باب
پنجون
پهرئين اجتماع ڏانهن موٽڻ هميشه ضروري آهي
جيڪڏهن آءُ اهو سڀ ڪجهه قبول به ڪريان، جنهن کي
مون هيستائين رد پئي ڪيو آهي، تنهن هوندي به
آپيشاهيءَ جي طرفدارن کي ان مان ڪو فائدو ڪو نه
ٿيندو.
ڪنهن
وڏي انبوهه جي زير ڪرڻ ۽ ڪنهن جماعت يا سماج تي
راڄ ڪرڻ جي وچ ۾ هميشه وڏو فرق رهندو. جيڪڏهن الڳ
الڳ ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهن کي ڪو هڪڙو شخص پنهنجو غلام
بنائي ٿو، پوءِ اهي تعداد ۾ کڻي ڪيترا به هجن،. ته
ان صورتحال کي آءُ هر گز هڪ قوم ۽ ان جي حاڪم سان
مشابهت ڪو نه ڏيندس، پر رڳو هيترو چوندس ته انهن
جو هڪڙو آقا آهي ۽ ٻيا سڀ ان جا غلام آهن. انهن جي
حيثيت وڌ ۾ وڌ هڪ انبوهه جي يا هڪ ولر جي ٿي سگهي
ٿي ۽ نه هڪ راڄ جي يا هڪ وڳر يا جماعت جي، ڇو ته
ان صورت ۾ منجهن نه ته ڪنهن مشترڪ يا اجتماعي
مفاد جو ڪو تصور قائم هوندو ۽ نه ڪنهن سياسي وجود
جو. اهڙي ڪنهن شخص جي حيثيت، توڙي جو ان اڌ دنيا
کي ائين غلام ڇو نه بڻايو هجي، هر صورت انفرادي
رهندي: هن جو مفاد ٻين جي مفاد کان الڳ،
نائين“ ۾ آيل قصي جي سورمي، يوليس، جي ساٿين ڏانهن
اشارو آهي، جيڪي سائيڪلوپس ديو وٽ ان جي غار ۾ وڃي
قيد ٿيا هئا.
(3)
فرانس جي بادشاهه، لوئي نائين (1226ع کان 1270ع
تائين) پنهنجن اميرن جي خانگي لڙاين کي ختم ڪرڻ
لاءِ چاليهن ڏينهن جي عارضي صلح جو حڪم ڪڍيو هو،
جنهن کي هن ”خدائي عهدنامي“ جو نالو ڏنو هو. (9-8-
1984ع)
خالصتاً هڪ ذاتي انفرادي مفاد رهندو. هن جي موت تڻ
سندس سڄي شهنشاهت ائين ئي ڇڙوڇڙ ۽ بي ربط رهندي ۽
ڪڻا ڪڻا ٿي ويندي، جيئن ڪنهن شاهه بلوط جي وڻ کي
باهه ساڙي ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي رک جي ڍير کان
سواءِ پيو ڪري ڪين رهي.
گروٽيس چوي ٿو ته هڪ قوم پنهنجو پاڻ ڪنهن بادشاهه
جي حوالي ڪري سگهي ٿي. ان جي معنيٰ ته، هن جي خيال
۾، قوم پنهنجو پاڻ بادشاهه جي سپرد ڪرڻ کان اڳ به
قوم جي حيثيت رکي ٿي. ڪنهن قوم جو ائين تحفي طور
پنهنجو پاڻ ڪنهن بادشاهه جي حوالي ڪري ڇڏڻ خود هڪ
سياسي عمل آهي، ۽ ظاهر آهي ته ان عمل کان اڳ قوم
جو اجتماعي مشورو عمل ۾ آيو هوندو. انهيءَ ڪري، ان
کان اڳ، جو ان ٻئي سياسي عمل جي تحقيقات ڪئي وڃي،
جنهن سان ڪا قوم پاڻ کي ڪنهن بادشاهه جي حوالي ڪري
ٿي، مناسب هيءُ آهي ته اول اُن پهرئين عمل جي
تحقيقات ڪئي وڃي، جنهن سان خود اها قوم وجود ۾
آئي، ڇو ته هيءُ عمل ذڪر ڪيل ٻئي عمل کان لازمي
طور اڳ ظاهر ٿيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري اهو ئي سماج جو
اصل بنياد آهي. حقيقت ۾، اهڙي ڪنهن پهرئين اجتماع
نه هجڻ جي حالت ۾، جتي چونڊ يڪراءِ ٿي هجي، هڪ
اقليت تي اهو فرض ڪيئن ٿو عائد ٿي سگهي ته هوءَ
اڪثريت جي فيصلي کي قبول ڪري؟ ڪن هڪ سئو شخصن کي،
جي پاڻ لاءِ ڪو آقا پسند ٿا ڪن، باقي ڏهن جي طرفان
اهڙي قسم جي فيصلي يا راءِ (ووٽ) جو ڪهڙو حق آهي،
جيڪي اهڙي راءِ يا خواهش نٿا رکن؟ راءِ جي اڪثريت
واري قانون جو بنياد خود به اجتماع جي اصولن تي
ٻڌل آهي، ۽ ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيري جو مڪمل
اتفاق ضروري آهي.(13- 9- 1984ع)
پرستش مُردن جي زندن جي
(محمد ابراهيم جويو)
عام
طرح ائين چيو ٿو وڃي ته اسان جو سنڌي سماج مُرده
پرست آهي. اُن مان هيءُ به مطلب ٿو نڪري ته اُهو
زنده پرست هجي يا چڱو، زنده پرست به هجي ته چڱو!
