سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 9

صفحو : 17

باب نائون

سنڌي پريس جي عام حالت

(صداقت- بي ريائي- برداشت ۽ رواداري)

گذريل صفحن ۾، قدري تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته اهي ڪهڙا مسئلا ۽ مطالبا هئا جن هندو- مسلم آبادي ۾ ۽ نتيجي ۾ سندن پريس ۾ جدائي ۽ فرقيواريت جو ٻج چٽيو ۽ ان کي هندو ۽ مسلم پريس جي الڳ خانن ۾ تقسيم ڪيو هو. پر اها به ناقابل ترديد حقيقت آهي ته مجموعي طرح رپورٽنگ ۽ ادارتي راءِ زني ۾ گهڻي ڀاڱي، انصاف، سنجيدگي، متانت ۽ حيقت حال وارن پهلوئن ۽ صحافت جي بنيادي اصولن ۽ مقصدن کي سامهون رکيو پئي ويو آهي. ٻنهي طبقن جي اخبارن درميان وڏا مناظر ٿيا، مخالفتون ٿيون، سخت تنقيديون ڪيون ويون، دلائل سان ڀريل الزام لڳايا ويا، خبرن کي رنگ ڏيئي پيش ڪيو ويو مگر مخالفت برائي مخالفت ڪانه ڪئي وئي. مخالفت جو ڪونه ڪو ڪارڻ هو. سچائي ۽ صداقت سان محسوس ڪيل ڪو وجهه سبب هو. خبرن ۽ تبصرن ۾ مبالغه آرائي ضرور هئي جا ڳالهه پريس ۾ هن وقت تائين، باوجود وڏي ترقي، جي، هلندي اچي. ائين هو ته ڪن حالتن ۾، جڏهن جوش ۽ جذبو گهڻو اٿيل هو، تڏهن هڪ ٻئي تي ناروا جهلون به ٿيون ۽ هڪٻئي کي طعنا تنڪا به ڏنا ويا. اها به حقيقت آهي ته ڪن موقعن جي ڪن هفتيوار اخبارن (۽ ڪن ٿورين حالتن ۾ ڪن روزانه اخبارن پڻ) ”بليڪ ميلنگ“ جهڙي غلط حربي جو استعمال به پئي ڪيو آهي. خصوصاً اسان جي ٻئي دور ۾ (1) ان کان علاوه غير مهذب زبان به استعمال ٿيڻ جا ڪي مثال مليا آهن ۽ ساڳئي وقت اهڙا به اهڃاڻ ميسر ٿيا آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان دور ۾، صحافين جي باهمي لفظي ويڙهه جا واقعا ٿيندا هئا ۽ ڪيترن شريفن جا پٽڪا به لاٿا ويا هئا. نثر توڙي نظم، ٻنهي کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. گهڻي ڀاڱي اهڙين صحافتي ڪاررواين جو مقصد مخالف ۽ حريف کي نيچ ڪري ڏيکارڻ هوندو هو يا وري اڳلي کي هيسائي مالي منفعت مراد هئي. ان باب ۾، ڪن جي چوڻ مطابق، مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي، سڀني کي مات ڏيو بيٺا هوندا هئا. (1) ليڪن مجموعي طرح مصلحتن ۽ وضع داريءَ کي ملحوظ رکيو ويندو. مسلمانن جي واحد روزانه اخبار ”الوحيد“ جا ڪي اهڙا مثال مٿي ڏنا ويا آهن جن مان هن قسم جي راءِ کي تقويت ملي ٿي جهڙوڪ ”سنڌ آزاد نمبر“ جي ادارتي نوٽ جي لکڻي جنهن مان مسلمانن جي حد درجي جي خوشيءَ واري موقعي تي به سندن توجهه ٻنهي قومن جي مشترڪ مسئلن ۽ سنڌ جي گڏيل خوشحالي جهڙين ڳالهين ڏانهن ڇڪايو ويو هو. مسلمانن کي ائين ڪونه چيو ويو ته ڪاميابيءَ جي موقعي کي هنبوڇيون هڻن يا هندن کي سندن ماضي وارن مخالفت ياد ڏياري کين ناڪاميءَ تي طعن ولعن ڪن. اخبار لکيو ته”.....سنڌ جي تاريخ ۾ جنهن نئين باب جو اضافو ٿيو آهي جنهن دور جديد جي شروعات ٿي آهي تنهن ۾ هڪ ڳالهه جو فائدو يقيني طور سان نظر اچي رهيو آهي ته هن کان پوءِ سنڌ جي سرڪار، سنڌ جي قانون ساز مجلس جا ميمبر پنهنجو سمورو وقت سنڌ جي بهتري ۽ ترقي جي سوال تي خرچ ڪري سگهندا. 93- سالن جي وڏي مدت کانپوءِ اهڙو موقعو سنڌ کي نصيب ٿي سگهي تنهن تي جيتري قدر به خوشيءَ جو اظهار ڪجي اوتري قدر گهٽ آهي.“

 

