پبلشر طرفان
اسان وٽ گهڻو ڪري اهو ٿيندو آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سڄاڻ محقق
ايم- فل يا پي- ايڇ- ڊي وغيرهه جي ڊگري حاصل ڪرڻ
لاءِ وڏي محنت ۽ ذهانت سان تحقيق ڪندا آهن. کين
محنت جي اجوري طور ڊگري ته ملي ويندي آهي پر سندن
ڪيل ڪم سون جيءَ صورت ۾ ڪٻٽن ۾ پيو سڙندو آهي ۽
علم جو عام طالبو انهيءَ علمي ذخيري کان محروم
رهجي ويندو آهي.
انهيءَ محروحي کي محسوس ڪندي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي شروع کان
وٺي اها ڪوشش پئي رهي آهي ته اهي مسودا هٿ ڪري،
ڇپائي عام پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيا وڃن ته جيئن هڪ
پاسي عام پڙهندڙ انهيءَ مان لاڀ پرائي سگهي ۽ ٻئي
پاسي محقق جي محنت جي وسيع پيماني تي قدرداني ٿئي.
هي ادارو هن ٿيسز کان اڳ به ڪيتريون ئي ٿيسز شايع
ڪري چڪو آهي.
ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو سنڌ جو ڄاتل سڃاتل محقق آهي. هن وڏي
جاکوڙ ڪري نه رڳو سنڌ جي صحافت جي انگ انگ کي ويهي
کوليو آهي، پر انهيءَ عرصي جي سياسي تاريخ به اسان
جي اڳيان چٽي ٿي بيهي ٿي.
انهيءَ دعويٰ سان اسان هيءُ ڪتاب اوهان اڳيان پيش ڪريون ٿا ۽
اميد رکون ٿا ته ڊاڪٽر صاحب جي هي محنت صاب پوندي.
مهتاب اڪبر راشدي
انتساب
احسان جي اعتراف ۾، هن تحقيق جي تحرير
والد محروم ڏانهن منسوب ٿو ڪريان
جنهن پڙهڻ وهاريو ۽ مرحوم
شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن
دائود پوٽي ڏانهن جنهن
ڪڙهڻ تي ڪيڙيو.
پنهنجي باري ۾
ننڍپڻ ۾ جڏهن مون لفظ ”تحقيق“ ٻڌو هو، ته حيرت لڳي هيم ڇوته ان
کي پنهنجي ٻهراڙيءَ جي روزمرهه ٻوليءَ کان ٻاهر،
مروج مفهوم کان مٿي ۽ پنهنجيءَ پهچ کان پري محسوس
ڪيو هيم. ٿيندو هينئن هو جو حال احوال ڏيڻ وقت ۽
پڻ ان کانپوءِ ٻين ڳالهين ٻولين دوران، اسان جو هڪ
عزيز، ٿوري وقفي کانپوءِ، جواب ۾ تڪيه ڪلام طور
لفظ ”تحقيق“ استعمال ڪندو هو. مثال طور ڪو چوندو
هو ته ”شڪر آهي، وقت خير جو پيو گذري، پر ادا آهي
هن هڻان جو جهان. جيستائين لوڙجي نه ٿو تيستائين
ڪجهه حال نه ٿو ٿئي.“ ته جواب ۾ هيءَ همراهه چوندو
هو ”تحقيق.“ ليڪن ان لفظ جي ادائگي اهڙي ريت ڪندو
هو، جو هو مون کي ”مجسمه حيرت“ جي ڏِک ڏيندو هو ۽
شايد ان لفظ جي، ان ٻاراڻائپ واري زماني ۾، جا
انفراديت ۽ انوکوپڻ هو، اهي سڀئي ڪيفتيون گڏجي،
لفظ، ”تحقيق“ کي منهنجي لاءِ حيرت ڪن ۽ پراسرار
بڻائي وجهنديون هيون. اهو اسان جو عزيز وري
ڳالهائيندو به گهٽ هو. ان ڪري سندس ڳالهائڻ، هونئن
به، ٻين جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ توجهه جو مرڪز بڻجي پوندو
هو. ان توجهه ڇڪڻ واري ماحول ۾، هن جو ادا ڪيل لفظ
”تحقيق“ عجيب احساس ڏيندو هو. ان لفظ جو مفهوم
سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو باقي سوچ جي لوچ ڏاڍي ڏيندو
هو.
پوءِ ٿورو بعد ۾، جڏهن لفظن ۽ عقل ۾ اضافو ٿيو ته اهو ساڳيو لفظ
”تحقيق“ تڪيه ڪلام طور، ٻين گهڻن کان ٻڌم ۽ سوچيم
ته ان جو مفهوم ڪجهه هن قسم جو پئي آئڙيو ته جواب
۾، ان لفظ کي ادا ڪندڙ چوندو هجي ته ”ادا سچ ٿو
چوين.“ ان وقت لفظ ”سچ“ ته ڄڻ لفظ ”تحقيق“ جو
متبادل ٿي ذهن ۾ اڀريو ۽ اهي ٻئي لفظ هڪٻئي جا
”جيسي“ ۽ ”جوڙ“ پئي لڳا.
زندگيءَ ۾ ٻيو دفعو، اهو ساڳيو لفظ ”تحقيق“ وري اڃا به وڌيڪ اڃا
به جذباتي ۽ وجداني ماحول ۾ ٻڌم. اسان جي ڳوٺ، رات
جي وڳڙي راڳ جي محفل متل هجي ۽ هڪ ڳائيندڙ باجن ۽
ڌڪڙن جي ڌم ۾، شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو اهو
ڏوهيڙو ڏئي رهيو هو جنهن جي هڪ سٽ هئي: ”ٿيءُ
تحقيق تسليم ۾ لاهي غم وهم“ سڄو بيت آهي.
”سڀيئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم،
ٿيءُ تحقيق تسليم ۾ لاهي غم وهم
ته قادر ساڻ ڪرم حاصل ڪري حاج تو“
اتي وري ”تحقيق“ سان گڏ ”تسليم“ ۽ ”حاج“ هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽
منهنجي سوچ گهڻو ئي پنڌ ڪيو. سوچيندو رهيس ۽
زندگيءَ جو سفر جاري رهيو.
گهڻي وقت کان پوءِ شاهه ڀٽائي، جي حويليءَ ويجهو، حيدرآباد ۾،
قسمت آڻي ڪڍيو. ملازمت جو معاملو هو. نوڪري نباهڻي
هئي. هتي رهڻ لڳس. ادبي حلقن ۾ جڏهن اٿيس ويٺس ته
ڏٺم ته گهڻئي دوست ادب ۽ علم جي کوج ۽ لوچ ۾ لڳل
هئا. هڪ ڏينهن پنهنجي محترم ۽ مڪرم استاد جناب
مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس.
اتي ڳالهين ڪندي، صلاح ملي ته مان به ڪنهن عنوان
تي ”تحقيق“ ڪريان. مولانا قاسمي صاحب پاڻ فرمايو
ته بهتر ٿيندو ته ”سنڌي صحافت“ جهڙي عنوان تي
تحقيقي مقالو تيار ڪيان. ڇاڪاڻ ته شروع ۾ ڪن سنڌي
اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ بعد ۾ منصبي حيثيت ۾ اخبارن سان
واسطو رهڻ سبب، اهو ڪم مون کان ٿي پئي سگهيو. مون
کڻي اها صلاح اکين تي رکي، ۽ اهڙيءَ طرح هن
”تحقيق“ جي ابتدا ٿي. وري قدرت جو ڪرم اهو ٿيو جو
يونيورسٽي پاران مولانا قاسمي صاحب کي ئي، منهنجي
لاءِ، ان تحقيق واري ڪم ۾ ”سونهون“ ڪري رکيو ويو.
خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيس ته اوچتو اسلام آباد جا وڻ
وڃي ڏٺم يعني منهنجي بدلي ٿي ويئي. ڏاڍو ڏک ٿيو پر
الله مان آسرو نه لاٿم. ٽن سالن جي ڊگهي عرصي
کانپوءِ، قدرت وري حيدرآباد واڳ ورائي ۽ هتي بدلي
ٿي آيس. ڪم هٿ ۾ کنيم پر وچ تي وري اهڙا دکدائڪ
واقعا ٿيا جو ذهن ڏاڍو پريشان رهيو ۽ معاملو وري
به معطل رهيو. آخر وري ڪم ۾ هٿ وڌم.
ان ڪم جي دوران ئي مون کي وري ”تحقيق“ لفظ جي ماضي وارين شڪلين
۽ ڪيفتين جي يادگيري آئي ۽ ان جي مختلف صورتن ۾
هڪجهڙائي ڏٺم. ”تحقيق“ واقعي ”سچ“ آهي ۽ سچائي جو
مظاهرو آهي. ڇوته هر ڳالهه ۽ هر نقطي بيان ڪرڻ يا
لکڻ کان اڳ، ان جي سچائي جي پرک ڪرڻ لازم آهي.سچ
معلوم ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا ۽ جهد ڪرڻا
پون ٿا. مون به پنهنجي وس ۽ وت آهر هن تحقيق جي
پيچرن ۾ پنهنجا پتا ۽ پنڌ پڇايا، مدد ڪرڻ لائق
ماڻهن جا در کڙڪايا ۽ لئبريريون جاچيم ۽ ضروري
مواد ۽ معلومات لاءِ هٿ پير هنيم.
هتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته پنهنجي هن تحقيق
”سنڌي صحافت جي تاريخ ۽ ارتقا“ کي رڳو روزاني ۽
هفتيوار اخبارن تائين محدود نه رکيم پر ان جي
پَلوَ پاسن ۾ رسالن ۽ مکيه مخزنن لاءِ به گنجائش
پيدا ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته اهي رسالا ۽ مخزنون به
اهڙي معلوماتي مواد جو خزانو ۽ کاڻ هيون، جن کي
صحافت وارن مقصدن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. صحافت سکيا
ڏئي ٿي، حقائق کي پڌرو ڪري ٿي، ظلم زيادتي تان
پردو هٽائي ٿي ۽ خوبين جي حق ۾ ۽ خرابين جي خلاف
محاذ کڙي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ٻين نمون ۾ ائين چئجي
ته صحافت بنيادي طرح علم عام ڪري ٿي، معاشري ۾
شعور پيدا ڪري ٿي، جيڪو مقصد اڳيان رکي رسالا ۽
مخزنون ڪڍيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ، اڪثر سنڌي
رسالن ۽ مخزنن ۾هڪ حصو، اخباري ڏانوَ جهڙي ڪم مثال
طور تبصرن ۽ خبرن لاءِ مخصوص ڪيو ويندو هو جنهن ۾
ان وقت جي ادبي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي راءِ زني
ڪئي ويندي هئي. مثال طور، ”سنڌو“ جهڙو ادبي رسالو
ئي وٺو. ان ۾ ”سمپادڪي ويچار“ ۽
News, Notes and Comments
جي هيڊنگ هيٺ، سياست تائين لکيو ويندو هو. اهي سڀ
ڳالهيون ڳڻي، رسالن ۽ مخزنن کي به ڪن حالتن، ۾
پنهنجي تحقيق جي دائري اندر رکيو اٿم.
”خبر کاڌن کي پوي، وانگر، جڏهن هن مضمون سان هٿ اٽاڪيو ويو تڏهن
خبر پئي ته سنڌي صحافت جي اهميت ۽ ڪردار ٻين زبانن
جي صحافت کان گهٽ نه آهي، بلڪه، ڪن حالتن ۾ زياده
ئي آهي ڇو ته ان جي نشونما ناسازگار ماحول ۾ ٿي
آهي. اسان جي کوج مطابق، پهرين اخبار جنهن ۾سنڌي
صحافت، پنهنجيءَ محدود شڪل ۾ ظاهر ٿي سا سرڪار
پاران جاري ڪيل هفتيوار ”فوائد الاخبار“ هئي، جا
ڪراچيءَ مان 1858ع ۾ 15 مئي تي نڪري نروار ٿي هئي.
ان ۾ سمورو مواد فارسي ۽ سنڌي ۾ ڇپيو هو. سڄي سنڌي
اخبار به سرڪاري ئي هئي، جنهن جو نالو ”سنڌ سڌار“
هو ۽ 1866ع ۾ جاري ٿي هئي. ان لحاظ کان ڏٺو ويندو
ته اسان جو هي تحقيقي جائزو 113 سالن جي عرصي تي
محيط آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ان کي اپريل 1981ع تي ختم
ڪيو آهي. ظاهر آهي ته ان ڊگهي عرصي جي سنڌي صحافت
جا اهي تاثرات ۽ نتيجا پنهنجي هن بحث ۾ آڻڻا پيا،
جن اسان جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ادبي زندگيءَ تي
ڇڏيا آهن. ان احوال ۾ تجزيي لکڻ ۾، پنهنجي وس آهر،
غيرجانبدار رهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اها پڻ
خواهش رهي آهي ته مختلف مرحلن ۽ منزلن تي بڻيل
ڌرين سان پورو انصاف ٿئي. ان ۾ ڪيتري قدر ڪاميابي
ٿي آهي، تنهن جو فيصلو پڙهندڙ ۽ بي ريا سڄاڻ ماڻهو
ئي ڪري سگهن ٿا.
”ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.“ جنهن کي مدد لاءِ چيم، ان
اها آڇي. جنهن وٽ ويس، تنهن تعاون ڪيو. استادني
المحترم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ته اهڙن
مددگارن جي ميڙ جي من ۾ نظر آيو سونهون ته منهنجي
لاءِ هونئن ئي هو، پر ڪيترائي قرب ۽ ڪرم ان کان
الڳ ٿيا. سنڌ يونيورسٽيءَ جو محترم پروفيسر ڊاڪٽر
غلام علي الانا، سندس ساڃهه ۽ سنڀال ۾ سينگاريل
سنڌالاجي جي اخباري رڪارڊ ڏسڻ ۽ پڙهڻ جون سڀ
سهولتون ڏنيون. بيحد ٿورا جناب محترم مرزا اسد بيگ
فرزند مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جا جنهن
پنهنجي بزرگ عالم والد مرحوم جي پراڻي رڪارڊ ڏسڻ
جا موقعا فراهم ڪيا ۽ سندس پيارن پٽن مرزا حبيب ۽
مرزا مسلم به گهٽ وڙ ڪونه ڪيا. جڏهن ويس ته خنده
پيشانيءَ سان آيا ۽ خدمتون ڪيائون اتان به ڪافي
مواد مليو. پر شايد منهنجي تحقيق تڪميل جا ڏينهن
ڪونه ڏسي ها جيڪڏهن مان برادرم محترم غلام محمد
”جوهر“ کٽي، ميرپوربٺوري واري جي قديم اخباري
رڪارڊ کي نظر مان نه ڪڍان ها. لک شابسون هجن کيس،
جنهن پنهنجي محدود ذريعن جي باوجود ان قيمتي
سرمايي کي محفوظ رکيو آهي ۽ سندس وڏڙن جا ته ڪهڙا
وڙ ڳائجن جن اهي اخبارون ان زماني ۾ سنڀاليون ۽
اسان جي هن دور کي به مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏنو.
