سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 4

صفحو : 8

مولوي نظاماڻي مرحوم جي مخالفانه ۽ هجويه انداز ۾ لکڻ سبب، ڪيترائي طوفان کڙا ٿيا ۽ ڪيس ٿيا جن مان ڪن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. سندس فرزند کان هڪ ٻيو واقعو معلوم ٿيو آهي. هڪ دفعي مولوي صاحب ٽنڊي الهيار ريلوي اسٽيشن تي ويٽنگ روم ۾، ريل جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، جتي قاضي يار محمد نالي هڪ ماڻهوءَ، پنهنجي اثر رسوخ تي، کيس اتان زوريءَ ڪڍرايو. مولوي صاحب غصي ۾ موٽي اچي، قاضي صاحب تي هڪ هجو نظم لکي اخبار ۾ ڇپي ڇڏي. پوءِ اچي ممڻ متو. مٿائنس حيدرآباد ۾ بدناموسيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هلندي هلندي ان ڪيس جي سلسلي ۾، مولوي صاحب کي ڪورٽ سڳوري 50 روپيه ڏنڊ رکيو. هاڻي پئسه مولوي صاحب وٽ ڪٿان اچن. هو ته ”ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جو مڪمل نقشو بڻيل هو. آخر سندس همدرد ۽ يار مرحوم الله بخش ٽالپر اهي پئسا ادا ڪيا. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڍوري ناري وارو سگهو پلي سندس مڙئي مالي مدد ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي هن سان مولوي صاحب هڪ وڏي هام هنئي. کيس چيائين ته هو فردوسيءَ جي سڄي شاهنامي جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. بشرطيڪ هو کيس هڪ شعر هڪ پيسي جي حساب سان، معاوضو ادا ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي. شايد پلي صاحب مرحوم تيار نه ٿيو پر ان واقعي مان هيءَ ڳالهه معمولي ٿئي ٿي ته مولوي نظاماڻي غضب جو شاعر پڻ هو ۽ ان سلسلي ۾ پاڻ تي وڏي خود اعتمادي هيس.

هڪ روايت مطابق، ”طيراً ابابيل“ جي آخري اشاعت ۾، مرحوم نظاماڻيءَ هندن جي خلاف هڪ ڊگهو شعر لکيو ۽ ڇپيو هو. پر ان وچ ۾، سرڳواسي ڄيٺمل پراسرم کي ان جو پتو پئجي ويو. کيس اهو به معلوم ٿيو ته اهو ”غضب ناڪ“ شعر اخبار ۾ ڇپجي ته ويو آهي پر اخبار اڃا پڌري نه ڪئي وئي آهي. هندو مسلم اتحاد جو حمايتي؛ ڄيٺمل رات پيٽ ۾ مولوي صاحب وٽ پهچي ويو ۽ کيس اخبار جي تياري تي سموري خرچ ادا ڪرڻ کانپوءِ ، ان اشاعت مذڪوره کي ضايع ڪرڻ تي آماده ڪري ورتائين.

مختلف موقعن تي، مولوي نظاماڻي ڪيترائي شعر ۽ نظم لکيا جيڪي سندس اخبارن ۾ موقعي جي مناسبت سان، شايع ٿيندا رهيا. مولوي صاحب جا ڪيترائي تلخص هئا جهڙوڪ نور، انور، عرشي ۽ ملا وغيرهه. چون ٿا ته مولوي صاحب جو آواز ڏاڍو مٺو هو جنهن ڪري هو پنهنجا اشعار اڪثر الحان سان پڙهندو هو جنهن مان ٻڌندڙ گهڻو محفوظ ٿيندا هئا. مرحوم مولوي صاحب اڪثر ڪري مرحوم ”مخلص“ جي اشعار جا جواب اشعار ۾ ڏيندو هو ۽ اها عادت ”مخلص“ جي به هئي. مرحوم ”مخلص“ قوم جي حالت زار تي چند اشعار چيا جن جو آخري شعر هي هو:

”ويو سڄو سامان ٿي نيلام رستن تي ادا

مخلصا! برباد ٿي ويو اڄ سڄو دڪانِ قوم.“

 

عادت مطابق، ان سڄي شعر جو، مرحوم نظاماڻي ”انور“ جواب ڏنو ليڪن هتي اخبار لاءِ، ”مخلص“ جي مٿئين آخري شعر جو جواب ڏجي ٿو:

”مفلسي کان ٿي نه هرگز يا مخلص تون ملال

نور اسلام آه جنهن وٽ سان نه بي سامان قوم.“

هاڻي هتي ”نور اسلام“ جو استعمال ذومعنيٰ وارو آهي. ان کان مراد عام اسلام جي روشني به آهي ۽ ساڳئي وقت، صحافتي حريفانه انداز جي جهلڪ ڏيکارڻ لاءِ سندس اخبار ”نور اسلام“ جي انفرادي حيثيت ڏانهن اشارو به آهي.

 

هتي، نموني طور، سندس هڪ اهڙو شعر ڏجي ٿو جنهن جو، اتفاق سان، تعلق صحافين سان آهي ۽ ان جو عنوان آهي”دنيائـﻶ صحافت جو داستان، غم“:

 

اچي ڦاٿا ڏسون ٿا هر طرف کان هاءِ ويچارا،

غريب اخبار وارا، اڄ بلائـﻶ ناگهاني ۾.

وسي اڏي پئي بارش حوادث جي پريسن تي،

نه دم باقي رهيو مطبع ڪنهن هندوستاني ۾.

پون پيون روز مالي مشڪلاتون نت نيون تن تي،

پريشان دل رهي دائم ٿي ڪاغذ جي گراني ۾،

ڪٿي آهي ڊفيميشن ڪڏهن خطرو بغاوت جو،

ٿي گذري زندگي ڪلڪ روان جي پاسباني ۾.

وڌي محصول ويو ويتر وري جو پوسٽ کاتي جو،

اضافو تنهن ڪيو هيڪاري غمهائـﻶ نهاني ۾.

سحر کان شام تائين دم کڻڻ جي نا فرصت ڪا،

وئي عمر روان سڀ ڳڻتين ۽ غم گراني ۾.

مليو انعام تن کي خلق جي خدمت جي بدلي هي،

جگر کي زخم سان گڏجي نمڪ پاشي نشاني ۾.

اچي ٿي روز نئين قانون جي تلوار نئين سر تي،

عجب لطف آه هي هن عدل پرور حڪمراني ۾.

بهانو جي ملي ويو ڪوبه ٿورو هن حڪومت کي،

ته پوءِ هرگز نه ٿيندي دير ڪا خنجر رواني ۾(1)

اچي ڪهڙو هي نازل ٿيو غريبن تي غصب يا رب،

بجا آسودگي ٿيندا وڃن محتاج مانيءَ ۾.

رهي اخبار وارن جي اها آهي اچي قسمت،

فنا ٿيندا وڃن جيئري ئي هو هن دار فاني ۾.

زمين ٿي تنگ ۽ پڻ آسمان ٿيو دور اي ”انور“

زبان جن جي قلم ٿي وئي اهي ڪاڏي وڃن آخر. (2)

ممتاز صحافي خير محمد اوحدي لکي ٿو:

”نور محمد نظاماڻي پنهنجون صحافيانه صلاحيتون گهڻو ڪري آريه سماج جي هندن جي شرارتن خلاف استعمال ڪيون. هو ان کي جهاد سمجهندو رهيو ۽ جهاد سمجهي ئي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان شايع ٿيندڙ آريه سماجي اخبارن سان لڙندو رهيو. هن پنهنجي قلم کان ترار جو ڪم ورتو ۽ ٽنهي اخبارن (يعني نور اسلام، طيراً ابابيل ۽ مرغ فلڪ) کان محاذ جنگ جو هو پنهنجي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي بخشش جو پورو پورو بندوبست ڪري، دنيا کان آخر ڏانهن روانو ٿيو.“ (1)

9- سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي:

”ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.“

مٿئينءَ سٽ واري سير هيٺ، سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، حيدرآباد مان، 1916ع ۾ جاري ڪيل سندس اخبار هندواسيءَ (2) ۾ هڪ مضمون لکيو ۽ ڇپيو هو جنهن جي نتيجي ۾، سرڪار وقت ان کي بغاوت جو بهانو بڻائي، کيس ٻه سال قيد ڪيو هو.

