سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 15

 

مضمون

(عالمي صورتحال)

 

 

جنگ جو راڪاس

(فِلپ جي. نوئيل  بيڪر)

[سال 1659ع جو امن لاءِ نوبيل انعام حاصل ڪندڙ]

انگريز شاعر ڪرسٽوفر فرائي جو هڪڙو نظم، ”قيدين جي ننڊ“ نالي، هن ريت آهي:

هزارين، هزارين، هزارين ورهيه،

ڏکن جا، مصيبتن جا،

اسان گذاري آيا آهيون،

پوءِ به علاج ڳوليون ٿا اهڙن تدبيرن ۾،

جن جو نه ڪو فائدو نه حاصل،

اٽلندو جيئن جيئن دوا ڪئي ويئي،

مرض تيئن تيئن ويو وڌندو.

اُهو نظم پهريون ڀيرو 1940ع ۾ ڇپيو هو، جڏهن  ٻي وڏي جنگ اوج تي هئي. اڄ حالتون بلڪل ڦري ويون آهن. اڄ اسان کي خبر پئجي ويئي آهي ته اسانجن ڏکن ۽ مصيبتن جو علاج ڇا آهي ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. سن 2000 عيسويءَ جو چئلينج اسان جي اڳيان آهي، جيڪو اسان کان پڇي پيو ته اسين ڪهڙيون ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪنداسين.

سن 2000ع ڌاري اسين جن خطرن ۾ گهيرجڻ وارا آهيون، اُنهن بابت سوچيان ٿو ته ڊپ ٿئيم ٿو. پر جڏهن ويچاريان ٿو ته ماضيءَ ۾ اسان کي ڪهڙا نه شاندار موقعا مليا هئا، جيڪي اسان پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيا، ته ڪاوڙ به اچي ٿي ۽ شرم کان ڪنڌ به جهڪيو وڃي. ٻين لفظن ۾ رڳو ايترو چوڻ گهران ٿو ته ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ اسين نابود ٿي وينداسون. نه رڳو ائٽمي هٿيار پر پراڻا روايتي هٿيار به اسان، ڪافي نابود ڪرڻ جي لاءِ آهن هلٽر ڇهه ورهيه جنگ ڪئي، جنهن جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ تباهي۽ افراتفري پکڙجي ويئي. هٽلر وٽ ائٽمي هٿيار ڪين هئا. هن روايتي بمن، روايتي بمبار جهازن، روايتي توپن، روايتي مشين گنن سان دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، پر اڄ اُنهن روايتي هٿيارن سان گڏوگڏ ائٽمي هٿيار به ٺهن پيا ۽ ائٽمي هٿيارن ٺاهڻ جو جيڪو سوداءُ انسان جي سر تي سوار آهي، اُهو به پنهنجون حدون اورانگهي ويو آهي.

منهنجو هڪڙو دوست ڊاڪٽر هر برٽ پارڪ آهي، جيڪو وهين جا ورهيه  آمريڪا جي دفاعي  وزارت ۾ مک سائنسدان جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا  به انهيءَ وڏي عهدي تي فائز آهي. هن هڪڙو مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ قبول ڪري ٿو ته آمريڪا وٽ ٻين نون هٿيارن کان سواءِ پندرهن هزار ميگاٽن بم موجود آهن. اوهين اِن جو مطلب  سمجهو ٿا؟ ٻي وڏيءَ جنگ جي ڇهن سالن جي عرصي ۾ اتحادي فوجن بمن جي صورت ۾ ويهه لک ٽن بارود ڪيرايو هو، ۽ سڄو جرمني اتر کان ڏکڻ تائين ۽ اوڀر کان اولهه تائين سڙي رک ٿي ويو هو. هڪڙو ميگاٽن برابر آهي ڏهه مان ويهه لک ٽن بارود ڪيرايو ويو هو- ۽ هاڻي صرف هڪڙي ئي بمبار جهاز مان هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ميگاٽن جو بم ڪيرائي سگهجي ٿو!

اسٽاڪ هوم جي ”انٽر نيشنل پيس ريسرچ اِنسٽيٽيوٽ“ (عالمي امن جي کوجنائي اداري) جي چيئرمين، ڊاڪٽر فرئنڪ برنالي، جو اندازو آهي ته جيڪڏهن چار سئو ميگاٽن بم روس تي ڪيرايا وڃن ته اتي جا اٺ ڪروڙ ماڻهو مري ويندا ۽ روس جون ٻه ڀاڱي ٽي صنعتون تباهه ٿي وينديون. آمريڪا وٽ بمن جو جيڪو ذخيرو آهي، چار سئو ميگاٽن اُن جو فقط ٽي سيڪڙي جي استعمال سبب اٺ ڪروڙ انسان موت جو بک ٿي ويندا، ۽ ٻه ڀاڱي ٽي صنعتون برباد ٿي وينديون. پر ڊاڪٽر بر نالي جو چوڻ آهي ته ميگاٽن بم جيئن جيئن استعمال ٿيندا، تيئن تيئن هڪ  وقت اهڙو به ايندو، جو انهن جي اثر ۾ گهٽتائي ٿيندي ويندي. پهريون بم اٺ ڪروڙ ماڻهو ماريندو، ٻيو بم وڌيڪ ست ڪروڙ ماڻهو ختم ڪندو، ٽيون بم ٻيا ڇهه ڪروڙ ماڻهو ماريندو- پوءِ چوٿون بم ڪنهن کي ماريندو؟- ڇو جو مرڻ لاءِ زمين تي ماڻهو ئي  ڪو نه هوندو. فرض ڪريون ٿا ته روس تي ڇهه هزار ميگاٽن بم ڪيرايا ويا. ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته روس جو هر ماڻهو، هر جانور، هر چوپايو مال، هر پکي پکڻ، هر ساهه وارو، اجل جو شڪار ٿي ويندو. پوءِ اُهو سمورو ملڪ ڀڙڀانگ هوندو، جتي سڃ پئي واڪا ڪندي  ۽ هر پاسي ريڊيائي تاب ڪاري جو اثر هوندو. ڇهه هزار ميگاٽن، يعني آمريڪا جي ڪل ذخيري جي چاليهه سيڪڙو، جي استعمال سان روس ملڪ جو نالو نشان به نه رهندو. ان کان پوءِ به آمريڪا وٽ سٺ سيڪڙو يعني ٽو هزار ميگاٽن بم اڃا محفوظ هوندا.