”جوهر“ صاحب ته نه رڳو پنهنجو رڪارڊ حوالي ڪيو پر
مهمان نوازيءَ جا فرض به سرانجام ڏنا. ان کانسواءِ
انفرادي طرح مان، معمر ۽ ممتاز صحافي جناب پير علي
محمد راشدي ۽ اڳ انگريزي ۽ هاڻي سنڌي صحافي جناب
گرداس واڌواڻيءَ جو به ممنون آهيان جن تعاون جو هٿ
ڊگهيريو. انهن مڙني مهربانن جو مشڪور آهيان. پر
محترم نور احمد نظاماڻيءَ به گهٽ پير ڪونه ڀريا
جنهن پنهنجي مرحوم والد مولوي نور محمد نظاماڻيءَ
جو موجود صحافتي رڪارڊ عاريتاً حوالي ڪيو هو. انهن
سڀني مهربانن جي تعاون لاءِ سندن ٿورو تهه دل سان
مڃان ٿو.
عزيزالرحمان ٻگهيو
ڊي- 20،
جي-او-آر- ڪالوني،
حيدرآباد.
تاريخ 8 مئي 1981ع.
باب پهريون
صحافت ڇا آهي؟
اسان جڏهن صحافت تي سوچيون ٿا يا رڳو ان جو نالو وٺون ٿا ته
هڪدم اسان جو ڌيان اخبارن ۽ رسالن ڏانهن وڃي ٿو
جيڪي خبرن، تصويرن، تنقيدن ۽ تبصرن سان ڀريل هر
روز نئين سج نئين نموني ۾، هر هفتي يا هر مهيني
اسان جي سامهون اچن ٿا ۽ اسان کي ملڪي يا غيرملڪي
مسائل ۽ وسائل، مطالبن ۽ گهرجن، جنگ ۽ امن،
خوشحالي ۽ بدحالي، صلح ۽ بدامني آزادي ۽ غلامي،
باهمي ڪشمڪش ۽ تصادم جهڙن عنوانن متعلق باخبر رکڻ
۾ وڏي مدد ڏئي رهيا آهن. باخبر رهڻ جو حق، اڄڪلهه
هڪ بين الاقوامي مڃيل حقيقت آهي جنهن جي پورائيءِ
لاءِ دنيا جون قومون ۽ ملڪن جا افراد پنهنجي
پنهنجي وس آهر ڪوشان ۽ خواهشمند آهن. اهو انهن
ڪوششن ۽ قصدن جو ئي نتيجو آهي جو اڄڪلهه اسان
اخباري صنعت ۽ ان جي انيڪ مسئلن ۽ معاملن سان منهن
ڏيئي رهياآهيون، رڳو ان لاءِ ته انسان زندگيءَ
متعلق سچا حقائق اسان کي معلوم ٿيندا رهن، ۽
گمراهين ۽ غلطين کان بچي سگهون ته جيئن انساني
ارتقائي منزلون طئي ٿينديون رهن ۽ انسان جي ذهني
اوسر وارو سفر پنهنجي فطري ماحول ۾جاري رهي.
موجوده عملي صحافت يا اخبار نويسيءَ جي ابتدا ته مغربي سياست ۽
جمهوريت جي پيداوار آهي. جيتوڻيڪ ڪن حالتن ۾ هن
سياست تي به اثر ڇڏيو آهي. ان ڪري ئي سياست ۽
صحافت جو پاڻ ۾ گهڻو ۽ گهرو تعلق رهيو آهي. ان
لحاظ کان موجوده صحافت، اسان وٽ انگريزن سان گڏ
آئي جيتوڻيڪ ان جي برعڪس اسان کي جمهوريت کان
محروم به انهن ئي انگريزن رکيو هو. انگريزن ئي جو
اهو به عجيب واقعو آهي ته هن برصغير جي پهرين
اخبار ”بنگال گزيٽ“ ڪلڪتي مان، هڪ انگريز مسٽر
جيمس آگسٽ 1780ع ۾ جاري ڪئي هئي ۽ سياست جي پيڙهه
به هڪ انگريز انڊين نيشنل ڪانگريس جي شڪل ۾ رکي.
ظاهر آهي ته صحافت جي موجوده معنيٰ گهڻو بعد ۾ وجود ورتو آهي پر
مروج مفهوم مطابق، صحافت يا اخبار نويسي ان تحريري
پيشي جو نالو آهي جنهن ۾ مکيه طرح ٻه فرائض شامل
آهن: پهريون ته واقعن ۽ وارداتن جي سچائيءَ جي
ڄاڻڻ جو حق ۽ ٻيو سچائي جي ڄاڻ کي ڦهلائڻ سان عام
راءِ جي تشڪيل. ظاهر آهي ته ٻنهي مان مراد حقن جي
ڄاڻ، شناسائي، بحالي ۽ باطل جي بيخ ڪئي آهي.
انهن ٻن مقصدن تي غور ڪرڻ سان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته صحافت جي
بلندي ۽ تقدس مڃيل ۽ مسلم آهي ۽ ان کان ڪير به
انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته بنيادي طرح هن پيشي سان
متعلق ماڻهو هڪ اهڙي معاشري جي تعمير ۾ مدد ڏئي
رهيا آهن جنهن ۾ اڇا ڪارا پڌرا ٿين ۽ سچ ڪوڙ سنڌا
ڏيئي بيهي ته جيئن حق جي حمايت ۾ باطل قوتن کان
بيزاري ۽ انهن جي خاتمي لاءِ عام راءِ جي شڪل ۾ هڪ
طاقتور محاذ پيدا ڪري سگهجي.
مون نماڻيءَ کي صحافت ٿا سڏين پيرو جوان
عرف عام اندر سڏايان عام جو آواز مان
ڇا وهيو ڇا واپرايو ان تي ڪيان ٿي تبصرو
خواب غفلت مان ٿي جاڳيان خدا جي خلق کي
قوم جي ڪردار جي دائم رهان ٿي ترجمان!*
صحافت عوام جي اهنجن ايذائن دور ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم پيدا ڪرڻ
گهري ٿي. صحافت جو ڪم سماجي براين ۽ معاشري جي
اوڻاين ۽ عيبن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ صحافت
انهن مڙني مرضن ۽ خرابين کي بذات خود ختم نه ٿي
ڪري سگهي پر زوردار عام راءِ پيدا ڪرڻ سان معاشري
جي گهڻگهرن ۽ هڏڏوکي ماڻهن کي جنجهوڙي اٿارڻ جو ڪم
ڪري ٿي ۽ حڪومت وقت کي اشارتن توڙي ظاهرن گهڻو
ڪجهه ٻڌائي ٿي ۽ عام ۾ سمجهائي ٿي. اهڙي طرح ان کي
انهن خرابين ختم ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تي اڪسائي ٿي ۽ آماده
ڪري ٿي، حق لاءِ جنگ جهاد جو اخلاقي جواز پيدا ڪري
ٿي ۽ حساس ماڻهن لاءِ منهن موڙ ۽ موٽڻ مهڻو بڻائي
وجهي ٿي.