اهو ٿيو هئين جو 1919ع ۾ رولٽ ايڪٽ تان، دهلي ۾ ماڻهن فساد ڪيا جنهن تي حڪومت سختيءَ واري پاليسي اختيار ڪندي ڪيترن کي قيد ڪيو ۽ مختلف سزائون ڏنيون. جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ سخت تاءُ ۽ کينچاتاڻي پيدا ٿي هئي. ان کان اڳ، 1918ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ائني بيسنت ”هوم رول ليگ“ جاري ڪئي ته مسٽر ڄيٺمل ان ۾ ان ڪري شامل ٿيو هو جو هو ٻين ڪيترن سنڌي قومي ليڊرن وانگر (جن ۾ مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ به شامل هو) هن مائي محترمه جي ٿياسافيءَ وارن خيالن کان گهڻو متاثر ٿيو هو. رولٽ ايڪٽ خلاف مظاهرا ڪيا ويا ۽ جا بجاءِ هڙتالون ٿيون. اهو مذڪور مضمون انهن مظاهرين جي فائدي ۽ تائيد ۾ کليو ويو هو جنهن ڪري انگريز سرڪار ناراض ٿي پيئي. ان مضمون جي سري لاءِ ڄيٺمل پرسرام، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو هيٺيون بيت منتخب ڪيو هو:

اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سانباهيا،

ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،

ڪلالڪي هٿ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.

ان مضمون پڇجڻ تي، حڪومت کي ان مان بغاوت جي بوءِ آئي ۽ الزام هنيو ويو ته ماڻهن کي قتل ۽ جنگ لاءِ اڀاريو ويو آهي. ڪيس هليو ۽ سندس بچاءُ ۾ بمبئي جو مشهور وڪيل بئريسٽر مسٽر بئپستا دليل بازي ڪئي ليڪن کيس ٻه سال سزا ڏني وئي ڇو ته اهو ان ڏينهن وڏو ڏمر هو. جڏهن 1920ع ۾ ڄيٺمل آزاد ٿيو، تڏهن حيدرآباد ۾ سندس جلوس ڪڍيو ويو هو. اهي ڏينهن ئي اهڙا هئا. جيل دوران، مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”ترنگ جو تيرٿ“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو جنهن ۾ اتي جي سموري احوال کي ادبي انداز ۾ سهيڙيو هئائين.

دراصل ويهين صديءَ جي شروع ۾، سنڌ ۾ سياسي سجاڳيءَ جو هڪ اهم ڪارڻ ٿياسافيءَ جي تبليغ بڻبي هئي جيڪا ايني بسنيت جي سڀني مذهبن جي پوئلڳن جي خير واري جذبي سان هڪ هلچل جي شڪل ۾ اٿي هئي. ڄيٺمل پرسرام جيڪو مذهبي تفرقي بازيءَ جي سڀاويڪ خلاف هو ۽ هندو مسلم اتحاد ۽ محبت جو وڏو حامي هو، تنهن کي هن نئين تحريڪ ۾ گهڻي ڪشش نظر آئي سو ان ۾ جنبي ويو. سنڌ ۾ جتي به ۽ جڏهن به هندو مسلم ڇڪتاڻ منهن ڪڍيو، ته هي شخص پير غلام حيدر سرهندي، سنتداس منگهارام ۽ ڊاڪٽر چمنداس وانگر ۽ انهن سان گڏ، ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. (1)

مٿئين مضمون جي نتيجي ۾، پاڻ ته جيل ۾ پيو پر اچي ان ڊپ ورايو ته سندس اخبار هندواسيءَ تي نه ڪو عذاب ۽ عتاب ڪري تنهن ڪري سندس غيرحاضريءَ ۾، ان اخبار کي، جئرام، گهنشام، چوئٿرام جي ساٿ واري سنڀال نصيب ٿي. 1920ع ڌاري ان جو نالو بدلائي ڀارت واسي  رکيو ويو جيڪا 1926ع ۾ بند ٿي ويئي. ڄيٺمل پرسرام ٿياسافيءَ جي پرچار لاءِ 1921ع ۾ ”روح رهاڻ“ رسالو حيدرآباد مان ڪڍيو ۽ بعد ۾ 1924ع ۾ ٻنهي کي ملايو ويو هو. وري ساڳيو اهو رسالو 1947ع ۾، ڄيٺمل ڪراچي مان ڪڍيو هو ۽ پنهنجي خدمت جاري رکي هئي. (1)

ماهوار، ”روح رهاڻ“ رسالي جو نالو، ڄيٺمل پرسرام شاهه ڀٽائي رحه جي هن مشهور بيت مان چونڊيو هئو:

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ

ته نه ڪي ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ- سسئي تان سور هئا.

اهو بيت، رسالي جي ٽائيٽل واري صحفي تي، ان جي زينت بڻيل هوندو هو جيڪو سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام جي طبعي لاڙي ۽ ذهني سوچ جي پوريءَ طرح عڪاسي ڪري ٿو. هن رسالي معرفت، مسٽر ڄيٺمل کي برقرار رکڻ ۾ وڏي هٿي ڏني. بعد ۾ ”روح رهاڻ“ جي ادارتي عملي ۾ ساڻس مرحوم مرزا نادر بيگ (فرزند مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ) به ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺس ۽ تصوف ۽ برهم وديا تي گهڻو ئي مواد  پڇجڻ لڳو هن رسالي ۾ هند ۽ سنڌ جي صوفين ۽ سنتن جا اقوال، احوال ۽ واقعات، ٿياسافيءَ جي ڄاڻن جون تقريرون ۽ تحريرون ۽ ٻيا اخلاقي، تعليمي ۽ سائنسي مضامين ۽ پڻ شاعري تي مبني گهڻو ئي مفيد مواد ڇپيو هو. رسالي جي ضخامت اڪثر ڪري 24 صحفا هئي ۽ سندس ساليانو چندو 2 رپيا هوندو هو.

ان کان علاوه ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ”پرڪاش“ ۽ انگريزي هفتيوار ”سنڌ هيرالڊ“ ۽ ”سنڌڙي“ اخبارون جاري ڪيون هيون. پهريون ٻه حيدرآباد مان ۽ پوئين ڪراچي مان نڪتيون. اهڙي طرح صحافت جي واڌاري لاءِ هن وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.

محترم جي-ايم- سيد جي راءِ ۾، ڄيٺمل پرسرام ساري عمر هارين ۽ مزدورن جو حامي رهيو. سنڌ هاري جماعت جي اوائلي بانين مان هو ۽ ورهين جا ورهيه ان جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين.

پروفيسر ملڪاڻي مطابق، ڄيٺمل پرسرام سنڌ ۾ سوشلزم جو به پهريون پرچارڪ هو جنهن اثر هيٺ 1926ع ۾، ان تي ”ساميه واد“ نالي هڪ ڪتاب لکيائين جنهن ۾ هن تحريڪ جي تاريخ ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته هيءَ هلچل مغرب وٽان ورتل نه آهي، پر پراچين پورب جي پاڙن ۾ درج ٿيل آهي.

ڀارتواسي اخبار وسيلي، ڄيٺمل سنڌي ادب جي اوسر لاءِ وڏو ڪم ڪيو ۽ تنقيد جهڙي فن جو پهريون دفعو نه رڳو تعارف ڪرايائين پر ان جي ڪسوٽيءَ تي ادب جي مختلف صنفن جو قدر و قيمت ڪٿڻ ۽ ماپڻ جو ماحول فراهم ڪيائين:

ان ڏس ۾، پروفسير ملڪاڻي پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو:

”1923ع ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي جي پهرين جلد نڪرڻ تي ڄيٺمل پرسرام، جو خود خيالي ۽ بي پرواهه نقاد هوندو هو، تنهن پنهنجي ڀارتواسي اخبار 23-1924ع وارن پرچن ۾ ان تي ڪيترائي تنقيدي مضمون لکيا. ڊاڪٽر صاحب جي اٿاهه محنت ۽ کوجنا جو جوڳو قدر ڪندي، ڄيٺمل هن رسالي ۾ ڪيتريون خاميون ڪڍي پڌريون ڪيون، جنهن تان هڪ گرما گرم ادبي بحث ڇڙي پيو هو........“