ان زماني ۾، انگريز سرڪار جو رعب ۽ دٻدٻو ته هڪ مڃيل حقيقت هئا پر انگريزن جا نواب، خانبهادر ۽ خانصاحب وغيره به گهٽ ڪين هئا. هو وڏي اثر رسوخ وارا ماڻهو هئا ۽ سرڪار وقت سان وفاداريءَ جو دم هڻي، ڌارين جي ايجنٽن جي حيثيت ۾ ڪجهه به ڪري گذرندا هئا ۽ سرڪار نامدار سندن ڪڌن ڪرتوتن تي چشم پوشي ڪرڻ تي مجبور هوندي هئي اهڙي دور ۾ انهن بااثر ماڻهن کي سچ جي ڳالهه چوڻ هر هڪ جو ڪم نه هو.“ روزانه ”الوحيد“ کي اهو به شرف حاصل آهي ته ان مسڪينيءَ ۽ قلندرانه انداز ۾ ساهه کڻندي به آزادي ۽ بي ڊپائي جا قابل فخر معيار مقرر ڪيا جي صحافت جي بنيادي ڳالهه آزادانه اظهار راءِ جو حق ادا ڪيو. ”الوحيد“ جي ان قسم جي خوبي ۽ خصلت جي نمائندگي، 8 جنوري 1932ع وارو اداريه ڪري ٿو. اداريه جي افاديت ۽ بلند معيار اسان کي مجبور ڪري ٿو ته پڙهندڙن لاءِ سڄي جو سڄو نقل ڪريون جنهن جو عنوان هو ”13 جنوري جشن ڇو ٿو ملهايو وڃي- آزادي لاءِ يا اظهار غلامي لاءِ.“

سنڌ جي خان بهادرن ۽ وڏيرن اعلان ڪيو آهي ته سنڌ بمبئي جي غلامي کان آزاد ٿي آهي تنهن ڪري 13 جنوري جشن ملهايو وڃي. برطانيه جي انصاف جا ٿورا مڃيا وڃن ۽ چراغان ڪجي ۽ مولوي پڙهيا وڃن وغيره- هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اهي صاحب جيڪي آزادي جي جشن لاءِ اشتهاربازي ڪري رهيا آهن سي سچ پچ بمبئي سان گڏ رهڻ واري حالت ۾ پاڻ کي غلام سمجهندا هئا ڇا؟..... جيڪڏهن سندن جواب هائو ۾ آهي ته پوءِ الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي ٻڌائين ته هنن شروع ڪائونسل کان وٺي ڪيترا دفعا سنڌ تي ڍل مڙهڻ ۽ محصول پوڻ ۽ آبپاشي جي بل لاڳو ٿيڻ ۽ ٻين انيڪ ٺهرائن تي گورنمينٽ جو بائيڪاٽ ڪيو؟ ۽ هنن ڪيترا دفعا انهيءَ غلاميءَ کان بيزاريءَ جو اظهار ڪيو؟ بلڪ جيڪڏهن ڪائونسل جي تاريخ کي ڏسبو ته هر وقت ۽ هر موقعي تي هي صاحب گورنمينٽ سان هان ۾ هان ملائيندا ۽ کين ناجائز قانون ٺاهڻ ۾ ووٽن ۾ امداد ڪندا آيا آهن، جنهن کي بمبئي پريزيڊنسي جا سمورا ميمبر نالان آهن. هاڻي تازو به جڏهن ملڪ تي آرڊيننس بل منظور ٿي رهيو هو ته بابا مير محمد بلوچ ۽ شيخ عبدالمجيد کان سواءِ سنڌ جو ٻيو ڪو ايم. ايل.سي هو جو انهيءَ موتمار بل جي مخالفت ڪري ها. مخالفت ته ڇڏيو پر ان کان غير جانبداري ڏيکاري ها؟ اسان کي ته جيتري قدر معلوم آهي ته هي حضرات بمبئي ڪائونسل ۾ هر طرح آرام ۾ هئا. هر وقت گورنمينٽ جي امداد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ڏيو بيٺا هئا، باقي غلامي ڪهڙي هون. جنهن کا تنگ ٿي چڪا هئا. جنهن ڪري هاڻي آزادي جي رڃ کي پاڻي سمجهي جشن ملهائڻ لاءِ ڊوڙيا آهن.

”غور سان ڏٺو ويندو ته اهو جشن آزاديءَ لاءِ نه پر اظهار غلاميءَ لاءِ ملهايو وڃي ٿو. يعني ته رمضان شريف جي مهيني ۾ جمع جهڙي متبرڪ ڏينهن عام ماڻهن کي حڪم ڏجي ٿو ته جمع نماز کانپوءِ سرڪار جي دبوديت ۽ بندگي جو اظهار ڪيو! انالله و انا اليه راجعون. مسجدن ۾ خدا تعاليٰ جي شڪريه ادا ڪرڻ جي ڍونگ جو حقيقي مطلب آهي ته ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو وڃي ۽ ان کان پوءِ مسجدن کان ٻاهر ڪڍي برطانيه جي انصاف پروري جي عيوض شڪرانه جا نفل ادا ڪيا وڃن.!!

”افسوس فقط هي آهي ته اڳ سرڪار جي غلامي يا محبت ۾ ڪم ڪندڙ هنن ماڻهن ۾ الائي ڇو ايتري جرئت ٿي آهي جو انهيءَ منحوس غلامي جي تعليم کي عوام غريب ايماندار مسلمانن تائين پکيڙڻ گهرن ٿا. جنهن کان هنن ويچارن جون دليون معصوم ۽ دماغ بي خبر آهن.