هونئن پرستش پنهنجيءِ جاءِ تي اهڙي ڪا چڱي شيءِ به
ڪانهي، جو اُن لاءِ افسوس ڪجي ته اُها مُردن لاءِ،
يا زندن لاءِ، يا ٻنهي لاءِ، ڇو نه آهي! ڇو ته
پرستش يا پوڄا نه فقط غلاميءَ جي نشاني آهي، پر
خود غلامي آهي. ۽ آءُ سمجهان ٿو ته اڄ اسين، يعني
اسان جو سنڌي سماج، غلام ئي آهي- نه رڳو مُردن جو
پر مُرند کان وڌيڪ زندن جو، در حقيقت جو اسان جي
سنڌي سماج مرده پرست به آهي، ته اُهو رڳو انهيءَ
لاءِ ته اُن سان اسان وٽ زنده پرستيءَ جو جواز يا
سبب موجود رهي، جيئن بتن جي پوڄا ۾ ڪنهن پنڊت،
پروهت جا اُن جي ڪنهن جيئري مهاٻلي اُن داتا جو
مفاد لڪل هندو آهي، تيئن هر غيب يا غائب عجوبي جي
پرستش ۾ پڻ ڪنهن حاضر اقتدار ۽ آقائيت جي پرستش ۽
غلاميءَ جو بنياد يا راز موجود هوندو آهي.
اِئين هر پرستش، پوءِ اها بتن جي هجي، مُردن جي
هجي، ماضيءَ جي يا ڪنهن غيب يا غائب شيءِ جي هجي-
ڇو ته مُردا ۽ ماضي به غائب آهن ۽ غيب جي ئي صورت
۾ آهن- مطلب ته پرستش پنهنجي نتيجي ۽ اثر ۾ زندن
جي پر ستش آهي، حاضر زندن جي، يعني جيئرن شخصن جي،
وس وارن ۽ وسيلن جي صاحبن جي، صاحب اقتدار شخصن
جي. ۽ اِنهيءَ ڪري اسين، جو مُرده پرست مشهور
آهيون، سو اسان جي مُرده پرستي يا خود زنده پرستي.
خالص شخص پرستي آهي، ۽ اسان جو سماج در حقيقت شخص
پرست سماج آهي- ڇو ته اُن ۾ هر هنڌ رڳو شخص جي ذات
جي بندگي، ٿئي ٿي، ۽ ان جي ٺلهي نالي جي مالها
جپجي ٿي- ۽ ان جي خيالن، عادتن ۽ عملن جون اُن ۾
دخل نٿو رهي. اسان وٽ هٿ ٻڌجن ٿا، پٽ تي ويهجي ٿو،
پيرين پئجي ٿو، بلڪه پير ڌوئي پيئجن ٿا. ”ڏن“ ڏجن
ٿا، سائين سائين ڪجي ٿو، ليلائجي ٿو، ۽ ائين جيڪي
ماڻهن کان مٿڀرا آهن. اُنهن کان سڀ ڪجهه گهرجي ٿو،
بلڪه اُنهن جو ماڻهو ٿيڻو پوي ٿو، انهن کان ڊڄجي ۽
ڪنبجي ٿو- وڏيري کان ۽ سردار کان مُلي، شيخ ۽
ڀوڀي کان، ۽ پير، فقير، درويش کان، ۽ حاڪم کان
حاڪم کان وڌيڪ حاڪم جي ٻلي يعني ان جي عام مختار
کان، ۽ انهن جي سڄي سماجي عمل ۽ اختيار جي بساط
طور پنهنجي چوڌاري اڏيو آهي. ۽ اسان مان جيڪي به
”صاحب“ يا ڪامورا يعني ”ڪم“ وارا- عملدار سڏجن ٿا،
اُهي به اُنهن جي اُن مانڊاڻ جا ئي هٿ ٻڌا نوڪر
آهن، اُنهن جي اُن بساط جا ئي مُهرا آهن- هونئن
اُهي پاڻ به پنهنجي هر ”زبردست“ جا ”بالادست“ ئي
آهن. اِنهيءَ طرح انساني مساوات، خود اعتمادي ۽
بي خوفائي اسان ۾ ڪانهي. اسين پاڻ کي هيڻو ۽ هيچ
ٿا سمجهون، ۽ چئون ٿا، ”اسان ۾ رکيو ئي ڇاهي!“ ۽
سڀ ڪجهه واقعي هو ٻيا آهن، جيڪي اسان کان مٿڀرا
آهن: هو جيڪي ائين آهن تن کي اسين پڇي به نٿا
سگهون.تن جي آڏو اسان جا چپ سبيل رهن ٿا ۽ اسين
ڪڇي به نٿا سگهون. هو اسان تي آڪڙجن ٿا. اسان تي
آڪڙيا آهن، ۽ رڳو پاڻ ڀَرڻ ۽ پاڻ سکي رکڻ ۾ پورا
آهن، ۽ اُن لاءِ رڳو غيب وٽ جوابدار آهن، يا قبول
پيل پهرئين درجي جي غلامن وانگر پنهنجن اُنهن
مهاٻلي آقاعن وٽ جيڪي اسان وٽ هتي پنهنجي اندروني
بيٺڪيت قائم ڪيو ويٺا آهن. ائين اسان جو سنڌي
سماج سچ پچ ته اڄ غلامن جي غلامن جو هڪ غلام سماج
آهي.