ڀارتواسي جي 24 ڊسمبر 1923ع واري اشاعت ۾، ڄيٺمل پرسرام، ان عنوان تي پهريون مضمون شايع ڪيو هو جنهن جو عنوان ”شاهه لطيف جو نئون رسالو“ هو. کيس ۽ سندس هم خيال ساٿين کي هيءَ شڪايت هئي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي اجايو عربي ۽ فارسي ٻولين جا ڏکيا ۽ ڌاريا لفظ ۽ محاورا ڪم آندا آهن ۽ ڪيترائي اڳ ۾ آيل بيت پڻ ڪڍيا ويا آهن. (1)

ان ساڳئي ڀارتواسي اخبار ذريعي، ان وقت جي سماجي براين ۽ اوڻاين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڄيٺمل پرسرام پاڻ ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ ڇپي عوام جي رهنمائي ڪندو هو. ازانسواءِ سندس ”شاهه جون آکاڻيون“ ۽ شاهه جي آکاڻين جون سمجهاڻيون به قسطوار هن اخبار ۾ پونديون هيون. ان ئي اخبار ۾، ڄيٺمل پرسرام ۽ هڪٻئي هندو ليکڪ لعلچند امرڏنيمل جا اهڙا مضمون ڇپبا هئا جن ۾ انهن هندو ۽ مسلمان اديبن جي خبر ورتي ويندي هئي جيڪي ڪٽپرڻي تحت سنسڪرت ۽ عربي فارسي الفاظ کي سنڌي عبارت ۾ اجايو ٽبيندا هئا ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي اصلوڪي شبيهه پيا بگيڙيندا هئا.

سنڌي زبان جي هڪ ٻئي اديب محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ننڍڙي ڪتاب ”چار مقالا“ ۾ سنڌي صحافت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:

”هن دور ۾ هندن جا به ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون نڪرنديون هيون. سناتن ڌرم، پرچارڪ پتر، ماتا، هندو، هندستان، هندواسي وغيره. انهن جا جيڪي به ايڊيٽر هئا تن ۾ ڄيٺمل پرسرام هڪ نالي وارو صحافي ٿي گذريو آهي. هن جي ادبي خدمتن کي به قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو. اخبارن ۾ هن جا سماجي، اخلاقي ۽ سياسي موضوعن تي لکيل مضامين اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا. جن مضمونن ۾ غلط ۽ چالباز سياستدانن راشي ڪامورن توڙي سماج جي شرپسند عناصرن تي نڪته چيني ڪيل هوندي هئي. ليڪن اهو سڀ مهذبانه طريقي ۽ اديبانه رنگ ۾ هوندو هو. هن جو اندازو بيان نهايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي.“

مسٽر ڄيٺمل پرسرام حيدرآباد جي عالمن جي گلراجاڻيءَ ڪٽنب  ۾، 1885ع ۾ ڄائو هو. سندس ابتدائي تعليم به حيدرآباد ۾ ئي ٿي جتي انگريزي به پڙهيائين ليڪن ڪاليج جي ڪا ڊگري حاصل ڪري نه سگهيو.

1917ع ۾، ايني بيسنت، حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج قائم ڪرايو هو جنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام 1933ع ڌاري پروفيسر مقرر ٿيو هو ۽ اهڙي طرح، گويا سڌي طرح به تعليم ۽ درس تدريس سان واسطو رکيائين.

لعل چند امرڏنيمل 1914ع ۾، ”سنڌي ساهتيه سوسائٽي“ قائم ڪئي هئي. جنهن جو ماهوار رسالن يا ڪتابي سلسلن ۾ ڄيٺمل جا ڪيترائي ڪتاب نڪرندا هئا، جن ۾ مکيه ”ڀائي ڪلاچند“ (1914) هو، جنهن ۾ هن عالم هندو مذهب جي صوفي نظرئي تي روشني وڌي هئي. 1915ع ۾ شاهه ڀٽائي رحه جي حياتي لکيائين جنهن ۾ سندس تصوف جا اصول بيان ڪيائين. ڄيٺمل مختلف موضوعات تي اٽڪل 27 ڪتاب لکيا جن ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا هئا، جن جو تعلق ويدانت، تصوف ۽ درويشن جي سوانح سان هو. هندواسي ۽ ڀارت واسي اخبارن ۾، مختلف مرحلن تي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيائين ۽ بعد ۾ شايع ڪرايائين. 1922ع ڌاري، ”هن نئين سنڌي لئبرري“ نالي هڪ علمي اداري جو بنياد وڌو. ان ڪم ۽ ڀارتواسي ۾ مضمونن ڏيڻ جي سلسلي ۾، ساڻس پروفيسر منگهارام اڌارام ملڪاڻي ۽ آچاريه گوداڻي جو تعاون رهيو. 1923ع ۾، ڄيٺمل ”پورب جوتي“ نالي سان گوتم ٻڌ جي جنم ساکي. سرايڊون آرنولڊ جي مشهور Light of Asia تان ورتل ”وير ڪوتا“ نالي ڪتاب ۾ نهايت سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هئاسين. مضمون وغيره تنهن کانسواءِ لکيائين. پاڻ شاعر به هو ۽ سندس تخلص ”گلراج“ هو. پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ بمبئي هليو ويو. اها سندس ذاتي خواهش نه هئي پر سندس بيماريءَ جي علاج لاءِ اتي نيائونس. آخر جولاءِ 6، 1948ع تي وفات ڪيائين.

ڀارتواسي 17 مئي 1925ع واري اشاعت ۾، ڄيٺمل پرسرام، پرنسپال تيجو مل شهاڻي جي کليل ”گوڪلي جي حياتي“ تي تنقيد ڪئي هئائين ۽ ادبي نڪته چيني واري اصول تي به روشني وڌي هئائين. ان تنقيد جا ڪي اقتباس ان لاءِ ڏيون ٿا ته ڄيٺمل جي تنقيدي ڄاڻ بابت به پڙهندڙن کي ڪجهه خبر پوي ۽ ساڳئي وقت سندس طرز تحرير جي نموني طور به ڪو نشان رهي:

 

”اسان وٽ اڃا نڪته چيني پنڌ ئي ڪونه ڪيو آهي. ساهت تي نڪته چيني جيڪڏهن نه ٿيندي ته نه ڪي ساهت وڌندو يا سڌرندو، نه ڪي ڪا دماغي ترقي ٿيندي. فڪر نه آهي جيڪڏهن نڪته چيني ڪڏهن ڪڏهن ڏنگو رخ به وٺي، ته به نڪته چيني جو هجي ئي ڪين، تنهن کان ڏنگي به چڱي. هيلتوڻي جيڪڏهن ڪو ڪتاب ٿو لکجي ته ڏٺو ويو آهي ته اخبارن ۾ يا ته هڪ ٻن سٽن ۾ رايو ڏنو وڃي ٿو، يا جيڪڏهن باريڪ نڪته چيني ڪڏهن ٿئي ٿي ته ڌريون ٿيون پون. ڌريون ٿيڻ به سڀاويڪ آهي ۽ ضرور ٿينديون، اسان جو رڳو چوڻ آهي کل سنهي نه رکڻ کپي. نڪته چيني تي سخت ۾ سخت سهڻ واري کل ڌارڻ کپي. نڪته چيني ڪندڙن جي به کل سنهي ٿي ٿئي! انهن تي وري جي نڪته چيني ٿئي، ته سندن کل اهڙي سنهي ٿي ٿئي جو ڪک ڇهڻ سان رت نڪريو اچي. اها حالت اوائلي آهي. پر جڏهن نڪته چيني پوري ۽ سڌي ٿيندي، نه ترڪ تال واري ۽ اڻ سڌي، تڏهن نڪته چيني مان سواد ايندو ۽ اها نڪته چيني خود ساهت جو هڪ چڱو ڀاڱو ٿيندو.

تازو جيڪا ”گوڪلي“ جي حياتيءَ تي نڪته چيني اخبارن ۾ پئي ٿي آهي سا به هڪ نموني جي نڪته چيني آهي!........ سڀاويڪ آهي ته اهڙي ڪتاب تي مختلف راءِ ڏني وڃي. نڪته چينيءَ جي ميدان ۾ به سنڌيءَ جا بانڪا گهڙيا آهن. پهريون بانڪو مسٽر ڀيرومل مهرچند آهي، جنهن کي گوڪلي جي حياتي ناپسند آهي. نه رڳو مضمون ۾ پر سنڌيءَ جي عبارت ۾ پڻ. لعل چند چوي ٿو ته مضمون جي ڳالهه ۾ منهنجو واسطو ڪونه آهي پر عبارت ته چڱي آهي.

