سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 8

صفحو : 18

سنڌ جي بمبئي کان علحدگي

هن کان اڳ هو واضح ڪيو ويو آهي ته، سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيد اڪرڻ جي باب ۾ جن مسئلن اهم رول ادا ڪيو هو، انهن ۾ خلافت تحريڪ ۽ سنڌ جي بمبئي پيرزيڊنسي کان علحدگي واري جدوجهد سرفهرست آهن. هتي اهو به اضافو ڪري سگهجي ٿو ته جيڪا جدوجهد سنڌ کي الڳ صوبي بڻائڻ لاءِ ڪئي وئي، ان کي منفرد مقام ان حقيقت ڏياريو آهي ته ان اڳتي هلي خالصتاً مسلمانن جي انفرادي ۽ الڳ وجود جو احساس ڏياريو ۽ سندسن حيثيت کي جداگانه تشخص جي شڪل بخشي. جنهن صورتحال هندستان جي ليول تي، ٻن قومن جي تصور کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان جي اسڪيم ۽ ان جي حصول کي قابل فهم ۽ قابل عمل پروگرام بڻايو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته سنڌ جي مسلمانن جي، سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرائڻ واري وجدوجهد ڄڻ ته اڻ سڌي طرح پاڪستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سازوسامان تيار ڪري ڏيڻو هو. ظاهر آهي ته ان نقطئه نظر کان، اها هڪ وڏي خدمت هئي جا هتي جي مسلمانن پنهنجي وسائل جي اڻ هوند ۽ تعليمي طرح بهتر مسلح سنڌي هندن جي مخالفت جي باوجود، سرانجام ڏني هئي. اهو ته ٿيو نظرياتي پهلو. پر عملي طرح به جيڪڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو رهجي وڃي ها ته به پاڪستان جو وجود وٺڻ ان ڪري ممڪن نه ٿئي ها ڇوته ان حالت ۾ بمبئي هندو اڪثريت وارو صوبو هو. باقي ايراضي واري پاڪستان جي گهر ۾ ڪا مقبوليت ۽ ڪشش نظر نه اچي ها.

اهابه حقيقت آهي ته سنڌ جي علحدگي واري هلچل، سنڌ جي ملسمانن کي بهترين سياسي تربيت فراهم ڪئي ۽ ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي هو گويا سياسي طرح پنهنجي پيرن تي پهريون دفعو بيهڻ جي لائق بڻيا هئا ۽ هنن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيڻ لڳي هئي. دراصل، اها خوداعتمادي ۽ اهليت جي فضا هئي جنهن جي نتيجي ۾، سنڌ ته ڇا پر هندستان جي ليول تي مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا قائدانه صلاحيتن ۽ خوبين وارا ماڻهو پيدا ٿي پيا جن آزادي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد واري سفر کي تيز ڪيو ۽ عملي پروگرام ڏنو. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي جيڪڏهن ائين چئجي ته پاڪستان لاءِ لاهور ريزوليشن جو بنياد، سنڌ جي هن نحيف الجسم ليڪن وڏي دماغ واري ليڊر شيخ سنڌيءَ 1938ع ۾، ڪراچي جي ڪوٺايل مسلم ليگ جي هڪ اجلاس ۾ فراهم ڪيو هو.

 

سنڌ جي علحدگي لاءِ سنڌي پريس ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ان کي جاچڻ ئي اسان جو مکيه مقصد آهي. پر ان کان اڳ، اختصار سان اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته اها جدوجهد ڪهڙي ريت هلي ۽ هندن ۽ مسلمانن ان ۾ ڪهڙو بهرو ورتو. دراصل انهن ٻنهي طبقن جي رخ ۽ عمل ئي سنڌي پريس کي سمت ڏني يا ڪن حالت ۾ اخبارن به سياسي سوچ تي پنهنجو اثر ڇڏيو.

 

جيئن ئي انگريزن 1943ع ۾، سنڌ تي قبضو ڪيو، انگريز جرنيل سرچارلس نيپئر، ان کي الڳ صوبي جي شڪل ۾ 1847ع تائين هلايو ۽ ان کانپوءِ بمبئي کاتي سان ڳنڍيو ويو. سنڌ ۾ ڪمشنر رهڻ لڳو ليڪن 1868ع ۾، سنڌ ايڪٽ موجب، ڪمشنر کي گورنر-ان- ڪائونسل جا اختيار ڏنا ويا ۽ نتيجي ۾، هي صوبو نه صوبو رهيو ۽ نه ڪمشنري، وچ واري هڪ عجيب پوزيشن اسان جي علائقي کي قسمت ۾ لڳي ۽ ڪمشنر پنهنجي وڌايل اختيارن سبب هڪ اهڙو حاڪم بڻجي ويٺو جيڪو سڀ ڪجهه ڪري سگهيو ٿي ۽ سنڌ ۾ ڪائونسل نه هئڻ سبب، کانئس پڇڻ وارو ڪو ڪونه رهيو. ان انوکي صورتحال جو فائدو هيٺين اعليٰ آفيسرن به خوب ورتو. جن جي نازن ۽ نخرن ۾ اضافو وري هتي جي جاهل ۽ فرعوني صفت وڏيرن ۽ جاگيردارن به ڪيو. جواب ۾ انهن آفيسرن ۽ عملدارن کي هر سال شڪار ڪرايون ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي، اهي وڏيرا سرڪار جا بنان پگهار وارا ڪمدار بڻجي پيا. ان ڪري سرڪاري عملو ماڻهن جي مسئلن کان بي پرواهه ٿي بنان کٽڪي جي موجون ماڻڻ لڳو ۽ اهي وڏيرا ۽ جاگيردار ملڪ جا عملاً والي بڻجي غريب عوام کي لتاڙيندا رهيا ۽ ظلم ۽ زيادتيون ڪندا رهيا. آزار ۾ غريب عوام اچي ويو جن جو نه ڪو واهي نه ڪو وسيلو. خاموشيءَ ۽ صبر سان اهي ظلم پنهنجي قسمت جو ڪرشمو سمجهندا سهندا رهيا. ازنسواءِ، بمبئيءَ کان دور هئڻ ڪري، سنڌ جي ترقي طرف ڪو توجهه نه ٿي ڏنو ويو. وقت گذرڻ سان نوان مسئلا پيدا ٿيندا رهيا ۽ منجهندا رهيا پر حل ڪرڻ لاءِ ڪو آماده نه ٿي ڏٺو.