۽
هيڏانهن اسين اديب ۽ شاعر ۽ عالم، جن جو فرض ته
اسين انهن پنهنجين مرده پرستين ۽ زنده پرستين جي
بنيادن کي اکوڙيون ۽ اُنهن جي تهه ۾ جيڪو ڪوڙ لڪل
هو تنهن کي پڌرو ڪيون، اُنهن جي سماجي ۽ سياسي
مانڊاڻ جو اونهو مطالعو ڪيون، ۽ اُنهن جي اصل فريب
کان پنهنجي ويساهه وسوڙيل، ڏتڙيل ۽ ڏکويل سماج کي
واقف ڪريون، ته جيئن هو پاڻ کي سچائي، ۽ پاڻ ۾
ڀروسو پيدا ڪري، ۽ پنهنجي قسمت جو پاڻ ڌڻي
ٿئي....... اُن سڀ جي بدران اسين آهيون، جو نون
نون درگاهن، آستانن ۽ مُرده پرستين جي پيدا ڪرڻ ۾
پورا آهيون، ۽ اِنهي ارمان ۾ ڳري رهيا آهيون ته
افسوس، جو اسين فقط مرده پرست آهيون، زنده پرست ڇو
نه آهيون!
اصل
۾، هيءَ اسان لاءِ مُرده يا زنده پرستيءَ جي وچ
۾ مقابلي جي ڳالهه ڪانهي. هيءَ ڳالهه اسان لاءِ
پنهنجي غلاميءَ کي سڃاڻڻ ۽ اُن مان پنهنجي جان
ڇڏائڻ جي آهي. برابر، اسين نه مُردن مان نه زندن
مان، نه ماضيءَ جي”قبول پيلن“، ”رحمت ڪيلن“ ۽
”سلام پاتلن“ مان نه حال جي ”مولائن“ ۽ ”مرشدن“ ۽
”مالڪن“ مان ترت جان ڇڏائي ٿا سگهون- پر اسين
اُنهن جي پرستش ۽ پوڄا مان، اُنهن جي بت پرستيءَ
مان، جان ڇڏائي سگهون ٿا. اسين اُنهن کي اُنهن جي
اصليت ۾ سڃاڻي سگهون ٿا. ڇو ته پوڄا ۽ پيار،
پرستش ۽ پيرويءَ، بت پرستيءَ ۽ قدردانيءَ ۾ به فرق
ٿئي ٿو. ڪنهن خيال، ڪنهن شيءَ، ڪنهن ماڻهوءَ جي
گڻ اوگڻ، ڪمائيءَ نڪمائيءَ ۽ چڱائيءَ مَٺَاِئي
کي، يعني اُن جي اقاديت کي، اُن جي وٿ کي، خيال ۾
نه آڻيندي، اُن جي پرک نه رکندي ۽ اُن جي ڪنهن
موهوم ياغير موهوم يا غير موهوم چڱائيءَ جي حاصلات
لاءِ خود جاکوڙ نه ڪندي، رڳو اُن جي نالي جو ويهي
جپ ڪرڻ، ورد ڪرڻ، ۽ اُن جي چوڌاري بيهي ڦيريون
پائڻ يا آڏو ويهي چپٽيون وڄائڻ ۽ مٿا ٽيڪ ڪرڻ، ۽
ائين سمجهڻ ته ائين اسان جي هر حاجت روائي ٿي
ويندي ۽ اُن جي هر اُها موهوم يا غير موهوم چڱائي
۽ فضيلت اسان کي حاصل آهي يا حاصل ٿي ويندي، اها
بت پرستي آهي، اِها اُن خيال جي پيروي يا
قدرداني ڪانهي- چاهي اُهو ماڻهو، اُها شيءِ، اُهو
خيال ڪير به هجي، ۽ ڪهڙو به هجي.
سنڌي
سماج، جو ڪجهه به اُهو اڄ آهي، اُن مان اسين مطمئن
نه آهيون. اسين ان ۾ تبديلي ڏسڻ چاهيون ٿا. اسين
چاهيون ٿا ته اُن ۾ آزادي هجي، جمهوريت هجي ۽
سماجي انصاف هجي.