سوڀائي، جتي ڀيرومل جهڙو هڪڙو بانڪو اٿي چوندو ته سنڌي پوري نه لکيل آهي ۽ مسٽر لعل چند پارو چوندو ته سنڌي چڱي لکيل آهي، تتي اسين جي فتويٰ جو بوجهه پاڻ تي کڻون تنهن لاءِ اهڙي ضرورت ڪانه آهي. اسان جو لکڻ آهي ته سنڌي ساهت اڃا مس ٿو شروع ٿئي، خاص ڪري نثر جي ته شروعات آهي. ٻولي فقط خيال جو واهڻ آهي ۽ نثر جا عمدا ڪتاب اڪثر ڪري اهي لکندا جن کي اڄڪلهه انگريزيءَ جو چڱو محاورو آهي. چڱا ڄاڻو پروفيسر ساهتي، تواريخي، علمي ڪتاب سنڌي ۾ لکندا تڏهن سنڌي وڌندي، نه ته سنڌي جو نثر ٺهي ڪونه سگهندو. هاڻي اها ته خوشيءَ شڪر جي ڳالهه آهي ته ڄاڻو پروفيسرن سنڌيءَ ۾ قلم کنيو آهي. هو پنهنجا خيال ظاهر ڪن تڏهن سنڌ جي ماڻهن جي دماغي ترقي ٿئي...... جيڪڏهن هو رواجي سنڌي لکي وڃن ته بس آهي، پر جيڪڏهن سنڌي ڪتابن کي، اونچي سنڌي نه هئڻ ڪري قبول نه ڪيو، ته نئين ساهت کي به آهي جواب!..........“

ان هڪڙي حوالي مان، چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته ڄيٺمل پرسرام جي ٻوالي سادي ۽ ٺيٺ نوع جي آهي ۽ بنا ڦڏڦير جي جيئن دماغ تي تري آئي، بلڪل بوبهو ائين لکي وئي آهي. ان ۾ تڪلف ۽ تصنع جو ڪو نشان نه آهي. ساڳئي وقت، اها ٻولي مائيدار، دل وٺندڙ ۽ دل ۾ وهندڙ پڻ آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اهڙي سادي ۽ سهڻي پيرائي واري ٻولي لکندو ئي قلم کي تيز وهائي سگهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، سنڌي زبان کي ايترو سارو مواد ڏئي سگهيو.

1- مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي (1)

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سياستدان صحافي جي زمري ۾، اسان وٽ سنڌ ۾، ٽي ممتاز شخصيتون مرحوم شمس الدين ”بلبل“، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ محترم پير علي محمد راشدي نمايان حيثيت رکن ٿيون. بينظير سياسي شعور ۽ ڄاڻ سببان، هنن ٽنهي قلمي قوت جو به زبردست مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي دائري ۽ دور ۾، سنڌ جي عوام جي قابل تعريف خدمت ۽ رهنمائي ڪئي آهي.

مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي هيءَ خصوصيت به حاصل آهي ته هو آڳاٽن (يعني وچين دور) صحافين ۾ به شمار ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت نستاً بعد (يعني ماضي قريب) جي قلم ڪارن جو به همعصر رهيو. هن جي صحافتي زندگي جي ابتدا 1919ع ڌاري ٿئي ٿي جڏهن کيس، مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي طرفان سندس اخبار ”الامين“ جي چارج سونپي ويئي ۽ 1920ع کان روزاني الوحيد مان وابستگيءَ سبب، صحافت سان واسطو ذري گهٽ 1845ع تائين رهيس، بلڪه ان کانپوءِ به هڪ ڪالمسٽ جي حيثيت ۾، صحافت جي سار لهندو آيو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مرحوم شيخ صاحب رڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جو همعصر به رهيو جنهن خود ”هندواسي“ اخبار لڳ ڀڳي ساڳئيءَ وقت شروع ڪئي هئي. هڪٻئي نسبت ۾ به هي ٻئي شريڪ رهيا. اها هي هئي ته ٻنهي جي اٿندي کان سياست ۾ لهه وچڙ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جهڙي قومي خيالن واري اڳواڻ سان ٿي، جنهن ڪري سندن ويچارن تي ساڳيو رنگ چڙهيو ۽ قلمي قيادت ۾ ذهني وسعت جو مظاهرو ڪندي وچٿري واٽ وٺڻ جي تلقين ڪيائين. ازانسواءِ ٻئي ڊاڪٽر ايني بيسنت جي ”هوم رول ليگ“ کان متاثر ٿيا هئا ۽ ٻنهي جي نالن ۾ به مشابهت آهي. هڪڙو ڄيٺمل ۽ ٻيو ڄيٺانند.(1) ان سبب ڪري سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام ۽ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي. ٻنهي کي هندن ۽ مسلمانن ۾ مقبوليت جو درجو مليو جيتوڻيڪ بعد وارين سياسي حالتن جي مجبورين هيٺ شيخ صاحب هندو، مسلم ايڪتا کان مايوس ٿيندي الڳ رستو اختيار ڪيو ٿو ڏسجي. خود ”الامين“ اخبار سان به ڄيٺمل پرسرام جو اڻ سڌي طرح تعلق هن نموني جو هو ته ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ”سنڌياڪر“ پريس حيدرآباد ۾ ڇپي ۽ مسٽر نور محمد وڪيل ڇپائي پڌري ڪئي.“ اهي الفاظ ”الامين“ اخبار جي آخري صحفي تي، پرنٽ لائين طور پڌرا آهن. شيخ صاحب 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾، ديوان ليلارام جي گهر ۾، ڄيٺانند جي نالي سان، هن جهان ۾ اکيون کوليون. طبيعتن سچار ۽ حق جو بنيادي طرح متلاشي هجڻ سبب، ننڍڙو ڄيٺانند هر ڳالهه ۽ هر واقعي تي گهڻو سوچيندو هو. ان خاصيت سبب، هو پنهنجي هم ڪلاسي شاگردن ۾ به منفرد مقام رکندو هو. تعليم مئٽرڪ تائين ورتائين ۽ ڪجهه عرصو مسٽر ڏيپچند اوجها وٽ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪيائين. سندس سوچ ۽ جوانيءَ جي ان زماني ۾، هندو آريه سماج ۽ مسلمانن مذهبي اڳواڻن هڪ ٻئي تي خوب جلهون پئي ڪيون. خود هندن ۾ اندر، مذهبي خيالن واري جي ڪافي ڪشمش ۽ اڻ وڻت هئي. انهن ڳالهين سبب، لهه وچڙ ۾ ايندڙ مسلمانن کان اسلام بابت پڇائون ڪندو رهيو ۽ آخر 1907ع ۾، حيدرآباد ۾، مرحوم شيخ عبدالرحيم (آچاريه ڪرپالاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ بيگم خديجه خانم دائودپوٽي جو نانو) وٽ اچي مسلمان ٿيو ۽ عبدالمجيد نالو رکيو ويس، ٿوري ئي وقت اندر سندس واقفيت، حيدرآباد جي ان دور جي ممتاز قومي اڳواڻ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي سان ٿي جنهن کيس ذهين ۽ محنتي ڏسي کي پنهنجو سياسي مشير ڪيس. بس پوءِ ته شيخ صاحب جي ڄڻ ته سياسي تربيت شروع ٿي وئي ۽ سندس اخبار ”الامين“ جي ادارت به سنڀاليائين. 1912ع کان انڊين ڪانگريس سان وابسته به ٿيو. ان دوران، مرحوم عبيدالله سنڌي جي سياسي ۽ ديني خيالن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ خلافت تحريڪ ۽ ريشمي رومال واري هلچل سان به وابستگي رکيائين. جنهن ڪري کيس 1916ع ۾ ٽي سال سزا ڏيئي قيد ڪيو ويو ۽ اهو قيد جو عرصو رتناگري ۾ رهيو. جتان آزاد ٿيڻ تي؛ ستت ئي، احمدآباد ستياگرهه ڏينهن ملهائڻ جي ڏوهه ۾. مکي ڄيٺانند، ڊاڪٽر چوئٿرام، سوامي گووندانند ۽ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ سلهاڙي مٿس ڪيس هلايو ويو. پير خير ٿيو جو وارننگ ڏيئي ٽن مهينن کان پوءِ ڪيس ڪڍايو ويو. ان کانپوءِ شيخ صاحب لاءِ جيل وڃڻ جو سلسلو هلندو رهيو. ليڪن اسان جي شيخ صاحب ۾ دلچسپي زياده صحافت واري نسبت سان آهي. تنهن ڪري سندس سياسي لاهن چاڙهن جو نهايت مختصر بيان ڪري، ان موضوع ڏانهن موٽنداسين.