 

اها دردناڪ صورتحال هتي جو عوام ايامن کان ڏسندو رهيو ليڪن قومي درد رکندڙ اڳواڻ ان حالت کان متاثر ٿيا ۽ پهريون دفعو سنڌ کي الڳ ڪرڻ جو احساس 1908ع ۾، سيٺ هرچندراءِ وشنداس کي ٿيو ٿو ڏسجي جڏهن سکر ۾ سنڌ پرانوشنل ڪانفرنس جي موقعي تي، ٻين آل انڊيا سياسي مسئلن سان گڏ، هن سنڌ جي خاص ڳالهين کي به غور هيٺ آڻايو. ان کانپوءِ، ساڳئي سيٺ هرچندراءِ وشنداس، ڊسمبر 1913ع جي آل انڊيا ڪانگريس جي ساليانه اجلاس ڪراچي جي موقعي تي، استقباليه ڪميٽي جي سربراهه جي حيثيت ۾، ”پنهنجي صدارتي خطبي ۾، سنڌ جي جدا خصوصيتن ۽ مسئلن جو ذڪر ڪندي، ڪمشنر سنڌ جي خاص اختيارن سبب آفيسرن جي بي واجبي هلت ۽ دٻاءُ جو بيان ڪري، سنڌ جي تڪليفي جي دور ٿيڻ جو واحد علاج ان جي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان علحدگي ۽ ان جي پنهنجي سر هڪ جدا صوبي جي بڻجڻ ۾ ٻڌايو. پنهنجي ان تاريخي خطي ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس سنڌ جي پوئتي پوڻ جو واحد ڪارڻ بمبئي سان ان جي الحاق کي ڄاڻايو. (1)

 

وري، 1917ع ۾، حيدرآباد ۾ ساڳئي قسم جي ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ کي الڳ ڪرڻ واري مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ پنجن مميبرن واري ڪاميٽي تشڪيل ڪئي وئي. اهي ميمبر هي هئا. (1) سيٺ هرچندراءِ وشنداس (2) مسٽر جيرامداس دولترام (3) درگاداس آڏواڻي (4) نارائڻ داس آنندجي بيچر ۽ (5) مسٽر رستم خورشيد سڌوا. ان ڪميٽيءَ هڪ ميمورنڊم ۾، بعد ۾، سنڌ ۾ آيل سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ وائسراءِ هند جي اڳيان اهو عرضو ڪيو ته ”اسان کي ويساهه ويهي ويو آهي ته موجوده دستور موجب، سنڌ، گورنر ان ڪائونسل جي فائدن کان محروم ٿيل آهي ۽ سنڌ جو ڪمشنر ايترن گهڻن اختيارن سبب هڪ خودمختيار حاڪم بڻجي پيو آهي. ايترن اختيارن جي هڪ شخص جي هٿ ۾ اچڻ ڪري، ان جو غلط استعمال ٿئي ٿو جا ڳالهه آئيني سڌارن جي روح جي خلاف هئي. هن ڪميٽيءَ وڌيڪ مطالبو ڪيو ته جيستائين سنڌ کي الڳ صوبو بڻايو وڃي، ان وقت تاءِ ان وقت جي ڪمشنر شاهيءَ کي آزار کان سنڌ کي ڇڏائي سڌو گورنر جي اختيار هيٺ آندو وڃي.

ساڳئي وقت دٻيل آواز ۾ ئي سهي، سنڌ جي مسلمانن به بمبئي سان گڏ سلهاڙيل صورت تي تشويش جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ محمد ائسوسيئيشن، مرحوم سر غلام حسين هدايت الله جي قيادت ۾، وائسراءِ اڳيان مسلمانن جي نوڪرين بابت ڪي مطالبا ڪيا. 1920ع ۾، مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، بمبئي جي گورنر سر جارج لائڊ کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

1924ع ۾پهريون دفعو نهايت واضح لفظن ۾، سنڌ کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو پيش ڪيو ويو جيڪو مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان، جيل ۾ قيام دوران هڪ تيار ڪيل پمفليٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو. ان پمفليٽ ۾ شيخ صاحب سنڌي جي مسلمانن جي تعليم تربيت ۽ تنظيم طرف توجهه ڇڪايو هو. ان جو هڪ اقتباس ملاحظه ڪريو:

”هن وقت سنڌي مسلمانن جي سامهون، سنڌ کي بمبئي علائقي کان جدا ڪري علحده صوبي بڻائڻ جو سوال درپيش آهي. مسلمان ان مسئلي ۾ هندن جي مدد کانسواءِ، مشڪل سان ڪامياب ٿي سگهندا. پر مون کي يقين آهي ته سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ جي تجويز اهڙي معقول ۽ لاجواب آهي، جو هندو ضرور هڪ ڏينهن هن کي قبول ڪندا. هينئر ساريءَ سنڌ مان فقط ٽي هندو بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي سگهن ٿا، پر سنڌ جي جدا ڪائونسل قائم ٿيڻ بعد انهن کي ٽيون حصو چونڊيل ميمبرن جو ملندو. ساڳيو حصو سنڌ جي ڪاروباري ڪائونسل ۾ ملندن، سنڌي مسلمانن جهڙا غريب صلح پسند ۽ اشراف مسلمان ڪڏهن به ڄاڻي واڻي ساڻن نه ڦٽائيندا........ (1)

ائين ٿو معلوم ٿئي ته پهريون دفعو، ان مسئلي تي هندن ڦڙتي ان ئي سال يعني 1924ع ۾ کاڌي، ورنه شيخ صاحب ائين نه چوي ها ته، مون کي يقين آهي ته سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ جي تجويز اهڙي معقول ۽ لاجواب آهي جو هندو ضرور هڪ ڏينهن ان کي قبول ڪندا. ساڳئي سال مسٽر اين. سي. ڪليڪٽر آل انڊيا هندو مهاسڀا جي اجلاس ۾ اهو الزام هنيو ته سنڌ جي جدائي واري حالت ۾، مسلمان هندن کي پاڻ وٽ هوسٽيج Hostage يعني باندي بڻائي رکي سگهندا. بس اتان کان سنڌجي جدائي جو مسئلو، سنڌ علائقي جي سرحدن کان نڪري، هندستان جي ليول تي آندو ويو ۽ ان ڪم ۾ خصوصي حصو مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي جو آهي. بعد ۾ هن سان همراءِ سنڌ جا ٻيا ليڊر به ٿيا، جهڙوڪ سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سيد ميران محمد شاهه، مير بنده علي ٽالپر، سر غلام حسين هدايت الله ۽ غير مسلمن مان ڄيٺمل پرسرام، مسٽر جيرامداس، دولترام، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، سوامي گوونند آنند ۽ جمشيد مهتا، جيتوڻيڪ بعد ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام، مسٽر جيرامداس دولترام ۽ سوامي گووند آندد ڦري ويا. حيرت ته ان ڳالهه جي هئي جو هندن طرفان مخالفت ڏسي، سنڌ جي علحدگي جو باني سيٺ هرچندراءِ وشنداس به منهن مٽي ويو ۽ مخالفن جي ڪئمپ ۾ وڃي ويٺو. ان افسوسناڪ فرقيوارانه فضا کي ختم ڪرڻ لاءِ، 1937ع ۾، سنڌ نيشنل ليگ قائم ڪئي وئي ته جيئن اهو مسئلو اتحاد ۽ اعتماد جي فضا ۾ حل ٿئي. پر ائين ٿو لڳي ته هندن ۽ مسلمانن جا اختلاف دور ٿي نه سگهيا. آخر 18- جون 1928ع تي، هندو مسلمانن جي اڳواڻن جي هڪ ميٽنگ بئريسٽر ٽيڪمداس واڌومل جي جڳهه تي ٿي جتي سنڌ جي هڏڏوکين هڪ پئڪٽ ٺاهيو جنهن تي ٻئي طرف رضامند ٿيا هئا. ان ميٽنگ جي ڪارروائي مان ئي ان پئڪٽ جا شرط ۽ مقاصد معلوم ٿين ٿا. الوحيد 19- جون 1928ع واري اشاعت ۽ اها ڪارروائي اسان لاءِ محفوظ ڪئي وئي آهي:

 

”سنڌ جي هندو مسلمانن جو پاڻ ۾ ٺاه. جڏهن کان محترم شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌ جي جدا ڪرڻ جو سوال هندستاني سياسي جماعتن جي سامهون پيش ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي ڪي هندو مسٽر جيرامداس دولترام ۽ پروفيسر ڇٻلاڻي جي اڳواڻي هيٺ ان سوال جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن.

 

”جيتوڻيڪ آل انڊيا جماعتن مان آيل آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي، انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ انهيءَ راءِ تي متفق ٿي ويون آهن، پر ان هوندي به مسٽر جيرامداس ۽ ان جا ساٿي هندو مهاسڀا جي معرفت سنڌي مسلمانن جي خلاف، ساري هندستان ۾ زهر ڦهلائيندا رهن ٿا، ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي ته هندستان جي ٻن وڏين قومن جي وچ ۾ هندستان جي آزاديءَ ۽ حقن بابت ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.

 

”خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ڪيترا آزاد خيال ۽ وطن پرست غيرمسلم جهڙوڪ مسٽر سنتداس منگهارام، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، سوامي گووند آنند، جمشيد مهتا وغيره، انهي نقصان رسائيندڙ پروپئگنڊا جي نتيجن کي محسوس ڪرڻ لڳا آهن. جو مسٽر جيرامداس جي تحريڪ مان هندستان جي آزادي ۽ ترقيءَ کي پهچي رهيو آهي. ان ڪري انهن اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته مسلمانن سان ٺهي، ان سوال جو ڪو خاطر خواهه فيصلو ڪيو وڃي.

 

”هندستان جي مسلمان ليڊرن هميشه سنڌ جي هندو ليڊرن کي يقين پئي ڏياريو آهي ته سنڌ جدا ڪرڻ جي حالت ۾ هندن جي حقن ۾ حفاظت لاءِ کين جيڪي ضمانتون کپنديون، سي هو ڏيڻ لاءِ تيار هئا، بشرطيڪ ساڳئي قسم جا حق ۽ ضمانتون مسلمانن کي انهن پرڳڻن ۾ ڏنيون وڃن جن ۾ مسلمان گهٽ تعداد ۾ رهن ٿا.“

”ٻه چار ڏينهن ٿيا ته سوامي گووند آنند صدر صوبه ڪانگريس ڪميٽي سنڌ جي صحيح سان اخبارن ۾ هڪ اعلان شايع ٿيو ته هندن کي جيڪڏهن سنڌ جي آئينده ڪائونسل ۾ 40 في صدي عيوضپڻي جو حق ۽ ڪي ٻيا حق ڏنا وڃن ته سنڌ جا هندو سنڌ جي جدا صوبي ڪرڻ جي تجويز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار هئا.

 

”سوامي گووند آنند جي انهيءَ رٿ تي غور ڪرڻ لاءِ سنڌ نيشنل ليگ جي ميٽنگ ڪراچيءَ ۾ مسٽر ٽيڪمداس واڌومل جي جاءِ، تي، ڪالهه 11 بجي صبح جو گڏ ٿي، جنهن ۾ 30 کن هندو مسلم اڳواڻن شريڪ ٿيا هئا. ميٽنگ رات جو 10 بجي تائين هلي ختم ٿي. ان ۾ شريڪ هندو ملسم اڳواڻن گڏجي هڪ پئڪٽ ڪيو آهي جو اسان کي ملڻ بعد شايع ڪيو ويندو.

”ان عهدنامي جا مکيه شرط هيٺ ڏجن ٿا:

سنڌ جو جدا صوبو ٿيڻ ۽ گڏيل چونڊن جو سرشتو ساڳئي وقت عمل ۾ ايندا.

سڀني جاتين کي ڪائونسل ۾ عيوضين چونڊڻ جو حق تعداد موجب ڏنو وڃي، پر جيڪڏهن ٻين صوبن ۾ ننڍي تعداد واريون جاتيون پنهنجي تعداد کان وڌيڪ عيوضي موڪلڻ جو حق گهرن، ته پوءِ سنڌ جي غيرملسم جاتين کي سندن تعداد کان ڏه في صدي وڌيڪ عيوضي ڏنا وڃن ۽ باقي جايون مسلمانن لاءِ مخصوص رکيون وڃن.

مسلمانن ۽ غيرمسلمانن جي عيوضين جو تعداد مقرر هوندو پر انهن کي هندو مسلم ووٽر گڏجي چونڊيندا.

قائدي جي نظر ۾ هندو مسلمان برابر هوندا ۽ نوڪرين ۾ ٻنهي جاتين سان انصاف ڪيو ويندو.

مذهب بدلائڻ، مسجدن اڳيان باجن وڄائڻ، گئو ڪشي جي سوالن تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا فيصلا بحال رهندا.

جا رٿ خاص فرقي سان تعلق رکندي هوندي، ان فرقي جي عيوضين جا ٽي ڀاڱي چار حصا، جي ان جي خلاف هوندا، ته اها رٿ عمل ۾ اچي نه سگهندي. ڪا رٿ فرقيوار آهي يا نه، ان جو فيصلو اسيمبليءَ جي هڪ ڪاميٽي ڪندي.