اُن
لاءِ اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟
برابر، دعائون به گهري سگهون ٿا، سرڪار کي منٿون
به ڪري سگهون ٿا، سرڪار ۽ سماج جي ٿلهن ٿنڀرن-
مُلن، پيرن ۽ ”وڏيرن“- کان بيک به پني سگهون ٿا. ۽
هيستائين اسان ائين ئي پئي ڪيو آهي. پوءِ، ڇا
آزاد ٿيا آهيون، اسان جي عزت وڌي آهي، اسين سکيا
ٿيا آهيون؟ جي نه، ته هاڻي اسان کي ڳالهه کي سمجهڻ
گهرجي. دعائن سان، منٿن سان، بيک گهرڻ سان ڪجهه
نٿو ٿئي ۽ نه ڪجهه ٿيڻو آهي- ڇو ته سڀني ڏاهن جو،
سڀني ڪتابن جو ۽ سڄيءَ تاريخ جو چوڻ آهي ته ”انسان
کي ڪوشش کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي“، ”قومون جيسين
پنهنجي حالت کي بدلائڻ جي پاڻ ڪوشش نٿيون ڪن،
تيسين سندن حالت نٿي بدلجي.“
دراصل دنيا جو انسان سان واسطو آهي، ۽ دنيا انسان
جو ذمو آهي. ”اقتدار جو اصل مالڪ خدا آهي“- ائين
چوڻ سان انسان، يعني اسين، پنهنجي ذميداريءَ کان
آجا ٿي ڪو نه ٿا وڃون. اُهي جيڪي ائين چئي، اقتدار
جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا، اُهي رڳو ڌرتيءَ تي خدائون
بڻجي ويهڻ گهرن ٿا، ۽ کين ايتري پڌري ڳالهه به مغز
۾ نٿي ويهي ته جيڪڏهن خدائي اقتدار جا پاڻ ادارا
بڻجي سگهن ٿا، ته ٻيا انسان به ڇو نه اُن جي
دارائيءَ جي دعوا ڪن........ ڇو ته خدا جي وحداني
نظريي ۾ ڪو به مخصوص انسان، ۽ ڪي به مخصوص
انسانَ، خدا جا ڌريان ئي ڌُڻيل يا پيشگي منتخب ٿيل
ڪونهن. ۽ اهو ئي اصل ۾ ناقابل ترديد تاريخي بنياد
اڏيل آهي آقائيت جي خلاف بغاوت جو، جمهوريت جو،
مساوات ۽ آزاديءَ جو، يعني اقتدار جي انساني
منتقليءَ يا ڏي وٺ جو ۽ پڻ اُن جي انساني استعمال
جو. ”شورائيت“ يا ”شُورا ڪِرسي“ يا ”شُوريگ “ ۾
اقتدار جي انساني منتقليءَ جو اصول يا ڏس موجود
ڪونهي- محض شورا يا شورائيت آمريت ڏانهن، اقتدار
جي غاصبيت ڏانهن، ئي نيئي سگهي ٿي. محض ”شورائيت“
ارضي آقائيت جي پيڙهه جو پٿر به ٿي سگهي ٿي ۽ ان
جي حفاظت لاءِ هڪ مضبوط قلعو به: اُن جي بر خلاف،
جمهوريت هر صورت ۾ ۽ هر طرح ارضي آقائيت جو ضد
آهي. هر غاصب اقتدار غصب ڪرڻ لاءِ پنهنجن رفيقن
سان مشورت ڪري ٿو، ۽ اُهي اُن جي شوُرا آهن. ۽ اُن
کان پوءِ هو پنهنجي پسند جي اهڙي ئي شورا قائم ڪري
پنهنجي اقتدار جو تاحيات بچاءُ به ڪري سگهي ٿو.
شُورو ڪِرسي ائين آهي. ڊيموڪريسي اِئين نه آهي.
ڊيموڪريسي، ڊيموڪريسيءَ ڏانهن نئي ٿي، جمهوريت
جمهوريت ڏانهن نئي ٿي- ڇو ته اُن ۾ اصل صحيح شورا
به آهي ۽ شورا جي شورا سان تبديل جي انساني يعني
اجتماعي رضا تي مبني واٽ به آهي- ڇو ته اَن ۾ پرتش
ڪانهي. مردن توڙي زندن جي، يعني اُن ۾ شخص پرستي
ڪانهي، اُن ۾ شخص يا شخصن جي غلامي يعني اُن ۾
ارضي آقائيت جي گنجائش ڪانهي.
جمهوريت کان محروم پنهنجي مجبور ملڪ لبنان کي
اهڙيءَ ئي اڌينتا ۾ورتل هڪ حالت ۾ ڏسندي، خليل
جبران چيو هو.
هو
مون کي چون ٿا:
”جي
تون ڪو غلام ستل ڏسين ته ان کي نه جاڳاءِ،
”ممڪن آهي ته هو آزاديءَ جو خواب ڏسندو هجي!“
آءُ
انهن کي چوان ٿو:
”جي
اوهين ڪو غلام ستل ڏسو، ته ان کي جاڳايو،
” ۽
هن کي آزاديءَ جي ڳالهه ٻڌايو!“
خليل
جبران پنهنجن هموطنين کي، اسان وانگر، پنهنجن ۽
پراون، مُردن ۽ زندن، جي پوڄا پاٺ ۽ پرستش ۾ محو
ڏسندي ۽ اُنهن جي پوئلڳيءَ ۽ ٻانهپ ۾ هڪ ٻين سان
مقابلي بازيون ۽ شرطون پڄائيندي ڏسي، اُنهن کي
چيو هو-
”اي
منهنجا هموطنو!
”مون
کان اوهين ڇا ٿا گهرو؟
”اوهين چاهيو ٿا ته آءُ اوهان سان
”لفظن جي عظيم محل اڏڻ جو ڪوڙو واعدو ڪريان!
”۽
پڻ پوڄا- گهرن جي اڏڻ جو، جن تي خوابن جون ڇتيون
وڌل هجن!
”پر
عزيزو!
”زندگي زندگي آهي-
”جوانيءَ جو ارادو
”ڦوهه وهيءَ جي جاکوڙ
”۽
پيرسنيءَ جي ڏاهپ!
”پر
توهين منهنجا ساده دل معصوم هموطنو!
”پوڙها ۽ ڪمزور ڄاوا-
”
وڏي مغز ۽ گهنج گهنج ٿيل چمڙيءَ سان.