موجوده وقت ۾ صحافت، حڪومت ۽ رعيت (شهرين) درميان اهم ڪردار ادا
ڪري ٿي. صحافت ذريعي عوام جا ڏک سور، مسئلا ۽
مطالبا حڪومت تائين پهچايا وڃن ٿا ۽ ٻئي پاسي
حڪومت جو نقطه نظر پڻ ان ذريعي عوام تائين پهچايو
وڃي ٿو. اهڙي طرح صحافت عوام ۽ حڪومت درميان هڪ پل
مثل آهي، جنهن تان ٻنهي طرفن جي خيالن ۽ جذبات جي
آمدرفت جاري آهي. عام راءِ جي ترجماني صحيح صحافت
۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي، جنهن لاءِ وري صحافت جي
آزاديءَ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته صحافت
کي آزادي ڏيڻ جو تصور به جمهوري دور حڪومت ۾ئي ڪري
سگهجي ٿو جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته صحافت ۽
جمهوريت جو پاڻ ۾ ويجهو تعلق آهي. ازانسواءِ
موجوده دور ۾ صحافت هڪ ٻيو اهم فرض به ادا ڪيو آهي
۽ اهو آهي جمهوريت جي نشونما ۽ ترقي.
صحافت، تعليمي، سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ڪري ٿي، جنهن ڪري عوام
الناس ڪن مسئلن ۽ موقعن تي پنهنجي پڪي پختي راءِ
قائم ڪن ٿا، چڱي مٺي ۽ خوبي خرابي درميان تميز ڪري
سگهن ٿا ۽ پنهنجي راءِ جي حمايت جي زور تي ڪن خاص
حڪمت عملين ۽ اڳواڻن جي پٺڀرائي يا مخالفت ڪري هڪ
جٽادار ۽ مستحڪم حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
صحافت واري پيشي جي حيثيت ان ڪري به نمايان ۽ نشانبر آهي ڇاڪاڻ
ته ان جو تعلق قلمي تحريڪ سان واسطو رکندڙ هڪ اهڙي
باشعور طبقي سان آهي جنهن جو واهپو ۽ واسطو
سڌوسنئون انساني ضمير جي آواز جي عزت ۽ اڀارڻ ۽ حق
جي حمايت سان آهي ۽ ماڻهن ۾ مردگي مٽائڻ سان آهي.
ان عظيم مقصد سان وابستگيءَ سبب، صحافت جي بلندي
برابر بکي ٿي ۽ معاشري ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي.
صحافت جي ان عظيم مقصد جي ڪري ئي، ان کي مملڪت جي
عمارت جو چوٿون پائو تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ جرنيل
جو اهو قول ياد ڏياري ٿي ته مون کي سوء سنگينن کان
وڌيڪ خوف هڪ صحافيءَ کان ٿيندو آهي.*
صحافت وڏي ذميداري آهي ۽ عظيم فرض شناسي آهي جيڪا قلم جي تقدس
کي هر حالت ۾ محفوظ رکڻ لاءِ لالچ ۽ خوف کان مٿڀرو
۽ غير متاثر رهندي، پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ
ميدان ڪارزار ۾ قدم رکڻ چاهي ٿي. قلم ۽ زبان کي حق
۽ سچ لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ وڏو جهاد آهي. انڪري ئي
محسن انسانيت پيغمبر خدا محمد رسول الله صليٰ عليه
وسلم فرمايو ته: ”سڀ کان وڏو جهاد جابر حاڪم کي سچ
چوڻ آهي.
*ٻئي
موقعي تي فرمايائون: ”ظلم کي هٿن سان ختم ڪريو
جيڪڏهن هٿن ۾ طاقت نه ٿا رکو ته زبان سان ظلم جي
مخالفت ڪريو.“ زبان سان يا قلم سان مخالفت ڪرڻ ذري
گهٽ ساڳئي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته سوچيل خيال زبان يا
قلم ذريعي ظاهر ڪيا ويندا آهن.
ظاهر آهي ته ايڏي وڏي جدوجهد جون ڪي تقاضائون هونديون ۽ ڪن
قربانين جي ضرورت پوندي. اهي سموريون حالتون پاڻ
تي حاوي ڪري ۽ ڪيفيتون طاري ڪري، پوءِ ئي هڪ صحافي
هن ميدان ۾ پير ڌري ٿو. سچو صحافي به هڪ لحاظ کان؛
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي هن نعري سان
نروار ٿئي ٿو ته:
سکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري،
اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.
هيستائين ته صحافت جو اصطلاحي پهلو پيش ڪيو ويو آهي پر ٻئي پاسي
صحافت تي لفظي ۽ لغوي لحاظ کان ٿوري روشني وجهڻ
ضروري محسوس ڪجي ٿي جيڪا شايد عام ماڻهن کي معلوم
نه هجي. اهو عجيب اتفاق چئجي جو جهڙي طرح اصطلاحي
روءِ کان صحافت جو عمل عظيم آهي اهڙي طرح ان لفظ
جي لغوي حيثيت به کيس معنوي مهانڊن ۾ مٿانهون ڪري
ٿي. صحافت عربي زبان جو لفظ آهي، ”صحافت“، ”صحيفو“
۽ ”مصحف“ (قرآن مصاف، مصحف جي بگڙيل شڪل) الفاظ،
ساڳئي بڻ بڻياد مان نڪتل آهن ۽ هڪ ئي مصدر سان
پيدا ٿيل مختلف شڪليون آهن جن جو مذهبي طرح ۾ تعلق
روايتي طرح الاهي الهام ۽ آسماني پيغام سان آهي
”صحفت الاوليٰ“ (بهرياني صحيفا يا ڪتاب) ۽ ”صحف
ابراهيم و موسيٰ“ (ابراهيم ۽ موسيٰ نبين تي لٿل
ڪتاب) جا فظ قرآن شريف ۾ استعمال ٿيل آهن.*
لفظ ”صحافت“ خود مصدر آهي جنهن جو ماضي ٿيندو ”صحف“ ۽ ”مضارع
يصحف“ جنهن جي معنيٰ اهي اخبارون ريا رسالا لکڻ يا
خبرون لکڻ وغيرهه ان مان لفظ ”صحفيه“ ورتل آهي
جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو ڪتاب يا رسالو ان جو جمع
صحف آهي هن وقت ”صحفيهه“ جي معنيٰ اخبار آهي ۽
”صحيفته اليوم“ جي معنيٰ اڄوڪي يا اڄ واري ڏينهن
جي اخبار آهي.
ان لفظ جي ٻي شڪل آهي الصحافت جنهن جي معنيٰ آهي قرائت ۾ غلطي
ڪرڻ. ازانسواءِ الصحفته وڏي پيالي يا ڪشتي جي
مفهوم سان به آيو آهي جنهن سان ماڻهو پاڻي پي سگهن
وغيرهه. ليڪن اها معنيٰ غيرواسطيدار آهي. ٻئي طرف
لفظ ”اخبار“ به اصليت وارو آهي جنهن جي معنيٰ آهي
خبرون. ان جو واحد آهي ”خبر“ جنهن مان ”مخبر“ لفظ
به ٺهيو آهي جنهن جي معنيٰ خبرون ڏيندڙ يا راز
ٻڌائيندڙ وغيرهه.