اوهين هڪڙيءَ روسيءَ کي ٻيو يا ٽيون ڀيرو ماري نٿا سگهو. اها ڳالهه به ياد رکڻ آهي هي ته ائٽم بم يا  ٻيا ائٽمي هٿيار توپن مان نڪتل شيل ڪو نه ٿا ٿين. اوهين 16 انچن جو بم شيل توب سان اڇلايو- پهرينءَ وڏيءَ جنگ ۾ مون اهڙا بم توبن مان نڪرندي ڏٺا آهن- ته اُهو هڪ وڏيءَ عمارت کي ڀڃي پوري ڇڏيندو. ائٽم بم جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. هڪڙي هوائي جهاز مان هڪڙي سيڪنڊ ۾ هڪڙو ائٽم بم ڪيرائي سگهبو، خبر پئي ته سڄو هيروشيما تباهه ٿي ويو، ۽ اڍائي لک انسان اک- ڇنڀ ۾ موت جو بک ٿي ويا! انهيءَ پهرئين ائٽم بم جي خوفناڪ اثرن اڃا تائين ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. پر ميگاٽن بم جي دونهين جا ٿلها ڪڪر چاليهه هزار فٽن جي اوچائيءَ تي آسمان تي پهچيو وڃن ۽ اُتي گهاٽا هڪ ٿلهيءَ چادر وانگر ڇڪجي بيهندا آهن. پوءِ مٿي جون تيز هوائون اُن زهريلي دونهين کي ٻين ملڪن جي آسمانن ڏانهن اُڏائي وينديون، اهڙيءَ طرح، اُهو دونهون فرانس، جرمنيءَ ۽ انگلينڊ کان ٿيندو، ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪري، آمريڪا وڃي پهچندو، جتان اُهو بديءَ جو ٻج ڦُٽو هو. بديءَ جا اُهي اثر آمريڪا کي ئي وڪوڙي ويندا. جيڪڏهن آمريڪا جي پنهنجي ذخيري ۾ باقي رهيل نو هزار ميگاٽن بم به ڪنهن وقت  ڪنهن ٻئي ملڪ تي اڇلايا ويا، ته انهن جو دونهون به آمريڪا جي آسمانن تي ضرور پکڙجي ويندو. پهرين آمريڪا ئي ائٽمي هٿيار ٺاهيا هئا. انهيءَ ملڪ اُنهن هٿيارن کي بهتر کان بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُنهن تي اربين پدمين ڊالر خرچ ڪيا هئا. جيڪڏهن هو اُهي هاڃيڪار هٿيار استعمال ڪندو ته ٻيءَ دنيا سان گڏ خود پاڻ به نابود ٿي ويندو.

نيٺ اُنهيءَ جو ڪهڙو حل آهي؟ آمريڪا جي اڳوڻي صدر، جِمي ڪارٽر، چيو هو ته ٻُڙيُ ائٽمي هٿيار،‘-يعني ڪنهن به ملڪ وٽ هڪڙو به ائٽم نه هجڻ گهرجي. پر رڳو هٿيارن ۾ گهٽتائيءَ سان مسئلو حل نه ٿيندو. فوجن ۾ به گهٽتائي ڪرڻي پوندي. ٽينءَ وڏيءَ جنگ کي روڪڻ لاءِ فوجن جي تعداد ۾ گهٽتائي ڪرڻ لازمي آهي. دنيا جي سڀني ملڪن کي پنهنجي فوجي طاقت ۽ فوجن جي تعداد ۾ گهٽتائي ڪرڻي پوندي. پر ڪهڙي طرح؟

آسٽريليا جي هڪ انسان دوست، آزاد خيال ۽ جوشيلي نوجوان، مايوسيءَ جي حالت ۾ مون کي چيو، ”هر ماڻهو ۽ هر ڪا قوم هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ گهري ٿي. پر اُهو ڪيئن ٿيندو؟ اُن جو انتظار ڪير ڪندو؟ آءُ اِها ڳالهه جنهن سان به ڪريان ٿو ته اُهو  چوي ٿو ته اِهو هڪ خواب آهي، يوٽوپيا آهي. پهرين عام راءِکي  بدلائڻو پوندو. هڪ ٻئي تي ڀروسي ڪرڻ لاءِ ميدان تيار ڪرڻو پوندو. اِهو هڪ خواب آهي، تمام مشڪل آهي، هڪ اڻٿيڻي ڳالهه آهي.“

اُن نوجوان جون اُهي مايوسيءَ واريون ڳالهيون ٻڌڻ وقت منهنجي ذهن ۾ سر وِنسٽن چرچل جي هن لفظن جو پڙاڏو پئي ٿيو ته ”جيڪڏهن اوهان کي اِهو سمجهه ۾ اچي وڃي ته ماضي ماضي ٿئي ٿو ته مستقبل اوهان جي اڳيان جهڪي ويندو.“