”اوهين وڌي ٻار ٿي پيا آهيو
” ۽
هڪٻين تي پٿرن اڇلائڻ ۾ پورا آهيو!“
ڪاش،
ڪوئي خليل جبران هجي، جو اڳتي وڌي، اسان پرستارن
کي اڄ اِنهن ئي لفظن ۾ مخاطب ٿئي-اسين، جيڪي پرستش
تي ناز ٿا ڪريون ۽ پراون لاءِ هٿن ۾ گل جهلي ٿا
بيهون ۽ پنهنجن لاءِ پٿر ! (27-7-1984ع)
انسان شين جي دنيا ۾
(محمد ابراهيم جويو)
وڌندڙ ضرورتون ڄڻ ته هڪ چڙهندڙ ڏاڪڻ مثل آهن. ان
ڏاڪڻ جي هيٺين ڏاڪن تي بنيادي يا حياتياتي ضرورتون
آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي طبعياتي فطرت جي ڪري پيدا
ٿينديون آهن. انهن کان مٿي جا ڏاڪا سٺي ڪپڙي لٽي،
سٺي کاڌي پيتي، گهرو آسائش ۽ صحت جي سار سنڀال جا
هوندا آهن. انهن کان به مٿانهان ڏاڪا اعليٰ
ضرورتن، جهڙوڪ ذهني خوراڪ، تخليقي ڪمن، انساني
عظمت جي تسليميءَ، سان لاڳاپيل فرد جي هر طرفيءَ
تهذيبي اوسر ۽ سماجي انصاف ۽ اخلاق جي سلسلي جا
هوندا آهن.
ضرورتن جي اهڙيءَ ريت ئي اوسر ٿي آهي. پر ان جو
سلسلو ڏاڍو منجهيل ۽ متضاد آهي.
دستور آهي ته ماڻهو ننڍي هوندي جيڪي قدر قبولي ٿو
انهن مطابق ئي سندس هلت چلت ٺهي ٿي ۽ رهي ٿي. هو
پوءِ اُهي ئي بيٺل ۽ قائم ٿيل رسمون يا رهت سهت جا
نمونا پنهنجي نئين نسل لاءِ ڇڏي ويندو آهي، ۽ ائين
هڪ نسل نه پر ڪيترن نسلن کانپوءِ، اهڙين عادتن ۾
ڪنهن قدر ٿورو يا ڪڏهن ڪو بنيادي ڦيرو ٿيڻ ممڪن
ٿي سگهندو آهي. مثال طور، کاڌي جي عادت کي ڏسو.
صديون اڳ صورت هيءَ هئي ته روايت، مذهب ۽
مجبوريءَ جي اثر هيٺ ڪافي ڪي ڏينهن کاڌي کان پر
هيز ٿيندي هئي، ۽ ٿورائي ٻيا ڪي ڏنهن دعوتن، جشنن
۽ خوب کاڌن پيتن ۾ گذرندا هئا، ٻيو ته سڀ خلق يا
خلق جي وڏي اڪثريت صبح کان شام تائين جسماني
پورهئي ۾ رڌل رهندي پئي آئي. مطلب ته گهڻو کاڌو
يا وڌيڪ کائڻ ڪو سماجي مسئلو نه هو. اڄ جي اِن
نئين اصطلاح- ”گهڻو کاڌو“، ” وڌيڪ کاڌو“- جو تصور
به ڪو نه هوندو هو. ضرورت کان وڌيڪ کائڻ جي ڪري
جيڪي خوفناڪ ۽ هاڃيڪار نتيجا نڪرن ٿا، اُهي هن
زماني ۾ ئي ظاهر ٿيا آهن.
اڄ
سخت ۽ گهڻي جسماني پورهئي جي گهاڻي کان جيئن پوءِ
تيئن انسان آجو ٿيندو ٿو وڃي، ۽ هر هنڌ دنيا ۾،
ڪوششو ڪيون پيون وڃن ته هُن تان اِهو ڳهه ڳهان جو
بار به وڌ ۾ وڌ هلڪو ٿئي ۽ وڌ ۾ وڌ هُن کي فرصت
جو موقعو ملي ته جيئن هو سوچي سگهي، پڙهي لکي
سگهي، زندگيءَ جو سچو لطف ماڻي سگهي ۽ پنهنجي
انسانيت جا قدر سڃاڻي ۽ وڌيڪ اوچا ڪري سگهي.
اسان
وٽ به شهرن توڙي ٻهراڙيءَ ۾ ڪي سکيا ستابا ۽
شاهوڪار ماڻهو گهُڻو وقت واندا ويهي گذارين ٿا، ۽
نکلمڻائيءَ ۾ بسترن، ڪرسين، ۽ ڪوچن تي ليٽي پيٽي
۽ پاسا ورائي فضول وقت ڪاٽين ٿا. پر اها مفت جي
فرصت، ائين بيڪار ۽ بيسود وڃائي ڇڏڻ هڪ غير فطري
ڳالهه آهي. اُنهن مان تمام ٿورا ڪي ماڻهو آهن.
جيڪي رڳو پنڌ ڪري، ڊڙون پائي يا رانديون رونديون
ڪري به بت جي اُن سستيءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش
ڪن ٿا، ۽ ساڳئي وقت اُهي ئي ماڻهو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا
صبح، ٻپهر ۽ شام، ۽ پڻ وچ ۾ ايترو ته کائي پيٽ کي
ڏٽيندا آهن، جو پيا اوڳرايون ۽ ڏاڪارون ڏيندا آهن-
ڇا ڪاڻ ته اُهو سندن ضرورت کان گهڻو وڌيڪ ثابت ٿئي
ٿو. پوءِ اهڙن ماڻهن ۾ ٿولهه وڌي ويندي آهي ۽
پنهنجو ڳرو بت پاڻ سان کڻي هلڻ به هنن لاءِ مشڪل
ڳالهه بڻجي ويندي آهي.
