سچ
جو گڻ
سچ
چوڻ، حق ماڻڻ ۽ ڪوڙ اڳيان ڪنڌ نه جهڪائڻ وارا گڻ،
پاڻ ۾، در اصل اهڙيون لازوال حقيقتون رکن ٿا، جيڪي
انسان جي عظمت جو ثبوت ۽ ان جو معراج آهن. ظالم ۽
ڏاڍ جي قوتن خلاف جدوجهد ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽
آزمائشن کي جرئت ۽ ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ ۽
بامقصد زندگي گذارڻ ئي فرد توڙي قوم لاءِ اصل ۾
زندگيءَ جو سرمايو آهي.
ڪربلا جي ميدان ۾ جڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام
کي پنهنجن ٿورن ساٿين سميت شهادت نصيب ٿي، تڏهن
يزيد سمجهيو ته هن پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف طاقت
کي ختم ڪري ڇڏيو. پر ائين نه ٿيو، ۽ ثابت ٿيو ته
حقيقت ۾ ظلم ۽ ڏاڍ واريون طاقتون سک جو ساهه کڻڻ
کان محروم ئي رهجي وڃن ٿيون.
تاريخ ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. اهو سمجهندي به
ته ظلم، زبردستيءَ ۽ بي انصافيءَ وارو رستو تمام
اوکو ۽ ڳنڀير آهي، جتي قدم قدم تي رڪاوٽون آهن ۽
انيڪ قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. دنيا جي عظيم
انسانن ثابت قدم رهي، پنهنجي جدوجهد کي قابل رشڪ ۽
ان جي مقصديت کي مقدس بنائي ڇڏيو. اها ئي ايمان جي
بلند ترين ۽ افضل ترين صورت آهي.حضرت امام حسين
عليہ السلام حق ۽ انصاف لاءِ ظلم ۽ زبردستي ڪندڙ
باطل قوت يعي زيديت کي للڪاريو. اُن خلاف حق جو
نعرو بلند ڪيو، ۽ بي انصافيءَ ۽ ڪوڙ جي بنياد تي
کڙي ڪيل اُن عمارت کي لافاني قرباني ڏيئي ڪيرائي
پٽ ڪيو.(18- 10- 1984)
- م.
ش. پ
پئسي
جو قدر
پئسو
ڪمائبو به آهي، خرچ به ڪبو آهي. پئسو بچائبو به
آهي، وڃائبو به آهي. پئسو پاڻيءَ جيان هاربو به
آهي. ڌوڙ جيان اُڏائبو به آهي. پئسو پير به آهي،
هٿ جو مير به آهي، ڪي پئسي لاءِ سڄي ڄمار سڪن، ڪي
ان سان رانديون ڪندي مرن، ڪي پئسي جا پٽ، ڪي
پوڄاري، ڪي پئسي تي دين ڏين، ڪي دنيا، پئسو دوزخ
جو ڌڙڪو به آهي، جنت جو آسرو به۔ پئسو گناهه جو
ڪارڻ به آهي، ڍڪ به آهي. پئسو خون به ڪرائي،
خونيءَ کي ڇڏائي به. پئسو عزت ۽ شرافت جو شان، صحت
۽ ذهانت جو سامان آهي. پئسو شاهه شهنشاهه، هر
درد جو درمان، هر مشڪل آسان، مهربان قدر دان
آهي. پئسي سان پيار به ملي، يار به ملي. پئسي سان
سڀ ملي، ري ڳولئي رب ملي.
پئسي
جون اِهي سڀ وصفون ڪنهن ڳڻپ ۾ ڪينهن. اِهي سڀ جون
سڀ اُنهيءَ جهوني زماني جون آهن، جڏهن اڃا جهاز ۽
موٽر نه هئا. جڏهن اسان جن بزرگن ريل ڪانه ڏٺي
هئي، ۽ سوداگر اُٺن جا قافلا ڪري هلندا هئا. تڏهن
نه سڄي ملڪ ۾ ريڊيا هئا، نه ٽي ويون ۽ وي-سي- آر.
