سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 14

صفحو : 17

هن تحقيق ۾ مدد ڏيندڙ مواد، مرڪز ۽ ماڻهو

 

ڪتاب

الف: سنڌي

”اهي ڏينهن اهي شينهن“: (2 جلد) پير علي محمد شاه راشدي

”هو ڏوٿي هو ڏينهن“: پير حسام الدين شاه راشدي

”عملي صحافت:“ شيخ عزيز

”سنڌي صحافت“: ڪريم بخش خالد

”مهراڻ تي مجلس“: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“: ڊاڪٽر غلام علي الانه

”جام جم“: مرحوم شمس الدين ”بلبل“

”مزاحيات“: مرحوم شمس الدين ”بلبل“

”ساهتيه ڪلادرسني:“ هري هوتومل تنواڻي ”نماڻو“ (هندستان)

”جنب گذاريم جن سين:“ جي- ايم- سيد

”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“: جي- ايم- سيد

”مهراڻ جا موتي:“ انتخاب: پاڪستان پبليڪيشنز ڪراچي.

”پکين جي پارليامينٽ“ (منطق الطير: خواجا فريدالدين عطار)

مترجم: پروفيسر غلام حسين جلباڻي.

”سنڌي نثر جي تاريخ:“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي.

”ديوان بلبل“: مرتب مرحوم غلام محمد گرامي.

”گل ڦل“: پرمانند ميوارام: ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ.

”سنڌ جي هندن جي تاريخ“: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.

”سنڌي زبان جي حيثيت ۽ ان جو مستقبل“: مرحوم سيد مراد علي شاه.

”مرحوم حسن علي آفندي جي سوانح“: مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ.

مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي جي اخبارن تان نقل ڪيل ڪي مضامين ۽ اشعار (سندس نيڪ پٽ جناب نور احمد نظاماڻيءَ جا فراهم ڪيل)

”اديب سنڌ“ رسالي جو ڪجهه رڪارڊ

”پيغام“ رسالي جون ڪي ڪاپيون

”توحيد“ رسالي جون ڪي ڪاپيون

”سنڌو“ رسالي جو ڪجهه رڪارڊ

”روح رهاڻ“ جون ڪي ڪاپيون

”ٽماهي مهراڻ“ رسالي جا فائيل

”نئين زندگي“ جا فائيل

”اديون“ جا فائيل

”الوحيد آزاد نمبر“- مهراڻ نمبر 13 نومبر 1958ع

مسلم سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي ميٽنگن جون ڪارروايون

ب: اردو

”دنيائـﻶ اسلام جي صحافت“: ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد

”صحافت اور جمهوريت:“ مصنف: ڊوان بريڊلي: مترجم: نير علوي، ڪراچي

”ابلاغ عام“: مهدي حسن، شعبه صحافت: پنجاب يونيورسٽي

لاهور.

”ماهنامه سرحد“ ڪراچي (چند ڪاپيون)

”سنڌ کـﻶ حالات کي سچي ڪهاني“: محمد موسيٰ ڀٽو.

ث انگريزي:

 “Newspapers today:” by Alan Pitt Robbins.

Journalism in Pakistan Dr. Abdus Salam Khurshid.

Some Record Files of Commissioner in Sind’s office, Karachi.

“Hiranand the soul of Sindh:” by Dayram Gidumal Daily Gazette of Karachi (certain copies)

“A brief history by Sind Brahomo Samaj:” by Shri Dharamdas Bhojraj Gurbaxani.

Sufferings of Sindh: M. A. Khuhro.

Political Parties in Pakistan: M. Rafique Afazal.

 

د: اخباري ذخيرو:

مڙني سنڌي اخبارن جو رڪارڊ جن ۾ الوحيد، قرباني، اصلاح، آزاد، هندو، سنسار سماچار، هندو جاتي، مسلمان، توحيد، الحقيقت، سنڌ زميندار، نوراسلام، مرغ فلڪ، طيراً ابابيل، سنڌو، هلال پاڪستان، ”سنڌ“، نئين سنڌ، نواءِ سنڌ، ڪاروان، مهراڻ، عبرت، خادم وطن، آفتاب، سنڌ نيوز ۽ سنڌ ٽائيمز شامل آهن. اردو اخبارون خصوصاً جنگ ۽ انگريزي ڊان.