دنيا
۾ هيءُ ٿولهه جو پهريون حملو آباديءَ جي ويهين حصي
تي(جيئن اسان وٽ ۽ ٻين غريب ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾)،
۽ پوءِ (جيئن) اسان جي خاص طرح وڏن شهرن يا ٻين
شاهوڪار ملڪن ۽ سماجن ۾) ڏهين حصي تي، پنجن حصي تي
۽ پوءِ ته سڄي ساري چوٿين يا ان کان به وڌيڪ حصي
تي ٿئي ٿو- جنهن جو دارو مدار گهڻيءَ هوندَ تي ۽
گهٽ ڪم يا بلڪل نکمڻائيءَ ۾ ويهي گهڻي کائڻ تي
هوندو آهي. ان حصي ۽ حساب سان، مالدارن جي ٻارن کي
به گهرن ۾ سندن جسماني ضرورت کان وڌيڪ کاڌو ملي
ٿو، ڇو ته هو، جيئن ٻين ڳالهين ۾ تئين کاڌي کائڻ ۾
به، پنهنجن گهڻ کائو ۽ ٽوٽي وڏن جي مثال تي هلن
ٿا. گهڻي کاڌي ۽ گهٽ ڪم ڪري اها ٿولهه وچينءَ عمر
۽ خاص ڪري وڏي عمر جي ماڻهن ۾ خوفناڪ بيمارين جو
ڪارڻ ٿئي ٿي، جن جي ڪري اُهي پنهنجي وقت کان اڳ
گذاريو وڃن. ٻي ڳالهه ته اِها ٿولهه پوءِ موروثي
آزار به بڻجي ٿي.
هاڻي
وري هڪ ٻئي رسمي طريقي کي وٺو. اُهو هيءُ ته
ماڻهوءَ لاءِ هڪ وقت هڪ وڳي کان وڌيڪ وڳا پائڻ
واقعي هڪ ڏکيو ڪم آهي! ساڳيءَ طرح هڪ وقت ماڻهوءَ
لاءِ هڪ جوڙي جُتيءَ کان وڌيڪ پائڻ ته بلڪل اڻ
ٿيڻي ڳالهه آهي! انهيءَ هوندي به ماڻهن ۾ ضرورت
کان وڌيڪ ڪپڙن ۽ بوٽن جي جوڙن جي وڏي تانگهه ۽ وڏو
قدر پئي رهيو آهي. هن گهڻ- پوشاڪيءَ ۽ خوّش
پوشاڪيءَ جي اوسر ۾ به صدين جو عرصو گذريو آهي، ۽
اها عادت انسانن جي خود پسند حصي ۾ ۽ خاص طرح وري
به هوند وارن ماڻهن ۾، ائين هڪ نسل کان ٻئي نسل
تائين پهچندي ۽ وڌندي رهي آهي، ۽ اڄ کان اُنهن مان
شايد ئي ڪو فرد هجي، جو هر هفتي اِن طرح جي پهرڻ ۽
واپرائڻ لاءِ ڪا نه ڪا نئين شيءِ خريد نه ڪندو
هجي! ائين هو هڪ ٻئي پٺيان پنهنجا ڪٻٽ، پيتيون ۽
وارڊروٻ شين سان ڀريندا ۽ سٿيندا ويندا آهن. هن
قسم جي ماڻهن وٽ رڳو سندن بوٽن جا جوڙا، ڳچيءَ ۾
ٻڌڻ لاءِ ٽائيون ۽ ڪن وٽ رڳو هلڻ مهل هٿ ۾ کڻڻ
لاءِ لڪڻ گڏ ٿيل، سَون جي تعداد ۾ ڏسبا آهن ته
حيرت وٺي ويندي آهي ته وري سان ڪنهن وڳي پهرڻ،
ڪنهن جوڙي بوٽن کي پائڻ، ڪنهن ٽاءِ ٻڌڻ يا ڪنهن
هڪ لڪڻ کي هٿ ۾ کڻڻ جو وجهه گهڻن ڏينهن، هفتن يا
مهينن کانپوءِ هنن کي ملندو هوندو.
وري
شهرن ۾ گهرن( فلئٽن ۽ بنگلن) کي جهڙيءَ طرح ماڻهو
ٺاهين ۽ سينگارين ٿا ۽ سامان سان ڀرين ٿا، اُن کي
ڏسي، لڳندو آهي ته اُهي گهر ٺاهيا ئي سامان لاءِ
ويا هئا، يعني اِن لاءِ ته ماڻهو اتُي نه رهن، پر
سندن سامان ئي فقط اُتي رهي ۽ سامان جا ئي اُهي
گدام هجن! ڳالهه رڳي نماءَ يا ڏيکاءَ لاءِ گهرن
سينگارڻ کان به مٿي چڙهي وڃي ٿي. ٻين جي ريس تي،
بلڪه هڪ ٻئي جي سلسلي ۾، عام مسهپ کان، گهرن ۾ غير
ضروري ۽ اجاين شين جا ائين ڍيرن تي ڍير ڪيا وڃن ٿا
۽ ائين سمجهيو وڃي ٿو ته اُنهن مان سندن ترقيءَ،
ڪاميابيءَ ۽ وڏ ماڻهپ جي خبر پوي ٿي.