اڄ جڏهن زندگيءَ جون ضرورتون ۽ آسائشون بيحد بنجي
ويون آهن، ۽ اقتصادي اڻ –برابريءَ جي ڪري هزارين
مسئلا موجود ٿي ويا آهن. تڏهن پئسي جي ڪم ۽ ڪارج
جو ڪاٿو ئي نه رهيو آهي. پئسي جون هاڻي ظاهر
معاملن کان سواءِ جيڪي به اڻ لکيون سرگرميون آهن،
تن سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي عجب ذهني مونجهارن ۾
مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انسانن جي اڪثريت هڪ خطرناڪ
نفسياتي ڪشمڪش جو شڪار ٿي رهي آهي. جيڪي ملڪ پٺتي
پيل آهن، تن ۾ پئسي جون اِهي اڻلکيون نظر نه
ايندڙ سرگرميون ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهيون آهن،
جيڪي سڌيءَ طرح فردن ۽ خاندانن کي اهڙيءَ ريت
متاثر ڪري رهيون آهن، جو اُهي ائين ڪرڻ لاءِ پاڻ
کي مجبور پيا ڀانئين، جيئن پئسو کانئن ڪرائڻ چاهي
ٿو- جيتوڻيڪ ماڻهن جي تمام وڏي اڪثريت ائين ڪرڻ جي
سگهه نٿي رکي. اِهو ئي نقطو آهي، جتان اسان جا
اڄوڪا سمورا سماجي مسئلا ڦٽي نڪرن ٿا. هر قسم جي
اجتماعي برائي، هر قسم جو ڏوهه، هر قسم جي
بدعنواني ته عام ٿي رهي آهي، پر ذاتي ۽ خانداني
زندگيءَ ۾ جيڪي انيڪ انفرادي مونجهارا اُڀري آيا
آهن، تن جو منڍ به اِهو ئي آهي، جو گهڻائيءَ وارا
ٿورائيءَ وارن جيان هلڻ لاءِ مجبور آهن.
ٿورا
ماڻهو پئسي ۾ ايڏيءَ بڄت وارا آهن، جيڪي اوچي
معيار واري زندگي گذارڻ جي سگهه رکن ٿا، ۽ هنن
دنيا جون سڀ آسائشون پاڻ وٽ ڪٺيون ڪري ورتيون آهن:
جن کي ڏسي، پئسي جي اڻلکي اثر هيٺ، ٻيا ماڻهو پاڻ
لاءِ اُنهيءَ معيار ۽ اُنهن آسائشن جي سڌ ڪن ٿا ۽
پوءِ جڏهن سوڙ کان ٻاهر پير ڊگهيرين ٿا ته پنهنجي
لاءِ مصيبت پيدا ڪن ٿا. قرض گرويون، ضبطيون ۽
تنگدستيءَ جون سڀ حالتون اِنهيءَ طريقي جنم وٺن
ٿيون.
اِهو
پئسي جو ڪرتب آهي، جو هڪڙن لاءِ ڪمائڻ مسئلو آهي ۽
ٻين لاءِ خرچ ڪرڻ مسئلو آهي. جڏهن اها صورتحال
آهي، تڏهن ضروري آهي ته اسان مان هر هڪ هن خطرناڪ
سماجي مسئلي کي عمل ۾ پرچار جي ذريعي منهن ڏيڻ
لاءِ تيار ٿئي.
اسان
وٽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون رسمون آهن، جن تي
انهيءَ ڪري حد کان وڌيڪ خرچ ڪيو وڃي ٿو، جو زماني
۾ گلا نه ڪرائڻي آهي، ۽ جڏهن ٻيا سرنديءَ وارا
اِئين ڪن ٿا ته پوءِ مسڪينن کي به گهر ٻاري ڏياري
ڪرڻي پوي ٿي، مُئي جي خيرات جي ماني، طهر، شاديءَ،
سالگرهه، ۽ اهڙن ٻين ڪيترن موقعن تي جيڪي اجايا ۽
حدکان وڌيڪ خرچ ڪيا پيا وڃن، سي سنڌي سماج جي
هاڻوڪيءَ صورتحال ۾” ڏوهه“ سمجهڻ کپن- ۽ ڏوهه
سمجهي بند ڪرڻ کپن.
ڪمائي هرڪو ٿو، پر خرچ ڪرڻ هر ڪو نٿو ڄاڻي. خرچ
ڪرڻ هاڻي هڪ فن آهي: اِهو پنهنجين ضرورتن کي
سمجهڻُ، اُنهن جي اهميت مقرر ڪرڻ، ۽ اهميت آهر
ضرورتن تي پئسو خرچڻ جو فن آهي. ٻين وٽ سڀ ڪجهه
آهي، تنهن سڀ ڪجهه کي هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پئسي
هٿان بيوس بنائڻ بدران، پنهنجين بنيادي ضرورتن جي
پورائيءَ کي اوليت ڏيڻ کپي. اِها ڳالهه اسان کي
پئسي جو قدر سيکاريندي، ۽ اِن طرح اسين وڌيڪ ۽
بهتر سهولتون حاصل ڪري سگهنداسين.