لئبريريون:

سنڌولاجي، مرڪزي لئبريري، سنڌ يونيورسٽي، غلام محمد ”جوهر“ کٽي ميرپور بٺوري واري لئبرري، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي لئبرري، شمس العلماء مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه لئبرري.

شخصيتون:

پير علي محمد راشدي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مرحوم سيد سردار علي شاهه، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانه، گرداس واڌواڻي ۽ علي احمد بروهي.

سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ هن تحقيق جو اختصار

 

بفضل تعاليٰ، ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ جي عنوان تي ڪيل تحقيق جو مقالو حاضر آهي. ان مقالي ۾، جن موضوعات کي ڇهيو ويو آهي ۽ بحث ڪيو ويو آهي، ان جو اختصار ڏجي ٿو ته جيئن ڏسندڙ کي هڪ نظر ۾، پتوي پوي ته ڪم جي نوعيت ۽ اهميت ڇا آهي.

 

عنوان جي اهميت ان جي حقيقت مان به عيان آهي ته هيءَ تحقيق 113 ورهين جي ڊگهي عرصي تي محيط آهي جيڪا ئي اسان جي سنڌي صحافت جي ڄمار آهي. پنهنجي کوج مطابق، پهريون صحيفو جنهنکي سنڌي صحافت جي ابتدائي صورت قرار ڏيئي سگهجي ٿو سا هفتيوار ”فوائدالاخبار“ هئي جنهن ڪراچي ۾ 15 مئي 1858ع تي وجود ورتو. جيتوڻيڪ اخبار فارسي ۽ سنڌي ۾ نڪرندي هئي پر بهرحال سنڌيءَ ۾ ”اڌواڌ“ هئڻ سبب، سنڌي صحافت جي شڪل جو مرتبو ماڻي سگهي. اسان هن تحقيق جو اختمام 1981ع جي اپريل مهيني تي ڪيو آهي.

ظاهر آهي ته اهو وڏو ڊگهو دور آهي جنهن ۾ سنڌي اخبار نويسي پنهنجي زندگيءَ جو سفر جاري رکيو. ڏک ڏاکڙا ڏِٺا، سور سختيون سٺا ۽ پنهنجا ڪلها گٺا. ناسازگار ماحول ۾، سنڌي اخبارن نه رڳو پنهنجو وجود برقرار رکيو پر ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون. اڄ اسان جون سنڌي اخبارون فخر ڪرڻ جهڙيون آهن- فني نقطئه نگاه کان توڙي اخباري ڏانو جي اڪيچار الفاظ جي ذخيري ۽ خوشحالي جي خيال کان ان کان علاوه، سنڌي ٽائيپ جي سهڻي ڇپائي سندس سونهن ۽ زيب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. وري ”سون تي سهاڳ“ جو ڪم، سنڌي صحافين جي جرئت ۽ صاف گوئي ڪيو آهي جيڪي ڳالهيون صحيح صحافت جون خوبيون تصور ڪيون وڃن ٿيون اسان وٽ اهڙن جري صحافين جي کوٽ نه رهي آهي جن قلمي قوت جو مظاهرو به ڪيو ۽ صحافت جي سچائي جو حق به ادا ڪيو، ٺيڪ آهي، هيڪڙ ٻيڪڙ اهڙا ذاتي مقصدن جا ”مريد“ اخبار نويس به نمودار ٿيا ليڪن قلم جي حرمت ۽ عزت رکڻ وارا هر دور ۾ ڪر کنيو بيٺا آهن جن جي طفيل اسان جي سنڌي صحافت مٿانهون درجو ماڻي سگهي آهي. ماضيءَ تي فخر ۽ آئينده جي عظمت جي آسري ڪرڻ لاءِ اسان کي جواز آهي.

