” جن جي زندگي مسلمانن جي مخالفت ۾ بسر ٿي آهي ۽
جيڪي سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجو وطني ڀائر نه ٿا
سمجهن، جن جو شايد قسم کنيل آهي ته مسلمانن سان
ڪابه مروت ڪرڻ ۾ قطعاً حرام آهي. ڀلا جڏهن هندو
قوم جا اهڙا ليڊر هوندا ۽ سندن ساري پريس يڪ آواز
ٿي هڪ ئي رنگ ۾ اوسريندي ۽ مانم ڪندي رهندي ته سنڌ
جدا نه ٿئي ته پوءِ سنڌ ڪانگريس جي بي وقعت جماعت
کي سنڌ ۾ ڪير ٿو پڇي جنهن سنڌ جي جدائي کي بنان
ڪنهن شرط شروط جي شروع زماني کان قبول ڪري ڇڏيو
آهي. وطن دشمن سنڌي عيوضين الهه آباد ۾ هن ڳالهه
جي به مخالفت ڪئي آهي ته سنڌ کي مرڪزي حڪومت کوٽ
وارن سالن لاءِ ڇو امداد ڏئي!
”جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي هندو پنهنجي وطن جا ايتري قدر
دشمن آهن جو هن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جيڪڏهن
مرڪزي حڪومت کان امداد ملڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان
کان به انڪار ڪري هميشه لاءِ سنڌ کي غلام ۽
نگهوسار ڪرڻ گهرن ٿا.
”الهه آباد ۾ سنڌ جي مسلمانن جي بزدلي ۽ وطن ڪشي سندن پيشاني تي
ڪارو داغ آهي جو گنگا جمنا جي پاڻي سان به ڌوپي نه
سگهندو، ۽ انهن جي انهيءَ روش مان خطرو آهي ته
اتحاد ڪانفرنس ٽٽي پوي ۽ هندستان جي غلامي ورهن جا
ورهه پوئتي هٽجي وڃي. سنڌي هندن جي انهي روش کان
اڄ مادر وطن جا دشمن کڳيون هڻندا هوندا ۽ سندس
خيرخواه ٻچا رت جا لڙڪ هاري رهيا آهن!!“
18 نومبر 1932ع واري اشاعت ۾، روزانه ”الوحيد“، ”سنڌ جدائي جا
شرائط“ جي عنوان تحت هڪ ادارتي نوٽ ۾، سنڌ جي
مسئلي ۽ الهه اباد ڪانفرنس ۾ طئي ٿيل ڳالهين تي
واضح نموني روشني وڌي آهي. ان سڄي مسئلي کي نهايت
مدلل طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. اسان ان مسئلي جي
اهميت جي مدنظر، اهو اداريو هيٺ پيش ڪريون ٿا:
”الهه آباد اتحاد ڪانفرنس ۾ جن شرطن تي هندن مسلمانن سنڌ جي
آزادي کي قبول ڪيو آهي ان جو تفصيل اچي ويو آهي جو
الوحيد جي گذريل پرچي ۾ شايع ڪيو ويو آهي. شرائطن
کي وري به اسان هيٺ درج ڪريون ٿا ته سنڌ جي
مسلمانن کي ان تي غور ڪرڻ جو پورو وجهه ملي ۽ ان
تي پوري غور ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجي راءِ قائم ڪري
سگهن.
سنڌ کي ٻين علائقن جهڙي خودمختيار حڪومت ملندي. (2) الف:
وزارت ۾ هڪ هندو وزير رهندو. ب: وزارت ڪائونسل وٽ
جوابدار رهندي. ڄ: ووٽ جون لياقتون شهرن توڙي ڳوٺن
۾ هندو مسلمانن لاءِ هڪجهڙيون هونديون. (3) گڏيل
چونڊون جاري ڪيون وينديون ته هو پنهنجن انهن مقرر
۽ خاص ڪيل جاين کي قائم رکن يا ڇڏي ڏين. ازانسواءِ
جيڪڏهن ضروري ڄاتو وڃي ته پوءِ هر هڪ قوم کي سندس
آدمشماري موجب عيوضي ڏنا وڃن. (4) سرڪاري نوڪريون
ڪجهه نقشن موجب ۽ ڪجهه آدمشماري جي بنا تي ڀريون
وينديون. (5) سنڌ ۾ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي ويندي.
ازانسواءِ عدالتي کاتي کي ڪاروباري کاتي کان جدا
ڪيو ويندو. (6) هي معاهده هندستان جي فرقيوار ٺاهه
جو هڪ جزو سمجهيو ويندو ۽ جيڪڏهن هندستان جو
فرقيوار ٺاه نه رهي سگهيو ته پوءِ هي سنڌ ٺاه به
ٽٽل سمجهيو ويندو. (7) هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جا
سنڌ جي کوٽ واري سوال تي ويچار ڪري.
”هي آهي لب لباب انهن شرطن جو جيڪي الهه آباد ۾
طئي ٿيا آهن. انهن تي جيڪڏهن غور ڪيو ويندو ته
پهريون ۽ ٻيو اهڙو شرط آهي جنهن تي ڪوبه صاحب
اعتراض وٺي نه ٿو سگهي. اهڙي طرح گڏيل چونڊن وارو
شرط به اڳ 1927ع واري سنڌ پئڪٽ ۾ هندن ۽ مسلمانن
پاڻ ۾ قبول ڪيو هو. تنهنڪري ان تي به اعتراض جي
گنجائش رهي نه ٿي سگهي. انهن تي ڪنهن ٻئي فرصت ۾
بحث ڪيو ويندو. چوٿون شرط به ڪو برو نه آهي. پنجون
شرط سنڌ لاءِ هاءِ ڪورٽ جو قائم ڪرڻ ته اگرچ سنڌ
وارن جو هڪ قديم مطالبو آهي، اگر هن وقت سنڌ جي
مالي حالت تي نظر ڪندي ان سوال تي به بحث جي
گنجائش آهي. اهو شرط جو عدالتي کاتي جي ڪاروباري
کاتي کان جدا ڪرڻ جو وڌيو ويو آهي سو سنڌ جي غربين
لاءِ بلڪل مفيد آهي جنهن تي عمل درآمد کانپوءِ ملڪ
تان ڪامورڪي ٻٽي حڪومت ۽ ظلم جي لڪڙي جي گهڻي قدر
خاتمو ٿي ويندو. ڇهين شرط ۾ جو سنڌ جي سوال کي آل
انڊيا فرقيوار سوال سان ڳنڍي هن جي قبوليت، عدم
قبوليت سموري ساري هندستان جي فرقه وار معاهدن تي
موقوف رکيو ويو آهي سو ظاهر ۾ اگرچ هڪ اهڙن ڪٺن ۽
مشڪل شرط آهي جو سنڌ ويچاري ورهن جا ورهه وچ ۾
رلندي رهندي. ممڪن آهي ته الهه آباد پئڪٽ ٺاهيندڙن
کي اهڙيون حالتون سامهون رهيون هجن، ٻيو انهيءَ
شرط کي ضرور سمجهيو هجين. بهرحال سنڌ جي معاهدن جا
شرائط پنهنجي جاءِ اهڙا نه آهن جن کي ٿوڪاري ڦٽو
ڪجي پوءِ اگرچ انهن ۾ گفتگو جي وسيع گنجائش آهي پر
جنهن صورت ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب اڃا ڪراچي تشريف
فرما نه ٿيو آهي تنهن ڪري وڌيڪ راءِ ڏيڻ کي موقوف
رکي اسان کي سندس خيالات ۽ راين جو انتظار ڪرڻ
گهرجي. اميد ته شيخ صاحب جا خيال الوحيد ذريعي
ناظرين جي آڏو پيش ڪيا ويندا جنهن ڪري هن راءِ تي
پوري طرح روشني پئجي ويندي.“
الهه آباد اتحاد ڪانفرنس ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ٿي هئي ته جيئن
دور دراز جا ليڊر سوچي ويچاري آخري فيصلي کان
ڪانفرنس کي آگاهه ڪري سگهن. ان ڪري اڳواڻن جي اچ
وڃ لڳي پيئي هئي. خود سنڌ مان هندن ۽ سکن جا
ڪيترائي اڳواڻ الهه آباد پهتا ۽ پنهنجي غير
رضامندي ۽ نون شرطن جي شامل ڪرڻ تي اصرار ڪندا
رهيا. جنهن ڪري معاملو گهوٽالي ۾ پئجي ويو ۽ نبيري
جي رفتار ”واهڻائي جي ڍڳي گاڏي“ واري وڃي رهي.