ڏٺو ويندو ته لکڻ پڙهڻ (ان ۾ صحافت به شامل آهي) جو ڪم شروع کان
اهو رهيو آهي ته ڪهڙيءَ طرح حقيقتن تان پردو کڻي،
حق جي ڳولائن کي، سچائي جي سماء سان دڳ لائجي ۽
مهذب ۽ متمدن بڻائجي اهو عمل شروع ۾ ته شايد الاهي
الهامن ۽ اشارن سان ٿيندو رهيو. جڏهن بعد ۾ انساني
ذهني ارتقا وڌي ويجهي تڏهن ان کي اڳتي وٺي هلڻ جو
ذمو سڄو سارو انسانن پاڻ تي کنيو ۽ بوقت ضرورت
صلاحن، مشورن ۽ نصيحتن سان، ان سرت ۽ ساڃهه جي
پروگرام کي عام ڪيو. ان دور کي جيڪو ناصحافنا نڪتن
وارو زمانو چئجي ته غلط نه ٿيندو. ڏاهن ماڻهن ان
وقت تاءِ حاصل ڪيل تجربي جي بنياد تي، ڪي بنيادي
سچايون حاصل ڪري ورتيون هيون. البت وقت گذرڻ سان،
انهن جي اظهار جو مسئلو ان ڪري مشڪل ٿي پيو جو وقت
جي حاڪمن کي اهي ”حرڪتون“ شرارت واري شڪل ڏِک
ڏينديون هيون ۽ انڪري ناگوار گذرنديون هيون.
دراصل، انهن ئي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اره زوراين ۽
زيادتين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سمجهو ماڻهن ۽ عالمن کي
اظهار ڪرڻ جي ضرورت پيش ٿي آئي ۽ هنن چاهيو ٿي ته
انهن جا پول پڌرا ڪرڻ لاءِ ڪو ڳئو ڳولڻ ضرور هو.
پوءِ مجبور ٿي هنن ماڻهن ناصحانه انداز گفتگو
اختيار ڪيو ۽ مامن ۽ ميڇن ۾، رازن ۽ رمزن ۾، اظهار
ڪرڻ لڳا. ان قسم جي روش هنن بزرگن ۽ دانشورن،
جانورن ۽ پکين جي معرفت، ڪمال فن کي پهچائي ۽ اهڙي
طرح، پنهنجي مافيٰ لضمير بيان ڪرڻ سان، پنهنجون
باهيون ته ڪڍيائون ٿي ۽ سمجهڻ وارن کي گهڻو ڪجهه
سمجهائي به ويا ٿي.
ان قسم جي ادب ۾ گهڻائي بهترين ڪتاب لکيا ويا پر ڪليلته ورمنه ۽
منطق الطير *
(پکين جي دليل بازي) جهڙن
ڪتابن ته حد ڪري ڇڏي. انهن ڪتابن کي رڳو پڙهڻ
کانپوءِ ئي صحيح مقام ڏئي سگهجي ٿو. ان نموني
جانورن ۽ پکين جي ڪچهرين ۽ محفلن ۽ سنگت دوران
ڳالهين ڪندي، زندگيءَ جي سچاين ۽ املهه نڪتن کي
بهترين طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ انساني
رهنمانيءَ لاءِ سونهري سبق سيکاريا ويا آهن.
اهڙيءَ ئي طريقي سان مشابهت رکندڙ هڪ رستو اهو هو جيڪو بعد ۾،
وقت جي حاڪمن ۽ سندن ڪرتوتن کان بغاوت ڪرڻ جي
ارادي سان، صوفين بزرگن اختيار ڪيو هو. مقصد هنن
جو به ساڳيو هو يعني خلق خدا جي لاءِ سونهون ٿيڻ ۽
حرفت ۽ هوشياريءَ سان ڇپر ۾ حقيقتن جي اپٽار ڪرڻ.
ان کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته هنن ٻنهي
طبقن جو مقصد گهڻي ڀاڱي، انسانن جي روحاني ۽
اخلاقي عظمت بحال ڪرڻ هو ۽ موجوده صحافت جو ڪردار
ان حد تائين مختلف ٿو لڳي ته ان جو مقصد فقط دينوي
زندگي سڌارڻ آهي. آخر دنيا ۽ دين به ته پاڻ مليل
آهن ۽ آخرت جو توشو ٺاهڻ لاءِ به ته هي دنيا ئي
کيت آهي. روحانيت ۽ اخلاقيات به سهڻي ۽ انصاف ڀرئي
معاشري قائم ڪرڻ سان وڌي ۽ ويجهي ٿي. بي انصافي ۽
ظالم زيادتين واري ماحول جي پيداوار نفرت ۽
ويڙهاند آهي. ان ۾ ڪهڙا روحاني راز کلندا ۽ اخلاقي
عظمت اڀرندي؟
ڪن جو چوڻ آهي ته صحافت پيشو گهٽ ۽ مشن زياده آهي. ان راءِ
متعلق دمشق جي هڪ عربي اخبار ”الزمان“ جي معروف
ايڊيٽر جناب عزت حصريته جو خيال ٻڌڻ جهڙو آهي:
”قلم جو هيءُ ڪم آهي ته زندگي جي ڪارزار ۾ داخل ٿئي ۽ معاشري جي
ترقي ۽ احياء ۾ حصو وٺي. ان لحاظ کان قلم زندگيءَ
جي اهڙين صورتن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جن کانسواءِ
شهري توڙي ڳوٺاڻي زندگي ناممڪن آهي. ان ڪري صحافي
جو فرض آهي ته هو هڪ مجاهد وانگر جنگ ڪري ۽
قربانيون ڏئي ته جيئن باطل جو طلسم ٽٽي پوي. اهو
صحافيءَ جو ڪم آهي ته هو سچائيءَ جي حفاظت ڪري.
”صحافت هڪ مشن آهي ۽ هڪ فرض آهي ۽ ان ۾ڪو شڪ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ
نه آهي ته حريت خيال ۽ تقرير جي آزادي ان جا بنياد
آهن. انهيءَ ڪري اسان ڏٺو آهي ته صحافين کي انهن
ماڻهن هٿان هميشه تڪليفون ۽ اذتيون پهتيون آهن
جيڪي ماڻهو فڪر جي آزاديءَ کي بي معنيٰ سمجهن ٿا.