آءُ به ماضي کي ماضي ڪري سمجهان ٿو. آءُ اُن  امن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري هوس، جنهن سن 1919ع ۾ ”قومن جي انجمن “(League of Nations) جو آئين پئرس ۾ لکيو هو.آءُ آمريڪا جي صدر ووڊرو ولسن جو صحبتي ۽ دوست رهيو آهيان، جنهن ”چوڏهن نڪتا“ ڏنا هئا ۽ جن ۾ هٿيارن جي گهٽتائيءَ جو به هڪ ضروري نُڪتو هو.آءُ لارڊ  رابرٽ سيسل جو به ويجهو دوست هوس، جنهن ”قومن جي انجمن“ جي  آئين جو مسورو تيار ڪيو هو ۽ جيڪو سڀني جي سلامتيءَ ۽ هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو زبردست حامي هو سن 1919ع جي امن ڪانفرنس جو  عظيم رهنما ۽ ڏکڻ آفريڪا جو  مشهور سياستدان جنرل سِمٽس به منهنجو دوست هوندو هو. اهو به هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۽ عالمي امن جو حامي هو، مون پنهنجين اکين سان ”قومن  جي انجمن“ کي پيدا ٿيندي ڏٺو آهي. اُن جي آئين کي حرف بحرف زنده ۽ عمل ۾ ايندي ڏٺو آهي. ”انجمن“ جو پهريون سيڪريٽريٽ قائم ٿيو ته آءُ ان جو هڪ سيڪريٽري هوس. آءُ ”انجمن“ جي  پهرئين سيڪريٽري جنرل ايرڪ ڊرومنڊ سان گڏجي جنيوا ويو هوس. پهرين وڏيءَ لڙائيءَ جي ختم ٿيڻ تي جنگي قيدين جي لاءِ جيڪا ڪميشن قائم ٿي هئي، آءُ اُن جو سيڪريٽري هوس. مون ”انجمن“ کي جوان ٿيندي ۽ ڪامياب ٿيندي ڏٺو. جنهن کي هڪ فيلسوف ”انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيڻ وارو سڀ کان شاندار خيال“ چيو هو.

مون اهو به ڏٺو ته جڏهن انگلينڊ ۾ سن 1935ع ۾، ڇهن سوالن وارو سوالنامو جاري ڪري قوم کان لکت ۾ راءِ ورتي ويئي، ته ماڻهن نه رڳو وڏي جوش جذبي سان اُن ۾ حصو ورتو، بلڪه ”قومن جي انجمن“ تي وڏي ڀروسي جو اظهار پڻ ڪيو، ستانوي سيڪڙو ووٽرن جي لاءِ اها هئي ته انگليز کي انجمن جورڪن رهڻ گهرجي، ٽيانوي سيڪڙو ووٽر هٿيارن گهٽائڻ جي لاءِ عالمي اقرار ڪرڻ جي حق ۾ هئا. پنجاهه سيڪڙو راءِ ڏيندڙن جو خيال هو ته هوائي فوج کي بلڪل ختم ڪيو وڃي- پر اِن شرط تي ته ٻيا ملڪ به پنهنجين هوائي فوجن کي ختم ڪن- ٽيانوي سيڪڙو ووٽر حملي ڪندڙ ملڪ جي خلاف اقتصادي پابندين هڻڻ جي حق ۾ هئا. چوهتر سيڪڙو راٰءِ ڏيندڙ حملي ڪندڙ ملڪ جي خلاف گڏيل فوجي ڪارروائي ڪرڻ جا حامي هئا.

”قومن جي انجمن“ جي آئين جي قلم 8 مطابق هٿيارن گهٽائڻ جي پهرين عالمي ڪانفرنس پئرس ۾، سن 1932ع ۾ ٿي هئي. آءُ انهيءَ ڪانفرنس جو نائب صدر هوس. مون اُتي هڪ ارب انسانن جي عيوضين جون تقريرون پنهنجن ڪنن  سان ٻڌيون. هنن سڀني جي هڪڙي خواهش هئي ته ڪانفرنس ڪامياب ٿئي ۽ هٿيارن گهٽائڻ جو مقصد حاصل ٿئي.

پهرين وڏيءَ جنگ جي نتيجي ۾ اڳوڻن فوجين، زخمين ۽ معذور سپاهين جي هڪ وڏي عالمي تنظيم قائم ٿي هئي، جنهن جو انتظام به منهنجي حوالي ڪيو ويو هو. اُن جي افتتاحي جلسي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا پنج هزار کان وڌيڪ عيوضي شريڪ ٿيا. هنن جنيوا جي بازارن ۾ مارچ ڪيو. جنهن ۾ پهرينءَ قطار ۾ پنجاهه معذور ڪرسين تي ويٺل هئا، جيڪي جنگ  ۾ زخمي ٿيا هئا. هنن جون ٽنگون جنگ جو بک ٿي ويون هيون، سندس هٿ ڀڄي پيا هئا، ۽ اهي پنهنجو نور وڃائي ويٺا هئا. دشمن جي بمباريءَ سندن جسمن کي پروڻ ڪري ڇڏيو هو. اُنهي ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندڙن زوردار لفظن ۾ گهر ڪئي ته اُهو جلسو اُن وقت تائين ملتوي يا ختم ٿيڻ نه گهرجي جيستائين اُنهن هٿيارن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ سڀئي قومون ۽ ملڪ اقرار نٿا ڪن، جن جي ڪري لکين انسان موت جو شڪار ٿي چڪا هئا.