انهن حالتن تي روزانه ”الوحيد“ 30 ڊسمبر 1932ع
واري اداريه ۾ مايوسيءَ جو اظهار ڪندي سنڌي هندن
کي مت اچڻ جي دعا ڪئي. اختصار خاطر، اداريه جا
آخري جملا پيش ڪجن ٿا:
”......سنڌ جا هندو ڇا به ڪن پر سنڌ جو سوال ساري هندستان جي
صوبن سان ڳنڍيو پيو آهي تنهنڪري جيڪي به سنڌي هندو
گهرندا سوئي کين ملي ائين ته ڪڏهن به ٿيڻو ڪونه
آهي. بلڪه سنڌ جو سوال انهيءَ نموني ۾ حل ٿيندو
جنهن نموني ۾ هڪ حڪومت جو چرخو هلائي سگهجي ۽ سنڌ
جي سوال ڪري جيئن ٻين صوبن جي انتظامي ڳالهين تي
ڪو اثر نه پوي. ازان سواءِ پنجاب ۽ بنگال جي سوال
بابت جيڪو الهه آباد ۾ رولو متل آهي تنهن به نهايت
نازڪ صورت اختيار ڪئي آهي. خدا ڄاڻي ٿو ته آخر ۾
معاملو ڪٿي ختم ٿئي. پر حالتون اميد ۽ نااميدي جي
وچ ۾ آهن. الله تعاليٰ شال هندن ۽ سکن کي سمجهه
ڏئي ته هو مادر وطن جي نجات لاءِ فراخدليءَ سان
قدم کڻي هندستان کي دنيا جي اڳيان سرخرو بڻائين.“
حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جي جدائي خلاف سنڌي هندن جو ڪيس تمام
ڪمزور هو ۽ سندن اٿاريل اعتراض ۽ بهانا ته
ظاهرداريءَ جي ڍڪ ڍڪڻ لاءِ هئا. اصل ڳالهه جيڪا
ڇپائي رهيا هئا سا هو سندن اهو ڊپ بلڪه خوامخواه
جو خطرو ته سنڌ جدا صوبي ٿيڻ واري حالت ۾ هو هڪ
اقليت واري حيثيت ۾ گهٽائي بيهاريا ويندا. ان وقت
تائين، بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ٻين هندن سان ملي هڪ
ڀاري اڪثريت جا مالڪ هئا. ائين به ڪونه هو ته ڪو
سندن اها نيت مسلمانن ڪونه سمجهي ورتي هئي. مسلمان
اڳواڻ هندن جي ان خود غرضانه اداري کي هوا ڏيڻ کان
انڪري پرهيز ڪري رهيا هئا ڇو ته هنن هر حالت ۾، ان
مسئلي تي هندن جو تعاون ۽ اتحاد چاهيو تي ۽ ڪنهن
به قسم جي بدمزگيءَ کي سنڌ جي سياسي مٿاڇري تي نه
ٿي آڻڻ چاهيائون. ورنه ”ائنٽي سنڌ سيپريشن ڪاميٽي“
کي جواب ڏيندي، هڪ پمفليٽ ذريعي، مرحوم خانبهادر
محمد ايوب کهڙي واضح لفظن ۾ چيو هو ته:
”....... درحقيقت هنن (هندن) جي مخالفت جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي
مالي کوٽ نه آهي. ان کي صرف هو عذر طور پيش ڪري
رهيا آهن. حقيقت ۾ هو بمبئي کاتي ۾ هندو اڪثريت
مسلمانن کي جدا صوبو ڏياري پاڻ کي اقليت بڻائڻ جي
خلاف آهن. ان ۾ هنن جي فرقيوارانه ذهنيت ۽ گروهي
مفاد جي حفاظت جو مقصد رکيل آهي. هنن کي سنڌ جي
مجموعي مفاد ۽ ترقيءَ جي لاءِ ڪوبه اونهو ڪونه
آهي........“
ٻئي طرف هن سڄي تحريڪ ۾ زور ۽ استدلال پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾،
روزانه الوحيد ۽ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي اهڙي ته
طاقتور روح روان جو رول ادا ڪري رهيا هئا جو
مخالفن جي هر ڪوشش ۽ هر دليل بيهي نه ٿي سگهيا ۽
الوحيد جي دلائل جي درياءِ ۾ ڪک پن وانگر وهندا ٿي
نظر آيا. مثلاً ٻه موقعا ته اسان کي به اهڙا معلوم
ٿيا آهن جڏهن هندو سنڌي پريس لاجواب ۽ لاچار ٿي
پئي. (الوحيد) 9 جون ۽ 29 جون 1932ع تي، ادارتي
نوٽن ذريعي هندن کي چئلينج ڪيو ۽ سندن غلط روش جون
ڌڄيون اڏايون. اهي مختصر نوٽ آهن ۽ حقائق جي بي
مثال صحت ۽ وزن رکن ٿا، ”هندن ۽ مسلمانن جي ذهنن ۾
فرق- سنڌ ۽ صوبه اوڙيسا“ جي ڊگهي عنوان هيٺ،
الوحيد 9 جون 1932ع تي لکيو:
”جيئن سنڌ ۾ مسلمانن جي ڪثرت آهي تيئن وري صوبه اوڙيسا ۾ هندن
جي تمام وڏي اڪثريت آهي. جيئن سنڌ جي بمبئي کان
جدا ڪرڻ جو سوال درپيش آهي. جيئن سنڌ جي مالي حالت
جاچڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ويٺي ۽ ان کوٽ جي فتويٰ ڏني
تيئن اوڙيسا لاءِ مالي جاچ ڪميٽي سندس جدائي واري
حالت ۾ مالي خساري جي رپورٽ ڏني آهي. هنن ٻنهي
صوبن جي مٿين ڳالهين ۾ هڪ جهڙائي کانپوءِ اوهان کي
هي معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته اوڙيسا ۾ اگرچ مسلمان
تمام اقليت يا ٿورائي ۾ آهن مگر هو مالي کوٽ جو
بهانو پيش ڪري هي مطالبو هرگز ڪونه ڪن ٿا ته هن
صوبي کي جدا نه ڪيو وڃي ڇو ته متان هندو اسان تي
حڪومت ڪن. بلڪه هو پنهنجي صوبي جي جدائي واري حالت
۾ ترقي جا آرزو مند آهن ۽ هو گهرن ٿا ته ضرور جدا
ٿئي ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي ترقي ۽ واڌارو
ڪري. اوڙيسا ڪميٽي ان ڳالهه ڏي اشارو ڪندي لکيو
آهي ته: اوڙيسا فرقيوار اختلاف کان ته هن کي جدا
ڪيو وڃي يا نه ڪيو وڃي بلڪل پاڪ آهي ڇوته هتي جا
مسلمان انهي اختلاف ڪرڻ کان بلڪل خاموش آهن.“ مگر
ٻئي پاسي کان سنڌ ڏي به ڏسو جو هندو باوجود پنهنجي
وطن دوستي ۽ قوميت جي دعويٰ جي به سنڌ لاءِ آئينده
ترقي ۽ سڌارو نه ٿا گهرن فقط هن ڪري ته جدا سنڌ ۾
مسلم اڪثريت جي حڪومت قائم ٿيندي تنهنڪري مالي
خساري جو ٻج لڳائي جدائي جي برخلاف جدوجهد جاري
رکندا اچن ٿا. هندن جي تنگ دلي ۽ تعصبي ذهنيت به
ڏسو ۽ هو تنهن مسلمانن جي فراخ دلي ۽ عالي حوصله
کي به ڏسو!! ڇا اڃا به هندن کي هي حق آهي ته هو
پاڻ کي گڏيل قوميت جو حامي ۽ مسلمانن کي فرقه پرست
سمجهن؟ افسوس جنهن قوم جي ايتري قدر مسلمانن ڏانهن
تنگ من ورتي ٿي چڪي آهي سا مسلمانن سان ڪڏهن به
گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي جنهن لاءِ ڪانگريس
جا بعض ليڊر ظاهر ۾ پيلٽفارم تي وعظ فرمائي رهيا
آهن.“
روزانه ”الوحيد“ 29 جون 1932ع اداريه جي ذريعي، ديش ڀڳت ويرومل
(جيڪو ان وقت سنڌ مهاسڀا جو پريزيڊنٽ هو) کي
پنهنجي ”سنڌي“ سکر واري اخبار ۾ ڇپيل ليک تي
چئلينج ڪيو. هن اخبار لکيو هو ته سنڌ جا هندو
جدائي جي باري ۾ مسلمانن جي انصاف واري روش جي
خاطري ڪيئن قبول ڪن جڏهن مسلمانن سنڌ ۾ لوڪل بورڊن
۾ هندن سان انصاف نه ڪيو آهي.