 

هن تحقيق ۾، اسان ٿلهي ليکي، ٽي ادوار رکيا آهن: هڪ دور پهرين اخبار جي ڄمڻ يعني 1858ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ 1910ع تي ختم ٿئي ٿو. ٻيو 1011ع کان شروع ٿي 1947ع تي پورو ٿئي ٿو جڏهن اسان جي آزاديءَ جو سج اڀريو ۽ ٽيون دور پاڪستان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين.

 

ان کان اڳ، صحافت جي تعريف ۽ تشريح تي لکيو ويو آهي ته جيئن صحافت جي ابتدائي تبليغي رول کان وٺي جديد صنعت جي صورت تائين، سندس خدوخال ۽ خاصيتون سامهون اچن ۽ چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ته اخبارن ۽ رسالن انساني زندگيءَ کي ڪهڙيءَ ريت متاثر ڪيو آهي.

 

مٿيان مذڪور ادوار اهو ٻڌائين ٿا ته اخبارن جي تاريخ ۽ ترويج ڪيئن رهي آهي. ان ۾ ماضيءَ ۾ جاري ٿيل اخبارن ۽ اهم رسالن جي نالن جو چڱو خاصو تعداد ملي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ انهن جي خدمتن ۽ قربانين جو به پتو پوي ٿو. ان سڄي دور جي ممتاز اخبار نويسن جي لکڻين جا نمونا ۽ مثال به ڏنا ويا آهن ۽ سندن سوانح به بيان ڪئي وئي آهي جيڪو بذات هڪ وڏو ڪم آهي. انهن اهم صحافين ۾، مرحوم مرزا مخلص علي، رئيس شمس الدين ”بلبل“، ساڌو هيرانند، محمد هاشم ”مخلص“، پرمانند ميوارام، تولارام منگهارام ٻالاڻي، ويرومل بيگراج، نور محمد نظاماڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، مولانا دين محمد وفائي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙيون شخصيتون شامل آهن. ازانسواءِ، اڪيچار اهم اخبار نويسن جو به ذڪر ٿئي ٿو جن ۾ لوڪرام، شيخ محمد سليمان ۽ سندس فرزند شيخ عبدالعزيز، قاضي عبدالرحمان، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولوي عبدالغفور سيتائي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مولوي خير محمد نظاماڻي، حافظ خير محمد اوحدي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، وشنو شرما، ڪشنسنگهه، ماڌوداس شوالومل، ٽلهرام آئلداس، يار محمد ٽانوري، محمد هاشم مستوئي، ريجهومل اگناڻي، هيرانند ڪرمچند، مولوي محمد عثمان ڏيپلائي، ميلارام منگترام، قاضي عبدالرزاق، قاضي خدا بخش، عبدالله عباسي، عبدالله عبدالواسع شيخ، محمد خان ”غني“، کيمچند ڏيارام، آغا نظر علي، قادر بخش نظاماڻي، علي احمد بروهي، سيد سردار علي شاه، شيخ علي محمد، محمد بخش ”جوهر“، قاضي عبدالمجيد ”عابد“، خير محمد کوکر، مدد علي سنڌي، شيخ عزيز، قاضي اسلم اڪبر، گرداس واڌواڻي، سراج ميمڻ ۽ سردار علي قريشي اچي وڃن ٿا.