مطلب ته  مون ”قومن جي انجمن“ کي پيدا ٿيندي ۽ وڏو ٿيندي ڏٺو ۽ وري اُن جو زوال به ڏٺو. مون منچوريا کي فريب ۾ ڦاسندي ڏٺو، جڏهن جپان جي فسادي فوجين پنهنجي ئي ملڪ جي وزيراعظم کي اِنهيءَ ڪري قتل ڪري  ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو چين تي فوجي حملي ڪرڻ جي خلاف هو. مون ”قومن جي انجمن“کي فريب ۾ ڦاسندي ڏٺو، مون هٿيار گهٽائڻ جي ڪانفرنس کي ناڪام ٿيندي ڏٺو، جڏهن مسولني ٻيو ڀيرو حبش تي حملو ڪيو ته ان وقت به “انجمن“ جي ڇاتيءَ ۾ خنجر هنيو، ”انجمن“ کي ڪنهن ڌوڪو ڏنو؟ اُن جي ڇاتيءَ ۾ ڪنهن خنجر هنيو؟ اِهو ٻڌائيندي منهنجو شرم وچان ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو. پر آءُ صاف چوان ٿو ته انگريزي سلطنت جي ڪامورا شاهيءَ ۽ فسادي فوجين گڏجي ”قومن جي انجمن“ جو تختو اونڌو ڪيو. آءُ اُن وقت انگريز سرڪار جي پرڏيهي وزارت جو هڪ اهم عهدي تي هوس. آءُ پارليامينٽ جو ميمبر به رهيو هئس. انگريزن جي سلطنت، جنهن ۾ ڪڏهن سج لهندو ئي ڪو نه هو،  جنهن جي شهنشاهه جي ڇانوَ ۾ پنجهٺ ڪروڙ  انسان زندگي بسر ڪندا هئا، سا انگريزي سلطنت اُن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت هئي، جنهن جي حڪومت پنجن ئي کنڊن ۾ قائم هئي. انگريزي سلطنت کان سواءِ ”قومن جي انجمن“ جو گڏيل سلامتيءَ جو ڪو به پرگرام ڪامياب ٿي نٿي سگهيو. پر بدقسمتيءَ سان انگريزي سلطنت پنهنجي واعدي سان وفا نه ڪئي ۽ وک وک تي ”انجمن“ کي فريب ڏنا.

جيڪڏهن رابرٽ سيسل، آرٿر بلفور، جنرل سمٽس ۽ هٿيارن گهٽائڻ جي عالمي ڪانفرنس (جيڪا جنيوا ۾ ، 1933ع ۾ ٿي هئي) جو صدر، آرٿر هينڊرسن، سموريءَ انسان ذات جو خيال رکن ها، ته فرانس، جرمني، اٽلي، ناروي، سئيڊن، هالنڊ، بيلجم ۽ دولت مشرڪه جا ملڪ اُهي سڀئي، هٿيارن جي روڪ ۽ جنگ جي خلاف هڪ مضبوط ۽ متحده محاذ ٺاهي سگهن ها. پر اسان جي ڪامورا شاهيءَ ۽ اسان جي فوج ۾ اهڙا عملدار ۽ جنرل هئا، جن جي دماغ ۾ ملڪن کي فتح ڪرڻ ۽ وڏا ڪارناما ڪري ڏيکارڻ جو ڀوت ويٺل هو. اُهي ماڻهو اسانجن وڏن وزيرن ۽ دفاع جي وزيرن کي پنهنجي قبضي ۾ رکندا هئا ۽ هنن کي سنئينءَ راهه تي هلڻ نه ڏيندا هئا، آءُ انهن ماڻهن سان بحث ڪندو هوس، هُنن جي خيالن ۽ دليلن جي باري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندو هوس ته ”ڳالهه کي سمجهو، اوهين غلطيءَ تي آهيو!“منچوريا جي باري ۾ سندن سوچ غلط هئي. هٿيارن جي گهٽتائيءَ تي سندن خيال صحيح نه هئا. حبش تي مسولينيءَ جي حملي بابت هُنن جي راءِ غلط هئي. پر هنن جي دماغ ۾ ته رڳو ”عظيم الشان فوجي طاقت“ جو ڀوت سوار هو. اُهي ڪا عقل واري ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ به تيار نه هئا. تنهن ڪري هنن ڄاڻي ٻجهي هر اُهو قدم کنيو، جيڪو ”قومن جي انجمن“ جي خلاف ثابت ٿيو.

بيشڪ اُهي تمام وڏا ماڻهو هئا، وٽن خلوص به هو، ايماندار به هئا، وطن جي حب به وٽن هئي، پر اُهي جنگ ۽ هٿيارن ٺاهڻ جي حق ۾ هئا، اُهي پنهنجيءَ مخفي لکپڙهه ۽ دستاويزن ۾ جيڪي لکندا هئا، مون کي اُن جي خبر آهي، ۽ هاڻي ته اُهي سڀئي شيون تاريخدانن جي واسطي ڇپايون به ويون آهن. مثال طور، مون سر- مارس هئنڪيءَ جا خط پڙهيا آهن، جيڪي هن رابرٽ سيس کي  لکيا هئا، سر مارس ويهن ورهين تائين لاڳيتو انگريزي ڪئبينيٽ جو جنرل سيڪريٽري رهيو هو. پنهنجي هڪ خط ۾ هُن لکيو آهي ته ”تهذيب کي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ اصل شيءِ فوجي اسپرٽ آهي. جيڪڏهن فوجي اسپرٽ نه رهيو، ته پوءِ انڌ ڌنڌ ۽ افراتفريءَ جا طوفان لڳندا آهن. فوجي اسپرٽ مري وڃي  ته پوءِ اُن قوم جي تهذيب به مري ويندي آهي!“

انهن ماڻهن جو اِهو ئي خيال هو ته ”قومن جي انجمن“ کڻي ڪيترو به جهلي، پر جنگ ضرور  ٿيندي.انگريزي سلطنت توڙي فوج جي چونڊ ۽ بااختيار جنرلن جي دماغ ۾ اِهو خيال ويهي ويو هو ته جنگ ضرور لڳندي، جنگ اڻٽر  آهي، جنگ کي روڪي ئي نٿو سگهجي. اِهو ئي خيال هو، جنهن انگريزي سلطنت، کي پنهنجي واعدي پاڙڻ کان روڪيو، جنهن ”قومن جي انجمن“ کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو، جنهن ٻيءَ وڏي جنگ جي راڪاس کي رستو ڏيکاريو. ۽ جڏهن اُها جنگ لڳي ختم ٿي ويئي ۽ اتحادين جي فتح ٿي، تڏهن چرچل هڪ خط ۾ رابرٽ سيسل کي لکيو: ”اِها هڪ اجائي جنگ هئي. جيڪڏهن ’قومن جي انجمن‘ جا ارڪان همت ۽ ثابت قدميءَ سان اُن جي مقصدن ۽ منشور جو جهنڊو اوچو رکندا اچن ها، ته اُنهيءَ جنگ کي سولائيءَ سان روڪي سگهجي ها.“ سر چرچل جو اشارو انگليند ۽ فرانس ڏانهن هو.