هيءَ ڳالهه نه رڳو انفرادي طرح، پر اجتماعي طرح
به عمل ۾ اچڻ کپي: نه رڳو فردن ۽ خاندانن کي پر
سڀني عوامي ادارن ۽ سرڪاري کاتن، بلڪ خود رياست کي
به اها ذميداري محسوس ڪرڻ کپي ته هر سطح تي فضول
خرچيون بند ڪيون وڃن، جيئن عام ماڻهن جون بنيادي
ضرورتون بهتر طريقي سان پوريون ڪري سگهجن.
جيستائين پئسي جو صحيح ڪارج تسليم نه ڪيو ويندو،
تيستائين انفرادي توڙي قومي اوسر جي اُميد اجائي
آهي. (26- 7-1984ع - ش
.ا.ح
آزادي انعام
آزاديءَ جا انيڪ روپ آهن- جيترا جذبي، احساس ۽ عمل
جا روپ ٿي سگهن ٿا- جيترا خيال ۽ تصور جا، فڪر ۽
نظر جا، ذهن ۽ ضمير جا روپ ٿي سگهن ٿا.
وشال
نيري آڪاس تي ترندڙ کيرولي ڪڪرن جون قطارون، کنوڻ
جا تجلا ۽ گوڙ جون ڌڌڪارون، جهڙڦڙ ۽ مينگهه
ملاريون، وڻ ٽڻ ۽ گاهه گلزاريون، کيتن ۾ خوراڪ جا
ڀنڊار، باغن ۽ رنگبرنگي گلن جي بهار، سائيدار ۽
ميويدار درختن جي فرحت ۽ افاديت، درياهن ۽ واهن جي
پاڻيءَ جي موج ۽ اُنهن جي ڪنارن تي ملائم مٽيءَ
جي هنيانءَ مان اٿندڙ هٻڪار، پوپٽن ۽ ڀنڀورين جا
کيل ۽ ڀانت ڀانت جي پکيئڙڻ جون لاتيون، ڍنڍن ۽
تلائن ۾ ترندڙ مڇيون، آڙيون ۽ نيرڳيون، ماٿرين ۾
مغرور مورن جو ناچ، ميدانن ۾ هٺيلن هرڻن جون
ڊوڙون، هوا ۾ پکين جون اڏامون، بي انت بحر ۾ ڇولين
جو زور ۽ شور، پهاڙن تي برف جون چادرون ۽ جهرڻن جو
سنگيت، روشن ڏينهن ۽ چانڊوڪيون راتيون- اِهي سڀ
نظارا ۽ نمونا، انسان کي سندس اوائلي زندگيءَ کان
وٺي، روح جي راحت ۽ نظر جي طراوت سان گڏ، اُنهن کي
ماڻڻ ۽ چوڙڻ، انهن مان لطف اندوز ٿيڻ، انهن کي
پنهنجائڻ ۽ پنهنجو ڀانئڻ جو بيخوف اُتساهه ڏيندا
رهيا آهن.
قدرت
جي انهيءَ ڪشادي ماحول ۽ انسان جي وچ ۾ جيڪو ازلي
ناتو آهي، سو آزاديءَ جي سمورن روپن جو فطري
سرچشمو آهي، آزاديءَ جي سمورن جذبن ۽ احساسن جي
اوسر انهيءَ اوائلي نقطي کان ٿي آهي.
جنهن
کي اسين غلامي چئون ٿا، سا بنيادي طرح انهن ناتن ۾
اوپرائپ اچڻ جو نالو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ هرڪا
پنهنجي شيءِ پنهنجي نٿي رهي، هوائن ۽ فضائن مان
ڌاريائپ جي ڌپ اچڻ لڳي ٿي. جذبا ۽ احساس ٻوساٽجڻ
لڳن ٿا. ذهن ۽ ضمير مُڏا ٿيو پون. وڻ ٽڻ ۽ کيت
کرا، ماٿريون ۽ ميدان، درياهه ۽ واهه- ڌرتيءَ ۽
آڪاس جا سمورا نظارا ۽ نمونا ڪنهن غلام نظر کي اهو
لطف ۽ بهاري نٿا بخشين، جيڪو هڪ آزاد نظر کي اُنهن
مان حاصل ٿئي ٿو.
آزادي، اِن ڪري، قدرت جو املهه انعام آهي، ۽ اُن
کي هٿان نه ڇڏڻ، حاصل ڪرڻ ۽ سلامت رکڻ، قدرت جي
عين منشا آهي: ڌرتيءَ سان پيار ۽ اُن جي نظارن سان
نيهن نباهڻ، اِن ڪري، انسان جو فطري فرض آهي.