خلافت تحريڪ سان گڏوگڏ، مرحوم ڀرڳڙيءَ جي اثر سبب شيخ صاحب قومي خيالن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ ان نسبت سان شروع ۾ ڪانگريس ۾ رهيو ۽ بعد ۾ مسلم ليگ سان وابسته رهيو. بلڪ ان کي سنڌ ۾ آندائين. ليڪن سندس ڪوشش اها رهي ته هندن ۽ مسلمانن درميان ملڪي مسائل ۽ آزاديءَ بابت اتحاد ۽ ايڪو قائم رهي. ان لاءِ شيخ صاحب وڏي جانفشاني ڪئي ۽ جهد ڪيا، ليڪن هندن جي نامناسب هلت جي ڪري، ڏاڍو ڏکيائيءَ سان ۽ پنهنجي طبيعت خلاف، مسلمانن جي خالص انفرادي سوچ ۽ لائين طرف ڌڪيو ويو. ان ڌڪجڻ ۾ تيزي ۽ تسلسل هندن جي ان سياسي رخ آندو جيڪو هنن سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي واري مسئلي تي، اختيار ڪيو هو. پر ان هوندي به، مرحوم شيخ صاحب دل نه لاٿي ۽ ٻنهي طبقن جي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي رکڻ لاءِ، هندستان جا دورا ڪندو رهيو. ان سلسلي ۾، الله آباد ۽ لکنئو ۾ ٿيل آل انڊيا ليول تي ڪانفرنس ۾ شيخ صاحب پاران ادا ڪيل رول قابل تعريف ۽ سونهري حروف ۾ لکڻ لائق آهي. ان سلسلي ۾ مولانا شوڪت علي جي شيخ متعلق راءِ ٻڌڻ جهڙي آهي. هن لکيو:

“...Whenever there have arisen quarrels among the Mussalmans of apposite views, his (Shaikh’s) amendements have set these quarrels at rest. He has left his mark on the Allabad Unit Conference. His speech on the separation of Sind at Allabad Unit Conference won applause and congratulations from all inicluding Dr. Moonje. Once when he had finishined his speech on Hindu-Muslim Unity, the vernerable President of the conference made a not in his diary that the best speech that he had heared during his life was that of Shaikh Abdul Majid Sindhi. I can never forget his most argumentative speech at Simla in vindication of Muslim policy where he dept the whole audience spell bound for more than an hour……”(1)

ليڪن 1937ع ۾، سنڌ جدا ٿيڻ تي، سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي سياسي سوچ وڏي وڇوٽيءَ تي وڃي پهتي هئي ۽ هتان سندن واٽون بلڪل هميشه لاءِ الڳ ٿيون. مسلمان مسلم ليگ ۾ ڪاهي پيا. ان عرصي ۾ مرحوم شيخ صاحب مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيو. بعد ۾ وزارت به ماڻيائين ليڪن هن صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ ڪن سنڌي مسلم ليگي ليڊرن جي هوس پرستي ۽ هٻڇ کان متنفر ٿي، سندن سياست کان پاسيرو ٿيندو ويو ۽ آخر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ته بلڪل الڳ ۽ سندن مخالف قومي اڳواڻن سان ٻٽ ٿي بيٺو. مقصد اتي به اهو هوس ته پاڪستان ۾ رهندڙ مڙني ماڻهن جي بنا تميز جي خدمت ڪئي وڃي ۽ سستن نعرن جي آڌار تي ماڻهن خصوصن غريبن ۽ ڏتڙيل عوام جو استحصال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

 

ان سڄي عرصي دوران، هڪ بهترين مقرر ۽ تحرير جو صاحب رهيو ۽ سندس ان سڄي جدوجهد جو مرڪزي نقطو هي رهيو هو ته ڪنهن طرح پٺتي پيل ماڻهن کي سياسي طرح سجاڳ ڪيو وڃي ته جيئن هو مذهبي تعصب کان بالاتر رهي، سياسي ٺڳن هٿان ڦرجي نه سگهجن ۽ وسعت قلب ۽ رواداري سان اڳتي وڌن. پاڻ سڄي زندگي نهايت اخلاص ۽ بي غرضيءَ سان خدمت ڪندي گذاريائين. ڪنهن به مرحلي تي ذاتي مفاد پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنائين. (1) ان لحاظ کان شيخ صاحب مرحوم جو سياسي رستو منفرد ۽ قابل تقليد رهيو آهي. ليڪن افسوس جو ان وقت سياست بازيءَ ۾ ايڏو طوفان کڙو ٿيو هو جو اٿيل رئي ۽ ڌوڙ ۾، ڪو ماڻهو سچي ۽ ڪوڙي جي پرک ڪري نه ٿي سگهيو. ان بي انصافيءَ جو شڪار شيخ صاحب مرحوم به ٿيو.(2)

.........................

شيخ صاحب مرحوم جي سياسي زندگي جي هن مختصر خاڪي کان پوءِ، اسان سندس صحافتي ڪردار ڏانهن موٽون ٿا جيڪو ئي اسان جو مطمع نظر ۽ مقصد آهي. جيتوڻيڪ شيخ صاحب قلمي زندگيءَ جي ابتدا ”الامين“ اخبار سان ڪئي هئي ليڪن سندس اصل صحافتي تقريبن (1)

 

ڪل وقتي مشغولي 1920ع ڌاري روزاني ”الوحيد“ اخبار جي اجراء سان شروع ٿئي ٿي، جيڪا اخبار جي حدود کان گهڻو ٻاهر سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ وسيع اداري جو مقام رکي ٿي. اها سچ پچ ته الوحيد اخبار جي خوش نصيبي چئجي جو ان کي مرحوم شيخ صاحب جهڙو مخلص ۽ مقصد سان جنون جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ، بي لوث ۽ ڪمال درجي جي سياسي سمجهه رکندڙ شخص ايڊيٽر ۽ ائڊمنسٽريٽر جي شڪل ۾ ان وقت دستياب ٿيو جڏهن سنڌ جا مسلمان خواب غلفت ۾ محو ننڊ هئا ۽ تعليمي طرح گهڻو پٺتي هئا. سندس قلم کي غضب جي قوت عطا ٿيل هئي ۽ پنهنجي نقطئه نظر سمجهائڻ لاءِ دلائل جا درياءَ وهائي ڇڏيندو هو. پر ساڳئي وقت شيخ صاحب، ڪوتاهه نظري، فرقيوارانه ذهنيت ۽ فوري ۽ قليل الميعاد واري فڪر ۽ مفاد کان آجو هو. هن جي سامهون هميشه مستقل ۽ طويل الميعاد منفعت واريون ڳالهيون ۽ رٿائون رهنديون هيون جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ جذبات گهٽ ۽ معقوليت زياده ۽ مرڪزي ڪردار رهندو- مسلم اتحاد، ايڪو پيدا ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ، امن ۽ محبت جو پيغام، مسلمانن کي تنظيمي ضرورتن جو احساس ڏيارڻ ۽ تعليم جي حصول تي مرڪوز رهندو هو. شورع واري زماني ۾ خلافت ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي حڪومت برطانيا جو مسلم حڪومتن سان بي جا ۽ بي انصاري واري هلت خاص موضوع بڻيل رهيا. ليڪن وقت جي سرڪار کي انهن غلط ۽ گمراهه ڪن پاليسين، زورآورين ۽ زيادتين کان آگاهه ڪرڻ، نندڻ ۽ تنقيد ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ان لاءِ دليري، جرئت، آزادي سان لڳاءُ، مسلمانن جي مجموعي ضرورتن ۽ تاريخ کان آگاهي ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ صحافيءَ جي سچائي جهڙيون خوبيون درڪار هيون. شيخ صاحب مرحوم ان زماني ۾ ”الامين“ 3 نومبر 1919ع واري اشاعت، اسان لاءِ ان اعليٰ قسم جي تحرير کي رڪارڊ تي محفوظ رکيو آهي. ”موجوده حالت“ جي عنوان تي اداريه جي شڪل ۾ انگريز فيل مست کي کتيون ٻڌايون ويون. اخبار لکيو ته خلافت عثمانيه جي ميٽجي وڃڻ جي خطري هيٺ ٻين ملڪي مسئلن کي في الحال ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي ۽ وقت جي ان اهم ترين مسئلي تي قلم کڻڻ تي مجبور هئي. ان اداريه جا ڪي اقتباس حاضر آهن:

”....... برٽش وزيراعظم جو اهو چوڻ ته جنرل ائلبني جي فلسطين ۾ فتح صليب جي فتح آهي سا اڄوڪي آزادي جي زماني ۾ مذهبي چريائي کان گهٽ سمجهڻ ۾ نه ايندي. اهڙيون تقريرون دنيا جي ڪنهن به سلطنت جي وزيراعظم شايان شان نه آهن پر ڪنهن پاڳل پادري ۽ بشپ جي واتان به اهڙو نسورو ڪوڙ نڪري نه ٿو سگهي. جنهن صورت ۾ اهو عالم آشڪار آهي ته جنهن فوج فلسطين تي فتح حاصل ڪئي تنهن ۾ وڏو حصو مسلمانن جو هو. تنهن کانسواءِ وزيراعظم کي اهو سمجهڻ کپندو هو ته هو ڪو بشپ يا آرچبشپ آهي پر هڪ اهڙي سلطنت جو وزيراعظم آهي جنهن ۾ هر مذهب ۽ هر قوم جا ماڻهو رهڻ پنهنجو فخر سمجهن ٿا. ڇا مسلمان اهو سمجهن ته انگلينڊ ۾ مدبري جي تحفظ ۽ مدبرن جو ڏيوالو آهي. ڇا اها چريائي ۽ مذهبي چريائي نه آهي جو هڪ اهڙي سلطنت جنهن ۾ ڏهه ڪروڙ مسلمان رهن ٿا تنهن جو وزيراعظم ٿي ڪري صليب جي نالي ۾ هڪ اهڙي فتح جو اعلان ڪجي جنهن جي حاصل ڪرڻ ۾ چئن مان ٽي پتيون مسلمانن جون شريڪ هيون؟ ڇا وزيراعظم ائين سمجهي ٿو ته اهي مسلمان سپاهي عيسائي صليب جي فتح واسطي لڙي رهيا هئا؟ ڇا اهي مسلمان سپاهي جنگ ۾ مدد ڏين ها جيڪڏهن جنگ جي شروعات ۾ انهن کي چيو وڃي ها ته جنرل ائلبني فلسطين ۾ صليبي جنگ ڪري رهيو آهي؟ اسان جيڪڏهن اهڙا سوال پڇون ته سوين سوال پڇي سگهون ٿا جن جو جواب وزيراعظم لاءِ ڏيڻ محال ٿي پوندو. جيڪڏهن صليب جي فتح جا لفظ وزيراعظم جي واتان خطا کان نڪري ويا آهن ته هن کي پنهنجي خطا جو جلد ئي اعلان ڪرڻ گهرجي. بلڪ جن ڏهه ڪروڙن وفادار رعيت جون دليون ڏکايون اٿس تن کان معافي وٺڻ گهرجيس. پر جيڪڏهن پنهنجي خيال تي قائم آهي ته اسان کيس يقين ٿا ڏيون ته اهو سندس خيال باطل آهي ته سڀ انگريزي مدبر سندس هم خيال آهن ۽ اهو وقت ضرور ايندو جڏهن هن کي پنهنجي باطل خيال تي پڇتائڻو پوندو.“

 

سنڌ جي بمبئي کان علحدگي لاءِ ته شيخ صاحب حد ڪري ڇڏي هئي. سڄي سنڌ ۾ سنڌ آزاد ڪاميٽيون ٺهرائي، سنڌ جدا جو پيغام، اهميت ۽ افاديت ڄڻ ته گهر گهر پهچائي هئائين. ان مقصد ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ، سنڌ جي مجموعي مفاد لاءِ هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاح ۽ تلقين شيخ صاحب جي قلمي جهاد جا مرڪزي رول هئا. مختصراً اهي ميدان ۽ مسئلا هئا جن ۾ ۽ جن تي شيخ صاحب جي قلم شهسواري ڪئي ۽ ٻين سڀني کي پٺتي ڇڏيو.

 

شيخ صاحب مرحوم جي درياءَ دلي، رواداري ته ضرب المثل بڻجي چڪيون هيون. 1923ع ڌاري، ناگپور شهر ۾ ڪجهه هندو- مسلم فساد ٿيا هئا، جن جا مختلف ڪارڻ ٻڌايا ٿي ويا. ڪن جو چوڻ هو ته هندن جي شرارت هئي ڇو ته انهن راڳ ۽ باجن سان اهڙو جلوس مسجد جي سامهون ڪڍيو هئائون جنهن وقت مسلمان نماز پڙهي رهيا هئا. ٻين جو خيال هو ته اهو وقت نماز جو نه هو وغيرهه. پر ان قسم جي جلوس تي مسلمانن پٿر اڇلايا هئا. هنن خبرن سڄي ملڪ ۾ فرقيوارانه فضا پيدا ڪري وڌي هئي ۽ هندن ۽ مسلمانن درميان نفرت ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي هئي. انهن فرقيوارانه ڦڏن فسادن سبب جوش جذبو چوٽ تي چڙهيل هو ليڪن مرحوم عبدالمجيد سنڌي جي قوت برداشت ۽ رواداري ڏسڻ وٽان هئي. الوحيد 23 نومبر 1923ع جي ادارتي نوٽ ذريعي گهٽ مسلمانن کي وارننگ جي انداز ۾ چيائين:

 

”بهرحال جيتوڻيڪ هندن مسلمانن جي نماز جي وقت جو ڪو لحاظ رکيو هجي يا نه تنهن هوندي به جيڪا روش مسلمانن ورتي آهي (خبر مطابق مسلمانن هندن جي جلوس تي پٿر اڇلايا هئا) تنهن تي لعنت ملامت ڪرڻ اسان پنهنجو فرض سمجهون ٿا. مسلمانن جن جي پياري پيغمبر رسول اڪرمﷺ هميشه اهڙين حالتن ۾ پاڻ تي تڪليفون سهڻ پسند ڪيون ۽ ٻئي کي رنجائڻ کان سخت منع ڪئي، سي مسلمان اڄ اهڙي حالت ۾ پنهنجي پاڙيسري قوم جي ماڻهن تي حملو ڪن سا اسان لاءِ وڏي شرم جي ڳالهه آهي. اسان جو اهو پڪو خيال آهي ته هندو اسان سان ڪهڙي به روش اختيار ڪن ته به جيڪڏهن پاڳل بڻجي اسان هندن سان ماراماري جو طريقو اختيار ڪيو ته نه رڳو اسين پنهنجي مذهب جي حفاظت ڪرڻ ۾ پوري طرح ڪامياب نه ٿينداسون پر پاڻ کي هڪ وڏي اخلاقي ڏوهه جو مجرم ڪنداسين........“

 

هندن جي فرقيوارانه ذهنيت جي شڪايت، مرحوم شيخ صاحب کي 1924ع کان وٺي ٿيڻ لڳي ٿي ڏسجي. 4 جنوري 1924ع جي الوحيد جو ايڊيٽوريل ان جي نشاندهي ڪري ٿو. چند اقتباسات ڏجن ٿا:

 

”سنڌ ۾ جڏهن ڪڏهن هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪنهن به هنڌ بي اتفاقي جا آثار نظر ايندا آهن، تڏهن اسان پنهنجي هندو دوستن سان گڏجي پنهنجي پڄندي آهر اتحاد قائم ڪرڻ جي دل و جان سان ڪوشش ڪئي آهي ۽ اسان سنڌ لاءِ سڀ کان وڏي بدبختي سمجهنداسين جيڪڏهن انهيءَ اتحاد جي تحريڪ ۾ ڪو خلل پيدا ٿي پيو. پر اسان کي افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته سواءِ هڪ يا ٻن هندو وطن پرستن جي باقي سڀني جي دماغن ۾ هندو مسلم اتحاد ۽ انهن ٻن مذهبن جي تعلقات جي متعلق وڏو انقلاب پيدا ٿي ويو آهي. هينئر تمام ٿورا هندو ڪم ڪندڙ سنڌ ۾ نظر ايندا جن کي سوراج يا هندو مسلم اتحاد بابت ايتري قدر محبت هجي يا جيتري قدر هندو جاتي يا هندو سڀا يا هندو ڌرم يا مسلمانن جي مقابلي ۾ هنن کي طاقتور ڪرڻ جو انهن کي خيال آهي.