آءُ وري به چوان ٿو ته آءُ تاريخ جي هڪ بيحد اهم حصي ۽ نازڪ موقعي جو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهيان، مون پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏٺو آهي. سوال اٿي ٿو ته مون ڪهڙو سبق حاصل ڪيو؟ ڪهڙي عبرت حاصل ڪئي؟

اُن جي جواب ۾، آءُ فرانس جي هڪ مشهوور فيلسوف ۽ اديب، پاسڪل، جو هڪڙو قول رکان ٿو: ”سموريءَ دنيا جو اعليٰ اقتدار عام راءِ آهي“ ٿيندڙ واقعا، خوشقسمتيءَ يا بدقسمتيءَ سان، اتفاقي حادثا نه هوندا آهن. تاريخدان ڪڏهن به تاريخي لاڙن جون ڳالهيون نه ڪندا  آهن. قدرت جا عمل ۽  فطرت جا قانون به اسان انسانن جي تقدير جو فيصلو نٿا ڪن. واقعا ۽ حالتون اها ڳالهه مقرر ڪنديون آهن ته ماڻهو ڇا ٿا سوچين، هنن جا عقيدا ڪهڙا آهن، ۽ سندن راءِ ڇا آهي.

پاسڪل جڏهن اِهو چيو هو ته ”سموريءَ دنيا جو اعليٰ اقتدار عام راءِ آهي“.  ته اُن مان سندس مطلب ڇا هو؟ هن جي ذهن ۾ ڪهڙو اعليٰ اقتدار هو، جنهن جي ڀيٽ ۾ هن عام راءِ کي اعليٰ اقتدار سڏيو هو؟ اُهو اعليٰ اقتدار اُهو ڇڙواڳ حاڪم هو، جنهن جي زبان مان نڪتل هر هڪ لفظ قانون هوندو هو، جنهن جي اک جو اشارو به حڪم هوندو هو، جيڪو عاليشان محلن ٺاهڻ تي ملڪ جا خزانا خالي ڪري ڇڏيندو هو، جيڪو درٻار جي شان شوڪت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ حسينائن جا ميڙ گڏ ڪرڻ تي دولت ۽ ڪروڙن جا هيرا جواهر لٽائي ڇڏيندو هو، جيڪو غريب عوام تي ڳرا ٽئڪس وجهي نه رڳو هنن جا ڪنڌ جهڪائيندو هو پر هنن جي چيلهه ڀڃي ڇڏيندو هو، جيڪو رياست جي ڳڀرو جوانن کي اجاين، بيمقصدن ۽ ڊگهين جنگين جي باهه ۾ ڌڪو ڏيئي ڇڏيندو هو: پاسڪل جو مطلب هو  چَرچ- اُها چرچ  يا ڪليسا، جتي انساني روح عظمت ۽ بلندي حاصل ڪرڻ بدران بڇڙائيءَ ۽ بديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسيو پوي ۽ هميشہ  جي لاءِ منافقت ۽ مڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿو پيو هوندو آهي: پاسڪل جو مطلب هو يونيورسٽيون- علم جا مرڪز، جتي علم ۽ علم جي  قدرن جي پائمالي ٿئي ٿي، جتي ايمان کي ڪمزور، نٻل ۽ نستو ۽ تخليقي قوت کي ڪلراٺو ڪيو وڃي  ٿو: پاسڪل جو مطلب هو امير ۽ رئيس ۽ نواب- جيڪي سست، ڪاهل ۽ عياش هوندا آهن، جيڪي پورهيتن کان ٻانهن جهڙو نيچ ڪم وٺندا آهن. جيڪي هارين کي اونهاري سياري ڍڳن سان گڏ هر ۾ جوٽي سال پيا وهائيندا آهن ۽ هنن جي خون جي پورهئي جو فصل لهندو آهي ته ان تي نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ويهندا آهن.

اهڙو ئي سماج هو، ۽ اهڙي ئي دنيا هئي، جنهن ۾ پاسڪل زندگي گذاريندو هو، پاسڪل  مري ويو، پر پوءِ به هيءَ دنيا اهڙي ئي رهي. هن کي هڪ صدي ٿي ويئي، تڏهن به هيءَ دنيا اها ئي ساڳئي هئي. ڇو؟ انهيءَ ڪري ته بادشاهه، درٻاري، پادري، يونيورسٽيءَ  وارا، امير رئيس نواب ۽ خود مزدور ۽ هاري به سڀئي سمجهندا هئا، ته خدا جي مرضي اِها ئي آهي ته هيءَ دنيا ائين ئي هجي.