پنهنجي وجود جي آسپاس سان اِنهيءَ ازلي ناتي جي
ڪري ئي، انسان آزاديءَ خاطر پنهنجي سر ۽ ساهه جون
قربانيون ڏيئي سگهي ٿو.
آزاديءَ جا انيڪ روپ آهن. اسان کي اِن جي هر روپ
کي نکارڻو آهي. پنهنجي وجود جي آسپاس، هر نظاري
سان نينهن جو ناتو استوار رکڻو آهي. اِها قدرت جي
منشا آهي. اِهو اسان جو ازلي فرض آهي.
(2)
14
آگسٽ واري ڏينهن- پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ انگريزن کان
آزادي ملڻ واري ڏينهن- جي مناسبت سان، هن شماري ۾،
پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي
اُنهيءَ تقرير جو ترجمو ڏنو ويو آهي، جيڪا هُن
پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ جي پهرئين صدر
چونڊجڻ واري موقعي تي، اسيمبليءَ جي ميمبرن اڳيان
ڪئي هئي.
قائداعظم پنهنجيءَ پهرينءَ ئي تقرير ۾ جيڪي
ڳالهيون ڪيون آهن، سي ائين ئي ٻولائي ڪيون آهن ته
اُهي هن ملڪ کي هلائڻ لاءِ بنياد بنايون وڃن- ۽
بيشڪ اهي سڀ جون سڀ ڳالهيون ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ
لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿيون.
حڪومت جو پهريون فرض هُن اهو ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾
”امن امان رکيو وڃي ته جيئن مملڪت طرفان سندس رعيت
جي حياتين، ملڪيتن ۽ مذهبي عقيدن جو مڪمل طور تي
تحفظ ٿي سگهي.“
رشوت، بدعنوانيءَ، اقربا پروريءِ، سفارش،
پاسخاطريءَ چور بازاريءَ ۽ فرقيوار تعصب جي
بڇڙائين کي هُن سڀ کان وڏيون لعنتون ۽ هن ملڪ لاءِ
اهڙو خطرناڪ زهر ڪوٺيو آهي. جنهن کي فولادي هٿن
سان ختم ڪرڻ کپي.
اڄ
قائداعظم ڪونهي پر سندس ملڪ موجود آهي، جنهن جي
ستٽيهين سالگرهه جي موقعي تي اهو سوال اڃا ڪر کنيو
بيٺو آهي ته قائداعظم جي ڳالهين کي پاڪستان جو
بنياد ڄاڻي بيان فرمايو هو، تن جو ڇا ٿيو؟
پاڪستان ستٽيهين سالن دوران جن حالتن مان گذرندو
رهيو آهي، تن کي ڏسندي، ڪير چئي سگهندو ته
قائداعظم جي ڪيل هن ملڪ جي تعمير لاءِ تشخيص غلط
هئي؟ ڪير نه مڃيندو ته هُن جن ڳالهين تي عمل ڪرڻ
جي تلقين ڪئي هئي، تن تي عمل نه ڪيو ويو، ۽ هن
ڳالهين کي روڪڻ جي تاڪيد ڪئي هئي، تن کي روڪيو نه
ويو. پاڪستان جا بنياد وقت بوقت ڪهڙا ڄاتا ويا
آهن، اُهي ڪلهه ڪهڙا ٻڌايا ويا ۽ اڄ ڪهڙا ٻڌايا
وڃن ٿا، تن سڀني جي ڀيٽ ۾ قائداعظم جيڪو بنيادي
نڪتو ملڪ جي خوشحاليءَ شادابيءَ لاءِ بيان فرمايو
آهي، سو فقط هڪڙو آهي ۽ اهو هيءُ نه.