ان تي، روزانه ”الوحيد“ کيس چئلينج ڏنو ته هو سنڌ جي هڪ ضلعي
مان به اهو ثابت ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ ”الوحيد“ سنڌ جي
سوال تي ساڻس شريڪ ٿيندي. هي وڏو چئلينج هو جيڪو
”الوحيد“ هندن جي اخبارن کي ڏنو ۽ ان جو اظهار
اخبارن کي پاڻ ۾ ۽ مسلمانن جي مطالبي جي صحت ۽
سچائي ۽ انصاف ڀري روش متعلق خود اعتمادي جي به
غمازي ڪري ٿو. شروع واري پئراگراف ۾ ”الوحيد“
دلچسپ ٻولي اختيار ڪئي. ملاحظه ڪريو:
”چوندا آهن ته اٺ ڀريو به رڙي ۽ سکڻو به رڙي. ان مثال وانگي
هندن جو سنڌ جي هر هڪ شعبي، هر هڪ ڪم، هر هڪ کاتي،
هر هڪ آفيس تي مڪمل قبضو آهي ته به اٺ وانگي رينگٽ
هيلو ايندن ته اسان لاءِ ڪجهه نه آهي. هاءِ جو
مسلمان سڀ ڪجهه کنيو وڃن ٿا.....“
خير ”الوحيد“ جي چوڻ مطابق، اهو رينگٽ هلندو آيو پر سنڌ جي
مسلمانن جو مطالبو تسليم ٿي ويو ۽ 1- اپريل 1932ع
کان سنڌ جو الڳ پرڳڻو وجود ۾ آيو.
ليڪن ”الوحيد“ پنهنجي مقصد جي حصول سبب جذباتيت ۾ ڪن لڙهي ۽ نه
وري ان طبقي جون شڪايتون ۽ ميارون ڏنيون جنهن
مخالفت ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڏنو هو. بلڪه برعڪس ان
جي، هميشه وانگر پنهنجي شانت ۽ معقوليت کي برقرار
رکيو. 16 جون 1936ع تي ”الوحيد“ جو ضخيم ”سنڌ آزاد
نمبر“ نڪتو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ مڙني
روايتي خوبين ۽ خاصيتن تي بهترين مواد ڇاپيو ويو.
سنڌ جي جدائي تي خوشيءَ ۾ عوام آڏو پيش ڪيو، ان ۾
سنڌ جي عمومي ۽ اجتماعي ڀلي لاءِ اوني ۽ ڳڻتيءَ جي
عڪاسي ٿئي ٿي. اخبار لکيو:
”.....سنڌ جي تاريخ ۾ جنهن نئين باب جو اضافو ٿيو آهي ۽ جنهن
دور جديد جي شروعات ٿي آهي تنهن ۾ هڪ ڳالهه جو
فائدو يقيني طور سان نظر اچي رهيو آهي ته هن
کانپوءِ سنڌ سرڪار، سنڌ جي قانون ساز مجلس جا
ميمبر پنهنجو سمورو وقت سنڌ جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ
جي سوالن تي خرچ ڪري سگهندا 92 سالن جي وڏي مدت
کانپوءِ اهڙو موقعو سنڌ کي نصيب ٿي سگهي تنهن تي
جيتري قدر به خوشي جو اظهار ڪجي اوتري قدر گهٽ
آهي....
سرڪاري نوڪرين ۾ مسلم قوم کي سندس جائز حق ۽ حصو ڏنو وڃي، تنهن
ڳالهه تي جيتري قدر زور ڏنو وڃي اوتري قدر گهٽ
آهي. پر انهي سوال تي زور ڏيندي، سنڌ جي بهتري ۽
ترقي جي بنيادي سوالن کي هرگز نظر انداز نه ڪرڻ
گهرجي. سرڪاري نوڪر ڪير به هجن، هندو هجن خواه
مسلمان، خواه ڪرستان، پر آخر هي سرڪاري نوڪر آهي ۽
انهن کي سرڪاري قاعدن جي حدن اندر سڀني سان ساڳيو
سلوڪ قائم رکڻو آهي. اهو سچ آهي ته اڪثر غير مسلم
سرڪاري نوڪرن ۾ پاسخاطريءَ جو جذبو موجود آهي ۽
مسلمانن جي قوم سان انهن جو سلوڪ چڱو ڪونه رهيو
آهي. ان جو سبب هي آهي جو اسان وٽ نه آزاد خيال
اخبارون آهن ۽ آزاد خيال عيوضي آهن ۽ آزاد خيال
جماعتون آهن جي انهن زيادتين کي بي ڊپائيءَ سان
ظاهر ڪري سگهن. جيڪڏهن اسان جون اخبارون قومي
جماعتون ۽ عيوضي آزاد خيال هجن ته پوءِ .........
ڪنهن به سرڪاري نوڪر کي زيادتي ڪرڻ جي همت نه ٿي
سگهي ۽ ڇاڪاڻ ته اسان ۾ آزادي ۽ حق گوئي جي همت نه
آهي تنهن ڪري حالت هي آهي جو هندو ته هندو پر
اڪثر مسلمان سرڪاري نوڪر به مسلمانن جي قوم سان
اهڙو ئي برتاءُ ڪندا آهن جهڙو هندو ڪن ٿا.
”اهڙي حالت ۾ هر قومي خيرخواه جو فرض آهي ته پنهنجي قوم تان
بزدليءَ ۽ غلاميءَ جون لعنتون دور ڪري ۽ انهن ۾
خودداري ۽ آزادي جو جذبو زنده ڪري، انهن ۾ آزاد
سياسي پارٽيون قائم ڪري، انهن جي آزاد اخبارن جي
اشاعت ڪري، انهن جي ووٽرن کي سمجهائي ته آزاد خيال
عيوضي چونڊي موڪلين، تنهن کانپوءِ، مسلمانن جي قوم
کي انهي ڳالهه تي ماتم ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي ته
ڇو ڪافي تعداد ۾ مسلمان کي نوڪريون نه ڏنيون وڃن
ڇاڪاڻ ته اسان کي پورو يقين آهي ته هڪ آزاد راءِ ۽
آزاد خيال ۽ سجاڳ قوم سان نوڪرين خواه ٻين سوالن ۾
ڪابه بي انصافي نه ٿيندي.