فقط پنهنجو مطلب

”انهي مظاهري مان غريب عام ماڻهن کي ڪوبه فائدو رسڻو ڪونه آهي جيڪڏهن فائدو رسڻو آهي ته انهي جشن ملهائيندڙن کي. يعني ته هو سرڪار کي پنهنجي غير فاني ۽ ازلي وفاداري جو ثبوت پيش ڪرڻ کانپوءِ ضرور نعمتن ۽ انعامن جا حقدار ٿيندا يعني ته جيڪي اڃا خانبهادر نه آهن سي خانبهادر ٿيندا ۽ ڪي خانصاحب نه آهن تن کي خانصاحبيءَ جو شرف نصيب ٿيندو. ڪي خانبهادريءَ جي درجي کان وڌي او. بي. اي يا سر وغيره جي القابن جا مستحق ٿيندا. ڪن کي زمينيات جي مرحمت ٿيندي. هاڻي ٻڌائڻ گهرجي ته پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن کي ڇو انهي غير مناسب حرڪت ۾ شرڪت ڪيو وڃي ٿو. غريبن کي هنن اميرن کي القابن ملڻ يا ذاتي فائدي حاصل ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو رسندو؟ تنهن ڪري اسان سنڌ جي مسلمانن کي صاف طرح ٻڌائڻ گهرون ٿا ته جنگ کان پوءِ صلح جشن ڪري سنڌ جي اميرن پنهنجا مطلب حاصل ڪيا. تيئن هاڻ به اهو نمونو رکيو ويو آهي. تنهن ڪري اوهان ان کان ڀڄي بيزار ٿيو ۽ وڏن ماڻهن کي پنهنجي حالت ٿي ڇڏي ڏيو. ته ڀلي پنهنجي بنگلن ۾ ويهي رمضان مهيني ۾ سرڪار جي پروريءَ انصاف جو جمع رات وظيفه پڙهن.“

 

مذهبي رواداري ۾ غير فرقيواريت جي ادارتي موقف جو مثال اسان اڳ الوحيد 23 نومبر 1923ع جي اشاعت جو ڏئي چڪا آهيون.

پر ان کان گهڻو اڳ، خود هندو ۽ غير مسلم اخبار نويسن طرفان ذهني وسعت ۽ برداشت جو مظاهرو ٿيندو رهيو. جنهن جي ڪيئي مثال، سنڌي پريس ۾ پکڙيل آهن. اختصار خاطر هتي اسان هڪ ٻن اهڙن مثالن تي اڪتفا ڪنداسين. هڪ اهڙو مثال ڏجي ٿو. جنهن جو لکندڙ غير مسلم آهي پر عبارت ”مسلمانڪي“ ٿي لڳي. پندرهن روزه ”جوت“ 1892ع کان سنڌي زبان جي هڪ وڏي ڄاڻو (پهرين هندو ۽ بعد ۾ عيسائي) مسٽر پرمانند ميوارام جي ادارتي نگرانيءَ ۾ جاري ٿي ۽ ساڳي سنڀال هيٺ 1938ع تائين نڪرندي رهي. ”جوت“ 21 سيپٽمبر 1942ع واري اشاعت جي پهرين صفحي تي چند نصيحت ڀريل ٽوٽڪا ڇپيا آهن. جيڪي پڙهڻ وٽان آهن. پر هڪ ٽوٽڪو توهان به ٻڌو جنهن جي ٻولي جهڙوڪ ٺيٺ ”مسلمانڪي“:

”شيخ سعدي چوي ٿو ته ڪي به ٿي پوندو هو يا ڪهڙي به تڪليف درپيش ايندي هئي. ته ڪڏهن مون ڪرڪر نه ڪئي. مگر هڪ لڱا پيري اگهاڙو هوس ۽ ايتري وسعت ڪانه هيم جو کڻي جتي ڳنهان، تڏهن سو ڏاڍو وجهليس، ۽ دل ۾ ارمان جي ڪوفا شهر جي وڏي محلي ۾ ويس. اتا ڇا ٿو ڏسان ته هڪڙو ماڻهو آهي جنهنکي ٻئي پير ڪين جڙن. تڏهن دل ۾ چيم ته اي سعدي، تون جتي جي افسوس ۾ آهين پر هن ڏي نهار ته پير ڪين اٿس، خدا جلشانه جا شڪرانا بجا آڻ ۽ صبر ڪري سهه.“

 

اهو به ٻڌائي چڪا آهيون ته ادارتي دليل بازي، حقيقت ۽ صحت کي مڃيندي، ڪيئن نه هندن جي هڪ اخبار ”الحق“ ۾ اڳ ڇپيل اداريه جو بنا تعصب ۽ رک رکاء جي حوالو ڏيندي بلڪ تائيد ڪندي، ان وقت جي پوليس کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي ناپسند ڪيو هو ۽ ننديو هو. ”الحق“ جو موقوف هو ته ٽيهارو سال اڳ جيڪا پوليس وارن جي ڪارڪردگيءَ جي حالت هئي. بعد ۾ ان ۾ ڪو ڦيرو نه آيو هو بلڪ ايتري ٿي هئي. ”الحق“ موجب نه رڳو ترقي نه ٿي آهي پر هن اهم شعبي ۾ زوال آيو هو.

 

”الوحيد“ 18 آڪٽوبر 1929ع واري ادارئي ذريعي، ان وقت جي ٻن مشهور مسلمان صحافين ۽ شاعرن مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مرحوم مولوي نورمحمد نظاماڻيءَ جي باهمي قلمي ويڙهه جو سخت نوٽيس ورتو هو ۽ سندن ”ڪن مهٽ“ ڪئي هئائين. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجي هجڻ سبب، غلط قدم هروڀرو برداشت ڪرڻ يا چشم پوشي ڪرڻ ”الوحيد“ اخبار جو مرڪ نه هو. هن جي اڳيان پنهنجي يا پرائي واري ڳالهه جي ڀيٽ ۾ حقيقت حال ۽ واقعاتي صورتحال وڌيڪ اهم هئي.