”اسين جيڪڏهن چاهيون ٿا ته پنهنجي هن عظيم ملڪ
پاڪستان کي خوش ۽ شاداب بنايون ته اسان کي دليون
جانيون عوام جي ڀلائيءَ لاءِ، ۽ خاص ڪري عام ماڻهن
۽ غريبن جي ڀلائي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏڻو
پوندو.“
پاڪستان جي جشن جي مبارڪ موقعي تي، هر فرد کي
پنهنجو پاڻ کان ۽ هڪ ٻئي کان پڇڻ کپي ته قائداعظم
جي ملڪ جا بنياد ڪيڏانهن ويا؟ (16- 8- 1984ع )
- ش. ا.ج
محنت
۽ محبت
انسان عمل ۽ جذبي جي وصفن جو ميل آهي. عمل خارجي ۽
جذبو داخلي وصف آهي. عمل انسان جي ٻاهر واريءَ
دنيا ۾ پنهنجي ڪارفرمائيءَ ڏيکاري ٿو، ۽ جذبو
انسان جي اندر واريءَ دنيا ۾ پنهنجي منڊلي مچائي
ٿو. عمل جسم جي چرپر سان ۽ جذبو روح جي زغبت سان
وجود ۾ اچي ٿو. ڌرتي تي قدرت جي ڪارنامن سان گڏ
جيڪي به نرالا نظارا نظر اچن ٿا، سي انساني عمل جا
شاهڪار آهن: ۽ انساني سماج ۾ جيڪي به لڳ لاڳاپا
وجود ۾ آيا آهن، سي انساني جذبي منجهان اُسريا
آهن، عمل ۽ جذبو، اِن طرح، انسان جي سموري ظاهر ۽
باطن جي علامت آهن ۽ سندس سموري سڃاڻپ اِنهن ٻن
علامتن سان ٿئي ٿي.
انسان جي سمورين عملي سرگرمين جي سُرخي ”محنت آهي،
۽ سمورن انساني جذبن جي شانداري ”محبت“ آهي.قدرت
جا اِهي ٻيئي عظيم عطيا، انسان جي زندگيءَ جو مقصد
آهن. اِن لاءِ ته انسان محنت سان هن ڌرتيءَ کي
سهڻو ۽ وڻندڙ بنائي، ۽ محبت سان اُن تي خوش گذاري.
انسان ابتدا کان، محنت ۽ محبت جي سهاري، ڌرتيءَ تي
سونهن ۽ سرهائيءَ جي پوک پچائيندو رهيو آهي. پر
الائي ڪيئن، خدا جي خدائيءَ جا دشمن انسان ذات جي
نسل ۾ گهڻي زماني کان شامل ٿي ويا آهن، جيڪي
ماڻهن جي محنت تي ڌاڙا هڻن ٿا، اُنهن جي ڪيل
ڪمائيءَ کي تباهه ۽ برباد ڪن ٿا، جي محبت جي جاءِ
تي نفرت جو ٻج پوکين ٿا. اِن طرح، اُهي قدرت جي
منشا ۽ زندگيءَ جي مقصد کي مڪمل ٿيڻ کان روڪين ٿا.
اِهو ڪم هو ڌرتيءَ جي هر حصي ۾ ڪن ٿا، ۽ عمل ۽
جذبي، محنت ۽ محبت، سونهن ۽ سرهائيءَ جي سمورن
شعبن ۾ ٽنگ اڙائين ٿا. سياست، مذهب، ادب، تعليم،
تاريخ، اقتصاد- سڀني ميدانن ۾ هيءَ انسان- نما
مخلوق، انسان ذات سان جنگ جوٽي ٿي. اِن لاءِ هوءَ
بم بارود ٺاهي ٿي، جيٽ ۽ ميزائيل جوڙي ٿي، توبون ۽
ٽئنڪون تيار ڪري ٿي، فوج جي ڀرتي ڪري ٿي ۽ فوجي
اڏام قائم ڪري ٿي- ۽ انهن تي جيڪي رقمون خرچ ٿين
ٿيون، سي انسانن کان وصول ڪري ٿي. ان طرح انسان
ذات جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ پوي ٿي. کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي
پوي ٿي، ۽ سندس ڪيل محنت اجائي وڃي ٿي. محبت ۽
پيار جي ماحول ۾ خوف ۽ حراس پيدا ٿئي ٿو.
گذريل 18 سيپٽمبر تي سڄيءَ دنيا ۾ ”امن جو عالمي
ڏينهن“ ملهايو ويو، اِهو ڏينهن اقوام متحده جي
جنرل اسيمبليءَ پاران 1981ع ۾ مقرر ڪيو ويو هو،
ته ”امن ڏانهن انسان ذات جو جوابداريءَ جي هر
نموني ۾ اظهارُ ڪرڻ لاءِ اقوام متحده ۽ سندس ميمبر
ملڪن توڙي سڄيءَ انسان ذات جي ڪوششن کي يڪجا ڪري
سگهجي.“ ان موجب، سڄيءَ دنيا جي دانشورن جو فرض
آهي ته انسانن جي محنت جي رکوالي ڪن، ۽ وٽانئن
کسيل پورهئي کي موٽائڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ ڌرتيءَ تي
محبت جي ماحول کي مچائڻ لاءِ متحد ٿين.