”تنهن کانسواءِ جي سوال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي سان تعلق رکن ٿا
تن جو هن ڳالهه سان ڪو واسطو ڪونهي ته ڪو سرڪاري
نوڪر مسلم آهي يا غير
مسلم......................................................اسان
جيڪڏهن سنڌ جي جدائي تي خوش ٿيا آهيون ته فقط ان
سبب ڪري جو هاڻي سنڌ جا ماڻهو ۽ ان جا عيوضي ۽
انهن جي سرڪار پنهنجو سمورو وقت انهن ڏکين مسئلن
جي حل ڪرڻ تي لڳائي سگهندي..................“
3- انڊين نيشنل ڪانگريس
اها تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي انڊين نيشنل ڪانگريس سان
واسطيدار ايتري قديم آهي جيتري ان سياسي جماعت جي
زندگي. ڇوته ڪانگريس کي سنڌ ۾ منظم ڪرڻ لاءِ ٻين
سان گڏ، سنڌي زبان جو پراڻو صحافي ساڌو هيرانند
1888ع ڌاري منتخب ڪيو ويو هو ۽ کيس هاءِ ڪمانڊ
پاران اهڙيون ڪيئي گذارشون ڪيون ويون هيون. وري
اتفاق اهڙو ٿيو جو سنڌ جي ان ابتدائي سوچ واري
زماني ۾، هتي اهڙن مسلمان اڳواڻن جو اثر ۽ غبلو
رهيو جيڪي فرقيواريت ۽ ڪٽرپڻي کان ڀڳل هئا ۽ جن
هندن ۽ مسلمانن لاءِ وچ واري واٽ وٺڻ کي ترجيح ٿي
ڏني. اهڙن ليڊرن ۾ مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي
۽ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي اهم جڳهه والارين ٿا.
هندن پاران، ڪانگريسي خيالن جي پٺڀرائيءَ ۾ ”هندو“
۽ ”سوءراج“ جهڙيون اخبارن 1916ع ۽ 1918ع ۾ جاري
ڪيون ويون هيون. پر 1920ع ۾، جڏهن مسلمانن
”الوحيد“ جي شڪل ۾ پنهنجي پهرين اخبار ڪڍي، تڏهن
به تحريڪ خلافت جي مقصدن جي حصول واري خواهش سان
قومي ويچارن کي تقويت ڏئي، سياسي سفر کي طئي ڪرڻ
کي زياده موزون ۽ مصلحتانه رستو سمجهيو ويو. ”سون
تي سهاڳ“ وارو رنگ تڏهن ڄميو جڏهن ڪانگريس جي روح
روان مهاتما گانڌيءَ پنهنجي جماعت جو مڪمل تعاون
خلافت تحريڪ کي بنا شرط شروط جي آڇيو. مطلب ته
موجوده صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي ابتدائي قومي
ويچارن جي حمايت ۽ ان لاءِ موجودانه ۽ مجنونانه
مظاهرن سان ٿي. اسان کي ڪانگريسي ۽ قومي خيالن جي
حمايت جا آثار ”الوحيد“ جي هڪ عجيب ادارتي نوٽ جي
شڪل ۾ ملن ٿا جنهن جو عنوان هو ”شهيدان ملڪ مذهب-
حڪيم محمد معاذ ۽ ڀانڱو مل- انصاف جو عجيب نمونو“
حقيقت هيءُ هئي ته انصاف جي عجيب نموني کان يڪ
”اشتراڪ، سوچ“ جو هيءءَ عجيب نمونو هو. 1922ع جو
زمانو هو ۽ خلافت ۽ ڪانگريس جن اشتراڪ عمل جو عجيب
منظر هو. انگريزن جي خلاف تقريرن دوران حڪيم محمد
معاذ چيو هو ته اسان جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪري
رهيا آهيون ”اها ساڳي خلافت آهي جنهن جي لاءِ حضرت
امام حسين سر ڏنو هو.“ مسٽر ڇانڱي مل وري ان راءِ
جو اظهار ڪيو هو ته ”هن سرڪاري سرشتي کي ڊاهي
پرزار ڪرڻ گهرجي“ جنهن ۾ رعيت جي خيالن ۽ جذبن جي
ترجماني نه ٿي ٿئي. انگريز سرڪار کي ٻنهي جي
اظهارن مان بغاوت جي بوءِ ٿي آئي ۽ ان ڪري کين
گرفتار ڪري قيد ڪيو ۽ ڪورٽ جي ڪارروائي شروع ٿي.
اسان جي رڪارڊ تي روزانه ”الوحيد“ 16 جولاءِ 1922ع
جو اهو ادارو محفوظ آهي جنهن ۾ هنن ٻن گرفتار ٿيل
فردن جي بچاءُ ۾ دلائل ڏنا ويا آهن. انهن دليلن جو
روح، هندن ۽ مسلمانن جي قومي اشتراڪ جو مظهر آهي.
حڪيم صاحب جي باري ۾ الوحيد لکيو:
”.........هي بلڪل سچي ڳالهه آهي جا محمد معاذ صاحب ڪئي ته حضرت
امام حسين عليه السلام جو سر انهي ساڳئي خلافت جي
خدمت ۾ صدقو ٿيو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سرڪاري
ڇاڙتن انهن لفطن ۾ ڪهڙي بغاوت ڏٺي ۽ انهن اکرن مان
انگريزن جي برخلاف ڪهڙي نفرت ۽ حقارت پيدا ٿيندي.
ڏٺائون ته پنهنجي بزرگن جا تاريخي ڪارناما بيان
ڪرڻ به ڏوه آهي ڇا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ
درحقيقيت مسلمانن جي خون ۽ تلوار جون ڳالهيون لکيل
آهن تن جو رکڻ، پڙهڻ ۽ ٻڌائڻ به ڏوه چئبو. اسان جي
ته مذهبي ذخيره (قرآن ۽ حديث) ۾ به انهن ئي سرن جي
صدقه ڪرڻ جون روايتون ۽ ڳالهيون آهن.
اخبار وڌيڪ لکيو:
”مسٽر ڇانڱي مل جي لاءِ چيو ويو ته هن چيو آهي ”هن سرڪاري سرشتي
کي ڊاهي پرزا ڪرڻ گهرجي.“ اسين نه ٿا سمجهي سگهون
ته هن ۾ ڪهڙو ڏوهه ڏسڻ ۾ آيو.
”جيڪڏهن سرڪار کي دعويٰ آهي ته هو مهذب حڪومت آهي ۽ رعيت کي
آزادي ڏني اٿس ته پوءِ رعيت کي هي حق آهي ته
جيڪڏهن سچائي سان هوءَ سمجهي ٿي ته گورنيمنٽ جو
سرشتو ماڻهن جي بچاءُ ۽ انهيءَ جي جذبات جي
پاسداري لاءِ ڪمائتو نه آهي ته ان ۾ سڌارو ڪري.
