ۽ گهيٽي وغيره ذريعي اجاگر ڪيو. پر اڳتي هلي
پوپ نيٺ شخصيت جي روپ نگاريءَ جي به اجازت ڏني ۽
فقط اجازت ڏني پر پٺڀرائي به ڪئي.
۽
آءُ سمجهان ٿو ته اها انسان جي خود اظهاريت واري
فطرت هئي، جنهن جي اثر هيٺ اهڙين تصويرن ڪڍڻ جي
اجازت ڏني ويئي، ۽ ڪيترن مقدس ماڻهن ۽ سنتن وغيره
لاءِ پادري بذات خود ماڊل به بڻيا. پر عيسيٰ وارو
معاملو ڪافي مدت کان پوءِ به طئي نه ٿيو هو. ايتري
قدر، جو ليونارڊو پنهنجي هڪ شاهڪار ”Last Supper“۾ حضرت
عيسيٰ جو مهانڊو خالي ڇڏيو هو ۽ جواب ۾ هن وضاحت
ڪندي چيو هو ته ”ڪامل پاڪائيءَ ۽ معصوميت جو ڪنهن
ماڻهوءَ جو اهڙو چهرو مون کي نه ملي سگهيو، جو
عيسيٰ جو همشڪل هجي.“
نه
فقط ايترو، پر جوڊا (Judas)
جي تصوير ڪشي به هن لاءِ مسئلي جو باعث بڻي،
ڇاڪاڻ ته ان وقت هن کي ڪو به اهڙو ”دغاباز ماڻهو“
نه پئي نظر آيو(شايد اڄ کيس اها تصوير پينٽ ڪرڻ ۾
دقت پيش نه اچي ها.) نيٺ هن جوڊا کي
Savonarolla
جي روپ ۾ پيش ڪيو، جيڪو ان وقت
۾ هڪ مذهبي پيشوا هو.
مائيڪل ائنجلو، سسٽائين ديول ۾، بي بي مريم، حضرت
عيسيٰ ۽ خدا کي اگهاڙو پينٽ ڪيو آهي، پر پوءِ، ۽
جيئن اڄ، اُهي اوهان کي اُتي ڏسجن ٿا، اُهي ڪپڙن ۾
ملبوس آهن!
تاريخ اهڙي مذهبي معاملي بازين ۽ ڌانڌلين سان ڀريل
آهي.
Botticilla
کي پنهنجون سموريون تصويرون
Savonarolla
جي اثر ڪري ساڙڻيون پيون. جڏهن ته اڻويهين صديءَ
۾ فرانس جي هڪ حقيقت پسند چترڪار
Courbet ملائڪن جي تصوير چٽڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن ملائڪن يا ملائڪنما
جيون کي ڏٺو به ڪو نه هو! هيءُ هڪ باهمت سوشلسٽ
هو. سندس پورهيتن ۽ هارين جون تصويرون، دانشورن،
آدرشي ۽ رومان پسندن خلاف هڪ احتجاج هيون.
1871ع ۾ هن نيپولين جي تباهڪارين کي چتر جو روپ
ڏنو ۽ نتيجي ۾ کيس ماڪوڙن ۽ جيوڙن واري سيل ۾ قيد
تنهائي مليو، جو سندس موت جو ڪارڻ به بڻيو.
پڪاسو پنهنجي جلا وطنيءَ دوران ئي جنرل فرئنڪوجي
حملي جي تصوير ڪڍي سگهيو هو ڇا ڪاڻ ته فاشسٽ اظهار
خيال جي آزاديءَ خلاف هوندا آهن. ۽ اڄ تائين به جت
پوليس رياست آهي يا فرئنڪوجي خيال جا ماڻهو موجود
آهن اتي ائين آهي.
شايد
اسان مان ڪيترن کي اوائلي پورٽريٽ ڪشيءَ جي باري ۾
ڄاڻ نه هجي، ڇا ڪاڻ ته سڀ کان پهرين بهترين ۽
ساراهه جوڳا انسانن ۽ جانورن جا پورٽريٽ، ڪن ٻين
نه پر اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي سنڌ جي فنڪارن،
واديءَ سنڌ جي تهذيب وارن، پيش ڪيا.