سنڌ،
جيڪا صوفين ۽ سنتن جي سنواريل سر زمين آهي، تنهن
وٽ پيار ۽ پورهئي جو سنهيو آهي، اسان جي هر هڪ
سڄاڻ کي هن سال اِنهيءَ سنهيي تي هلڻ کپي. اچو
ته جنگ ۽ جنگبازن خلاف پنهنجي عمل کي يڪجا ڪريون،
اچو ته امن ۽ آسودگيءَ لاءِ پنهنجي جذبي کي عام
ڪريون. اچو ته محنت ڪريون ۽ اچو ته محبت ڪريون!
(27- 9- 1984ع - ش.
اک ح
مادري ٻوليءَ ۾ تعليم
تعليم انسان جو زيور آهي. تعليم آهي ته سونهن
آهي، سڀيتا آهي. تعليم انسان کي بهادر بنائي ٿي،
سچ ۽ بيباڪيءَ جو سبق سيکاري ٿي، انسان جي شخصيت
کي سينگاري ٿي سندس علم ۽ اهليت ۾ اضافو آڻي، کيس
اعليٰ صفتن وارو انسان بنجڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
ملڪ
جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون اِن لاءِ آهن ته
اُهي نئين نسل کي پڙهائي پختو ڪري، سٺا هنرمند،
ڊاڪٽر، انجنيئر، اقتصادي ماهر، ذهين پروفيسر،
سياستدان، سائنسدان ۽ دانشور بڻائي، کين پنهنجي
معاشري جي تحفظ، تعمير ۽ ترقيءَ جي صلاحيت عطا ڪن.
انسان کي ڪائنات جي افضل ترين مخلوقات هئڻ جو شرف
ان ڪري حاصل آهي، جو منجهس ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا اِهي
امڪان موجود آهن، هو اڃا ٻار ئي هوندو آهي ۽ ماءُ
جي هنج ۾ هوندو آهي، ته مشاهدي جي لاشعوري سلسلي
سان گڏ اول اول هو پنهنجي ماءُ جي ٻولي سکندو آهي.
ماءُ جي اها ٻولي ئي ٻار لاءِ ان جي آسپاس جي ڄاڻ
جو ذريعو بڻجي ٿي.
دنيا
جي عالمن جو يڪراءِ فيصلو آهي ته ٻار لاءِ، اڳتي
وڌي، معاشري جي ابتدائي ۽ اعليٰ رسمي تعليم جي
حاصل ڪرڻ جو بهترين ۽ آسان ۾ آسان ذريعو به مادري
ٻولي آهي. مهذب معاشري ۾ اِها سڄي تعليم فرد جو
اصلي ۽ فطري حق آهي. جيڪڏهن اُن فطري ۽ اصلي حق کي
ماڻڻ هن لاءِ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوي ۽ اُن جا
بنياد غلط، خلاف فطرت ۽ ڌاريائپ جي زمين تي ٻڌجي
وڃن، ته پوءِ انسان جي انفرادي توڙي اجتماعي
زندگيءَ جو جاندار اثباتي تصور به بي معنيٰ ۽ بي
بنياد بڻجي ويندو. انهيءَ ڪري ئي دنيا جي هر ملڪ ۽
معاشري ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به
هڪ اهڙو ئي فطري ۽ اصل انساني حق مڃيو ويو آهي،
جهڙو خود تعليم حاصل ڪرڻ جو حق تسليم ٿيل آهي.
اسان
کي ۽ اسان جي ٻارن کي پنهنجي ملڪ ۾ اِن پنهنجي
فطري ۽ بنيادي حق جي ماڻڻ جو ڪيتري قدر موقعو ۽
سهوليت حاصل آهي ۽ اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي تعليم
جي ذريعي جي حيثيت ۽ اهميت اسان جي اسڪولن، ڪاليجن
۽ يونيورسٽين ۾ ڪيتري مليل آهي، ۽ اُن ۾ اسان جي
حڪمرانن وڏن توڙي ننڍن، مرڪزن توڙي ڪَنن تي ويٺل-
چاٽو مکين مثل ڀڻ ڀڻ ڪندڙ مڪاني عملدارن جي خلوص
جو ڪيترو ثبوت ڏٺو وڃي ٿو، اِن جو هلڪو مثال سنڌ
جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر يا
ميرپورخاص وغيره جا اسان جا ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي ميڊيم
پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن، جن ۾ اسان جن پنجن
کان ڏهه في سيڪڙي ٻارن کي مس سنڌي ذريعي تعليم جا
موقعا ملي ٿا سگهن. سنڌ جي هِنن ۽ ٻين وڏن شهرن جا
پاڙن جا پاڙا، سنڌي ميڊيم اسڪول جي سهولت کان
محروم آهن. ۽ سنڌي ٻار اُتي اردو ميڊيم ذريعي
تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿيل آهن. نتيجي ۾ اسان جي
ٻارن جي اهليت متاثر ٿئي ٿي، ۽ اسان جي سڃاڻپ ۽
اسان جي ساڃاهه اسان کان کسجي ٿي.