حڪومت چوي ٿي ته اسين هندستان کي روز بروز آزادي
جي ويجهو آڻيون ٿا ۽ هندستان جا سڌارا آزادي جي
لاءِ هڪ ڏاڪو آهن ۽ روزبروز سڌارن ۾ قدم اڳتي
وڌندو ويندو. هاڻي اسين پڇون ٿا ته ڇا جيتري قدر
سڌارا ملندا ويندا اوتري قدر سرڪار جي موجوده
سرشتي ۾ ڦيرڦار نه ٿيندي ويندي؟ ڇا انهي ڦير ڦار
سان موجوده سرشتي کي تبديل ٿيڻو نه پوندو؟ ظاهر
آهي ته ڪنهن حد تائين ان کي ڊاهڻو آهي. پوءِ خبر
نه ٿي پوي ته جيڪڏهن ڇانڱي مل هن سرشتي کي ڊاهڻ
لاءِ چيو ته ڪهڙو ڏوهه ڪيو ڇو ته ٻين لفظن ۾ گويا
وڌيڪ اصلاحات ۽ پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ گهر ڪئي.
اسين سمجهون ٿا ته سرڪار جيڪڏهن سچائي سان
اصلاحات ڏيڻ ۽ اهڙي پنهنجي سرشتي کي ڊاهڻ لاءِ
تيار آهي ته پاڻ ڇانڱو مل جو ان کي شڪرگذار ٿيڻ
گهرجي جو ان ويچاري سندس مدد ڪرڻ جي لاءِ چيو،
سرڪار جا ڪامورا جن هنن تي ڪيس هلايو يا مٿن
شاهديون ڏنيون سي پاڻ انصاف ڪن ته جنهن سرشتي هيٺ
پنجاب جو ڪوس ٿيو ۽ جنهن سرشتي هيٺ خلافت کي تباهه
ڪري ۽ مسلمانن جي ڪيترن پاڪ مقامات تي قبضو ڪري
مسلمان رعيت جي مذهبي جذبات کي صدمو پهچايو ويو ۽
جنهن سرشتي هيٺ رعيت جو غريب طبقو بک ۽ افلاس جي
ڪري تباهه ٿي رهيو آهي ڇا انهي سرشتي کي سڌارڻ ڏوه
آهي ڇا؟ ڇا سڌارو ڊاهڻ کانسواءِ ٿي سگهندو؟ ۽ پوءِ
پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌائين ته ڇانڱي مل ائين چوڻ
۾ ڪهڙي بغاوت ڦهلائي. ڇانڱو مل ۽ محمد معاذ ٻئي
قطع تعلقاتي هئا پر ڪامورن کي سمجهڻ گهرجي ته پاڻ
خدا سان ۽ ايشور سان قطع تعلق ڪونه ڪيو اٿن ۽ اسين
کين چئون ٿا ته اسان اسان جا گهنگار ڀائرو! ڪي خدا
کان ڊڄو ڇو ته ظلم ۽ زيادتي جو مزو چکڻو اٿو.“
ساڳئي قسم جي جذبات جو اظهار ان وقت جي هندو سنڌي پريس ۾ به ملي
ٿو. ثبوت طور، ”هندو“ 21 مئي 1922ع جو هڪ ادارتي
نوٽ حاضر آهي جنهن جو عنوان هو ”جيئرو دوزخ“:
”نرڳ سرڳ جون ننڍي هوندي ڳالهيون ٻڌبيون هيون. پر جيڪڏهن جيئري
ڪنهن کي نرڳ سرڳ ڏسڻو هجي ته حيدرآباد جيل جو وڃي
سماءُ لهي. مسٽر محمد ڪريم سان جيڪي جيل جي
سپرنٽينڊنٽ جٺيون ڪيون آهن سي جڏهن پڙهجن ٿيون
تڏهن اندر ۾ جوش جون لهرون اڇليون ٿيون ڏين. وڏائي
۽ مغروري انسان کان ڪهڙا شيطاني ڪرتوت ڪرائي سگهي
ٿي انهن جي خبر جن کي کپي سي حيدرآباد جي دوزخ جو
احوال پڙهن. هڪ پڙهيل بي-اي شاگرد سان جو ملڪ لاءِ
جيل ۾ تڙڦي رهيو آهي تنهن سان خسيس ڳالهين تي
اهڙيون حيواني عقوبوتون ڪرڻ نهايت شرم جهڙي ڳالهه
آهي. بمبئي گورنيمينٽ جا پاڻ کي سڌريل سرڪار
ڪوٺائي رهي آهي ۽ جنهن جي گورنر کي اسان جا ڪي
ڀائر ساراهڻ مان نه ڍاپيندا آهن اها سرڪار اسان
زور سان چونداسون ته اهڙي حيواني هلت همٿائي رهي
آهي. انسان جڏهن انڌ ۾ ايندو آهي تڏهن خبر ڪانه
پوندي اٿس ڇا ويٺو ڪريان. راڄنيتي قيدين سان بمبئي
پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي خراب هلت ٿيندي رهي آهي. سکر جي
ڀوڄراج ۽ ويڙهي مل کي به ماليگانو جي فسادن سان
ديساپور جي جيل ۾ رکيو ٿو وڃي ۽ هنن کي سختيون
ڏنيون ٿيون وڃن. پر ههڙي جيئري دوزخ جي خبر اسان
کي ڪانه هئي. اڃا ته اندر الاجي ڪهڙا وئل بيگناهه
قيدين سان وهندا هوندا. ڏوهه مسٽر محمد ڪريم جو
فقط اهو ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هو پورو اٿي نه پئي بيٺو
آهي يا ٿورو ڪم گهٽ پئي ڪيو اٿس. ائين ڪيو اٿس يا
نه ڪيو اٿس تنهن جي خبر اسان کي نه آهي. پر کڻي
ڪلب والا جي رپورٽ قبول ڪجي ته به ڪهڙو انسان
سمجهندو ته اهڙين خسيس ڳالهين ڪري هڪ بيگناهه سان
اهڙيون عقوبتون ڪرڻ روا آهن. هن کي ڏينهن جا ڏينهن
اس ۾ بيهارڻ، ساڳئي وقت ڳوڻين جا ڪپڙا پارائڻ، هٿ
۾ ٻيڙيون وجهائڻ، پيرن ۾ ٻيڙيون هڻڻ، ڪانجهي ڏيڻ،
اونداهي ڪوٺي ۾ بند ڪرڻ، ليئي پيارڻ اهڙيون سزائون
نرد ديش کي ڏيڻ نهايت حيوانيت ۽ جهنگلپڻو آهي، پر
اهي خونخوار ڪرتوت هندستان کي جاڳائيندا. بيشڪ ڪلب
والا پنهنجي مستي ۾ مگهن رهي. تواريخ ياد ڪندي ته
ڪيئن ڪي انسان طاقت جي انڌ ۽ مستي ۾ ڪٺلن کي وڌيڪ
ڪسڻ لاءِ تيار هئا. هندوستان هي عقوبتون سهندو
ايندو پر سرڪار کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته اهڙيون
ڳالهيون ڪو هندستان کي ڊيڄاري نه ڇڏينديون.
مئجسٽريٽ جا به انصاف نه وڃائبا، ههڙيون عقوبتون
ڏسي سزا ڏيئي رهيو آهي. اسان ته اڳي ڪڏهن ڪونه ٻڌو
ته 120 ڏينهن ۾ راڄنيتي قيدين کي 193 سزائون ڏنيون
وينديون. عملدار به هان ۾ هون ملائي ويٺا ئي آهن.
پر وقت ثابت ڪندو ته اهڙا ڪرتوت گهڻو وقت تڳي نه
سگهندا.“
اها حقيقت ناقابل ترديد آهي ته ان منزل تي ڪانگريس ۽ خلافت
تحريڪ عوام توڙي سنڌي پريس کي بي ڊپائي ۽ جرئت
بخشي هئي جنهن ڪري اخبارن ماڻهن جي جذبات جي صحيح
ترجماني ڪندي وقت جي سرڪار کي سڌيون ٿي ٻڌايون.
اهڙي قسم جو اداريو ساڳي ”هندو“ اخبار (7 جون
1922ع) فراهم ڪيو آهي جنهن جو تعلق پڙهڻ سان آهي.