پڪ
آهي ته وقت گذرڻ سان جيڪا انسان پسند سوچ پيدا
ٿيندي ۽ جيڪي اجتماعي سک ۽ سهوليت ڏيندڙ سماجي
تبديليون اينديون، اُنهن جي اثر هيٺ غير ضروري
گهرجون (جن کي ٺلهو حرص ۽ ٽرڙائپ ئي چئجي ته چڱو)
آهستي آهستي گهٽبيون وينديون، ۽ ٿورن نسلن کان
پوءِ مهذب سماج ۽ مهذب گهرن ۾ اُنهن جو نالو نشان
به باقي نه هوندو. مهانگي ۽ جهجهي کاڌي ۽ هڪ ئي
وقت قسمن قسمن جي کاڌي ۽ نئين پوشاڪ ۽ پوشاڪن
مٿان پوشاڪ، فضول کان فضول قيمتي سينگاريل ۽
سامانن مٿان سامن سان ڀريل، گهرن وغيره کي پوءِ
ڪا خاص ڳالهه نه سمجهيو ويندو، بلڪه اُهي ڳالهيون
سکڻن ماڻهن، تنگدل ۽ حرص سان ڀريل ماڻهن ۽ خسيس ۽
خالي ماڻهن جون ئي فقط نشانيون شمار ٿينديون. ۽ ان
جي بدران ماڻهو عام صحت تي ڌيان ڏيندا، ماڻهن سان
ماڻهو ٿي هلندا ۽ هڪ ٻئي کان مٿڀرائي۽ هڪ ٻئي سان
سينه ڪشيءَ کي غير انساني روش سمجهندا، پنهنجي
پنهنجي ڪم ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا، موڪلون
ماڻيندا، پاڻ وندرائيندا، پنهنجي انسانيت کي
اڀاريندڙ ڳالهين ۾- علم ۾، ادب ۾، فنون لطيف ۾
چڱائيءَ ۾- ۽ هڪ ٻئي جي ڳالهين ۾ ٻڌڻ ٻڌائڻ ۾،
خوشي محسوس ڪندا، پاڻ، سڃاڻندا، ۽ پنهنجو پنهنجي
انسانيت جو شرف ۽ منصف سمجهي، سڀني کي ۽ سڀني جي
انسانيت جي شرف ۽ شان کي سڃاڻيندا ۽ اُن جو ئي
احترام ڪندا.
دراصل گهڻ- خرچائو مالدار ۽ خوشحال گهرن ۾ ڏٺو ويو
آهي ته اُهي رڳو خريداريءَ جي شوق ۾ ئي هڄندا رهن
ٿا- ايتري قدر، جو هو پنهنجي زندگيءَجي عام گهرجن
۽ اصلي ضرورتن کي به اڪثر وساري ويهن ٿا. ان مان
ته بيوقوفيءَ جي حد تائين سندن شين جي چاهت ئي
ظاهر ٿئي ٿي، ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هو شين کي ئي
زندگي سمجهن ٿا! خريداريءَ جي هن غير معقول شوق جي
تهه ۾ ٺلهي فيشن جي رڃ جي ڪشش ئي موجود ڏسجي ٿي.
سرمائيداري سماجَ، جنهن ۾ دولت جا انبار آباديءَ
جي اڻ ڪمائندڙ حصي وٽ ئي وڃي جمع ٿين ٿا- ۽ اُن
ڪري ئي، اُنهيءَ ئي دولت کي ”اڻ ڪمايل دولت“ سڏجي
ٿو- فيشن جي ان اُڃ کي ئي شين جي لاڳيتي ۽ اڻ کٽ
گهرج جو هڪ ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي- ڇو ته آباديءَ
جو اُهو حصو محض کپتڪار حصو آهي ۽ اُن جو سواءِ
کپتڪاريءَ جي ٻيو سماج ۾ ڪو مثبت ڪارج يا رول
ڪونهي. آباديءَ جو اُپتڪار حصو، ڪمائيندڙ حصو،
پنهنجي ”ڪمايل دولت“ کان ئي محروم ڪيو وڃي ٿو، ۽
اُن جي اها ”ڪمايل دولت“ ئي آباديءَ جي کپتڪار
حصي جي ”اڻ ڪمايل دولت“ بڻجي ٿي، جيڪا ئي هو پوءِ
خريداريءَ جو فيشن قائم ڪرڻ ۾ صرف ڪن ٿا، ۽ ان
مان ئي سرمائيداري سماج ۾ پوءِ شين جي دائمي گهرج،
رڃ مثل، ماڻهوءَ يا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ۽
ڊوڙائيندي رهي ٿي، ۽ ائين سڄو سماج کپتڪاريت جي اڻ
رجندڙ خلا ۾، جيڪا هڪ ڌٻڻ به آهي، پِهندو ۽ غار
ٿيندو وڃي ٿو- حرص هوس ۽ لا محدود بک جي خلا ۾،
حيوانت جي ڌٻڻ ۾.
بنيادي، حياتياتي، فطري انساني گهرجن جي ڀيٽ ۾،
ٺلهي شين جي چاهت، محض خريدايءَ جو شوق، ڪڏهن به
پورو ٿي نٿو سگهي، جيئن جيئن شيون حاصل ڪبيون،
تيئن تيئن نين فيشني، ۽ حد کان وڌيڪ فيشني، شين
حاصل ڪرڻ خاطر، ”اڻ ڪمايل دولت“ کي پاڻ ڏانهن
ريڙهڻ خاطر، کپتڪاريت جو ڀوت کاپي لاءِ اڀاريندو
رهندو. مارڪيٽ ۾ هڪ ٻئي پٺيان سامان پيو ايندو.