 

هندو پريس ۽ مسلم پريس جي خانن ۾ تقسيم ٿيڻ تي، سنڌي صحافت جو الڳ باب رکيو ويو آهي ۽ سنڌي صحافت جو وطن جي تحريڪن- سياسي، سماجي ۽ ادبي- تي ڇڏيل اثرات جو جدا بيان آهي. مذهب ۽ صحافت بابت به ڪجهه لکيو ويو آهي. ان کان علاوه، ”سنڌي صحافت جو ادب جي اوسر ۾ حصو“ جهڙو عنوان آندو ويو آهي جنهن ۾ ان زماني جا ادبي بحث؛ لپيءَ جو مسئلو، اعراب ۽ اچار، مزاح ۽ ادبي نوڪ جهوڪ تان پردو هٽايو ويو آهي. اخبارن ۾ ٺيٺ سنڌي الفاظ ۽ اصطلاح، دلچسپ خبرون ۽ اشتهار- انهن مڙني شين تي روشني وڌي وئي آهي.

 

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جا حالات ۽ سنڌي پريس ۽ اردو پريس جي رويي جون حقيقتون ٻڌايون ويون آهن ۽ سنڌي صحافت جي موجوده حالت ۽ ترقيءَ جي امڪانن تي بحث ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مسئلن تي سنڌي پريس جنهن بي ڊپائي ۽ جرئت سان لکيو آهي ۽ قومي مسئلن ۽ مطالبن تي جنهن خيرخواهي ۽ دليري سان قلم کنيو آهي، اهي باب نهايت اهم آهن.

هندستان ۾ نڪرندڙ سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي لسٽ ڏني وئي آهي ۽ آخر ۾ دستياب ٿيل اخبارن جو تصويري جائزو يا البم ڏنو ويو آهي. (1)

 

ان سڄي جائزي تحرير ڪرڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ڪنهن اخبار سان ٻه-اکيائي نه ٿئي ۽ غيرجانبدارانه نقشو اکين اڳيان اڀري.

 

اهو آهي مختصراً هن تحقيق جو خاڪو. پر مضمون ۽ متن بابت به ٿورو گهڻو ٻڌائڻ ضروري آهي ته جيئن هن مقالي جو مقام معلوم ٿئي ۽ ان جي اونهائيءَ جي ڪا جهلڪ ملي.

 

ان سلسلي ۾ به اختصار کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ فقط نمايان حقيقتن جي ذڪر تي اڪتفا ڪبي. ظاهر آهي ته انهن جا تفصيل مختلف بابن ۾ ملندا. اسان جي هن تحقيق ۾ نين هٿ آيل حقيقتن کي، ڪنهن حد تائين، انڪشاف جو درجو حاصل آهي ۽ ٺوس معلومات تي مبني آهي. مثلاً:

 

صحافت جي تعريف ۽ مقصد بابت لکندي، راءِ ڏني اٿم ته تحرير جو اهو شعبو پاڻيءَ سان مشابهت ۽ ممائلت رکي ٿو. جهڙي طرح پاڻيءَ ۾ اها خوبي آهي ته گند لڳل ۽ مير ۽ مٽيءَ سان وڃايل شين کي صاف ڪندو آهي ۽ ساڳئي وقت پاڻ کي اڇو اجورو ۽ پاڪ رکندو آهي، بلڪل ساڳئي طرح صحافت به معاشري جي مڙني خرابين ۽ خامين تان پردو هٽائي، نظرن ۾ آڻائي قابل نفرت بڻائي پيش ڪري، ان جي اصلاح ڪندي آهي ۽ ان سان گڏ پاڻ کي به صاف ۽ پاڪ رکندي آهي ۽ آخرڪار قلم جي حرمت، بي باڪي ۽ سچائيءَ جو ساٿ ڏيندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪن خاص حالات ۾ ڪن اڻٽر مجبورين سبب، ڪجهه وقت لاءِ، صحافت خاموش ٿي وڃي بلڪه اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو به سڏي وجهي. پر اها صورتحال، صحافت جي صاف وجود سبب گهڻو جٽاءُ نه ڪندي آهي ۽ مجبوري ۽ اره زورائي جي دور قائم ڪندڙن کي، شاه ڀٽائي ؒ جي زبان ۾، گويا صحافت ائين پئي للڪاريندي آهي ته:

 

”متو آهين مڇ ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

تو جا ڀانئين اڇ تنهن پاڻيءَ پڄندا ڏينهڙا.“

 

اصلاح حال کانپوءِ، صحافت، ڪجهه عرصو غلط روش اختيار ڪرڻ سبب، پنهنجي فرض ادائگي ۾ ڪيل غلطين جو به ازالو ڪري وٺندو آهي يعني ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته پاڻ کي به نه بخشيندي آهي. صحافت ان جو نالو آهي.