ننڍو اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:
”...........اهو ئي ڪارڻ آهي جو سرڪار هندستان کي باند ڪرڻ لاءِ
اڄ خوب حيواني دٻاءُ جاري ڪري ويٺي آهي. جيڪڏهن ڪي
انسان ڌارئي قوم کي دٻائڻ جو حق ڇڪي رهيا آهن ته
اهي اجايو ٽڪر سان مٿو ڀڃي رهيا آهن. ڪابه قوم ٻي
قوم تي راڄ ڪرڻ لاءِ حقدار نه آهي. اڃا جيڪڏهن ڪي
انگريز هندوستان تي راڄ ڪرڻ جو حق ڄمائڻ چاهين ٿا
ته انهن کي اسين زور سان چونداسون ته تواريخ ڏي
منهن ورائي ڏسو. اٽلي، فرانس ۽ رشيا جو حال ڏسو.
زبردست طاقتون جرمني ۽ آسٽريا جهڙيون به هيٺ ڪري
پيون. تڏهن اوهين ڇا تي مغرور ٿي ويٺا
آهيو؟...............“
انگريز سرڪار تي بي ڊپي نڪته چيني ڪرڻ ڪانگريسي اخبارن جو شيوو
هو. ساڳئي ”هندو“ (7 مئي 1922ع) جي هڪ اداريه جو
ننڍو اقتباس عرض رکجي ٿو جنهن جو خود عنوان ڌاري
حڪومت کي چيڙائڻ لاءِ ڪافي هو:
”ولايت مان ست سمنڊ جهاڳي جو گورا فرشتا اسان جي مٿان گورنر يا
حاڪم مقرر ٿي ٿا اچن تن کي راجائي ۽ روءِ سوءِ
اختيارن هلائڻ سان گڏوگڏ وري راجائي پگهار به ته
ضرور ملڻ کپن نه ته هونئن هنن فرشتن جا ڀڀ ڪيئن
ڀرجن. تنهن سان گڏ فرحتي ۽ جنت جون تڏيون ۽ مٺيون
هيرون به اوس ماڻڻ جو حق ضرور اٿن نه ته ڪٿي ٿا
هنن فرشتن جا مغز پر ٿين جو حڪومت جو اڻانگو ڪم
سولائي سان هلائي سگهن؟ اهو وائسراءِ لاءِ بلڪل
ضروري آهي ته اونهاري جا ڏينهن سملا جي ٽڪري جون
فرحتي ۽ بهشتي هوائون وڃي ماڻي. هر گورنر کي به
ڪئن نه ڪئن ڪنهن ويجهي ٽڪرائتي ۽ هوادار شهر ۾ وڃي
رهڻ بلڪل ضرورائتو آهي. پوءِ ڀل انهيءَ ڪري ماڻهن
جا لکه لٽجي وڃن يا هيٺ ماڻهو سرڳ وڃن يا نرڳ پر
هنن فرشتن جو اڳين جنمن ۾ شايد چڱي ڪمائي ڪئي آهي
سو ڇو نه موجون ۽ فرحتون ٻين جي خرچ ۽ هرج تي
ماڻين؟......................“
ڪانگريس جي ڪيڙيل سنڌي اخبارن کي آزاديءَ جا اوسان ڪيتري قدر
لڳي چڪي هئي ۽ هنن پنهنجي لکڻين سان ڪهڙي قسم جي
باهه ٻاري ڏني هئي، ان جو هڪ نمونو، ساڳي
اخبار”هندو“ جو ڏيون ٿا جيڪو اڃا به اڳ، 2 آڪٽوبر
1921ع تي قلم جي سپرد ڪيو ويو هو:
”هن وقت جو سنڌ ۾ چوڌاري گرفتارين جي ڌم لڳي وئي آهي سو مٿان
ضرور ڪا چاٻي ڦري ٿي ڏسجي. ماڻهن ۾ شايد اهو خيال
ويٺل آهي ته بمبئي سرڪار ٻين سرڪارين کان وڌيڪ صبر
رکيو ويٺي آهي. البت گڏيل علائقن ۾ دٻو خوب جاري
آهي پر گهٽائي سنڌ ۾ به ڪانهي. بمبئي سرڪار به خوب
ڪمرڪشي آهي. اسان کي بلڪل جيڪا خبر ملي آهي ته
بمبئي سرڪار جي عملدارن کي سخت هدايت آهي ته جتي
ڏسو ته مقدمو هلائڻ ضروري آهي اتي يڪدم ڪارروائي
ڪريو...............................سرڪار ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽن تي زور رکيو آهي ته اوهان جي ضلعن ۾
جيڪي تقريرون ٿين ٿيون يا ليکه لکجن تن جي بلڪل
چڱي طرح جاچنا ڪريو. اهڙو ڪو جوابدار عملدار
انهيءَ ڪم لاءِ رکو ته مڪاني اخبارن جي چڱي طرح
نوس نوس ڪري ۽ جيڪڏهن ڪا اهڙي ضروري ڳالهه هجي ته
اوهان جي ڌيان تي آڻي. اهو ته ٿيو مڪاني اخبارن
لاءِ پر تقريرن جي جاچنا ته اهڙي سولي ڪانهي. پر
سرڪار انهيءَ لاءِ پختي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چي
جيڪڏهن ڪو نالي وارو تقرير ڪندو اوهان جي ضلعي ۾
هجي يا ڪو پرچار جي گشت تي نڪري ته اوهان کي خبر
هئڻ گهرجي ته ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي وڃڻو آهي ۽ پوءِ
رپورٽن وٺڻ لاءِ پختو بندوبست ڪيو وڃي. ضروري
حالتن ۾ سي آءِ ڊي جي انسپيڪٽر جنرل کي لکي موڪليو
ته هو اوهان ڏي خاص رپورٽر موڪلي.“
”انهن هدايتن ۽ دٻن کي ٻٽي مهينا ٿي ويا آهن ۽ هن وقت اهو هفتو
خالي ڪونهي جنهن ۾ هڪڙو ٻيو گرفتار ٿيو رکيو آهي.
تنهن جو سبب هاڻي سمجهي سگهجي ٿو. عملدارن هونئن
ڍرائي پئي ڪئي آهي. هاڻي ته هو وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪين
ڏيندا. شايد ٻيا ڪم ڪاريون سڀ وسري ويندين. سرڪار
تياري ڪئي ته ماڻهو به تيار آهن. سرڪار به شايد بي
عقل ٿي ڏسجي. شروعات ۾ڪات ڪهاڙا کڻي ها ته ماڻهو
به شايد هيسجي وڃن ها. هاڻي ماڻهو هيسجڻ جا نه
آهن. هن وقت ماڻهن ۾ اهو جيل جو ڊپ ڪونهي جو اڳ ۾
هو، جنگ هاڻي جاري آهي. هڪ پاسو حق تي بيٺل آهي ۽
ٻيو پاسو ناحق تي بيٺل آهي. هڪڙي پاسي تعصب ۽
تلوار جو ٻل آهي ته ٻئي پاسي اتمڪ شڪتي جو ٻل آهي.