 

نه رڳو ايترو پر جيڪڏهن ڪنهن قومي مسئلي تي اهڙي تقاضا هئي ته باوجود اختلاف راءِ جي به، هندو مسلم اخبارن ساڳئي قسم جو رويو ۽ مشترڪ رخ پئي اختيار ڪيو آهي. جيڪو سڄاڻ ۽ حقيقت پسندانه پريس جي علامت چئي سگهجي ٿي. اهڙي ادارتي هڪجهڙائي واري ردعمل آڇڻ وقت، باهمي اختلاف راءِ يا ٻي ڪا اڻبڻت جو ڪوبه لحاظ نه ٿي رکيو ويو. مهاتما گانڌيءَ جو ان وقت جي وائسراءِ مسٽر ارون سان ڪن شرطن تي ٺاهه ٿي ويو. جيڪو ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ۽ اخبارن کي نه وڻيو هو.

 

الوحيد 8 مارچ 1931ع تي هڪ ادارتي نوٽ ذريعي ان ٺاه کي ۽ مهاتما گانڌيءَ جي روش کي سخت ننديو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن اهو ڪجهه وٺي انگريز سان صلح ڪرڻو هو ته پوءِ عوام کان ايڏيون وڏيون قربانيون ڇو ڏياريون ويون جن ۾ لٺيون جهلڻ ۽ جيل ۾ وڃڻ به شامل هو. اخبار وڌيڪ لکيو:

”مهاتما گانڌي هڪ مهاتما يا صوفي ماڻهو آهي. سياسي ميدان ۾ گهڙي جيڪي هن گذريل 10 ورهين ۾ خوفناڪ غلطيون ڪيون آهن. تن مان هيءَ به هڪڙي سمجهڻ گهرجي.“

 

ان ساڳئي موضوع تي، ڪانگريسي اخبار، ”هندو جاتي “ هن طرح راءِ زاني ڪئي:

”مهاتما ۽ ٻين ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميمبرن وائسراءِ سان ٺاهه ڪري گول ميز ڪانفرنس ۾ وهڻ ته قبوليو پر جي جوان جيل ويا، گولين جو شڪار ٿيا تن جي آتما ترڀٽ (خوش) ٿيندي؟ نوجوان اهوئي شنڪلڀ (ارادو) ڪري گهر ڇڏي، ٻاهر لڙائي جي ميدان ۾ نڪتا هئا ته پورن آزادگي هٿ ڪري پوءِ گهر ڏي موٽنداسين مگر ڀارت جي ليڊرن بنا ڪنهن مقصد پهچڻ جي اڳ ۾ صلح ڪري سرڪار جي گول ميز ڪانفرنس ۾ ساڳي نموني عريضين پيش ڪرڻ جو نمونو اختيار ڪيو آهي. جيڪڏهن اڳواڻن جي من ۾ اهڙيون ڳالهيون هيون ته پوءِ لاهور ڪانگريس ۾ پورن آزادي ٺهراءُ آڻڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟ “

 

1926ع ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو جنهن مان ان وقت جي سنڌي اخبارن جي رپورٽنگ جي معيار متعلق روشني پوي ٿي. ”الوحيد“ 17 جولاءِ 1926ع واري اشاعت ۾ ”سنڌ جي ايڊيٽرن جي ڪامياب ڪانفرنس“ جي سري هيٺ اخبار نويسن جي ڪانفرنس ٿيڻ تي، سر عبدالله هارون تعريف ڪيل آهي جنهن جي ڪوشش سان اها ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. ان جي ڪارروائي مطابق 43 اخبار نويسن مان 36 ڄڻا ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا. ۽ 7 ڄڻا به ان ڪري حاضر نه ٿي سگهيا هئا جو هنن کي پوري ريت صحافي جي مقرر ڪيل تعريف موجب اخبار نويس نه ٿي ڪوٺي سگهيو ويو. هيءَ هڪ تحريڪ هئي جنهن جهڙي سڄي هندوستان ۾ هن کان اڳ نه قائم ڪئي وئي هئي. ان ڪانفرنس جو مکيه مقصد امن امان قائم رکڻ ۾ اخبار نويسن جو تعاون حاصل ڪرڻ هو.

 

ان ڪانفرنس جو چيف گيسٽ، سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ڪئڊيل هو جنهن تقرير ڪندي چيو ته هن جي خيال ۾، سنڌ جي اخبارن ۾ ذاتي حملا گهڻا ڇپجن ٿا، پوءِ اهي سرڪاري عملدارن تي هجن يا ٻئي ڪنهن مذهب وارن تي، واجبي نڪته چيني اخبارن ۾ ٿيندي رهي ٿي پر ذاتي حملن ۾ حد کان لنگهڻ نه کپي.

 

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اخبار نويسن جو ان کان به هڪ وڏو ٻيو عيب آهي ۽ اهو هي آهي ته اخبارن ۾ بلڪل ڪوڙيون خبرون (1) پڌريون ڪيون وڃن ٿيون  ۽ پوءِ جڏهن انهن جي غلط هجڻ جو پردو فاش ٿئي ٿو. تڏهن وري اهي پنهنجي اخبارن ۾ ان جي درستي به پڌري نه ٿا ڪن. هن ان سلسلي ۾، زالن جي ڀڄائڻ جي خبرن جو مثال ڏنو. هن چيو ته ان ڪري نتيجو اهو ٿو نڪري ته قوم ۾ نفرت ۽ ڪشمڪش پيدا ٿئي ٿي. ان سبب ڪري، سنڌ ۾ هندو-مسلم ڪشمڪش زور ورتو آهي. اگرچ هندستان جي ٻين حصن ۾ به آهي پر سنڌ جون قديم روايتون ۽ هتي قومن جا پاڻ ۾ قديم عمدا تعلقات اهڙا رهيا آهن جو اهڙي حالت هجڻ ئي نه کپي. ان کانپوءِ ڪمشنر چيو ته مجموعي طرح بهرحال صحافي امن جا خواهان رهيا آهن! ان ڪري اسين اخبار نويسن جي هن مبارڪ ڪوشش کي آفرين جي نظر سان ڏسون ٿا. اخبارن جي قلمي طاقت کي هرڪو تسليم ڪندو خاص ڪري سنڌ ۾ جتي تعليم گهٽ آهي ۽ ماڻهو هر ڇپيل ڳالهه کي سچ سمجهڻ لاءِ تيار آهن. (1)