 

سنڌي صحافت جي پهرين دور جو اختمام 1910ع تي ان ڪري ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي دور جي ابتدا 1911ع کان ان ڪري ڪئي اٿئون جو ائين ڪرڻ جي ترغيب مرحوم مولانا دين محمد وفائي جي ان دعويٰ ڏني جنهن ۾ هن بزرگ، عالم ۽ صحافي 1935ع ڌاري چيو هو ته 65 سال اڳ تائين هندو مسلمان عالمن، اديبن ۽ صحافين جي ٻولي ساڳي هئي ۽ بعد ۾ مذهبي ڪٽرپڻي پيدا ٿيڻ سبب، سنڌي ٻوليءَ کي هندڪي ۽ مسلمانڪي صورت ڏني ٿي ويئي. اهڙي دعويٰ جي تائيد، اسان کي ان وقت جي ٻن هندو اديبن ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ لعلچند امرڏني مل جي موقف مان به ملي آهي. اسان اڳتي هلي هندن جي مشهور اخبار ”سنسار سماچار“ جو هڪ صفحو پيش ڪيو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هندن اخبارن نويسن، سنڌي زبان جي مڃيل صورتخطيءَ کي بگاڙي، ڌاري عربي زبان کان پاڪ ڪرڻ جي بهاني هيٺ، پنهنجي ٻوليءَ کي بي جا سنسڪرتي صورت ڏيڻ جي ابتدا ڪري ڏني هئي. هن صورتحال جي جرئتمنديءَ سان مخالفت ڪرڻ وارن ۾ مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي جو نالو سرفهرست آهي. ان سوال تي وڏي ڏي- وٺ ٿي هئي ۽ هندن جو موقف ايترو ته ڪمزور ۽ نامناسب هو جو بعد ۾، هندستان وڃن جي باوجود، وڏي بحث مباحثي کانپوءِ، خود هندن جي اڪثريت سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي ۽ مروج صورتخطي بحال ڪئي جا اڄ به استعمال ٿي رهي آهي.

 

تجربي ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن صحافي سياستدان به آهي ته هن جي طرز تحرير غيرمعمولي طرح اثرانداز ٿيڻ واري ٻولي بڻجيو پوي ۽ هو هڪ منفرد مقام وارو ماڻهو ٿي پوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾، منهنجي راءِ ۾، اهڙا ٽي نمايان حيثيت رکندڙ ماڻهو پيدا ٿيا آهن جن جا نالا شمس الدين ”بلبل“ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير علي محمد راشدي آهن. سنڌ ۾ صحافت جي ميدان ۾ جن شخصن، سنڌي داني ۽ بي لوثي ۽ بي باڪيءَ جي بنياد تي، پنهنجي قلمي قوت جو غيرمعمولي مظاهرو ڪيو، تن جو سردار محترم مولوي خير محمد نظاماڻي صاحب آهي جو اڃا حال حيات آهي پر نظر وڃائي وهڻ سبب، هن وقت خاموش آهي.

 

 

سنڌي صحافت جو سفر، مسلمانن هندن جي ڀيٽ ۾، اڳ ۾ شرع ڪيو پر ان رستي جي سورن ۽ سختين سان واسطو هندو اخبار نويسن کي پهرين پيو. ان جو ڪارڻ هندن پاران صحافت ۾ سياست کي ملوث ڪرڻ هو. هن دليريءَ جو مظاهرو هندن انڪري ڪيو هو ڇوته مسلمانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻو هئا. ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ واري ڪار هئي. نتيجي ۾، صحافت جي ميدان ۾ ڪڏي قرباني ڏيندڙن ۾ هندن آڳ ڏني ۽ ان جي پاداش ۾ پهريان جيل ويندڙ صحافي به هندو هئا جهڙوڪ تولارام مينگهراج ٻالاڻي، لوڪرام ۽ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي. ان بعد قاضي عبدالرحمان ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اچن ٿا.