”صحافي ڪڏهن ته آزاد آهن. هو جيئن چاهين تيئن پنهنجي راءِ ظاهر
ڪري سگهن ٿا. پر ڪڏهن هو مجبور ٿي پنهنجي راءِ کي
عوام اڳيان پيش ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿا. ڪيئن به
هجي، صحافين جو مقصد هيءُ آهي ته هر حالت ۾ صحيح
رستو ڏيکارين ۽ حاڪم ۽ عوام کي به ان رستي تي هلڻ
لاءِ آماده ڪن“........ ”صحافت هن زندگيءَ جو
قيمتي مشن آهي ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد اخلاقي اصول ۽
مقصد جي خلوص تي مبني آهي، جيڪي انسان کي آماده ڪن
ٿا ته هو پنهنجي ڪم ۾ مڪمل طرح مصروف رهي. سندس ڪم
۾ اها همه و تن مصروفيت کي ٻين مخلص ماڻهن جي راءِ
جي احترام ڪرڻ کان نه ٿي روڪي. بلڪه کيس مجبور ٿي
ڪري ته اهڙن ماڻهن سان تعاون ڪري، جتي خلوص جو
جذبو هجي، ان جي تائيد ڪري ۽ اهڙيءَ طرح انسانذات
۾ نفرت ۽ دشمنيءَ جا اسباب ختم ڪري، منجهن اتحاد ۽
يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪري.“
”هاڻي اسان صحافت کي فريضو ۽ پيشو ٻئي چئي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته ان
۾ اصولي تضاد ڪونهي. صحافت جي پيشيورانه نوعيت ان
جي مشن جي راهه ۾ حائل نه آهي ڇوته صحافت زندگيءَ
کي بهترين بڻائڻ ۽ اعليٰ ترين مقام حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ رڌل آهي. هنن ٻنهي ڳالهين ۾ گهرو تعلق آهي
۽ ٻئي هڪ تي اثرانداز ٿين ٿيون. مثال طور، ڪوبه
حاڪم پنهنجي فرض کي منصفانه نموني ۾ ادا ڪري نه ٿو
سگهي. جيستائين هو هڪ صحافي وانگر يا هڪ پريس واري
وانگر يا هڪ نانوائي وانگر پنهنجي ڪم ۾ماهر نه
هوندو.*
ان سچائي ڏانهن اشارو ڪندي، ملٽن 1644ع ۾، انگريزي پارليامينٽ
کي مخاطب ٿيو هو:
”ڪنهن هڪ شخص کي ماري ڇڏڻ جو مطلب هي آهي ته هڪ سمجهدار ماڻهو
نه رهيو پر ڪنهن ڪتاب کي ضبط ڪرڻ جو مطلب هي آهي
ته عقل موت جي منهن ۾ڏنو ويو. قلم عقل جو ترجمان
آهي ۽ عقل، روح ۽ جسم، ۽ آسمان ۽ زمين کي ملائڻ
وارو رشتو آهي. مقاصد ۽ شين کي عقل کان آزاد سمجهڻ
غلط آهي. صحافت لاءِ ضروري آهي ته اها ان دائري ۾
ڪم ڪري ۽ مڪمل طور تي آزاد هجي.....“
هن سلسلي ۾، برطانيا جي وزيراعظم ميڪڊونالٽ (جيڪو خود صحافي پڻ
هو) جي اها راءِ پڙهڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي، جنهن جو
اظهار هن 1924ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو هو، هو
لکي ٿو:-
”صحافي هڪ باعزت پيشي جو نالو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ديانتداري ۽
قابليت ۽ محنت سان اهي شيون فراهم ڪري ٿو جيڪي
ماڻهن جي صحيح ۽ صالح جذبات جي ترجماني ڪن ٿيون.
صحافيءَ ۾ اها اهليت ٿئي ٿي ته هو عوام جي
دلچسپيءَ جون خبرون ڳولي سگهي. هو ذاتي مهارت ۽
قابليت جي مدد سان ناخوشگوار حالتن ۾ به ڪمال درجي
جي خوش اسلوبيءَ سان هڪ اعليٰ مضمون جي تشڪيل ڪري
سگهي ٿو.“
اهو ٿيو صحافت جي مقصدن ۽ تقاضائن جو ذڪر. پر ظاهر آهي ته انهن
مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ
صحافيءَ کي مقصد سان پوري محبت ۽ لڳاءُ هئڻ سان
گڏوگڏ، کيس ان ڪم جي عملي تڪميل لاءِ صحافتي زبان
تي دسترس ۽ مقبول عام جو درجو حاصل هجي، ڇوته ان
وقت ئي هو صحيح رپورٽنگ ۽ واقعن ۽ وارداتن تي
متوازن تبصرو ۽ راءِ زني ڪري سگهندو. هڪ ليکڪ ٿيڻ
يا شعر و شاعري ڪرڻ به هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته
محدود ميدان آهن پر هڪ صحافي جو ميدان گهڻو وڏو ۽
وسيع آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته هو نه رڳو زبان
جي شستگي، اختصار ۽ مقصديت کي اڳيان رکڻ جهڙين
خاصيتن جو مالڪ هجي پر ادبي، ثقافتي، سماجي،
اقتصادي ۽ سياسي حقائق جي سوجهه ٻوجهه رکندو هجي ۽
انهيءَ نوعيت وارن واقعن ۽ وارداتن کي رپورٽ ڪرڻ ۽
تبصري لکڻ لاءِ مطابقت ۽ مناسبت وارو لفظي ۽ لغتي
ذخيرو
(Journalistic Terminology) پنهنجي دماغ ۾ سانڍيندو هجي، ۽ مناسب محل موقعي تي استعمال ڪرڻ
جو ڍنگ ۽ رنگ به ايندو هجيس.*
ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته جيتوڻيڪ اديب لاءِ صحافي هجڻ ضروري نه
آهي ليڪن هڪ صحافي لاءِ اديب هجڻ ضروري آهي. ڪهڙي
خبر ته کيس ڪهڙي وقت ڪهڙي قسم جي واقعي کي لکڻو
پوي. اڄ ڪو واقعو ماضيءَ جي تاريخي ورثي يا مقام
سان واسطو رکي ٿو، ته سڀاڻي درياءَ تي جديد حرفت ۽
فن سان ٺهيل پل جي افتتاح جي موقعي جي رپورٽنگ ڪرڻ
سان ٿي سگهي ٿو. ٻئي ڏينهن وري ڪنهن ڪلاسيڪي ادب
يا شعر تي لکيل ڪتاب جي مهورت ڪور ڪرڻي پوي ٿي ان
کانسواءِ اڃان به ٻئي موقعي تي جديد افسانوي
مجموعي تي تبصرو ڪرڻو پويس ٿو ۽ چوٿين ڏينهن وري
قومي شاهراهه تي ٿيل خطرناڪ حادثي متعلق خبر ٺاهڻي
اٿس.
هاڻي ڏسندو ته هي زندگيءَ جا مختلف ۽ متضاد قسم جا واقعا
تقريباً روزاني پيا رونما ٿين. هڪ محدود شعبي سان
تعلق رکڻ وارو ماڻهو ته پنهنج قلم کي هڪ خاص رنگ ۾
رنگي سگهي ٿو ۽ پوءِ به پنهنجي لائين جو ماهر ٿي
سگهي ٿو. پر صحافيءَ جي ڪارڪردگي تي سوچيو ته هي
هڪ عجيب الاهي خلقت وارو انسان آهي جنهن کي اخبار
جي پيٽ ڀرڻ لاءِ روزانو مواد جي ماني گهرجي ۽ کيس
ان لاءِ هر ڏينهن تي خبرن جي کيپ ٺاهڻي آهي ۽ ان
مقصد واسطي هر نوعيت وارا واقعا ڪور
(Cover)
ڪرڻا پون ٿا. اهو ڪم آسان نه آهي. ان لاءِ دماغ جي
بيداري، محنت ۽ لگن متحرڪ رهڻ جي عادت، موقع
شناسي، ڳالهين جي باريڪين ۽ سنگينيءَ کي سمجهڻ جي
قوت، ڳالهائيندڙ جي مقام ۽ منزل جو احساس، واقعن ۽
وارداتن جي وقوع وارين جاين ۽ جاگرافيءَ جو علم،
مقامي، علائقائي، ملڪي ۽ غيرملڪي واقعن جو پسمنظر
۽ تاريخي تمدني، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي لاڙن جي
ڄاڻ رکڻ بنيادي ڳالهيون آهن جن کان هڪ ڪامياب
صحافيءَ کي باخبر رهڻ لازمي آهي.