وري هڪ صديءَ کان پوءِ جو فيلسوف، روسو، آيو. هن پنهنجي ڪتاب”سوشل ڪانٽرئڪٽ، (سماجي معاهدو) ۾ لکيو،”انسان آزاد پيدا ٿئي ٿو، پر هو هر هنڌ زنجيرن ۾ ٻڏو پيو آهي“، روسي اِهو سوال اٿاريو هو. پر ڇو؟ پورهيت مالڪ جو ۽ هاري جاگيردار ۽ زميندار جو نوڪر ڇو آهي؟ سڀئي انسان هر هنڌ زنجيرن ۾ ڇو ٻڌا پيا آهن؟ انهيءَ تي روسي جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ والٽيئر به پنهنجي تکيءَ طنز جي تلوار کڻي ميدان ۾ ٽپي پيو. سندن ڪوششن جو نتيجو اهو، نڪتو جو  1789ع ۾، فرانس جي بادشاهه ٽن وڏين ’رياستن‘ کي پاڻ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ گهرايو. اهي آيون،  ڳالهيون ٿيون. بادشاهه چين، هاڻي پنهنجي پنهنجي گهر وڃو. پر هنن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چوڏهين جولاءِ تي باسٽل قلعي مان طوفان اٿيو. بادشاهت جي عمارت ڀڄي ڀرجي پٽ تي ڪري پيئي! اک ڇنڀ ۾ وقت ڦري ويو: امير، رئيس ۽ نواب انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام ماڻهن جي عدالتن ۾ حاضر ٿيڻ لڳا. وڏن وڏن رئيسن ۽ نوابن کي کليل گاڏين ۾ چاڙهي، ڦاهين جي تختي تائين وٺي ويا، اُنهيءَ کان پوءِ وري ڪڏهن به اُهو وقت نه آيو، ۽ نه ايندو، جڏهن فرانس جي  عام ماڻهن کي رئيسن ۽ جاگيردارن جو غلام ڪري سگهجي. فرانس جي اُنهيءَ انقلاب مان سياسي عمل ۽ سياسي سرگرميءَ جو هڪ نيڪ ۽ سٺو پروگرام ٿيو- يعني آزادي، مساوات ۽ اخوت. اڄ پئرس جي هر سرڪاري عمارت تي انساني آئين جا اِهي ٽي لفظ اُڪريل آهن.

پر اڄ به اسانجن ذهنن تي اِهو سوال تلوار وانگر لڙڪي پيو ته ”اسين جهيڙاڪار فوجين جي پراڻن خيالن جي غلاميءَ مان پاڻ ڇو نٿا ڇڏائي سگهون؟ جنگ ۽ فوجي طاقت جي نشي جي عادت ڇڏي، اسان کي هڪ نئين، سادي ۽ مضبوط خيال جو پلاند جهلڻو پوندو ۽ اُهو هيءُ ته جنگ پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، جنگ هڪ متروڪ شيءِ آهي، هاڻي جنگ ’عملي سياست‘ جي ڳالهه ڪانهي، جنگ ڪرڻ ۽ فوجون چاڙهڻ هڪ مئل فلسفو آهي: نوان نوان هٿيار رڳو بادشاهن  ۽ جنرلن جي وندر جا رانديڪا آهن، اُهي قتل جا اوزار آهن، ۽  هاڻي هٿيارن جو زمانو هليو ويو.

ڇا، اسين اُهو نئون، سادو سودو ۽ نيڪ خيال ساريءَ دنيا جي حڪومتن ۽ ماڻهن جي شعور ۾ داخل ڪري سگهون ٿا؟ ڇا، اُهو وقت اچي  ويو آهي ته انسان ذات جنگ جوٽڻ جي پراڻن ۽ اجاين خيالن کان پوريءَ طرح ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي؟ ايڪهين صديءَ جي اچڻ ۾ باقي گهڻا سال رهيا آهن؟ جيڪڏهن اسين اِنهن ٿورن سالن ۾، انهيءَ نئين سادي سودي ۽ نيڪ خيال کي سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون- اِهو ته ’جنگ پراڻي زماني جي ڳالهه آهي‘- مون کي يقين آهي ته سڄيءَ انسان ذات جي لاءِ گهڻي نيڪ، وڌيڪ چڱي ۽ وڌيڪ جيئڻ لائق ٿي پوندي.پوءِ قدرت اسان کي اهڙين اهڙين نعمتن سان نوازيندي، جن جو مثال پوري انساني تاريخ ۾ ملي نه سگهندو.

[13- 9- 1984ع- ش.ا.ح]

 

هٿيارن جي ڊوڙ ۽ امن تحريڪون

 

(اعجاز قريشي)

1982ع ۾ يورپ جي مختلف ملڪن جي ڏهن لکن ماڻهن ائٽمي جنگي هٿيارن خلاف زبردست مظاهرا ڪيا،  12 جون تي، آمريڪا جي سڀ کان وڏي شهر نيويارڪ ۾، پنجن لکن کان وڌيڪ آمريڪي ماڻهن جيڪو مظاهرو ڪيو، سو آمريڪا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو مظاهرو هو.

يورپ ۽ آمريڪا کان سواءِ ٽينءَ دنيا جا ماڻهو پڻ گذريل ڪيترن سالن کان جنگي هٿيارن، ۽ خاص ڪري ائٽمي هٿيارن خلاف مظاهرا ڪندا رهيا آهن.

ڪيترن سالن کان وڏا ملڪ جنهن نموني  موتمار جنگي هٿيارن جي ڊوڙ پڄائي رهيا آهن، ۽ جنهن ۾ ڪجهه سالن کان خطرناڪ حد تائين تيزي اچي ويئي آهي، تنهن نه رڳو ننڍن ملڪن کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي بلڪه سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي موت جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

سڄيءَ دنيا ۾ سجاڳ ۽ سڄاڻ ماڻهو انسان ذات خلاف کيڏجڻ واريءَ هن تباهيءَ جي راند خلاف لڳاتار احتجاج اٿاريندا رهيا آهن، ۽ پاڻ کي جنگ خلاف منظم ڪرڻ لاءِ امن جون تحريڪون هلائيندا رهيا آهن. اهي تحريڪون عالمي امن جي ڏس ۾ هن صديءَ جون اهم عوامي ڪوششون آهن، جن کي ڪٿي ڪٿي حڪومتن جي تائيد به حاصل ٿي آهي. يورپ جي ڪيترن ملڪن جي حڪومتن  انهن امن- تحريڪن جي حمايت ۾ دٻيل آواز اٿاريو آهي.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ امن- تحريڪن پاران هٿيارن خلاف ”عام راءِ“ وٺڻ جو ڪم ڪيو ويو آهي، ۽ ڪيو پيو وڃي ته جيئن جنگ خلاف عوام جي نفرت وري اظهار وسيلي حڪومتن تي دٻاءُ وجهي سگهجي. 1973ع ۾، سئيڊن ۾ ورتل عام راءِ ۾، 55 سيڪڙو ماڻهن ائٽمي جنگ جو انديشو ظاهر ڪيو ۽ هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ساڳئي ئي ملڪ ۾ جڏهن 1982 ۾ عام راءِ  ورتي ويئي ته 78 سيڪڙو ماڻهن ائٽمي جنگ جو خطرو محسوس ڪندي هٿيارن جي تياريءَ خلاف نفرت ظاهر ڪئي.