 

”اهي شرط آهن جا سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هندو مسلمانن جي وچ ۾ فيصل ٿيا آهن. انهي ٺاهه تي ٽيهارو کن هندو مسلم ليڊرن صحيحون وڌيون آهن. وڌيڪ صحيحن وٺڻ جي ڪوشش جاري آهي.“

 

ٻئي ڏينهن تي، ان پئڪٽ ٺهڻ تي شيخ مرحوم روزانه الوحيد معرفت ادارتي راءِ زني ڪندي لکيو ته:

 

”خدا جو شڪر آهي ته سنڌ جا هندو اڳواڻ سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ جي سوال تي متفق ٿيڻ لڳا آهن. مون کي اميد آهي ته سنڌ جا هندو ۽ مسلم اڳواڻ انهيءَ ٺاه تي پورو غور ۽ خوض ڪري، پنهنجو رايو ظاهر ڪندا....

 

”سنڌ جو سوال هندستان جي آزاديءَ ۽ اتحاد جي سوال سان ڳنڍيو پيو آهي.

 

”ساري ايشيا ۾ جي حالتون پيدا ٿي رهيون آهن، سي انهيءَ ڳالهه جي تقاضا ڪري رهيون آهن ته هندستان ۾ آزاديءَ جي هلچل کي پوريءَ قوت سان هلايو وڃي ۽ سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ جي سوال کي ٻن قومن جي وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جو سبب نه بڻايو وڃي. ٺاهه موجب جي رعايتون هندن کي ڏنيون ويون آهن، تن کان وڌيڪ رعايتون ڏيڻ ناممڪن آهي.

 

”پر سنڌ جي آئينده ترقيءَ ۽ سڌاري جو سوال سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ سان ڳنڍيو پيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي فائدي خاطر مسلمانن کي اهي رعايتون ضرور ڏيڻ گهرجن. خاص ڪري جڏهن ٻين پرڳڻن جا مسلمان جي گهٽ تعداد ۾ آهن، سي هندن کان ساڳئي قسم جون رعايتون گهري رهيا آهن.

 

”آئون ذاتي طرح سان ڪنهن به پرڳڻي ۾ ڪنهن نه ننڍي تعداد واري قوم کي خاص رعايتن ڏيڻ جي خلاف آهيان. سڀني قومن کي پنهنجي پرڳڻين جي ڪائونسل ۾ عيوضپڻي جو حق فقط تعداد موجب ڏيڻ گهرجي پر جيڪڏهن تعداد کان مٿي عيوضپڻي جو اصول تسليم ڪيو وڃي، ته پوءِ اهو اصول سڀني پرڳڻن سان هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ گهرجي.

 

”لکنو پئڪٽ موجب جيئن اڄ آهي تيئن هندستان جي ڪنهن به پرڳڻي جي ڪائونسل ۾ مسلمانن جي ڪثرت راءِ نه رهي آهي. پر هندستان جي هندن سان جيڪو نئون ٺاه اسان ڪرڻ گهرون ٿا، تنهن موجب؛

سنڌ کي جدا پرڳڻو ڪيو ويندو ۽ ان کي ساڳيا حق ڏنا ويندا جيڪي ٻين پرڳڻن کي ملندا ۽ سنڌ جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ اسان جو تعداد سٺ في صديءَ کان گهٽ نه ٿيندو.

نارٿ ويسٽرن فرنيٽيئر صوبي کي به جدا پرڳڻو ڪيو ويندو ۽ ان ۾ مسلمانن جو تعداد هندن کان تمام گهڻو آهي.

برٽش بلوچستان کي به جدا پرڳڻو ڪيو ويندو ۽ ان جي ڪائونسل ۾ به اسان جو تعداد تمام وڌيڪ رهندو.

پنجاب جي ڪائونسل ۾ به مسلمانن جو تعداد وڌيڪ رهندو.

بنگال ڪائونسل ۾ به مسلمانن جو تعداد وڌيڪ هوندو.

جيڪڏهن پرڳڻن ۾ ننڍيون تعداد واريون قومون عيوضپڻي جو وڌيڪ حق گهرنديون، ته پوءِ مرڪزي قانون ساز ڪائونسل ۾ به گهٽ تعداد جي مسلمانن کي وڌيڪ حق ڏنو ويندو.

باقي پنج پرڳڻا رهيا، جيئن ته بمبئي، مدراس، يوپي، سي پي ۽ بهار جنهن ۾ هندن جو تعداد مسلمانن کان تمام گهڻو آهي، پر انهن پرڳڻن ۾ مسلمانن کي وڌيڪ عيوضپڻي جو حق ڏنو ويندو جيڪڏهن سنڌ ۽ ٻين پرڳڻن ۾ هندو پنهنجي لاءِ وڌيڪ حق گهرندا.

هندو ۽ مسلمان ووٽرن کي نه فقط هندن جي عيوضين کي پر مسلمانن جي عيوضين کي به گڏجي چونڊڻو پوندو.

سڀني ڪائونسلن ۾ مسلمانن ۽ غيرمسلمانن عيوضين جو تعداد مقرر هوندو.

 

منهنجي خيال ۾ اهو ٺاهه هندستان جي ٻنهي وڏين قومن، هندن ۽ مسلمانن، لاءِ انصاف ڀريو آهي، جو ملڪ جو هر خيرخواهه ۽ آزادي چاهيندڙ کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ ٺاهه پٽاندڙ جڏهن ٻئي قومون گڏجي ڪوششون ڪنديون، تڏهن پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون. هندستان جي آزادي ايشيا جي آزادي جي هم معنيٰ آهي، جنهن ۾ اسلامي ملڪ به اچي وڃن ٿا.“

ان کان اڳ اهو ظاهر ٿي چڪو هو ته هندن پاران مکيه مخالفت ڪرڻ وارا مسٽر ويرومل بيگراج، پروفيسر ڇٻلاڻي، ديوان بهادر کيمسنگهه ۽ مکي گوبندرام هئا. مسٽر ڇٻلاڻيءَ پنهنجي دلائل سان هڪ پمفليٽ لکي ورهايو هو جنهن جو جواب وري پارسي ليڊر جمشيد مهتا ڏنو هو ۽ هن به هڪ پمفليٽ تي لکيو هو. جن مکيه ڳالهين جو پروفيسر ڇٻلاڻي بحث ڇيڙيو هو ان مان هڪ اهم هئي سنڌ جي مالي کوٽ جي باري ۾ مسٽر مهتا چيو:

”ڪن هندن کي خوف پيدا ٿيو آهي ته سنڌ ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئڻ سبب بمبئي پرڳڻي کان سنڌ کي جدا ڪري صوبي بڻائڻ منجهان کين نقصان پهچندو. پر مون کي يقين ويٺل آهي ته رفارمس ڪميشن مستقبل جي آئين ۾ پورو انتظام ڪندي، تنهنڪري کين ڊپ ڪرڻ جو ضرور نه آهي.