اڳ ۾ دنيا ۾ حق ۽ ناحق جي وچ ۾ گهڻيئي لڙايو لڳيون
آهن ۽ حق جي هميشه آخر ۾ فتح ٿي آهي. هندستان به
حق تي آهي سو آخر سندس جئي ٿيڻي آهي. پر واٽ تي
لهرون لوڏا گهڻا اچڻا آهن، ۽ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾
رات جي اونداهي به ٿيندي آهي، تيئن اسان جي لڙائي
به شايد ٿئي. پر آخرين فتح جو يقين آهي.“
حقيقت هي آهي ته سنڌي اخبارن جي قومي ويچارن ۽ ٺاهه ۽ ٺاپر جي
خواهش کي پهريون ڌڪ ڪٽر هندن طرفان شڌي ۽ سنگهٺن
تحريڪن هنيو ۽ ٻيو حملو تڏهن ٿيو جڏهن سنڌي
مسلمانن پوري صدق دل سان بنان ڪنهن بدنيتيءَ جي،
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي گهري ۽ هندن ۽ سندن پريس
مخالفت جو طوفان کڙو ڪيو. پر جيئن اسان مٿي ٻڌائي
آيا آهيون، روزانه ”الوحيد“ بعد ۾ اعتدال ۽ مصالحت
جا جذبا برقرار رکيا ۽ جيتري قدر ممڪن هو، ان حد
تائين سنڌ جي اجتماعي مسئلن تي هندن ۽ سندن اخبارن
کي تعميري رويي اختيار ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون، وچ
تي ٻيا واقعا رونما ٿيندا رهيا. جنهن ڪري قومي
ويچارن جي جاءِ فرقيواريت وٺندي وئي جيتوڻيڪ
ڪانگريس جي حمايت ۾ اخبارون جاري ٿينديون رهيون.
اهڙين اخبارن ۾ ”سنسار سماچار“، ”هندوجاتي“ ۽
1932ع ۾ جاري ٿيندڙ ”قرباني“ به شامل آهن. هفتيوار
اخبارن جو نه ته ڪو انت نه شمار هو جيڪي سنڌ جي
مڙني ضلعي هيڊڪوارٽر وارن شهرن مان باقاعدگي سان
نڪرنديون هيون. حيرت جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته 23
مارچ 1930ع تي لاهور ٺهراءَ پاس ٿيڻ کان پوءِ به
جڏهن پاڪستان جي حصول لاءِ ملڪ ڀر ۾، مسلمانن جون
اجتماعي ڪوششون نئين ۽ آخري مرحلي ۾ داخل ٿيون
هيون، ان دور ۾، سواءِ ”الوحيد“ جي ٻيون مڙئي
اخبارن جن ۾ روزانه “آزاد“ ۽ محترم جي- ايم- سيد
جي خريد ڪيل ”قرباني“ به شامل آهن، انهن سڀني
ڪانگريسي خيالن کي ئي تقويت پئي پهچائي جيتوڻيڪ
پاليسي جي لحاظ کان اهي آزاد هيون. اها صورتحال ان
ڪري به هئي جو سنڌ جو مذهبي روءِ کان جهڪاءُ هميشه
کان انگريزن جي خلاف جدوجهد ۾ مصروف مرحوم مولانا
عبيدالله سنڌي، مرحوم مولانا تاج محمد امروٽي،
مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ مولانا ابوالڪلام
آزاد جهڙن ديني عالمن طرف رهيو هو جن مان گهڻا
ڪانگريسي يا جمعيته العلماء هند سان وابسته هئا.
جنهن طريقي سان روزانه ”هندو“ (8 مارچ 1939ع)
مرحوم مولانا عبيدالله سنڌي جي جلاوطني کان واپسي
تي، ادارتي طرح، ان جو آڌرڀاءُ ڪيو هو، ان مان ئي
ظاهر آهي ته خالص ڪانگريسي سنڌي اخبارون مسلمانن
جي ديني عالمن سان اڃا آس لڳايو ويٺيون هيون ته
اهي ساڻن ساٿ ڏيندا. ان اداريه جا چند جملا پڙهڻ
جهڙا آهن:
”مولوي عبيدالله 34 ورهين جي جلاوطني کانپوءِ اڄ پنهنجي وطن
وريو آهي. اسين سندس خوشي سان آجيان ٿا ڪريون،
مولوي عبيدالله هيتري عرصي کان پوءِ پنهنجي وطن
ورڻ تي پاڻ کي هڪ نئين دنيا ۾ ڏسندو هوندو. هن وقت
سنڌ ۾ فرقيوار شڪتيون ڪانگريس ۽ قومي طاقتن ڊاهڻ
لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن. هندن توڙي مسلمانن ۾ اهي
فرقا آهن جيڪي اڄ قوميت جا دشمن بڻيو ويٺا آهن ۽
ڌارئي طاقت کي هٿ ڏيئي رهيا آهن. مولوي عبيدالله
اچڻ سان جيڪا تقرير ڪئي آهي تنهن مسلم ليگ مرڪزن ۾
نااميدي جاڳائي آهي. کين اميد هئي ته مولوي
عبيدالله کي ڪي پنهنجو ڪنداسون پر مولوي عبيدالله
جيئن لفظن ۾ چيو آهي ته مان ڪانگريسي آهيان ۽
ڪانگريسي ٿي رهندس. مسلم ليگ وارا اڃا به کيس باز
آڻڻ جي ڪوشش ڪندا پر اسان کي وشواس آهي ته مولوي
عبيدالله سنڌ جي ڪانگريس سان ساٿ ڏيئي فرقيوار
شڪتين جو خاتمو آڻيندو ۽ سنڌ جي مسلمانن کي وڏي
تعداد ۾ ڪانگريس ۾ آڻي سنڌ جي ڪانگريس کي عام جو
وڌيڪ عيوضي ڪندو.“
1933ع دوران جڏهن سنڌ جي علحدگي واري مسئلي تي، سنڌ ۾ هندن ۽
مسلمانن درميان ڪافي ڇڪتاڻ پيدا ٿيل هئي. ان زماني
۾ به، خود ”الوحيد“ ۾ ڪانگريسي سوچ جا اهڃاڻ ملن
ٿا. ان زماني ۾، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي وائيٽ
پيپر تي پنهنجو رايو ڏنو هو جيڪو 12- اپريل تي
اخبار ۾ ڇپيو هو. ان تي وري ”الوحيد“ (ان وقت
مرحوم مولانا چشتي جي زيردارت ۾) پنهنجي 14 اپريل
1933ع واري اشاعت ۾ ادارتي راءِ زني ڪئي هئي. شيخ
صاحب جي تجزيي جي حمايت ڪندي، اخبار آخر ۾ لکيو:
.............هينئر تازو جيڪا ڪلڪته ۾ سالانه ڪانگريس ٿي گذري
ان جو چونڊيل صدر پنڊت مالويه هو. جنهن جي قيد ٿيڻ
ڪري ان جي بدران ايڪٽنگ پريزيڊنٽ سندس خطبه صدارت
حاضرين کي پڙهي ٻڌايو. خطبه صدارت ۾ اهو اسان جو
جهونو ۽ آزموده ڪار سياستدان فرمائي ٿو:
”الهه آباد ۾ جيڪا اتحاد ڪانفرنس ٿي هئي اها اڃا اڌوري پئي آهي.
فرقيوار ايڪا نهايت اهم ۽ سخت ضروري شيءِ آهي جنهن
کي جلد پورو ڪرڻ گهرجي. اسان لاءِ اهڙو اتحاد جو
هندستان جي قومن کي گڏ ڪري هندستان جي ترقي لاءِ
ڏاڍو فائدي وارو ٿيندو. وائيٽ پيپر جي مايوسي اسان
کي تڏهن حاصل ٿي آهي جڏهن اسان سياسي اتحاد قائم
نه ڪري سگهيا آهيون. اسان کي هن وقت اهو ڪم ضرور
سرانجام ڏيڻ کپي. جيڪڏهن اسان انهيءَ ڪم ۾ ڪامياب
ٿياسون ته پوءِ اسان جي گڏيل طاقت برطانيه سرڪار
کي مجبور ڪندي ته هو پنهنجي راءِ کي ڦيرائي.“
”ڌڻي سڳورو ڪري جو پنڊت مالويه پنهنجي لفظن موجب اهڙي مبارڪ
خيال ۾ ڪامياب ٿئي ۽ سندس ديس جا رهواسي انهن لفطن
تي ڌيان ڏين. شيخ صاحب ۽ پنڊت صاحب جي لفطن جو
مفهوم ۽ مراد آهي ته تمام جلد فرقيوار ايڪتا قائم
ٿئي جنهن جو نتيجو نڪرندو ته برطانيه سرڪار لاءِ
هندوستان جي مطالبات کان منهن موڙڻ ڏاڍو مشڪل
ٿيندو.“
1940ع کانپوءِ، سڄي هندستان ۾ هر هنڌ پاڪستان جو چرچو هو سنڌ ۾
1938ع کان مسلم ليگ جو ڪم باقاعدي شروع ٿي چڪو هو.