ان کان علاوه صحافيءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ملڪي ماڻهن جو
نبض شناس هجي ۽ هن کي اهو به معلوم هجي ته هڪ خاص
دور ۾ عام ماڻهوءَ جو مطالبو، گهرج ۽ امنگ ڪهڙي
آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کيس ان جو پتو هوندو تڏهن ئي
پنهنجي رپورٽنگ ۽ تبصرن ۾ عوامي ترجماني ڪرڻ جو
فريضو سرانجام ڏيئي سگهندو. نه ته ٿيندو ائين ته
ملڪي ماڻهن ۽ حالتن سان هن جي وابستگي ۽ ويجهڙائپ
نه رهندي، جنهن ڪري خبرن ۽ راءِ زنيءَ ۾ عوام جي
خواهش ۽ مروج ماحول ۽ مانڊاڻ جي ڪا جهلڪ نه رهندي
۽ اهڙيءَ طرح سندس لکڻين ۾ کوکلائپ رهجي ويندي.
ائين به ٿيو آهي ته قوم جي هڪ خاص تاريخي موڙ تي، صحافيءَ کي
پنهنجي تجربي جي بنا تي ۽ قلمي قوت سان، ماڻهن جي
ذهن کي هڪ خاص رڳ سان لڳائڻو پئجي ويندو آهي يعني
هڪ رهنما جو رول ادا ڪرڻو پوندو اٿس. اهو هڪ نهايت
اهم ۽ دور رس نتيجن وارو معاملو آهي، جنهن کي
انصاف سان نڀائڻ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. اهڙي موقعي
تي خطرو موڙڻو پوندو آهي ۽ هڪ خاص ۽ خطرناڪ اوجهڙ
طرف ويندڙ ماڻهن کي ان غلط راهه جو احساس ڏيارڻ،
اتي بيهارڻ، سوچڻ ۽ سمجهڻ تي آماده ڪرڻ، نئين راهه
رستي جي افاديت جو قائل ڪرڻ ۽ ان واٽ تي سفر جو
سانباهو ڪرائڻ هڪ ڪٺن ڪم هوندو آهي، جو ذهني سطح
تي هڪ ڪامياب ۽ حساس صحافيءَ کي سرانجام ڏيڻو پئجي
ويندو آهي. اندازو لڳايو ته اهڙيءَ ڪم لاءِ
صحافيءَ کي ڪهڙين خوبين ۽ خاصيتن سان مزين ٿيڻ
ضروري آهي ۽ ڪهڙين وصفن ۽ وسيلن سان کيس مسلح ٿيڻ
لازمي آهي.
صحافت به هڪ لحاظ کان رياضيءَ وانگر، حقائق ۽ غير جذباتيت تي
ٻڌل هڪ ٺوس علم آهي، جيڪو ڪنهن خاص دور جي ماڻهن
جي مايوسي ۽ غم غضي کي خوشي، اطمينان ۽ راضپي جو
نالو نه ڏيندو آهي، هنگامن ۽ تحريڪن کي خوشيءَ جا
کيل يا ميلا ملاکڙا ڪونه سڏيندو آهي. صحافت ڏڪار
کي سڪار ڪونه ڪوٺيندي آهي، ڏک کي سک نه ظاهر ڪندي
آهي، بي اطمينانيءَ کي تسلي نه تصور ڪندي آهي ۽
مخالفت کي موافقت جو رنگ نه ڏيندي آهي، بلڪه جيڪا
حالت جهڙي آهي تنهن کي، تهڙو ۽ تيئن پيش ڪندي آهي.
پوءِ توڙي ان جا نتيجا ڪهڙا ۽ ڪيئن به نڪرن اها
خصوصيت صحافت کي عام علمن کان الڳ ڪري ٿي ۽ ”ٻن ۾
ٻه ملايو ته چار ٿيندا“ جهڙين ٺوس حقيقتن جي قطار
۾ بيهاري ٿي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته ڪي وقتي بي
جاءِ سختيون، رنڊڪون ۽ پابنديون ڪجهه عرصي لاءِ
صحافت کي پيرن ۾ زنجير وجهي وهاري ڇڏين، سچاين کي
لڪارائين، خاموش ڪري ڇڏين يا مورڳو اڇي کي ڪارو ۽
ڪاري کي اڇو به چورائين پر اها صورتحال هميشه
عارضي ۽ غيرفطري رهندي آهي ۽ گهٽ ٻوسٽ لهڻ
کانپوءِ، ان دور تي پردي ۽ ڌنڌ کي هٽائڻ ۾ دير نه
ڪندي آهي. نتيجي ۾ سچايون پنهنجيءَ فطرت مطابق ڪر
کڻي بيهنديون آهن ۽ اهڙي طرح سڀني جي ڪارڪردگيءَ
جو رڪارڊ خودبخود درست ۽ سنئون سڌو ٿي ويندو آهي.
صحافت جي ان خوبيءَ سبب ئي ان جي سنجيدگيءَ وارو
سفر روان دوان رهندو آهي. انهن ڳالهين جي سبب
صحافت ۾ عوام طرفان ڀروسي ۽ اعتماد جو عنصر پيدا
ٿي ويو آهي جنهن کيس تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ
معتبر ترين ذريعي جو درجو ڏنو آهي ۽ قد ۽ قامت
بخشيو آهي. ان لحاظ کان، صحافت کي پاڻيءَ واري
خوبي ۽ خاصيت حاصل آهي جنهن سان هو ٻين شين جي مٽي
۽ مير لاهيندو آهي پر پاڻ کي پاڪ صاف ڪندو رهندو
آهي. زندگيءَ جي ٻين شعبن جون اوڻايون ۽ ڪمزوريون
ٻڌائڻ سان گڏ، صحافت وقت اچڻ تي پاڻ کي به نه
بخشيندي آهي ۽ پنهنجي مجبورين ۽ ناڪاميابين تان به
پردو هٽائيندي آهي ليڪن پنهنجي بنيادي وفا
نباهيندي آهي ۽ ساک بحال ڪندي آهي.
اها به حقيقت آهي ته موجوده معاشري ۾ اهڙن صحافي ڀائرن جي به
ڪمي ڪانهي جن جي ڪارڪردگي بهرحال تعريف جوڳي نه
آهي ۽ سندن ڪن ڪڌن ڪرتوتن ۽ اڻ سهائيندڙ افعالن کي
ڏسي، عام طرح، مايوسي ٿئي ٿي. پر ان ڳالهه ٻيو
پاسو به آهي جنهن کي ڏسڻ گهرجي. اهو هي آهي ته
صحافي طبقو به اسان جي سڄي مجموعي معاشري جو هڪ
حصو آهي. جيڪڏهن اسان جو پورو معاشرو تنزل پذير
آهي ته پوءِ اسان هروڀرو صحافين کي پاڪباز ۽ نهايت
نيڪ هجڻ جي توقع ڇو ٿا ڪريون؟ ”جاڙي به جڳ سئين“
واري چوڻي سامهون رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اهڙين ناروا
روش خصوصن ٻين کي بئلڪ ميل ڪرڻ، صحافي ڀائرن کي،
سندن اعليٰ مقصد جي روشنيءَ ۾ نه ٿي سونهين.