 

(الف): زراعت جي حالت اخبار وارن جي نظر ۾

ٻيو ميدان جنهن ۾، سنڌي پريس جو مشترڪ ۽ هڪجهڙو رويو رهيو آهي سو آهي زراعت جو شعبو. شروع کان زرعي پرڳڻي جي حيثيت سان، اسان جي سنڌ صوبي ۾ رهندڙن مان غالب اڪثريت جي رزق روزگار جو تعلق کيتيءَ سان رهيو آهي. سنڌو درياءَ جو پاڻي ماڻهن لاءِ گويا آب حيات جو درجو رکي ٿو ڇوته هتي برسات تمام گهٽ پوي ٿي ۽ هميشه پوکي راهي جو انحصار نديءَ جي پاڻي تي رهيو آهي. اهڙن علائقن جي ماڻهن جون اکيون مينهن لاءِ آسمان ڏانهن آسائتي انداز ۾ نهارينديون رهنديون هيون جتي درياءَ جي پاڻيءَ جو پهچڻ مشڪل هو. بارش لاءِ بيتابي جو نقشو عوامي شاعر هن طرح ڪڍيو آهي:

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي تاڙي ڪئي تنوار
هارين هر سنڀاهيا سرها ٿيا سنگهار
اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا
ائين ٿو معلوم ٿئي ته سنڌي پريس ۾، زمينداري ۽ هارپ بابت احوال  ۾ هڪ تسلسل رهيو آهي جيڪو قابل غور هجڻ سان گڏوگڏ اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته زرعي صوبي هئڻ جي باوجود سنڌ ۾ زميندار ۽ هاريءَ جي حالت ڏاڍي مايوس ڪن رهي آهي. هو گهڻو ڪري هميشه ڏتڙيل ۽ مالي طرح ڪمزور رهيا آهن. ان جا ڪارڻ ڪيترائي ٿي سگهن ٿا پر وڏي ۾ وڏو سبب زرعي سڌاري ڏانهن بي توجهي ۽ غيرهمدردانه روش رهي آهي. ان بي توجهي جو ڪارڻ وري اها حالت رهي آهي ته زرعي پيشه ماڻهو منظم ڪڏهن به نه رهيا آهن ۽ آواز اٿارڻ لاءِ جنهن ڳالهه جي ضرورت هوندي آهي يعني اخبار سا سندن ڌيان ۾ ئي نه ٿي اچي. هن طبقي جي حالت واقعي رحم جهڙي آهي ڇوته کيس کائي پيئي سڀڪو (ويندي پکين تائين) پر ٻڌيس ڪو ورلي.

 

اسان هنن لاءِ ٻيو ته ڪجهه ڪونه ٿا ڪري سگهون پر پراڻن اخبارن جي فائيلن ڏسندي جيڪي مختلف مرحلن تي مواد مليو آهي، اهو پڙهندڙن لاءِ ان ڪري پيش ڪريون ٿا ته اهي اهو احوال ”اخباري زباني“ ٻڌن ۽ زراعت جي پيشي سان مسئلن جو تسلسل نظر مان ڪڍن. اهو اڀياس بذات خود هڪ دلچسپ آکاڻي آهي.

 

ماهوار ”زميندار گزيٽ“ حيدرآباد مان نڪرندي هئي. ان جي مارچ 1909ع واري پرچي جو ادارتي عنوان آهي ”زميندار ۽ هاري جي حالت“ ان جا ويچار ملاحظه ڪريو:

 

”ويچارا زميندار زمين جي آباد ڪرڻ لاءِ واپارين کان قرض وٺي وياج ڀري زمين ۾ ان هاري ڇڏين ٿا. ان وقت واڻيا واپاري انهن کي مهانگو مثلاً پنجن رپين ۾ هڪ مڻ ڏنائين ته فصل لهڻ تائين وياج پيو هڪ روپيو. ڪل ٿيا ڇهه روپيه. ڪڙمين ۽ زميندارن ڇهه مهنا محنت ۽ سنڀال ڪري، ان ڳاهي صاف ڪري، ديري ۾ گڏ ڪري رکيو. اتي ديري ۾ زميندار ڪڙمي اچي حاضر ٿيا ۽ ٻيا ڪاسبي، حجام، ڊکڻ، شڪاري، ڪونڀار، ڪوٽوال، مهاڻو، ملان، فقير ۽ زميندار خرچ ۽ ديهه خرچ سڀ اچي حاضر ٿيا آهن. پهريائين انهن ذڪر ڪيل اسمن بابت، ڪنهن لاءِ ڌڙي يعني پنج سير، ڪنهن لاءِ ٻه ڌڙيون ان ڀريندا ٻار مان ويندا ڏيندا. هي لاڳ جيئن گهوٽ ڪنوار جي شادي مهل ڪنواريتا اڳاڙيندا آهن، تيئن اڳاڙي وٺندا. باقي جيڪي ان بچندو تنهن جي بٽائي ڪندا. جنهن مان زميندار پنهنجو حصو جدا ڪيو ۽ ڪڙمين پنهنجو حصو جدا ڪيو. اتي قرضدار جنهن کان اڌارو ان ورتو ويو هو. مثلاً هڪ مڻ سو به وٺي ٿو پنهنجو قرض هن منزل تي ان سهانگو ٿي ٽي روپيه هڪ مڻ آهي. تنهن ڪري قرضدار به وياج وارن پيسن سميت ٻه مڻ ان جا وٺي گڏهه ڀري روانو ٿيو. ان کانپوءِ زمنيدار تي وڏو بار سرڪاري ڍل جو ۽ ٻيا لاڳ ڪنواريتن جا وڪڻي پورائو ڪيو. سو نيٺ اهو ان سهانگي اگهه ۾ وڪڻي پورائو ڪيو. زميندار کي زمين جي پيدائش اهڙي ريت لاڳدار کڻي ويا، زميندار غريب ويٺو زمين کوٽي. جيئن هي پهاڪو آهي: ته اڳوڻن وقتن ۾، سيوان (سيوهڻ) جي شهر منجهه ڪو شخص پنهنجن ٻچن ٻارن جي پيٽ قوت لاءِ ٻارنهن گدرا کڻي وڪڻڻ لاءِ اچي ويٺو هو. مٿان آيس تيرهن لاڳدار، ٻارنهن لاڳدارن ٻارنهن گدرا کڻي ورتا. لاڳدارن ۾ باقي رهيو تيرهون تنهن وري پنهنجي گدري جي لاڳ ۾ انهي غريب جو اوڇڻ کڻي ورتو. تنهن ڪري اهو پهاڪو چوندا آهن ته ٻارنهن گدرا تيرهن لاڳدار. سو انهي پهاڪي وانگر زميندارن سان به پيئي گذري.“