 

سنڌي چوڻي ”سياڻو ڪانءُ وِٺ تي وهي“ وانگر، وڌيڪ سياسي سمجهه سان سينگاريل هندن اخبار نويسن، سنڌ جي مسئلن جهڙوڪ ”بمبئي کان سنڌ جي علحدگي“ وغيره تي، پنهنجي هلائڻ جي هوڏ ۽ هٺ ڌرمي تي رهندي، هتي جي مسلمان پريس هٿان مار کاڌي. ان مسئلي تي، هندن جو موقف نهايت نامناسب ۽ خود غرضانه هو. تعليم ۽ تربيت ۾ مسلمانن کان اڳتي هجڻ سبب، جيئن نوڪرين وغيره ۾ ماريون مڃايون ويٺا هئا، هندن سمجهيو ته هن سياسي ميدان ۾ به، پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ويندا. پر نهايت ڪمزور هجڻ جي باوجود، رڳو حق تي هجڻ جي همت ڪري وڌي جنهن پنهنجو نقطئه نظر مڃرايو ۽ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي.

 

 

ظاهراً ته رڳو سنڌ جي بمبئي کان علحدگي هئي مگر دراصل ان جي پٺيان نهايت درورس نتيجن لاءِ لڙندڙ قوت جو وساريل وجود هو جنهن علحده مسلم تشخص جي صورت ۾ ساڃهه طرف ڌڪيلي وڌو. سنڌ جو ناقابل فراموش ڪارنامو اهو هو جو هندستان جي ليول تي نه ان وقت اڃا اسلامي تشخص جي ستل سوچ هئي ۽ هتي هن صوبي جي رهندڙ مسلمانن وٽ عمل جي لوچ هئي جنهن عملي طرح 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري ڏيکاريو ته صحيح سمت تي هلڻ سبب، بمبئي پريزيڊنسي ۾ مجموعي طرح اقليت جي باوجود، سنڌ جا مسلمان ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيا. اها تاريخي حقيقيت آهي ته ان ڪارنامي آل انڊيا ليول تي، مسلمانن جي جدوجهد ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ عملي طرح پاڪستان جي تحريڪ کي، صاف رستو عطا ڪيو.

 

سنڌ جي مسلمان صحافين ۾، مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جي شخصيت انڪري اهم جڳهه والاري ٿي جو هن جي دور رس نگاه، گهڻو اڳ سياسي طرح صاف ٿي ڏٺو. وفات واري سال يعني 1919ع ۾، هن ”هندن جا بجڪا الڳ ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪا الڳ ڪيو“ جي صلاح ڏيئي هن هندن ۽ مسلمانن جي علحده هجڻ جي پيش گوئي ڪئي. هندستان جي وڏن وڏن اڳواڻن کي اها حقيقت 1930ع ڌاري وڃي آئڙي. اهو به سنڌ جو گهٽ ڪارنامو ڪونهي.

سنڌي صحافت ۾، لفظ ”خاطو“ جي کوجنا، هندو صحافي ساڌو هيرانند جي آهي جنهن 1884ع ۾ اخباري دنيا ۾ پير پاتو. ان لاءِ به هن کيريون لهڻيون ته هو پهريون اخبار نويس هو جنهن اخبار وسيلي عام ماڻهن جي حالت راز کي حڪومت جي ڌيان تي آڻڻ جو احساس ڏياريو.