 

مالي کوٽ بابت هي دليل ڏنو ته:

 

”سنڌ جي آزاديءَ جي راهه ۾ مالي مشڪلاتن جو سوال مون کي اهم نظر نه ٿو اچي. سر هينري لارينس پنج سال اڳي ڪي انگ اکر ڏئي هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته بمئبي سرڪار سنڌ تي ان جي اپت کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿي. اهي انگ اکر نااميدي پيدا ڪندڙ نه آهن. بلڪ انهن مون ۾ اميد ظاهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان سنڌ جي اپت ۽ خرچ کي پنهنجي سنڀال هيٺ آڻينداسيون ته ان مسئلي کي سهولت سان حل ڪري سگهنداسون. (1)

 

ان قسم جا بحث مباحثا به ٿيندا رهيا ۽ سنڌ جي آزاديءَ جون ڪوششون به جاري رهيون. 26 مئي 1930ع تي، مرحوم خانبهادر محمد ايوب کهڙي، پير علي محمد راشديءَ جي اعانت سان هڪ ننڍو ڪتاب ”سفرنگ آف سنڌ“ جي نالي سان ڇپائي ميدان ۾ آندو جنهن ۾ سنڌ جي علحدگي جي فائدي ۾ نهايت زوردار دلائل ڏنل هئا. مکيه موقف هيءَ هو ته سنڌ کي ابتدا کان وٺي پنهنجو تشخص رهيو آهي، هميشه هن پنهنجي الڳ حيثيت برقرار رکي آهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ بمبئي جهڙي دوردراز علائقي سان گڏ رهڻ لائق نه آهي ڇوته ان سان کيس ڪا مشابهت ۽ وابستگي نه رهي آهي.

 

ان وچ ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ واري مطالبي لاءِ حمايت ملندي رهي. ان کان علاوه خلافت ڪاميٽي به سنڌ جي مسلمانن جي موقف کي صحيح قرار ڏنو. 1928ع ڌاري، ان سوال تي غور ڪرڻ لاءِ، حڪومت طرفان سائمن ڪميشن جي مدد لاءِ بمبئي ڪائونسل جي ڪن ميمبرن کي نامزد ڪيو ويو جن ۾ مرحوم سيد ميران محمد شاهه به شامل هو. ان سلسلي ۾، شاهه صاحب جو اختلافي نوٽ پڙهڻ وٽان آهي. هڪ اقتباس حاضر آهي؛ ڍ

”مون کي خبر نه ٿي پوي ته جڏهن صوبن کي حق خود اداريءَ جي بنياد تي جدا صوبي بڻائڻ جو اصول عام طرح قبوليو وڃي ٿو، ته پوءِ ڪهڙن بنيادن تي ڪن صوبن کي وڌيڪ اختيار ۽ ڪن کي گهٽ اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. اها گهر رڳو سنڌ طرفان ڪيل نه آهي پر آسام ۽ ٻين صوبن طرفان به جدا صوبي ڪرڻ جي ٿيل آهي. جيڪڏهن انهن کي جدا ڪيو  ويندو ته ڪهڙيءَ طرح اسان کي اهڙي حق کان محروم رکڻ جائز ٿيندو؟ جدا صوبن بڻائڻ لاءِ جن ايراضين طرفان گهر ڪيل آهي، انهن مان برٽش بلوچستان ۽ اتر الهندي صوبي سرحدي ايراضي طرفان به تقاضا ڪيل آهي، انهن ايراضين جي رهاڪن کي ته جمهوري اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو به نه آهي. اهو تجربو اسان بمبئي ڪائونسل ۾ رسي پرائي ورتو آهي. پوءِ پتو نه ٿو پوي ته ڪهڙن اصولن جي آڌار تي بمبئيءَ سان گڏ رهڻ جي حالت ۾ وڌيڪ حقن ملڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ جدا رهڻ ڪري انهن جي گهٽجڻ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو! پر آءُ ته بمبئيءَ جي غلامي ۾ رهڻ ڪري وڌيڪ حقن ملڻ کان سنڌ جي جدا صوبي بڻائڻ خاطر موجوده آئين تي به راضي رهڻ لاءِ تيار آهيان. آخر غلاميءَ کان ٿوري آزادي به بهتر آهي.“ (1)

ان وچ ۾ مسٽر جيرامداس دولترام سنڌ جي جدائي خلاف هندستان ٽائمز ۾ مضمون لکيا ۽ پوفيسر ڇٻلاڻي، ديوان ڀوڄسنگ ۽ ڊاڪٽر هنڱوراڻي مخالفت ۾ سنڌ جي مالي حالت ڪمزور ڏيکارڻ جون شاهديون ڏنيون. 1936ع ڌاري ڪن تنگ دل هندن ائنٽي سنڌ سيپريشن Anti Sind Separation ڪاميٽي ٺاهي ۽ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪيو. 18 اپريل 1937ع تي مرحوم عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ ڪراچي ۾، سنڌ آزاد ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن کانپوءِ مسلمانن به پنهنجي ڪم کي وڌايو. ساڳئي سال حيدرآباد ۾، 15 نومبر 1937ع تي، ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت علامه يوسف علي ڪئي. بعد ڪانفرنس ۾ زوردار ٺهراءُ پاس ٿيا ۽ سنڌ جي جدائي واري گهر کي دهرايو ويو. ردعمل ۾ فرقه پرست هندن به 26 جنوري 1933ع تي ڪراچي ۾، سنڌ هندو ڪانفرنس ڪئي ۽ ان مسئلي تي حڪومت جي اختيار ڪيل رخ جي مذمت ڪئي وئي. ان وچ ۾، لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنسون ٿينديون رهيون ۽ اتي به سنڌ جا اڳواڻ پنهنجي موقف جي حمايت ۾و ڃي دلائل ڏيندا رهيا. ان منزل تي، سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ هلائڻ لاءِ، پير علي محمد راشديءَ کي مبلغ مقرر ڪيو ويو جيڪو سنڌ زميندار ۽ ستاره سنڌ، اخبارن جي معرفت هندن جي پروپيگنڊه جا جواب ڏيندو رهيو. آخرڪار مسلمانن جون ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ اپريل 1936ع کان، سنڌ جو الڳ صوبو وجود ۾ آيو. اها آهي سنڌ جي علحدگي لاءِ هلايل تحريڪ جي مختصر تاريخ.