سکر جي ”سنڌ زميندار“ (11 سيپٽمبر 1922ع) پنهنجي ادارئي ۾ ساڳيو رودن روئيندي، ”زميندار ڌيان طلب“ جهڙي عرض اپيل واري عنوان هيٺ جيڪي لکيو، ان مان چند حوالا ڏجن ٿا:

 

”20 مئي 1922ع تي اسان ڍلن جو واڌارو انهي عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو جنهن ۾، اسپيشل سيٽلمينٽ آفيسر مسٽي هي (Hay) صاحب جي ڌيان تي آندو هيوسون ته زميندارن جي مالي حالت جو سندن ٻاهرين ٺاٺ تي اندازه ڪرڻ نه گهرجي. ان لاءِ سندن اندروني حالت تي ويچار ڪرڻو پوندو. سندن مالي حالت چڪاسڻ لاءِ سول ڪورٽن جون ڊڪريون، انڪبرڊ اسٽيٽس جا دفتر،  تقاوي لاءِ سندن درخواستن جو تعداد ۽ رجسٽرارن جا دفتر جن ۾ بيع ۽ گروي نامه خواه قرض جا دستاويز داخل آهن، ڏسبا ته يقين ٿي ويندو ته هو ڏئي وٺي بيٺا آهن. انهيءَ ڪري ڍل وڌائڻ لاءِ سبب آهي ڪونه. اسان اها به حجت اٿاري هئي ته ٻيا رعيتي جن کي صدها قسم جا سهنج حاصل آهن سي ڇا ٿا محصول ڀرين ۽ هي جن جي لاءِ ڪو سهنج ڪري ڏنل گويا ڪونهي تن کان ڇا ٿو ورتو وڃي سو جيڪڏهن جاچبو ته معلوم ٿي ويندو ته زميندار اڳي ئي ٻين کان وڌيڪ کائڻ وٺڻ بلڪل زيباور ڪين ٿيندو. ان بعد اسان اناج جي اگهن جي زيادتي تي بحث ڪيو هو جو ڄاتوسين ٿي ته ان ڪري زميندار جو فائدو وٺي ٿو تنهن جو حصو سرڪار کي ملڻ گهرجي. ان باري ۾ اسان ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اگهن مان فائدو زميندار وٺي سگهن ئي نه ٿا. فائدو واپارين کي ئي رسي ٿو جي سستن اگهن ۾ اناج وٽانئن کنيو وڃن ٿا. انهي هوندي به چئبو ته ڪجهه نه ڪجهه واڌاري زميندار کي ملي ٿو ته کيس خرچ به وڌيڪ ڪرڻو پوي ٿو......“

وري هفتيوار ”مسلمان“ ميرپورخاص (6 اپريل 1937ع) جو اداريه به پڙهو جنهن جو ڊگهو عنوان ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي ٿو. عنوان آهي:

 

”ٿرپارڪر جا زميندر ۽ انهن جي زبون حالت
ڍلن تقاوين سوسائٽين جا موتمار قرض

 

زمينن جي نيلام جا آرڊر

رحمدل سرڪار کي رحم جي درخواست“

” ”مسلمان“ جي ڪنهن ويجهي اشاعت ۾ ٿر ضلعي جي زميندارن جي حالت بابت هڪ مختصر نوٽ ۾ اسان سرڪار جي ڌيان تي آندو هو ته لڳو لڳ ڪيترن سالن کان هنن جي فصل کي هر سال ڪانه ڪا آفت پهچندي رهي ٿي، ڪڏهن پوکون ٻڏي وڃن ٿيون ته ڪنهن سال برسات ۾ نقصان ٿيو وڃن، اڪثر روڙي ۽ مهلي کان به لاحاصل ٿينديون رهيون آهن. زميندار ويچارا هر سال فصل جي ناس ٿي وڃڻ کانپوءِ ايندڙ فصلن ۾ تيارين ۾ پناه وٺڻ لڳا ۽ صرف هن اميد تي ته فصل چڱا ٿيندا ۽ قرض لاهي ڇڏينداسون مگر ائين نه ٿيو ۽ سڀڪو سال ڪنهن نه ڪنهن مرض ۽ آفت کان لاحاصل ٿيندو رهيو اهڙي طرح هو ڪو به سرڪاري قرض لاهي نه سگهيا......“