ليڪن مرحوم حاجي الله بخش سومري پاران سنڌي اڳواڻ
قوم پرستي جي اصولن تي قائم ۽ ڪاربند رهيا. سندس
ان رويي سبب، هن صوبي ۾ ڪانگريس پارٽيءَ مرحوم
سومري جي وزارت سازي ۾ اعانت پئي ڪئي. آخر هن
پنهنجي اخبار روزانه ”آزاد“ ڪراچي مان جاري ڪئي
جنهن جي چارج مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي 19 آگسٽ
1942ع تي وڃي سنڀالي، ايڊيٽر ٿيڻ شرط، ٻئي ڏينهن
تي هن ”احوال ۽ عرض“ جي عنوان تحت ايڊيٽوريل ۾
”اخبار جي بنيادي پاليسي جي وضاحت ڪندي لکيو:
”..........ٿورن ورهن کان وٺي جا پبلڪ جي جذبات سان راند کيڏي
ويئي آهي، هندن ۽ ملسمانن کي سندن ڪن خود غرض ۽
چالاڪ اڳواڻن جنهن ڏک ڀرئي ۽ غلط نموني ۾ ڪم لاتو
آهي، تنهن سنڌ پرڳڻي جي فائدي ۽ ترقيءَ کي ڪاپاري
ڌڪ هنيو آهي، امن امان ۽ سلامتيءَ کي برباد ڪيو
آهي، ضرورت آهي ته انهيءَ غلط رهنمائي يجي حقيقت
کان سنڌ جي رهواسين کي پوري دليري ۽ بي ڊپائيءَ
سان واقف ڪيو وڃي، انسانيت، قوميت، آزاد خيالي،
هڪٻئي سان همدردي هڪٻي تي ڀروس، اتفاق ۽ ايڪتا جو
پرچار ڪيو وڃي.
اسسٽنٽ ايڊيٽرن پهرين پرچي ۾ آزاد جي پاليسي کان پبلڪ کي آگاهه
ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو تت آهي ”قوميت ۽ اتحاد“
آزاد جا بنيادي متا، اصلي اصول زندگي جي مقصد، اهي
ڪم رهندا. ”قوميت ۽ اتحاد“ هندستان اسان جو آهي،
اسان لاءِ آهي. آزادي اسان جي جنم جو حق آهي.
آزاديءَ سان ئي اسان جي زندگي ۽ موت جو تعلق آهي.
آزادي اسان جي ترقي ۽ بهتري جي ضامن آهي. غلامي
کان نفرت آهي ڇو ته غلامي هڪ ذلت ۽ آسمان هيٺيان
زمين تي سڀ کان وڏي ۾ وڏي مصبيت آهي. غلامي کان
وڌيڪ ٻئي ڪابه شيءِ بڇڙائي، عيب ۽ تباهيءَ جو ڪارڻ
نه آهي ۽ هندستان جي حالتن پٽاندڙ گڏيل ۽ قومي
محاذ قائم ڪرڻ کانسواءِ آزادگي حاصل ڪرڻ ناممڪن
آهي تنهنڪري آزاد اخبار جو پهريون ۽ پويون ملڪي ۽
قومي فرض آهي، ”قوميت ۽ اتحاد“..........“
روزانه ”قرباني“ 1932ع کان وجود ۾ اچڻ سان ڪانگريس جي مقصد کي
مقبول بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندي رهي. اتفاق سان 1946ع ۾
جڏهن اها محترم جي- ايم- سيد خريد ڪئي ته سنڌ جي
سياست جو اِهو اُهو زمان هو جڏهن سيد صاحب مسلم
ليگ کي خيرآباد چئي چڪو هو ۽ هن سنڌ اسيمبلي
ڪوليشن پارٽي جو بنياد وڌو هو. 9 مارچ 1946ع تي هن
اخبار پنهنجي مقصدن جو اعلان ڪندي لکيو ته:
”..........قرباني سنڌ مان نفرت ۽ تعصب جي پيدا ٿيل فضا (وايو
منڊل) کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي، سنڌ جي رهواسين ۽
هندو مسلم اتحاد ۽ هڪ ٻئي سان قرب ۽ سهڻي سلوڪ
قائم رکڻ جي تبليغ ڪندي.....“ ”...........هنن )
يعني ملسم ليگي وزيرن) ۾ اميد رکڻ ائين آهي جيئن
ٻٻرن کان ٻير بيد کان انجير گهرڻ. جڏهن محترم جي.
ايم. سيد ۽ سنڌ جي جهوني مسلم ليڊر شيخ حاجي
عبدالمجيد جون سڀ نيڪ ڪوششون ڪامياب ڪين ٿي
سگهيون“ جي هن درد دل رکندڙ صاحبن مسلم ليگ جي عزت
۽ ناموس خاطر سنڌ جي پبلڪ هندن ۽ مسلمانن جي ڀلي
خاطر ليگ جي هاءِ ڪمانڊ کي مٿين حالت ڏانهن متوجهه
ڪرڻ بنسبت سرانجام ڪيون تڏهن انهن........ نيڪ
نيتي ۽ حسن ادارن سان، عام پبلڪ جي خدمت ۽
خيرخواهي جي خيال سان، ڪانگريس ۽ قوم پرور مسلمانن
جي رفاقت ۽ تعاون سان ڪوليشن پارٽي قائم ڪئي آهي،
جنهن جو ڪم ٿيندو اسيمبليءَ جي اندر خواه ٻاهر
غريبن جو ڀلو ڪرڻ ۽ سنڌ جي رهواسين کي اٽو، لٽو،
اجهو ۽ امن ڏيڻ، رشوت ۽ رسائي جي آزار کان ڇٽائڻ،
ظلم ۽ ستم کي دور ڪرڻ، جي ڪوشش ڪرڻ هارين مزدورن
جي حقن جي حمايت ڪرڻ، ۽ سڀني قومن جي درميان اتحاد
۽ هڪٻئي ڏانهن همدردي ۽ ڀروسي ڪرڻ جو جذبو پيدا
ڪرڻ....................تنهن ڪري اڄ سنڌ جي وڏي ۾
وڏي ضرورت ۽ تقاضا اها آهي ته موجوده بي جوبدار ۽
نالائق وزارت کي ڊاهي ان جي بجاءِ هڪ زميندار ۽
ايماندار ۽ پبلڪ جي خيرخواهه وزارت قائم ڪئي وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل حقائق مان صاف ثابت آهي ته ڪانگريس ئي هڪ اهڙي
جماعت هئي جنهن جو واسطو ۽ وابستگي سنڌي پريس سان
ٻين سڀني سياسي جماعتن جي ڀيٽ ۾ زياده طويل عرصي
تائين رهي ۽ اهڙي طرح سنڌي اخبارون زياده متاثر
رهيون ۽ اثرانداز پڻ جيتوڻيڪ سنڌ جي سياست ۾
ڪانگريس بحيثيت پارٽيءَ جي ناڪام ٿي. |