نه
رڳو اسان وٽ پر عالمي طور اها مڃيل حقيقت آهي ته
سنڌي ٻولي دنيا جي شاهوڪار ٻولين مان هڪ آهي، جا
هر ميدان ۾ اسان لاءِ ڪافي هجڻ جي اهليت رکي
ٿي.1973ع واري آئين هيٺ، جنهن جي مقبوليت ۽ تقدس
جو ملڪ ۾ وڏو چرچو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي ذريعي
تعليم طور ۽ پڻ سنڌ ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور قانوني ۽
آئيني حيثيت تسليم ٿيل آهي، هئڻ ته ائين گهرجي ها،
جو اختياريءَ وارن طرفان جوڳا قدم کڻي،گهرُڻ کان
اڳ ئي، سنڌي معاشري جي هنن اهم ۽ بنيادي انساني ۽
شهري گهرجن طرف صحيح رويو اختيار ڪري، کين مبهم
سوچ تي مجبور ٿيڻ کان بچائجي ها. پر شايد سنڌ ۽
سنڌين جي ٻين لاتعداد بنيادي مسئلن ۽ ضرورتن
وانگر، رڳو هن فطري انساني تعليمي گهرج طرف به
ڌيان نه ڏيڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، ته جيئن هيءُ
معاشرو، سياست ۽ معاش جي ميدانن سان گڏ سماجي ۽
تهذيبي طور به ڪنگلو، پنگلو ۽ ڪانيارو رهڻ تي
مجبور هجي.
اهڙيءَ حالت ۾ خود اسان تي، اسان جي باشعور ۽
ذميدار تهذيبي ۽ سماجي اڳواڻ فردن تي، ئي اِن
سلسلي ۾ وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي. پنهنجي مادري
ٻوليءَ ۾ تعليم جي حق ماڻڻ کان اسان جي ٻارن کي
جيڪڏهن محروم رکيو وڃي ٿو، يا ان جي اهميت کي ڪن
ٻين طريقن سان گهٽايو يا ٽاريو ٿو وڃي، ته پوءِ
اسان کي لٿي پٿي پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرجي. هڪ ته
پرائيويٽ اسڪول کولڻ تي ڪا پابندي ناهي، ٻيو ته
وفد ٺاهي، انگ اکر گڏ ڪري، پنهنجن تعليمي حاڪمن جي
آفيسن ۾ وڃي. انهن جي ڪرسين کي ڌوڏڻ کان اسان کي
ڪير نٿو روڪي سگهي. اُن لاءِ اسان کي هر وڏي شهر ۾
پنهنجيون سنڌي ميڊيم ايڊيوڪيشن ڪاميٽيون قائم ڪري،
سنڌي ذريعي تعليم جا اسڪول ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پاڻ
به کولڻ گهرجن، ۽ اِنهن تعليمي حاڪمن جون ننڊون به
ڦٽائڻ گهرجن. سنڌ ۾، وڏن شهرن ۾، جتي جتي اهڙي
قومي وجود ۽ قومي ناموس جي تحفظ جي هن بنيادي
خدمت جي ضرورت آهي، اُتي اسان جي سرنديءَ ۽ سُرت
وارن ماڻهن جي ڪمي به ڪانهي. اُنهن کي گڏجي اهڙين
تعليمي ڪاميٽين وسيلي هن اهم ۽ بنيادي ڪم ۾ وڌي هٿ
وجهڻ گهرجي. اسين سنڌ جي سرمائيدارن، سيٺين، اعليٰ
آفيسرن ۽ ٻين مراعات يافته صاحبن تي تنقيد نٿا
ڪرڻ چاهيون، صرف کين سندن فرض ياد ڏيارڻ گهرون ٿا.