 

هاڻوڪا احوال به ٻڌو. 20 اپريل 1980ع تي، روزانه ”آفتاب“ (حيدرآباد)، ان ساڳئي موضوع تي ادارتي نوٽ لکندي تقريباً ساڳيا سور سڻايا. اداريه جو سرو هو ”زرعي قرضن جون وصوليون.“

 

”زرعي قرضن جي وصولي متعلق، سنڌ جو آبادگار طبقو بار بار مطالبو ڪندو رهيو آهي ته انهن قرضن جي وصولي ۾ وڌ ۾ وڌي نرمي کان ڪم ورتو وڃي، کين سمورو وياج معاف ڪيو وڃي ۽ بقايائون آسان ڇهه ماهي قسطن ۾ ورتيون وڃن. مگر ڏسجي پيو ته آبادگارن جي انهي جائز مطالبي ڏانهن ڪو توجهه ڪونه ڏنو ويو آهي ۽ وصولين جي مهم کي تيز ڪيو ويو آهي، جنهن سبب آبادگار طبقو قدرتي طور سخت پريشان آهي.

 

سنڌ جي آبدگارن ڏانهن نهايت پراڻا قرض رهيل آهن جن جي وقت سر ادائگي نه ٿي سگهي، جنهن لاءِ ڪجهه قدر آبادگارن جي سستي ۽ گهڻي ڀاڱي اهي قدرتي مصيبتون ذميوار آهن جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان، سنڌ تي نازل ٿينديون رهيون آهن ۽ سنڌ ۾ طوفان ۽ برساتن رکي رکي نقصان پئي پهچايو آهي. گذريل ڇهن سالن ۾ ٻه وڏيون ٻوڏون آيون آهن، هڪ ۾ صوبي جي وڏي حصي کي ۽ ٻئي ۾ پوري صوبي کي آفت زده علائقو قرار ڏنو ويو. انهي جي بعد به برساتن فصلن کي ڪافي نقصان پهچايو. اهو سبب آهي جو اڪثر آبادگار بقايائون ادا ڪرڻ ته پري رهيو پر پنهنجو گذر سفر ڪرڻ ۾ مشڪل آهي.

 

هن وقت جڏهن خريف جي مکيه فصل جي پوک جو ڪم هلي رهيو آهي، زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي قرضن جي وصولي آبادگارن لاءِ ٻه طرفي پريشاني جو باعث بڻجي چڪي آهي. هڪ طرف آبادگارن سستن اگهن تي اڳواٽ ڪڻڪ ٻولي بقايائن جو ڪجهه حصو ادا ڪيو جنهن سبب کين نقصان پهتو، ٻئي طرف هو خريف جو فصل پوکڻ ۾ مشڪل محسوس ڪري رهيا آهن جو وٽن ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ گهربل رقم ميسر نه آهي. جيئن ته هو باقيدار آهن، انهي ڪري کين ڪنهن بئنڪ طرفان به قرض وغيره ملڻ جو آسرو ناهي. اهڙي حالت ۾ مشڪل سان پنهنجو فصل پوکي سگهندا. پر جي مٿن وصولي جي موجوده تڙ ڀيڙ ۽ وٺ پڪڙ رهي ته هو خريف جو فصل پوري طرح پوکي نه سگهندا، جنهن سبب کين وڏو نقصان ٿيندو ۽ زرعي پيداوار به متاثر ٿيندي.

 

”ائين برابر آهي ته باقيدارن کي پنهنجون بقايائون جلد از جلد پيارڻ گهرجن، جيئن مٿانئن اهو بار هلڪو ٿئي ۽ اهو پيسو ٻين ترقياتي ڪمن ۾ ڪم اچي مگر انهي سان گڏ آبادگارن جي هن وقت جيڪا سقيم حالت آهي تنهن کي پيش نظر رکڻ گهرجي. حقيقت ۾ قومي معيشيت جو وڏو مدار پوک ۽ آبادگارن تي آهي. اهڙي حالت ۾ آبادگار وڌ ۾ وڌ سهولت، رعايت ۽ نرمي جا مستحق آهن.

 

آبادگارن جو اهو مطالبو بلڪل جائز آهي ته کين وياج معاف ڪيو وڃي ۽ بقايائون آسان قسطن ۾ ورتيون وڃن. اسان وٽ شهري آباديءَ کي ڪروڙن روپين جا قرض هن کان اڳ معاف ٿي چڪا آهن. ڪچين بستين وغيره جي نالي ۾ به ڪروڙن رپين جون معافيون ملنديون رهن ٿيون، مگر افسوس ته آبادگارن سان ڪابه اهڙي رعايت نه ٿي ڪئي وڃي، حالانڪه آبادگار طبقو اهڙي رعايت جو وڌيڪ مستحق آهي.

 

اسان حڪومت کان مطالبو ڪنداسين آبادگارن جي حالت تي وڌ ۾ وڌ توجهه ڏنو وڃي. وصولين جي مهم کي فوري طور روڪيو وڃي، آبادگار ڏانهن قرض جي وصولي متعلق اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي جيئن بقايائون به وصول ٿينديون رهن ۽ آبادگارن کي به پريشاني ۽ نقصان نه ٿئي. انهيءَ ڏس ۾ آبادگارن جي نمائنده ادارن سان صلاح مشورو ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

 

اسان هتي پنهنجو مشورو وري دهرايون ٿا ته زرعي قرضن تي سمورو وياج معاف ڪيو وڃي، آبادگارن کان آسان قسطن ۾ بقايائون وصول ڪيون وڃن ۽ اهي قسطون ايندڙ خريف جي فصل لهڻ کانپوءِ وصول ڪيون وڃن.“

 اهو آهي ذري گهٽ مني صديءَ تي پکڙيل، زراعت ۽ ان سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو داستان غم جو اسان لاءِ سنڌي پريس محفوظ رکيو آهي ۽ جنهن ۾ اسان سڀني لاءِ وڏا سبق آهن.