ليڪن هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌي پريس ان بحث ۾ ڪهڙو تعميري بهرو ورتو ۽ ان اهم مسئلي تي راءِ عام جي تشڪيل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو فرض ڪيترو قدر ادا ڪيو. مٿين پئراگرافن ۾، اسان ٻڌائي آهيون ته 1931ع تائين، ان مطالبي جي باري ۾ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن آخري طرح مختلف راهون اختيار ڪيون هيون اهو عزم ڪري رکيو هو ته هر ممڪن طرح سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ نه ڏنو وڃي. ان لاءِ مختلف خيالن جي جماعتن سان تعلق رکندڙ سڀ هندو متحد ۽ متفق ٿي ٻئي طرف ملسمان هئا جن به ان مسئلي کي پنهنجي زندگي ۽ موت سان تعبير ٿي ڪيو ۽ يڪمشت ٿي ميدان ۾ نڪري آيا. بلڪل ان ساڳئي انداز ۾ جوش و خروش سان سندن اخبارون زياده هن تحريڪ ۾ شريڪ ٿيون. هندن جي پريس وڌيڪ مضبوط هئي ۽ هن وٽ وسائل به زياده هئا پر هن مسئلي اهڙي شدت اختيار ڪئي هئي ۽ حقيقتاً مسلمانن جي جدائي واري مطالبي ۾ ايڏي صحت ۽ معنويت هئي جو مسلمانن جون ڳاڻ ڳڻيون اخبارون زياده ماڻهن جي هٿن تائين پهچي پنهنجو اثر رسوخ وڌائينديون رهيون. ان جو ثبوت هيءُ آهي ته هي مسئلو صحيح معنيٰ ۾ 1937ع ۾ متو، پر هفتيوار ”مسلمان“ 1927ع ۾ ئي ادارتي راءِ زني ڪندي نظر اچي ٿي. 32 مئي ٿي، سنڌ جدا صوبو ٿئي جهڙي عنوان تي، سنڌ جي بمبئي کان فطري علحدگي ۽ دوري بيان ڪندي لکيائين.

 

”......سنڌ قدرتي طرح جغرافيائي حالت ۾ اهڙي حيثيت رکي ٿي جو ضروري آهي ته هن کي بمبئي کان ڌار ڪيو وڃي جو هن کي هڪ پاسي سمندر ۽ ٻئي پاسي ڪڇ جي رڻ اهڙي صورت ۾ آندو آهي جو بمبئي سان هن جو ڳنڍي ڇڏڻ بلڪل ناموزون ۽ نقصانڪار آهي.

 

”هندستان جي موجوده پرڳڻن ۾ آسام بلڪل ننڍو پرڳڻو آهي. هن جي آدمشماري سنڌ کان گهڻو گهٽ آهي پر حالتن جي لحاظ تي هن کي جدا گورنر ڏنو ويو آهي. اهڙي حالت ۾ واجبي طرح جيڪڏهن سنڌ جدا صوبو ٿيندي ته ڪوبه اعتراض ڪرڻ بلڪل اجايو آهي.

”........بمبئي ڪائونسل جا سال ۾ ٻه اجلاس ٿين ٿا. هر هڪ اجلاس مهينو ٻه مهينا هلي ٿو تنهن ۾ سنڌ لاءِ فقط 2-3 ڪلاڪ وقف ٿيل آهن. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه. هاڻي ٻڌايو ته جنهن پرڳڻي جي آبادي 24 لک، جنهن جي ٽن ڪروڙن رپين تي گورنمينٽ جو وڏو مدار، جنهن جا ميمبر ڏيڍ درجن ۽ هنن کي مان ٻه چار ڪلاڪ جنهن مان هر هڪ حصي ۾ 5-7 منٽ مس ايندا، انهيءَ مدت ۾ سنڌ جي بهتري لاءِ ڪهڙا اڪ ڪارا ٿيندا سي دنيا تي روشن آهن. ان مان سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته سنڌ جو علائقو بمبئيءَ سان گڏ رهڻ نه رهڻ جي برابر آهي. بمبئي کاتي ۾ سنڌ کانسواءِ هزارين ميلن ۾ رستا اهڙا صفائي سان ٺهيل آهن جو دل پئي خواهش ڪري ته رستي تي آسڻ ڄمائي ويهي رهجي. برخلاف ان جي سنڌ جي رستن تي نظر ٿي ڪجي ته ويهه ميل رستو اهڙو مشڪل سان ملندو جتان آساني سان اٺ يا گهوڙي تي هلي سگهبو.

 

”بخيلن جي قبرن وارو حال رستن سان آهي. هڪ کڏ مان نڪر ته ٻي سامهون. اها سڀ بربادي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اسان جو پنهنجي رقم يا انتظام تي ڪو ضابطو نه آهي. جيڪڏهن اسان لاءِ جدا گورنر هجي، هن جون واڳون اسان جي سپرد ۽ اختيار ۾ هجن ته پڪ آهي ته سنڌ جي اهڙي حالت سڌري وڃي جو ٻيا پرڳڻا هن جي ريس ڪرڻ لاءِ هڪدم تيار ٿي ويندا.

 

”هنن حالتن هوندي اسين مسلمانن کي واقف ٿا ڪريون ته گهڻا ڏينهن بمبيءَ جي هٿ ۾ رهي ويٺا آهيون، هاڻي همت ڪري، ڪوشش ڪري ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي جدا ڪريو ته پوءِ اهي تڪليفون هڪدم لهي وڃن جي اڄ تائين اسان کي ڪچو کائي دنيا مان نابود ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن.“

 

هندو سنڌي پريس، ظاهراً، مخالفت جا ٽي سبب ڏنا هئا. افسوس اهو آهي جو اسان کي هندن جون اخبارون ميسر نه آهن پر نهايت معتبر ذريعي معلوم ٿيو آهي ته هنن گهڻو ڪري ٽي دلائل ٿي ڏنا.

 

سنڌ مالي طرح کوٽ ۾ هئڻ سبب، نئين صوبي جو الڳ بار نه کڻي سگهندي.

اسان وٽ ڪارائتن ۽ قابل ماڻهن جي ڪمي آهي تنهنڪري صوبي جي ڪاروبار ۽ انتظام هلائڻ ۾ مشڪلات پيش ايندي.

جدائي جي حالت ۾ سنڌ جا زميندار تباهه ٿي ويندا وغيره.