1981ع ۾ دنيا جي چوڏهن ملڪن پاران، ايندڙ ڏهن سالن ۾ ٽينءَ مهاڀاري جنگ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. انهن ملڪن جي عام راءِ جو سيڪڙو هن ريت آهي:

آسٽريليا

4644

آسٽريا

2943

برازيل

3942

ڪئناڊا

4544

ڊينمارڪ

3648

فرانس

3943

اولهه جرمني

4140

اٽلي

3147

جپان

4349

اسپين

4446

سئيڊن

3240

سئٽزرلئنڊ

3545

برطانيه

3445

آمريڪا

4742

1950ع ۾ آمريڪا جي 50 سيڪڙو ماڻهن اها راءِ ڏني ته آمريڪا کي روس سان ڳالهيون ڪري، وڏي مقدار ۾ هٿيارن ٺاهڻ تي روڪ وجهڻ کپي.

تمام ويجهڙائيءَ ۾ آمريڪا جي ”ائٽلانٽڪ انسٽيٽيوٽ“۽ ڪن اخبارن پاران هڪ پڙتال ڪئي ويئي، جنهن مطابق آمريڪي ماڻهن جي اڪثريت جنگ جي خلاف ۽ هٿيارن  تي ضابطي رکڻ جي فائدي ۾ آهي.

1981ع م برطانيه جا هزارين ماڻهو پنهنجيءَ حڪومت جي فيصلي خلاف رستن تي نڪري آيا، ۽ مطالبو ڪرڻ لڳا ته آمريڪا کي برطانيا جي سر زمين تي ميزائل کوڙڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. تازو ئي گذريل، سال برطانيه جي هزارين عورتن انهيءَ فوجي هوائي اڏي جو گهيرو ڪيو ۽ اتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيون، جتي آمريڪي ميزائيل کڄي  اچڻا هئا. اهو سلسلو ڪافي وقت مائرن، ڀينرن ۽ ٻارڙن پاران جاري رکيو ويو، جنهن کي پوءِ پوليس جي زور سان ختم ڪيو ويو.

مئي 1981ع ۾، اولهه جرمنيءَ جي 39 سيڪڙو ماڻهن پنهنجيءَ سر زمين تي آمريڪي ميزائيل کوڙڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو، بيلجم جي 42 سيڪڙو ۽ نيدرلئنڊ جي 68 سيڪڙو عوام پنهنجن ملڪن ۾ ميزائيلن هڻڻ خلاف آواز اٿاريو.

وڏا ملڪ هڪ پاسي خطرناڪ هٿيار ٺاهي، ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي سموريءَ  زندگيءَ کي يڪلخت تباهه ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ته ٻئي پاسي ننڍن ملڪن کي ڊيڄاري، کين پنهنجن هٿيارن خريد ڪرڻ تي وڌ کان وڌ خرچ ڪرائي رهيا آهن. ننڍا ملڪ، جيڪي اڳي ئي غريب آهن، سي اِن طرح ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اقتصادي ابتريءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. اقتصادي ابتريءَ جا شڪار اهي مسليڪن ملڪ وڏن ملڪن جي هن قسم جي ڪاري ڪاروبار سان، سندن مدد جا محتاج بنجي ويا آهن. اهو ٻٽو خطرو آهي، جنهن ۾ انسان ذات هٿيارن جي ڊوڙ سبب وڪوڙجي ويئي آهي. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڪيترائي ملڪ تباهه ٿيا ۽ سندن اقتصادي حالت بنهه بگڙي ويئي. تمام ننڍي مقدار جي بنهه اوائلي قسم جي ٻن ائٽم بمن سان سڄيءَ دنيا جو امن برباد ٿي ويو. پر هن وقت جيڪي ڳرا ۽ گونا گون ائيٽمي هٿيار دنيا  جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا پيا  آهن، سي سڄيءَ دنيا کي اکڇنڀ ۾ ختم ڪري  ڇڏيندا.

انهيءَ گڏيل خطري خلاف ڪم ڪندڙ، دنيا ۾ ڪي اهڙيون تنظيمون آهن، جيڪي امن جي سلامتيءَ لاءِ سڄيءَ دنيا جي انسانن جو ڌيان لهڻن. جنگ کان بچاءَ ۽ هٿيارن تي ٿيندڙ خرچ کي ختم ڪري، بک ۽ بيروزگاريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته دنيا جو هر فرد، جيڪو به جتي آهي، امن جي تحريڪن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.

انهن تنظيمن ۾، سئيڊن جي ”امن سوسائٽي“ قائم ڪيل (1883ع)، برطانيه جي ”ڪمپين فار نيو ڪليئر ڊس آرما مينٽ“ (1980ع) جنهن کي ليبر پارٽيءَ جي حمايت حاصل آهي، ناروي ۽ ڊينمارڪ جون ”ائٽمي هٿيار نه کپن“نالي سان تنظيمون، ۽ نيلجم، ناروي، نيدرلئنڊ، آسٽريليا، جپان، اٽليءَ، فرانس، نيوزيلئنڊ ۽ آمريڪا جون امن تنظيمون اهم آهن.

تازو يورپ ۾ ”يورپيئن نيو ڪليئر ڊس آرمامينٽ“ نالي  سان جيڪا تنظيم قائم ٿي آهي، تنهن 1981ع ۽ 1982ع دوران ائٽمي هٿيارن خلاف ٻه وڏا ڪنوينشن ڪيا آهن.