(1)                بزرگ صحافي پير علي محمد راشديءَ به ايڊيٽرن جي ”چوڳي ۽ چندي“جو ذڪر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پير صاحب پنهنجي منفرد دلچسپ پيرائي ۾ روشني وڌي آهي ۽ هڪ مزيدار واقعو پڻ بيان ڪيو آهي. لکي ٿو:

 

 ”ان زماني ۾ ڪنهن مضمون شايع ڪرڻ لاءِ وي. پي جو دلاسو ڏيڻ لازمي هوندو هو. ايڊيٽر کي چندي جو دلاسو رسيو ته مضمون جو مطلب ڇا آهي، تنهن جي ڪا پرواهه ڪانه ڪندو، اکيون ٻوٽي شايع ڪري ڇڏيندو. پوءِ ڀل اڳتي هلي ان مان خود سندس پنهنجي وجود لاءِ ڇو نه ڪو خرخسو پيدا ٿي پوي. اڪثر اهڙن ئي مضمونن جي بنياد تي، ايڊيٽرن جي خلاف بدناموسيءَ جا ڪيس داخل ٿيندا هئا ۽ هڪ سال چندي عيوض ويچارن کي ورهين جا ورهه ڪورٽن جا گشت ڪاٽڻا پوندا هئا.

 

سردار سهراب خان کي خاص طرح سان اها صلاح ملي چڪي هئي ته ايڊيٽرن کي وات ۾ هميشه چوڳو وجهندو رهي، تنهن ڪري هو صاحب هر اخبار جو مستقل خريدار هوندو هو. جيڪا به نئين اخبار نڪرندي هئي تنهن جو پهروين پرچو سهراب خان جي نالي ضرور وي. پي ٿي ويندو. ايڊيٽر ان سببان هميشه سندس لحاظ رکندا هئا. نزلو ٿيندو هوس ته به پبلڪ کي اپيلون ڪندا هئا ته هن مخبر ۽ فخر قوم سردار جي جان بخشي ۽ صحت لاءِ مٿي کڻي ڌڻي اڳيان ٻاڏايو وڃي“- اهي ڏينهن اهي شينهن- پير علي محمد راشدي- ص، 288- 289.

(1)    خود مرحوم نظاماڻيءَ کي بعد ۾ احساس ٿيڻ لڳو هو ته خصوصاً مسلمان ايڊيٽر حد کان ٽپي رهيا آهن. نوراسلام مورخه 19 مئي 1929ع جي اداريه هن ان افسوسناڪ حالت جو اظهار ڪيو آهي ۽ پرزور اپيل ڪئي ته ”ٻڌايو ته اسان جي اها حالت ڏسي ڪهڙي غير مسلم کي کٽي کڻندي جو اچي اسلام ۾د اخل ٿيندو؟“

مولوي صاحب لکيو:

 

”...... اڳي هوندي هئي فقط زبان جنهن وسيلي ڪابه ڳالهه پنهنجن دوستن ۽ پاڙي وارن تائين محدود رهندي هئي ۽ هاڻي انهن اخبارن جا ڪالم. فلاڻي انجمن جو حساب ڪوڙو نڪتو، فلاڻي مدرسي ۾ غبن ثابت ٿيو فلاڻو ليڊر هيترو چند هضم ڪري ويو، فلاڻي پير صاحب پيريءَ ۾ نڪاح ڪيو، فلاڻو مولوي بچه باز آهي. فلاڻي خاندان جي سفيد سياهي سان ملي وئي. فلاڻي گهراڻي جو نڪ ڪپجي ويو، فلاڻي جي زال، فلاڻي جي ڌيءُ، فلاڻي جي ماءُ ههڙي تهڙي......“

 

هي آهن اسان جي اخبارن جو سرخيون. هي آهن اسان جي روزنامن جي مقالات عنوان. گويا الله جي نزديڪ مومن جي عزت جيتري قدر قيمتي آهي ٺيڪ انهيءَ جي مقابل اسان جي نظر ۾ هلڪي ۽ بي وقعت ٿي وئي آهي. خدائي برتر جيتري فضليت مومن عيبن ۽ ڪمزورن کي لڪائڻ ۽ ان تي پرده وجهڻ جي بيان ڪئي وئي آهي، اوتري ئي خوشي اسان کي هڪ ٻئي جي پرده دري ڪرڻ هڪ ٻئي تي گندگي اڇلڻ ۽ هڪٻئي کي ذليل ۽ رسوا ڪرڻ ۾ ٿي رهي آهي.....“

(1)  بزرگ صحافي پير علي محمد راشديءَ کان جڏهن هي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته ”سنڌي صحافت واري ميدان ۾ ڪهڙو نمايان واقعو ٿيو“ ته ٻڌايائين ته ”ٻيو مڙئي خير هو. پر جاڏي ڪن ڏي ته بدناموسي جي ڪيسن جي ڌم هوندي هئي. اهو ان ڪري هو جو ڪوڙيون ۽ غلط خبرون عام ڇپيون هيون.“

(1)  الوحيد 17 جولاءِ 1926ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org