 

”ڇهن مهينن کان وٺي انهن وطن پرستن جي طبيعت ۽ رخ کي اڀياس ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ جڏهن ڪڏهن ڪنهن به هنڌ هندن جي طرفان يا آريه سماجين جي طرفان ڪا نفاق جي ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته اسان ان کي هڪ اتفاقي معاملو سمجهي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر مولانا عبدالباري صاحب جي باري ۾ اسان جي سنڌي وطن پرستن جا روش اختيار ڪئي آهي تنهن کي ڏسي ڪري اسان مجبور آهيون ته اها راءِ قائم ڪريون ته هندو طبيعت ۽ رخ ۾ جو انقلاب پيدا ٿيو آهي تنهن کي هندو مسلم اتحاد جي طرف رجوع ڪرڻ في الحال هڪ مشڪل ڪم آهي........ اسان انهن ڳالهين کي (وچ ۾ ڪي هندن جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن) سمجهندا هئاسين ته اهو هڪ عارضي جوش آهي جو خودبخود خاموش ٿي ويندو پر نه ويهي ويهي مولانا عبدالباري صاحب جي هڪ تار تي اسان جي سنڌ جي سڀني هندو اخبارن کي جوش آيو ۽ اسان جي مدن مددي همعصر سنڌي ته اهي الزام لڳائڻ لڳي ته مولانا عبدالباري صاحب پنهنجي گرفتار ٿيڻ جا احوال ٻڌي گورنر اڳيان جانان گيسيون ڀري جئن تيئن پاڻ کي ڇڏايو آهي......“

 

ان اداريي جون ٻه قسطون بعد ۾ به آيون هيون:

”الوحيد 7 مارچ 1926ع، ۾ مرحوم شيخ صاحب جي اها اپيل ڇپيل آهي جيڪا هن سنڌ جي مسلمانن کي ان لاءِ ڪئي هئي ته هو پاڻ کي خواب غلفت مان ڪڍن ۽ هندن سان ڀيٽ ڪري پنهنجون حالتون سڌارين. وقت گذرندو رهيو. ان قسم جون اپيلون ۽ مضمون به ڇپبا رهيا. پر جئين مٿي ٻڌايو ويو آهي، شيخ صاحب مرحوم منافقت ۽ خودغرضيءَ واري سياست ۾ هلي نه سگهيو. ان وچ ۾ الوحيد به هٿن مان ويندي رهي ۽ صحافت سان به سڌي طرح واسطو ٽٽڻ لڳو جنهن ڪري سندس سچ جي سودي جو واپار جهڪو ٿيندو ويو. ان صورتحال جو مکيه ڪارڻ اهو ته ”ڪائو ڪچ اگهڻ لڳو هو ۽ ماڻڪن موٽ ٿي هئي“ جڏهن شيخ صاحب ڏٺو ته سڌي سنئين، سنجيده ۽ سچائي واري ڳالهه ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. خصوصاً اقتدار جي ايوانن ۾، ته پوءِ به هو مايوس نه ٿيو، قلم کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ کي گناهه سمجهائين. ان تاريخي موڙ تي، هن روپ بدليو، ساڳين ڳالهين، اصولن ۽ نظرين کي، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ غيرسنجيده، مزاح ۽ طنز جي انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ”نعره مستانه“ واري ڪالم پٺيان رهڻ لڳو. ”الوحيد“ ۽ ”ڪاروان“ اخبارون انهن هفتيوار ڪالمن سان سينگارجڻ لڳيون. غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن ڪالمن ۾ به انهن سڀني صحافيانه خوبين جي عڪاسي ٿئي ٿي جن جي حفاظت ۽ حرمت لاءِ شيخ صاحب سڄي زندگي لڙندو رهيو. يعني صاف سچي سياست، ڏتڙيلن ۽ غريبن جي حقن جي حفاظت ۽ سنڌ جي سار اسان پنهنجي ان دعويٰ جي ثابتيءَ ۾، ”ڪاروان“ 4 اپريل 1954ع ۾ ڇپيل اهڙو ڪالم پيش ڪرڻ تي مجبور آهيون:

 

”........ قلندر اڃا ڪو اهڙو ڏوهه نه ڪيو آهي جو هن جو نالو عاقلن جي ڪتاب ۾ درج ڪيو وڃي. جي عقلمند هجون ها ته تاج ۽ تخت جا مالڪ هجون ها. پر اسان عقل ڇڏي عشق جي وارٽ ورتي آهي. اسان حڪومت ڇڏي آزادي اختيار ڪئي آهي. ڪتا ڀوڪندا رهندا پر ڪاروان هلندو رهندو. ڪاروان حيات جي ڪنهن کي خبر ناهي. نه ابتدا جي خبر نه انتها جي خبر. هن مسافرخاني ۾ هڪڙا اچن پيا ٻيا وڃن پيا. نه خوشيءَ سان ڪو اچي ٿو نه خوشي سان ڪو وڃي ٿو. نڪو ستو رهي ٿو نڪو هوشيار رهي ٿو. پر منهنجي قوم اڃا اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. ڪڏهن سجاڳ ٿيندي ان جو پتو ڪونهي. ان جي سجاڳي ٿيڻ تائين اسان کي جيڪو انعام مليو آهي سو ساري جهان کي معلوم آهي. قيد ۽ نظربندي، فڪر ۽ فاقا، هٿڪڙيون ۽ سنگينون، تنگدستي ۽ ذلت، جيلن جون روٽيون سوٽيون، پنت ۽ خيرات جا ٽڪر، قرض ۽ مرض، خاڪ جو بسترو ۽ تڏو، آه و فغان، چيخ ۽ پڪار. پوليس ۽ عدالت جون حاضريون، ضمانتون ۽ ڏنڊ، الزام ۽ بهتان، طعنا ۽ تنڪا، دوستن ۽ عزيزن کان وڇوڙو، آنڌي سانجهي رولڙو، چاليهن سالن تاءِ دربدر ۽ خاڪ بسر، اهو سڀ ڇاجي واسطي؟

جهان جون خوشيون پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيوسين، ڇاجي واسطي؟ قوم قوم ڪندا رهياسين، ڇا جي واسطي؟ آزادي آزادي جا نعرا بلند ڪياسين، ڇا جي واسطي؟ بکن ۽ ڏکن ۾ زندگي ڪاٽيسين، ڇاجي واسطي؟ خانه بدوش ٿي رهياسين، ڇاجي واسطي؟ محتاج مسڪين ۽ ڪنگال رهياسين، ڇا جي واسطي؟ گوشي نشين ٿي رهياسين، ڇاجي واسطي؟ هائي وطن وائي وطن جو ماتم ڪيوسين، ڇاجي واسطي؟ اڃا به خراب خوار آهيون، ڇاجي واسطي؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ته اسان جي قوم، ”قوم ڪشن“ ۽ وطن ڪشن، رشوت خورن ۽ حرام خورن، بي دينن ۽ منافقن کي پنهنجو سرتاج ۽ حاڪم بڻائي؟ قلندر قبر ۾ به قوم قوم ڪندو رهندو ۽ تڙپندو رهندو؟ پر ڪاش منهنجي قوم کي پاڻ تي قياس اچي! پر ڪاش منهنجي قوم کي پاڻ تي قياس اچي! ڪاش قومي رهبرن ۽ مدعين کي موجود ۽ آئينده نسل تي ڪو رحم اچي!


(1)  ان شعر مان جتي اهو معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ صحافين سان وڏيون سختيون ۽ سور هئا ۽ انهن کي جواب ملي ٿو جيڪي پنهنجي ڀيٽ ۾ اڳين صحافين کي گهٽ ملامت هيٺ تصور ڪن ٿا، اتي اهڙين حالتن ۾ به مولوي صاحب مرحوم جي ايڏي کليل اظهار مان سندس بي باڪي ۽ جرئت ثابت ٿيل آهي.