نيون موٽر ڪارون، ٽي- ويون، ريفريجريٽر،
بجليءَجُوجائون، ڪپڙن ڌوئڻ جو مشينو، فرش صفا ڪرڻ
جا پائوڊر ۽ پالشون، کاڌي جا ۽ پيتي جا قسيمن
قسمين نمونا ۽ چسڪلا وغيره وغيره. آخري ايتري ساري
سامان کي، ايترين سارين شين کي خريد ڪري، گڏ ڪري،
اکين آڏو رکي، بلڪهاڄ خريد ڪري سڀاڻي اڇلائي
اسٽورن ۾، گهرن جي ڇتين تي، بالڪنين ۾، سيڙهين جي
هيٺيان خالي جاين ۾ ڦِٽي ڪري ڇڏڻ سان ڇا ورڻو آهي؟
غير
سرمائيدار سماج ۾، سٺي سماج ۾ انساني سماج ۾،
گهڻيءَ اُپت جي ڪري اهي پاڻ ڀرائيءَ جا غير معقول
مظاهرا رونما نه ٿيندا آهن، ڇو ته اُتي فيشن کي،
ٺلهيءَ کپتڪاريت کي، اقتصادي ترقيءَ لاءِ استعمال
ڪو نه ڪيو ويند آهي. اِن جو مطلب اهو ڪونهي ته
اُتي ماڻهو کائڻ پائڻ، رهڻ ۽ پنهنجي فرصت ۽
واندڪائيءَ کي سڦلي بنائڻ ۾ دلچسپي ڪا نه ٿا رکن،
يا اُنهن لاءِ ڪن مڙهيل اصولن تي ياڪن عائد ڪيل
احڪامن ۽ فرمانن تي، مجبور ٿي، عمل ڪندا آهن. فطري
ڳالهه آهي ته اُتي به بچاءَ جي سٺن طريقن، دستر
خوان جي سينگارڻ، فضيات وارين ۽ وڻندڙ پوشاڪن
پائڻ، گهرو آسائش ۽ سونهن صفائيءَ وغيره کي خاصي
اهميت ڏني وڃي ٿي. انسانيت دوست سماجن ۾ وڏي
ڳالهه هيءَ هجي ٿي ته اتي هنري خريداريءَ جي چاهه
کي، کپتڪاريت جي حيواني شوق کي، هر گز زندگيءَ جو
مقصد ڪري نه ٿو ليکيو وڃي ۽ نه ڪڏهن ليکو ويندو.
آءُ، جيڪو فلسفي ماديت کي مڃيندڙ آهيان ۽
روحانيت وارن جي طرفان مون تي الزام آهي ته رڳو
کائڻ پيئڻ ۽ چوڙڻ ماڙڻ ئي مون لاءِ زندگيءَ جو
مقصد آهي- اهي ڳالهيون ڪري دنيا کي ترڪ ڪرڻ جي
صلاح ڪو نه ٿو ڏيان. آءُ رڳو اِن هڪ نقطي تي زور
ٿو ڏيڻ گهران ته اڄ جي هڪ مهذب انسان جو اعليٰ
تصور اهو آهي.ته هن جي انساني شخصيت جو اظهار
ٿئي، هن جي خالص ۽ خالص اها خواهش هوندي آهي ته
عقل جي قانونن مطابق، سڀ جي فائدي ۾ زندگي
ڪارائتي، صالح، صحيح سادي بسر ٿئي.
هڪ
شخص جيڪو پنهنجي سموري ڄمار فيشن جي پٺيان ڊوڙندي
وڃائي ڇڏي ٿو، جيڪو ڌيان ڇڪيندڙ پوشاڪ جي ذريعي
خود نمائيءَ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُهو اصل ۾ کل جهڙو ۽
رحم جوڳو شخص هوندو آهي.
خريداريءَ جي چاهت، محض کپتڪاري، سماجي اخلاقي
اصولن جو ضد هوندي آهي. اُن ڪري انيڪ خرابيون ۽
حيواني، بدعتون پيدا ٿينديون آهن. ان سان انسان بد
عمل، بي نفسو ۽ آتنشُ بڻجي ٿو. اِن کي ڪهڙيءَ طرح
ٻنجو ڏيئي سگهجي ٿو؟
روشن
خياليءَ سان، ڪشاده دليءَ ۽ خنده پيشانيءَ سان
ڏيکاءَ، ڪوڙ ۽ منافقت جي پردي- کول سان، شين جي
معقول استعمال ۽ مناسب کاپي کي همٿائڻ سان، اجاين
ضرورتن جي ڀيٽ ۾ معياري ۽ فضيلت ڀرين ضرورتن جي
ماپن ۽ ماڻن قائم ڪرڻ سان.
اڄ
جي پنهنجي سماج جي حالتن جي ڇنڊ ڇاڻ مان پڌرو ٿئي
ٿو ته اهڙيون اجايون ضرورتون جهڙوڪ تماڪ ڇڪڻ،
بوتلون پيئڻ، گهڻو کاڌو کائڻ، گهرج کان وڌيڪ ڪپڙا
۽ جتيون ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ، گهرن کي گهڻي ٺاهه
ٺوهه ڪرڻ ۽ انهن جو نامعقول نوع سان سينگارڻ فطري
نه پر غير فطري ضرورتون آهن. ۽ اهي ضرورتون فقط بي
انصافيءَ تي بيٺل ۽ بي انصافيءَ سان هلندڙ سماج ۾
پيدا ٿين ٿيون ۽ موجود رهن ٿيون. بي انصاف سماج کي
بقا ۽ دائميت جو پروانو انساني تاريخ جي ڪنهن به
دور ۾ ميسر نه رهيو آهي. اُهو بدلجندو آيو آهي،
بدلجڻ لاءِ آهي، ۽ بدلجڻوئي آهي. بيماري رهي پر
بيماريءَ جي علامتن کان آجائي ٿئي، ائين نه ٿيندو
آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو. (19-7-1984ع) |