پر
ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي، جو اسلام آباد ۾ منعقد
ٿيل هڪ سيمينار ۾ نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي هڪ
گورنر (پريشان خٽڪ) موهن جي دڙي کي اسان جي تهذيب
تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو!
Orwell
پنهنجي ناول ”1984ع“۾ لکي ٿو ته ”اوائلي تاريخ کي
کڻي اڄ وارن ڏينهن تائين آڻڻو پوندو.“ پر ”سچ جي
وزارت، جو هڪ کاتو ”غلط بيانيءَ“ جو به آهي، جنهن
جو مقصد تاريخ کي ڪوڙو ڪرڻو ۽ ڪوڙو قرار ڏيڻو آهي.
بهر حال اها ڳالهه ڀروسي سان چئي سگهجي ٿي ته سنڌ
ئي سڀ کان پهرين رائونڊ، رليف ۽ انٽيگ جي فنڪاريءَ
۾ پورٽريٽ پيش ڪيا.
شاهه
لطيف جي پورٽريٽ جي نقاب ڪشائيءَ جي موقعي تي آءُ
ڪنفيوشس جي خيال جو به سهارو وٺندس، جنهن ڇهين صدي
قبل مسيح جي چين ۾ هن راءِ جو اظهار ڪيو هو ته
”اسان کي عظيم ۽ مهان ماڻهن جا پورٽريٽ بنائڻ
گهرجن، ته جيئن ايندڙ نسل انهن جي ڪمن کي ياد رکي
سگهي.“
منگولن، ايرانين، سلجوقين، ترڪز، مغلن ۽ عربن
هميشہ پورٽريٽ جي همت افزائي پئي ڪئي آهي.
عرب
۽ ٻين سر زمينن جي مسلمانن پڻ پنهنجن ڀلارن جا
پورٽريٽ مختلف ملڪن جي ميوزمن ۾ فخر سان نماءَ
لاءِ پيش ڪيا آهن، جيتوڻيڪ عالمن جي ڪجهه حلقن کي
انهيءَ سان اختلاف پڻ هو. ۽ اُنهن اُهي ڪتاب به
ساڙايا جن ۾ پورٽريٽ هئا.
دنيا
جي تاريخ ۾ قديم دورن جا پورٽريٽ پاڪ بزرگن ۽
عالمن ۽ تاريخ جي مهان ماڻهن جي وفات کان پوءِ
سندن بابت زباني ۽ بياني وضاحتن پٽاندر ٺاهيا ويا
هئا. حضرت شاهه لطيف جو هيءُ پرتوو، سندن هيءُ
پورٽريٽ، به انهيءَ ڪئٽيگريءَ سان تعلق رکي ٿو.
هيءَ
تصوير پنهنجي اَپروچ جي لحاظ کان ۽ فن جي تخليق
ڪاريءَ ۾ انفرادي آهي ۽ نمائنده حيثيت جي آهي، ۽
حقيقت نگاريءَ تي مبني آهي- پنهنجي تصور ۾ مشرقي ۽
ٽيڪنڪ ۾ مغربي آهي، جنهن ۾ آرٽسٽ ريمبرانٽ ۽ وچين
دور جي ڪلاسيڪي اطالوي استادن جي مهارت جي رستي
سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. تصوير ۾ جسماني
بيهڪ ۽ مهانڊا ۽ جوڙ جڪ محمد عليءَ چواڻيءَ ته پاڻ
ڪتابن ۾ آيل بيانن تي بيهاري اٿن، ۽ انهيءَ ۾ ڪو
شڪ ناهي ته محمد علي پهريون چترڪار آهي، جنهن لطيف
کي ايڏي وڏي جذبي ۽ حب سان پينٽ ڪيو آهي.
ان
سان گڏوگڏ هن شاعر جي موڊ ۽ پسگردائيءَ واري ماحول
کي به رنگن ۾ قيد ڪيو آهي، ۽ هيءَ تصوير اڳتي هلي
سنڌ جي دور جي صوفياڻي ماحول کي سمجهڻ ۽ وڌيڪ اُن
جي مختلف پهلوئن جي تخليق ڪرڻ ۾ مددگار ثابت
ٿيندي.
(4-10-1984ع) |