جنهن سان سندن پنهنجو ۽ پنهنجن نسلن جو ئي مستقبل
موچارو ٿيندو. جيڪڏهن اسان جا تعليمي حڪمران واقعي
تمام گهڻا ئي ڏاها آهن يا مجبور آهن ۽ اسان کي
تعليم جي اِن بنيادي حَق ڏيڻ يا اِن نسبت اسان جي
ٻارن لاءِ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ کين عار يا
اعتراض آهي يا انهن جي آڏو ڪا گهاڻي آهي، ته پوءِ
اسان کي ميمڻ جماعت، اسماعيليه جماعت ۽ اهڙين ٻين
نجي تنظيمن جا مثال سامهون رکي، هن سلسلي ۾ ضروري
۽ موثر قدم کڻڻ گهرجن. اِن سلسلي ۾ اسين سنڌ
گرئيجوئيٽس ايسوسيئيشن جو پڻ ضرور ذڪر ڪنداسون،
جنهن جي تحريڪ سان، ٿورائي سهي پر ڪاميابيءَ سان،
”روشن تارا“ اسڪول ڪن ڪن هنڌن تي هلي رهيا آهن
اسان کي يقين آهي ته هن ڳالهه ۾ جتي اسان جا
تهذيبي ۽ سماجي طور باشعور اڳواڻ، بزرگ ۽ اسان جو
مالدار طبقو پنهنجي ايثار ۽ فرض جو ثبوت ڏيندا،
اُتي اسان جا زنده دل نوجوان ۽ دانشور پڻ رضاڪار
خدمتگذارن طور پٺتي ڪين رهندا، ائين اسين، خاص
وڏن شهرن ۾ رهندڙ، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ۽ پنهنجي
پنهنجي وس آهر، پنهنجن ٻچن جي مستقبل کي، پنهنجي
قومي مستقبل کي، بچائڻ ۽ شاندار بنائڻ ۾ پنهنجا
فرض ۽ پنهنجون ذميداريون ڪافي ڪنهن چڱيءَ حد
تائين نڀاهي سگهون ٿا.
(4-
9- 1984ع -
م.ا.ج
عيد مبارڪ
”هدايت“جي محترم پڙهندڙن جي خدمت ۾ عيد مبارڪ.
خوشيءَ ۽ خريد جي هيءَ مند هرڪو پنهنجي حال آهر
ملهائي ٿو. گهر توڙي گهٽي ۾، کاڌي ۽ ڪپڙي جي بهار
هوندي آهي. پر عيد جو مقصد نه عمدن طعامن ۾ آهي،
۽ نه نون ڪپڙن ۾. حڪم ته اِئين آهي ته پنهنجي گهر
وارن سان سٺو سلوڪ ڪريو، پاڙي جي پر گهور لهو، ۽
بکين ۽ ڏکين، مسڪينن ۽ محتاجن جي مدد ڪريو. روزا
رکيا اٿوَ ته بکئي پئسٽ جو قدر ڪريو. عبادت ڪئي
اٿو ته انگ- اگهاڙن تي ڪهل ڪريو. عيد ملهايو ٿا ته
ماڻهن جي ميڙ ۾ مايوس مهانڊن جي حسرتن کي پڙهو.
عيد ملو ٿا ته اگلن ۽ گدلن کي گلي لڳايو. خرچ
ڪريو ٿا ته بيمارن کي صحت وٺي ڏيو، بيعملن کي علم
جي روشني وٺي ڏيو.حيثيت رکو ٿا ته بيروزگارن کي
روزگار وٺي ڏيو، لڙڪ لاڙيندڙن کي مرڪ وٺي ڏيو. ۽
حياتيءَ کان تنگ آيلن کي جيئڻ جو حق وٺي ڏيو.
عيد
ڪو هڪڙي ڏينهن جو ڏيک ڪونهي. روزن جي رياضت، عمل
جي دائميت لاءِ آهي، عيد جي خوشي، خوشيءَ کي
دائمي طرح عام ڪرڻ لاءِ آهي.
شال
اسان جا جهانگي ۽ وانگي، ڌنار ۽ پنوهار، سدا سکيا
رهن: شال اسان جا مارون ۽ مالوند، ڳڀرو ۽ ڳنوار،
سدا جيئن ۽ کير پيئن: شال اسان جا دودا ۽ جوڌا،
سورهيه ۽ سرويچ، سدا سلامت ۽ سگهارا رهن: شال اسان
جون مارويون ۽ موملون ٻايون ۽ ٻاگهيون، سدا
مرُڪنديون ۽ مُرڪنديون رهن: شال اسان جا کيت ۽
کرا، لانڍيون ۽ اوطاقون دائم ۽ قائم رهن؛ شال اسان
جي ڏيهه مان ڏڪاريا ۽ موذي سڀ مرن: شال سنڌ مٿي
سدائين سڪار رهي، شال سڀ عالم سدا آباد رهي!
”سائينم سدائين ڪرينِ، مٿي سنڌ سڪارَ،
دوست
تون دلدارَ، عالَمَ سڀ آباد ڪرين!“
(28-6-1984ع) - م-
ا. ج |