(2)  مرحوم نظاماڻي ذومعنيٰ نڪتن بيان ڪرڻ جو ماهر ٿو ڏسجي. شعر ۾ پڻ لفظ ”قلم“ جون ٻه ڪيفتيون آهن. اولن ”قلم“ وڃن جن جي زبان کي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. ثانين ”قلم“ لکڻ جي ذريعي واري عام معنيٰ ۾ آهي يعني اهي ڪاڏي وڃن جيڪي زبان ۽ دل جي ترجماني قلم کان ڪرائڻ ته چاهين ٿا پر اڳيان زور آڏو زاري آهي.

(1)  مهراڻ تي مجلس: سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ، حافظ خير محمد اوحدي، ص-15.

(2)  ان اخبار جي اجراء ۽ هلائڻ ۾، مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي جي مالي ۽ اخلاقي اعانت رهيس.

(1)  هن جي امن پسندي ۽ ”ڪل جو خير“ واري جذبي ثابت ڪرڻ لاءِ اهو هڪ واقعو ئي ڪافي آهي جنهن جو تعلق مرحوم مولوي نظاماڻيءَ جي اخبار ۾ ڇپيل مواد کي ناس ڪرائڻ سان آهي. ان جو بيان مٿي ٿي چڪو آهي.

(1)  مولانا غلام محمد گرامي مطابق، هي رسالو 1923ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1944ع تاءِ 21 سال زندهه رهيو ۽ هاڻي سندس فرزند ۽ ننهن هندستان ۾ هلائين ٿا. ”ويا سي وينجهار“ ص، 6 ۽ 7.

(1)  پروفيسر ملڪاڻي جي راءِ موجب سنڌي ادب تي ڇپجندڙ ڪتابن تي تنقيدن ڪرڻ جو رواج گهڻو دير سان پيو. لکي ٿو ”آءُ سمجهان ٿو ته ڄيٺمل پرسرام جي ڀارتواسي پهرين اخبار هئي جنهن ۾ خود ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس نائب مهتمم ڇتو مل ٿڌاڻيءَ نون ناٽڪن جي نڪته چيني نهايت سڌريل ”۽ موزون نوع، ۾ پهريون ئي دفعو 1923ع ۾ شروع ڪئي............“ سنڌي نثري تاريخ.

(1)  ترتيب ۾ غلطي ٿي آهي. شيخ مرحوم جو نالو مولانا وفائي مرحوم کانپوءِ اچڻ گهربو هو. يعني وفائي مرحوم جو احوال هتي اچڻ گهربو هو.

 

(1)  شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو اصلوڪو ڄيٺانند هو جيڪو بعد ۾ اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ ڇڏيو هئائين.

(1)  Shaikh Abdul Majid- A Soldier of Islam- by Moulana Shoukat Ali. Alwahid Sind Azad Number, June 16, 1936.

ان کان علاوه، مرحوم شيخ صاحب جي قائدانه صلاحيتن بابت، اسان کي الوحيد مورخ 30 نومبر 1932ع واري اشاعت ۾، بمبئي جي اخبار خلافت جو اداريه نقل ڪيل مليو آهي جنهن جو عنوان ”فخر ملت شيخ عبدالمجيد“ هو. هن ان جي اقتباس ڏيڻ تي مجبور آهيان:

”اسلامي هندستان جو مائيه ناز ۽ جمعيت خلافت جو صدر محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي لکيو- الله آباد جي تاريخي جلسن جي ڪم کان فارغ ٿي ٻن مهينن کانپوءِ بمبئي پهتو آهي. مسلمانن ۽ هندستانين جي اتحاد لاءِ شيخ صاحب جيڪي ڪوششون ۽ شاندر خدمتون ڪيون آهن سي موجوده زماني جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيون وينديون. پاڻ هڪ مجسمه عمل آهي. جمعيت خلافت جي صدارت کانپوءِ هن جمعيت کي هڪ اهڙو سچو ڪم ڪندڙ ۽ خادم ملت انسان حاصل ٿيو آهي، جو سندس قوت عمل ۽ عقلمنديءَ سان جمعيت جي ڪم ۾ هڪ تازو روح ڦوڪجي ويندو. اسان بمبئيءَ وارن جي طرفان شيخ صاحب جي مرحبا ڪندي سندس ڪاميابيءَ کي ساري قوم جي ڪاميابي سمجهون ٿا.....“

(1)  شيخ صاحب مرحوم پهريون ظاهري وسائل ۽ پوزيشن جي اڻ هوندي وارو سنڌي سياسي اڳواڻ هو جيڪو صرف پنهنجي ذاتي خوبين ۽ بي لوث خدمتن جي بل بوتي تي بنياد رکي اٿيو هو ۽ هن صوبي جي زر ۽ زمين جي مالڪ جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن طرفان سياست تي موروثي حق هجڻ واري نظرئي کي لوڏن ۾ آڻي ڇڏيو هو. 1930ع ۾ ڪراچيءَ مان بمبئي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو ۽ وري 1933ع ۾ ساڳئي تڪ مان بنا مخالفت جي واپس ڪائونسل ۾ آندو ويو. ان کان بعد، سنڌ صوبي جي الڳ ٿيڻ تي، 1937ع ۾ پهرين اليڪشن ۾، مرحوم شاهنواز ڀٽي کي شڪست ڏيئي، شيخ صاحب کٽي آيو.

(2)  ان سلسلي ۾، شيخ صاحب مرحوم جي سياسي شخصيت متعلق، جناب جي-ايم- سيد جي هيٺئين راءِ کان بهتر خراج تحسين شايد نه ٿي سگهي. سيد صاحب لکي ٿو:

”شيخ صاحب جهڙيون مقتدر ۽ نامور هستيون صدين کان پوءِ مشڪل سان پيدا ٿين ٿيون. اهي ملڪ ۽ قومون خوش نصيب آهن جن ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿين ٿا. سندن داد لياقتن مان پورو فائدو نه وٺڻ ۽ انهن جي خدمتن جي قدشناسي نه ڪرڻ، قومن کي عذاب جي مستحق بڻائي ٿو. حقيقت ۾، اهڙي بزرگ هستي جي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ علحدي ڪتاب ۽ شبلي نعمانيءَ جهڙن عالمن جي قلم جي ضرورت آهي، هتي چند صحفن  ۾ سندس زندگيءَ کي قلمبند ڪرڻ ڪمال بي ادبي آهي. ليڪن سندس محد خوانن مان هئڻ جي حيثيت ۾، اها جرئت ۽ گستاخي ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ته جيئن هن پنهنجي طويل بي مزي ۽ غيردلچسپ ڪهاڻيءَ کي پسنديده ۽ دلچسپ بڻايان! خدايا! روز حساب تي هن فرض ناشناس قوم کي، جنهن جي خدمتگارن جي زمري ۾ اسين سڀ داخل آهيون، انهيءَ ڪري سزاياب نه ڪج جو هنن ههڙن دوالي بند فاقه ڪش ۽ بينظير قومي خادمن جو قدر نه ڪري، سامراجين جي نمڪ پروردن، فرعون صفت، خود مطلب ۽ جاهل فردن کي حاڪم ۽ اسلام جو عملبردار بڻايو ۽ هڪ اهڙي اسلام جي شيدائيءَ جو قدر نه سڃاتو، جنهن پنهنجي ترقي يافته، شاهوڪار ۽ قدرشناس قوم کي خيرآباد چئي پاڻ کي صرف حلقه ”غلامان محمد“ ۾ ان لاءِ داخل ڪيو جو ان پسمانده ۽ مسڪين قوم کي خادمن جي گهڻي ضرورت هئي. آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته ڪي آهين، جي هن کي سڃاڻن به ٿا، ۽ قدر به ڪن ٿا. هي براعظم هند-پاڪ ۾ غيرمعمولي صلاحيتن، سياسي قابليت ۽ ملڪي تدبر جو چونڊ فرد آهي.....“

جنب گذاريم جن سين، جي-ايم-سيد ص، 163- 164.

(1)  جيتوڻيڪ ان کان به اڳ ڪجهه وقت لاءِ، شيخ صاحب ميدان صحافت ۾ ان زماني ۾ پير رکيو جڏهن سکر مان نڪرندڙ ”الحق“ اخبار جو مدير بڻيو. هوندا سي حيات، ص- 66، مضمون قاضي عبدالمجيد عابد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org