 

مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مولوي نور محمد نظاماڻي کي وري اها خصوصيت حاصل آهي ته هنن ٻنهي شاعريءَ ۾ صحافت ڪئي. هنن ٻنهي مسلمان صحافي کي، ان کان علاوه، ٻن ميدانن ۾ به اشتراڪ عمل ۽ مشابهت رهي. هڪ هيءُ ته ٻئي ان وقت هندو آريه سماج جي فتني خلاف سينو سير ڪري بيٺا ۽ ٻيو هي ته مسلمانن جي مجموعي مسئلن ۽ مقصدن تي هر وقت قلم کي استعمال ڪرڻ لاءِ خلوص دل ۽ بي لوثي سان تيار هئا. اخباري صفحن تي ان قسم جي شهادت لاءِ بي شمار مراد ملي سگهي ٿو. ان جي باوجود، ٻي ڳالهه جا هنن متعلق افسوسناڪ آهي سا هيءَ ته هو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪونه ٺهيا. ان اجائي ويڙهه ۾، هنن ڪافي قلمي قوت وڃائي جنهن جو ان وقت به گهڻن مسلمانن کي افسوس هوندو هو خصوصاً مرحوم عبدالمجيد سنڌي ۽ روزانه اخبار ”الوحيد“ کي. پر هنن ٻنهي صحافين کي ان جو احساس مڙئي گهٽ هو. هڪ دفعي روزانه ”الوحيد“ ان بي مقصد جنگ جي خاتمي لاءِ کين صلاح ڏني جنهن تي مولوي نظاماڻي لکيو هو: ”بهرحال الوحيد وارا خواه ٻي دنيا جيڪڏهن سندس (يعني ”مخلص“ مرحوم) اڳيان سجود ڪري ته ڀلي ڪري. سندس قدم چمي ته منهنجون اکيون ٿڌيون مگر مون پنهنجي دل ۾ مستقل ارادو ڪيو آهي ته جيستائين هي پير مرد راه راست تي نه ايندو، تيسين سندس هر ناجائز حرڪت جو تاروبود اهڙي طرح اڊيڙيندڙ رهندس جو ڌاڳو نه ملي ڌاڪي کي.“ اهو ڪمزور پهلو پنهنجي جاءِ تي، پر هنن ٻنهي صحافين جون، سنڌي اخبار نويسيءَ جي ميدان ۾، ڪيل ڪوششون ۽ خدمتون پنهنجي مٿي قابل تعريف آهن. هو ممتاز انشاپرداز، پنهنجي انفرادي طرز تحرير جا مالڪ ۽ نهايت شسته زبان ۽ عام فهم ۽ مضبوط عبارت استعمال ڪندڙ هئا.

 

 

سنڌ ۾ مذهبي صحافت جا باني ۽ ترقي وٺائيندڙ مولانا دين محمد وفائي ۽ مولوي نور محمد نظاماڻي هئا. مولوي خير محمد نظاماڻي جنهن جي قلمي قوت جي اڳڪٿي خود مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ڪئي هئي، تنهن ان روايت کي زنده رکيو ۽ پنهنجي ابتدائي اخبار نويسي ان جذبي تحت شروع ڪئي. بعد ۾ جيتوڻيڪ سياسي صحافت طرف ڌڪجي ويو پر مذهبي اقدار تي بيٺل بي ڊپائي، سچائي ۽ بي ريائيءَ کي خوب نباهيندو آيو ۽ انهن اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪانه ڪيائين.

 

لڳي ائين ٿو ته سنڌ ۾ رهڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جي باوجود اردو پريس هن صوبي جي مسئلن، مطالبن ۽ معاملن تي اهو توجهه نه ڏنو جيڪو کيس ڏيڻ گهربو هو يا جنهن توجهه جا اهي مسئلا مستحق هئا. نه رڳو ائين پر ڪيترن موقعن تي مخالفانه ۽ معاندانه روش اختيار ڪئي وئي. نتيجي ۾ اهي مسئلا ۽ مطالبا مقامي ليول تائين گهٽجي، سنڌي پريس جي جوابداري بڻيا. ان صورتحال کي سنڌي اخبارن خوب نباهيو پر اردو پريس پاران الزام ۽ طعنا پڙ پيس. تنگ دلي ۽ تعصب جا نالا ڏنا ويا. پر ان جي پرواهه نه ڪندي، سنڌي پريس جنهن جرئتمندي سان انهن واجبي مقامي مسئلن تي قلم کنيو ۽ ساڳئي وقت قومي ليول جي تقاضائن کي به نباهيو، اهو وڏي جگر گردي جو ڪم هو ۽ اهو ان جي قلبي وسعت ۽ حب الوطني ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي مواد مهيا ڪري ٿو.