هندن جي انهن دليلن ۽ خطرن جا مسلم سنڌي پريس ته جواب ڏنائي ٿي پر خود ٻين غيرمسلمن جهڙوڪ پارسين ۽ ٻين به انهن ڳالهين ۽ منطق کي نه مڃيو. مثلن هندن کي جواب ڏيڻ لاءِ، جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، مسٽر جمشيد مهتا هڪ پمفليٽ لکيو هو. مسٽر مهتا ڪو معمولي ماڻهو ڪونه هو بلڪ ان وقت ڪراچيءَ جو ميئر هو. مالي کوٽ واري مسئلي تي بحث ڪندي، مسٽر مهتا چيو ته:

 

”..... اهو عذر به پورو نه آهي. هن وقت بمبئي سرڪار اسان جي سڌاري لاءِ ڪهڙا خاص ڪم ڪيا آهن؟ هوءَ به قرض کڻي تعميري ڪمن تي خرچ ڪري ٿي. اسان به (يعني جن ئي واري حالت ۾) اهڙي طرح سان اهي ڪم ڪري سگهون ٿا. مٿي ذڪر ڪيل سڀني مسئلن جو بهترين حل مون کي سنڌ جي جدائيءَ ۾ نظر اچي ٿو.“

سکر بئراج جي ٿيل خرچ ۽ قرض کي هندن بهانو بڻايو هو. ان جو جواب ڏيندي مسٽر جمشيد مهتا لکيو ته:

”.......ليڪن مونکي تعجب لڳي ٿو ته ڇو ان مسئلي کي پوري طرح سمجهيو نه ويو آهي. سکر بئراج جو قرض هنڌ سرڪار ڏنو آهي. اهو سنڌ جي زمينن جي وڪري ۽ وڌايل ڍلن جي وصوليءَ (1) مان ادا ڪرڻو آهي. بمبئي سرڪار ان تي ڪوڏي به خرچ ڪرڻ واري نه آهي. پوءِ ان ڳالهه جو ڪهڙو تفاوت آهي ته اها وصولي بمبئي سرڪار يا سنڌ سرڪار ڪري! جدائيءَ جي حالت ۾ قرض لهڻ بعد وڌيل پيدائش جو فائدو سنڌ کي ٿيندو. مون کي يقين آهي ته بئراج کي چڱي طرح هلائڻ سان سنڌ کي نقصان بدران فائدو ٿيندو. پوءِ بهتر ته اها ڳالهه آهي ته اهو بار پاڻ تي کڻي مستقبل جو  فائدو حاصل ڪجي. سکر بئراج سنڌ جي آئيندي لاءِ هڪ وڏو ورثو ثابت ٿيندو.“

ٻئي دليل جو جواب ڏيندي، مسٽر مهتا لکيو ته:

 

”....... منهنجي نظر ۾ اهڙي قسم جون ڳاليهون سنڌين جي لياقت ۽ اهليت ۾ بي اعتباري پيدا ڪن ٿيون. ان لاءِ سنڌ جي موجوده ڪائونسل ميمبرن جي نااهليءَ کي مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو. منهنجي خيال موجب سنڌ جا موجوده ميمبر انهن ماڻهن کان وڌيڪ سمجهو ۽ لائق آهن جي کين اڻ لائق سمجهن ٿا. انهن ميمبرن کي پتو آهي ته پنهنجي صوبي جي پسمانده هجن ۽ بمبئي ۾ پنهنجي اقليت ۾ هجڻ جي مدنظر ڪهڙي طرح هو سرڪار کان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. البت موجوده طريقي سان فائدي حاصل ڪرڻ تي معياري نقطئه نگاهه کان نڪته چيني ٿي سگهي ٿي پر هڪ ڳالهه ته صاف آهي ته هنن ۾ سرڪار کان ڪم ڪڍڻ جي لياقت موجود آهي. بمبئي سرڪار جا آفيسر ۽ مالي ميمبر هيءَ ڳالهه قبول ڪن ٿا ته سنڌي ميمبرن جي ووٽن هٿ ڪرڻ لاءِ کين سندن ”انگل“ برداشت ڪرڻا پون ٿا. سنڌي ميمبرن کي بمبئي جا غير برهمڻ ميمبر به هاڻ، انهن جي پوئلڳيءَ ۾ ووٽ جي قيمت وصول ڪرڻ لڳا آهن. آءُ سوال پڇندس ته جيڪڏهن اهي ماڻهو قابل نه آهن ته قابل هئڻ جو آخر ڪهڙو دليل آهي؟“ (1)

 

جيتري قدر، هندن جي ٽئين دليل جون تعلق آهي- يعني ته جدائي جي حالت ۾ سنڌ جي زميندارن جي تباهي ٿي ويندي. ان جو ٿورن لفظن ۾، روزانه ”الوحيد“ پنهنجي 22 مئي 1932ع واري ادارئي ۾، موءثر جواب ڏنو هو. ”سنڌ جي جدائي ۽ سنڌ جي مسلمانن جو فرض“ جي عنوان تحت لکيائين ته:

”.....هاڻي چوطرف سنڌ ۾ سنڌ کان ٻاهر (هندو) اهو پروپئگنڊا هلائي رهيا آهن ته سنڌ جي جدائي سان ويچارا زميندار مارجي ويندا. تعجب انهيءَ ڳالهه جو آهي ته جنهن قوم جي هٿان سنڌ جا زميندار ذري گهٽ نابود ٿي چڪا آهن تنهن قوم جي اڳواڻن کي هاڻي سنڌ جي زميندار سان اوچتو عشق پيدا ٿي پيو آهي؟.....“

 

ان اداريه ۾، ”الوحيد“ سنڌ جي علحدگي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي مختصر تاريخ ڏني آهي، ان جي پڄاڻي تي لکيائين؛

 

”سنڌ جي علحدگي جي هن مختصر تواريخ معلوم ڪرڻ بعد، هاڻي اسان سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طور سان مسلمانن کي عرض ڪنداسين ته مخالفن جي طرفان جي غلط فهميون پيدا ڪيون وڃن ٿيون ۽ سندن آزادي کي موت مار ڌڪ هڻڻ لاءِ جي ڄارون وڇايون پيون وڃن، تن ۾ پنهنجي قوم کي ۽ پاڻ کي ڦاسائڻ کان بچائين بلڪه هڪ ڀيرو وري متفق ٿي ۽ پڪي ارادي سان حڪومت ۽ هندو قوم تي ظاهر ڪن ته سنڌ کي جدا ڪرائڻ کانسواءِ اسان هرگز آرام وٺڻ وارا نه آهيون..... اسان جو دشمن مڪار ۽ چالاڪ آهي ۽ گهري ٿو ته ٺڳين ۽ چالاڪين، فريبن ۽ ڪوڙن جي وسيلي سنڌ جي جدائي واري سوال کي ڪنهن به صورت سان روڪي ڇڏي. اهڙي حالت ۾ اسان کي هرگز غفلت نه ڪرڻ گهرجي ۽ دشمن جي فريب جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ڪنهن به هندو ڀاءُ کان نفرت رکڻ نه گهرجي ۽ اها ئي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته انهن کي سنڌ جي جدائي واري سوال تي پاڻ سان متفق ڪريون..........“

 

حقيقت اها آهي ته سنڌ جي مسلمانن پاران روزانه ”الوحيد، گهڻي ڀاڱي اڪيلي سر سنڌ جي علحدگي واري تحريڪ هلائي ان مسئلي تي سنڌ جي اڪثريت جو آواز اٿاريو. اخبار جي، ان مسئلي تي انتظار ۽ ڳڻتيءَ جو اندازو، سندس ان انتباهه ۽ اعلان مان ڪري سگهجي ٿو جيڪو سال 1931ع جي شروع ٿيڻ سان ڇپجڻ لڳو هو:

 

مسلمانو!