انهن سڀني امن- تنظيمن پنهنجي پنهنجي حلقي ۾ هزارين ميمبر بنايا آهن، ۽ سون جي تعداد ۾ سندن ڪل وقتي ڪارڪن ڏينهن- رات ڪم ڪري رهيا آهن. جپان جي ننڍي شهر هيروشيما ۾(جنهن تي ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ دوران پهريون ائٽم بم ڪيرايو ويو هو) ٻه لک ۽ ٽوڪيو ۾ چار لک ماڻهو امن- تنظيمن جا ميمبر ٿيا آهن.

امن- تحريڪن جي سلسلي ۾، وقت بوقت، دنيا جي ڊاڪٽرن ۽ ٻين پيشيور ماڻهن پڻ هٿيارن جي واڌ خلاف پنهنجيءَ نفرت جو اظهار پئي ڪيو آهي. برطانيه ۾ ڊاڪٽرن جي ايسوسيئيشن تمام سرگرم آهي ۽ بار بار اهڙي قسم جون ڪانفرنسون ڪندي رهي ٿي. 29 مارچ 1979ع تي، ڊاڪٽرن جي ايسوسيئيشن بوسٽن ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي، هٿيارن جي ڊوڙ خلاف آواز اٿاري، پنهنجو مقدس انساني فرض پورو ڪيو. فيبروري ۽ مارچ 1980ع ۾ ڪيمبرج( برطانيه) ۽ ساچوسيٽس(آمريڪا) ۾ هڪ سمپوزيم ڪرايو ويو، ۽ تڏهوڪي صدر جي ڪارٽر ۽ تڏهوڪي روسي صدر برزنيف کي خط لکي، کين خطرناڪ جنگي صورتحال کي روڪڻ لاءِ چيو. اهو خط ”نيويارڪ ٽائمس“ رسالي ۾ ڇپيو هو. ٻنهي صدرن خط جو جواب ڏنو، جيڪو ماسڪو جي ”پراودا“ اخبار ۾ ڇپيو، ۽ صدر ڪارٽر 25 اپريل تي تار ذريعي موٽ ڏني.

آگسٽ 1980ع ۾، ”ٽيهين پگ واش بين الاقوامي سائنس ڪانفرنس“، جيڪا نيدرلئنڊ ۾ ٿي، تنهن ۾ دنيا جي ڊاڪٽرن، جيڪي برازيل، چلي، زيڪوسلاويڪبا، مصر، فنلئنڊ، فرانس،ڪينيا، نائجيريا، پولنڊ، نيوزيلئنڊ، برطانيا، آمريڪا، وينزويلاءِ  روس مان آيل هئا. طاقتور ملڪن کي هيٺين لفظن ۾ چتاءُ ڏنو:”ائٽمي جنگ لاءِ ڊاڪٽري تياريون بيسود آهن. اِها جنگ  دنيا ۾ انساني موت، عذاب ۽ جيوڙن جي مرض جي اُها حالت پيدا ڪندي جنهن  جو مثال  موجود ڪونهي، ۽ اها گذريل مڙني جنگين جي تباهڪارين ۽ بيمارين  کان سوين درجا وڌيڪ هوندي: اهڙيءَ جنگ کان پوءِ ڪنهن به قسم جي دوائن جو اثر ٿي نه سگهندو، ۽ ڪنهن به قسم جي دوائن ۽ علاجن وسيلي ڪو به ڪنٽرول ممڪن نه ٿيندو: انهيءَ ڪري، اها سوچ رکڻ ئي اجائي آهي.“

مختلف ملڪن جي باوقار مذهبي جماعتن پڻ اهڙي قسم جو پروگرام اختيار ڪيو آهي، جنهن موجب اُهي حڪومتن تي اخلاقي زور وجهڻ لاءِ پرچار ڪن ٿيون. انهن ۾ جپان، آمريڪا، برطانيه ۽ نيدرلئنڊ، جون ٻڌمت جون جماعتون ۽ عيسائي چرچ  جون تنظيمون شامل آهن.

امن- تحريڪن ۾ مزدورن، جي ٽريڊ يونين به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته هٿيارن تي بي انداز خرچ ٿيڻ سان پورهيتن جي حالت بگڙي رهي آهي.

ماحول کي صاف رکندڙ ماهرن ۽ استادن پڻ چتايو آهي ته هٿيارن جي ڪري ماحول کي سخت خطرو آهي، ڇو ته ان طرح ڪئين قسمن جون بيماريون پکڙجي وينديون.

امن- تحريڪن جي سلسلي ۾ روس ۽ اوڀر يورپ ڪافي اڳرا آهن. روس ۾ ”روس امن ڪاميٽي“، ”روس امن فائونڊيشن“، ”سوويٽ پگ واش ڪائونسل“، وغيره، سٺو ڪم ڪري رهيون آهن. 7 آگست 1982ع تي، روس ۾ ڇهه ڪروڙ ماڻهن امن جا مظاهرا ڪيا، ۽ جنگ خلاف عوامي نفرت جو اظهار ڪيو.

12 ڊسمبر، 1981ع تي، هنگريءَ ۾، ڏهن هزار نوجوانن مظاهرو ڪري، يورپ کي هٿيارن کان آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي.

ڪيترائي ڀيرا وڏين طاقتن جي وچ ۾ هٿيارن تي روڪ بابت ڳالهيون ٿيون آهن، پر هيستائين انهن مان ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي.

دنيا جون امن- تحرڪريون، بهرحال، هر هنڌ پنهنجي آواز ۽ عمل ذريعي حڪومتن تي پنهنجو دٻاءُ جاري رکيو اچن. سموريءَ انسان ذات جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ساڻن شامل آهن. هر انسان تي لازم آهي ته هو جنگ ۽ جنگبازن کان کليءَ طرح نفرت جو اظهار ڪري، ۽ امن ۽ آلودگيءَ لاءِ ڪم ڪري(28- 6-1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org