سندن ”ظاهر ٿي پوڻ“ ۽ ”نظرن ۾ اچڻ“ واري حقيقت به قابل غور آهي
۽ همدرديءَ جي متقاضي طرح صاف اڇي اجري ڪپڙي تي
ٿورو ڌوڙ جو ڌپو به وڏي ڏِک ڏيندو آهي ۽ اکين ۾
آئڙي ٿو، بلڪل اهڙيءَ طرح صحافت جهڙي بلند ۽ عظيم
پيشي جي ڪنهن به فرد جي ٿوري لرزش غلطي ۽ ناڪامي،
معاشري جي ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي وڏي
ڳالهه جي حيثيت ۾ لڳي ٿي. ڪنهن کان جيتري بهتر
توقع رکبي آهي، اوتري ان جي معمولي ميار ۽ ناڪامي
وڌيڪ سنگين هجڻ جي ڏِک ڏيندي آهي ۽ ماڻهن ۾ مايوسي
جو ڪارڻ بڻبي آهي. بهرحال اها ڳالهه پنهنجي جاءِ،
افسوسناڪ ضرور آهي ته جنهن طبقي جي ماڻهن قلم جي
حرمت ۽ تقدس جو بارگران پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي ان
لاءِ کنيو هجي ته اهي معاشري جي اوڻاين ۽ عيبن تان
پردي هٽائڻ وقت ڪنهن به لالچ ۽ خوف جي پرواهه نه
ڪندا عام ماڻهن جي حقن جي حفاظت ڪندا، بگڙيل ماحول
سڌاريندا، حق لاءِ همدردي پيدا ڪندا ۽ سچ جو ساٿ
ڏيندا، اهي ماڻهو عام خلق جهڙو رويو اختيار ڪن يا
ڪن حالتن ۾ ته ”عوام آواز“ بڻجڻ بدران ”عوام آزار“
ٿي بيهن خدا ساڃهه ڏئين جو پنهنجي عظيم فرض جي
اهميت جو احساس ڌارين!
منهنجي خيال ۾ اخبارون سڄي معاشري جي آئيني جون ڪم ڏين ٿيون،
جنهن ۾ جهاتي پائي ڪابه قوم ۽ ڪوبه ماڻهن جو طبقو
پنهنجي حقيقي شڪل ۽ خدوخال چڱيءَ طرح ڏسي سگهي ٿو.
جيڪي آهيون، سو نقشو هوبهو ۽ سڄو سارو، صحافت جي
سهاري سامهون رهي ٿو. اخبارون تنزل يا ترقيءَ جي
حقيقت کي عيان ڪن ٿيون ۽ اصليت جو احساس ڏيارين
ٿيون.
اخبار هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن کان اميد رکي وڃي ٿي ته اهو عوام
جي عام مفاد لاءِ سرگرم عمل رهندو پوءِ حالتون
ڪهڙيون به هجن. ڪي اخبارون اهڙيون به هونديون آهن
جن جو مقصد نفعو ڪمائڻ نه هوندو آهي پر اهي ڪنهن
خاص طبقي يا نصب العين جي ترجماني ڪنديون آهن،
پوءِ اها ڳالهه يا پيغام ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي.
اهو مذهبي ۽ تبليغي رول هوندو آهي جنهن جي جدوجهد
۾ ڪجهه قربانيءَ جو عنصر هوندو آهي. پر اهو دور
ماضيءَ جو هو. هن وقت ان قسم جي سوچ تقريبن اڻ لڀ
آهي.
هن وقت عام سوچ اها آهي ته اخبار*
پيسي ڪمائڻ کان سواءِ زنده نه
رهي سگهندي ۽ موجوده زماني ۾ اخبار هڪ صنعت جي طور
تي اڀري آهي. عوامي اداري جي حيثيت ۾ اخبارن کان
اميد رکي وڃي ٿي ته اهي قوم جي بي لوث خدمت ڪن، پر
هڪ خانگي ۽ نجي اداري جي حيثيت جي لحاظ کان انهن
کي پنهنجي مفاد لاءِ به سوچڻو پوي ٿو. جيڪو خاص
ڪاروباري رويو آهي ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪن ته شايد
سندن وجود خطري ۾ پئجي وڃي ۽ ظاهري آهي ته ان حالت
۾ قوم ان خدمت کان به محروم رهجي ويندي جيڪا اهڙو
ادارو پنهنجي حال سارو سرانجام آڻي رهيو هجي گهڻي
کان ٿورو به هليو ويندو.
اخبارن يا رسالن جي گهڻائي ۽ مقبوليت جو دارومدار قوم جي اهليت
۽ فضيلت تي آهي. ڇوته جاهلن کان پنهنجون ضرورتون
بهتر طور ڄاڻندي، پڙهيل ۽ فاضل ماڻهو انهن جي
افاديت جي واقفيت رکن ٿا، ۽ انهن کي مهيا ڪرڻ ۽
زور وٺائڻ لاءِ هميشه ڪوشان رهندا آهن. باشعور
ماڻهن کي خبر آهي ته صحيح ترقي ان جو نالو آهي ته
مالي خوشحالي حاصل ڪرڻ سان گڏ، ذهني اوسر ٿئي ته
جئين آزادي، شرافت، انصاف ۽ رواداريءَ جهڙين خوبين
جي ترويج ۽ مستقل طرح حفاظت ٿئي، ليڪن انهن سڀني
ڳالهين جي حاصلات لاءِ شرط آهي ته اهڙين اخبارن ۽
رسالن کي هلائيندڙ يعني صحافي حق پرست ۽ انصاف
پسند هجن، ۽ اهڙا نه هجن جيڪي پنهنجي ذاتي نفعي تي
اجتماعي يا قومي ۽ گروهي نفعي ۽ مفاد کي قربان ڪرڻ
کان نه گسن. خدانخواسته، جيڪڏهن صحافي برادريءَ
غلط رستي تي لڳي وڃي ته ان حالت ۾ قوم ۽ ملڪ جي
وڏي نقصان جو انديشو، بلڪه يقين، انڪري ٿئي ٿو جو
قوم سان واسطو رکندڙ ڳالهيون غلط رنگ ۾ رنگجي
گمراهه ڪن شڪل اختيار ڪنديون ۽ عوام الناس کي
حقيقتن کان گهڻو دور کڻي وينديون، جنهن جي نتيجي ۾
روشن مستقبل ۽ صحيح رهنمائي جا امڪان ختم ٿي
ويندا.
پروفيسر
عطا محمد حامي شاعر: روزاني مهراڻ 16 نومبر
1958ع واري اشاعت، ”قصيده مهراڻ“ صحافت جي
تعريف.
رڳو
ٻن لفظن مسرت ۽ حسرت جي ساخت ۽ استعمال تي غور
ڪريو ته توهان کي ٿوري غلطي سبب معنيٰ جي عالم
۾ ڏينهن رات جو فرق محسوس ٿيندو. مثلن تنهنجي
شاديءَ جي خبر تي گهڻي مسرت ٿي، واري اظهار ۾
مسرت جي جاءِ تي حسرت اچي وڃي ته ڇا ٿئي؟
ازانسواءِ وفات حسرت آيات جي جڳهه تي ”مسرت
آيات“ ڇپجي وڃي ته ڇا حشر ٿيندو؟ هڪ شاعر به
خوب چيو آهي ته ”هم دعا لکتي رهي وه دعا پڙهتي
رهي، ايڪ نقطي ني همين محرم سي مجرم ڪر ديا.“
نگلينڊ
۾، اخبارن جي قانون 1881ع مطابق، اخبار جي
تشريح هن طرح ٿيل آهي: ”هر اهو صحيفو جنهن ۾
عام خبرون يا معلومات يا واقعات يا اظهار راءِ
تبصرو هجي، ۽ اهو وڪري لاءِ ڇپيو ويو هجي، ۽
اهو مختلف حصن ۾ يا مختلف جزن ۾ يا مختلف
اشاعتن ۾، مقرر وقت تي شايع ٿيندو هجي، ۽ ان
جي مدت معياد ٻن ڏينهن کان زياده نه هجي- اها
خبار آهي“. سنڌي صحافت ڪريم بخش خالد- ص 71.
|