هن وقت هندستان جي آئنده قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي. حڪومت جو نئون جوڙجڪ ٺهي رهيو آهي.

ڇا توهان به گهرو ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کي آزادي ۽ خوشحالي جون نعمتون نصيب ٿين؟

ڇا توهان گهرو ٿا ته عملداري ۽ غيرعملداري تڪليفون سنڌ مان به دور ٿين؟

ته پوءِ ياد رکو ته سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جو سڌارو ناممڪن آهي.

رمضان شريف جي اندر هڪ هزار جماعتون قائم ڪريو ۽ ان جو نالو رکو ”سنڌ آزاد جماعت“ ۽ ان جي طرفان ٺهراء هر هفته ۽ هر مهيني پاس ڪري اخبار کي موڪليندا رهو ته، سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جو سڌارو ناممڪن آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“ (1)

 

سنڌ جي جدائيءَ لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾، مسلمانن جو ڇا جذبو هو ۽ ڪهڙي قسم جي فضا پيدا ٿي چڪي هئي، ان ڄاڻ لاءِ ”آزاد سنڌ“ نظم ئي ڪافي آهي جيڪو مرحوم محمد هاشم ”مخلص“، آزاد سنڌ ڪانفرنس 15- 19 نومبر 1932ع جي موقعي تي لکي پڙهي ۽ پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. هي نظمن پر هڪ دعا هئي جا مرحوم جي دل مان نڪتي هئي. ان جا شروعات چند بند پيش خدمت آهن:

 

ڏنو روح الامين حق جو اهو پيغام سنڌڙي کي

ملي جلدي حقيقي عزت و اڪرام سنڌڙي کي

دوامي عيش حاصل ٿئي اچي آرام سنڌڙي کي

رکان خوشحال ۽ خورسند شادوڪام سنڌڙي کي

مصيبت بمبئي کان بي گمان آزاد سان ٿيندي

رهي آزاد ۽ دل شاد ۽ آباد سا ٿيندي.

 

 

 

(3)    اهو راحت فزا آهي مليو الهام سنڌڙي کي

ڪري سو فتح وارا آخر الانجام سنڌڙي کي

نظر بد سان ڏسي ڇو دشمن اسلام سنڌڙي کي

ڪري پائي ڀڄن ڀڄندا چئي هرنام سنڌڙي کي

ڪريو ڪوشش دل و جان سان ته سنڌڙي جلد صوبو ٿئي

نه پرواه جي مخالف ڪو کٽڻ ۽ سيٺ خوبو ٿئي.

 

اسان جي ديس جو ڪهڙو نظارو روح پرور هو

تماشو قدرت حق جا بجا ڇا جلوه گر هو

نه نالو مفلسي جو هو نه ڪو بکيو  ۽ بي زرهو

گداگر ان زماني جو به هڪ شاهي تونگر هو

نه ڪڏهن جاءِ ڪنهن تي ڪوبه سائل ٿي نظر آيو.

 

مگر جڏهين وڃي گڏياسين بمبئي جي حڪومت سان

تڏهن ڀرجي وياسين يڪ قلم افلاس نڪبت سان

ٿياسين ڪين هرگز آشنا صنعت ۽ حرفت سان

نه خاطر خواه ٿي تعليم ڪا شوميءَ قسمت سان

جنهين پاليا هزارين سا صفا محتاج ٿي ويئي

ڌياڻي تاج جي جا هئي اها بي تاج ٿي ويئي.

 

(11)   ڪئي مون طبع جي درياءِ مان هي سالڪ گهر پيدا

ڪري جو قدر ان جو ڪر اهو اهل هنر پيدا

صدائي مرحبا هر قلب ملسم مان تون ڪرپندا

خدايا نظم هن ۾ ڪر اجابت جو اثر پيدا

اها ”مخلص“ آهي تنهنجي ڌرتي التجا سائين

ڪجانءِ پوري مسلمانن جي من جي مدعا سائين.

 

ان سئين سڌري مطالبي تي، هندن جي مخالفت سبب، سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي پاڙيسرين جي روش تي سخت افسوس ۽ غصو هو ڇو ته سنڌ جي جدائي جي حالت ۾، ظاهر آهي ته سڀني رهواسين جو مجموعي فائدو هو ان ئي زماني ۾ الهه آباد اتحاد ڪانفرنس منعقد ٿي هئي ۽ پهريون دفعو هندن ۽ مسلمانن درميان تعاون جي هڪ صورت اڀري هئي. سڄي هندستان ۾ ان تي خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي هئي ۽ هر طرف مبارڪ ۽ واڌاين جو سمو هو. پر سنڌ جي هندن ۾ مايوسي ۽ مخالفت هئي اها ان ڪري جو طئي ٿيل مسئلن ۾ سنڌ کي بمبئي کان علحدگي نصيب ٿي رهي هئي. هيءَ هڪ افسوسناڪ صورتحال هئي جنهن تي روزانه الوحيد پنهنجي 8 نومبر 1932ع واري اشاعت ۾ ”سنڌي هندن جي وطن دشمني“ جي سري هيٺ هڪ اداريو لکي پنهنجي غصي جو اظهار ڪيو هو. ”الوحيد“ هندن جي اهڙن سنڌي اڳواڻن تي به ڇوه ڇنڊڻ ۾ بلڪل حق بجانب هئي جن الهه آباد ڪانفرنس ۾ وڃي اجائي هاءِ گهوڙا ڪئي هئي. اخبار لکيو ته اهي هندو ليڊر اهڙا هئا.......“


(1)  ”سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي“ جي- ايم- سيد، ص 16.

(1)  ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“- جي – ايم- سيد، ص 29.

(1)  ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“ جي- ايم- سيد 37 ۽ 38.

(1)  ”سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي: جي-ايم- سيد، ص- 79.

(1)  جناب پير علي محمد راشديءَ جي چوڻ مطابق پهرين سال ئي قرض به لهي ويو ۽

(1)  ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“ جي-ايم-سيد، ص- 38.

(1)  1- فيبروري 1931ع-الوحيد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org