 

موجوده پاڪستان ۾، مقامي طرح سنڌي زبان ئي هڪ اهڙي ٻولي آهي جنهن ۾ نهايت پراڻي ۽ مضبوط بنيادن تي بيٺل پريس آهي. شروع کان، اردو پريس جي اکين ۾ به ان ڪري اچي وئي جنهن سنڌي پريس کي رفيق نه پر رقيب ڪري ڏٺس. ان صورتحال جو عمل ۽ ردعمل پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو اهم اڀياس آهي. سنڌي پريس جي وسعت ان حقيقت مان معلوم ٿي سگهي ٿي ته هن وقت روزانه اخبارون 13، هفتيوار 46، ماهوار 13 ۽ هڪ ٽماهي رسالو آهي. ٻئي طرف پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ۾ ڪا به روزانه اخبار نه آهي.

ازانسواءِ جنهن ڳالهه سنڌي اخبارن جي ترقي ۾ هٿي ڏني آهي ۽ ڇپائي کي سولو ۽ سهڻو بڻايو آهي سا آهي سنڌي ٽائيپ ڇاپي جو سرشتو، جيڪا سهوليت اردو اخبارن کي هن وقت تائين ميسر نه ٿي سگهي آهي. اندازو لڳايو ته اها سهوليت ڪن سنڌي اخبارن کي 1900ع کان به اڳ نصيب هئي. هفتيوار ”سنڌ سڌار“ اخبار جنهن کي پهرين مڪمل سنڌي اخبار هجڻ جو شرف حاصل آهي ۽ 1866ع کان جاري ٿي هئي، سا سنڌي ٽائيپ ۾، سنڌ سرڪار جي ڪراچي 1869ع ۾ قائم ٿيل ڇاپخاني مان، 1882ع کان ڇپجڻ شروع ٿي هئي.

اسان جي ملڪ ۾ سنڌي پريس، هڪ وسيع خطي ۾، يعني سنڌ صوبي ۾ رابطي جو ڪم ڏنو آهي. حڪومت جي نقطئه نظر کي تشهير ۽ عوام تائين پهچ، سنڌي اخبارن ذريعي؛ نهايت مؤثر نموني ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي عوام جي تڪليفن، مسئلن ۽ مطالبن بابت خبرون ۽ ردعمل سنڌي اخبارن ۾ ڇپجي وقت جي سرڪار جي ڌيان تي آندا وڃن ٿا. ٻي اهم ڳالهه جنهنکي گهڻن ماڻهن محسوس نه ڪيو آهي سا هيءَ آهي ته پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ ۾ علائقائي پريس سنڌي اخبارون آهن ڇاڪاڻ ته باقي ٻين ٽن صوبن ۾، اردو ئي علائقائي رول به ادا ڪري رهي آهي. اهو ان ڪري جو پنجاب ۾ پنجابي ۾، سرحد ۾ پشتو ۾ ۽ بلوچستان ۾ بلوچي ۾ ڪا پريس ڪانه آهي. ضرورت آهي ته سنڌي پريس جي همت افزائي ان صورتحال جي مدنظر ٿيڻ گهرجي. اها صورتحال ان يقين دهاني ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي ته سنڌي صحافت کي بهترين مستقبل آهي.

                        عزيزالرحمان ٻگهيو


(1)  اصل مقالي ۾ ڏنل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org